سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:15 

مهاديوان جو اندازو آهي ته سنڌو- لکت، درواڙيءَ ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي. هو پنهنجي هن نظريي جي پٺڀرائيءَ لاءِ گجرات ۽ سنڌو ماٿريءَ مان مليل قديم آثارن مان مليل حقيقتن ۽ اهڙي مواد جي تاريخي تسلسل کي پيش ڪري ٿو. سندس نقطه نظر آهي ته تاريخي لسانيات مان پتو پوي ٿو ته ويدڪ سنسڪرت جي بنيادن ۾ دراوڙي ٻولي موجود آهي. سندس خيال آهي ته آريا جڏهن هن ننڍي کنڊ اندر داخل ٿيا ته اُن جي اتر- اولهه واري حصي ۾ دراوڙ موجود هئا. سندس هيءُ به نقطه نظر آهي ته سنڌو- لکت جي ’شمارياتي اڀياس‘ (statictitcal study) مان به پتو پوي ٿو ته ان جو رويو (behaviour) انڊو- يورپين ٻولين جهڙو نه، پر دراوڙي نسل جي ٻولين سان ٺهڪي بيهي ٿو (مهاديوان 1972: 1-3).

پئرللزم وارو سندس نظريو ٽن مفروضن تي بيٺل آهي.

(1) سنڌو- ماٿريءَ جي مهرن ۾، مهرن جي مالڪن جا نالا آهن. ڊگهين لکتن ۾، سرڪاري عهدن جا لقب، عزت ۽ احترام سان لاڳاپيل لفظ، ڌنڌي جو حوالو، جڳهه جو نالو ۽ ڪي ٻيون اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن.

(2) جڏهن سنڌو- لکت جي ’متصل نظام ۾‘ (coherent system) کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪيو ويو ته ڪي اهم قسم جون نشانيون رهجي ويون، جيڪي ’آوازي صوتيه‘ (phonograms) جي نمائنده لفظ جي جاءِ تي ’خيال جي نمائنده‘ (ideograms) نشانيون موجود هيون، اهي پنهنجي ارتقائي صورت ۾ روايتي علامتون به هيون. اهي نشانيون تصويري علامتن جي ترڪيبي جزن (iconographic elements)، مذهبي علامتن (religious symbols) شاهي ’امتيازي نشانن‘ (royal insignia)، خاص جاتين جي علامتن (signs) نقابت جي علامتن (heraldic signs)، تنظيمي اتحاد جي علامتن (corporet symbols)، برادرين ۽ قبيلن جي نشانين تي مشتمل هيون.

(3) انهن نالن سان گڏ، نظر ايندڙ علامتن جي باقيات کي هن ريت سڃاڻي سگهجي ٿو.

الف- علامتن جي شڪل ۽ صورت مطابق (arbitrariness of symbolim).

ب- ورتل لفظن (low words) لاءِ انڊو-آرين لغت کان مدد نه وٺڻ

ٻ- علامتن کي سمجهڻ ڏند ڪٿائي قصن ۽ لوڪ ٻولي واري لغت ۽ ورتل لفظن (loan words) کان مدد وٺڻ.

ڀ- جيڪڏهن نشانين جي شڪل ۽ صورت ۾ تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ سمجهڻ کپي ته اهڙي نشاني هڪ معاشرتي لساني سماج کان پوءِ ٻئي معاشرتي لساني سماج ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي (مهاديوان 1972: 4)

مهاديوان هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو آهي ته هي طريقو ظاهر ۾ ته سهنجو ۽ سولو پيو معلوم ٿئي، پر عملي طور ڏاڍو پيچيده ۽ ڏکيو آهي. هيءُ ننڍو کنڊ، پکيڙ ۾ گهڻو وسيع آهي، ۽ هن مسئلي جي اونهائي ٽي هزار سال گهري آهي. هندستان اندر ٻه لساني روايتون موجود آهن، جن مان هڪ انڊو آرين ۽ ٻي دراوڙي آهي. اهي ٻئي ٻوليون، گهڻي زماني کان وٺي هڪ ٻئي تي اثرانداز ٿينديون رهيون آهن. اها هڪ غير يقيني صورتحال آهي، جنهن جو آءٌ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان، جنهن تي آءٌ ڄاڻي واڻي زور ڏئي رهيو آهيان. منهنجي نقطه نظر موجب موجوده دور ۾ سنڌو- لکت کي سمجهڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته ٻن زبانن جي هڪ جهڙاين (bilingual parallels) جو اڀياس ڪيو وڃي (مهاديوان 1972: 6).

مهاديوان، ڪن اڪيلين نشانين کي پڻ ڀڃڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. هتي اسان ٻن نشانين جي ڀڃڻيءَ جو مثال پيش ڪري رهيا آهيون، هن جي پهرين نشاني ’چڪر‘ يا ’ڦيٿو‘    آهي (مهاديوان 1972: 7-9).

پر اهڙي شاهدي موجود نه آهي جنهن سان يقين ٿي سگهي ته سنڌو- سڀيتا ۾ ’اَرن‘ (Sokes) وارو چڪر يا ڦيٿو موجود هو، جنهن تان اهڙي نشاني اُتاري وئي هجي. پر پوءِ به مهاديوان اهڙيءَ ڳالهه کان متاثر ٿي ويو آهي. هندستان جي پوئين دور جي روايتن ۾ اهو ’چڪر وشنو‘ (Vishnu) ديوتا ۽ ان جي ’اوتار ڪرشن ديوتا‘ جي علامت آهي. ٻُڌ مذهب ۾ هن چڪر کي ڌرم جو نشان مڃيو ويندو آهي. هندو ۽ جين ڌرمن ۾ هي ڦيٿو يا چڪر، هڪ آزاد ۽ سگهاري حڪمران جي علامت آهي، جنهن کي ’چڪر ورتن‘ (charka vartan) چيو ويندو آهي. مهاديوان، هن ڦيٿي يا چڪر کي وڃي ويدن سان ملائي ٿو، جتي ’سورج چڪر‘ (solar wheel) ۽ ’مترا‘ (mitra) جو ذڪر ڏسجي ٿو، جيڪو ’سج ديوتا‘ (solar deity) آهي. سندس خاص وصف، حڪمراني آهي. اها به دعويٰ ڪئي ويندي آهي ته اولهه ايشيا جي، سج لاءِ نمائنده علامت، سنڌو سڀيتا جي نشانيءَ جهڙي آهي. هن حقيقت مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو- سڀيتا جي هيءَ نشاني بنيادي طور سج يا سج ديوتا جي نمائنده علامت آهي (مهاديوان 1972: 7). هن نشانيءَ جي معنيٰ، سيڪيولر (Secular) نه، پر ڌرم ۽ سامراجيه (Sovereignty) ڏانهن اشارو ڪري ٿي، پر سنڌو- سڀيتا ۾ اهي ٻئي ڳالهيون موجود ئي ڪونه هيون.

