باب چوٿون
سنڌو- لکت، برهمي لپي، وڏن پٿرن ۽ سڪن تي نظر
ايندڙ لکت جي صورت ۾ باقي آهي
تعارف:
اهڙيون ويساهه جوڳيون شاهديون موجود آهن ته سنڌو-
لکت، سنڌو- ماٿريءَ جي شهرن جي اڳئين آب تاب گهٽجڻ
تائين (2000 ق. م) قائم رهي آهي. سنڌو- سڀيتا جي
خاص گهاڙ واري ٺپي واري مهر، جنهن کي هڪ پاسي لکت
۽ تصويري علامت ۽ ٻئي پاسي سوراخدار بومبي هوندي
هئي، ختم ٿي چڪي هئي. ان سان گڏ- لکت ٿيل قيمتي
پٿر به هن دور ۾ موجود نه ٿا ڏسجن. بعد ۾ اهو نظر
اچي ٿو ته اها لکت فقط ٺڪر جي ٿانون تي ۽ کُرچ طرز
۾ موجود آهي. سنڌو- سڀيتا جي اوج جي زماني ۾،
اظهار جو هڪ نظام به موجود هو، تنهن جو هاڻي ڪو
نانءُ نشان به ڪونه هو. هن ثقافت ۾ هڪ وڏي تبديلي
اچي وئي هئي، جو ان جي شهري زندگيءَ جي انفرادي
سڃاڻپ ئي ختم ٿي وئي هئي.
Figure 53. Selected graffiti from Rojdi C [Possehl
and Raval, 1989: 122]
سنڌو- سڀيتا جي سورٺ واري علائقي جي ماڳ، روجڙيءَ
مان ٺڪر جي ٿانوَن تي ٿيل لکت تمام گهڻي نظر آئي
آهي، جنهن جو واسطو هن سڀيتا جي پوئين دور سان آهي
(پوسيل ۽ راول 1889: 123- 65
Figure
۽ 53
Figure).
اهڙي لکت، لوٿل ۽ رنگپور مان به هٿ لڳي آهي، جنهن
جو واسطو ٻي سهس ق. م سان آهي (بي بي لال 1960).
پر اهڙين ڳالهين مان اها حقيقت نظر نه ٿي اچي ته
انهن شين جي جاءِ، لوهه اچي والاري هئي.
ڏکڻ هندستان جي لوهه واري دور سان تعلق رکندڙ وڏن
پٿرن جي زماني واري ٺڪر تي نظرايندڙ سنڌو- کرچ
واري لکت، سنڌو- سڀيتا جي شهري تهذيب کان پوءِ
واري ٺڪر جي ٿانون جي کرچ واري لکت گهڻي اهم تهذيب
کان پوءِ واري ٺڪر ٿانون جي کرچ، لکت دور کان گهڻي
اهم آهي. سنڌو- سڀيتا جي لکت جي باقي بچيل هن صورت
جي اهم تحقيق بي. بي. لال
(1960a)
ڪئي هئي، پر اُن کان اڳ، ’جي. يزداني(G.Yazdani)‘
پنهنجي خيال جو اظهار ڪري چڪو هو ته ڏکڻ هندستان
۾، لوهه جي دور سان لاڳاپيل وڏن پٿرن جي استعمال
واري زماني جي ٺڪر تي سنڌو- لکت جو کرچ نشانيون
موجود آهن، (يزداني 1917).
بي. بي. لال ڏٺو ته ٺڪر
جي
ٿانون تي سنڌو- لکت جون اڪيليون اڪيليون نشانيون،
هيٺ بيان ڪيل حالتن ۾ نظر آيون:
(1) اهڙيون نشانيون عام طور تي ٺڪر پچڻ کان پوءِ
کرچي لکيون ويون هيون. ڪي ٽامي جي دور واريءَ
سنڌو-سڀيتا جا ۽ وڏن پٿرن جي استعمال واري زماني
جا اهڙا ٿانو به ڏسڻ ۾ آيا، جن تي پچائڻ کان اڳ
آلي هجڻ وقت نشانيون نڪتل آهن.
