اها هڪ حقيقت آهي ته ميٽراڪس کي هنٽر جي 1932ع
وارين نشانين جي فهرست تي ڀروسو ڪونه هو. سندس وڏي
تحقيقي ڪم ۾ خطرناڪ غلطي موجود آهي. جن نشانين تي
ميٽراڪس ڇتي تنقيد ڪئي آهي يا سندس چواڻي ته: ” هو
انهن نشانين کي ڪوششن باوجود ڏسي نه سگهيو،“ پر هو
غلط آهي ڇاڪاڻ اهي نشانيون اتي موجود آهن. هائين-
گيلڊرن به ميٽراڪس جي تحقيقي تصنيف ۾ اهڙين غلطين
ڏانهن اشارو ڪيو آهي (هائين گيلڊرن 1938: 901-
903). هائين گيلڊرن، هيوسيءَ تي اهو الزام پڻ هنيو
آهي ته هن ڪن نشانين کي بگاڙي پيش ڪيو آهي.
(هائين گيلڊرن
1938a:
901)
بحث دوران ڏاڍيون چڱيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ آيون. اها
به خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي جو ميٽراڪس، جوابي مقالن
جي مڙسيءَ سان مزاحمت ڪئي هئي. اها ڳالهه واضح هئي
ته هن، هنٽر جي 1932ع وارين نشانين جي فهرست
استعمال نه ڪري غلطي ضرور ڪئي هئي. هن سان گڏ
ميٽراڪس پڻ هيءَ غلطي ڪئي هئي جو هن دي هيوسيءَ جي
ڏنل سنڌو- لکت ۽ ايسٽر لکت جي مختلف هڪ جهڙين
نشانين جي تقابلي اڀياس بدران، ٻنهي تهذيبن جي
تاريخي تعلقاتن، سندس اهڙي نظريي کي پنهنجيءَ
تنقيد جو نشانو بڻايو هو. امبيلونيءَ هن ڳالهه
ڏانهن پڻ اشارو ڏنو آهي ته ميٽراڪس بحث جي جذبات ۾
اچي، حقيقت کي ڇڏي، فقط عالمانه فن- تحرير کي وڌيڪ
ڪتب آندو آهي، جنهن جا هن نتيجا به ڀوڳيا، تنهن
هوندي به ميٽراڪس، دي هيوسيءَ جي نظريي کي سمجهڻ
لاءِ تنقيدي رستو اختيار ڪيو هو. هن، سنڌو سڀيتا ۽
ايسٽر آئلئنڊس تهذيب جي وچ ۾ موجود فرق کي جنهن
تحريري انداز ۾ واضح ڪيو هو، تنهن کي گهڻي اهميت
به ملي هئي. هن کان سواءِ ميٽراڪس، هنن نڪتن تي
بحث به ڪيو هو ته ٻئي تهذيبون، زمان ۽ مڪان جي
نقطه نظر کان هڪ ٻئي کان گهڻو پري هيون، يعني
پاڪستان ۽ رپنوئي هڪٻئي کان تمام گهڻو پري آهن.
هنٽر به هن چوڻ ۾ غلط آهي ته: ”مون ڏٺو آهي تو
منهنجي ڪتاب ۾ ڏنل نشانين جو ايمانداريءَ ۽ ڌيان
سان پورو نقل ڪيو آهي، ۽ اهي بلڪل صحيح آهن،“ پر
هُو سنڌو-لکت جي نشاني
LXXIII
کي ته ڌيان سان ڏسي ها.
ٻيءَ عظيم جنگ کان پوءِ، ميٽراڪس (1946ع)، هنن
پراڻن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ۽ هير
روڊر
(Herr Roder)
نالي هڪ عالم جي تنقيدي مقالي جي اختصار کي، 1944ع
۾ انگريزيءَ ۾ ڇپايو هئائين (1944
Roder)،
جنهن جو اصل، جرمني ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو هو. جنهن
جرنل ۾ روڊر جو اهو مقالو ڇپيو هو، تنهن جون
گهڻيون ئي ڪاپيون ٻيءَ عظيم جنگ دوران، بمباريءَ ۾
ناس ٿي ويون هيون. هن مقالي ۾ هير روڊر ايسٽر
آئلئنڊس لکت جي موضوع تي دي هيوسي تي سخت تنقيد
ڪئي هئي، سندس چوڻ هو ته ايسٽر لکت جو وڏو حصو،
’هَرّ- اوڙ‘ طرز تي لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ڪارڻ
اهو آهي ته مذڪوره لکت ڊگهي آهي، پر سنڌو-لکت ۾
هيءَ طرز تحرير تمام گهٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڇاڪاڻ ته
اهو مختصر آهي ۽ وڌ ۾ وڌ 5 يا 6 نشانين تي مشتمل
نظر اچي ٿي.
ميٽراڪس جي هن مقالي (1946b)
ٽي، ايم ڊي ڊبليو جيفريز
(M.D.W Jefferys)
(1947) پڻ تبصرو ڪيو هو. هن مان سندس مقصد هو ته
هن قسم جو علمي بحث وري جياريو وڃي. هن موجب،
سنڌو- لکت ۽ ايسٽر- لکت ۾ موجود هڪ جهڙائي ممڪن
آهي، پر اسان کي ان لاءِ پئسفڪ جي هن لکت واسطي
جاکوڙڻو پوندو. هن ڪيترن ڳالهين تي مثال ڏيئي
تبصرو ڪيو آهي ته لکت جي نظام جي شروعات ڪنهن شئي
جي نقل ڪرڻ سان ٿي آهي. ان لاءِ هن فرينچ ڪيمرون
(Frenh Cameroons)
جو مثال ڏنو آهي ته باموم
(Bamuem)
جي ’سلطان نجويا‘
(Njoya Sultan)،
پنهنجي ملڪ ۾ يورپي طرز جي لکت اختيار ڪئي هئي.
دانشورانه نقطه نگاهه کان بحث شروع ڪرڻ جو هي هڪ
نئون طريقو هو، پر برٽش ميوزم جي ايڇ، جي،
برانهولز
(H.J.Braunholtz)
(1947ع) کان سواءِ ڪنهن به ڌيان ڪونه ڏنو ۽ سنڌو-
سڀيتا ۽ ايسٽر آئلئندس جي مسئلي تي 57- 1956ع ۾
هائين- گيلڊرن مقالو لکيو جيڪو آخري هو.
لوئس چارلس وئٽيلن
(Louis Charles Watelin):
اي. جي. ايڇ مئڪي، آڪسفورڊ فيلڊ ميوزم جو ڊائريڪٽر
هو، جيڪو تن ڏينهن ۾، ’ڪِش‘ جي قديم آثارن جي
کوٽائيءَ ۽ کوجنا ۾ رڌل هو. ان کان پوءِ کيس 1926ع
۾، آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا ڏانهن بدلي ڪيو ويو،
جنهن اچي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي نگرانيءَ
۾ مدد ڪئي هئي. هن جي ڇڏي اچڻ کان پوءِ، لوئس
چارلس وئٽيلن کي فيلڊ ميوزم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو
ويو هو. بعد ۾ 5 جولاءِ 1934ع تي، اسٽفن لئنگڊن کي
فيلڊ ميوزوم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ اسين
سندس دکدائڪ موت جي خبر ٻڌون ٿا جنهن جو مختصر
احوال هيٺ ڏجي ٿو:
”چِليءَ
(Chile)
کان بٽلنگرام وهيلي لوئس چارلس وئٽيلن جي خبر ملي
آهي، جيڪو فرانس جي ڊور ڊون
(Dor dogne)
علائقي جي شيتو ڪمپيناڪ
(Chateau Compaqnac)
جو رهاڪو هو. سندس وفات نمونيا وگهي ٿي آهي. هي
ماڻهو گذريل اٺن سالن کان آڪسفورڊ فيلڊ ميوزم جو
ڊائريڪٽر هو. ’ڪش‘
(Kish)
جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ ۾ رڌل هو. قديم آثارن
بابت، علاقائي قانون جو ڪو يقين ڪونه هو، تنهن ڪري
34- 1933ع واري کوٽائي ممڪن ٿي ڪانه سگهي. اها
صورتحال ڏسي، فرانس جي حڪومت، ايسٽر آئلئنڊس جي
کوجنا لاءِ لوئس چارلس کي پئسفڪ موڪلي ڇڏيو، جيڪو
اتي پهچڻ کان اڳ، واٽ تي ئي مري ويو. کيس هن ٻيٽ
جي عجيب غريب لکت جي کوجنا لاءِ روانو ڪيو ويو هو.