پر مهاديوان جي هيءَ دعويٰ بلڪل مناسب آهي ته هتي انڊو-آرين لفظ جو صوتي ملهه (phonetie value) مقرر ڪرڻ صحيح نه آهي (يعني ڌرم چڪر يا چڪر ورتن)، تنهن ڪري هو سج-ديوتا-راجا (Sun) God-King) جي دراوڙي ٻولي جي معنيٰ لاءِ (DED) (ڊرئويڊين ايٽمالاجيڪل ڊڪشنري) ڏانهن رجوع ڪري ٿو. نئين جوڙجڪ موجب، اهو لفظ ويڪ/وي/وي (Vee/Vey/ve) آهي. اها معنيٰ سندس ٻئي تبصري ۾ ٺهڪي بيهي ٿي. سندس خيال آهي ته اهو نظر ايندڙ هڪ تامل لفظ وي-نت-ان (Ve-Nt-An) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’نهايت سگهارو مهاراجا‘ (paramount sovereign)، جنهن جو مفهوم چڪرورتن جهڙو آهي. هن لفظ جو بنياد، ’چڪر‘ يا ’ڦيٿي‘ تي بيٺل نه آهي. پر چٽيءَ ريت سج ۽ ديوتا جي نظرئي سان ڳنڍيل آهي (مهاديوان 1972: 9).

مهاديوان، ’ٿانو‘ (Jar) جهڙيءَ نشانيءَ جي پڻ معنيٰ ڏئي ٿو (a1973: 45-49-1982: 313-314). هن نشانيءَ جي پڙهڻ جي پهرينءَ ڪوشش ۾ هو عيسوي دور جي اوائلي حصي جي برهمي-تامل لکتن ڏانهن رجوع ڪري ٿو، جن جي کيس چڱي ڄاڻ آهي. هو پنهنجي تفصيلي پيش ڪش ۾ ٻڌائي ٿو ته هن ادب جي مصنفن جا نالا ’اَن‘(An)  جي پَدَ واري پڇاڙيءَ سان ختم ٿين ٿا. ان کان پوءِ هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته سنڌو- لکت وارين مهرن ۾ به ساڳيءَ نوعيت واري لکت ممڪن آهي، جن لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته اُنهن ۾ به شخصي نالا موجود آهن. نشانين جي قريبي هڪ جهڙاين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ۽ ’تحقيقي مناسب مفروضو‘ به اهو آهي ته زير بحث علامت قديم دراواڙيءَ جي ’واحد مذڪر غائب جي ضميري پڇاڙي‘ آهي (تامل ۾ ان An آهي) (مهاديوان 1973: 48). دراوڙي ٻوليءَ جي سڀاءَ ۽ سنڌو- لکت جي نشانيءَ جي آڌار تي مهاديوان ’ٿانو‘ (Jar) جهڙي نشانيءَ جون هيٺيون ٽي ممڪن معنائون ٻڌايون آهن:

اڻٽرن (antiran)- ويلهه سردار جو شخصي نالو

اڻٽر (Antar)- ڳنوارن جي سردارن جي جماعت (Dau) جو نالو

اندر، اندر راجا ۽ قوم جو نالو.

(مهاديوان a1973: 49)

’ٿانو‘ (jar) جهڙيءَ نشانيءَ جي ٻئي بحث ۾ مهاديوان پنهنجي نقطه نظر جو هن ريت اظهار ڪيو آهي ته ڪن ٿانون جهڙوڪ: مرتبان (jar) ۽ ’مٽ‘ (container) جو ڪنهن ’رشي‘ (sage) جي جنم ۽ ٻل چاڙهن جي ڌرمي رسم سان پڻ لاڳاپو آهي (مهاديوان 1982: 313). اهڙيءَ ريت هو بحث ڪندي هن نشانيءَ کي سنڌو- سڀيتا جي ڪنهن امڪاني پنڊت (priest) واري تصور سان وڃي ڳنڍي ٿو (1982: 314).

هن عالم جون پيش ڪيل ٻئي پڙهڻيون مختلف نقطه نظر کان معلوماتي آهن. پهرين ڳالهه ته انهن ۾ لچڪ آهي، تنهن ڪري سمجهي سگهجي ٿو ته ’هڪ جهڙائي‘ (parallelism) واري نقطه نظر جي لحاظ کان ڪمزور آهن. سندس هن سوچ کي ڪڏهن به نندڻ نه گهرجي ۽ اهو به سوچڻ نه گهرجي ته مهاديوان حقيقتن کان بي خبر آهي، پر اهو سندس ڪيل تحقيق کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهم نڪتو آهي. هن مان ٻي اها ڳالهه معلوم ٿئي ٿي ته سنڌو لکت جي نشانين کي سمجهڻ لاءِ مهاديوان جي طبيعت ۾ هڪ لچڪ به موجود آهي ۽ ڪنهن امڪاني غلطيءَ کي هڪدم قبول ڪري وٺي ٿو، ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل کوجنا وارو طريقو ڇڏي، تحقيق جو نئون طريقو اختيار ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت مناسب ڀڃڻيءَ تائين سندس کوجنا جو سلسلو جاري رهندو.

مهاديوان، منظم طريقه ڪار مطابق تحقيق ڪرڻ وارو محتاط عالم آهي، جيڪو ڪنهن مفروضي تي عملي طور ڪم ڪرڻ لاءِ نهايت خبرداريءَ کان ڪم وٺندو آهي، ۽ نتيجن ڪڍڻ وقت به سندس بيان حقيقت پسندانه هوندو آهي. امڪاني نتيجا (tentative conclusion) ۽ تحقيق سان لاڳاپيل پختي يقين (set ideas) ۽ ذاتي راءِ وارا سندس قائم ڪيل مفروضا (hypotheses)، سندس تحقيق جي هڪ طرز کان وڌيڪ ڪا به اهميت ڪا نه ٿا رکن.

سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي سلسلي ۾ سندس کوجنا، دراوڙيءَ ٻولي جي مفروضي سان ملي ٿي، پر هن نقطه نظر ۾ ڪي اوڻايون به موجود آهن. انهن مان هڪ حقيقت هيءَ به آهي ته ’شمارياتي تعداد‘ مان سنڌو-لکت جي ممڪن ٻولي ’آلٽڪ‘ (Altaic) به ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته هن لکت ۾ ’پڇاڙيون‘ (suffixes) آهن، پر منڍ ۽ وچ وارا ترڪيبي جزا موجود ڪونه آهن. اها خاصيت دراوڙي ٻوليءَ سان گڏ آلٽڪ زبان ۾ به آهي. اهڙو ذڪر زائيڊ ۽ زويلبل به ڪيو آهي، هن سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ هڪ جهڙائي واري اصول (parallelism) کي به ڪم آندو آهي، جيڪو اهم آهي ۽ ڪن ٻين ڳالهين ۾ به ڪم اچي سگهي ٿو ۽ ڀڃڻيءَ لاءِ انفرادي هڪ سو بحثن کان هيءُ وڌيڪ مختصر طريقو آهي. سندس بيان هن ريت به آهي:

منهنجي پيش ڪيل طريقي تي ڪي پابنديون به ضرور آهن. هن مقالي ۾ ٻولين جي امڪاني هڪ جهڙاين ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي. تنهن کي سنڌو- لکت جي ڀڃڻي سمجهيو نه وڃي. پوئين دور جي هندستاني ٻولين ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون آهن، تن کي سنڌو- لکت جي ’تصويري نشانين‘ (ideograms) ۾ صوتي ملهه (phonetic value) طور ڪتب آڻي نٿو سگهجي. پر مان هيءَ ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته پوئين دور جي هندستاني تاريخي روايتن جي هڪ جهڙاين بابت ڏنل مشوري تي جيڪڏهن عمل ڪيو ويو ته هر محقق سنڌو- لکت ۾ موجود ’تصوراتي نشاني‘ (ideogram) جي عام مفهوم جي اصليت کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهندو. مان هن حقيقت کي به تسليم ڪريان ٿو ته نتيجا اندازا تصوراتي آهن، پر انهن جي تصديق ٿيڻ کان پهريائين وڏي کوجنا جي ضرورت آهي (مهاديوان 1982: 313).

