سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:18 

فيئر سروس جا ڪڍيل ڪجهه نتيجا:

فيئر سروس جي تحقيقي ڪتاب جو ٽيون ڀاڱو سنڌو-لکت جي موضوع سان تعلق رکي ٿو، جنهن کي هو لکيل دستاويز ۽ ليکي چوکي جو ڪو نمونو سمجهي ڪري ٿو (1992: 117-139)، ان جي شروعات اهڙي سوچ ويچار سان ٿئي ٿي، جنهن کي فيئر سروس گرامر جا ڇهه اصول سڏي ٿو ۽ انهن جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو.

(1) لکت جو نظام خيالي ’علامتي پدي‘ (ideo-syllabic) آهي جيڪو 200 بنيادي نشانين تي مشتمل تحريري ايڪاين جو مجموعو آهي. ڪن جزن جي ملائڻ سان انهن نشانين جو تعداد وڌي وڃي 419 ٿئي ٿو. اهو پڻ معلوم ٿئي ٿو، اعرابون به ڏنيون وينديون هيون.

(2) سنڌو-لکت ۾ ابتدائي دراوڙيءَ ٻولي لکيل آهي پر منجهس انڊو يورپي ٻوليءَ جا به ڪي جزا شامل آهن.

(3) سنڌو-لکت ساڄي کان کاٻي طرف پڙهي ويندي هئي.

(4) هر-اوڙ (boustrophedon)  لکت جو به رواج هو، جنهن ۾ لکت جو طرف ساڄي کان کاٻي ۽ کاٻي کان ساڄي طرف آهي.

(5) انگن سان لاڳاپيل نشانيون، فعلي ۽ صفتي نوعيت جون آهن. انگن جي موجود هوندي به پڪ سان چئي نه ٿو سگهجي ته لکت جو اشارو انگن ڏانهن آهي يا نه.

(6) سنڌو- لکت جي متن جي گهڻائيءَ جو تعلق مهر جي مالڪن جي نالن، سرڪاري لقبن، خطابن، سماجي رتبن، شجري ۽ ڌنڌي سان آهي. مهرن ۾ نظر ايندڙ لکت مان محسوس ٿئي ٿو ته نظريي کي ثانوي حيثيت ڏني وئي آهي (فيئر سروس 1992: 117).

جيڪڏهن متن جي مجموعي ۾ نظر ايندڙ تحرير، سنڌو- سڀيتا جي چورس شڪل جي مهرن تي لکيل پيغام سان هڪ جهڙائي رکي ٿي ته پوءِ سمجهڻ کپي ته اهي سڀيئي اصول گرامر سان تعلق نٿا رکن، پر اهي اصول هن کيتر ۾ ڪيل ٻين تحقيقن جي نتيجن سان به لاڳاپيل آهن. پوءِ کڻي انهن جي ڪهڙي به حيثيت هجي (مهاديوان، فنلئنڊ ۽ سويت جا ماهر). پر وڌيڪ توجهه ڏيڻ لائق سنڌو-لکت جون ڏهه خوبيون آهن جيڪي گرامر جي اصولن جي پابندي ڪن ٿيون:

(1) هن لکت جون ’وجڪشر‘ (Sign roots)، ڪن حالتن کان سواءِ دراوڙي طرز جيان، سر- وينجن (vowel-consonan) وانگي هڪ پديون (mono syllalaic) هونديون آهن يا وري وينجن- سر-وينجن (consonant-Vowel-consonant) جي مرڪب نشانين جي صورت ۾ گهڻ- پديون (polysyllabic) هونديون آهن ۽ اسم ذات يا فعلي مفهوم (substantvie or verb) ڏيکارينديون آهن.

(2) انهن نشانين ۾ ڪن جزن جي ملائڻ سان صفتون ٺهي پونديون آهن، جيڪي نتيجي طور مرڪبي صورت ۾ (Substantive) يعني اسم ذات جُڙي پوندا آهن.

(3) انهن جو ضمير غائب مذڪر ڄاتل هوندو آهي.

