فادر هينري هيراس، اسپين جو ڪئٿلڪ هو ۽ بمبئي
يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر هو. هن پڻ سنڌو- لکت تي
کوجنا ڪئي هئي، سندس اهڙي تحقيق کي هن ڪتاب ۾ ان
ڪري شامل ڪيو ويو آهي، جو هن، سنڌو- لکت کي سمجهڻ
واسطي، ڏکڻ ايشيا جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي ڪتب آندو
آهي. هيراس، گهڻي وقت کان وٺي، هن لکت ۾ دلچسپي
رکندو هو ۽ هن 1934ع کان وٺي، هن موضوع تي مقالا
لکڻ شروع ڪيا هئا. سندس تحقيق کي هن ڪتاب ۾ ان ڪري
شامل ڪيو ويو آهي، جو هن ’پروٽو، انڊو- ميڊيٽرينين
ڪلچر‘ نالي سان پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌو- لکت جي موضوع
تي هڪ نئين قسم جي تحقيق ڪئي آهي، جيڪو هن 1953ع ۾
ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هينري هيراس جو، سنڌو- لکت
بابت اهو عالمانه نقطه، نظر آهي ۽ ان تي هتي بحث
ڪرڻ مناسب به آهي.
فادر هينري هيراس، 1953ع
(S.J. Father Henry Heras)
دراوڙي ٻوليءَ وارو نظريو:
تعارف:
فادر هينري هيراس، سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ تائين پهچڻ
لاءِ ٻن قسمن جي محنت ڪئي هئي. پهريون ته هن لکت
بابت ڪيل تحقيق جي ببليوگرافي ترتيب ڏني هئي.
هيراس (1953a:
XXXVIII-
Cix)
انهيءَ زماني ۾، سنڌو- لکت تي تحقيق ڪرڻ جي ڏس ۾،
اهو هڪ ناياب ذريعو (ماخذ) هو. ابتدائي دور ۾ سندس
هن ڪتاب کي سنڌو- سڀيتا بابت پڻ اعتبار جوڳو ماخذ
تسليم ڪيو ويندو هو. ان کان پوءِ هن، سنڌو لکت تي
ڪيل تبصرن جو مطالعو ڪيو (هيراس
1953a:
29: 61)، جنهن جي مدد سان سنڌو- لکت بابت مفروضن
کي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪري، هن لکت بابت پنهنجي
سمجهاڻي ڏني، جيڪا اسين هتي پيش ڪري رهيا آهيون
هيراس
1953a:
61- 129).
مفروضا
سنڌو- لکت جي تحقيقي ڪم جي پهرئين حصي کي هن، ’Preparing
for Decipherment‘
جو عنوان ڏنو هو (1953a:
61- 66). ان کان پوءِ هن، سنڌو- سڀيتا کي سمجهڻ
واسطي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ ڏهه نڪتا بيان ڪيا هئا،
جن تي هن ڌار ڌار بحث ڪيو آهي:
1. موهن جي دڙي ۽ هڙپا جا کنڊر اڻ آريائي آهن.
2. قوي امڪان آهي ته موهن جي دڙي جا آثار درواڙي
هجن.
3. موجوده دور جا بروهي، موهن جي دڙي جي رهاڪن جا
پونير نه آهن.
4. دراوڙ، ميڊيٽرينن نسل جي شاخ آهن.
5. موهن جي دڙي جا ماڻهو امڪاني طور دراوڙ هئا ۽
دراوڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا.
6. موهن جي دڙي جا ماڻهو موجوده دور واري ڪابه
دراوڙي ٻولي ڪونه ڳالهائيندا هئا. امڪان آهي ته
اُها موجوده دور جي دراوڙي ٻولين جي ماءُ هجي جنهن
کي
Proto-Dravidian
سڏي سگهجي ٿو.
7. هن ابتدائي يا قديم دراوڙي ٻوليءَ جي علم صرف ۽
گهاڙيٽي جو تعين يا ته لفظن جي ڌاتوئن
(Roots of words)
۽ لفظن جي اصلي معنيٰ سان ڪري سگهجي ٿو يا وري
ڌاتو جي معلوم ڪرڻ کان پوءِ اشتقاقي معنيٰ
(Derivative meaineg)
کي نظر ۾ رکي بلڪل ويجهڙن لفظن جي مهر سان.
8. ان قديم دراوڙي
(Proto- Dravidian)
ٻوليءَ جو گرامر (ويا ڪرڻ) اوسر جي ابتدائي مرحلن
۾ هوندو يا بلڪل اڻ سڌريل هوندو.
9. سنڌو- لکت، تصويري-صوتياتي
(Picto- Phonographic)
تحرير آهي.
10. سنڌو- لکت جون نشانيون، پدن جي نمائندگي نٿيون
ڪن. انهن جو ’وينجن‘
(Consonants)
جي آوازن سان گهٽ تعلق ڏسجي ٿو. ليڪن اهي مڪمل لفظ
جي نمائندگي ڪن ٿيون.
فادر هيراس جي هنن بيانن ۾ گهڻا مونجهارا آهن.
انهن مان قديم ٻولي
(Archeo – linguistic)
جي تحقيق مطابق ڪي اهڙا به آهن، جيڪي سونهري اصول
(Golden rule)
جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، يعني انساني نسل، (human
biology)،
ٻولي ۽ تهذيب، ٽيئي جدا ۽ هڪ ٻئي کان آزاد شيون
آهن. ائين چوڻ ته موهن جي دڙي جا ماڻهو دراوڙي نسل
جا هئا ۽ دراوڙي ٻولي ڳالهائيندا هئا، سندس هي
مفروضو به هروڀرو صحيح ڪونهي، جنهن جي آڌار تي ڪو
تاريخي نتيجو ڪڍي سگهجي. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته
بروهي، ٻئي دراوڙي نسل جيان ڪونه آهن. گهٽ ۾ گهٽ
جسماني ساخت
(Phenotypestraits)
جي لحاظ کان.
جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل ’سونهري اصولن‘ تي ويچاربو ته
هن ڳالهه جو ڪيئن تعين ڪري سگهبو ته موهن جو دڙو،
دراوڙي تهذيب سان واسطو رکي ٿو، يا آهي يا آريائي
تهذيب سان. دراوڙي قديم آثار، ڪهڙيءَ شڪل ۽ صورت
جا ٿيندا آهن. بوس
(Boas)
هڪ اهم ڳالهه ٻڌائي آهي ته هتي جون اڏاوتون، ڀلي
دراوڙي اڏاوتن جيان هجن، پر هن ڳالهه جو به امڪان
آهي ته اُتي جا رهاڪو، متان ڪا انڊو- يورپين ٻولي
ڳالهائيندا هجن، ۽ سندن نسلي ورثو اهڙو هو، جيڪو
کين اوڀر (يا ٻئي پاسي) ڏانهن گهيلي آيو هو.
ڀڃڻي:
هيراس ٻڌائي ٿو ته هن پهريائين ٿانو جهڙي نشانيءَ کي ڀڳو
هو (1953a-66-67).
هيءَ نشاني، گهڻو ڪري سنڌو لکت جي سلسلي جي پڇاڙي
هوندي آهي. ٻيو ته مهرن تي لکيل پيغام، ماڻهن جا
نالا يا لقب آهن. تنهن ڪري هن نشاني کي حالت اضافي
(genetive case)
جي پڇاڙي سمجهڻ مناسب هو، يعني هيءَ مهر .... جي
آهي. ٻيا به ڪيترائي عالم هن ئي ساڳئي نتيجي تي
پهتا آهن. هي هڪ بهتر مفروضو آهي، پر صحيح هجڻ جي
پڪ ڪا نه آهي. باقي رهيل نشانين مان ڪن جي ڀڃڻي هن
ريت ڏني وئي آهي: نشانيءَ جي سڀاءَ کي ڏسي ان جي
حتمي معنيٰ مقرر ڪئي وئي. مون موجوده دور جي
درواڙي ٻولين جي لفظن جو اڀياس ڪيو، جن ۾ ’تولو‘
(Tulu)،
’برهوئي‘
(Brahui)،
’ڪُڊاگو‘
(Kudago)،
’ارون‘
(Uraon)
۽ ’ڪُئي‘
(Kui)
شامل آهن. لفظن کي گڏي منجهائن قديم لفظن جي چونڊ
ڪئي وئي؛ ڪڏهن وري لفظ جي پاڙ کي چونڊيو ويو. پوءِ
انهن جي منڍ ۽ پڇاڙيءَ وارا وينجن ڪيرايا ويا.