مهاديوان، هڪ سڱي جانور جي آڏو رکيل شي پڻ سڃاڻي ورتي آهي، جيڪا هڪ معياري مهر ٿي ڏسڻ ۾ اچي. سندس خيال آهي ته اها سوم رس (Soma) جي نپوڙڻ ۽ ان کي تيار ڪرڻ جو طريقو آهي، جيڪو ويد ۽ اويستا جي مذهبي مسلڪ موجب پيئڻ جو هڪ مشروب آهي (مهاديوان 1982 ۽ a1985). اها معنيٰ ’تصويري علامت‘ (Pictograph) جي شڪل صورت مان ڪڍي وئي آهي.

اهڙيءَ ريت هن سنڌو- لکت جون 15 نشانيون سڃاڻي ورتيون آهن، جن جو تعلق سوم رس جي تياريءَ سان آهي. اهي 66 Fig ۾ ڏسي سگهجن ٿيون (مهاديوان 1984: 185، 8: Fig).

مهاديوان، سوم رس جي تياريءَ واري سمجهاڻي ڏيئي، ’هڪ جهڙائي‘ (parallelism) واري اصول تان ڄڻ هٿ کڻي ويو آهي. هن قسم جي سمجهاڻيءَ جو واسطو گهڻو ڪري عقل سليم ۽ ڊگهي بحث جو نتيجو آهي (مهاديوان 1984: 180-182). ڀڃڻيءَ جي هن طريقي کان سواءِ، سنڌو- لکت کي پڙهڻ جا ٻيا به طريقا آهن، پر مهاديوان جي کوجنا، ڀڃڻيءَ جي ڏس ۾ اهو اهم ڪم آهي، جنهن تي اڃا به وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

موجوده دور جي ڪئمبرج يونيورسٽيءَ جي پروفيسر، جي.وي. ڪنائر ولسن (J.V.kennier Wilson) هڪ نظريو پيش ڪيو آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۽ ميسو پوٽئميا جي لکتن ۾ تعلق موجود آهي. ان ڏس ۾ هن گهڻي تحقيق ڪئي آهي. پر سندس طريقه ڪار مهاديوان کان مختلف آهي.

جي. وي. ڪنائر ولسن 1974- سنڌو ماٿريءَ ۾ وَهي کاتو (accounts) ۽ انگ (numerals):

جي. وي. ڪنائر ولسن جو آڪسفورڊ يونيورسٽي سان تعلق آهي، جيڪو بنيادي طور ’آشوري قديم آثارن‘ جو ماهر آهي. هن سنڌو- لکت جي ڀڃڻ واسطي پڻ کوجنا ڪئي آهي، ۽ 1974ع ۾ هن لکت جي ڀڃڻي پيش ڪئي هئي. ان بابت هن مختصر، پر هڪ بهترين ڪتاب تصنيف ڪيو آهي (ڪنائر ولسن 1984). هن مان هن ڳالهه جي اُميد هئي ته هو سنڌو- لکت ۽ ميسوپوٽئميا واري لکت جي وچ ۾ موجود ناتن تي ضرور قلم کڻندو ۽ هن ڪيو به ائين. کيس اهڙو يقين هو ته قديم آثارن مان ملندڙ شاهدين مان ظاهر آهي ته ٽين سهس ق. م دوران ٻنهي ثقافتن ۾ لاڳاپو موجود هو. سنڌو لکت جو وجود به ان دور ۾ نڪري نروار ٿئي ٿو. سندس بيان هن ريت آهي.

”جيتري قدر لکت جو تعلق آهي ته ان بابت کوجنا جو نتيجو شروعاتي مرحلي واري اندازي کان ٿورو ڪجهه مختلف آهي. ٿيل کوجنا مان اها معلومات ملي ته ٻنهي لکتن ۾ ڪي نشانيون بلڪل هڪ جهڙيون آهن. پر اهم ڳالهه هڪ جهڙائي ثابت ڪرڻ نه بلڪه فرق ثابت ڪرڻ آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪي لکتون ۽ نشانيون اسان کنيون آهن، تن ۾ موجود فرق هڪ جهڙاين کان وڌيڪ گهڻو آهي. جيڪڏهن انهن نشانين کي ڀڃڻيءَ جي مقصد سان استعمال ڪجي ته به گهڻيون آهن. اها حقيقت به نتيجي مطابق آهي ته انهن ٻنهي لکتن جو بنياد هڪ آهي، ۽ ڪنهن قديم دور ۾ هڪ لکت مان ئي ڦٽي نڪتيون آهن. اهڙا قديم اُهڃاڻ، ٻنهي لکتن ۾ موجود آهن. (ڪنائر ولسن 1974: 43). هن جي کوجنا جو مرڪزي نڪتو سنڌو- لکت ۾ موجود انگن جو سرشتو آهي، ان ڪري هن هِتي جي اقتصاديات، ليکي چوکي، انگن ۽ رسيدن تي وڌيڪ تحقيق ڪئي آهي. هن انهيءَ ڪري اي. ايس. سي. راس (1938) (A.S.C.Ross) جو ٿورو مڃيو آهي ۽ سنڌو- لکت تي لکيل سندس مونو گراف تان گهڻو استفادو به ڪيو اٿس.

ڪنائر ولسن پنهنجي سڄي تحقيق جي شروعات هيٺ ڏنل سنڌو لکت جي سلسلن سان ڪئي آهي:.

   يا    سنڌو- لکت جي هيءَ ۽ هيءَ  نشاني، سمير جي قديم لکت جي نشاني سان هڪ جهڙائي رکي ٿي، جنهن جي ڀڃڻي ’ڀت‘ (Wall) يا ’قلعبند شهر‘ آهي. ’ار‘ (Ur) ۾ هن نشانيءَ جي صورت هن ريت  ۽ اروڪ (Uruk) ۾    يا هن     شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن نشانيءَ جي ساڄي پاسي، ست اڙيون نڪتل آهن، جنهن جو مطلب ’ست انگ‘ آهي. جيڪڏهن هنن ٻنهي نشانين کي گڏي پڙهبو ته معنيٰ ٿيندي ’ست قلعبند شهر‘ (Seven walled cities) يا ’چوديواري ڏنل ست جايون‘ (بئلي Baley 1975، مچينر b1978). ان کان پوءِ هي ماهر، مڇيءَ جهڙي نشانيءَ سان ٻن اڙين   واري لکت جي مفهوم ڏانهن اچي ٿو ۽ اشارو ڪري ٿو ته ٻه اڙيون ’ٻه‘ انگ آهي، ۽ ’مڇي‘ ۽ ’ٻه‘ انگ جو معمي جي اصول تي مطلب ڪڍي ٿو ۽ چوي ٿو ته دراوڙيءَ ۾ مڇي کي ’مين‘ (min) سڏجي ٿو. (ڪنائر ولسن 1974: 4).