عام طور تي چيو ويندو آهي ته هن لکت، موهن جي دڙي
۽ هڙپا لکت وچ ۾ گهڻي هڪ جهڙائي آهي“. (لئنگڊن
1934b:
9)
وئٽيلن، 1934- 1935 واري مهم جو حقيقي اڳواڻ هو،
جيڪو فرئنڪو- بيلجين نالي مهم سان، الفريد ميٽراڪس
۽ ٻين ترتيب ڏنو. هن مهم جو مقصد ايسٽر آئلئندس جي
کوجنا ڪرڻ هو (ليواچري
(Levachery)
1936، دِ هيوسي
1938b:
811، امبيلوني 1939: 61). هيءَ کوجنا، ايسٽر
آئلئنڊس جي لکت ۽ ٻين شعبن جي سائنسي تحقيق سان
لاڳاپيل هئي، جنهن ۾ مختلف مضمونن جا ماهر شامل
ڪيا ويا هئا. دي هيوسيءَ ٻڌايو آهي ته چليءَ ڏانهن
اسهڻ کان اڳ سندس وئٽيلن سان دعا سلام هئي، پر هن
مهم جي هڪ ميمبر ميٽراڪس ڄاڻي واڻي دِ هيوسي کان
لنوائي ويو هو.
دِ هيوسيءَ جو سڀ کان وڏو ڀرجهلو ايم، اين،
بليموريا
(M.N. Billimoria)
(1938، 1939) هو، جيڪو ڪنهن زماني ۾ سنڌ هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ هو، ۽ سوسائٽيءَ جي جرنل
۾ ڇپجڻ لاءِ گهڻو ئي مواد موڪليندو هو. هي پڻ
ساڳئي نظريي جو حامي هو ۽ ڪيترن ئي سالن تائين ان
نظريي سان چهٽيل رهيو هو.
اها هڪ عام ڳالهه آهي ته تصويري قسم جون لکتون سڀ
هڪ جهڙيون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهڙين نشانين ۾
بندش يا خاص حد هوندي آهي، منجهن گهڻو گول طرز ۽
مانڌاڻيءَ جي نشاني نظر ايندي آهي، گئسپي پڪوليءَ
(Guiseppe Piccoli)
به ساڳيءَ ڳالهه کان متاثر ٿي ايٽرسُڪان لکت ۽
سنڌو- لکت جي نشانين ۾ هڪ جهڙائي جي فهرست ڏني
آهي. هيءَ لکت اٽڪل هڪ هزار سال ق.م ۾ اٽليءَ ۾
رائج هئي.
گئسپي پڪولي 1933- سنڌو- لکت ۽ ايٽرسڪان لکت:
پروفيسر گئسپي پڪولي (1933ع) به سنڌو لکت ۽
ايٽرسڪان لکت جي هڪ جهڙائيءَ لاءِ انهن جي نشانين
جي تقابلي فهرست پيش ڪئي، هيءَ لکت به سنڌو- لکت
جيان اڃا تائين پڙهي ڪانه وئي آهي، هن ٻنهي لکتن
جي وچ ۾ ڪو تاريخي تعلق وارو نظريو پيش ڪونه ڪيو
آهي يا ٻنهي لکتن سان لاڳاپيل ڀڃڻي به ڪانه ٻڌائي
آهي، پر هن ٻنهي لکتن ۾ موجود هڪ جهڙين نشانين
ڏانهن ڌيان ضرور ڇڪايو آهي(Figure
61).
تصويري لکتن جي نشانين کي ڀيٽي، هڪ جهڙائي ثابت
ڪرڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه هوندي آهي، هنن لکتن جي
نشانين ۾ گول دائرا، چوڪنڊا، چورس، ٽڪنڊا ۽ اهڙيون
ٻيون شڪليون هونديون آهن، جيڪي گهڻو ڪري هڪ جهڙيون
ٿينديون آهن، پر منجهن ڪو تاريخي تعلق ڪونه هوندو
آهي.
ساڳئي زماني ۾، اٽليءَ جو هڪ ٻيو عالم، سنڌو- لکت
جي اڀياس ۾ داخل ٿيندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن نه رڳو
نشانين جو تقابلي اڀياس ڪيو آهي، پر هن لکت جي
ڀڃڻي به معلوم ڪري ورتي هئي.
پيرو وون ميريگي- 1934-
(Piero Von Meriggi)
سنڌو- لکت جي استدلال ۽ تجزيي کان سواءِ هڪ ٻي
ڀڃڻي:
پيرو وون ميريگي، 1934 ۾ سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جو
هڪ مفروضو پيش ڪيو هو (ميريي 1934ع). هي اٽليءَ جو
هڪ مشهور عالم هو، جنهن هتي لکت جي ڀڃڻ ۾ نهايت
اهم ڪردار ادا ڪيو هو (گيلب
Gelb
1963: 81). هي عالم، چيڪ دانشور عالم، بيڊرچ
هروزني
(Bedrech Hrozny)
کان اڳ، سنڌو- لکت ۾ دلچسپي وٺندو هو.
گهڻن عالمن جي راءِ آهي ته سنڌو- لکت کي ڀڃڻ ۾،
ميريگيءَ ڪنهن دليل ۽ تجزيي کان ڪم نه ورتو آهي،
جنهن کي سمجهڻ ڏکيو آهي، پر سندس تحرير ۾ اهڙي
ڳالهه ضرور آهي، جو پڙهندڙ کي متاثر ڪري ٿي ڇڏي
(فئبري 1934: 54، هيراس
1953a:
43- 39). هِيءُ سنڌو- لکت جي نشانين کي صوتي ملهه
ڪونه ٿو ڏئي، پر پيٽري جيان ڀڃڻيءَ کي نشانيءَ جي
سڃاڻ سان ڳنڍي ٿو. سندس خيال آهي ته اهي نشانيون
فقط تصويرون آهن ۽ انهن کي تصويرن واري مفهوم ۾
پڙهڻ گهرجي، سندس اهڙي مقالي جو وڏو حصو نشانين جي
سُڃاڻ تي مشتمل آهي.
ميريگيءَ، ڀڃڻيءَ لاءِ ڪي اشارا به ڏنا آهن، جيڪي
قابل قبول نه آهن: پهريون ته سندس خيال آهي ٻه
اڀيون اَڙيون ” “ جهڙوڪ:
هن نشاني مٿان ڏسڻ
۾ اچن ٿيون، سي فقط لفظ کي تقسيم ڪرڻ واريون
علامتون آهن، اهڙيءَ ريت ٿانو جهڙيءَ نشاني اندر
به هڪ اڙيءَ جو ساڳيو
ڪارج آهي. (ميريگي 1934: 206)، پوئين دور ۾
سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ واسطي ڪمپيوٽر ڪتب آندا ويا
هئا، جن جي طريقه ڪار مان سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته
ميريگيءَ وارو نقطه نظر صحيح نه آهي، جنهن لفظن کي
تقسيم ڪرڻ جو هڪ بهتر طريقو سمجهايو هو، سندس ٻيو
نقطه نظر هيءُ آهي ته ٿانو جهڙي هيءَ نشاني حالت
اضافت
(Genitive case)
آهي. تير جهڙي نشاني حالت
فاعلي
(Nominative Case)
۽ هيءَ نشاني معمول
ثاني يا حالت جريءَ
(Dative Case)
جي نمائندگي ڪري ٿي. فنلئنڊ جي ماهرن به هيءَ
ڳالهه قبول ڪئي آهي ته ٿانو جهڙي نشاني، حالت
اضافت جي نمائندگي ڪندڙ نشاني آهي، پر سندس خيال
مطابق تير جهڙي نشاني حالت
جريءَ (پرپولا، ڪوسڪينيمي پرپولا، آلٽو
1969a
: 21) جي نمائندگي ڪري ٿي.
Figure 61. Comparison of Indus signs with
those in the Etruscan script as proposed by
G. Piccoli [Piccoli 1933]
ميريگي، جون قائم ڪيل پڙهڻيون ’عجيب‘ ۽ غريب آهن.
هروڀرو اهڙيون به ڪونه آهن، جن تي ويساهه ئي نه
ڪري سگهجي. مثال طور مهر نمبر 146 (مارشل
1931a
پليٽ
CVIII)
هن ريت آهي:
ميريگي، لکت جي هن سلسلي جي ڀڃڻي هيئنءَ ڏني آهي:
”ستن گنبذن واري مندر جي مهر“ (1934: 237).
