سنڌو-لکت جي هن جي ڀڃڻي به ايس.آر.راءَ جي ڀڃڻيءَ
جهڙي آهي، هن جي ڪڍيل نتيجن تي تنقيد پڻ پونيڪر جي
ڪڍيل نتيجن تي تنقيد سمجهڻ گهرجي. واڊيل جي آريا
نسل جي تاريخ ۽ ڪردار بابت نظريي کي اولهه جي
عالمن وٽان ڪا به مڃتا ڪا نه ملي هئي، جيڪي مغرب
جي سائنسي ماحول ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، پر هندستان جي
مشهور عالمن وٽان به کيس داد ڪونه مليو هو.
هتي ڏنل مختلف ڀڃڻين جي تبصري کي ڌار ڌار نموني
سان جاچي پرکي سگهجي ٿو. پر هڪ ڳالهه بلڪل واضح
آهي ته عالمن جو هڪ گروهه هن لکت کي سمير، مصر يا
ڪنهن ٻئي قديم لکت تان ورتل سمجهي ٿو، جڏهن ته
عالمن جو ٻيو گروهه، هن کي ڏکڻ ايشيا جي سمجهي ٿو،
جنهن کي هندستان ۽ پاڪستان جي ماڻهن وڌايو، سڌاريو
۽ ترقي ڏني آهي. هن تبصري ۾ هندستان جي هڪ سنڌي
هندوءَ به نقطه نظر ڏنو آهي، هن جو خيال آهي ته
سنڌ جي وساريل لکت، موهن جي دڙي جي لکتي نظام
(writing system)
جي اصلي نموني سان تعلق رکي ٿو.
ڪشچند ٽوپڻ لال جيٽلي 1985
(Kishancahnd Topanlal Jetley):
موهن جو دڙو ۽ سنڌو-لکت:
1985
۾، ڪشچند ٽوپڻ لال جيٽلي، سنڌو- لکت جي موضوع تي
پئمفليٽن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو (a1985،
b1985
۽ 1985)، جيڪو ڪرشن ٽوپڻ لال جيٽلي
(Krishna Topanlal Jaitali)
جي نالي پڻ مشهور آهي. مذڪوره پئمفليٽ، مهراشٽريه
جي پوني شهر ۾ ڇپيا هئا. سندس نقطه نظر آهي ته سنڌ
جي موجوده ’هٽ واڻڪي لپي‘، موهن جي دڙي جي لکت جي
اصلي نموني تان ورتل ۽ پاڪستان ۾ موجوده سنڌي لپي،
فارسيءَ سان تعلق رکي ٿي، جنهن کي اوڻويهينءَ صدي
۾ رائج ڪيو ويو آهي، جيڪا فقط مسلمانن تائين محدود
آهي. سنڌ جا هندو، هٽ واڻڪي لپي ڪتب آڻيندا هئا،
جيڪا ديوناگري، برهمي ۽ موجوده هنديءَ جو گڏيل
نمونو آهي. جيٽلي، موهن جي دڙي جي سنڌو- لکت ۽ سنڌ
جي موجوده هٽ واڻڪي لکت ۾ موجود تعلق تي بحث ڪيو
آهي، جيڪو ڪمزور آهي. هرڪو ماڻهو اندازو ڪري سگهجي
ٿو ته جيٽلي پنهنجي اصلي موضوع تان هٽي ويو آهي.
جيڪڏهن موجوده دور جي هٽ واڻڪي لکت جو تعلق
برهميءَ سان ثابت ڪري سگهبو ته پوءِ سمجهي سگهبو
ته موجوده هٽ واڻڪي لکت، موهن جي دڙي واري
سنڌو-لکت سان لاڳاپو رکي ٿي. سندس پيش ڪيل هن
تجويز لاءِ اها شاهدي مشڪوڪ آهي، ان ڪري سندس لکيل
پئمفليٽ هن جي قائم ڪيل مفروضي کي هٿي ڏيئي نٿا
سگهن. جيٽلي جي پئمفليٽ جو مهاڳ، ايڇ. ڊي.
سانڪاليه
(H.D. Sankalia)
لکيو آهي، جنهن جا پڇاڙيءَ وارا لفظ هي آهن:
”جيستائين اسان کي ٻٽي زبان واري لکت نه ٿي ملي،
تيستائين اسان سمجهي نه سگهنداسين ته ڀڃڻيءَ ۾
ڪهڙو نظريو صحيح آهي، پر پوءِ به هن لکت کي پڙهڻ
لاءِ ايماندارانه ڪوشش جاري رکڻي آهي، ۽ اها ڪوشش
شري جيٽلي پڻ ڪئي آهي (C-1985).
هن لکت کي پڙهڻ لاءِ ٻٽي زبان وارو احوال هڪ ڪنجي
آهي، پر مون کي اميد آهي ته ٻيءَ زبان جي مدد کان
سواءِ به هيءَ لکت پڙهي سگهجي ٿي. انهن مان هڪ
ڳالهه اها آهي ته سنڌو- لکت جي وڏي مجموعي جي ڪنهن
خاص حصي تي تحقيق تي وڃي جهڙيءَ ريت ’مالتي شينج‘
(Malati Shendge)
ڪئي آهي.
مالتي شينج 1985- هڙپا مان لڌل ننڍيون ٽڪيون ۽ لکت
جي ايجاد:
سنه 1985 ۾ هندستان جي قديم آثارن جي هڪ ماهر،
هڙپا مان لڌل ننڍين ٽڪين تي ٿيل تحقيقي ڪم پيش ڪيو
آهي (شينج
a1985).
اهي ننڍڙيون ٽڪيون مهرون ٿي نٿيون سگهن، پر ٺپيل
نشان آهن جيڪي اُڪريل ٺپن وسيلي ٺاهيا ويا آهن.
ايم.ايس.وئٽس کي اهڙيون شيون، هڙپا جي هر تهه تان
هٿ لڳيون آهن، پر شينج جو بيان آهي ته اهڙين شين
جي گهڻائي هيٺين تهن (1V
کان
111V)
تان لڌي آهي. عام طور تي اهو به چيو ويندو آهي ته
اهڙيون شيون موهن جي دڙي مان هٿ ڪونه آيون آهن پر
شينج هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڏنو آهي (a1985:
53) ته مئڪي به اهڙيون ٽي يا پنج شيون لڌيون هيون
(مئڪي 38-1973 مهر نمبر 61، 73، 508). شينج هڙپا
مان هٿ آيل هنن ننڍڙين مهرن جي موضوع تي تمام گهڻو
لکيو آهي. آخر، هن عورت ماهر، ٻين محققن جيان هنن
کي ٽوڪن
(Token)
سمجهيو آهي، جيڪي جانورن ۽ ٻين شين جي حساب ڪتاب
لاءِ ڳڻڻ ۾ ڪم ڏينديون هيون. اهڙيون شيون
ميسوپوٽئميا ۽ گهڻن ئي ماڳن ۽ سوس مان به پڻ مليون
آهن. ڊنائيس شمنبڌ- بيسيرات
(Denise Schmand Beserrat)
هنن ننڍڙين ٽڪين جي نظام کي سنڌو-لکت جو پڻ بنياد
سمجهيو آهي، ۽ پنهنجن ڪيترين ئي تصنيفن ۾ اهڙي
نظريي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي (شمنڊ- بيسيرات 1974-
1977،
a1981
۽
b1981).
شينج، هڙپا مان هٿ آيل ننڍڙين نظر ايندڙ هڪ نشاني
کي سنڌو-لکت جي هن نشانيءَ سان
ڀيٽيو آهي (1985: 73).
شينج هن موضوع تي هڪ وزنائتو بحث ڪيو آهي. ڪيترن
عالمن جو خيال آهي ته اهي ننڍڙيون ٽڪيون، رسيدون
(receipts)
يا ليکي چوکي سان لاڳاپيل ڪي شيون آهن. فيئر سروس
(1992: 72-80). پر اهڙيءَ دعويٰ کي اڄ تائين ڪير
به ثابت ڪري نه سگهيو آهي. هيءُ موضوع خاص قسم جي
تحقيق سان واسطو رکي ٿو، جيڪو مستقبل جي محققن کي
گهڻي مدد ڏيندو، جنهن جي ڪجهه کوجنا پروفيسر سباش
سي. ڪاڪ
(Subash C. Kak)
ڪئي آهي، جيڪو اصل ۾ ته انجنيئر آهي، پر رمزي
علامت واريءَ لکت
(Cryptology)
جو ماهر آهي.