OFFERING SIGNS

Figure 66. Structure of the standard and signs of the Indus script relating to the soma filter identified by I. Mahadevan. [Mahadevan 1984: Figure 8]

ڪنائر ولسن کي اهو احساس آهي ته دراوڙي جو هنن نشانين سان ڪو سڌو تعلق ڪو نه آهي. هتي هو پنهنجي اصلي موضوع کان هٽي ويو آهي. تنهن ڪري سندس باقي رهيل پيشڪش ۽ نتيجا حقيقت سان واسطو ڪونه ٿا رکن.

هن نڪتي کان وٺي سندس بحث مفصل ۽ ڪنهن رستي سان هلندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو وک وک وڌائيندو، مهرن تي لکيل پيغام تي بحث ڪرڻ لڳي ٿو، يا گهٽ ۾ گهٽ انهن مهرن جي لکت جي ’ليکي چوکي‘ واري حصي تي ڪن مشين جي ماپ ۽ ماڻ تي پڻ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو، انهن نڪتن تي سندس ڪيل تبصرو هيٺ ڏجي ٿو.

(1) سنڌو ماٿريءَ جي انگن ۾، ڏهائي سرشتو موجود آهي (ڪنائر ولسن 1974، هن کان اڳ اهو نظريو راس به 1938: 17 ۾ پيش ڪيو آهي. ڏسو پڻ فيئر سروس 1992: 61-62 هن جو نقطه نظر آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي انگن جو سرشتو ’اٺائي‘ (eight) تي بيٺل آهي).

(2) سنڌو- لکت جي هيءَ نشاني   ماپ يا ماڻ جي ايڪائي ‘cenit’ آهي (1974: 7).

(3) سنڌو- لکت جي هي نشاني   ’تور ماپ‘ سان تعلق رکي ٿي.

(4) سنڌو- لکت جي هيءَ نشاني   سميري نشاني جهڙي آهي جنهن جي معنيٰ آهي شيڪل (Shekel) ۽ چاندي (1974: 14، 37)

(5) سنڌو- لکت جي هن نشاني  يا  جو مطلب هڪ سو (100) جو انگ آهي. ڊگهي اڙي 60 برابر ۽ چار ننڍيون اڙيون ڏهوڻهن جي برابر يعني 40 آهن (1974: 27)

(6) سنڌو- لکت جي هيءَ نشاني   اناج جي نمائندگي ڪري ٿي.

(7) باد-1 مين (Badimin) سميري لفظ آهي، جنهن کي سنڌو- سڀيتا لاءِ ڪم آڻيندا هئا (1974: 41)- ته پوءِ ميلوها (Meluha) ڪٿان آيو آهي؟

آخر ۾ هيٺيون پڙهڻيون حاصل ڪري ورتيون اٿس.

100 ’بن‘ (Ban) ’اناج‘ (X) توريو ويو (1974: 36)

باد-اِمين لاءِ 9 ’بن‘ اناج توريو ويو (1974: 42) وغيره.

ڪتاب جي ڀڃڻيءَ سان اڻ لاڳاپيل حصي ۾ ڪنائر ولسن، مهرن ۾ نظر ايندڙ جانورن جي تصويرن تي بحث ڪيو آهي. سندس خيال آهي ته ’ڪونهٽ وارو ڍڳو‘ Zebu (Bosindicus) موهن جي دڙي جي حڪمرانيءَ جي علامت آهي، ۽ هت اهڙو رواج گهڻي عرصي تائين رهيو آهي (1974: 41). هر جاءِ تي نظر ايندڙ هڪ سڱيو ڍڳو، باد-امين جي نمائنده علامت آهي. (1974: 41). ’مينهن‘ واري مهر بابت سندس نقطه نظر هن ريت آهي:

”ان مهر ۾ ويٺل طرز ۾ هڪ ديوتا نظر اچي ٿو. جنهن وقت ڇهه جانور جهڙوڪ: هاٿي، گينڊو، چيتو، مينهن، هرڻ ۽ جابلو ٻڪر بيٺا آهن. هيءَ
قابل قبول حقيقت آهي ته مذهبي تصوير آهي، پر هن مهر کي اقتصادي نظريي کان ٻاهر سمجهڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته تصوير جنهن طريقي سان ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي اچي، تنهن مان محسوس ٿو ٿئي ته اها شهري علائقي جو اعليٰ حڪمران آهي. ان سان گڏ جيڪڏهن ڇهن جانورن جي تصويرن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي علائقي جي حڪمران جي علامت سمجهجي ته ان جو مطلب ٿيندو ته هن مهر ۾ ’باد-اِمين‘ يعني ’ستن شهرن‘ کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موهن جي دڙي واري شهر کي وڌيڪ نمايان ڪيو ويو آهي، جتان هيءَ مهر لڌي آهي، اڳي هن مهر جي سمجهاڻي ’پسو-پتي‘ طور ڏني وئي هئي، جنهن کي ’پورٽو-شو‘ تسليم ڪيو ويو آهي. هن ڀڃڻيءَ کان پوءِ مٿي ڏنل ’پسو-پتي‘ واري سمجهاڻي، ايڏي مناسب ڪا نه ٿي لڳي. تجويز ڪيل هن سمجهاڻيءَ لاءِ ڪي ڏکيائون ته ضرور پيدا ٿينديون، ڇاڪاڻ ته مهر ۾ جانور بار بار نظر اچن ٿا ۽ ٻين مهرن ۾ سندن رويو به ساڳيو هوندو آهي، تنهن ڪري اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته انهن جانورن جو تعلق آخري سمجهاڻي وارن جانورن جي گروهه سان آهي (ڪينئر ولسن 1974: 41).

ڪنائر ولسن جي ڀڃڻيءَ تي ڪئمل زويلبل (1978) بهترين تبصرو ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته ڪنائر ولسن پنهنجي تحقيق نهايت ڪشاده دليءَ سان ڪئي آهي، پر ان ۾ ذاتي راءِ ۽ اندازا وڌيڪ آهن (زويلبل 1978: 213). سندس تحقيق جي رٿابنديءَ ۾ گهڻيون اوڻايون آهن. ماڻهو سندس پيش ڪيل مهرن ۽ سندس تجويز ڪيل ڀڃڻي، پڙهي وائڙو ٿي وڃي ٿو. مارٽيمر ويلر جو بيان آهي ته اهي پٿر جون خوبصورت مهرون، ڏاڍيءَ محنت ۽ ڪاريگريءَ سان ٺاهيون ويون آهن(1968: 101)، جن کي ڪنائر ولسن محدود حقيقتن سان لاڳاپيل عام شيون ’(Little master pieces of controlled realism)‘ سڏي ٿو. سندس خيال مطابق انهن ۾ دنيوي وهنوار واريون ڳالهيون جهڙوڪ: ”ڪنهن ماڻهوءَ 100 پائونڊ اَنُ ڪنهن کي توري ڏنو“ لکيل آهن؟ هن مان اها معلومات ملي ٿي ته ڪنائر ولسن جي تجويز ڪيل مهرن جي مقصد ۽ مهرن جي طبعي بناوت ۾ گهڻو فرق موجود آهي. جيڪڏهن هو پنهنجي نقطه نظر ۾ صحيح آهي ته پوءِ معلوم ٿيندو ته سنڌو- ماٿريءَ جون، هي مهرون قديم دنيا جي روزمره جي ڏيتيءَ ليتي سان لاڳاپيل بي انتها مهانگيون رسيدون آهن.