(2) اهڙين نشانين وارا ٿانو، رهائشي ۽ وسنديءَ
واري تهه ۽ قبرستان سان به هٿ لڳا آهن.
(3) ڪنهن خاص قبر لاءِ ڪو خاص نشان ڏسڻ ۾ ڪونه آيو
۽ هڪ قبر تي هڪ کان وڌيڪ علامتي نشان ڏسڻ ۾ آيا
هئا.
(4) اهي نشانيون، ٽامي جي دور واريءَ سنڌو- سڀيتا
۽ لوهه واريءَ تهذيب جي سهيوڳي، وڏن پٿرن واري
استعمال جي زماني جي هر قسم جي ٿانو تي ڏسڻ ۾
آيون.
(5) ٺڪر جي هڪ ٿانو تي، فقط هڪ نشاني ڏسڻ ۾ اچي
ٿي، جيڪا ڪڏهن ساڳئي ٿانو تي ٻه ٽي ڀيرا نڪتل ڏسجي
ٿي، ڪڏهن وري هڪ ئي ٿانو تي ٻه يا ٽي مختلف علامتي
نشانيون
(Symbols)
موجود آهن. اهڙيون علامتي نشانيون، ٿانون تي نڪتل
پٽي سان گڏ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ’سانور‘
(Sanur)
مان هٿ آيل ٿانون تي نظر ايندڙ علامتي نشانيون،
پاڻ ۾ بلڪل ويجهيون آهن، جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو
ته دستاويز جو ڪو ٺپيل نشان آهي.
ڪي اهڙيون علامتي نشانيون آهن جيڪي مختلف ٿانون تي
اڳتي پوئتي ڪري اڪيريون ويون آهن، جنهن ڪري لکت جا
مختلف مرڪب بڻجي پيا آهن (لال
1960a:
23)
’سينڊرا‘
(Seendara)
(1976ع) پڻ هنن ٿانون تي کوجنا ڪئي آهي، ۽ وڏن
پٿرن جي استعمال واري دور جي سهيوڳي ٺڪر جي ٿانون
بابت پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو اٿس:
(1) ’اتر ڪرناٽڪا‘ ۾ راهدارين سان، ڪوٺين جهڙن
مقبرن
(Passage-chamber tombs)
۾ اهڙا ٿانو گهٽ يا ته مورڳو موجود ئي نه آهن.
(2) ’ماسڪي‘
(Maski)
ماڳ جي هيٺ کوٽيل قسم جي قبرن ۽ گول قسم وارين
قبرن مان لڌل اهڙن ٿانون جو تعداد وچٿرو آهي. وڏن
پٿرن جي استعمال واري زماني جي سهيوڳي، ’شوراپور‘
(Shorapur)
۽ ’رائچور دوآبس‘
(Raichur Doabs)
جي ماڳن ۽ رائچور کان اڃا به ٿورو ڏکڻ پاسي،
’برهامگيري‘
(Brahamgiri)
واري ماڳ ۾، گول قسم جي قبرن مان اهڙن ٿانون جو
تعداد لڌو آهي، جيڪو پڻ ايترو گهڻو نه آهي. هن
ايراضيءَ ۾ اهڙا ٿانو، تاريخ کان اڳ جي گول قبرن
مان پڻ مليا آهن، جن جو تعداد به مٿي بيان ڪيل
ٿانون جي تعداد جيترو آهي.
(3) اهڙن ٿانون جو وڏو تعداد ’بئنگلور‘ جي
’رائچور‘ دو- آبي ۽ ’ميسور‘ جي اوڀر طرف، وڏن پٿرن
جي قبرن ۾ ڏسجي ٿو.
(4) اهڙا ٿانو، ڏکڻ هندستان جي اوڀارئين علائقي ۾
تمام گهڻا آهن، جيڪي مئل ماڻهوءَ جي رک سان گڏ دفن
ڪيا ويا ٿا ڏسجن.
(5) مذڪوره ٿانون جو تعداد، ڏکڻ هندستان جي الهندي
ڀاڱي ۾ بلڪل گهٽ آهي (سندر 1976: 170).