اهڙيءَ ريت اهي اصل لفظ چونڊيا ويا، جيڪي قديم
زماني ۾ موهن جي دڙي جا ماڻهو ڪتب آڻيندا هئا. هتي
ڪنهن ’معمي‘
(Rebas)
کي ڪتب ڪونه آندو ويو، پر سنڌو- لکت جي نشانيءَ جي
شڪل مان معنيٰ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هيراس، هر
هڪ تصويري نشانيءَ کي معنيٰ ڏني آهي،
(1953-68-75)، جن مان ٿورين جو مثال هيٺ ڏجي ٿو.
ديوتا |
ڪاڙوول |
(KaduVal) |
چئن ٻانهن سان ماڻهو، انسان جي عام
شڪل کان مختلف ۽ هندستان جي ديوتائن
جي روايتي جيودان آهي. |
|
ماڻهو |
آلهه |
(al) |
ماڻهوءَ جي سادي قديم شڪل |
|
تيرانداز |
وِلن |
(vilan) |
|
|
گهَٽو |
ايڙو |
(edu) |
هيٺ جهڪيل منڍيءَ سان گهيٽو |
|
ڪُوِلِ
ant |
ايروو |
(eruvu) |
|
|
جبل، غالب |
ڪو |
(ko) |
|
|
گهر |
اير |
(ir) |
|
|
موت |
ڪا |
(ka) |
مڙهه سان لاڳاپيل يادگار
جنهن اڳتي هلي اسٽوپا جي
شڪل اختيار ڪئي. ان
هيٺان ڪو ماڻهو پوريل آهي.
|
|
مٿي ذڪر ڪيل ڪي تصويري لکتون ويساهه جوڳيون آهن،
پر ’ڪول‘ ۽ ’گهٽي‘ واري تصويري نشاني، قابلِ قبول
نه آهي. هيراس به ٻين جيان تصويري نشانين جي هڪ
جهڙائي واري اصول کان ٻاهر نڪري وڃي ٿو. ان جو
ڪارڻ اهو آهي ته سنڌو- لکت ۾ اهڙيون تصويري
نشانيون ٿوريون آهن، جن جي مشابهت دنيا جي عام شين
جهڙي هجي.
ان کان پوءِ هيراس، سنڌو- لکت جي ٻٽي درجي جي
نشانين جو ذڪر ڪري ٿو، جن کي هو ’صوتياتي نشانيون‘
(phonetic signs)
سڏي ٿو (a
1953: 75- 80). اهڙيون نشانيون ڪنهن شئي جي شڪل
جهڙيون تصويري نشانيون نه آهن، پر تصوراتي نشانيون
آهن. اهڙين نشانين کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ هن اهو طريقه
ڪار ڪم آندو آهي، جو ٻين قديم لکتن جي هڪ جهڙين
تصويري نشانين جي چونڊ ڪري، انهن جو صوتي ملهه
سنڌو-لکت جي نشانيءَ کي ڏنو اٿس. سمير جي هن نشاني
جي
معنيٰ آهي ’ٺاهڻ‘. سنڌو-لکت ۾ به هن جي هم شڪل
نشاني آهي.
قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ’ٺاهڻ‘ لفظ جو ڌاتو ’ڪيئي‘
(kie)
آهي. سنڌو- لکت جي هن نشانيءَ کي به اها معنيٰ ڏني
وئي آهي. هن لکت جي اهڙين نشانين کي معنيٰ ڏيڻ
لاءِ سمير، مصر، هتي ۽ چين جي قديم هڪ جهڙين
نشانين کي ڪم آندو ويو آهي. هن مقصد لاءِ چين جي
قديم نشانين جي انهيءَ ڪري چونڊ ڪئي وئي آهي، جو
موهن جي دڙي مان لڌل ٺڪر جي ننڍين شين جو نمونو،
چين جي اهڙين شين سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. (هيراس
a
1953- 76).
سنڌو-لکت جي نشاني |
آواز |
معنيٰ |
سيسري
نشاني |
آواز |
معنيٰ |
|
ڪيئي
(kie) |
ٺاهڻ |
|
دو
(du) |
ٺاهڻ |
|
ڪان
(kan) |
اک، ڏسڻ |
|
اِگي
(igi) |
اک |
|
پير
(per) |
وڏو |
|
گل
(gal) |
وڏو |
|
نيل
(nila) |
زمين |
|
ڪور
(kur) |
زمين |
|
ڪوويل
(kovil) |
مندر |
|
بار
(bar) |
تيرٿ-مندر |
|
تير(tir) |
جج،
فيصلو
ڪرڻ، اندازو ڪرڻ |
|
تار
(tar) |
جج- |
چيني نشانين سان هڪ جهڙائي رکندڙ نشانيون:
سنڌو-لکت جي نشاني |
آواز |
معنيٰ |
چيني نشاني |
آواز |
معنيٰ |
|
ڪاني
(kani) |
تير |
|
شبهه
(shieb) |
تير |
|
ڪان
(kan) |
راجا، سردار |
|
وئنگ
(wang) |
راجا |
|
مڪيل
(mukil) |
جهڙ ڪڪر |
|
يون
(yun) |
ڪَڪَرَ |
هيراس ڪجهه مرڪب نشانيون
(Compound signs)
يا متصل يا دت اکر
(legatures)
ڏنا آهن (a
1953: 81-83). هن ڪتاب ۾ ڪن نشانين کي گڏي هڪ مرڪب
جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويو آهي جن جا صوتي ملهه مٿي
بيان ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ: = جنهن جي
معنيٰ آهي وڏو ماڻهو
(Peral)
پيرال (a
1953: 81).
هيراس، نشانين جون ڪي ٻيون ڳالهيون به ٻڌائي ٿو،
جنهن کي هو آخري پڇاڙي
(determinative)
سڏي ٿو. سندن بيان توقع کان وڌيڪ پيچيدهه آهي. ڪٿي
ته معمي وارو اصول پيو ڀانئبو.
سندس خيال مطابق ٽوپلي جهڙي جي ننڍڙي نشاني آخري
پڇاڙي آهي. اهڙيءَ ريت هيٺ ڏنل نشانيون ڄڻ صحيح
پيون ڀانئجن:
=
ويلهه
(vel) =
=
ترشول
(trident)
=
ويلهان
(velan)-
ترشولن مان هڪ
نيل
(nila) =
زمين
(land)
=
نيلوان
(nilvan) =
زميندار
=
ڪو
(ko) =
جبل، ڪوهه
(mountian)
ڪون
(kon) =
راجا
هن، مڇي جهڙيءَ نشانيءَ مين
(min)
جو صوتي مُلهه ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته قديم دراوڙيءَ ۾،
مڇيءَ ۽ چنڊ کي مين
(min)
سڏيو ويندو آهي. مڇيءَ جي هن نشانيءَ کي معمي جي
اصول مطابق چنڊ ۽ ڪنهن روشن شيءِ لاءِ به ڪتب آڻي
سگهجي ٿو. ٻين عالمن به قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ ڪم
ايندڙ نشانين ۽ لفظن ۾ موجود اهڙن تعلقاتن کي مڃيو
آهي، جن ۾ فنلئنڊ ۽ روسي محقق به شامل آهن.