(4) جمع جو صيغو چئن طرفن سان ٺاهيو ويندو آهي (i) نشانيون (doubling) (ii) اعرابن طرز ننڍين ليٽيل سنوت وارين سڌين ليڪن جو جوڙ (iii) ڊگهي اُڀي اڙي 1 ۽ (iv) مقدار جي نمائندگي ڪندڙ هي نشاني

چئن حالتن جي موجودگيءَ جو اندازو ڪيو ويو آهي جهڙوڪ: حالت فاعلي (Nominative Case)، حالت اضافتي (Genitive Case)، حالت مڪاني (Locative Case) ۽ حالت مفعولي (Objective Case).

(6) مرڪبن ۾ خوش آواز صوتيا گهڻو ڪري سرن (vowels) کي جدا ڪري بيهاريندا آهن.

(7) مذڪر ۽ مؤنث جنس جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي.

(8) مائٽيءَ جي ٽن سڱن جهڙوڪ: پُٽ، ڌيءَ، ماءُ (9) ۽ پيءَ جو پتو پئجي چڪو آهي.

(9) مهرن واريءَ لکت ۾ اعزاز واريون عبارتون (honorific formulae) موجود آهن ۽ فيئر سروس اهڙن چئن مثالن جو پتو لڳائي ورتو آهي.

(10) ڪن مهرن جي مکيه طرز جو مهر تي لکيل پيغام جي حصي طور ترجمو ڪري سگهجي ٿو (فيئر سروس 1992: 118-120).

مهرن جي پڙهڻي:

ڀاڱي ٽئين(III) جي ٻئي حصي ۾، سنڌو سڀيتا جي 46 مهرن جون، مناسب لفظن سان پڙهڻيون مقرر ڪيون ويون آهن. فيئر سروس، ’مينهن ديوتا‘ واريءَ مهر جي لکت جي هيءَ پڙهڻي ڏئي ٿو: اَن- اِل (An)-il راجا جيڪو گڏ ٿيل جاتين (clans) کي گڏي ٿو (gathers) (1992: 129).

فيئرسروس جي ڀڃڻيءَ بابت ماهرن جا رايا:

ڪئل زويلبل، سنڌو- لکت بابت قائم ڪيل نقطه نظر کي گهڻو ساراهيو آهي. ان سان گڏ سندس اهي به ويچار آهن ته هو سنڌو-لکت کي ڀڃڻ ۾ سوڀارو ڪونه ٿيو آهي. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته فيئر سروس قديم آثارن جو مشهور معروف ماهر، صاحب- تدبر، متحمل مزاج، ثابت قدم، ايماندار ۽ صاحب نظر ماڻهو آهي (زويلبل 1990: 93)، پر دراوڙي ٻوليءَ جي ماهر طور منجهس کوٽ موجود آهي.

دراوڙي ٻوليءَ بابت سندس علم، وڏن شڪن سان ڀريل آهي، بلڪه ائين سمجهڻ کپي ته هن کي مذڪوره ٻوليءَ بابت ڪابه ڄاڻ ڪانهي. اهڙي حقيقت سائنٽفڪ آمريڪن رسالي ۾، سندس ڇپيل مقالي مان پڻ ظاهر آهي (مارچ 1983). دراوڙي ٻوليءَ جي مدد سان سندس قائم ڪيل پڙهڻيون ڪوبه مفهوم ادا نٿيون ڪن (زويلبل 1990: 92).

فيئر سروس جو ڪتاب سنڌو- سڀيتا جي قديم آثارن ۽ سنڌو-لکت بابت ڪيل تحقيق جي نالي سان هڪ نهايت اهم تصنيف آهي، پر سندس قائم ڪيل پڙهڻين ۽ ٻين ڪوششن کي آزمائي صحيح يا غلط ثابت ڪري نٿو سگهجي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته هن جي ڀڃڻيءَ بابت ڪيل دعويٰ دليلن جي بنيادن تي بيٺل آهي. اهڙين دعوائن سان سندس هڪ هيءَ به دعويٰ آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي اصلي ٻولي، قديم قسم جي ڪا دراوڙي ٻولي آهي (فيئرسروس 1992: 23). سندس اها دعويٰ هروڀرو صحيح ڪانهي.

سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ ٻين محققن جو حصو:

 ٻيا به اهڙا ڪيترائي محقق آهن جن سنڌو-لکت تي کوجنا ڪئي آهي، پر ان کي پڙهڻ جي دعويٰ ڪانه ڪئي اٿن. سندن اهڙيون ننڍڙيون کوجنائون، سنڌو-لکت جي پرولي سلڻ ۾ سوڀاريون ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سندن ننڍڙيون ايماندارانه ڪوششون ڀڃڻيءَ جي نمائشي دعوائن کان وڌيڪ اهم آهن.

پروفيسر بي.بي.لال:

پروفيسر بي.بي.لال، سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ گهڻي وقت کان وٺي ڪوشش ڪندو پيو اچي. هو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي (a1960، b1960، 1966، 68-1967، 1970، a1974، b1974، 1975، 1979م 1983، 1992). هن سنڌو- سڀيتا بابت کوجنا جي ڪم جي شروعات، هندستان جي اُپٻيٽ جهڙي علائقي مان، ٺڪر تي لکت دريافت ڪرڻ کان پوءِ ڪئي، جنهن جو تعلق ٽامي جي دور سان هو. ان لکت جو سلسلو وڏن ’چڙن‘ ۽ ’لوهه واري دور‘ تائين يڪو ڳنڍيو آيو هو (لال a1960) وڏن پٿرن جي دور واري ٺڪر تي لکت) (graffiti) پهريائين ’جي يزدانيءَ‘ (G.Yazdani) دريافت ڪئي هئي (1917). اها سنڌو ماٿريءَ جي وڏن شهرن جي دريافت کان گهڻو وقت اڳ جي ڳالهه آهي. سندس مقالي ۾ سنڌو-لکت جي نشانين جون ڪافي تصويرون موجود آهن. جن وڏن پٿرن واري ٺڪر تي لکت ۽ ٽامي دور واري لکت جون نشانيون سنڌو-لکت جي نشانين کان ڌار ۽ الڳ ڪري بيهاريون آهن جيڪي هاڻي سنڌو-لکت جي ’سائين-لسٽ‘ (Sign-List) جو حصو آهن.