هن نموني جي ڀڃڻيءَ کي، تحقيق جي طريقي مطابق،
نقادن ڪونه مڃيو آهي. ميريگيءَ جي ڀڃڻيءَ جو طريقو
پنهنجو آهي، پر سندس ڪن ڀڃڻين ۾ ڪو مفهوم نظر اچي
ٿو. سندس سچائيءَ کي پرکڻ جو طريقو به موجود نه
آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته سندس قائم ڪيل
ڀڃڻين جا امر، اصول کان وڌيڪ حقيقت ۽ دليلن جا
قائل رهيا آهن. سي ايل فئبري 1935 ۾ آرڪيالاجيڪل
سروي آف انڊيا ۾ مقرر ٿيو هو ۽ سالياني رپورٽ جو
ڪم به کيس سونپيو ويو هو. ڊائريڪٽر جنرل جي ايف
بلئڪ اسٽون
(J.F blackstone)،
موهن جي دڙي وڃي، کيس اُتي جي 37000 شين کي ڏسڻ جو
مشورو ڏنو هو. انهيءَ لاءِ ته جيئن هو سنڌو
ماٿريءَ جي ثقافتي شين کان به واقف ٿي سگهي (فئبري
1937: 655). هو هتي هڪ سئي ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو
هو.
سي. ايل. فئبري
(C.L. Fabri)
(1937):
موهن جي دڙي جي ٿانون تي لڳل ميسمو پوٽئميا جي
مهر: چارلس ايل. فئبري، پورا اٺ مهينا موهن جي دڙي
واري اسٽور روم ۾ رکيل هر شي کي ڏسندو، جاچيندو ۽
پرکيندو رهيو. کيس اتي ڪي اهڙا ٺڪر جا ٿانو، جن
مان ڪن تي کرچه لکت ۽ ڪن تي مهر جا چٽيل نشان هئا
(1937: 665). انهن مان هڪ ٿانو (909: 1-1) تي مهر
تي چٽ جا اهڙا نشان هئا، جيڪي سميرو بئبيلونين
(Sumero Babylonian)
جي هڪ مهر جي چٽيل نشانن جهڙا هئا (62
fg)
(فئبري 62). هن ليڊن جي پروفيسر ايف بوهل
(F. Bohl)
جي مدد سان هن لکت جي امڪاني ڀڃڻيءَ ڏني آهي، جيڪا
هن ريت آهي:
1. سنئين سنوت ۾ ليٽيل هڪ ڊگهيءَ ليڪ جي ٻنهي پاسن
تي تحرير جو هڪ نمونو آهي جنهن کي ’جَوَ‘
(Barley)
ڪري پڙهي سگهجي ٿو. ڀرسان ٻه اُڀيون ليڪون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون، جن مان هر هڪ جي پڙهڻي 36 قا
(qa)
سيلا
(Sila)
آهي، جنهنجو ماڻ
(Measure)
4.0 لٽر آهي. اهڙيءَ ريت ساري لکت جي پڙهڻي ٿيندي:
28.8 لٽر جون جا، پر مهر جي چٽ وارو هيءُ ٿانو
ننڍو آهي، جنهن ۾ ايترا گهڻا جَوَ ماپي ڪونه
سگهندا. فئبري جو بيان آهي ته مختلف دورن ۾،
مذڪوره اُڀيون ليڪون مختلف ماڻن سان تعلق رکنديون
هيون. جيڪڏهن اهو وقت اسان جي اندازي مطابق آهي ته
ماڻ جو ماپو 0.8 لٽر ٿي سگهي ٿو جيڪو وڌيڪ قابل
قبول آهي (فئبري 1937: 667- 68).
2. تصوري لکت
(Ideogramatic)
جي نقطه نظر موجب هن لفظ جي معني آهي ’ڪانو‘
(Reed)،
پر هيءُ، مهر وسيلي هنيل ٺپي جو هڪ نشان آهي ۽
موهن جي دڙي جي ٿانو تي ’ڪاني‘ وارو لفظ ڇو آهي؟
(فئبري 1937: 69-668).
3. فئبري ۽ بوهل، هن جو حل، ’200 انگ‘ ڏنو آهي.
سڌيءَ سنوت واريءَ ليڪ جي ٻنهي پاسن کان اٺ نشان
آهن، جن جي معنيٰ 80 آهي. ٻن اُڀين ليڪن جي معنيٰ
60 جي ٻيڻ آهي. اهڙيءَ ريت هن لفظ جي پڙهڻي
60+60+80=
20 بيهندي. هن لفظ جو اهو هڪ سٺو استعمال آهي.
ٿانو تي هن لفظ جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو
ٿانو نمبر 200 هو، يا وري اها دعويٰ ڪئي وڃي ته
200 جو انگ، موهن جي دڙي ۾ وڏي اهميت رکندو هو.
حقيقت اها آهي ته ٺپو ڊهي ختم ٿي نٿو وڃي، تنهن
ڪري هي لفظ هڪ ننڍڙو راز آهي.
پينسلوانيا يونيورسٽي ميوزم جي سميري ڊڪشنري جي
عملي، فئبري جي مقالي کي غور سان پڙهڻي ڏٺو هو، ۽
اهي سندس مقالي کان ايڏا متاثر ڪونه آهن ته لکت جي
هيءَ نشاني، موهن جي دڙي جي آهي. پر هنن کي ٻه
ڀيرا ڇپيل ڪتاب تي موجود نشان جو نقل مليو آهي ۽
هنن ان نقل تي ڪم ڪيو آهي، پر جيتري قدر 200 انگ
واري پڙهڻيءَ جو سوال آهي ته سندن نقطه نظر موجب
اها پڙهڻي غلط آهي. سندن خيال هو ته ميسو پوٽئميا
جا ماڻهو، 200 واري انگ کي 60+60+60+20=200
ڪري لکندا هئا، ۽ هنن ڪڏهن به 60+60+80=200
وارو طريقو لکيو ئي نه آهي.80 يعني چئن ويهن وارو
طريقو، سندن سٺ واري ڳڻڻ
(Sexigesimal)
واري نموني کان گهڻو مختلف آهي. فئبري پنهنجي
ڳالهه کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٽن اڙين جي پڇاڙيءَ ۾
ٻُڙين واري ليڪ ڏني آهي، جنهن ڪري اُنهن جي شڪل
ڇيڻيءَ جهڙي بڻجي پيئي جيڪا ميخي خط جيان معلوم ٿي
رهي آهي. موهن جي دڙي واريءَ مهر جي پٺئين نشان ۾
نظر ايندڙ ٻن اڙين جي هيٺيئن پاسي، اضافي نشانيون
ڏنل ڏسجن ٿيون. اهڙيون اضافي نشانيون ميسوپوٽئميا
جي لکت جي نشانين ۾ نظر ڪونه اينديون آهن. هن مهر
جهڙي، هڙپا جي کنڊر مان لڌل مهرن جي مجموعي ۾ به
ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، نه ئي وري مهر ڪا ميسوپوٽئميا
مان لڌي آهي. مون کي خبر نه آهي ته مهر جو اهو
نشان هاڻي ڪٿي آهي. جيڪڏهن اهو لڀي ويو ته مٿس
تحقيق ڪرڻ ڏاڍي دلچسپيءَ واري ڳالهه ٿيندي. انهيءَ
زماني ۾ ائلن ايس. سي. راس
(Alan S.C. Ross)
ايسٽر آئلئنڊس جي فرئنڪو بيلجين مهم جي حصي طور،
سنڌو لکت جي منظر ۾ (1934-1935) گهڙندو ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. هن ڏاهي، سنڌو- لکت جي انگن تي ڪم ڪرڻ شروع
ڪيو هو. سندس مقصد هو ته انگ، سنڌو- لکت جو حصو
آهن. هن جي ذهن ۾ اها ڳالهه به ويٺل هئي ته
انڊونيشيا جي ٻوليءَ جو، سنڌو- لکت سان ضرور ڪو
تعلق آهي. جيڪڏهن ٻيو نه ته اُتي جي انگن جو لکت
سان ڪو واسطو ضرور آهي.
ائلن.ايس.سي راس: انگ ۽ سنڌو- لکت :
ائلن راس طرفان پيش ڪيل انگ ۽ سنڌو- لکت جي عنوان
سان مقالو، ڏاڍيءَ محنت سان تيار ڪيو ويو هو. هن
سنڌو- لکت جي ڪن نشانين کي لکت جي نشانين بدران
فقط انگ تسليم ڪيو آهي. هن اهڙي مدد، مارشل جي
تيار ڪيل موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ واري رپورٽ تان
حاصل ڪئي آهي. نشانين جي ڪن مرڪبن کي ظاهر ڪرڻ
لاءِ اُڀيون ليڪو(Sallies)
۽ ليٽيل مسنوت واريون ليڪون
(dashes)
ڏنل آهن. اهڙي قسم جي نشانين
تي مشتمل هڪ فهرست جوڙي وئي هئي، جنهن ڏاهن ۽
محققن کي پڻ منجهائي ڇڏيو هو.