فادر هيراس جي اصول موجب مهرن جون پڙهڻيون:
مهرن جي پڙهڻ واسطي هيراس جو قائم ڪيل اصول ڪتب
آڻي سگهجي ٿو، موهن جي دڙي ما لڌل ڊگهي لکت واري
مهر,
مارشل
a
1931- نمبر 400 جي هن هيٺ ڏنل ڀڃڻي مقرر ڪئي آهي
جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي.
Read: the cow (which are) in velur of the
harvest-afflicted three Bilavas of the two
southern known shepherds of the fish-eyed of mina
of the Minas who are the high sun (Heras 1953a:
107).
The seal in Marshal (1931a: P1. C1x, No.
253): (Figure 64).
هن مهر، نمبر 253 مارشل
a
1931 پليٽ
C1X
جي پڙهڻي هن ريت مقرر ڪئي آهي.
Read: “the three decrees about the river of the
middle (properly figure 64. Marshall seal no.
Middling) mountains of the union of the separate
countries” (Heras 253 Marshall 1931a. p1. 1953a:
104).
مٿي ڏنل ڀڃڻين مان منجهيل مطلب نڪري ٿو، پر هنن
ڀڃڻين جي خبر ڪنهن کي به ڪانهي.
فادر هيراس جي تحقيق تي تنقيدي جائزو:
جي. آر. هنٽر پهريون عالم آهي جنهن سنڌو-لکت جي
تحقيق لاءِ هڪ منظم طريقه ڪار جو بنياد رکيو هو.
هي عالم پڻ هن لکت کي ڀڃي ته ڪو نه سگهيو هو، پر
ان مقصد لاءِ جاکوڙيو تمام گهڻو هئائين. ته هن لکت
جي اندروني جوڙجڪ ڪهڙي آهي. هي پنهنجي هن مقصد ۾
ڪامياب ته ويو، پر سندس تحقيق جو حقيقي مقصد اهو
ڪو نه هو. فادر هيراس وري اُهو پهريون عالم هو
جنهن سنڌو-لکت جي مڪمل ڀڃڻيءَ لاءِ هڪ منظم
طريقيڪار اختيار ڪيو هو. سندس اصل مقصد مهرن کي
پڙهڻ هو. ان نقطه نظر کان هيراس، اهو ماڻهو هو،
جيڪو سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي کيتر ۾ پهريائين داخل
ٿيو.
پر سندس ڀڃڻيءَ جي طريقه ڪار جي ناڪاميءَ کي
ڪيترين ئي جاين تي محسوس ڪري سگهجي ٿي، جيڪا هن ڪن
مفروضن قائم ڪرڻ کان پوءِ شروع ڪئي هئي. هن تصويري
نشانين کي صوتي ملهه ڏنو آهي ۽ معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، جيڪا سوچ سندس ذهن جي پيداوار آهي. هن
صوتي ملهه لاءِ جيڪي نشانيون مقرر ڪيون آهن، سي
به خيالي آهن. سندس مقرر ڪيل ڀڃڻيون بلڪل اڻ
چٽيون، پيچيده ۽ ڊگهيون آهن، جن مان ڪو مفهوم ڪو
نه ٿو نڪري.
جيڪڏهن سندس تحقيقي ڪم کي ٻين عالمن جي تحقيقي ڪم
سان ڀيٽي ڏسبو ته سندس کوجنا اعليٰ معيار جي نظر
ايندي. سندس تحقيق منظم طريقي سان ڪيل هئي. هن ڪي
مفروضا پڻ قائم ڪيا هئا. هن، ڀڃڻيءَ جو اهڙو طريقو
اختيار ڪيو، جيڪو چٽو ۽ سمجهه ۾ اچڻ جوڳو هو،
تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ٻين جي ڀيٽ ۾ سندس ڪيل
تحقيق وڌيڪ چڱي آهي. گهٽ ۾ گهٽ اسان اهو ته چٽيءَ
ريت ڏسي سگهون ٿا ته هن، غلطي ڪٿي ڪئي آهي ۽ اُتي
ڳجهين ۽ منجهيل سمجهاڻين کان پاسو ڪري ويو آهي.
ڪئمل زويلبل هن لاءِ پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت
ڪيو آهي:
”جيتري قدر هيراس جو تعلق آهي ته مان بمبئيءَ ۾
پروفيسر طور ڪم ڪندڙ هن عيسائي راهب لاءِ پنهنجي
راءِ جو هن ريت اظهار ڪرڻ چاهيان ٿو ته هيءُ
پهريون ماڻهو آهي جنهن منظم ۽ بااصول طريقي سان
سنڌو-لکت جي مڪمل ڀڃڻيءَ ۽ ان ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ
لاءِ جاکوڙيو آهي. هن اهو به نتيجو ڪڍيو هو ته
سنڌو-ماٿريءَ جي ٻولي، قديم تامل هئي. هن کان ويهه
سال پوءِ، فنلئنڊ ۽ روس جي ماهرن، پنهنجيءَ تحقيق
جو بنياد سندس قائم ڪيل اندازي ۽ مفروضن تي رکيو
هو. هن چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سنڌو-لکت جي
ڀڃڻيءَ بابت تازيون ڪوششون، هن جي قائم ڪيل مفروضن
۽ اندازن کان نشانين کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جو
طريقيڪار، انهن جي ڀڃڻيءَ بابت، هينري هيراس وٽان
وڏو اُتساهه مليو آهي. لکت جي معمي ۾ هڪ جهڙن
اچارن وارن لفظن جي استعمال وارو اصول، سندس
تحقيقي مقالي ۾ اڳيئي موجود آهي.“ (زويلبل 1985:
156).
ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته فادر هينري هيراس،
سنڌو-ماٿريءَ تي تحقيق واسطي اوچتو نڪري نروار ٿيو
هو. اسان سمجهون ٿا ته اهو غلط به هوندو، پر هو
کوجنا لاءِ اهڙا اصول قائم ڪري ويو آهي، جو اڄ به
انهن کي بهتر سمجهيو پيو وڃي، توڙي جو ڪمپيوٽرن،
هن موضوع جي تحقيقي ڪم کي تيز رفتاريءَ سان اڳتي
به وڌايو آهي.
ڊاڪٽر اننت پي. ڪرمارڪر
(Dr. Anant P.Karmakar):
سنسڪرت، هيراس ۽ سنڌو-لکت:
ڊاڪٽر اننت پي. ڪرماڪر 1944، ۾ سنڌو- لکت جي
ڀڃڻيءَ بابت هڪ مختصر مقالو لکيو هو، جنهن کي ڪنهن
به صورت ۾ ڀڃڻي سڏي نٿو سگهجي. سندس نقطه نظر هو
ته سنڌو- لکت جي مهرن ۾ انڊو-يورپين ٻولي ڪتب آندي
وئي آهي، ۽ هن لکت جي ڀڃڻي به، هن حقيقت کي نظر ۾
رکي مقرر ڪئي وڃي. سندس منطق عجيب هو. هن جو خيال
هو ته هينري هيراس جو قائم ڪيل ڀڃڻيءَ جو اصول
صحيح آهي، پر ٻوليءَ بابت سندس نقطه نظر غلط آهي.
’ڪرماڪر‘ جو هي مقالو، هيراس جي خيالن جي چوري هو،
۽ هيراس به پنهنجي رد عمل جو نرالي نموني اظهار
ڪيو هو. (هيراس 1953: 57).
سنڌو-لکت تي تحقيقي ڪم 1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي
جي شروعاتي حصي ۾ ڪجهه ٿڌو ٿي ويو، پر ڪمپيوٽر جي
ايجاد ٿيڻ کان پوءِ هن لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ هن
نشانيءَ کي
ماهرن پنهنجي ترڪش جو اهم تير سمجهيو هو، پر پوءِ
به هن نشاني کي وڌيڪ
اهم سمجهيو ويو هو.