سباش سي. ڪاڪ 1987: سنڌو- لکت ۽ برهمي لکت جي
شروعات:
سباش سي ڪاڪ، بئٽن روج
(Baton Rouge)
جي لوئسيانا اسٽيٽ يونيورسٽي
(Louisiana State University)
۾ اليڪٽريڪل ۽ ڪمپيوٽر انجنيئر آهي. سندس دلچسپيءَ
جو موضوع ڪمپيوٽر ڊزائين، معلوماتي اصول ۽ انساني
فني مهارت
(artificial intelligence)
آهي. سنه 1987ع ۾ هن پنهنجي انهي ڏات کي سنڌو-لکت
سمجهڻ ۾ استعمال ڪيو (خاص طور تي ڏسو ڪاڪ
Kak a1987،
b1987
۽
a1988).
ڪاڪ جو سنڌو-لکت کي پڙهڻ جو طريقو رياضي
(mathematical)
آهي، جيڪو قديم آثارن جي اهڙن ماهرن کي ضرور
منجهائي وجهندو، جيڪي انهيءَ طريقه ڪار کان اڻ
واقف آهن. پر جيڪڏهن ڪو انهن ترڪيبي عنصرن کي
مرحليوار سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو ته سندس پيش ڪيل
اصول، سولو ۽ سمجهڻ جوڳو به آهي. مثال طور وضاحت
سان ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن پدن جي نمائندگي ڪندڙ
نشانين جو تعداد 2300 آهي ته پوءِ لکت جي نشانين
جو انگ اکر 187 هئڻ کپي.... اهڙي معلومات ڪنهن به
محقق جي ڀڃڻيءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي
سگهندي (ڪاڪ 1987: 184) ڇاڪاڻ ته انگريزي رومن
الف-ب جا اکر 26 آهن. پر اُن جو هڪ ٻئي سان گڏيل
(clen ching pling)
اکرن جو تعداد 36 آهي (ڪاڪ
a1987:
183)، سنڌو ماٿريءَ جي ڊگهي لکت ۾ به ڪل 26
نشانيون آهن (مارشل
a1931
نمبر 23، مئڪي 38-1937 نمبر 7). انهيءَ مان ڪجهه
توقع ڪري سگهجي ٿي، پر حالتون ڪجهه اهڙيون آهن جو
معلوم پيو ٿئي ته تعداد اڃا به گهٽ آهي. ڪي اضافي
حوالا ۽ مثال موجود آهن يا مهرن جي پيغام ۾ اهڙيون
ڪي حقيقتون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن جي آڌار تي چئي
سگهجي ٿو ته
نشانين جو تعداد اڃا به گهٽ آهي، ۽ اهڙين نشانين
لاءِ سنڌو-لکت ۾ معلومات پڻ موجود آهي. ٺپن جي
مقصد سان استعمال ٿيندڙ مهرن اندر لکيل پيغام،
مهرن جي مالڪن جي نالن لقبن ۽ جاگرافيائي علائقن
سان واسطو رکن ٿا، جيڪي سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ وڏي
مدد پڻ ڪري سگهن ٿا.
ڪاڪ جي تحقيقي ڪم وسيلي معلومات ملي آهي ته
سنڌو-لکت جي نشانين جو تعداد گهٽجي وڃي 39 تي پهتو
آهي. باقي ٻين نشانين لاءِ سندس خيال آهي ته اهي
ڪاتبن جي تبديل ڪيل ۽ صاحب طرز ماڻهن جون اختيار
ڪيل نشانيون ۽ اتصال
(Ligatures)
آهي (b1987:
55).
ڪاڪ جو اهم تصور هي آهي ته جيڪڏهن سنڌو-لکت، برهمي
لکت جي پيش رو يا اڳواڻ لکت آهي ته اها سولائيءَ
سان ڀڃي سگهجي ٿي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لکت جي مدد سان
سنڌو-لکت جي اصليت کان وهبي طور سمجهي سگهجي ٿو ۽
هن لکت جي وڏي مجموعي کي جاچڻ پرکڻ کان ڇٽي پئبو.
هن ٻنهي لکتن ۾ موجود تعلقاتن جي پٺڀرائي لاءِ
هيٺيان ٽي نڪتا بيان ڪيا آهن:.
(1) تاريخ جي بحث وسيلي پتو پوي ٿو ته
سنڌو-ماٿريءَ ۽ آريه نسل جا ماڻهو هڪ تاريخي دور ۾
گڏ رهيا آهن. هن حقيقت جو پتو، هن ڳالهه مان چڱيءَ
ريت پئجي سگهي ٿو ته باهه سان لاڳاپيل آتش ڪدهه جا
اهڃاڻ، سنڌو- سڀيتا جي مختلف ماڳن جهڙوڪ لوٿل ۽
ڪاليبئگن مان پڻ مليا آهن. هن مان اها ثابتي ملي
ٿي ته انڊو-يورپين نسل جي ماڻهن گهڻو آڳاٽو نقل
مڪاني ڪري، مشرق قريب وارن علائقن ۾ اچي وسنديون
جوڙيون هيون. تنهن ڪري رگويد جي وڌيڪ آڳاٽي هئڻ جي
پڻ تجويز پيش ڪري سگهجي ٿي (ڪاڪ
b1987:
52-54).
(2) سنڌو- لکت ۽ برهمي لکت جي نشانين ۾ موجود هڪ
جهڙائيءَ تي پڻ تبصرو پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن جو
نتيجو هيٺ ڏنل ڀيٽ ڪندڙ ٽيبلن
(tables)
۾ ڏنو ويو آهي (ڪاڪ
a1987:
190-191). اهڙو تقابلي اڀياس ٻين ماهرن پڻ ڏنو
آهي، انهن سان لاڳاپيل ڪجهه هڪ جهڙايون هيٺ ڏسي
سگهجن ٿيون (a1987:
56).
(3) ڪاڪ، برهمي لکت ۾ موجود سنڌو-لکت جي نشانين ۽
سنڌو-لکت ۽ برهمي لکت جي اهڙين هڪ جهڙين نشانين جي
ورجاءَ کي نظر ۾ رکي، مهاديوان جي نشانين جي فهرست
جي اصول مطابق (a1977)
شمارياتي اڀياس
(statistical study)
ڪيو ۽ صرفيه- صوتيه جي علمي نڪتي موجب قدر مقرر
ڪيو. (ڪاڪ
a1988:
133).
ڪاڪ جو اهو به نقطه نظر هو ته سنڌو-لکت ۽ برهمي
لکت ۾ ٽن قسمن جون امڪاني هڪ جهڙيون ڳالهيون نظر
اچن ٿيون (a1988:
135).
(1) انهن جي وچ ۾ ڪو سڌو تعلق ڪونه هو
(2) يا سنڌو- لکت جون برهمي لکت واريون نشانيون
انفرادي طور انهن ماڻهن کنيون آهن، جن سنڌو-لکت جي
نشانين کي ڏٺو هو، پر پڙهي ڪونه سگهندا هئا.
(3) يا برهمي لکت سڌو سنئون سنڌو-لکت تان کنئي وئي
آهي. هن، شمارياتي مفروضو قائم ڪندي هي نتيجو ڪڍيو
آهي ته ٻنهي لکتن جي نشانين ۾ نظر ايندڙ هڪ
جهڙايون جيڪي هو مٿي پيش ڪري آيو آهي، سي ڪنهن
اتفاق کان سواءِ ممڪن نه آهن (a1988:
135-466). ان کان پوءِ امڪاني تاريخي تعلق جو ذڪر
ڪري ٿو، جنهن بابت سندس بيان آهي ته سنڌو ماٿريءَ
۽ سنسڪرت جو پاڻ ۾ لاڳاپو آهي، تنهن ڪري
سنڌو-سڀيتا جي مهرن واري ٻولي، انڊو-يورپين ٻوليءَ
جي خاندان سان تعلق رکندي هوندي (a1988:
137).
لفظ جي پڇاڙي وارين حالتن
(case endings)
بابت به تحقيق ڪئي وئي ۽ پتو پيو ته اهي فنلئنڊ جي
ماهرن جي ڪڍيل نتيجن مطابق آهن، جن هن لکت جي
ڀڃڻيءَ لاءِ دراوڙي ٻولي وارو مفروضو قائم ڪيو هو
(ڪاڪ
a1988:
138) (72Fegure).