راس، پهريائين انگن جي وصف بيان ڪئي آهي، ان کان
پوءِ کيس معلوم ٿيو ته انگن جا مکيه ٻارنهن قسم
آهن (1938 4-5) جيڪي وڏين ۽ ننڍين اڙين
(strokes)
جي صورت ۾، گهڻين ئي مهرن تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. راس جو
خيال آهي ته نشانين جي مرڪبن سان گڏ نظر ايندڙ
اهڙيون اڙيون، انگن ۽ انگن وارين نشانين جي وچ ۾
موجود تعلق جو اظهار آهن (13:1938)، پر هيءَ ڳالهه
پڻ واضح آهي ته انگن جي نمائندگي ڪندڙ نشانيون،
سدائين انگ ڪونه هونديون آهن، ۽ سدائين تصوري
نشانيون
(Ideograms)
به ڪونه هونديون آهن (13:1938). ان جي ثابتي اها
آهي ته لکت ۾ انگن وارين نشانين جو هڪ مستحڪم مرڪب
(consistant association)
ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، جيڪو لکت جي هڪ سلسلي يا فقط هڪ
نشانيءَ جيان هجي (13.4.1938).
اُن کان پوءِ انگن وارين نشانين
(Numeral Signs)
جي درجه بندي ڪرڻ لاءِ ٻن مفروضن تي کوجنا ڪرڻ
شروع ڪئي.
پهريون مفروضو انگن واريون نشانيون، ڪڏهن انگن
لاءِ ڪتب آنديون وينديون هيون، پر انهن جو گهڻو
استعمال خود لفظن جي گڏيل شڪل ۾ هوندو هو.
مفروضو 1-الف. هم تلفط يا
(Honoyous)
جهڙو اُچار هڪ.
مفروضو 1-ب. نيم هم تلفط جيڪي متعلق ٻولي اندر
انگن جي صورت ۾ موجود هوندا آهن. (14:1938).
مفروضو 1- ٻين ٻولين جي مطالعي کان پوءِ محسوس ٿيو
آهي ته انگن سان لاڳاپيل اُچار، ٻوليءَ جي ڪنهن
لفظ سان هڪ جهڙائيءَ نه ٿو رکي. تنهن ڪري سنڌو لکت
۾ تخليق طور هيءَ خاصيت موجود ئي ڪانه آهي، پر
موجوده دور جي چيني ۽ مصري ٻوليءَ ۾، انگن ۽
ٻوليءَ جي لفظن جو هڪ جهڙو اُچار ڏسجي ٿو. اهڙي
ڳالهه انگريزي ٻوليءَ ۾ به موجود آهي. جهڙوڪ ’ون‘
(one)
معنيٰ هڪ. اُن جي اچار جهڙو ٻوليءَ جو لفظ ’ون‘
(won)
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’کٽيو‘، فور(Four)
چار ۽
Fore
معنيٰ اڳيون پاسو، اڳ؛ ايٽ
(Eight)
معنيٰ اٺ؛ ايٽ
(ate)
معنيٰ کاڌو. ان کان پوءِ پنج، ڇهه ست ۽ نوَ جي
اُچار جهڙو انگريزي ٻوليءَ جو لفظ ڏسڻ ۾ ڪونه
ايندو، پر انگن جي ڪهڙي به ڏهاڪي ۾ اهڙي ڳالهه نظر
ڪانه ايندي.
مفروضو 2- انگن واريون نشانيون ڪڏهن ڪڏهن انگن جي
نمائندگي ڪنديون هيون، نه ته گهڻو ڪري سندن
استعمال ’صوتيه جي گروهه‘ (Group
of phonemes)
طور ڪيو ويندو هو. (15:1938)
هتي هاڻي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته ان ٻوليءَ ۾ ڪهڙو
صوتياتي نظام
(Phonological system)
آهي: الف-ب وارو آهي يا پدائتو
(Syllabic)
مرتب آهي، مرڪب وارو آهي. راس
سان گڏ ٻين عالمن سنڌو لکت جي ڪيترين ئي نشانين جي
استعمال مان نتيجو ڪڍيو آهي ته لکت جو هي نظام
پدائتو هو ۽ عددن يا انگن واريون نشانيون هڪ ئي
وقت، پد ۽ انگ جي نمائندگي ڪنديون هيون. انگن جو
بنياد ڏهاڪي تي بيهاريل هو ۽ ٻيو بنياد 12 تي هو.
(1938-7-16).
هن نتيجي تي پهچڻ کان پوءِ راس هتي جي عددي نظام
کي (ص 105) چئن ٻين ٻولين جي انگن جي نظام سان
ڀيٽي ڏٺو آهي جنهن ۾ دراوڙي، منڊا، برو شسڪي ۽
مَلَئي (19) پولينيشين ٻوليون شامل آهن. هن قسم جي
تحقيق، سائنسي جاچ، پرک سان گهٽ پر فني مشق
(etude)
سان وڌيڪ واسطو رکي ٿي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته راس
هن قسم جي کوجنا جي کيتر ۾، هڪ وک اڳتي وڌائڻ لاءِ
ضد ڪري بيهي رهيو هو. هنن ٻولين ۽ ٻولين جي مختلف
نسلن ۾ موجود انگن جي نظام تي بحث هن ريت ڪجي ٿو
ته:
راس، پنهنجيءَ تحقيق وسيلي جيڪي معلوم ڪيو آهي سو
ضروري نه آهي ته موجوده دور ۾ به موجود هجي. سندس
خيال آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي اُها ئي آهي
جيڪا انڊونيشيا جي قديم ٻولي آهي، پر ان جي انگن
جو بنياد ڏهاڪي تي بيٺل آهي (20:1938). سندس بيان
هن ريت آهي ته: ”اسان اهو چئي سگهون ٿا ته موهن جي
دڙي واري لکت جي بنيادي ٻولي، قديم دراوڙي، قديم
مُنڊا ۽ قديم بروشسڪي ٿي نه ٿي سگهي، پر قديم
انڊونيشي ٻولي هجي“ (راس 20:1938).
والٽر فيئر سروس واضح طور اشارو ڪيو آهي ته سنڌو
لکت ۾ ڳڻڻ وارو سرشتو اٺن تي بيٺل آهي
(1992-3-60). هڪ قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ انگن ڳڻڻ جو
طريقو ڏهن بدران اٺن تي بيهاريل ڏسجي ٿو. هي نقطه
نظر راس جي قائم ڪيل مفروضي جي بلڪل اُبتڙ آهي.
تنهن ڪري اهڙي فرق کي نبيرڻ کپي. راس جن دراوڙي
ٻولين جو مٿي حوالو ڏنو آهي، تن تي گهڻي کوجنا ٿي
چڪي آهي. تنهن ڪري سنڌو لکت ۾ موجود انگن وارين
نشانين جي کوجنا کي، دراوڙي ٻولين تي ٿيل تحقيق جي
بنياد تي بيهاري اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. سنڌو
ماٿريءَ جي ڳڻڻ جي انگن ۾ دلچسپي رکندڙ محققن لاءِ
سونهري موقعو آهي ته هو مٿي بيان ڪيل تحقيقي نتيجن
کي آڏو رکي سڀني مهرن ۾ ٽامي جي شين تي نظر ايندڙ
سڀني نشانين ۽ انگن جو گهرو اڀياس ڪن. اهڙيءَ ريت
هو سنڌو- لکت ۽ سنڌو- سڀيتا جي ٻين رخن جي تحقيق
لاءِ تمام گهڻي مدد ڪري سگهن ٿا.