سويت ماهرن جو گروهه (1965). هنن پنهنجي مدد لاءِ
ڪمپيوٽر ڪم آندو هو:
سن 1965ع ۾ ماسڪو جي، اين. اين. مڪلائوچو-مڪلاءِ
انسٽيٽيوٽ آف ايٿنو گرافي
(N.N.Mikloveho-Maklai Institute of Ethnography)
طرفان روس جي ماهرن جو هڪ گروهه آيو هو، جنهن
کوجنا کان پوءِ، سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ تائين پهچڻ جي
دعويٰ ڪئي هئي(اليڪسيف
Alekseev
۽ سندس ساٿي 1965). ان اعلان کان ستت ئي پوءِ هن
تحقيق سان لاڳاپيل پنج ڪتاب (ڪوروزوف، وولچوڪ ۽
گوروف 1986، ڪروزوف، البيديل ۽ وولچوڪ 1970، ڪرو
زوف، البيڊيل ۽ وولچوڪ 1972، ڪورو زوف، وولچوڪ،
گوروف ۽ سجگين 1975، ڪوروزوف البيڊيل ۽ وولچوڪ
1981) ڇپائي پڌرا ڪيا هئا. اهو سارو مواد، ابتدائي
اعلان سان لاڳاپيل هو. ڪجهه مواد، انگريزيءَ ۾ به
ڇاپيو ويو آهي. سنه 1965 ۽ 1966 واري اعلان جو
روسيءَ مان انگريزي ترجمو زائيڊ
Zide
۽ ڪورو زوف
(Krorozov)
ڪيو هو، جنهن کي تنقيدي تبصري سان گڏ ڇپايو ويو
هو. 1968 واري اعلان جي ڪنهن حصي جو ترجمو ايڇ. سي
پانڊي
(H.C.Pande)
(1969)، ڪوروزوف البيديل ۽ وولچوڪ ڪيو (1981) جنهن
کي نائُڪا
(Naeeka)
اداري، انگريزيءَ ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو هو.
پهريون ڪتاب مختلف محققن جي ڇهن مقالن تي مشتمل
آهي، جنهن ۾ سويت عالمن جي سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي
ويجهي پهچڻ جو احوال ڏنل ڏسبو. انهن مقالن جو ڪتاب
۾ به رنگ ڍنگ اهو ساڳيو آهي، جيڪو سندن پهرئين
ڀيري ڇپجڻ وقت هو,
جنهن سان گڏ زائيڊ ۽ زوبلبل جا تنقيدي تبصرا به
موجود آهن (1976).
هن تحقيقي ڪم جي ڪنجي,
اهو تصور آهي ته سنڌو-لکت جا ڪجهه سلسلا ’ٻَلَ
چاڙهڻ‘
(sacrifice)
سان لاڳاپيل ڏسجن ٿا. روسي عالمن جي هن گروهه،
گڏيل قسم جو اختلافي بحث مباحثو نه ڪيو آهي، پر ان
ساري ڪم تي اڪيلي سر ڪورو زوف تبصرو ڪيو آهي (b
1970: 23- 24). هن هڙپا مان هٿ آيل ننڍڙين ٽڪين
(tablets)
جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي، جن تي مڇيءَ، سهڙ ۽ ڪڏهن ميسر
(gavial)
جي تصوير اڪريل نظر اچي ٿي. هنن ٽڪين لاءِ چيو
ويندو آهي ته قديم آهن، پر اڃا تائين اهو تعين ڪو
نه ڪيو ويو آهي ته موهن جي دڙي مان هٿ آيل قديم
ترين لکت کان به وڌيڪ قديم آهن يا نه.
ابتدائي دور جي پٿر جي ننڍن ٽڪين تي، مهڙ واري
پاسي به لکت آهي. پوئين دور جي مٽيءَ جي پنوڙن ۽
چينيءَ تي پڻ مهر جي پٺيءَ جا ساڳيا نشان نظر اچن
ٿا، ۽ انهن جي ٻنهي پاسن تي لکت موجود ڏسڻ ۾
ايندي.. ٺپيل نشانن مان معلوم ٿيندو ته هن مقصد
لاءِ ٻن قسمن جي مهرن کي استعمال ڪيو ويو آهي ۽
ٺپيل شيءِ جي مهڙ واري پاسي تي مهر جو به مهڙ وارو
طرف ٺپيو ويو آهي. پوئين دور جي ڪيترين مهرن تي
نظر ايندڙ لکت، هوبهو هڙپا مان لڌل ننڍين مهرن جي
مهڙ واريءَ لکت جهڙي آهي، يعني لکت جو بنيادي بلاڪ
۽ بدليل صورت، نشانين
(Vauable signs)
جو ساڳيو گروهه ڏسڻ ۾ ايندو. نظر ائين ٿو اچي ته
هن قسم جي لکت ’ٻَلَ چاڙهڻ‘ جي ڌرمي رسم جي عبادت
جو حصو آهي. ننڍڙي مهر جو پٺيون يا ابتو پاسو، لکت
جي آخري بلاڪ يا آخري حصي ۽ تصوير
(image)
جي نمائندگي ڪري ٿو (مثال طور ڏسو
H-324, H314
وغيره). ڪن مهرن جي پٺئين پاسي، ڪنهن ديوتا جي
تصوير ڏسڻ ۾ ايندي آهي. امڪان آهي ته اها تصوير
متان ان ديوتا يا ديويءَ جي هجي، جنهنجو نالو
بنيادي بلاڪ يا بنيادي حصي ۾ مهر جي مهڙ واري پاسي
تي موجود آهي. ڪن مهرن تي ديوتا ۽ ديويءَ جي تصوير
بدران، وڻ جي تصوير هوندي آهي (مارشل
a
1931: پليٽ
Cx,
نمبر
H-327, H 325).
صورتحال مان معلوم ٿي رهيو آهي ته پنڊتن، قديم دور
واريون مهرون (پوئين دور جون ٻل چاڙهڻ جي عبارت
واريون پڻ)، پوڄارين کي ٻل چاڙهڻ
(Sacrifice)
جي مقصد سان ورهائي ڏنيون هونديون. (خاص قسم جي ٻل
چاڙهڻ جي رسم مندر جو مقرر عملو پاڻ سرانجام ڪندو
هوندو).
(Knorozov 1970b:24 original emphases slightly
edited for grammatical consistency)
هي هڪ مفروضو يا دعويٰ آهي. هڙپا مان ٻل چاڙهڻ يا
قربانيءَ جي ڪا ثابتي ڪانه ملي آهي، يا ان ڌرمي
رسم سان لاڳاپيل ڪو لکيل مواد به ڪو نه مليو آهي،
جنهن کي ڪورو زوف قربانيءَ ڏانهن منسوب ڪري رهيو
آهي. هن قسم جي خراب شروعات يعني پهرئين روسي
اعلان (اشاعت) جي تبصري کان پوءِ جي. وي. اليڪسيف
(G.v. Alekseev)
جو مقالو شايع ٿيو هو.
جي. وي. اليڪسيف:
جي. وي. اليڪسيف (1965)، سنڌو-لکت جي نظام جو ملهه
مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ پنهنجو گهڻو وقت لکت
جي طرف معلوم ڪرڻ تي کپائي ڇڏيو هئائين. گهڻيءَ
کوجنا کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته مهرن سان ٺپيل
لکت، ساڄي کان کاٻي آهي ۽ لکت ٿيل مواد کي به هن
اصول کي نظر رکي پڙهي سگهجي ٿو. پر هن ڳالهه جو
يقين ته گئڊ ۽ سڊني سمٿ 1931ع ۾ ڪري چڪا هئا.