انهن ماڳن جي نقشي ڏسڻ کان پوءِ (Figer 74) چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو ته هيءَ ٺڪر واري لکت، هندستان جي اُپٻيٽ واري وسيع علائقي ۾ پکڙيل هئي. اهي ماڳ هڪ ٻئي جي ويجهو ۽ تعداد ۾ به گهڻا آهن. سنڌو-لکت جي پوئين دور جي تاريخ بيان ڪرڻ وقت، بي. بي. لال جي تحقيق جو حوالو ڏنو ويو آهي. ٽامي واري دور سان لاڳاپيل سنڌو-لکت جي باقيات، دکن (eccan) واري مٿاهين پٽ تان به لڌي وئي آهي، جنهن جو تعلق ٻي سهس (millennium) ق.م سان آهي. وڏن پٿرن جي دور سان تعلق رکندڙ سنڌو-لکت جي باقيات به دکن واري پوٺي ۽ ڏکڻ هندستان مان هٿ لڳي آهي، جنهن جو لاڳاپو پهرين سهس ق.م سان آهي. هن علائقي ۾ نظر ايندڙ سنڌو-لکت جون ابتدائي نشانيون لوهه جي استعمال واري زماني سان شروع ٿيون آهن. اُهي ٽامي يا ڪنجهي جي دور سان لاڳاپيل آهن، دکن ۽ ڀرپاسي وارين قومن (communities) ۾ گهڻي ثقافتي تبديلي نظر اچي ٿي، جيڪا ’ڪيٿا‘ (Kayatha)، ’ساوالدا‘ (Savalda)، ’مالوا‘ ) (Malwa ۽
’جوروي‘
(Jorwe) ۽ ان جي ڀرپاسي وارن گهڻن ماڳن تي اثر پذير هئي. هنن ماڳن جو تمام گهڻو اڀياس ڪيو ويو آهي. دکن ڪاليج جي استادن، پروفيسر ايڇ. ڊي. سانڪليه جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ هنن ماڳن جي کوجنا ڪئي وئي هئي، جنهن کي پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مون به سندن تحقيق مان استفادو ڪيو آهي. هن ڳوٺاڻي هاري سماج جي ابتدائي دور جي خبر پئجي ڪا نه سگهي آهي، پر ايترو پتو چڱيءَ ريت پئجي وڃي ٿو ته اهي هتي جا مقامي ماڻهو آهن، جن ۾ تبديليون به مقامي طور آيون آهن، پر تاريخي طرز تي اهو سماج سنڌو- سڀيتا کان الڳ ڪري نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته گجرات، دکن واري علائقي جي اُلهندن گهاٽن (Western ghats) کان پري ڪونه آهي. دکن جي قديم ماڻهن جي معاشيات، زراعت ۽ چوپائي مال تي هوندي هئي. هتي جا ماڻهو سياري ۾ ڪڻڪ، جَوَ، ۽ اونهاري ۾ جوئر ۽ ٻاجهري پوکيندا هئا. اهي اناج، سندن پيٽ گذر جو وڏو وسيلو هئا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سندن سنڌو-سڀيتا جي سورٺ علائقي سان لڳ لاڳاپا رهيا هئا. اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته سندن مالوا سان لڳ لاڳاپن کان الڳ ’بيهال‘ (Behal) ۽ ’سونگائون‘ (Songaon) ۽ ’پوئين پٿر دور‘
(Neolithic) سان لاڳاپيل ڏکڻ واري علائقي سان به ڪي اهم واسطا رهيا آهن ڇاڪاڻ ته اتان ’بلاچي‘ (Blotchy) نالي وارا ’ڇاهين رنگ جا ٿانو‘  (Gery wares) هٿ لڳا آهن، جيڪي خاص طور وڏي اهميت رکن ٿا.

دکن جي ڪنجهي دور جي اصليت جي تاريخ کي سنڌو- سڀيتا کان ڌار ڪري نٿو سگهجي، توڙي جو هتي جي ڳوٺن جي اصليت جو لاڳاپو، هن سڀيتا سان ثابت ٿي نه سگهيو آهي، پر لاڳاپن جو اهڙو سلسلو لڳاتار قائم رهيو آهي، جيڪو ٻي سهس جي مُند کان (2000 ق.م کان 1500 ق.م) شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته چمڪندڙ ڳاڙها ٿانو، گجرات جي رنگپور (راءَ a1963)، سومناٿ ( سانڪليه 1974: 83-381) ۽ ٻين گهڻن ئي ماڳن تان هٿ لڳا آهن (پرسيل 1980: 89- 119) ۽ اهڙا ساڳيا ٿانوَ وري دکن جي ماڳن جهڙوڪ
’چندولي‘
(Chandoli)، ’ڊيو‘ (Deo) ۽ ’انصاري‘ Ansari)  1965: 105) ۽ نوَ ’دتولي‘ (Navdatoli) (سانڪليه ڊيو ۽ انصاري 1971: 38) مان پڻ هٿ آيا آهن. دکن ۽ گجرات جي وچ ۾ اهڙي قسم جا تعلقات، سانگي ماڻهن جي وسيلي پکڙيا آهن، جيڪي موسم آهر پنهنجا ڌڻ ڪاهي، ڪڏهن گجرات ۽ ڪڏهن دکن وارن علائقن ڏانهن پيا ايندا ويندا هئا. سندن اهڙو سلسلو اڄ سوڌو قائم آهي. اهڙيءَ ريت سنڌو-سڀيتا ۽ دکن وچ ۾، تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا قائم رهندا آيا آهن. انهيءَ وسيلي سنڌو-لکت جي نشانين جي دکن جي ٺڪر تي موجودگيءَ کي چڱيءَ ريت سمجهائي سگهجي ٿو، پر پٿر جي دور واري لکت بابت پڪ سان ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. ڏکڻ ايشيا جي پٿر واري دور سان لاڳاپيل تاريخي ۽ ثقافتي مسئلا به دنيا جي ٻين ڪيترن علائقن جي اهڙن مسئلن جيان منجهيل آهن. دکن ۽ ڏکڻ هندستان ۾ وڏا، گول ۽ ڇٽيءَ جي شڪل جهڙا ۽ ڪي لٺ جيان ڊگها پٿر ڪي ٻيا اهڙا يادگار آهن، جن هيٺان لاش دفن ٿيل آهن (ويلر 1959: 150-159). معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته انهن جو تعلق پهرين سهس جي مُنڍ واري دور (800-ق.م) سان آهي. ان سان گڏ اهو به نظر اچي رهيو آهي ته هنن ماڻهن جو ڪنجهي واري دور ۽ ڏکڻ واري پوئين پٿر واري زماني جي ثقافت سان ڪو به تعلق ڪونه رهيو آهي. ٺڪر جي ٿانو جي گهاڙ جي نقطه نظر ۽ خاص طور تي ڳوٺاڻي طرز ۽ نموني کان، هن ٿانو جو وَزن ۽ وَڙُ، پٿر جي پوئين دور جي ٺڪر ٿانوَ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هي تاريخي لاڳاپو کڻي ڪمزور ئي صحيح پر هڪ اضافي شاهدي آهي ته پٿر واري باقيات جي جاگرافيائي حد اها ساڳي آهي، جيڪا مٿي بيان ڪيل ثقافتي شين جي آهي، يعني ته هن ثقافت ۽ سنڌو- سڀيتا وچ ۾ هڪ تاريخي سلسلو پڻ موجود آهي.