اسان ڪنائر ولسن جي رسيدن واريءَ ڀڃڻيءَ کان پوءِ ’بانڪا بهاري چڪرورتيءَ‘ (bankabehari chakuravarti) جي تجويز ڪيل ڀڃڻيءَ ڏانهن اچون ٿا، جيڪو اولهه بنگال جي ’هبرا‘ (habra) بي. ٽي ڪاليج جو انگريزيءَ جو پروفيسر آهي. سندس خيال آهي ته اهي مهرون ’وزٽنگ ڪارڊ‘ (visiting card) آهن. چڪر ورتي سنسڪرت جو عالم پڻ آهي ۽ سندس ساري ڄمار سنڌو- سڀيتا ۽ سنڌو- لکت جي اڀياس ۾ گذري آهي. سنه 1975 ۾ هن پنهنجي تجويز ڪيل ڀڃڻيءَ جي نتيجن کي ڇاپي پڌرو ڪيو ۽ سندس کوجنا اڃا به جاري آهي (چڪروورتي 1975، 1976، 1979، 1981، 1982، ۽ 1991).

پروفيسر بانڪابهاري چڪرورتي 1975: سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي ڪنجي نالا آهن:

پروفيسر چڪرورتيءَ جي هن لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ تجويز آهي ته سنڌو ماٿريءَ جون مهرون، ماڻهن جي شخصي سڃاڻپ لاءِ ڪم اينديون هيون. تنهن ڪري منجهن ماڻهن جا نالا لکيل آهن. سندس هي انومان قابل- فهم آهي، پر سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ واسطي هن اصول کي رهبر طور ڪم آڻڻ ڪجهه ڏکيو آهي.

ٿوري بحث کان پوءِ چڪرورتي (1975: 5-22) ڀڃڻيءَ جي تجويز پيش ڪري ٿو ته سنڌو ماٿريءَ جي مهرن تي نظر ايندڙ نالا هندستان جي مهاڀارت واري جنگي دور ۾ موجود هوندا. حقيقت اها آهي ته هن لکت جي اصلي دور جي ڪنهن کي به خبر نه آهي، پر پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ان جو زمانو ويدڪ دور (1000 ق. م) کان پوئڀرو آهي، پر ٻڌ دور (500 ق.م) کان ڪجهه اڳ جو آهي. سندس ڪڍيل نتيجن مان ٻه ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون: (1) مهرن تي لکيل نالا گهڻو ڪري انڊو- يورپين ٻوليءَ ۾ لکيل هوندا. (2) سنڌو- لکت ۽ مهاڀارت واري جنگي دور جو پاڻ ۾ تعلق جو سلسلو ضرور موجود هوندو، تنهن ڪري هن پاليءَ ٻوليءَ ۾ لکيل نالن جي ڊڪشنريءَ جي مطالعي کي اهم سمجهيو (مالا لاسيلڪير (Mala lasekera) 1937).

چڪرورتيءَ بيان ڪيو آهي ته (1975: 24) سي. جي. گئڊ (1931: 414)، سڊني سمٿ جي تائيد ڪندي لکيو ته سنڌو- لکت جي هن سلسلي  جي ممڪن معنيٰ ’پٽ‘ (Son) ٿي سگهي ٿي، جنهن لاءِ سنسڪرت ٻولي ۾ ’پتر‘ (putra) لفظ آهي. اهو لفظ لکت جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ موجود ڏسجي ٿو. تنهن ڪري انگريزيءَ ۾ ان جو مطلب ائنڊرسن (Anderson) ۽ هندستاني نالن ۾ ’ڪنيپتر‘ (kunitputra) ٿي سگهي ٿو، پر هندستاني ٻولين ۾ ’پٽ‘ Son لاءِ ’ڪمار‘ (Kumara) ۽ ’تنيما‘ (Tanaya) جا لفظ پڻ ڪم ايندا آهن. (چڪرورتي 1975: 24). ان لفظ جي معنيٰ لاءِ هو سوچي ويچاري ’ڪمار‘ لفظ تي متفق ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت هن مطابق ڪُ ۽ ’ڪَ‘ آهي.

سندس هن پڙهڻيءَ موجب هڙپا مان هٿ آيل هڪ مهر (وئٽس 1940- مهر نمبر 653) جي پڙهڻي ’ڪُڪَڪَ‘ (Kekaka) مقرر ڪري ٿو. ماڻهن جي نالن جي پالي ڊڪشنريءَ موجب هي لفظ ’ڪيڪڪ‘ (Kekaka) آهي. جنهن جي معنيٰ آهي هڪ يا گهڻا ماڻهو. (مالالا سيڪر 1937).

هتي مهر نمبر H-653 جي لکت ۽ چڪرورتيءَ جي استدلال ۾ گهڻو فرق موجود ڏسجي ٿو، جنهن کي شايع ٿيل مواد جي آڌار تي ڪا راءِ نٿو ڏيئي سگهجي.

هن کان سواءِ ٿانوَ جهڙيءَ نشانيءَ جو صوتي ملهه ’ڪَ‘ (ka) مقرر ڪري ٿو ۽ ان کي لفظ جي پڇاڙيءَ وارو پَدُ سمجهي ٿو، جيڪو معنيٰ جي تبديليءَ کان سواءِ هندستاني لفظن سان گهڻو ملايو ويندو آهي. (چڪرورتي 1975: 25).

اهڙن صوتي ملهن جي آڌار تي چڪرورتي مختلف نالن ۽ لفظن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. قديم شو جي نمائندگي ڪندڙ مهر جي هن لکت  جي پڙهڻيءَ جي وضاحت هن ريت ڪري ٿو:

  جي پڙهڻي ’ست ڪوسيڪ‘ (Satta kosika) (شخصي نالن واري پالي ڊڪنشري- چڪروورتي 1975: 30، مالال سيڪر 1937) اهڙيءَ ريت چڪرورتي پنهنجي پڙهڻيءَ رستي، ڏاڍا خوبصورت نالا معلوم ڪري ورتا آهن، جيڪي سندس ڪتاب ۾ موجود آهن (چڪرورتي 1975: 26-37).

چڪرورتيءَ جو اهو خيال تعريف جوڳو آهي ته سنڌو ماٿري جي مهرن ۾ شخصي نالا لکيل آهن، پر جڏهن سنڌو لکت تي کوجنا ڪرڻ شروع ڪئي ته کيس اهڙي سوچ ڪم اچي نه سگهي. ان حوالي سان هو هن قسم جا فقرا ’قوي امڪان آهي ته‘ يا ’فرض ڪريو ته‘ استعمال ڪري ٿو جيڪي هن قسم جي کوجنا ۾ قابل قبول نه هوندا آهن. چڪرورتيءَ کي پوري پڪ آهي ته سندس ڪڍيل نتيجا سورهن آنا صحيح آهن. سنڌو- لکت جي ڀڃڻ واري هر ماهر جو اهو ئي خيال هوندو آهي.