اليڪسيف پنهنجيءَ هن راءِ جو به اظهار ڪيو آهي ته
هن لکت ۾ هڪ نشانيءَ جون مختلف صورتون
(Allographs)
۽ خوبصورتيءَ لاءِ ڪي سوڀيا ڏيندڙ عنصر
(decorative elements)
به موجود آهن (اليڪسيف، زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري
سان -1976: 17)، پر پنهنجي هن فيصلي جي بچاءَ ۾
ٻيو ڪجهه به ڪو نه لکيو آهي. زائيڊ ۽ زويلبل، سندس
هن نڪتي تي تنقيد به ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته اهو نڪتو
سنڌو-لکت جي اصل ۽ بدليل صورت نشانين کي اڳ ڪري
بيهارڻ لاءِ ڪنجيءَ جي حيثيت رکي ٿو، يعني ڪهڙي
نشانيءَ جي ڀڃڻي معلوم ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيءَ تصويري
نشانيءَ کي نقل سمجهي ڇڏي ڏيڻو آهي.
ايم. اي. پروبسٽ
(M.A. Probst)
:
ايم. اي. پروبسٽ (1965)، سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ
ڪمپيوٽر ۽ رياضي جي اصول کي استعمال ڪرڻ جو طريقو
پيش ڪيو ته جيئن هن لکت جي سلسلن اندر، نشانين جي
شمارياتي بيهڪ واري وصف جي معلومات ملي سگهي.
حقيقت اها آهي ته مون کي هن ڳالهه تي تنقيد ڪرڻ
جيتري اهليت ڪا نه آهي. البت زائيڊ ۽ زويلبل
(1976: 37) روس جي ٻن رياضيدانن جي نقطه نظر کي
معلوم ڪرڻ کان پوءِ پنهنجيءَ راءِ جو اظهار ڪيو
آهي ته مذڪوره رياضيدان جي هن نقطه نظر کي صحيح
سمجهن ٿا.
اي. ايم. ڪونڊرا ٽوف
(M.A. Kondratov)
:
اي. ايم. ڪونڊرا ٽوف (1965) پروبسٽ واري ڪمپيوٽر
پروگرام مطابق، سنڌو-لکت جو اڀياس شروع ڪيو. سندس
مقصد هو ته جيئن هن لکت جي اندروني جوڙ جڪ کي
معلوم ڪري سگهجي. انهيءَ شمارياتي طريقي وسيلي، هن
سنڌو-لکت جي سلسلن کي ٽڪرن
(blocks)
۾ تقسيم ڪيو آهي، جن کي فنلئنڊ جي ماهرن ’لفظ‘
سڏيو آهي. ڪونڊراٽوف جي نظريي مطابق، اهي لفظ،
صرفياتي نشانين
(morphemic signs)
۽ صوتين
(phonetics)
جي آخري پڇاڙين ۽ انگن تي مشتمل آهن، جيڪي بدليل
صورت
(variable)
۽ نيم بدليل صورت
(semi variable)
جي شڪل ۾ پڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سندس خيال هن ريت
آهي: ’بدليل صورت‘ ۽ ’نيم بدليل صورت‘، نشانين تي
مشتمل لکت جي سلسلي ۾ هتي اهو ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته
اهڙين نشانين جي ترتيب ۽ جوڙجڪ ۾ فرق هوندو آهي.
بدليل صورت
(variable signs)
نشانيون نيم بدليل صورت
(semi variable)
نشانين کي جڳهه ڏين ٿيون، ان جو مثال، نشانين جي
هنن مرڪبن وسيلي ڏيئي سگهجي ٿو.
Abx،
Aby،
Abkx،
Abrx
۽
Abey.
مختلف لکتن جي مٿين سلسلن ۾ لکت جو مکيه حصو، ٻن
نشانين الف ۽ ب تي مشتمل آهي،
x
۽
y
بدليل صورت نشانيون
(variables)
جڏهن
k
۽
r
نيم بدليل صورت
(semi variable)
نشانيون آهن. هتي اسان کي اهو نظر ايندو ته بدليل
صورت ۽ نيم بدليل صورت نشانين ۾ رڳو اهو فرق نه
آهي ته نيم بدليل صورت نشانيون ’لکت جي مکيه حصي‘
۽ ’بدليل صورت نشانين‘ جي وچ ۾ زوري داخل ٿيون
آهن، پر انهيءَ سان گڏ بدليل صورت نشانين، پنهنجي
ننڍڙي صرفي نحوي صيغي
(micro-Paradigm)
اندر، نيم بدليل نشانين کي محفوظ به ڪري ڇڏيو آهي.
اهو پتو ته ضرور پوي ٿو ته بدليل صورت نشانين
ننڍڙو صرفي نحوي صيغو ته جوڙي ورتو آهي، پر اهو
پتو نٿو پوي ته نيم بدليل صورت نشانيون موجود آهن
يا نه. (ڪونڊراٽوف-زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان گڏ
1976: 44).
زائيڊ ۽ زويلبل (1976: 52)، هن ڳالهه ڏانهن اشارو
ڪيو آهي ته بدليل صورت، بنهه بدليل صورت ۾ مستقل
(stable)
نشانين کي مختصر نموني سان الڳ الڳ ڪيو ويو آهي.
پر هن نُڪتي کي تفصيلي طور ڪو نه سمجهايو آهي،
ليڪن پوءِ به سنڌو-لکت کي ڀڃڻ لاءِ هن قسم جي طرز
کي روسي طريقه ڪار جي ڪُنجي سمجهيو وڃي ٿو.
هن قسم جي ڇنڊ ڇاڻ مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌو-لکت
جي مرڪبن ۾، ڪهڙيون ڪهڙيون نشانيون، ڪيترا ڀيرا
آيون آهن، خاص طور تي جوڙين جي شڪل ۾، ان سان گڏ
مُهر وارين ۽ پڇاڙي وارين نشانين جي بيهڪ واريءَ
جاءِ جو به پتو پئجي وڃي ٿو. قديم لکتن جي نظام
اندر، لفظ جي اڳياڙيءَ
(prefixes)
وارا اکر يا وچ واريءَ وچياڙيءَ وارا اکر
(infixes)
(جيڪي لفظ جي معنيٰ تبديل ڪري ڇڏيندا هئا) موجود
ڪو نه هوندا، پر لفظي پڇاڙيون
(suffixses)
تمام گهڻيون نظر اينديون. حقيقت هي آهي ته سويت
ماهرن جي نقطه نظر مطابق لکت جي سلسلي ۾، ’پڇاڙين‘
(suffixation)
۽ پڇاڙيءَ وارين ٻن بدليل صورت نشانين
(two final vauables)
جي مرڪبن ۾ موجودگي، سنڌو-لکت جون خاص خوبيون آهن،
(ڪونڊراٽوف زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري مان 1976:
48).
ڪونڊراٽوف پنهنجي سنڌو-لکت جي تجزيي کي غلط يا
صحيح ثابت ڪرڻ واسطي، قديم مهر جي لکت کي اڻ ڀڳل
تصور ڪري، ان جي هڪ ٽڪري کي آزمائي ڏٺو هو. اهڙي
تجربي جي ڪاميابيءَ جو امڪان هو، ڇاڪاڻ ته مصر جون
گهڻيون تصويري نشانيون، هڪ کان وڌيڪ استعمال لاءِ
ڪتب اينديون هيون، يعني انهن کي صرف ۽ نحو ۾، درجه
بندي ۽ تعين ڪرڻ ۽ ٻيو آوازن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ
پڻ ڪتب آندو ويندو هو. اهو تجربو مڪمل طور تي
ڪامياب ڪو نه ويو. مبصرن هن تجربي کي غير ضروري ۽
خطرناڪ سمجهيو هو. (زائيڊ ۽ زويلبل 1976: 51).