ڏکڻ هندستان جا پوئين دور جا وڏن پٿرن وارا
يادگار، عيسوي سن جي شروعات سان تعلق رکن ٿا. وڏن
پٿرن جي هنن يادگارن مان ڪيترن اندر، رومي سڪا به
موجود آهن. هن علائقي ۾ هي زمانو، تاريخي دور جي
شروعات وارو دور آهي. هن ئي دور ۾ هتي، شهري تهذيب
۾ عالم اديب ۽ دانشور نظر اچن ٿا. هن زماني ۾ ئي
اسان کي هن علائقي ۾ ميڊيٽرينين واري ايراضيءَ سان
سامونڊي لاڳاپو نظر اچي ٿو.
’برهمي‘ ۽ ’تامل‘ لکتون به هن دور سان تعلق رکن
ٿيون (1968ع). تاريخي حقيقتون اسان کي انهن اندازن
ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون ته هندستان جي هن حصي جي
علم ۽ تعليم جي سڌاري واڌاري لاءِ سنڌو- لکت جي
قديم نشان، وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، ليڪن اهڙيون
ڳالهيون هن مفروضي کي متاثر نٿيون ڪن ته سنڌو- لکت
۾، دراوڙي ٻولي لکي ويندي هئي. اها به اچرج جهڙي
حقيقت آهي ته قديم سنڌو- لکت اڄ به ننڍي کنڊ جي
دراوڙي علائقن ۾ محفوظ آهي.
سنڌو ۽ برهمي لکت:
ڪيترن ئي عالمن جهڙوڪ: اسيٽفن لئنگڊن، جي. آر.
هنٽر، بانڪا بهاري چڪر ورتي، جان، اي مچينر، سباش
سي ۽ ڪاڪ جو خيال آهي ته ٽينءَ صديءَ ق. م جي
برهمي لکت، سنڌو- لکت جي نشانين تان گهڻو استفادو
ڪيو آهي. ڪي عالم (داني 1963: 28) هن نظريي جا
حامي نه آهن، جيڪي جارج بوهلر
(George Buihler)
جي تصور جي تائيد ڪن ٿا، جنهن جو خيال آهي ته
برهمي لکت، ليوانت
(levant)
جي ’اتر سامي لکت‘ تان ورتي وئي آهي، (بوهلر 1904:
24 کان 31). هن عالم اهڙو نظريو، 1896ع ۾ پيش ڪيو
هو (ڏسو ورما
(Verma) 1971
: 4، راسٽوگي
(Rostogi)
1980). بوهلر جي بحث جو سارو دارومدار، ٻنهي لکتن
جي تقابلي اڀياس تي بيٺل آهي، جنهن ۾ انهن جون
مختلف هڪ جهڙيون نشانيون، تصوير طور ڏنل ڪونه آهن،
پر دانيءَ (1963: 28) ٻنهي جي مختلف نشانين جو
تصويري جائزو پيش ڪيو آهي
(Figure 54).
Figure 54. Comparison of Semitic scripts and
Brahmi [Dani, 1963: 28]
بوهلر جي اهڙي تقابلي اڀياس تي، اوجها
(Ojha)
(1918ع) گهڻي تنقيد ڪئي آهي. سندس خيال موجب ٻنهي
لکتن جي نشانين جي بيهڪ ۾ وڏو فرق آهي، تنهن ڪري
هن شڪ ڏيکاريو هو ته برهمي لکت، ’اُتر سامي‘ تان
ورتل نه ٿي ڏسجي، پر داني، ٻنهي لکتن جي نشانين جي
هڪ جهڙائي جي فهرست ڏني آهي، جنهن مان معلوم ٿئي
ٿو ته برهمي لکت، اولهه کان نشانين وٺڻ کان سواءِ
مڪمل نه هجي ها. ليوانت
(Levant)
جيڪو گذريل ڪيترين ئي صدين کان وٺي قائم هو. نظر
ائين ٿو اچي ته سنڌو ماٿريءَ جي شهري تهذيب کان
پوءِ، ٽينءَ صديءَ قبل مسيح واري اشوڪ دور جي لکتن
تائين، سنڌو لکت، ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، جنهن جو
مثال، ٺڪر جي ٿانون تي نشاني آهي، جيڪا اڪيلي طور
استعمال ٿيل آهي.