Figure 74.  Map of sites with graffiti from the Indus script [Lal 1960a]

هن لکت جي طرف جي ڪري بي.بي.لال ڪيترن ئي سالن تائين کوجنا ڪندو رهيو (b1960، 1966-68-1967). هن ماهر جي اهم دريافت ڪالبئنگن مان هٿ آيل هڪ ٺڪر آهي، جنهن تي پچائڻ کان اڳ ۽ پوءِ واري لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان ٺڪر کي جاچي ڏسڻ کان پوءِ کيس معلوم ٿيو ته هڪ نشانيءَ جو حصو ٻي نشانيءَ مٿان لکيل آهي. انهيءَ مان هيءَ معلومات ملي ته لکت جو طرف پڪ سان ساڄي کان کاٻي طرف آهي.

بي.بي.لال، سنڌو- لکت جي ٿانو جهڙي نشاني  تي به گهڻو ڪجهه لکيو آهي (لال 1979). هن جو سنڌو-لکت جي نشانين بابت هڪ وسيع نقطه نظر موجود آهي. ان ناتي هن فنلئنڊ ۽ سويت جي ماهرن جي ڀڃڻيءَ تي گهڻي تنقيد ڪئي آهي. (لال 1979: 28- 30). هو پنهنجي ڪڍيل نتيجي ۾ ٻڌائي ٿو ته اها نشاني، ٿانوَ جي نمائندگي ڪري رهي آهي ۽ سندس نقطه نظر، هنٽر (1934-55) جي بيان سان ملي جلي ٿو. هن اهو فيصلو لکت جي نشاني جي شڪل صورت کي ڏسي ڏنو آهي(Figene75)، پر ان سان گڏ ڪاليئنگن مان هٿ آيل ٺڪر تي نظر ايندڙ لکت به سندس هن فيصلي جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي (ڏسو Figer75).