سنڌو- لکت سان هڪ جهڙائي رکندڙ مشرق قريب جون
ٻيون لکتون به موجود آهن. بيڊرچ هروزني به سنڌو-
لکت جي هڪ ڀڃڻي پيش ڪئي هئي. هن عالم هتي لکت جي
ڀڃڻيءَ ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
بيڊرچ هروزني (1939ع): لکت جي ڀڃڻيءَ جو وڏو ماهر،
جنهن سنڌو- لکت کي ڀڃڻ لاءِ پڻ جاکوڙيو هو:
بيڊرچ، چيڪ جو رهاڪو هو. هي ڏاڍو ذهين ۽ وڏي
ادراڪي سگهه
(intuition)
جو مالڪ هو. بهادريءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس
شخصيت اهڙي هئي جو ٻين کي جلدي متاثر ڪري سگهندو
هو ۽ اڻ پڙهيل لکتن کي پڙهي وڃڻ جي منجهس وڏي
صلاحيت هئي، تنهن ڪري هن لکت کي پڙهڻ جي کيس
ڪاميابي نصيب ٿي. ان کان پوءِ قديم لکتن کي پڙهڻ
لاءِ هن وڌيڪ محنت ڪئي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي لکت
ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳو. جڏهن هن سنڌو لکت کي پڙهڻ جي
ڪوشش ڪئي ته هن هتي پڙهڻ وارو ساڳيو طريقو استعمال
ڪيو هو.
هتي لکت ڪهڙي طريقي سان پڙهي وئي هئي:
اوڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين ڪنهن کي به هتي
شهنشاهت جي خبر ڪانه هئي. هن بابت انجيل (عهدنامه
عتيق) ۾ مصر جي لکت ۾ حوالا موجود آهن، پر مشرق
قريب جي ماڳن مان هٿ آيل ثقافتي مواد مان ڪي
اهڙيون شيون هٿ ڪونه آيون، جن مان هِتي شهنشاهت جي
موجودگيءَ جو پتو پئجي سگهجي. اُتر شام مان ’هماس‘
(Hamathinsapti)
ملي، جيڪا هڪ ’تصويري هتي‘ لکت هئي. ان کان سواءِ
مصر مان، ’امارنا‘ وارين ٽڪين
(Amarna Tablets)
کان علاوه ’ٽارڪونڊيموس جي باس‘
(Boss of Tarkondemos)
تي، ٻن زبانن واري هڪ ننڍڙي لکت به ڏسڻ ۾ آئي. اهي
ٻئي ڳالهيون هتي لکت ۾ دلچسپي وٺڻ جو ڪارڻ بڻيون
هيون. پهريون ماڻهو اي. ايڇ، سيس
(A.H Sayce)
هو جنهن پهرين قديم آثارن ۽ قديم دور جي لکتن کي
پاڻ ۾ ملائي، تحقيق ڪرڻ جو جرئتمندانه قدم کنيو
هو. هي اهو پهريون ماڻهو هو جنهن هتي شهنشاهت بابت
ڄاڻ لاءِ حقيقي قدم اڳتي وڌايو هو. سيس جي اهڙي
تصور تي مٿس جتان ڪٿان وٺ وٺ ٿي وئي هئي. هي اهو
ساڳيو ماڻهو هو جنهن سيپٽمبر 1924 ۾، السٽريٽيڊ
لنڊن نيوز ڏانهن خط موڪليو هو ته سنڌو ماٿريءَ،
ميسو پوٽئميا ۽ ڏکڻ ايران مان هٿ لڳل مهرن ۾ ڪي
ساڳيون ڳالهيون موجود آهن.
اَمارنا جي ٽڪين ۾ ارزاوا
(Arzawa)
جا ٻه خط آهن جيڪي هتي لکت ۾ تحرير ٿيل آهن.
هيءَ لکت، ’اَڪدي‘
(Akkadian)
آهي، ۽ امارنا دور سان واسطو رکي ٿي، جنهن کي
اچاري به سگهجي ٿو. هن لکت ۾ ڪي تصويري نشانيون ۽
نالا به آهن، جيڪي معنيٰ ڪڍڻ لاءِ ڄڻ هڪ اشارو
آهن. هن 1902ع ۾ ناروي جي عالم، ’جي. اي.ڪڊ زون‘
(J.A Knudtzon)،
ارزاوا جي خطن تي تنقيد جي صورت ۾ پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪيو هو، جنهن ۾ هن صحيح اندازو لڳايو هو ته
ارزاوا جي خطن ۾، انڊو يورپين ٻولي ڪتب آندي وئي
هوندي. مثال طور هي ٻڌائي ٿو ته انهن خطن ۾
اي-ايس-ٽو
(e-s-tu)
جو لفظ موجود آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’شال ٿئي‘
(شال ائين هجي)
(May it be).
هي انڊويورپين لفظ ’ايسٽو‘
(Esto)
آهي، جنهن جي معنيٰ پڻ ”شال ٿئي“ آهي. هيءَ اهم
دريافت بلڪل صحيح هئي، جيڪڏهن ڪڊزون ۾ ٻين کي قائل
ڪرڻ جي جرئت هجي ها ته هو ’هتي‘ لکت کي پڙهڻ وارو
پهريون ماڻهو هجي ها ( گورڊن 1968-89-90).
جيوفي، (ص 106)، قديم آثارن جي کوٽائيءَ جي اجازت
ورتي هئي. اهڙيءَ ريت هتي جي قديم آثارن جي ماهرن
’گازڪوءِ‘
(Bogazkoy)
۽ ’هگو ونڪلر‘
(Hugo Winckler)
1906ع کان 1908ع تائين کوٽائيءَ جو ڪم ڪيو.
کوٽائيءَ دوران، ’سيس‘ اها جڳهه دريافت ڪرڻ ۾
ڪامياب ٿيو، جتي، ’هتي‘ حڪمرانن جا شاهي دستاويز
رکيا ويندا هئا. هتان لکت ٿيل ڏهه هزار ٽڪيون
مليون، جن ۾ ’هتي‘ حڪمران ’هاتوسيلس‘
(III Hattusilis)
۽ ’فرعون راميسز‘
(III Rameses)
وچ ۾ ٿيل عهدنامو به هٿ آيو جيڪو ’اڪدي ٻوليءَ‘ ۾
لکيل هو. اهڙو ٻيو عهدنامو، مصر جي ’ڪارناڪ‘
(Karnak)
ماڳ مان هٿ لڳو هو. اهي ٻئي دستاويز مختلف هئا،
جيڪي اٽڪل روءِ چوڏهين ۽ تيرهين صديءَ ق.م ۾ لکيا
ويا هئا. انهن دستاويزن ۾ موجود اختلاف، مستقبل جي
قديم لکت پڙهڻ وارن ماهرن لاءِ عجيب ۽ غريب هوندو،
ڇاڪاڻ لکت ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي نموني ۾ لکت جون
نشانيون ڪيترن ئي تبديل ٿيل شڪلين ۾ موجود نظر
اينديون. ٻيو ته ڪن ٻولين جي ٿوري گهڻي معلومات به
هئي؛ مثال طور ’اڪديءَ‘ جي چڱي خاصي معلومات هئي،
جنهن جي آڌار تي انهن ٻولين جي معنيٰ به سمجهڻ
ممڪن هئي، جيڪي اڻ پڙهيل هيون جن ۾ ’هِتي ٻولي‘ به
شامل هئي.
هِتي ’شاهي دستاويز‘ خاني مان هٿ آيل لکت ٿيل
ٽڪيون
(Tablet)،
’آشوري‘ قديم آثارن جي ماهرن، جرمن اوريئنٽل
سوسائٽيءَ وٽ امانت طور موجود هيون. ’بيڊرچ
هروزني‘ به هن ئي دور ۾ هن منظر اندر گهڙندو ڏسجي
ٿو. کيس مذڪور ٽڪين جي نقل اُتارڻ جو ڪم سونپيو
ويو هو ته جيئن انهن کي ڇاپي پڌرو ڪري سگهجي. هن
جي لکت جي پڙهي وڃڻ جو طريقو ڪجهه پيچيدهه هو.
سندس آڏو تحقيق لاءِ گهڻو ئي مواد پيو هو، جنهن ۾
ڏهه هزار ٽڪيون شامل هيون. انهن ۾ ٻن ٻولين تي
مشتمل ڊگهيون لکتون به هيون. ڪن ٽڪين ۾ ٻن کان
وڌيڪ مختلف ٻوليون لکيل هيون، جن مان اڻ پڙهيل ۽
ڪي پڙهيل هيون. منجهن ڪم آندل لکتون به ڌار ڌار
هيون. هن لکت کي پڙهڻ واسطي کوجنا ڪرڻ لاءِ سڀ
ڳالهيون موجود هيون، پر هن مواد جي مجموعي جي صحيح
استعمال، سوچ ويچار ۾ وڏي محنت جي ضرورت هئي.
تحقيق لاءِ هيءُ مواد، سنڌو لکت جي مواد کان گهڻو
هو، جنهن ۾ فقط ٽي هزار لکتون موجود آهن، جيڪي
بلڪل ننڍڙيون آهن ۽ منجهس ڪابه لکت ٻه ٻوليائي
(Bilingual)
ڪانهي. پر اسان هتي هڪ يا ٻن
ٻولين واري سوال تي بحث ڪو نه ڪري رهيا آهيون. هيٺ
هڪ اهم فقرو آهي جيڪو ڪنجيءَ جي حيثيت رکي ٿو،
جنهن کي ’هروزنيءَ‘ هن ريت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي.