آوازن جي ملهن قائم ڪرڻ کان پوءِ ڪاڪ لفظن ٺاهڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ۽ کيس هڪ لفظ ۾ ’شَندَ‘
(Shanda)
۽ ’سنڌُ‘
(Sindh)
موجود هجڻ جي معلومات ملي آهي، جيڪا هن شڪل ۾ آهي
(ڪاڪ
b1987:
58)
ان ريت هن باد-اِمين ۽ سپت سنڌوءَ تي بحث ڪرڻ لاءِ
ڄڻ دروازو کولي ورتو آهي (ڪاڪ
b1987:
59، 60، ڏسو پڻ ڪنيئر ولسن 1974: 3-4 بئلي 1975 ۽
مچينر 1987: 19- 28). هن پنهنجي ڀڃڻيءَ ۾ ويدڪ
ديوتائن جا نالا معلوم ڪيا آهن. (b1987:
2-61).
ڪاڪ جي تحقيق، سائنسي سوچ رکندو وارن کي سوچڻ لاءِ
مجبور ڪري وڌو آهي، ۽ هن منجهيل مسئلي کي هن
مقداري
(Quantitative)
طريقي سان نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ضرورت به
هئي، پر ٻئي پاسي کيس تاريخي لسانيات ۽ قديم آثارن
جي معلومات ڪانهي. مثال طور هن نسل معلوم ڪرڻ لاءِ
ماڻهن جي کوپرين جي حقيقتن تي بحث ڪيو آهي، پر
آرين نسل وارو اڳيون مفروضو ڪن نسلي ڳالهين جي ڪري
هاڻي متروڪ ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ هن شمارياتي
امڪانن تي غور ڪرڻ وقت هيءَ ڳالهه وساري ڇڏي آهي
ته سنڌو-لکت ۽ برهمي لکت ٻئي ’ڪُنڊن واريون‘ يا
’نوڪدار‘
(Anguler)
آهن ۽ اهي هڪ جهڙيون ان ڪري نظر اچي رهيون آهن، جو
سندن لکت جو نظام ئي هڪ جهڙو آهي.
هن عالم جو ڪمال اهو آهي ته هن سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ
لاءِ رياضيءَ کي استعمال ڪيو آهي. هن تصويرن کي
ڀيٽي ڏسڻ وارو پراڻو طريقو ڪتب ڪو نه آندو آهي،
جنهن کي بار بار استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
هن مان اهو مطلب هرگز وٺڻ نه گهرجي ته پراڻو طريقو
صحيح نه آهي ۽ ان مان به ڪو سٺو نتيجو ڪونه
نڪرندو. قديم شِوَ جي مهر جو اڳي به ڪيترا ڀيرا
تجزيو ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي تازو به سريلنڪا جي ٻن
ماهرن هن مهر تي کوجنا ڪئي آهي.
بينيلي پريانڪا
(Benille priyanka)
۽ انورا ماناٽونگا
(Anura manatunga)
1988: مينهن ديوتا ۽ برهمي:
1988ع ۾ بينيلي پريانڪا ۽ انورا مانا ٽونگا 39
صفحن جو
(Studies in the Decipherment of Harappan Script
and Harappan Seals)
جي عنوان سان هڪ پئمفليٽ لکيو هو. پريانڪا
اقتصاديات جو ماهر آهي ۽ ’گريٽر ڪولمبو اڪانامڪ
ڪميشن‘ سان لاڳاپيل آهي، پر هو ساري زندگي قديم
آثارن جي معاملن ۾ دلچسپي وٺندو رهيو آهي، جڏهن ته
مانا ٽونگا، ڪيلانيه
(Kelaniya)
يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيالاجي جو اسسٽنٽ ليڪچرر آهي.
ڀڃڻيءَ جو تحقيقي ڪم، پريانڪا سان تعلق رکي ٿو،
جنهن ۾ ڪتب آندل طريقه ڪار سڌو سنواٽو آهي. هن
سنڌو-لکت ۽ برهمي لکت جون نشانيون آڏو رکي، هڪ
جهڙيون نشانيون چونڊي ٻاهر ڪڍيون آهن، جن کي هيٺ
73
(Figure)
۾ ڏنو ويو آهي. هنن مان چار نشانيون، سمير جي صوتي
ملهن مطابق آهن، ۽ پنهنجي ڪڍيل نتيجن جي جاچڻ لاءِ
هنن صوتي ملهن کي ڪتب آندو آهي، ٻيا صوتي ملهه
جهڙو ههَ
Ha)،
(Jar
جهڙي ٿانو ۽ ”هي
Hi“
اچار تبديل ٿيل ٿانو جهڙي هن نشانيءَ
تان ورتو ويو آهي، نظر ائين ٿو اچي ته هن اهي ملهه
آزمائش ۽ غلطيءَ واري اصول تي تحقيق ڪري معلوم ڪيا
آهن، ۽ بامقصد ڀڃڻي معلوم ٿيڻ کان پوءِ کيس
اطمينان ٿيو آهي (پريانڪا 1988: 6). برهمي لکت جي
استعمال مان اڻ سڌي حقيقت اها معلوم ٿئي ٿي ته
سنڌو-لکت ۾ استعمال ٿيل ٻوليءَ وارو مفروضو، انڊو
يورپين ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهي. پريانڪا به ان
نظريي تحت پنهنجي پڙهڻي قائم ڪئي آهي ته هن لکت ۾
استعمال ٿيل ٻولي، سنسڪرت جي ڪا شاخ هوندي.
Figure 73. B. Priyanka’s correspondence between
Harappan and Brahmi with Sumerian equivalences
after Priyanka 1988:5
پريانڪا ان آزمائش واسطي قديم شو
(proto
siva)
واري مهر ڪتب آندي آهي ۽ ساڄي کان کاٻي هن لکت جو
ترجمو هن ريت قائم ڪيو ويو آهي، تر- مَ-مَ-سَر-هه
(ha-sa-ma-ma-tra)
(پريانڪا 1988: 6). هن مان اهو اشارو ملي ٿو ته
سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي جي لفظن جو اچار، ’ترم مهيش‘
آهي. ڪرشن راءِ (1982: 12) جي ڀڃڻي ’مهيش‘ آهي.
هن، لفظ جي سنسڪرت ۾ معنيٰ ’مينهن‘
(buffalo)
آهي جيڪا ’مينهن واري مهر‘ تي نظر ايندڙ اهم تصوير
جي مٿي جي اوڇڻ
(head dress)
مان به پڻ معلوم ٿئي ٿي. ’تر‘
(tra)
معنيٰ ٽي آهي، جنهن جو اشارو ٽن منهن واري قديم شو
ڏانهن آهي ۽ مها جي معنيٰ ’وڏو‘ آهي (پريانڪا
1988: 6-7).
پريانڪا هن قسم جي ابتدا کان پوءِ ٻين لکتن کي
پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن، ان سلسلي ۾ اڳيئي معلوم
ٿيل پڙهڻين کي ڪتب آندو آهي، ۽ پنهنجي ابتدائي
پڙهڻيءَ جي مدد سان ان جي جاچ پڻ ڪئي آهي، ۽ انهن
لکتن ۾ ساڳئي اصول تي صوتي ملهن کي ڪم آندو آهي.
هن اهڙي لکت چونڊي آهي، جنهن ۾ ڪي اڻ ڄاتل ملهن
واريون ۽ ڪي ڄاتل ملهن واريون نشانيون موجود آهن.
ميل کائي ٺهڪي بيهڻ وارن صوتي ملهن ڪتب آڻڻ ۽ لفظن
جي بامقصد پڙهڻي معلوم ڪرڻ کان پوءِ، هن، اڻ ڄاتل
ملهه معلوم ڪري ورتا. اهڙيءَ ريت هو پنهنجي مقالي
جي پڇاڙيءَ وارن ستن صفحن تي سنڌو-لکت جي سنسڪرت
ٻوليءَ ۾ پڙهڻي ڏني آهي. هن قسم جي پڙهڻيءَ ۾ مکيه
قسم جون ٻه اوڻايون آهن، جهڙوڪ: سنڌو- لکت ۽ برهمي
لکت ۾ ڪو تعلق نظر ڪو نه ٿو اچي، پر جيڪڏهن تعلق
موجود آهي ته به اهو ضروري نه آهي ته پنهنجي لکتن
جي لفظن جا صوتي ملهه به پاڻ ۾ ٺهڪي ايندا هجن.