اي. ايل. بئشم جو نقطه نظر هيٺ ڏجي ٿو:
اشوڪ دور جي تحريرن ۾، لکتن جا ٻه نمونا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا، جن مان وڌيڪ اهم برهمي لکت آهي، جيڪا اتر،
اولهه هندستان کان سواءِ چوڌاري مقبول عام هئي. هن
لکت جي اصليت بابت ٻه نظريا موجود آهن. هندستان جي
گهڻن ئي عالمن جو خيال آهي ته هيءَ سنڌو- لکت تان
ورتي وئي آهي، پر ڪي يورپي ۽ هندستاني عالم هن سوچ
جا حامي آهن ته هيءَ لکت ’اُتر سامي‘ لکت تان کنيل
آهي. سر اليگزينڊر پهريون ماڻهو هو، جنهن هن قسم
جي خيال جو اظهار ڪيو هو. هن نظريي کي وڏي هٿي
ايس. لئنگڊن
(1931a)
ڏني جيڪو ’آشوري‘ قديم آثارن جو ماهر هو، پر
انهيءَ ۾ ڪي مشڪلاتون ضرور آهن، ڇاڪاڻ ته جيستائين
اسان کي سنڌو- لکت جي 270 نشانين جي اُچارن جو پتو
پئجي نٿو سگهي ته ان سان هڪ جهڙائي رکندڙ برهمي
لکت جي نشانين لاءِ ڪيئن سمجهون ته اهي سنڌو- لکت
جي نشانين تان ورتل آهن. ان کان سواءِ برهمي لکت
جون ڪيتريون ئي نشانيون سنڌو- لکت جي نشانين سان
هڪ جهڙائي نه ٿيون رکن. برهمي لکت جي نشانين ۽
قديم اتر ساميءَ جي نشانين ۾ وڌيڪ ويجهڙائي موجود
آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي ته برهميءَ جون ٻاويهه
نشانيون ڄڻ ان لکت تان ورتل ٿيون ڀائنجن، پر اها
هڪ جهڙائي اهڙي سگهاري ڪانه آهي، جو ماڻهوءَ کي
متاثر ڪري سگهي. منهنجي خيال مطابق هي اهڙو مسئلو
آهي جنهن تي ٻيهر کوجنا ڪرڻ کپي (بئشم 1967: 394).
اشوڪ دور جي ٻي لکت ’کروشٺي‘ آهي، جيڪا گنڌارا ۽
ڀر وارن علائقن ۾ لکي ويندي هئي. گنڌارا وارو
علائقو، ’ائڪمن شهنشاهت‘ جو حصو هو، جتي جا رهندڙ
هندستاني، هن لکت کي ڪتب آڻيندا هئا. اهڙيءَ ريت
’ليوانت‘ وارو پاسو به، ساڳيءَ حڪمرانيءَ هيٺ،
سڪندر اعظم جي تذڪره نويسن به اهڙو ذڪر ڪيو آهي.
نيرخش
the geography of stralbo
(XV:
717، جونس
(Jones)
جو ترجمو 1917- 1932) ۾ بيان ڪيو آهي ته هندستاني
ماڻهو، ڪپڙي تي به لکندا هئا. ڪئنٽر ڪرٽس
(Quirtur Curtis)
(هسٽري آف اگيلن مينڊر
Viii،
ix،
15- رولف)
(Rolf
ترجمو 1946: 307) جو بيان آهي ته لکڻ لاءِ ڪاٺ جي
ڦرهين کي ڪتب آندو ويندو هو. اهڙين شين تي کروشٺي
لکت ۾ اهم دستاويز تحرير ڪيا ويندا هئا. ڪن عالمن
جو خيال آهي ته سنڌو- لکت پڻ ڪاٺ جي ڦرهين تي لکي
ويندي هئي. ٽئڪسيلا مان آرميني
(Aramraic)
لکت پڻ ملي آهي (مارشل 1951: 15- 164- 166).