نوبريڊ-اَن-اي-اِز-زا-اٽ-ٽي-ني (Nu
Bread-an-e-iz-za-at-te-ni)،
وَ-اَ-ٽر-مَ-اي-ڪو-ٽي-ني (wa-a-tar-ma-e-ku-tu-te-ni)
هروزني ڏٺو ته اهو فقرو ٻن هڪ جيترن اڌن ۾ ورهايل
آهي ۽ ٻنهي ٽڪرن جي پڇاڙي هڪ جهڙي قافيي سان ختم
ٿئي ٿي. ’بريد‘، سُميري لفظ آهي جنهن جو ضد
وَ-اَ-ٽر
(wa-a-tar)
آهي. هي انڊو يورپين لفظ آهي جنهن جو انگريزيءَ ۾
اچار ’واٽر‘ آهي. اها هڪ عام ڳالهه آهي ته ماڻهو،
ماني کائڻ کان پوءِ پاڻي پيئندو آهي تنهن ڪري
هروزنيءَ ٻنهي فعلن جو انداز لڳايو. پهريون لفظ
جرمن ٻوليءَ جي ’ايسين‘
(essen)،
لاطينيءَ ۾ ايڊيئر
(edere)
۽ انگريزيءَ جي ’eat‘
برابر ٿئي ٿو. بريڊ-ان
(Bread-an)
۾، پڇاڙيءَ وارو ’n‘
مفعولي حالت جي پڇاڙيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو
(يوناني ٻوليءَ ۾ به اهڙيءَ مفعولي حالت جي
پڇاڙيءَ ’ن‘
(n)
سان ٿئي ٿي). ٻين به ڪيترن فقرن ۾، ’نو‘
(Nu)
۽ ’مَ‘
(ma)
متصل صورت آهي، جن جي معنيٰ ڪجهه هن ريت ’هاڻي‘
(Now)
’پوءِ‘
(Then)...
يا ’ٻئي‘
(Both)...
۽
And
ٿي سگهي ٿي. انهيءَ ساري فقري جي ڀڃڻي هيئن ممڪن
آهي: ”هاڻي تون ماني کاءُ، پاڻي پوءِ (تون) پيءُ“.
هروزنيءَ کي هڪدم معلوم ٿي ويو ته ڪڊزون جو اندازو
بلڪل صحيح هو ته ’هِتي‘ ٻولي، انڊويورپين ٻولي
آهي، جنهن، پنهنجي مضبوط ادراڪي سگهه جو اظهار
ڪري، قديم لکتن جي پڙهڻ ۾ تاريخي امتياز حاصل ڪيو
آهي.
گورنيءَ
(Gurney)
(1952-9) جو بيان آهي ته هروزني انڊو-يورپين ٻولين
جو ماهر ڪونه هو. هن ڪيترين ئي نشانين جي آوازن جي
آڌار تي معنيٰ قائم ڪري ورتي هئي، سندس هن نقطه
نظر کي سندس دوستن ئي رد ڪري ڇڏيو هو، پر پوءِ به
هو ڪڊزون جي ابتڙ پنهنجي ڪم سان چنبڙيو رهيو، ۽
آخر کيس ’هِتي‘ لکت ڀڃڻ وارو اهم عالم تسليم ڪيو
ويو. سندس تحقيقي ڪم جي شايع ٿيڻ وقت هن لکت سان
لاڳاپيل گهڻو ڪم اڻ ڇهيو پيو هو.
هرزني ۽ سندس لکت پڙهڻ لاءِ سندس کوجنا:
هروزني، سنڌو- لکت تي ٽيهن واري ڏهاڪي ۾ ڪم ڪيو، ۽
سندس ڀڃڻيءَ سان لاڳاپيل مواد، 1939ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيو هو. ان کان پوءِ سندس ٻه مقالا (هڪ 1941 ۽ ٻيو
1942) آيو. انهيءَ زماني ۾ ٻي عظيم جنگ چوٽ تي
پهتل هئي. هن 1940 ۾ برسيلز ۾ سنڌو-لکت تي ليڪچر
به ڏنا (ٿامس 1940). هن جي ڀڃڻيءَ واري نقطه نظر
کي وري 1943ع ۾ پڻ ڇاپيو ويو هو، جنهن جو 1947ع ۾
فرينچ ترجمو ۽ 1951ع ۾ انگريزي ترجمو ٿيو. هن جي
سنه 1943 واري تحقيق، ”سنڌو- لکت بابت تعريفي بيان
کان گهڻو وڌيڪ هئي“. هو سنڌو- سڀيتا جي تعارف کان
هڪدم ئي پوءِ، هتي جي لکت جي کوجنا ۾ لڳي ويو هو.
(1943-197-234).
هن سنڌو- لکت کي ڀڃڻ واسطي اهو طريقه ڪار اختيار
ڪيو هو، جيڪو هو هتي لکت کي ڀڃڻ لاءِ اڳيئي
استعمال ڪري چڪو هو. پوءِ جلدئي ٻنهي لکتن ۾ موجود
هڪ جهڙين نشانين ڏانهن اشارو ڪري ٿو ۽ اهڙين
نشانين کي ’هتي‘ لکت جي نشانين جهڙو صوتي ملهه ڏئي
ٿو. ان حقيقت مان اڻ سڌيءَ طور اهو معلوم ٿئي ٿو
ته سنڌو لکت جا لکندڙ، مهرن تي’هتي‘ لکت جيان
انڊو-يورپين ٻولي لکندا هئا. پر سنڌو ماٿريءَ جي
ٻولي، سنسڪرت سان تعلق نٿي رکي. هروزني ٻڌائي ٿو
ته ٻنهي لکتن ۾ هڪ مهس (هزار سال) جي وٿي هئي. هو
اڻ سڌي نموني اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌو-لکت، ’هِتي
لکت‘ جي ڪنهن حد تائين ماءُ آهي ۽ هن ارتقا جو سفر
به سنڌو-لکت کان ئي شروع ڪيو آهي. پر ان لاءِ ڪا
به شاهدي موجود ڪا نه آهي.
ڪجهه نشانيون ۽ انهن جا صوتي ملهه
هروزني سمجهيو هو ته سنڌو لکت واريون مهرون
ديوتائن جي نالن لکڻ جي مقصد لاءِ تيار ڪيون ويون
آهن. ’ابتدائي شيون‘، ديوتا سان لاڳاپيل مهر جي
هيءَ ڀڃڻيءَ ڏني اٿس: ”هي ڪويا
(Kuiya)
ديوتا لاءِ نذر آهي“.
Here is the tribute offered, the god kuiya.
هروزنيءَ جو تحقيقي ورثو:
هروزنيءَ جي سنڌو-لکت جي کوجنا سان ڪوبه متاثر
ڪونه ٿيو هو. هن سنڌو لکت جو ’هِتي‘ لکت سان تعلق
ڏيکاريو هو، جيڪو ڏاڍو ڏورانهون هو. سندس کوجنا
واري ڪم ۾ ورجاءُ تمام گهڻو ۽ ويساهه جوڳو به ڪونه
هو، پر هن لکت کي انڊو-يورپين ٻوليءَ سان ڳنڍڻ
واريءَ ڳالهه گهڻن عالمن کي متاثر ڪيو هو.
ڪئمل زوڊيلسل
(Kamil zvdelsle)
به سندس ثناخواهن مان هڪ هو.
پر قديم سنڌو لکت تي کوجنا ڪرڻ ڪري، سندس ڏاهپ ۽
ڏات جو مداح به هو. هن سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي
تعريف ۾ هروزني لاءِ هيٺين ريت پنهنجي خيال جو
اظهار ڪيو هو.
”هيءَ ٽيهارو کن سالن جي ڳالهه ٿيندي جو آءٌ
پنهنجي شهر، ’پراگ‘ ۾ ويٺو هوس ۽ منهنجي آڏو
پروفيسر بيدرچ هروزني تشريف فرما هو، جيڪو سنڌو
لکت جي ڀڃڻيءَ بابت اُتساهيندڙ بحث ڪري رهيو هو.
هن لکت بابت سندس کوجنا ناڪام ثابت ٿي هئي. تن
ڏينهن ۾ هو عمر جي پوئين عرصي ۾ هو ۽ بيمار هو.