جان اي مچينر هندستان جي قديم تاريخ ۽ مذهب جو پروفيسر آهي. ان کان سواءِ هن سڪن تي پڻ کوجنا ڪئي آهي. هن، سنه 1978ع ۾ سنڌو لکت جي ڦوري کي ڦولڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ هڪ ننڍڙو ڪتاب به شايع ڪيو هئائين (مچينر A1978). مچينر هن موضوع تي اڳ ۾ ٿيل تحقيق تي تبصرو ڪرڻ کان پوءِ سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ جي هن ريت شروعات ڪري ٿو:

هندستان جي ’سنڌو‘ (Sindu) ۽ هندستان جي ’هندو‘ لفظن جو تجزيو ڪندي پروفيسر سر هئرولڊ بيلي (Harold Bailey) هاڻي تازو پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ته رگويد ۾ ’سپت سنڌو‘ (Sapta Sindu) ۽ اويستا ۾ موجود ’هپت هندو‘ (Hapta Hendu) جهڙن فقرن جي امڪاني اصلي معنيٰ ’ست اهم جايون‘ (Seven High places) آهي. ان حوالي سان هن هڪ اچرج جهڙي هڪ جهڙائي پيش ڪئي آهي ته سميري لفظ باد-امين جي معنيٰ ’ست قلعبند جايون‘ آهي. اهي لفظ سميري دستاويزن ۾ موجود آهن، جن جو اشارو سمير کان اوڀر ۽ اَرت (Aratta) کان ٻئي طرف هڪ ملڪ ڏانهن آهي. ان کان پوءِ هو هڪ سوال پڇي ٿو ته ڇا سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو ’ست اهم جايون‘ لفظ استعمال ڪندا هئا، جيڪي پوءِ هندستان تي حملو ڪندڙ ماڻهن تائين پهتا، جن کي قديم هندستاني ’سپ سنڌو‘ ۽ قديم ايراني ’هپت هندو‘ ڪري اُچاريندا هئا. (مچينر 1978: 14 ڏسو پڻ بئلي 1975).

هن ڳالهه مان هيءَ حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي ته سنڌو- لکت ۾ نظر ايندڙ ’ست اڙيون‘ ست انگ جي نمائندگي ڪري رهيون آهن، جيڪي نشانين جي اهڙي گروهه سان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن جي مرڪب جو مطلب ’ست اهم جايون‘ ٿيندو. ان کان پوءِ، مچينر، فنلئنڊ جي عالمن جي جوڙيل ڪنڪارڊنس (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو 1973) کي استعمال ڪري معلوم ڪري ٿو ته سنڌو- لکت جي 77 سلسلن ۾، ’ست انگ‘ جي نمائندگي ڪندڙ نشانيون موجود آهن، جن کي هو مثال ڏيئي سمجهائي ٿو (a1978: 21-22). اهڙين نشانين جو سڀني کان وڌيڪ نظر ايندڙ گروهه هي  آهي، جيڪو سنڌو- لکت جي 34 ٻٽن لکتن ۾ موجود آهي ۽ 14 ٻٽن(duplicate)  لکتن ۾ موجود ڏسجي ٿو. مچينر هن ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائي ٿو ته ڪنيئر ولسن کي سميري لکت جي نشاني ۽ سنڌو لکت جي نشاني۾ هڪ جهڙائي نظر آئي آهي، جڏهن ته سميري نشانيءَ جي معنيٰ آهي ’شهر‘ يا ’قلعبند جڳهه‘. هن سميري نشانيءَ جو صوتي ملهه ’باد‘ (bad) آهي (ڪنيئر ولسن 1974: 3-4)، مچينر وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته سنڌو لکت جي نشاني  ، سميري لکت جي هن نشاني  سان هڪ جهَڙائي رکي ٿي، جيڪا جبل جي نمائندگي ڪري رهي آهي، ۽ ان جو صوتي ملهه، ڪور (kur) آهي (a1978: 27). سنڌو لکت جي نشاني  ۽ سمير لکت جي هن نشانيءَ  ۾ مشابهت موجود آهي. جڏهن ته بيان ڪيل پڇاڙيءَ واري نشاني ’تيرٿ‘ (shrine) يا ’تخت‘ (throne) جي نمائندگي ڪري ٿي (a1978: 30)، تنهن ڪري هو هنن نشانين جي مرڪب  جي معنيٰ ’بادشاهه جي اهم جاءِ‘ ٻڌائي ٿو، جنهن جي معنيٰ جو پهريون اشارو موهن جي دڙي واري شهر ڏانهن ڏنو ويو آهي (a1978: 32).

مچينر جو اختيار ڪيل طريقه ڪار ۽ مفروضا اڳيئي معلوم آهن. نظر ائين اچي ٿو ته هو عام طور ڪنائر ولسن جي پوئلڳي ڪري رهيو آهي. سندس خيال آهي ته سمير جون تصويري نشانيون سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ ڪم آڻي سگهجن ٿيون.

مچينر ’ست اهم جاين‘ واري نشانين جي گروهه جو اڀياس ڪري نشانين جي ٻين گروهن جي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هن اهڙي کوجنا پنهنجي ڪتاب جي پوئين ڀاڱي ۾ ڏني آهي. هو هن ڳالهه ۾ هنٽر جو حامي آهي ته برهمي لکت، سنڌو- لکت تان ورتي وئي آهي، اهڙن لاڳاپن کي آڏو رکي، سمير جي بيان ڪيل ’ديلمون‘ (Delmun) ۽ ’ماگان‘ (Magan) لفظن کي سنڌو- ماٿريءَ جي شهرن ڏانهن منسوب ڪيو (a1978: 65) آهي.

کيس پوري پڪ آهي ته سنڌو- لکت ۾ ڪم آيل ٻولي، انڊو- يورپين آهي (a1978: 74). سندس ويچار آهي ته لٺ سان نظر ايندڙ ماڻهو (stick man) جمع جي صيغي جي علامت آهي. ٿانو‘ (jar) جهڙي نشاني لاءِ ٻڌائي ٿو ته اها لفظ جي تصوراتي (ideogram) پڇاڙي آهي، جنهن مان پتو پوي ته هن کان پوءِ ڪو نئون لفظ شروع ٿي رهيو آهي. (اها ڳالهه پهريائين هنٽر 1934: 59 معلوم ڪئي هئي).

اهو ’کليل پد‘ (open syllable) آهي جيڪو آخري پڇاڙي (determinative) نه، پر پڇاڙي (suffix) آهي (a1978: 30). سندس ڪتاب ۾ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه موجود آهي، پر اسان سندس تجويز ڪيل سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۽ لکت جي سڀاءَ بابت سندس نقطه نظر کي واضح ڪري رهيا آهيون.