بوهلر، موريا خاندان کان اڳ واري هندستان جي هڪ
ٻيءَ لکت تي پڻ بحث ڪيو آهي، جيڪا پڻ دلچسپيءَ کان
خالي نه آهي (1904: 17- 20). قديم هندستان جي هن
وسيع لکت جي نشانين چونڊڻ لاءِ ڪيتريون ئي مختلف
لکتون موجود هيون. ڪن عالمن جو خيال آهي ته کروشٺي
لکت سڌي سنئين آرميني لکت تان ورتي وئي آهي.
بوهلر جي اهڙي نظريي جو پُر زور مخالف جي. آر.
هنٽر آهي (1934: 203- 210- ضميمو
ii).
هن تقابلي اڀياس لاءِ هڪ ڊگهو چارٽ ڏنو آهي، جنهن
۾ هن سنڌو- لکت سان هڪ جهڙائي رکڻ وارين ستن لکتن
جهڙوڪ: مصري، ابتدائي ايلمي، سميري، برهمي، ڏکڻ
سامي، فنيڪي، قبر مي کي سامهون رکيو آهي. هنٽر،
سنڌو- لکت ۽ برهمي لکت ۾ موجود 40 هڪ جهڙيون
نشانيون ڳولي لڌيون آهن. اهڙين چونڊيل نشانين کي
ٽيبل 12 ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
Table 12
Hunter’s correspondences for signs of the Indus
and Brahmi scripts
Indus Script |
Brahmi Sign
and Value |
سندس پيش ڪيل ڪي هڪ جهڙايون بلڪل صحيح آهن، پر ڪن
هڪ جهڙائين جو پاڻ ۾ ڪوبه تعلق نظر ڪونه ايندو. هن
جي پيش ڪيل هڪ جهڙين نشانين جي ڀيٽ ۾ پڙهندڙ،
دانيءَ جي پيش ڪيل هڪ جهڙين نشانين
(Figure 54)
کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. انهيءَ کان سواءِ، دانيءَ
مختلف نشانين جا قدر صحيح ڏنا آهن. سندس بيان ڪيل
مفروضا صحيح ۽ سگهارا آهن، جنهن ۾ ٻنهي ۾ ذڪر ڪيل
نشانين ۾ نه رڳو مشابهت آهي، پر سندن شڪليون به هڪ
جهڙيون ۽ آواز پڻ هڪ جهڙا آهن. هنٽر کي سنڌو- لکت
جي ايڏي ڄاڻ ڪانه آهي، تنهن ڪري سندس تقابلي
مشابهت به ڪمزور آهي. اسان کي اها خبر ڪانه هئي ته
سنڌو لکت جي نشاني (.) جو صوتي ملهه ’ٿا‘
(Tha)
آهي. هيءَ ساڳي نشاني، برهمي لکت ۾ به موجود آهي
جنهن جو پڻ صوتي قدر ساڳيو آهي. اها ڳالهه ظاهر
آهي ته جيڪڏهن انهن نشانين جو صوتي ملهه، مين
(Min)
هجي ها ته سنڌو- سڀيتا جي معاملي وارو پاسو وڌيڪ
ڪمزور ٿي پوي ها.
بوهلر جو خيال آهي ته برهمي لکت، ’اتر سامي‘ لکت
تان ورتي وئي آهي. هن معاملي تي مان سندس ڀرپور
پٺڀرائي نه ٿو ڪريان، پر دانيءَ جي پيش ڪيل هڪ
جهڙائيءَ کي پنهنجي جاءِ تي وزن آهي. انهن مختصر
ثابتين سان اهو ثابت ڪري نه ٿو سگهجي ته برهمي
لکت، اتر سامي لکت تان ورتي وئي آهي. مان هن ڳالهه
۾ بئشم جي راءِ سان سهمت آهيان ته هن مسئلي کي حل
ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان قسم جي
تحقيق وسيلي صحيح جواب کڻي ڪونه ملندو، پر ڪن اهم
شين جي معلومات ملي ويندي.