اهڙيون ڪيتريون ئي ٻوليون آهن جيڪي ’ميخي خط‘
cuniform
يا ’رومن لپيءَ‘ ۾ لکي سگهجن ٿيون، پر انهن ۾ صوتي
ملهن جو تمام گهڻو فرق هوندو آهي. مثال ’جي‘
(J)
اکر اسپيني آهي، جنهن کي ڪڏهن انگريزي ڊبليو (W)
جيان اچاريندا هئا، جهڙوڪ
’سئين‘ (جئان) ’وئان‘
(San Juau).
ان کان سواءِ پريانڪا جو ڪتب آندل طريقو، تاريخي
لسانيات
(historical Linguistics)
کان مختلف آهي. هو پنهنجو مفروضو اڳيئي قائم ڪري
ڇڏي ٿو ۽ بعد ۾ نشانين جي معنيٰ ڪڍي ٿو. هن آزمائش
۽ غلطي واري اصول تحت جنهن نموني سان ’ههَ‘ ۽ ’هي‘
جو صوتي ملهه مقرر ڪيو آهي، سو به ”اڳيئي سوچيل
مفروضي ۽ پوءِ نشانين کي من پسند معنيٰ ڏيڻ واري
حقيقت جو هڪ مثال آهي.“ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هر پاسي
هٿ پير هڻندو
(plays around)
ته ڪا نه ڪا چڱي معنيٰ ضرور نڪري پوندي. ان کان
سواءِ سنڌو-لکت جي ڀڃڻي هروڀرو ڪا ’بي معنيٰ
گفتگو‘
(gabblidygook)
به ڪانه هوندي آهي، تنهن ڪري هر تحقيق انهيءَ
معيار مطابق يا محقق جي دعويٰ کي نظر ۾ رکي پرکڻ
نه گهرجي.
اها به هڪ دلچسپيءَ جي ڳالهه آهي جو ڪيترائي اهڙا
ماڻهو به سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ ڪوشش رهيا آهن،
جن جو واسطو نه قديم آثارن واري شعبي سان آهي، نه
ئي لسانيات سان. اهڙن عالمن ۾ پراڻ ناٿ، جي دي.
هيوسي ۽ سوامي شنڪر آنند شامل آهن. هنن کان پوءِ
ايس. ڪلياڻ رامن جو نالو پڻ اچي ٿو، جنهن جو پڻ
مٿين ٻنهي شعبن سان تعلق ڪونه آهي.
ڊاڪٽر ايس.ڪلياڻ رامن
(Dr. S. Kalyanramna)
سڪا ۽ سنڌو- سڀيتا جون مهرون:
ڊاڪٽر ايس. ڪلياڻ رامن جو تعلق معاشيات سان آهي ۽
فلپائين ۾ ’ايشين ڊيولپمينٺ بئنڪ‘ جو ملازم آهي.
هن سنڌو-لکت جي موضوع تي پئمفليٽن جو هڪ سلسلو
شروع ڪيو هو، جن مان وڌيڪ اهم 1989ع وارو پئمفليٽ
آهي (ڪلياڻ رامن
a1989،
b1989).
ڪلياڻ رامن هن مفروضي تحت ڪم ڪيو آهي ته سنڌو-
سڀيتا جون مهرون، ٽڪيون ۽ ڌاتوءَ تي نظر ايندڙ
تحريرون، ڪنهن مشهوريءَ لاءِ ڪي دستاويز (يا ملڪيت
جا دستاويز) آهن، جن جو ڪن شين جي اقتصادي ملهه ۽
ماپ تور لاءِ جاري ڪيل ڪن شين جي ماڻ، ماپ ۽ تور
جي دستاويزن سان تعلق آهي (1989: 2)، ڪنيئر ولسن
به ساڳئي نظريي جو حامي آهي.
ڪلياڻ رامن، خاص ڪري هن نڪتي ڏانهن به اشارو ڪيو
آهي ته موهن جي دڙي مان هٿ آيل ٽامي جون وڏيون
ٽڪيون ۽ هڙپا مان لڌل ننڍيون ٽڪيون، در اصل سڪا
آهن (a1989:
3)، ۽ هو سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن کي واڌايون ڏئي ٿو
ڇاڪاڻ ته اهي دنيا جا پهريان ماڻهو آهن جن سڪو
ايجاد ڪيو هو. هو ڪنهن به طريقه ڪار تي بحث نٿو
ڪري، پر سنڌو-لکت جي نشانين پڙهڻ لاءِ هڪ تعريف
ڏانهن اشارو ڪري ٿو. سندس بيان آهي ته قديم
سنڌو-لکت ۾ ’ڏوڪڙ‘ لاءِ مناسب صرفيه
(morpheme)
’اَنڪ‘
(anka)
جنهن کي مهر جي ٺپيل نشانن (اڪيو ڪئائن
(acco coin)
جنهن جو مکيه استعاره ڪمان جي ڏوري
(bow string)
آهي يعني ’ن‘، ان
(n na)
هي هڪ اهڙي ٿانوَ جو نالو به آهي، جنهن ۾ کاڻ مان
لڌل ڌاتو، جهڙوڪ سون، چاندي ۽ ٽامو رجائي صاف ڪيو
ويندو هو) مطابق هن کي ’ڪمسپٽم‘
(Kampattam)
پڙهي سگهجي ٿو (يونانيءَ ۾ هن کي ’گمدم‘
gammadumm
سڏيو ويندو هو) جنهن جي معنيٰ ’خزانو‘
(mint)،
’سڪه سازي‘
(coinage)
آهي. ’تت انگن‘
(Anga Na)
لفظ جي سامهون تصويري شڪل ۾ هڪ ’سڱيو ڍڳو‘
(Unicorn)
۽ يوناني طرز جو ’مانڌاڻي نشان‘
(Greek Cross)
ڏسجي ٿو (ڪلياڻ رامن
a1989:
3).
ڪلياڻ رامن هن حقيقت جي معلومات نٿو ڏئي ته اهي
مهرون خاص ڪري معاشيات سان لاڳاپيل ڇو آهن، ۽ نه
وري هو تاريخي لسانيات جي طريقه ڪار جي وضاحت سان
سمجهاڻي ڏئي ٿو. جيتري قدر سنڌو سڀيتا جي هنن شين
جي ملڻ جو تعلق آهي تن لاءِ فقط هي چئي سگهجي ٿو
ته انهن جو تعداد مختصر آهي، ۽ اهو تعداد هڪ جاءِ
تي گڏ ڪري رکيل ڪونه هو. تنهن ڪري اهو ممڪن ئي نه
آهي، جو هنن شين جو تعلق ’سڪي‘، ’رسيد‘ يا ’ملڪيتي
دستاويزن‘ سان هجي. مٿي بيان ڪيل ڪنهن به هڪ مقصد
سان سندن ڪونه واسطو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. هڙپا مان
لڌل ’بومبيءَ‘
(boss)
سان چورس شڪل جو ٺپي جي مقصد واريون مهرون به هن
زمري ۾ شامل ڪري نه ٿيون سگهجن.
ڪلياڻ رامن پنهنجي قائم ڪيل ڀڃڻيءَ جي ڏس ۾ ڪابه
وضاحت پيش ڪا نه ڪئي آهي. تنهن ڪري هر ڪنهن
ماڻهوءَ کي ويساهه ڪرڻ لاءِ سبب آهي ته سندس
ڀڃڻيءَ صحيح طريقي سان ثابت ڪانه ڪئي وئي آهي، پر
ائين والٽر اي. فيئر سروس جونيئر لاءِ نه ٿو چئي
سگهجي، جنهن پنهنجي زندگيءَ جا پويان ارڙهن سال،
سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ جي ڀيٽ ڪري ڇڏيا هئا.
فيئر سروس، قديم آثارن جو مشهور ماهر ۽ عالم هو،
جنهن جي تحقيق نتيجه خيز هوندي هئي، ۽ هن سنڌو-
سڀيتا تي گهڻو ئي ڪم ڪيو هو. سندس نقطه نظر ۽ سوچ،
ٽن ڳالهين ڪري نرالي ۽ انوکي هئي. تنهن ڪري تعريف
لائق آهي. پهريون ته هن مختلف ٻولين جي سکيا ورتي
هئي. ٻيو ته کيس هن ننڍي کنڊ ۽ سنڌو- سڀيتا بابت
تمام گهڻي معلومات هئي. ٽيون ته هن علم بشريات
(Anthropology)
۾ تربيت پڻ ورتي هئي. تنهن ڪري هن سنڌو ماٿريءَ جي
ماڻهن جي زندگي ۽ سندن لکت کي هڪ نئون روپ ڏنو هو.