مچينر جي ڪتاب تي تبصرو ڪي. آر. نارمن (1984) ۾ ڪيو هو. سندس بيان آهي ته مچينر:

...سنڌو- لکت ۾ سميري، ايلمي ۽ دراوڙي ٻوليءَ جي امڪانن کي ان ڪري رد ڪري ٿو جو انهن ٻولين ۾ حالت اضافت (Genitive case) جي پڇاڙي اَڪ Ak)، ان An، اَ A/ اِن (In سان ٿئي ٿي، جڏهن ته هن لکت ۾ ڪم آيل ٻوليءَ جي حالت اضافت واري پڇاڙي (Genitive Case ending) ’سَ‘ (sa) آهي. مچينر اهو ان ڪري سمجهي ٿو، جو ’ٿانو‘ (Jar) جهڙي نشاني يا ان جي بدليل صورت، ٻين نشانين ۽ برهمي لکت ۾ ’سَ‘ (Sa) اُچار جي نمائندگي ڪندڙ نشانيءَ جي شڪلين ۾ ڪجهه ٿوري گهڻي هڪ جهڙائي موجود آهي. سنڌو- لکت جي نشانيءَ ۾ اهڙي تبديلي پوئين دور سان لاڳاپيل آهي. جيڪڏهن مچينر، ڪرشن راءِ جيان، ’ٿانو‘ (Jar) جهڙيءَ نشانيءَ جو صوتي ملهه ’ڪ‘ (Ka) يا ’نه‘ (Na) مقرر ڪري ٿو ته پوءِ به سنڌو- لکت ۾ ڪم آيل ٻولي، انڊو آرين ڪانهي (نارمن 1984: 315. اصل تان ورتل اقتتاس). هن دعويٰ جي باوجود ته ڪڍيل نتيجا مفروضي جي تصديق لاءِ لکيل آهن (مچينر a1978)، پر پوءِ به سندس تحقيقي ڪم آزمائي ڏسڻ جي لائق نه آهي. سندس قائم ڪيل مفروضا به فنلئنڊ ۽ سويت ماهرن کان بلڪل مختلف آهن، پر ڪنائر ولسن جي مفروضن سان هڪ جهڙائي ضرور رکن ٿا. سندس اها تجويز ته سنڌو- لکت ۾ ڪم آندل ٻولي انڊو- يورپين آهي سا به گهڻو ڪري غلط آهي.

جيتري قدر منهنجي ڄاڻ جو تعلق آهي ته پروفيسر مچينر هن موضوع تي فقط هڪ ڪتاب لکيو آهي ۽ سنڌو- لکت تي هن وري ڪڏهن به قلم هٿ ۾ ڪو نه کنيو. هن کان پوءِ امڪاني ڀڃڻيءَ سان لاڳاپيل هڪ ٻيو ماهر آهي جنهن هن موضوع تي 1980 ۾ ڪي پئمفليٽ لکيا ۽ شايع ڪرايا هئا.

جان نيو بيري (Jhon Newberry)، 1980: سنڌو-لکت ۾ مينهن صورت ديوتا ۽ بد روحن کي قبضي ۾ ڪرڻ جو عقيدو (Shamanin):

 سنه 1980ع ۾ ڪئناڊا جي هڪ عالم، جان نيو بيري، سنڌو- لکت جي موضوع تي پئمفليٽن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو. سندس لکيل 47 مقالا ببليو گرافيءَ ۾ شامل آهن.

 

Figure 67. Chanhu-daro seal number 18 [Mackay 1943: Pl. LI. 18]

نيو بيري هن ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته سندس ڪيل کوجنا کي سنڌو- لکت جي نئين تحقيق جي نقطه نظر کان جاچيو پرکيو وڃي (ذاتي خط 27-فبروري 1992). کيس احساس آهي ته سندس ڪيل اڳين تحقيق، پوئين کوجنا جي ڀيٽ ۾ ايڏي اهم نه آهي. هتي اهو به معلوم ٿي رهيو آهي ته نيوي بيري، قديم سنڌو- لکت جي نشانين کي صوتي ملهه ڪو نه ڏنو آهي، پر ان جي صرفي نحوي جوڙ جڪ ڏانهن ڌيان ڏنو اٿس ۽ انفرادي نشانين جي معنيٰ به ان اصول کي آڏو رکي ڪئي آهي.

مون کي ڏنل سمجهاڻيءَ مطابق (ذاتي خط 27 فيبروري 1992)، نيو بيري مهر جي تصوير تي گهڻو ڀاڙيو آهي ۽ ان جي سمجهاڻي به تصويري ڳالهه جيان ڏئي ٿو. ان بابت سندس بيان آهي ته اها تصويري ڳالهه، هڪ جملو آهي. هن چانهونءَ جي دڙي جي هڪ مهر (مئڪي 1943: پليٽ L1 نمبر 18) جو مثال ڏنو آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهوءَ جي تصوير چيتي آڏو گوڏا کوڙيو جهڪي بيٺي آهي، جنهن جي مٿان هڪ وڻ ۽ سنڌو- لکت جون ٽي نشانيون موجود آهن (47: Feg)، نيو بيري هن کي ’صرفي لغوي‘ طور فاعل (subject)/ فعل (verb)/ مفعول (object) سمجهي ٿو ۽ سنڌو- لکت جي نشانين جي پڙهڻي ٿيندي: هڪ چيتي کي کارائي رهيو آهي“. هن تي نيو بيري تبصرو به ڪيو آهي (a1981: 2 ۽ a1982: 2).

پنهنجي پهرئين پئمفليٽ ۾ نيو بيري قديم شو (proto Shiva) جي علامتي صورت جي پرک ڪئي آهي ۽ پوريءَ پڪ سان چوي ٿو ته هن نشانين  سان گڏ نظر ايندڙ اها تصوير، بدروحن کي قبضي ۾ رکڻ وارو عقيدو (Shamanism) آهي. هيءَ شمن عقيدي سان لاڳاپيل لکتن مان هڪ آهي. مثال طور ديوتا جي پوڄا (Divine adortion) سان لاڳاپيل هڪ مهر  شمن عقيدي جي مختلف شادين جي رسم سان تعلق رکي ٿي. ستن ندين  جي ناگن (Nagas) شمن  جي نمائندگي ست ناچڻيون (Seven dancers)  ڪن ٿيون. شمن عقيدي موجب مکيه طرفن  نمائندگي، نشانين جو هي سلسلو  وهن (Vahana)  ڪري ٿو، ’شمن‘ ۽ ’مونث پپر شمن‘ وغيره ( نيو بيري 1980: 7).

هن ڀڃڻيءَ سان هيٺ ڏنل نشانين جو صوتي قدر مقرر ڪيو ويو آهي. (نيو بيري 1980: 4-7).

  شمن

 ٻه عورتون

 اولهه

  هَٿَ

  ڏکڻ

  ٻانهون

  عورت

 پپر جو وڻ

نيو بيري پنهنجي پوين تصنيفن ۾ سنڌو- لکت، ’تاتريه‘ لکت جي ٽڪين (tablets)، (a1988)، ’ٽراءِ‘ (Troy) جي ابتدائي نمونن (b1988)، ’فائسٽوس‘ (Phasitos) لکت جي ٽڪين (a1989) ۽ ’ونڪا‘ (Vinca) ثقافت جي لکت جي نشانين ۾ ڪن هڪ جهڙاين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. اهڙين هڪ جهڙاين جو دائرو تمام وسيع آهي، جن کي ڪا تاريخي ثقافتي معنيٰ ڪانهي ۽ منجهن هڪ جهڙائي هڪ جهڙين تصويري نشانين ڪري آهي.

منهنجي معلومات مطابق نيو بيريءَ جي هن تحقيق تي ڪنهن به ماهر تبصرو ڪو نه ڪيو آهي، پر هن ڪشادهه دليءَ جو مظاهرو ڪندي پنهنجون تصنيفون ڪيترن عالمن ڏانهن موڪلي ڏنيون هيون. سندس تحقيق جي طريقه ڪار ۾ بحث موجود نه آهي، تنهن ڪري ان تي تنقيد ڪري نٿي سگهجي. اهي اهڙي قسم جون ڀڃڻيون آهن. جن تي يقين ڪري به سگهجي ٿو ۽ نه ٿو به ڪري سگهجي، اهڙيون ساڳيون ڳالهيون ايم. اين. گپت (M.N. Gupta) لاءِ به چئي سگهجن ٿيون.