ٺپيل سڪن تي نظر ايندڙ سنڌو- لکت:
ڪن عالمن جو خيال آهي ته سنڌو- لکت، هندستان جي
ٺپيل سڪن تي نظر ايندڙ لکت جي شڪل ۾ پڻ محفوظ آهي،
(پراڻناٿ
1931a،
1931b،
1932a،
1932b،
ٽي. جي. اروام ٿام
(T.G.Aravam Tham)
1942، سوامي شنڪر آنند 1943، بي. ايم. بروا(B.M.Barua)
1946- ڏسو ٿيو بالد
(Theobald)
1890 ۽ درگاه پرهماد 1934). هندستان جي قديم ٺپيل
سڪن تي اُڪيريل لکت ڪانه هوندي هئي، جن جي ضرب ٿيڻ
جو دور 500 (ق. م) سان واسطو رکي ٿو. انهن مان
ڪيترائي اهڙا سڪا به آهن، جيڪي پوءِ به صدين تائين
جاري رهيا. سڪن جي گهڻائي، چانديءَ جي سڪن جي آهي،
پر ڪجهه ٽامي جا سڪا به آهن. اهي قديم دور جا ٺپيل
سڪا، چاندي جي وريل پٽن
(bent bans)
تي مشتمل آهن، جن مان وڏن سڪن جي تور 180 گرام
هوندي هئي. انهيءَ دور جا قديم سڪا، تور ۾
Figure 55. C.L.Fabri’s Comparison of devices on
punch-marked coins and the devices Indus seals
[Fabri 1935 309-10]
Figure 56. C.L. Fabri’s comparison of
characters on punch marked coins and
characters in the Indus script [Fabri
1935: 312-14] |
Figure 57. C.L. Fabri’s Illustration of a
possible inscription on both a punch marked
coin and an Indus seal [Fabri 1935: 316]
بلڪل پورا آهن. هنن سڪن جي خاص ڳالهه اها آهي ته
اهي ٺپيل آهن، مهر واري پاسي ڪي علامتون نظر اچن
ٿيون، جيڪي ڪنهن اوزار ۽ هٿوڙي سان ٺپي ٺاهيون
ويون آهن. ان کان سواءِ سڪي جي ساڳئي مهر واري
پاسي ڪا طرز ڏسجي ٿي، جيڪا وري اُڪيري تيار ڪئي
وئي ٿي ڏسجي. ان سان گڏ ڪي ٺپيل علامتون ۽ نشانيون
به موجود آهن، جن مان گهڻين نشانين جو تعلق سنڌو-
لکت سان آهي.
هنن سڪن بابت ڪي انومان ۽ اندازا ڪري سگهجن ٿا ۽
انهن جي اهميت به اهڙن اندازن ۽ انومانن ڪري آهي،
پر معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته انهن سڪن مٿان انهن
راجائن جو علامتي نشان موجود آهي، جن انهن سڪن کي
ٺاهي ٺپي استعمال لاءِ رائج ڪيو هو. اهو به ڏسڻ ۾
اچي ٿو ته ضربخاني جي نگران ڪامورن جا به نشان
آهن. ان سان گڏ واپارين جون به ڪي نشانيون آهن، جن
سڪي جي تور ۽ سچائيءَ جي پاسداري ڪئي هوندي (بئشم
1967: 220، 504). اهڙن ٺپيل سڪن جو وڏو تعداد،
قديم آثارن جي کوٽاين مان لڌو آهي (والش 1939، ڀٽ
آچاريه 1940، سڀاش راءِ 1994).
سي. ايل. فئبري
(C.L. Fabri)
(1935) پنهنجو نقطه نظرپيش ڪيو هو ته ٺپيل سڪن تي
نظر ايندڙ علامتون ۽ نشانيون، سنڌو- لکتن جي
علامتن ۽ نشانين جهڙيون آهن، جيڪي 57، 56، 55
Figure
۾ ڏسي سگهجن ٿيون.