اهو به چئي نٿو سگهجي ته هي ماهر سنڌو- لکت کي
پڙهڻ ۾ سوڀارو ٿيو هو يا نه، پر هن جي تحقيق ۾ ڪي
اهم ڳالهيون ضرور آهن، تن جي پوئلڳي ڪئي وڃي ۽
سنڌو-لکت جي تحقيق ڪرڻ جي نقطه نگاهه کان انهن کي
اڳتي وڌايو وڃي.
والٽر اي.فيئر سروس جونيئر 1992: سنڌو ماٿريءَ جون
لٺ سرداريون
(Chiefdoms)
۽ ذاتيون
(Clans)
:
سنڌو-لکت جي موضوع تي تازو تحقيقي ڪم مشهور
آرڪيالاجسٽ، والٽر اي. فيئر سروس جونيئر ڪيو آهي
(1992ع). هن موضوع تي سندس لکيل تصنيفن جي هڪ ڊگهي
فهرست آهي، جنهن جي هن شروعات، سنڌو- سڀيتا جي
’الله ڏنو ساند‘، نالي هڪ قديم ماڳ جي کوٽائيءَ
مان هٿ آيل مهرن ۽ ’ٺڪر-لکت‘
(graffiti)
جي تحقيق سان ڪئي هئي. مذڪوره ماڳ، ڪراچيءَ واري
سامونڊي ڪناري کان اوڀر طرف، ملير جي سرسبز علائقي
۾، موجود آهي (فيئر سروس 1976 ۽
a1977).
هن ماهر سنڌو- سڀيتا جي هڪ همه پهلو تي ڊگهو مقالو
لکيو هو، جيڪو سائنٽنڪ آمريڪن ۾ ڇپيو هو ۽ پوءِ
اٺن خانگي اخبارن به هلايو ويو هو.
فيئر سروس، سنڌو-لکت تي تحقيق دوران، سنڌو- سڀيتا
بابت وڏيءَ ڄاڻ جو مظاهرو ڪيو هو. هن عالم، سنڌو-
لکت تي کوجنا به سنڌو- سڀيتا واري وسيع پس منظر ۾
ڪئي هئي، جيڪا انهن عالمن جي نظر ۾ صحيح ڪانه هئي،
جن کانئس اڳ هن موضوع تي تحقيق ڪئي هئي (فيئر سروس
1992: 3). ٻئي طرف هن کي تاريخي لسانيات يا هن
ننڍي کنڊ جي ٻولين جي پس منظر جي ڄاڻ گهٽ هئي،
جيڪا لکت جي ڀڃڻيءَ واري ڪوشش ۾ نهايت اهم هوندي
آهي.
سنڌو- لکت تي سندس لکيل ڪتاب، سنڌو- سڀيتا سان
لاڳاپيل هڪ اهم تصنيف آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته
اهو ثابت ٿي نه سگهيو آهي ته سندس ڀڃڻي صحيح آهي
يا غلط . فيئر سروس، سنڌو لکت جي کوجنا ۾ پورا
ويهه سال نذر ڪري ڇڏيا. مذڪوره تحقيق دوران، هن
سنڌو- لکت جي نشانين جي تقسيم واسطي خانا جوڙيا
هئا، جن جي وسيلي هن ۽ ٻين محققن کي مختلف نشانين
جي تعداد، لکت جي سلسلي ۾ نشانيءَ جي بيهڪ واري
جڳهه ۽ مرڪبن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي هئي. کيس پڪ هئي
ته سنڌو-لکت جي ٻولي، دراوڙي آهي، ۽ ان حقيقت کي
ثابت ڪرڻ لاءِ هن ڏاڍا سگهارا دليل ڏنا هئا. هن
سنڌو-لکت ۾ موجود انگن جي سرشتي ۽ سال جي ڪئلينڊر
(calender)
تي پڻ تحقيق ڪئي هئي. سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن جي
طرز-زندگيءَ ۾ دلچسپي رکڻ وارن محققن لاءِ هي ڌيان
ڏيڻ جوڳي ڳالهه آهي. آخر ۾ سندس ڀڃڻيءَ جي دعويٰ
کي آزمائي نٿو سگهجي ۽ ان کي پنهنجي نجي حيثت ۾
صحيح مڃي سگهجي ٿو، يا ان کي غلط قرار ڏيئي سگهجي
ٿو. هن دليل تي مبني دعوائن جو هڪ نمونو آهي، جيڪو
اندروني طور فيئر سروس جي مفروضن جي عين مطابق
آهي. هن انهن مفروضن تي پابنديءَ سان ۽ نهايت منظم
طريقي سان تحقيق ڪئي آهي. هن به ٻين جهڙوڪ: فنلئنڊ
۽ سويت ماهرن جيان سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي دعويٰ ڪئي
آهي، جن مان ڪو نه ڪو ته صحيح هوندو، پر اسان کي
پڪ ڪيئن ٿئي؟
فيئر سروس جي ڀڃڻيءَ جو مرڪز گهڻو ڪري مهرن تي
لکيل پيغام رهيو آهي. پر هن هڙپا مان هٿ آيل ٺپن
جي نشانن کي به پنهنجي تحقيق جو ٿورو گهڻو وسيلو
بڻايو آهي. ٻئي لکيل مواد جهڙوڪ: ٽامي جي اوزارن ۽
ٽڪلين ڏانهن ته هن ڪو به ڌيان ڪونه ڏنو آهي. هي
ٺپي وارين مهرن کي ’ٻلو‘
(badge)
يا شاديءَ جي ’تالي‘
(tali)
سمجهي ٿو، جيڪا اڄ به هندستان جي ڪن ڀاڱن ۾ پرڻي
مهل عورت کي ڏني ويندي آهي. (1992: 5).
هن سنڌو ماٿريءَ جي ثقافتي حقيقتن کي نظر ۾ رکي،
مهرن جي لکتي سلسلن ۾ موجود، مختلف نشانين جي بيهڪ
وارين جڳهن کي سوچي ويچاري، معمي جي طريقه ڪار
واري اصول مطابق، سنڌو- لکت جي نشانين کي سڃاڻڻ
بابت کوجنا جي شروعات ڪئي هئي. انهن جي صوتي قدرن
کي مقرر ڪرڻ لاءِ هن، ڊرئويڊين ايٽيمالاجيڪل
ڊڪشنري (برو ۽ ايمينيو 1984) ڪم آندي هئي.
فيئر سروس جي اختيار ڪيل طريقه ڪار جو ڪجهه حصو
خاص قسم جي مهرن تي نظر ايندڙ پيغامن سان تعلق رکي
ٿو، جن لاءِ سندس سوچ آهي ته اهي نالا، لقب ۽
اعزاري خطاب آهن.
جهڙوڪ: ’ڊبليو جو نشان‘
(Mark of Vilambu)،
’تيرن ٺاهڻ جو ڪاريگر‘
(Forewost maker of Arrow)
يا ’گرديو پنڊت ارو ولن‘
(Chief Priest lruevilan)
(ان جو مثال ’ٻه ڪمانون‘ آهي) جيڪو پاليئر
Ur
(y)
Pali
نالي هڪ وسنديءَ جو رهاڪو آهي يا ’نيرلن‘
(Neralan)
يا ’ڪروڪير‘
(Krukir)
جي سردار جو نشان يا جنگي جوڌي ’ادنن‘
(Adnan)
جو نشان
(The mark of Adnan the Shield bean)
(فيئر سروس 1992: 125-120) مهرن تي لکيل هنن
پيغامن مان سنڌو-ماٿريءَ جي رهاڪن جي سماجي
زندگيءَ جو چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو ته سنڌو
سڀيتا ۾ سرداري نظام موجود هو. هر علائقي جي
انتظامي سنڀال لاءِ سردارن جي درجه بندي هئي، جن
جي نگراني مکيه سردار ڪندو هو. اهڙن سردارن جي هڪ
پئنچات ٺهيل هئي، جنهن کي ’بالار‘
(Ballara)
سڏيو ويندو هو. انهن ۾ ڪي اهڙا سماجي رتبي وارا
ماڻهو به هوندا هئا، جن کي ’پير‘
(Pir)
ڪري سڏيو ويندو هو. سماجي رتبا هن ريت هئا: ننڍا
سردار، وڏيرا ۽ ڌرمي پنڊت، ڀاڳيا
(cattle owners)
۽ مکيه سردار. ملڪي انتظام لاءِ مقرر ڪامورا شاهي،
مکيه سردارن جي نگرانيءَ هيٺ ڪم ڪندي هئي. وسندين
۽ واهڻن جو انتظام هنن جي نظر داريءَ هيٺ هوندو هو
(فيئر سروس 1992: 133). هر محقق لاءِ ضروري نه آهي
ته فيئر سروس جي هن ڀڃڻيءَ سان اتفاق ڪندو هجي،
جنهن تحقيق جي شروعات سنڌو ماٿري جي سماجي ڇنڊڇاڻ
سان ڪئي هجي، پوءِ اها کڻي ڪهڙي به بهتر ڇو نه
هجي.