ڪونڊراٽوف جي مقالي، لکت ۽ ٻوليءَ جي موضوع تي،
زائيڊ ۽ زويلبل کي بحث ڪرڻ لاءِ اُڪسايو هو
(50:1976-53)، خاندان واري مصري
(dynastiec egyptian)
لکت کي جڏهن رومن الف-ب ۾ بدلايو ويو ته ان جو طرز
عمل هيرو غليفي
(hieroglyphic)
نشانين جي طرز عمل کان گهڻو مختلف ٿي ويو هو. وڌيڪ
اهم ڳالهه اها ڏسڻ ۾ آئي ته هيرو غليفي لکت ۾ آخري
پڇاڙيون
(determination)
تمام گهڻيون هونديون آهن، پر الف-ب واريءَ لکت ۾
ائين نظر نه ايندو آهي. ڪونڊراٽوف جي کوجنا مان
اهو نئون نڪتو ضرور نروار ٿيو هو. پر ان جو عام
طور تي واسطو قديم آثارن سان لاڳاپيل ڀڃڻيءَ تي
آهي. ان ڪري هي مسئلو وسيع آهي.
يوري. وي. ڪوروزوف
(Yuri V. Knorozov)
:
سويت انائوسمينٽ
(soviet announcement)
۾ بنيادي مقالو جاکوڙي گروهه جي اڳواڻ، ڪوروزوف
تيار ڪيو هو. (1965)، پر هن مقالي کي سندس لکيل
پوئين مقالي (1968) سان گڏي پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته
پويون مقالو، 1965 واري مقالي ۾ بيان ڪيل حقيقتن
جو منطقي اضافو آهي. ڪورزوف، سنڌو-لکت جي تقسيم
ڪيل ٽڪرن
(blocks)
جي سڀاءَ
(nature)
تي بحث ڪيو آهي، ۽ هن نڪتي جي به وضاحت ڪئي اٿس ته
لکت جي اندروني جوڙجڪ ۾، مستقل
(stables)
بدليل صورت
(variables)
۽ نيم بدليل صورت
(semi variables)
جو طرز عمل ڪهڙو هوندو آهي. هن ڏس ۾ وقفن جي شمار
کي ڪتب آندو ويو هو، جيڪو اڳيئي استعمال هيٺ هو.
هن طريقي ڪم آڻڻ سان، ڪوروزوف، لفظ جي خاڪي ۽ جملي
جي جوڙجڪ بابت اهم معلومات ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
سويت ماهرن جي نقطه نظر موجب هن لکت جي سلسلي ۾ هڪ
مکيه ٽڪر
(block)
هوندو آهي جنهن ۾:
(1) بدليل صورت
(Variables)
ڪو نه هونديون آهن (مئڪي 38- 1937 مهر نمبر 153).
(2) پڇاڙيءَ واريون تبديل ٿيل صورت واريون نشانيون
(final variables)
هونديون آهن.
(3) اڳيان ايندڙ ٽڪر، (الف) تبديل صورت نشانين (ب)
محدود آخري تبديل ٿيل صورت نشانين تي مشتمل هوندو
آهي، (يعني) نشاني نمبر 87 سان گڏ مرڪب جنهن جي
شڪل ٿانو
(Jar)
جهڙي هوندي آهي (لئنگڊن
a
1931). هن نشانيءَ سان ننڍڙو ’ا‘ انگ يا 1 ۽ 2 جا
ننڍڙا انگ ڏسڻ ۾ ايندا آهن)
سنڌو- لکت جي ٻين خاصيتن جو اختصار هن ريت ڏنو ويو
آهي:
(1) جملي اندر مستقل لفظي نظام موجود آهي.
(2) يقين
(determination)
هميشه يقين ٿيل
(determined)
جي اڳيان ڏسبو آهي، يعني فاعلي حالت کان پهرين صفت
موجود هوندي آهي.
(3) اسم ڪن ٻين اسمن جي سامهون ڏسبا آهن، جن جو
ڪارج صفتي هوندو آهي ۽ انهن کي پڇاڙيون
(suffixes)
ڪو نه هونديون آهن.
(4) انگ
(numeral)
۽ اسم ذات جي مرڪب ۾ نظرايندڙ پڇاڙي جمع واري صيغي
۾ ڪا نه هوندي آهي.
(5) فقط پڇاڙيون
(suffixes)
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون (يعني اڳياڙيون
(prefixes)
۽ وچياڙيون
(infixes)
ڪو نه هونديون آهن.)
ڪن مقرر مرڪبن ۾ پڇاڙيون، نشانين جي جوڙين
(pairs)
سان گڏيل هونديون آهن (زائيڊ ۽ زويلبل 1976: 60).
اهو ئي ڪارڻ آهي جو روسي ماهر هن نتيجي تي پهتا
هئا ته سنڌو-لکت ۾ استعمال ٿيل ٻولي، انڊو-يورپين،
منڊا، سميري يا ايلمي نه آهي. هنن اهو پڻ ٻڌايو ته
اها ٻولي، دراوڙيءَ جي شاخ آهي. هي سندن ڪو مفروضو
ڪو نه هو، پر اها هنن جي دريافت هئي.
اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪوروزوف جي ٻنهي
مقالن (1965: 1968) ۾، سنڌو- لکت جي تقسيم ڪيل
ٽڪرن کي ڪو صوتي ملهه يا آواز ڪو نه ڏنو آهي، ۽ نه
وري ٻوليءَ جا اهي ترڪيبي عنصر
(Elemenits)
بيان ڪيا آهن، جن جي هن کوجنا ڪئي هئي.
سندس ابتدائي ڪم، سنڌو-لکت جي اندروني جوڙجڪ سان
لاڳاپيل هو، ۽ ان کي سنڌو-لکت واري انداز ۾ بيان
ڪيو آهي. نشانين کي اهڙين شڪلين وسيلي سڃاڻڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي جن جي هو نمائندگي ڪري رهيون آهن.
Figure 65. Knorozovs identifications of Harappan
characters
(Zide and Zvelebil 1976: 105)
سويت ماهرن معمي ڀڃڻ وارو طريقه ڪار ڪتب آندو هو:
هن نڪتي تي پهچي، ڪوروزوف سنڌو-لکت کي ڀڃڻ لاءِ
معمي ڀڃڻ وارو طريقو استعمال ڪيو آهي ۽ نشانين کي
معنيٰ ۽ آواز ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هن قسم جي
تحقيق لاءِ هن هي طريقه ڪار استعمال ڪيو آهي جو
ڪنهن شيءِ جي نمائندگي ڪندڙ نشانيءَ جي چونڊ ڪئي
وئي. پوءِ ان شيءِ جي نالي کي ڊرئويڊين ايٽيمالا
جيڪل ڊڪشنري (برو
(Barrow
۽ ايمينيو
(Emeneau)
1984) مان ڳولي لڌو ويو. بعد ۾ درواڙي ڊڪشنريءَ
مان ان شيءِ جي نالي ڳولڻ لاءِ جاکوڙيو ويو جنهن
جو اُچار ساڳيو پر معنيٰ ٻي هجي ۽ اهو اچار يا
مُلهه سنڌو-لکت جي نشانيءَ کي ڏنو ويو.
اهڙيءَ ريت ڪوروزوف، معمي وارو طريقو ڪتب آڻي (هن
طريقي کي ڪوروزوف صحيح معنيٰ ۾ قلمبند ڪو نه ڪيو
آهي) دعويٰ ڪئي ته گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندڙ هيءَ
نشاني ”
“
اَشوَٿ
(Asvatha)
يا پپر جي وڻ جي نمائندگي ڪري ٿي. تنهن ڪري هن
نشانيءَ کي ’تي‘
(ti)
يا اتو/ئي
(Attu/I)
جو صوتي ملهه ڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته دراوڙي ٻوليءَ ۾
اهو لفظ ’اَتي‘
(ati)
يا اَتي
(atti)
جي صورت ۾ موجود آهي. فنلئنڊ جي ماهرن، هن نشانيءَ
کي ٻيڙي يا جهاز سمجهيو هو ۽ هنن ان لاءِ دراوڙي
لفظ ’اوتا‘
(Ota)
کي چونڊي ورتو هو، جنهن جي معنيٰ اتصال، اتفاق
(union, combination)
آهي. هنن ٻيو لفظ ’اوتئي‘
(Otai)
چونڊيو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ’حقيقي مالڪي‘
(Own)
۽ دخل، تصرف، ملڪيت
(possession).