فئبريءَ، سنڌو- لکت جي ٽن نشانين تي مشتمل هڪ
سلسلي کان سواءِ، اٺن نشانين
(Devices)
۽ ارڙهن علامتن
(Symbols)
جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سنڌو لکت جي علامتن ۽ نشانين
سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
Figure 56
جي ساڄي طرف، سنڌو- لکت جون نشانيون رکيون ويون
آهن ۽
Figure 57
۾ موجود، سنڌو- لکت جي نشانين هيٺان، مارشل (a1931
) جا مهر نمبر به ڏنا ويا آهن. تقابلي اڀياس لاءِ
تصوير پهرين نهايت اهم آهي، جيڪا هڪ ’سيسر‘ جي
آهي، جنهن جي وات ۾ مڇي جهليل آهي. هندستان ۾ هاٿي
۽ ننڍن سڱن واري ڏاند تي ثقافتي نقطه نگاهه کان
بحث ڪري نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اهي واضح حقيقتون
آهن. سنڌو لکت جي نشانين لاءِ ڪجهه به چئي نه ٿو
سگهجي، فئبري، لئنگڊن واري ترتيب ڏنل فهرست آڏو
رکي آهي (لئنگڊن
1931a)،
جنهن ۾ سنڌو- لکت جون 288 نشانيون ڏنيون ويون آهن.
هڪ جهڙايون ايتريون گهڻيون نه آهن، پر اطمينان جو
اظهار ڪيو ويو آهي ته گهڻيون مشابهتون بلڪل صحيح
آهن، ليڪن حقيقت اها به آهي ته انهن مان ڪي
نشانيون، هوبهو ساڳيون ڏسجن ٿيون. علامتن جي
گهڻائي اهڙي آهي جن جي پاڻ ۾ هڪ جهڙائي معلوم نه
ٿي ٿئي، مثال طور مڇيءَ واري خاني ۾ نظر ايندڙ
مڇيون، پاڻ ۾ هڪ جهڙائي نه ٿيون رکن. ان کان سواءِ
خاني نمبر 19 ۾ ڪي جانور آهن، تن ۾ به ڪا هڪ
جهڙائي ڪانه ٿي ڏسجي؛ خاني نمبر 27 ۾ ٽن نشانين تي
مشتمل لکت جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو واقعي سنڌو- لکت
جي نشانين سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، جيڪو ڏسندڙ کي
متاثر به ڪري ٿو. اي. ايڇ. دانيءَ هن مفروضي کي
غلط سمجهي رد ڪري ڇڏيو آهي (1963: 21). نظر ۾ اچي
ٿو اهو سندس مناسب فيصلو آهي.
هن کان سواءِ، لاڳاپيل ٻيو به مواد آهي، جيڪو
هندستان جي تاريخي دور جي شروعات سان تعلق رکي ٿو،
جن تي نظر ايندڙ نشان، سنڌو- لکت جي نشانين جهڙا
آهن. اهڙو ئي مواد، ٽامي جون تختيون آهن، جهڙو
پٽنا مان لڌل ’تختي‘
(Altekor n.d)،
’سوهگاوڙا‘
(Sohgaura)
واري لکيل ٽامي جي تختي، (فليٽ
Fleet
1907)، ’ڪُمراهر‘
(Kumrahar)
وارو ٿنڀو،
(Coleemn)
’رامپورو‘
(Rampurva)
وارو ٽامي جو ڪُنڊو
(Bolt)
(داني 1963: 20- 21). ۽ ’ويرڪمکول‘
(Virkamkhol)
واري لکت (جيس وال
(Jayaswal)
1963). اي. ايڇ. دانيءَ، اهڙين ڳالهين کي رد ڪري
ڇڏيو آهي. سندس خيال آهي ته اهي نشانيون، سنڌو-
لکت سان تعلق نه ٿيون رکن. سندس هن فيصلي سان آءُ
به سهمت آهيان.