هن پنهنجيءَ تحقيق ۾ ڪمپيوٽر ڪتب ڪو نه آندو هو:
فيئر سروس پنهنجيءَ تحقيق ۾ ڪمپيوٽر ڪتب ڪونه آندو
آهي ۽ هڪ تحقيقي طريقه ڪار کان چڱيءَ ريت واقف هو.
سندس بيان هن ريت آهي:
مسئلو اهو آهي ته ڪمپيوٽر ڪنهن معلومات کي محفوظ
ڪرڻ ۽ حقيقتن کي ترتيب ڏيڻ لاءِ نهايت ڪارائتو
هوندو آهي، پر خود تحقيق لاءِ ڏاڍو نقصانڪار آهي.
ڇپيل ڪنڪارڊنس جي حالت ۾، معيار سان لاڳاپيل مسئلا
پيدا ٿي پوندا آهن، جيڪي ’ڪتابت‘
(epigraphic)
سان لاڳاپيل غلطيون ڪري وجهندا آهن. ڪن حالتن ۾
ڪجهه نشانيون اصل جي نقل طور
(Vanuatu’s)
درج ٿي وينديون جيڪي حقيقت ۾ مختلف نشانيون
هونديون آهن. ان کان سواءِ مغرب جو سائنسي مجموعي
صورتحال اهو آهي ته ڪمپيوٽر جي رياضي نتيجن تي
اکيون ٻوٽي اعتبار ڪيو وڃي، پر اهڙي ڳالهه ثقافت
جي معاملي ۾ صحيح نه آهي. پيش آيل هڪ واقعو مجموعي
واقعن لاءِ بامعنيٰ هوندو آهي. قديم لکت جي کوجنا
لاءِ وڌ کان وڌ بهتر طريقه ڪار اهو هوندو آهي ته
هر هڪ متن
(text)
کي خاصيت يا ماهيت
(qualitative)
جي لحاظ کان جاچيو، پرکيو ۽ قلمبند ڪيو وڃي.
جيڪڏهن خاصيت يا ماهيت وارو طريقه ڪار اختيار ڪبو
ته اهو متن جي وچ وار مضمون
(central theme)
نه پر ’صحيح توصيفي لفظ‘ (Sound
adjured)
ٺهي پوندو“ (فيئر سروس 1992:
7).
هن قسم جي صورتحال ۾ ڪي ڳالهيون ڌيان ڇڪائينديون
آهن ۽ ڪي ڳالهيون سخت به هونديون آهن. مثال طور
اها سوچ ته هر متن کي الڳ ڪري آزاد نموني سان مٿس
سوچيو وڃي. اهڙو طريقو ڄڻ ته سختيءَ سان منع ڪري
رهيو آهي ته انهيءَ متن مان بامعنيٰ نموني وارن
متنن جي چونڊ ئي نه ڪئي وڃي. ڪمپيوٽر اهڙي قسم جي
تحقيق لاءِ ته بهتر اوزار آهي. فيئر سروس جو اهو
به خيال آهي ته ڪمپيوٽر بدليل نشانين لاءِ اعتماد
جوڳو ڪم ڪري نٿو سگهي. هن طريقي وسيلي، سندن تعداد
ته صحيح معلوم ٿي ويندو، پر معيار جي معاملي ۾ هن
جا ڏنل انگ اکر واضح نه آهن. جڏهن محقق (ڪمپيوٽر
نه) اهو فيصلو ڪري وٺندو آهي ته ڪهڙيون نشانيون،
بنيادي ۽ ڪهڙيون نشانيون غير بنيادي آهن ته پوءِ
انهن جي اهڙي بهتر پيش ڪش ۽ خوش اسلوبيءَ سان سر
انجام ڪرڻ واري عمل کي بگاڙڻ وارو عمل نه سمجهڻ
کپي ۽ مٿن اهڙو الزام مڙهڻ نه گهرجي. پر هن يا ٻئي
قسم جي تحقيق ۾ ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت
هئڻ نهايت ضروري آهي. ڪمپيوٽر جو استعمال ڪن
ڳالهين ۾ تمام سٺو ۽ ڪن ڳالهين ۾ سٺو ثابت ڪونه
ٿيندو آهي، پر انهيءَ لاءِ ته ڪو سبب ڪونه آهي جو
ٻارَ کي وهنجارڻ واري پاڻيءَ سان گڏ ٻاهر هاري
ڇڏجي.
سنڌو- لکت ۾ استعمال ٿيل ٻولي:
فيئر سروس، سنڌو-لکت واري ٻوليءَ بابت ڏاڍو دلچسپ
بحث ڪيو آهي (1992: 14-23). ان سلسلي ۾ هن چئن
امڪاني ٻولين جهڙوڪ: منڊا، انڊو-يورپين، ڪجهه ٻيون
ٻوليون ۽ دراوڙيءَ تي بحث ڪيو آهي. هن منڊا کي ان
ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي، جو اها ٻولي هاڻي اوڀر
هندستان وارن علائقن ۾ ورهائجي وئي آهي. ان کان
سواءِ هيءَ ڳالهه به آهي ته هن ٻوليءَ ۾ ڪڻڪ، جون
۽ ڦٽيءَ لاءِ لفظ موجود نه آهن، جيڪي سنڌو ماٿريءَ
جون اهم زرعي جنسون هيون فيئر (سروس 1992: 14). هن
انڊو-يورپين ٻوليءَ کي هن نقطه نظر سان رد ڪري
ڇڏيو آهي ته انهيءَ ٻوليءَ جي نسل سان تعلق رکندڙ
ٻوليون، هتي 1500 ق.م ڌاري پهتيون هيون. ان زماني
۾ سنڌو ماٿريءَ واري ٻوليءَ جي لکت ختم ٿي چڪي هئي
(1992: 15). ٻين ٻولين جهڙوڪ الٽائڪ ۽ سميريءَ جي
امڪانن تي بحث ڪيو اٿس، پر کيس انهن ٻولين جي هتي
موجودگي ممڪن نه آئي، تنهن ڪري هن لاءِ دراوڙي
ٻوليءَ وارو نظريو حقيقت پسندانه ۽ اهم هو، جيڪو
دراوڙي ٻوليءَ جي نئينءَ شڪل ۽ تقسيم، ٻوليءَ جي
گرامر سان لاڳاپيل رويي ۽ هڪ ’آلپن‘
(Mc alpin)
جي قديم ايلمو-ڊرئويڊين ٻولي جي شاخ واري مفروضي
تي بيهاريل هو (هڪ آلپن 1981، فيئر سروس 1992:
16-23). مهرن جي لکت واري ٻوليءَ جي مسئلي کي
نبيرڻ کان پوءِ هن، معمي واري طريقي کي استعمال
ڪرڻ واسطي دراوڙيءَ ٻوليءَ جي اشتقاتي ۽ صرفي
ذخيرن کي ڪتب آندو.
فيئر سروس جو ڪتب آندل طريقو:
فيئر سروس، پنهنجي تحقيق جو طريقو (1992: 23-84)
ڏاڍيءَ چٽائيءَ ۽ خبرداريءَ سان سمجهايو آهي. هن
مان هيءَ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته هن جيڪي تحقيق لاءِ
رهنما اصول بنايا هئا، تن تي عمل ڪرڻ واسطي
استقامت جو مظاهرو ڪيو هو. سندس تحقيق جي طريقه
ڪار جو اختصار هيٺ ڏجي ٿو:.
(1) تحقيق لاءِ کنيل نشانيءَ کي سڃاڻڻ ۽ اُن جي
سڃاڻپ بابت اڳي ڪيل بحث کي نظر ۾ رکي، درجه بنديءَ
مطابق اهڙي سڃاڻپ قائم ڪرڻ ته مذڪوره نشاني شڪل ۾
ڪهڙيءَ شيءِ جي نمائندگي ڪري رهي آهي.