Figure: 75. Jars from Mohanjo- daro with the shape of the Harappan choradar

Figure: 76. Drawing of the “jar” sign with a base from Kalibangan [Lal 1979: Fig, 13]

لال، پنهنجن ٻن مقالن (a1974، 1975) ۾ سنڌو-لکت تي تبصرو ڪيو آهي، جنهن کي ان وقت جي اشاعتي ادارن گهڻو کنيو هو. ٻنهي مقالن ۾ لال، سنڌو-لکت جي اصليت جي موضوع تي گهڻو بحث ڪيو هو. سندس نقطه نظر آهي ته سنڌو-لکت جون نشانيون ۽ علامتون، سنڌو- سڀيتا جي قديم مرحلي وارين نشانين ۽ علامتن تان کنيل ڏسجن ٿيون، جيڪي ٺڪر جي ٿانوَن جي چِٽَ ۽ کُرچ طرزن (Incised designs) سان تعلق رکن ٿيون جن کي هو ڪنڀرن جا نشان (Potter’s marks) سڏي ٿو. هن ماهر پنهنجي هن نظريي کي پڇاڙيءَ واري تصنيف ۾ گهڻي تفصيل سان لکيو ۽ واضح ڪيو آهي.

احمد حسن داني:

اي.ايڇ.دانيءَ پنهنجيءَ تصنيف، انڊين پئليو گرافي (Indian Paleography) (1963: 12-22) ۾ سنڌو- لکت بابت ويچار ظاهر ڪيا آهن. هن پنهنجي محتاط بيان سان گڏ، ڪن محققن جهڙوڪ: واڊيل، هنٽر، پراڻ ناٿ، فادر هيراس، هروزني ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو آهي، جن هن لکت کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ لاءِ جاکوڙيو آهي. دانيءَ، سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي آهي، پر هن لکت جي 537 بنيادي نشانين جي فهرست ضرور ڏني آهي (داني 1963: پليٽ 1 ۽ ...) جنهن کي هو پنهنجي نقطه نظر موجب ورهائي، درجن ۾ رکي ٿو. سندس پيش ڪيل هيءَ فهرست انهن محققن لاءِ نهايت اهم آهي، جيڪي بنيادي نشانين، اتصالن ۽ تبديل ٿيل صورت وارين نشانين ۾ موجود فرق کي سمجهڻ لاءِ ڪوشان آهن. پڇاڙيءَ ۾ سندس بيان هن ريت آهي: هڪ ڳالهه ته پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته قطعي تجزيي (Ultimate analysis) مطابق سنڌو-لکت پيچيده ڪا نه آهي (داني 1963: 19).

بي.ايم.پانڊي (B.M. Pande) :

بي. ايم. پانڊي جو آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا سان واسطو آهي، جنهن سنڌو-لکت تي اٺ مقالا لکيا آهن، (1971، 73-1972، 1973، 1974، 1976، 1978، 1984، 1985). هنن مقالن ۾ پانڊي پنهنجي ڪيل سروي کي محققانه انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي (پانڊي 1971)، جن مان ڪي مقالا بياني (Discriptive) نقطه نگاه کان ڏاڍا ڪارائتا آهن (73-1972). پانڊي جو پيغام ڏاڍو صاف ۽ اهم آهي. سندس بيان آهي ته سنڌو- لکت جو اڀياس، ماڳ جي تهن ۽ وسنديءَ کي نظر ۾ رکي ڪيو وڃي. ان سان گڏ لکت ٿيل مواد تي به ويچارڻ گهرجي. (مثال طور: مهر، ٺڪر (لکت وارو) ٽامي جون ٽڪيون). هو هن ڳالهه کي قبول ڪري ٿو ته موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان لڌل لکت ٿيل شين کي اهڙي نموني سان پيش نه ڪيو ويو، جو انهي ماڳن جي تهن کي نظر ۾ رکي مٿن تبصرو ڪري سگهجي. حقيقت اها آهي ته انهن تي کوٽائي ٿيل ايراضيءَ مطابق ئي تحقيق ڪري سگهجي ٿي. هن موهن جي دڙي مان هٿ آيل ٽامي جي ٽڪين جي استعمال بابت جيڪو پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو، سو به ڏاڍو ڪارائتو آهي (پانڊي 1973). ان موضوع تي سندس بيان آهي ته 123 کان 76 ٽڪيون هيٺئين شهر جي اتر واري (DK) ايراضيءَ مان جڏهن ته وڏي حوض (Great Bath) واري دڙي مان فقط 11 مليون آهن. مٿن نظر ايندڙ لکت سنڌو ماٿريءَ جي عام لکت وانگي آهي، يعني اها ساڄي کان کاٻي طرف لکيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ لفظ جي پڇاڙي به ساڳيءَ نشانيءَ سان ٿئي ٿي. هن لکت جي باري ۾ هنٽر جو بيان آهي ته ٽڪين تي موجود لکت جانور جي تصوير جي طرف کان مختلف آهي (1934: 27)، جنهن تي غور ڪري سگهجي ٿو. پانڊي کي معلوم ٿيو ته ڪي لکتون اهڙيون آهن، جيڪي هڪ قسم جي جانور سان گڏ ڏسجن ٿيون ۽ ڪي لکتون وري اهڙيون به آهن جيڪي مختلف قسم جي جانورن سان گڏ آهن (1973: 306).