سنڌو لکت جي هڪ امڪاني باقيات جيڪا سنڌو- سڀيتا
واري دور کان تاريخي دور تائين يڪو قائم رهندي آئي
آهي:
جان مچيز (1978a:
14- 15) بيان ڪيو آهي ته سنڌو- سڀيتا واري تورجي
نظام ۽ هندستان جي ان دور جي سهيوڳي ۽ پوئين دور
جي تور واري نظام ۾ هڪ جهڙائي ڏسجي ٿي. اهڙي هڪ
جهڙائيءَ کي ٽيبل 13 ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
Weights and Indus Script
Unit |
1 |
2 |
4 |
8 |
16 |
32 |
64 |
Grams |
8525 |
1.705 |
3.41 |
6.82 |
13.64 |
27.28 |
54.56 |
LATER INDIAN WEIGHTS
Rattis |
8 |
16 |
32 |
64 |
128 |
356 |
712 |
Karsas |
|
|
1 |
2 |
4 |
8 |
16 |
Grams |
.8375 |
1.675 |
3.35 |
6.70 |
13.40 |
26.80 |
53.60 |
مچيز جو ٽيبل، سڪن جي تور بابت مشاهدو ۽ اڀياس،
ڊي. ڊي. ڪوسمبي
(D.D.Kosambi)
جهڙو آهي. ٽئڪسيلا مان هٿ آيل کوجنا کان پوءِ
ڪوسمبي هن نتيجي تي پهتو آهي ته ”ٽئڪسيلا جي قديم
دور جي تور جي نظام، ان کان ٻه هزار سال پراڻي،
موهن جي دڙي واري تور جي نظام سان هڪ جهڙائي رکي
ٿو (ڪوسمبي
1941b:
53). پوئين دور جي موريا گهراڻي جي سڪن ۾ ويجهڙي
هڪ جهڙائي به ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر انهن جي نمونن ۾
تمام گهڻو ڦيرو اچي ويو آهي. معلوم ائين ٿي رهيو
آهي ته موريا گهراڻي جا سڪا، ٽئڪسيلا وارن سڪن کان
معيار ۾ گهڻو گهٽ هئا“. ڪوسمبي اهڙيون ڳالهيون
نئين نظام حڪومت ڏانهن منسوب ڪري ٿو، جيڪا هڪ وسيع
علائقي تي قائم ٿي چڪي هئي. وزير به نوان مقرر ڪيا
ويا هئا، جن ملڪ جي اڳئين راجا واري دور جي
واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪري اهڙو نئون نظام نافذ
ڪيو هوندو (1941b:
59).
قديم هندستان اندر، لکت جي نئين شروعات ڪرڻ ۾
سنڌو- لکت ڪو اهم ڪردار ادا ڪونه ڪيو آهي، پر تور
جو نظام تاريخي دور جي ابتدا کان وٺي، گهڻو پوئين
دور تائين يڪو هلندو آيو ٿو ڏسجي. تور جو مذڪوره
نظام، هڪ جاگرافيائي وسيع علائقي ۾ قائم ڪيو ويو
هوندو جيڪو ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن ۽ واهڻن جا واپاري
وڙا ۽ عام ماڻهو، تور ۽ ماپ جي هن نئين نظام کي
روز مرهه جي ڪار وهنوار ۾ ڪتب آڻيندا هوندا.
تور جي نظام بابت مچيز ۽ ڪوسمبي جا نظريا سنڌو-
لکت جي نشانين ۽ برهمي بابت سندن اندازن ۽ انومانن
کان وڌيڪ مناسب آهن. هن موضوع تي ڪوسمبيءَ جا ڪڍيل
نتيجا، وڌيڪ صحيح ۽ جديد آهن. نشانين جو تقابلي
اڀياس ۽ هڪ جهڙين نشانين تي ڪي اندازا قائم ڪرڻ،
زوري مڙهڻ واري فيصلي
(Impressmastic)
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن، جنهن کي صحيح طريقه
ڪار جي نقطه نگاهه کان ڪابه اهميت ڪانه آهي. سنڌو-
لکت جي ڀاڃ جو به ساڳيو ئي حال آهي. |