(2) دراوڙيءَ ٻوليءَ ۾ ان جي برابري جهڙو لفظ ڳولڻ
(3) اهڙي ٺهڪي بيهندڙ لفظ جي چونڊ ڪرڻ جيڪو عام
استعمال هيٺ هجي، پر سندس اها حيثيت لسانياتي
اجتماعي اثر
(linguistic convergeny)
ڪري نه هئڻ گهرجي.
(ب) اهو لفظ قديم دراوڙي ٻوليءَ ۾ هجي
(ٻ) ۽ فقط دراوڙي ٻوليءَ سان ئي لاڳاپيل هئڻ کپي
(4) مناسب لفظ ملڻ کان پوءِ، ان تي اصلي ملهه
(substantive value)
۽ پدي ملهه
(syllabic value)
تي سوچڻ ويچارڻ ته:
(الف) لکت جي حوالي سان ان ۾ ڪو مفهوم آهي ۽ سنڌو-
سڀيتا جي نقطه نظر کان سندس معنيٰ قابل قبول آهي
يا نه؟
(ب) مفروضي واري لفظ جو پدي ملهه هڪ جهڙي اُچار جي
نقطه نگاهه کان مهر جي لکت ۾ يا ٻين ڳالهين ۾ ڪا
مناسبت رکي ٿو يا نه.
(ٻ) اهو لفظ مهر واري ٽڪيءَ جي استعمال ۾ هڪ شخصي
نالي طور مناسب لڳي ٿو يا نه؟
(5) مختلف نشانين جي صحيح ملهن معلوم ٿيڻ کان پوءِ
اهو به ڏسڻو پوندو ته مذڪوره قدر انهن قدرن جي ڀيٽ
۾ لکت اندر وڌيڪ صحيح آهي، جن تي ابتدا ۾ تبصرو
ڪيو ويو آهي.
(6) نشانين جي صحيح لکت
(orthography)
کي پڻ ڌيان سان قلم بند ڪيو وڃي، انهيءَ لاءِ ته
جيئن بدليل نشانين تي ’معنوي ملهه‘
(semitic value)
۽ ڪاتب جي عادت تي چڱيءَ ريت ويچاري سگهجي ته
اهڙيون تبديليون بامقصد هيون يا نه؟ (فيئر سروس
1992: 23-24).
سنڌو- لکت جي نشانين جي سمجهاڻي:
فيئر سروس جي ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو (1992: 27-114)
سنڌو- لکت جي مختلف نشانين جي ڪڍيل معنائن تي ٿيل
بحث سان تعلق رکي ٿو. هن مذڪوره نشانين جي سُڃاڻ
جو مجموعو ڪهڙي طريقي سان ترتيب ڏنو آهي، تنهن جو
ڪجهه احوال هيٺ ڏجي ٿو.
هن ابتدا ۾ ئي ماڻهوءَ جهڙي هن نشاني تي غور
ويچار ڪيو آهي. ماڻهوءَ
لاءِ ڪم ايندڙ لفظ ال- ’ان‘
(Al-An)
سان تعلق رکي ٿو ۽ ’ان‘
An
جو لفظ ڌنڌي سان لاڳاپيل لفظ جي پڇاڙي آهي. دراوڙي
ٻوليءَ جو لفظ آل-آن
(All- An)
(Dravidian
etymological dictionary
ص 341) جي معنيٰ ماڻهو جنس مذڪر آهي. هي لفظ ڏکڻ
هندستان جي ستن دراوڙي ٻولين ۾ نظر اچي ٿو، جنهن ۾
تامل ۽ ڪنڊا ٻوليون پڻ شامل آهن. ’ڪروک‘
(kurukh)
جو لفظ ’آل‘ مان سنڌو ماٿري جي ٻوليءَ جي هن صوتيه
(phoneme)
جي وڌيڪ ويجهو آهي. اسان جي مقصد مطابق
’اَن‘
an
جي صرفيه
(morpheme)
کي ڌنڌي واري انساني شڪل
(occupation al enthropomorph)
طور ڪم آندو ويو آهي. جڏهن ته آل-ان لفظ کي مذڪر
”جنس ڌنڌي واري انساني شڪل“ ڏني وئي آهي، جيڪا
’جوڙيندڙ نشاني‘
(ligature)
کان بلڪل آزاد آهي. امڪان آهي ته سنڌو-ماٿريءَ جي
ٻولي جي اصلي لفظ جو آواز ’مور ڌني‘
(retroflexive)
نه هجي. ٻي نشاني هيءَ آهي،
جيڪا سندس نقطه نظر موجب عورت آهي. هيءَ هڪ اڻ لڀ
نشاني آهي، جيڪا مٿي جي اوڇڻ ڪري سڃاڻبي آهي ۽ اها
مٿي جي اوڇڻ واري خاص علامت ڪيترين ئي مونث مورتين
جي مٿن تي نظر ايندڙ اوڇڻ جهڙي آهي (مئڪي
a1931،
پليٽ
Xcv
نمبر 13، 26 ۽ 27). عورت لاءِ ڪم ايندڙ لفظ ’پين-
پوب‘
Pen-Pob
آهي. (DED
3608 يا پين/ڪ
Pen/C).
ڪنڪار ڊنس مطابق هيءَ نشاني فقط ٻه ڀيرا ڏسجي ٿي
(فيئر سروس 1992: 27). هن قسم جي سڃاڻ مان هڪدم
سمجهي وٺبو ته فيئر سروس ڪيڏو نه آسانيءَ سان
ساڳيءَ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي، جنهن ۾ هن کان اڳ
ڪيترا ٻيا محقق به ڦاسي چڪا هئا، جن معمي جي اصول
مطابق هن نشانيءَ جي سڃاڻپ کي پنهنجي تحقيق جي
بٺيءَ جو ٻارڻ بڻايو آهي. هن نشانيءَ جي عورت طور،
سڃاڻپ کي قابل-قبول سڏي نه ٿو سگهجي. فيئر سروس کي
سنڌو- سڀيتا جي ثقافتي شين جي تمام گهڻي ڄاڻ آهي.
ان ڪري آءٌ سندس تمام گهڻو احترام ڪريان ٿو، پر هن
نشانيءَ جي عورت طور سڃاڻپ، مارشل جي رپورٽ ۾ ڏنل
مونث مورتيءَ تان ورتي آهي، جيڪا صحيح ڪا نه آهي.
هن نشانيءَ جو مٿيون پاسو يعني مٿي جو اوڇڻ وڌ ۾
وڌ پپر جي پن سان هڪ جهڙائي رکي ٿو ۽ اهڙي نشاني،
سنڌو-لکت ۾ اڳي ئي موجود آهي. عورت طور سڃاڻجي
ويندڙ نشاني، ٻن نشانين، ماڻهو
(Men)
۽ پپر جي پن جو جوڙ آهي، جنهن جو فيئر سروس جي
تجويز ڪيل معنيٰ سان ڪوبه تعلق نه آهي، جنهن جو
فيئر سروس ڪمان جهڙي نشاني بابت لکتي صورتن ۾
پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي (1992: 31-32) جن
مان هڪ ته ڪمان جهڙي اڪيلي نشاني آهي، جڏهن ته
ٻيءَ لکتي صورت ۾ ڪمان جهڙي نشانيءَ سان پور-وڇوٽ
نشاني جي
H
يا
H
مرڪب ڏئي ٿو. سندس خيال مطابق هن قسم جي مرڪب مان
مارڪيٽ جي جڳهه
(market place)
جي معنيٰ نڪري ٿي. سندس ڪڍيل نتيجو ته کڻي صحيح
آهي، پر سمجهاڻيءَ ۾ ايڏي سگهه ۽ اثر نه آهي.
هن، چمٽي يا پڪڙ جهڙيءَ هن نشانيءَ تي هڪ
ڊگهو بحث ڪيو آهي (1992- 36 کان 40). ان دوران ٻين
بحث جوڳن مسئلن کي پڻ کڻي ٿو. جيڪڏهن هنن نشانين
جي سڃاڻپ لاءِ سنڌو-ماٿريءَ جي هنرن مان ٺهيل شين
جي پنوتري
(inventory)
تي ويساهه ڪبو ته پتو پئجي ويندو ته چمٽي جهڙي
نشانيءَ جو اهڙين شين جي مجموعي سان ڪو تعلق ئي نه
آهي. اُن ڪري سندس اهڙي سڃاڻپ مشڪوڪ ٿي وڃي ٿي. ان
کان سواءِ فيئر سروس هن نشاني کي، هن
نشاني جي ويجهو
تصور ڪري ٿو، جنهن کي واڍي جي ماپڻ جو اوزار سمجهي
ٿو. هن ۽ هن
نشانيءَ جي ميلاپ
کي هي، اتصال نشاني تصور ڪري
ٿو. سندس ڪڍيل نتيجو کڻي صحيح به هجي، پر سندس ڏنل
سمجهاڻي ايڏي طاقت واري نه آهي.