ساڳيءَ ريت پانڊي سنڌو-لکت جي انفرادي نشاني جو ارتقائي اڀياس به ڪيو آهي(1974، 1985). هيءَ تحقيق فطري طور تي بنيادي حيثيت رکي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته هيءَ نشاني   هن قسم جي جانور  مان ۽ هي نشاني   هن قسم جي پکيءَ  مان نڪتل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

ڪئمل زويلبل، هڪ مبصر:

پروفيسر ڪئمل زويلبل، دراوڙي ٻوليءَ جو مستند عالم آهي. جيئن ته عام تصور اهو آهي ته سنڌو- لکت جي ٻولي دراوڙي آهي تنهن ڪري هن لکت جي تجويز ڪيل هر ڀڃڻيءَ جي تنقيد ڪندو رهندو آهي. هن، لکت جي ڀڃڻيءَ جي تبصري ۾ ڪڏهن هن سان ڊاڪٽر ارليني زائيڊ (Arlene Zide) به گڏ هوندو آهي، مثال طور فنلئنڊ جي ماهرن جي ڀڃڻي (زائيڊ ۽ زويلبل a1970 ۽ b1970) ۽ روسي ماهر جي تحقيق (زائيڊ ۽ زويلبل C1970، b1970). زويلبل جو اڪيلو تبصرو، ٻئي تحقيقي ڪم جهڙو (b1965، 1969، b1970، 1972 ۽ 1985) ۾ به نظر اچي ٿو. سنه 1985ع وارو سندس لکيل مقالو سنڌو-لکت تي ڪيل کوجنا جي موضوع تي ڀرپور اظهار خيال آهي. هن ۽ زائيڊ جي گڏيل تبصرن جو اڳ ۾ ئي تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. کيس اها پڪ آهي ته هن وقت تائين ڪو به سنڌو-لکت ڀڃي ڪو نه سگهيو آهي. اهو به واضح آهي ته زويلبل ڪيترن عالمن جي محنت سان ڪيل تحقيق کي تمام گهڻو ساراهيو آهي (زويلبل 1985). پر ان سان گڏ هن راءِ جو به اظهار ڪيو اٿس ته هن تحقيق ۾ ڪيترن ئي ماهرن خودپسندي ۽ خود آرائيءَ جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي. سندس بيان هن ريت آهي ته: ”مان هن ڳالهه تي بحث ڪري رهيو آهيان ته سڀني عالمن سنڌو-لکت کي ڀڃڻ جي هام هنئي آهي ۽ کين پڪ آهي ته هو پنهنجي مقصد ۾ سوڀارا ٿي ويا آهن، پر منجهن پنهنجي صلاحيتن جي اندازي ڪرڻ ۾ اعتدال پسندي ۽ نهٺائي ڪا نه هئي، نه ته اهي عالم اهڙيون ڳالهيون به ڪري چڪا هجن ها، جيڪي هو ڪري ڪو نه سگهيا آهن(1985: 51). هن، خاص طور هنٽر کي سندس ڪيل ڌيان ۽ تحقيق کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، هيراس جي به تعريف ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هن اڪيلي سر تمام گهڻي محنت ڪئي هئي ۽ کيس ڪنهن ٻوليءَ جي سکڻ جو تجربو به ڪو نه هو . ان سان گڏ ڪنيئر ولسن جي پڻ ساراهه ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته هن ماهر نيڪ نيتيءَ ۽ سچائيءَ سان هن مسئلي کي حل ڪرڻ جا جتن ڪيا آهن. فيئر سروس جي تحقيقي ڪم کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. سندس خيال آهي ته هن، سنڌو-لکت ڪري، سنڌو- سڀيتا کي هڪ يڪتائي روزگار تهذيب سمجهيو آهي، تنهن ڪري سندس تحقيق اهميت کان وانجهيل ڪا نه آهي. مهاديوان ۽ فنلئنڊ جي ماهرن جي پڻ ڪنڪار ڊنس جوڙڻ ڪري گهڻي تعريف ڪري ٿو.