مڇيءَ جهڙيءَ هن نشانيءَ کي مين
(min)
جو صرفي ملهه ڏنو ويو. هي ’مين‘ لفظ، گهڻين ئي
درواڙي ٻولين ۾ ڪم ايندو آهي. ان کان پوءِ هن
مختلف دراوڙي ٻولين ۾، لفظ جي معنيٰ ۽ اُچار ڳولڻ
جي ڪوشش ڪئي ۽ پڪ ڪيائين ته مين
(min)
جي معنيٰ تارو، روشني يا ڪا ’چمڪندڙ شيءِ‘ به آهي.
هنن مان هڪ معنيٰ اها به آهي جيڪا فادر هينري
هيراس به مقرر ڪئي هئي. اهڙيءَ ريت هن سمجهيو ته
سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو، هن نشانيءَ کي تاري
يا روشنيءَ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن مڇيءَ
جهڙي هيءَ نشاني، ڇهن اڙين
(strokes)
سان گڏ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جنهن جو ملهه ’ارو مين‘
(arumin)
ٿي سگهي ٿو، معنيٰ ’ڇهه تارا‘. هي، دراوڙي (تامل)
ٻوليءَ ۾ ’ڪتيءَ‘
(pleiades)
جو نالو آهي (ڪوروزوف، زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري
مان 1976: 58- 59) هن لکت جا اهڙي قسم جا مرڪب ٻين
عالمن به ڏنا آهن، جن ۾ فادر هينري هيراس ۽ فنلئنڊ
جا ماهر آهن (پرپولا، ڪوسيڪينبي پرپولا ۽ آلٽو
b
1969: 3).
ڪوروزوف بابت ٻيو احوال:
ڪوروزوف،
فرسٽ انائونسمينٽ
(first announcement)
۾ هڪ نرالي ڳالهه ڪئي آهي.
سندس بيان آهي ته:
”سنڌو- ماٿريءَ جي قديم ٻوليءَ جا ڪي لفظ، سنسڪرت
سان ملي جهلي ويا آهن ۽ سندن اصلي شڪل صورت بدلجي
وئي آهي، يعني اهي لفظ سنسڪرت، درواڙيءَ تان ورتا
آهن. اهڙيون حالتون اسان کي مفروضو قائم ڪرڻ ۽
سنڌو-ماٿريءَ جي قديم ٻوليءَ جي لفظن کي سمجهڻ ۾
مدد ڪن ٿيون. ان جو مثال نشاني نمبر 96 آهي، جنهن
جي شڪل ۽ صورت ’هٿ‘ جهڙي آهي ۽ ’انگن‘
(numerals)
جهڙين نشانين جي ڪڏهن اڳيان ته ڪڏهن پٺيان ڏسبي
آهي. هيءَ نشاني، سنسڪرت لفظ ’پراسرتي‘
(prasrti)
سان هڪ جهڙائي رکي جنهن جي معنيٰ آهي
'ٻُڪ'
(hadful)
(هي پاڻيٺ جهڙين شين کي هئڻ جي هڪ ايڪائي
unit
آهي) ڪوروزوف، رائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان 1976:
58).
سندس وڌيڪ بيان آهي ته لئنگڊن جي نشاني 183 (a
1931) هڪ عورت آهي جنهن جي ڇاتي، هيٺ لڙڪيل ۽
ٻانهون اُڀيون آهن. هي پٿر جي پوئين دور سان
لاڳاپيل، سڪار ۽ سڻائيءَ جي علامت آهي. (ڪوروزوف
زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان 1976: 58).“ آهي نه
واهه جي ڳالهه!
اهي ٻئي غلطيون، مٿيئنءَ واٽ سان هلڻ لاءِ هڪ
اشارو آهن. انهن مان معلوم ٿي ويندو ته محقق جنهن
کوجنا لاءِ پنهنجو هڪ نئون طريقه ڪار اختيار ڪري
ٿو، سو به صحيح رستي کان هٽي، تاريخ ۽ ثقافت بابت
اڳيئي سوچيل خيالن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
جيڪڏهن هنن عالمن جي ڪيل تحقيق جي قدر ۽ قيمت کي
ڪٿبو ته هن حقيقت تي به ويچارڻو پوندو ته سندن
اڳيئي قائم ڪيل مفروضن، انهن بنيادن کي لوڏي رکيو
آهي، جن جي آڌار تي هنن پنهنجي سائنٽيفڪ تحقيق کي
بيهاريو هو.
سويت ’فرسٽ انائونسمينٽ‘ جا پڇاڙيءَ وارا مقالا:
سويت تصنيف، فرسٽ انائونسمينٽ، ٻن مقالن سان
پڄاڻيءَ کي پهچي ٿي، جن مان هڪ مئڊو آءِ. ڪي.
فيدوروا
(I.K. Fedorova)
جو آهي، جنهن جو تعلق، سنڌو-ماٿريءَ جي قديم
ٻوليءَ سان آهي. هن مقالي تي تنقيدي تبصرو، زائيڊ
۽ زويلبل ڪيو آهي (1976: 66-71). اهو تبصرو به
مقالي جيترو ڊگهو آهي. آخري مقالو مئڊم بي. يا.
وولڪوڪ
(B.ya.Vlchok)
جو لکيل آهي، جنهن ۾ هن مهرن ۾ نظر ايندڙ تصويرن ۽
سنڌو-لکت تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جيڪو
هن مسئلي تي اتاڇرو لکيل ڏسجي ٿو.
اين. وي. گوروف
(N.V.Gurov)
:
سويت ماهر جي تحقيق جو پهريون مرحلو اين. وي. گورف
جي مقالي سان پڄاڻيءَ تي پهچي ٿو (1968). هي ماهر،
دراوڙي نقطه نظر جو حامي آهي. هن جي ڪم جو واسطو
انهن ٽڪرن
(blocks)
۽ نشانين کي معنيٰ ڏيڻ هو، جن تي ڪوروزوف ۽ سندس
ساٿين بحث ڪيو هو. مقالو گهڻو ڊگهو آهي ۽ هر معنيٰ
لاءِ هن الڳ بحث ڪيو آهي. سندس ساري تحقيق هنن
مفروضن تي بيٺل آهي ته ٻولي قديم دراوڙي آهي. لکت
جي تقسيم ڪيل ٽڪرن ۾ تبديل صورت ۾ نيم تبديل صورت
نشانيون موجود آهن ۽ لکت جو طرف ساڄي کان کاٻي
آهي. اهڙيون ڳالهيون سندس مقالي جي منڍ ۾ بيان ٿيل
آهن. هن ڪتيءَ
(pleiades)
واريءَ معنيٰ جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي (گوروف زايئڊ ۽
زويلبل جي تبصري سان گڏ 1976: 123) ۽ اهڙين ڳالهين
کي نظر ۾ رکي بحث ڪري ٿو.