کيس پوري پڪ هئي ته سنڌو لکت بابت سندس ڪڍيل نتيجا
بلڪل صحيح آهن. وڏيءَ عمر جي ڪري مٿس تنقيد ڪرڻ به
اجايو هئي. مان نوجوان هوس ۽ هن کيتر ۾ نئون نئون
گهڙيو هوس. مان سندس ڪم ۽ پورهئي کي ساراهڻ کان
سواءِ رهي ڪونه سگهيو هوس. ان هوندي به مون کي
سندس کوجنا ۾ ٻه اوڻايون نظر آيون، جيڪي ڏاڍيون
چٽيون ۽ پڌريون هيون. پهرين ته هن ٿورين لکتن ۾
تمام گهڻن ديوتائن جا نالا ٻُڌايا هئا. ٻيو ته هو
هن ڳالهه تي ضد ڪري بيهي ويو هو ته قديم سنڌو
ماٿريءَ جي ٻولي ضرور انڊو-يورپين هوندي (زوڊسلي
211:1978).
هروزنيءَ جي، سنڌو-لکت کي ڀڃڻ واري کوجنا کي
موجوده دور جي محققن اعتبار جوڳو ڪونه سمجهيو آهي،
سندس اهو تصور ته هيءَ لکت شجري مطابق ’هِتي‘ لکت
جي ماءُ آهي، غير دانشمندانه هو. ڪن محققن وري هن
لکت تي محدود نقطه نظر موجب کوجنا ڪئي آهي ۽ ڏکڻ
ايشيا جي پس منظر ۾ ۽ پنهنجي خاص تهذيبي روايتن
مطابق، ڀَڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن ماهرن مان هڪ
’سوامي شنڪر آنند‘ به هو، جيڪو انهيءَ زماني ۾
’رام ڪرشن‘ مشن تي ڪلڪتي ۾ هو.
سوامي شنڪر آنند (1943ع):
سوامي شنڪر آنند (1943ع)، سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جو
پنهنجو هڪ جدا نظريو پيش ڪيو آهي. هو گهڻي وقت
تائين کوجنا ڪندو رهيو ۽ هن موضوع تي گهڻو ئي ڪجهه
لکيائين (شنڪر آنند 1943،
1946-1955-1963-1964-1965-1967-1973-1975).سوامي
تانترڪ هو، تنهن ڪري هن سنڌو لکت ۽ سنڌو- سڀيتا کي
ان نقطه نگاهه سان ڏٺو آهي.
’تانتري‘ هڪ باطني مسلڪ آهي، جيڪو مقبول عام آهي،
جنهن ۾ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جا گڏيل اصول آهن. هن مسلڪ
جي اصليت جي ڪا به خبر ڪانهي، پر عام طور اهو چيو
ويندو آهي ته تاريخ کان اڳ واري دور جي هن ننڍي
کنڊ جا ماڻهو، هن مسلڪ جا پوئلڳ هئا. ڪن جو خيال
آهي ته ’وراتيه‘
(Vratya)
قبيلي جا اَڻ آريه ماڻهو، اولهه پاسي کان اچي
هندستان ۾ داخل ٿيا هئا، جن جو رگويد ۾ پڻ ذڪر
آهي. هي مسلڪ انهن ماڻهن هتي آندو هو. ڪن عالمن جو
چوڻ آهي ته هن مسلڪ جا اصول، ڌاريا نه پر خالص
هندستاني آهن، ۽ ڪٿان ٻاهران ڪونه آيا آهن، ۽ ٿي
سگهي ٿو ته هن ڌرمي پنٿ جو لاڳاپو سنڌو- سڀيتا سان
هجي. هن مسلڪ جا اصول باطني آهن، ۽ گهڻو تڻو صدري
روايتن سان تعلق رکن ٿا. هن مسلڪ سان لاڳاپيل هڪ
ڳالهه جو مختصر حصو لکيل صورت ۾ نظر ايندو، جيڪو
اشارن استعارن ۽ اڻ چٽن حوالن سان ڀريل ڏسبو.
اهڙيءَ ريت اهڙي راز ۽ ڳجهه ڪري هن مسلڪ جا ڪيئي
روپ ڏسڻ ۾ ايندا.
’تانتر‘ لفظ جي اصليت جي به خبر نٿي پوي، جنهن
بابت پڻ مختلف نظريا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته هي
لفظ، ’تان‘
(Tan)
تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’پکيڙ‘
(stretch)
يعني اها مٽي جيڪا انسان جي شموليتن لاءِ پکڙجي
وڃي. ڪن جو خيال آهي ته اهو لفظ ’تن‘
(tanu)
تان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’جسم‘، ڇاڪاڻ ته
هن مسلڪ جو وڌيڪ زور انساني جسم جي ڪارڪردگيءَ سان
واسطو رکي ٿو. عالمن جي هڪ فرقي جو خيال آهي ته هي
لفظ، ’تني‘
(tani)
يعني ’رسو‘
(rope)
آهي، جنهن جو مطلب آهي هن مسلڪ جي مڃيندڙن کي
بچائڻ. هن مسلڪ جي ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته هي لفظ
’تانتري‘
(tantri)
تان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’سارنگي‘، جنهن جي
معنيٰ آهي مسلڪ جي فلسفي جي سونهن ۽ موسيقي. ڪي
وري هن لفظ کي ’تندنتر‘ مان نڪتل سمجهن ٿا، جنهن
جي معنيٰ آهي ’اَندر‘ سندس اهو نالو باطني سکيا
ڪري آهي. ڪي وري هن راءِ جا آهن ته هي لفِظ ’تنت‘
(Tantu)
يعني ڌاڳي مان نڪتل آهي، جنهن جو اشارو ڪپڙي اُڻڻ
جي ’آڏاڻي‘
(Loom)
ڏانهن آهي جنهن مطابق تاڃي پيٽي (مرد عورت جي اصول
تي) پاڻ ۾ ملائي، هن دنيا جي ڪپڙي جو مانڊاڻ منڊيو
ويو آهي. (والڪر
Walker
482:1968).
معلوم ائين ٿو ٿئي ته هن مسلڪ تي ’شو پنٿ‘ جو وڏو
اثر آهي. هن مسلڪ جا گهڻا اصول، شو ديوتا ۽ سندس
پتني (زال) پاروتيءَ جي وچ ۾ ٿيل گفتگو تان ورتا
ويا آهن. هن کانسواءِ تانتر ۾ مسلڪ جي پوئلڳن جو
ويچار آهي ته شو ديوتا، تانتر مسلڪ، موجوده ’ڪالي
يگ‘
(Kali yug)
دور لاءِ نازل ڪيو هو. هن مسلڪ جي سچن پوئلڳن کي
يقين آهي ته سندن مسلڪ ويدن واري ڌرم کان وڌيڪ سٺو
آهي.
تانتر مسلڪ جو، يوگي پستميا ۽ جسماني ڪارڪردگيءَ ۾
وڏو ويساهه آهي. تانتر جي مختلف فرقن ۾، عورت ۽
مرد جي جنسي ميلاپ کي ديوتائي درجي سان ڳنڍيو ويو
آهي.
هن مسلڪ ۾، جادو، منتر ۽ اُن سان لاڳاپيل ڪي
علامتون موجود آهن. منتر جي صحيح اُچارڻ ۽ صحيح
قسم جي منتر (علامتن جي صحيح خاڪي ڪڍڻ سان)
پوڄاري، ديوتا کان جادوئي طاقت حاصل ڪري سگهندو
آهي. سنڌو لکت کي سمجهڻ واسطي ’ينتره‘
(Yantra)
جو مطالعو ڪرڻ نهايت اهم آهي، پر اهڙيون علامتون
ڪنهن راز سان تعلق رکن ٿيون. (ڏسو شنڪر آنند
1943:جلد 2-ص 117).
تانتر مسلڪ جو ادب، هندستان جي پوئين دور جي تاريخ
سان واسطو رکي ٿو جنهن جو ابتدائي دور، 7 صدي
عيسويءَ سان تعلق رکي ٿو. هن مسلڪ جا وڌيڪ اهم
ڪتاب ٻارهين ۽ سترهين عيسوي صديءَ جي وچ ڌاري لکيا
ويا آهن. هندستان اندر تانتر فرقي سان لاڳاپيل
هزارين دستاويز موجود آهن جيڪي بگڙيل سنسڪرت ۾
لکيل ۽ غير معياري آهن.