فيئر سروس طرفان مڇيءَ جهڙيءَ نشانيءَ جي پيش
ڪيل سمجهاڻي نهايت اهم آهي، جيڪا کيس ٻين محققن
کان الڳ ڪري بيهاري ٿي، سندس نقطه نظر موجب اها
نشاني مڇي نه، پر هڪ
’ڳنڊ‘
(Knot)
آهي (1992: 8 کان 50). هن جو بحث تمام گهڻو آهي.
تنهن ڪري ان کي هتي نه ٿو ورجائجي، ڇاڪاڻ ته اسان
جو مقصد اهو هوندو آهي ته ڪڍيل نتيجو اهم آهي يا
نه؟
فيئر سروس، آخر ۾ سنڌو-لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ ’هوا جي
طاقت‘
(wind power)
کي متعارف ڪري ٿو ۽ هيٺ ڏنل سنڌو-لکت جي نشانين جي
سڃاڻپ جي آڌار تي چوي ٿو سنڌو ماٿري ۾ ’پن-چڪيون‘
(wind mills)
هيون (1992: 09-108)، مئڪي جي
هٿ ڪيل پنو تريءَ موجب ’پن-چڪي‘ جي شڪل هن ريت آهي
(38-1937- مهر نمبر 325). قديم آثارن سان لاڳاپيل
اهڙي ڪا شاهدي موجود ڪانهي، جنهن جي آڌار تي چئي
سگهجي ته سنڌو- سڀيتا ۾ اهڙي ٽيڪنالاجي به موجود
هئي.
سنڌو سڀيتا جو ڪئلينڊر
(Calendar)
۽ ڳڻڻ وارو انگن جو سرشتو:
فيئر سروس جي ڪتاب ۾ هن نالي جي عنوان واري حصي ۾
سنڌو ماٿريءَ جي ڪئلينڊر ۽ ڳڻپ وارن انگن جي
رشتيءَ جي اُپٽار ڪيل آهي. (a1977:
7-11). ڪئلينڊر جو اهڙو نظام موهن جي دڙي مان هٿ
آيل عاج جي مشين تي نظر اچي ٿو، جن ۾ ’کسڪڻ‘ لاءِ
جهريون
(grooven)
ٺهيل آهن ۽ جن تي سنڌو لکت جون نشانيون پڻ ڏسڻ ۾
اچن ٿيون (ڏسو فيئر سروس 34)، سندس بيان هن ريت
آهي:
”انهن مان هڪ تي، واري وٽيءَ سال، هڪ ننڍڙي تحريري
ايڪائي نظر اچي ٿي. هڪ پاسي تي مقرر ماپ کان پوءِ
هيءَ نشاني 0 نظر اچي ٿي، پر ٻئي پاسي، مقرر ماپ
واريون نشانيون نه آهن. پر ساري ماپ کي ٻن اڌن ۾
ورهايو ويو آهي. هن بابت مفروضو اهو آهي ته تحريري
ننڍڙا جزا، چنڊ ۽ سج يا رات ۽ ڏينهن جي نمائندگي
ڪن ٿا. نظر ائين ٿو اچي ته اهو ٽڪرو، چنڊ جي مهيني
مطابق لکيو ويو آهي. جيڪڏهن ماپ جي هر وٿيءَ کي
مڪمل ڏينهن ۽ آڌي رات کان ٻيءَ آڌيءَ رات تائين
مڪمل رات سمجهبو ته ٽن هفتن جو عرصو نمايان نظر
ايندو جيڪو
ڏينهن
تي مشتمل آهي. ان جي معنيٰ اها ٿيندي ته پهرينءَ
تاريخ واري چنڊ کان وٺي آخر تائين يعني ()،
جنهن ۾ بنا چنڊ
(moonless)
وارو هفتو پڻ شامل ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هن ڪئلينڊر
کي ڏوريءَ وسيلي سرڪائبو ته ستن
يا اٺن وٿين کان پوءِ
ڏينهن
وارو مڪمل مهينو اچي ويندو (فيئر سروس 1992: 60).
اهڙين ننڍين لٺين تي سنڌو لکت جي هن نشانيءَ ۽ هن سان
برابري ڪندڙ هيءَ نشاني پڻ ڏسجي
ٿي جن سان گڏ ننڍڙيون ’اڙيون‘
(short Strokes)
به آهن، جن کي انگ سمجهيو ويو آهي. فيئر سروس لکت
جي ننڍڙن جزن کي مرتب ڪري ۽ ڪئٽالاگ ٺاهي چنڊ وارن
مهينن جي سال جي سڃاڻڻ لاءِ هڪ مضبوط ڪمر جوڙي
ورتي آهي ۽ پنهنجي ڪڍيل نتيجن جي آڌار تي ان شيءِ
کي اهو نالو ڏنو آهي“ (فيئر سروس 1992: 2-60،
234).
اَٺن جي انگ تائين ڪنهن به انگ جو نالو نظر نٿو
اچي. فيئر سروس جو اهو به خيال آهي ته
سنڌو-ماٿريءَ ۾ بنيادي انگ، اٺ هو، جيڪو ڳڻپ جي
سرشتي ۾ استعمال ٿيندو هو. حقيقت به اها آهي قديم
زماني ۾ ڳڻپ جي سرشتي جو بنيادي انگ اٺ هو، جيڪو
قديم دراوڙي ٻولين ۾ رائج هو ۽ فيئر سروس جي هيءَ
اهم دريافت آهي (فيئر سروس 1992: 61-63).
فيئر سروس جي سنڌو-لکت جي ڀڃڻي، سنڌو ماٿريءَ ۾
رائج ڪئليندر ۽ اٺن جي بنيادي انگ هئڻ واري تحقيق
نهايت اهم آهي. اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جن بابت هن
لکت جي ڀڃڻيءَ لاءِ ٿيل تحقيق جي
اڻ-ڌري تصديق لاءِ وڌيڪ کوجنا جي سخت ضرورت آهي.
سنڌو- سڀيتا سان لاڳاپيل ننڍڙيون مهرون:
فيئر سروس، هڙپا مان هٿ آيل ننڍڙين مهرن کي قيمتي
پٿر سان لاڳاپيل لکتي مواد ۾ شامل ڪري ٿو (1992:
72-80). اهي بلڪل ننڍڙيون شيون آهن، جن جي ٻنهي
پاسن کان لکت ۾ ڪي ٻيا نشان موجود آهن (ڏسو فيئر
سروس ص 31). سندن ڪارج کي ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته
اهي مهرون ٿي نٿيون سگهن. فيئر سروس جو بيان آهي
ته: اهي ننڍڙيون مهرون، ماپ ۾ چوڪنڊيون يا مستطيل
آهن، جن جي ٻنهي پاسن تي لکت جا نشان موجود آهن.
هڪ پاسي ٿانوَ جهڙي نشانيءَ جو ننڍڙو جزو ڏسجي ٿو،
جنهن سان گڏ هڪ کان چئن تائين اُڀيون اڙيون آهن جڏهن ته
ٻئي پاسي کان لکت جو متن آهي، جيڪو شڪل ۾ عام ۽
رسمي آهي. انهن لکتن جي گهڻائي ساڄي کان کاٻي طرف
لکيل ڏسجي ٿي، جن جي پڇاڙي هن يا سان ٿئي
ٿي. انهن وسيلي اها شاهدي ملي ٿي ته متن ۾ نالا
لکيل آهن. هن حقيقت مان معلوم ائين ٿو ٿئي ته
سانڍي رکڻ واريءَ شيءِ جي ٿانوَ تي شيءِ جي مالڪ
جي نالي واري مهر هنئين ويندي هئي. (1992-72). ٻين
محققن (هنٽر ۽ ڪلياڻ رامن) به ساڳئي خيال جو اظهار
ڪيو آهي. پر هن قسم جي مفروضي جي ثابتيءَ لاءِ
ڪنهن به وڌيڪ ڪوشش ڪا نه ڪئي آهي. تنهن ڪري هي
معاملو اڃا مونجهاري جو شڪار آهي (فيئر سروس 1992:
73). |