زويلبل لسانيات جي ماهر جي حيثيت ۾ تبصرو ڪيو آهي، جيڪو سنڌو-لکت تي کوجنا ڪندڙ ماهرن لاءِ ڏاڍو ڪمائتو ثابت ٿيندو. اسان کي (لکت جي) روايتي جوڙجڪ يا ترڪيبي ترتيب جي نظام جي تجزيي ۽ (متن ۾ نشانين جي) بيهڪ واري جڳهه جي شماريات ۽ پڙهڻيءَ لاءِ صوتيه جي اصول مطابق جاکوڙ ڪرڻ ۾ فرق ڪرڻو پوندو، يعني اهڙو ڪو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، جو لکت واري اصلي ٻولي کي قطعي طور پڙهي سگهڻ ۾ سوڀارو ٿجي. (1985: 156).

سندس ڪيل هي تبصرو بلڪل صحيح آهي. تحقيقن اندر هن اهم فرق کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان کي سنڌو-لکت بابت کوجنا ۾ ”جوڙجڪ يا ترڪيبي ترتيب جو روايتي تجزيو“ (Formal Structural Analysis) نظر نه ٿو اچي، پر گهڻو ڪري زور سنڌو-لکت جي نشانين جي صوتي ملهن مقرر ڪرڻ تي هوندو آهي. زويلبل گهڻو وقت انهن محققن جي کوجنا جي تنقيدي جائزي ۾ صرف ڪيو آهي، جن مان ڪي سنڌو-لکت کي پڙهڻ ۾ سوڀارا ڪونه ٿيا آهن. سندس نقطه نظر آهي ته کين سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ سوڀارو ٿيڻ کپي ها (1985: 167). هن ٻن ڳالهين بابت مشورو ڏنو آهي:

(1) هن لکت کي (مهرن جي ٺپيل نشانن مطابق) ساڄي کان کاٻي طرف پڙهڻ گهرجي.

(2) هن لکت جي (نشانين جي) روايتي بيهڪ جي تجزيي (formal positional analysis) ۽ شمارتيائي مواد (statistial data) وسيلي، متن ۾ موجود لفظن ۽ جملن بابت اسان کي ڪجهه نه ڪجهه معلومات هئڻ کپي (1985: 167).

زويلبل، دراوڙي لسانيات تي هڪ ننڍڙو ڪتاب لکيو آهي، جيڪو پڻ پڙهڻ لائق آهي (زويلبل 1990)، ان جو ڪجهه حصو سنڌو-لکت تي ٿيل تحقيق جي موضوع سان واسطو رکي ٿو ۽ جامع آهي. مان سمجهان ٿو ته جيڪي محقق سنڌو-لکت تي کوجنا ڪرڻ چاهن ٿا، تن کي هن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي.

سنڌو-لکت جي موضوع تي تبصرو ڪرڻ سولو ڪم نه آهي. ان سلسلي ۾ هڪ وسيع مطالعي جي ضرورت هوندي ۽ اڄ تائين ٿيل هر تحقيق جي هر طرز کي لازمي طور نظر ۾ رکڻو پوندو، جيڪڏهن ائين نه ڪبو ته پڙهڻ جي دعوائن کي غلط ثابت ڪرڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. خوش قسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي ته زويلبل اهي سڀ گهرجون ڏاڍي سچائيءَ ۽ ثابت قدميءَ سان پوريون ڪيون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org