سوامي شنڪر آنند، پنهنجي خيال جو هن ريت اظهار ڪيو
آهي: ”تانتر ويد آهي جنهن ۾ نظر ايندڙ هر اکر، لفظ
جي نمائندگي ڪندو آهي، پر هاڻي اهو ڳجهه، ڳجهه نه
رهيو آهي (1943: جلد 2-45) اهي پنهنجي اڪيليءَ شڪل
۽ صورت ۾، علامتي نشانيون آهن، جيڪي پنهنجي جوڙجڪ
۾ الف- ب آهن. مذڪوره علامتي تصويرون، مختلف قديم
لکتن جون نشانيون آهن، جيڪي گڏيل صورت ۾ ڏسجن
ٿيون. اهڙين نشانين يا اکرن جي گڏيل الف-ب وقت جي
سياسي ضرورت هئي. ڇاڪاڻ ته هڪ گڏيل حڪومت وجود ۾
اچي وئي، جيڪا ڪيترن علائقن تي پکڙيل هئي، تنهن
ڪري ان وسيع علائقي لاءِ هڪ ٻوليءَ جو هجڻ ضروري
سمجهيو ويو هو. (شنڪر آنند 1943: جلد2-ص67)، پر نه
هيءَ ڳالهه سچي آهي نه وري تانتر وارو قصو حقيقت
آهي.“
سواميءَ، ’سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ بابت بحث‘ 1943
واري ڪتاب جا 3 باب ۾ ڪري ٿو (شنڪر آنند 1943:
جلد2-2-66-104). هن مختلف لکتن جي نشانين جو هڪ
جهڙائيءَ وارو تقابلي اڀياس ڏيئي، سنڌو لکت جي
نشانين جو صوتي ملهه مقرر ڪيو آهي، جنهن ۾ هن،
مصر، چين ’جئچوري‘ (peenchmarks)،
برهمي، کروشٺي، اٿوپيا، هماري، مواجي فونيشين،
يوناني، عبراني ۽ گئگولائيٿ جون نشانيون ڏنيون
آهن. سندس اختيار ڪيل سارو طريقه ڪار سمجهه جوڳو
نه آهي. مثال طور سندس ڪتاب جي 5 باب ۾ سنڌو لکت
سان هڪ جهڙائي رکندڙ ٻين لکتن جون نشانيون ڏنيون
ويون آهن (شنڪر آنند 1943: جلد 2-ص 92)
سنڌولکت
برهمي
کروشٽي
اٿوپيا
هماري
فونيشين
يوناني
گئگولائيٿ
عبراني
سنسڪرت
انهن سڀني نشانين جي مطالعي کان پوءِ، سنڌو لکت جي
هيٺن سلسلن جي هن ريت ڀڃڻيءَ ٻڌائي ٿو:
گهڻي مينهن وسڻ وارو ٻيٽ
(The
island of excess in rain)
نيرو اُڀ (The
blue sky)
پپن ٻيٽ (The
papan island)
(شنڪر آنند 1943. جلد 2. ص 98)
سواميءَ جو، 1973ع ۾ سنڌو- لکت جي پڙهڻي مقرر ڪرڻ
جي موضوع تي ڪيل بحث، سو صفحن تي مشتمل آهي. هن
قديم شو واري مهر جي پڙهڻي پڻ ڏني آهي، جيڪا هن
ريت آهي:
”(پاڻي جا) پکي، پاڻيءَ جي سڀني وهڪرن تي ڇائنجي
ويا آهن“ (1943. جلد 2. ص 99). هيءَ سڀني کان وڌيڪ
عجيب ۽ غريب ڀڃڻي معلوم ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته مهر تي
نظر ايندڙ طرز سان هي ڀڃڻي ٺهڪي نٿي بيهي. مهر جي
لکت جي هيءَ ٻي ادراڪي يا غير سائنسي ڀڃڻي آهي. هن
جي پيش ڪيل تقابلي ۽ هڪ جهڙائي واري ’اڀياس‘ لاءِ
به اعتراض آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس ڪتاب ۾ ڏنل
نشانين جي تقابلي جائزي وارين گهَرِين
(Tables)
۾ نظر ايندڙ نشانين جي وجود خلاف آهي. (1943. جلد
2).
1940 واري ڏهاڪي ۾، ڪلڪتي جي هڪ عالم پنهنجو نقطه
نظر بيان ڪندي ٻڌايو هو ته سنڌو لکت جون نشانيون
تانترڪ نشانيون آهن. مذڪوره ماڻهو، يونيورسٽي جو
پروفيسر هو. اهو پتو نه آهي ته هو شنڪر آنند جو
واقف هو يا نه. هنن ٻنهي جو پاڻ ۾ تعلق هجڻ يا نه
هجڻ جو هن ڳالهه سان ڪو واسطو به نه آهي، پر هنن
ٻنهي عالمن، تانتر مسلڪ کي سنڌو-لکت جي نشانين
ڏانهن منسوب ڪيو آهي. هن قسم جون عجيب ۽ غريب
ڳالهيون ۽ ڀڃڻيون، بنگالي هندن لاءِ وڏي اهميت رکن
ٿيون.
پروفيسر بي.ايم- بروئا
–(B.M. Barua)
(1946ع) جهڙو عالم پڻ سنڌو-لکت
۾ تانترڪ نشانين هجڻ جو پرزور حامي هو:
بي.ايم.بروئا، ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جو پروفيسر هو.
هن به سوامي شنڪر آنند جيان هن خيال جو اظهار ڪيو
هو ته سنڌو- لکت جي ڀڃڻ لاءِ تانترڪ نشانين کي
ڪنجيءَ طور ڪتب آندو وڃي (بروئا
1946a)،
کيس اها به خبر هئي ته تانترڪ نشانيون، موجوده دور
سان واسطو رکن ٿيون، جڏهن ته سنڌو- سڀيتا جو، قديم
دور سان تعلق آهي. بروئا جو خيال آهي ته اهي
نشانيون، اڄ هندستان جي روايتن جهڙوڪ: برهمي لکت ۽
ٺپيل سڪن
(Punch-marked)
جي علامتن جي روپ ۾ موجود آهن.
ان کان پوءِ بروئا، تانتر جي علامتن واري موضوع کي
ڇڏي، ’قديم شِوَ‘ واريءَ مُهر ڏانهن اچي ٿو ۽
ٻڌائي ٿو ته لکت ۾ مهر ۾ نظر ايندڙ جانورن ۾ ڪو
تعلق آهي. ان سان گڏ هڪ جهڙين نشانين جي فهرست ڏئي
ٿو (1946a:
20 پليٽ 1)، ۽ ٻڌائي ٿو ته مهر ۾ نظر ايندڙ تصوير
نارا سمها
narasemha
يعني ماڻهو- شينهن
(Man-lion)
آهي.
جَ: مينهن کي ماريندڙ
=
مينهن جي مُنڍي
گهَه، لَ يا ءَ- گينڊو
=
گينڊي جي منڍي جنهن
جي دوناڙ مٿي آهي
اُ، دَ
=
چيتي جون ڄنگهون
=
چيتي جون اُڀيون يا
اُبتيون ڄنگهون
پ - مڇي
=
مڇي
سَ - هاٿي
=
هاٿيءَ جون اڳيون ڄنگهون
مٿي اُبتيون
ان کان پوءِ، بروئا لکت جي هن سلسلي کي هن ريت
پڙهي ٿو، جنهن کي هن، هڪ سولي سنسڪرت ۾ ترجمو ڪيو
آهي: ”اجل- اُپاس
(Ajala-upasa)
هن جي معنيٰ آهي. اهو جبل جنهن جي پوڄا ڪئي ويندي
آهي.“ هيءَ ڀڃڻي، تصوير جي وچ تي نظر ايندڙ خاڪي
جي ويجهو معلوم ٿئي ٿي، جيڪو مينهن ديوتا جي روپ
۾، شوَ آهي. هن لاءِ چيو ويندو آهي ته ”ڪيلاش جي
چوٽيءَ تي غور ۽ فڪر ۾ مشغول آهي“ جنهن جي طاقت
سان هن ڪائنات جو نظام قائم آهي. ڌرتي به پنهنجي
محور تي هن جي سگهه سان ڦري رهي آهي.
هن کان سواءِ پروفيسر بروئا اهو نٿو ٻڌائي ته هن
ناراسمها ۽ الف ’a‘
ڪٿان آندو آهي؟ هن سنڌو- لکت جي نشانين جي جيڪا
سمجهاڻي ڏني آهي، سا به ممڪن ڏسڻ ۾ نٿي اچي. تانتر
۽ ينتر هندستان جون مقبول عام روايتون آهن، پر هنن
کي سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ ڪتب آڻڻ مناسب نٿو لڳي. |