گورف جو خيال آهي ته سنڌو- لکت جي هن سلسلي (مارشل
a
1931- مهر نمبر 128، مئڪي 38-1937 مهر نمبر 233)
جي تمثيلي سمجهاڻي، اسڪند
(Skanda)
(موروگان
Murugan)
ديوتا جي لقب سان واسطو رکي ٿي. لکت جي هن سلسلي
جي امڪاني ڀڃڻي آهي ’ارومين-ڪاتلن‘
(arumin-katalan)،
’ڇهه تار‘ (Fish)
جو پيارو پٽ. اهو تصور قديم ۽ وچولي دور واري
تاملي ادب ۾ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو (گوروف، زائيڊ ۽
زويلبل جي تبصري سان 1976: 123). هن لکت جي سلسلي (هڙپا
وئٽس 1940- مهر نمبر 164، 168 ۽ 141) لاءِ سندس
نقطه نظر آهي ته هي قديم تامل هو، ’مومين‘
(Mumin)
’ٽه تارو‘
(three stars)
لفظ آهي جيڪو چنڊ جي مهينن سان لاڳاپيل تارن جو
پنجون ميڙ
(Constallation)
آهي. سنسڪرت ۾ به هن سان هڪ جهڙائي رکندڙ لفظ
’مرگشيرس‘
(mrgasiras)
آهي. اهو لفظ ماڻهن جي نالن ۾ به موجود آهي (يعني
اهو جيڪو چنڊ جي پنجينءَ تاريخ تي ڄمي ٿو) گوروف،
زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان 1976: 123-124).
معمي واري ساڳئي طريقي سان ڪيترن ئي نشانين جي
معنيٰ ڪڍي وئي آهي، جن ۾ ’چئن کنڀڙاٽين‘
(four finned)
واري مڇي به شامل آهي، جنهن جو
مطلب ’ڳاڙهو
(Red)‘
ڪڍيو ويو آهي (گوروف، زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان
1976: 32-131).
هيءُ هڪ اهم مواد آهي ۽ گوروف پنهنجي مقالي جي
پڇاڙيءَ ۾ سنڌو-لکت جي ڊڪشنريءَ جي شروعات ڪئي آهي
۽ هيٺ ڏنل ’جملي‘ جي معنيٰ ڪڍي آهي، هن جملي جي
چونڊ مان ڪٽي آهي، جنهن تي گوروف بحث ۽ زائيڊ ۽
زويلبل تبصرو ڪيو آهي (1976: 133).
گوروف هن سلسلي جي معنيٰ هن ريت ڪڍي آهي: ’اهو
جيڪو چمڪندڙ آهي.‘
(that which is shining)
(1) نشاني آڪاسي، خوبصورت (2) نشاني ديوي (3)
نشاني جيڪا اسان کي کيس ڏيڻ لاءِ چوي ٿي (4) ٻن جي
برابر (5) نشاني ٻل
(offering)
جنهن جي معنيٰ آهي (1) جيڪا ’چمڪندڙ آڪاسي خوبصورت
(2) ديوي آهي‘ (3) ’جنهن اسان کي کيس ٻل ڏيڻ لاءِ
چيو آهي‘ (گوروف، زائيڊ ۽ زويلبل جي تبصري سان
1976: 131).
خدا ٿو ڄاڻي ته لکت جي مٿئين سلسلي جي ڀڃڻي صحيح
آهي يا نه. پر هيءَ هڙپا مان هٿ آيل هڪ ننڍڙيءَ
مهر تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي (وئٽس 1940 مهر نمبر 342)،
مهاديوان (1977: 108) اُن مهر جي لکت کي هن ريت
تبديل ڪيو آهي.
لکت جي هن سلسلي ۾ اسان کي هڪ نمايان فرق نظر اچي
ٿو. هيءَ لکت اُبتي ڪري لکي آهي ۽ سويت ماهرن تان
نقل ڪئي آهي، جيڪا منجهيل پڻ آهي، پر ٻنهي لکتن ۾
ڪجهه هڪ جهڙائي به موجود آهي. وڏو فرق مڇيءَ
جهڙيءَ نشانيءَ ۾ ڏسجي ٿو، جنهن جي مٿان ٽوپلو ڏنل
آهي. پر سويت ماهرن واري مڇيءَ کي، مٿان وارو
ترڪيبي جزو موجود نه آهي. اُن کان سواءِ گوروف
طرفان ڏنل نشانيءَ نمبر 3 جي شڪل هتي تبديل ٿي وڃي
ٿي. گوروف وٽ ’وڪڙ جهڙي هڪ نشاني‘ آهي، جڏهن ته
مهاديوان هن کي ٿانو
(Jar)
جهڙي نشاني سمجهي ٿو. ان کان سواءِ مهاديوان لکت
جي هڪڙي پاسي، ڦڻيءَ جهڙي نشاني ڏني آهي، پر سويت
ماهرن واريءَ لکت ۾ اهڙي نشاني نه ٿي ڏسجي. هن لکت
جي تصوير، وئٽس جي مقالي تان ورتي وئي آهي، جنهن
کي پليٽ 16 ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
هن مختصر سمجهاڻيءَ مان سولائي سان معلوم ڪري
سگهجي ٿو ته ڪيترو نه وڏو فرق نظر اچي رهيو آهي،
تنهن ڪري، سنڌو- لکت جي مکيه ڳالهين بيان ڪرڻ ۽ ان
جي ڀڃڻي پيش ڪرڻ، ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي.
جيڪڏهن ڪو محقق هن موضوع تي تنقيدي نقطه نظر کان
کوجنا ڪري رهيو آهي ته ان کي ترجمي ڪرڻ وارن جي
بيان تي ويساهه ڪرڻ نه گهرجي، پر اصلي مواد کي به
ٻه ٽي ڀيرا جاچي ڏسي، جيڪڏهن انهن ۾ ڪي اوڻايون
هونديون به، پر پوءِ به ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اعتماد
جوڳيون آهن.
سويت ماهرن جو پويون تحقيقي ڪم:
سويت ماهرن، پنهنجي تحقيقي ڪم جي پيش رفت کي
پروٽو-انڊيڪا 1970 ۽ پروٽو-انڊيڪا 1972 جي نالي
سان ان کي ڇاپي پڌرو ڪيو، جيڪي مقالن تي مشتمل ٻن
جلدن جي شڪل ۾ هئا. هنن تصنيفن ۾ ڪيتريون ئي اضافي
حقيقتون آهن ۽ ڪيترين وڌيڪ نشانين جي ڀڃڻي ڏنل
آهي، هن مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سويت
ماهرن جي تحقيقي طريقه ڪار ۽ نتيجن ڪڍڻ ۾ پختگي
اچي وئي هئي. ان کان سواءِ پروٽو-انڊيڪا 1979 نالي
ٽين تصنيف به ڇاپي پڌري ڪئي وئي هئي، جيڪا روسي ۽
انگريزي ٻولين ۾ هئي (ڪوروزوف البيڊيل ۽ وولڪوڪو
1981).
پروٽو-انڊيڪا 116 صفحن تي مشتمل هڪ پئمفليٽ آهي،
جنهن ۾ مصنفن جي طريقه ڪار تي تبصرو، ڇنڊڇاڻ ۽
لفظن جي اهڙي معنيٰ موجود آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي ڪتاب
۾ گهٽ نظر ايندي. واحد مان جمع ٺاهڻ، لفظن جي
جوڙجڪ ۽ فعلي گردانن لاءِ جدا باب مخصوص ڪيا ويا
آهن، هن ڪتاب ۾ سنڌو-ماٿريءَ جي ماڻهن جي ٺاهيل
جنتري
(calender) به
ڏني وئي آهي، ۽ لکت جي مختلف قسمن تي غور ويچار پڻ
ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مهرن جوڙڻ جي مقصد تي نه پر
انهن تي لکيل پيغام تي بحث ڪيو ويو آهي. ان کان
علاوه سنڌو-لکت جي نشانين جي هڪ مختصر ڊڪشنري به
ڏني وئي آهي، جيڪا مهاديوان جي a1977
واري ڪنڪارڊنس ۾ ڏنل هر نشاني جواحاطو ڪري ٿي.
(ڪوروزوف، البيڊيل ۽ وولڪوڪو 1981: 99- 108). |