ايم.اين.گپت 1981: ڇند وديا (Prosody) وسيلي سنڌو- لکت کي ڀڃي سگهجي ٿو:

ڊاڪٽر ايم. اين. گپت، هندستان جو پينشن تي لٿل فزيشن آهي، جنهن سنڌو- لکت جي موضوع تي اهم مقالا لکيا هئا. (گپت b1981 ۽ 1983). ان کان سواءِ هن ٻيا به ڪيترا ننڍا وڏا مضمون لکيا آهن. هي ڊاڪٽر شروعات ئي هن نڪتي سان ڪري ٿو ته هيءَ لکت نجي هندستان (ڏکڻ ايشيا جي) جي آهي ۽ هن ڪنهن ٻيءَ لکت تان ڪا به نشاني ورتل ڪانهي. اها لکي ئي ان مقصد سان وئي هئي جيئن ويدن جي متروڪ سنسڪرتي لفظن جي لغت جوڙي تيار ڪئي وڃي، ۽ ان جو سيڪيولر ٻوليءَ ۽ دنيوي مضمون سان ڪو به لڳ لاڳاپو نه آهي. (b1981: 109). سندس خيال آهي ته هن لکت جو نشانيون ويدن جي لفظن سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون، جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته هنن نشانين جي شڪل ۽ صورت ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪانه ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ ته اهي سوچي سمجهي تڪي توري ائين لکيون ويون آهن.

گپت جي تجويز آهي ته هن لکت جو ’علم عروض‘ ڇند وديا مطابق تجزيو ڪري سگهجي ٿو، يا انهن جو اڀياس به ويدن جي شلوڪن جي اصول موجب ڪري سگهجي ٿو. هن جي ڀڃڻي به شاعري جي وزن بحر يا ماترائن وسيلي معلوم ڪري سگهجي ٿي (b1981: 13-11) سندس تجويز ڪيل ڀڃڻيءَ جو طريقه ڪار هيٺ ڏجي ٿو:

(1) سنڌو- ماٿريءَ جي ٻوليءَ جي صوتين جي فهرست (Phoneme Inventory) تيار ڪئي وڃي.

(2) هر صوتيه جي انفرادي اڻ چٽي زاويي فاصلي (Combinatory Latitude) جو اڀياس ڪيو وڃي.

(3) روايتي سرن ۽ وينجنن جي ٻن حصن ۾ تقسيم (Dichotomy) جو اڀياس.

(4) وينجنن جي مختلف صورتن جي منڍ (initials) ۽ آخري (finals) جي نسبتي تعداد (relative frequency) جو اڀياس ڪرڻ. اهڙيءَ ريت سنسڪرت جي خوشگوار آواز جي اصول، هجي بندي (Syllabication) جي طريقه ڪار يا گرداني پڇاڙي (Inflectional ending) جي بنيادي (Sup) ۽ (Tin) پڇاڙين جو پتو پئجي وڃي ٿو.

(5) نالن جي علم عروض جو اڀياس (گپت b1981-13-12).

گپت هڪ ٽيبل ڏني آهي، جنهن ۾ هن ماترائن سان لاڳاپيل مرڪب قسم جون ڪي نشانيون تجويز ڪيون آهن، (b1981: 111) پر ان جو پتو ڪو نه ٿو پوي ته اهي نشانيون ڪهڙي اصول تحت تجويز ڪيون آهن. ٻئي ٽيبل (B1981-110) ۾ هيءُ ٻڌائي ٿو ته سنڌو- لکت جون ڪي نشانيون الف-ب سان واسطو رکن ٿيون ۽ ڪي پدايون (Syllabic) آهن. ڪن نشانين لاءِ ٻڌائي ٿو ته اهي وينجن مرڪب آهن ته ڪن لاءِ چوي ٿو ته سُر ماترائون (vowel prosodies) آهن، هن صوتي ترڪيب مطابق ڪي نالا (Onomatopoeia) ٻڌايا آهن، پر اُهي چٽا نه آهن. ان هوندي به جيڪڏهن اها تصديق ٿي وڃي ٿي ته هن لکت ۾ نالا موجود آهن ته ڀڃڻي معلوم ڪرڻ واري محقق لاءِ اهو طريقو نهايت ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو.

گپت، 1983 واري مقالي ۾ مهرن ۾ نظر ايندڙ تصويرن کي ويدن ۽ ويدن واري دور سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجيءَ دعويٰ جي پٺڀرائيءَ لاءِ گهڻيون هڪ جهڙايون تجويز ڪيون آهن ته هن لکت ۾ ڪم آندل ٻولي، سنسڪرت جي هڪ شڪل آهي. آخر ۾ هيءَ تجويز ڏئي ٿو ته: ”مون تصوير ۾ نظر ايندڙن جانورن جي وضاحت بابت گهڻو بحث مباحثو ڪيو آهي ته اهي مهرن وارين لکتن جا لڪل خالق آهن. اهي مهرن وارا جانور، سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي جادو، ٽوڻي ڦيڻي سان لاڳاپيل ڪن رسمن جي نمائندگي نه ٿا ڪن. منجهن خاص قسم جو پيغام آهي ۽ اهي ڪنهن خاص واقعي يا ڪن خاص واقعن جي سلسلي جو بيان ڪري رهيون آهن. منجهن جادو، جن، ڀوت، ڏئيت، بُت پرستي، باطني مذهبي مسلڪ يا اصول، لِنگ (Phallic) ۽ نانگ پوڄا سان تعلق رکندڙ ڪا به ڳالهه موجود نه آهي (1983: 52).

گپت جون شايع ڪرايل حقيقتون، ڪا چٽي معلومات فراهم نه ٿيون ڪن. تنهن ڪري سندس پيش ڪيل ڀڃڻيءَ جي اصول جي ڪنهن به محقق پوئلڳي ڪانه ڪئي آهي. هن جو پيش ڪيل اهو نظريو ته سنڌو-لکت ۾ سنسڪرت ٻولي ڪتب آندي وئي آهي يا اهو مفروضو ته سنڌو-لکت جون ڪجهه نشانيون الف-ب جا اکر آهن، ممڪن نه آهي. گپت ٻين تي تنقيد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. هن کي انهن ماڻهن جي فهرست ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو، جن سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن جي زندگي بابت کوجنا ڪئي آهي.

ڪرشن راءِ جي کوجنا ۾ به ويدن سان لاڳاپيل گهڻو مواد موجود ڏسجي ٿو. هي محقق ڪنهن زماني ۾ ’آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ ۾ ملازم هو. کيس قديم آثارن جي ڳولا ۽ کوٽائيءَ جو وسيع تجربو ۽ مهارت حاصل هئي. هن پنهنجيءَ کوجنا جو مرڪز هڪ مهر کي بڻايو آهي، جنهن ۾ ’قديم شوَ‘ (Proto-Siva) يا ’مينهن ديوتا‘ آهي. سندس تحقيق جو ماخذ ويد آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org