سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:6 

باب ٽيون

سنڌو- لکت جون ڪي بياني خوبيون

 

سنڌو- لکتن جي ڊيگهه:

سنڌو- لکتون، عام طور تي ننڍڙيون ڏٺيون ويون آهن، جيڪي هڪ نشانيءَ کان وٺي، 26 نشانين تي مشتمل آهن. سنڌو- لکت جي نشانين جو پويون عدد، ٺڪر جي هڪ پٽيءَ (Bar) تي ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪا موهن جي دڙي مان هٿ آئي آهي. اهڙيون ٻنهي قسمن جون لکتون DK ايراضيءَ جي اتر پاسي کان لڌيون ويون آهن. پهرئين قسم جي لکت، مارشل شايع ڪرائي هئي (مارشل 1931a: 396 پليٽ CXVI نمبر 23؛ جوشي ۽ پرپولا 1987: 121؛ مهاديوان 1977a: نمبر 284) (Figure 28)

هڪ سِٽَ تي مشتمل لکت عام آهي، پرستن سِٽن واري به ڏسڻ ۾ آئي آهي (مهاديوان 2405، مئڪي 38- 1937: 38- پليٽ XCIV 405).

Figure 40. Three line inscription from Marshall’s excavation, [Marshall 1931a: CXII, 400; Joshi and Parpola 1987: 78, M-314]

هن لکت کي ٽن سٽن تي مشتمل هڪ سٺي مثال (Figure 40) ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

سنڌو- لکت جي نشانين جو شمار:

سنڌو- لکت جي نشانين جو تعداد انگريزي الف- ب جيان 26 نه، پر سَوَن ۾ آهي. چين ۽ جپان جي الف- ب جي نشانين جو تعداد ته هزارن ۾ آهي. اهڙين ڳالهين مان اهم اشارو اهو ملي وڃي ٿو ته هيءَ لکت، پدن (Syllabes) جي بنياد تي بيٺل آهي يا اهڙي بنياد تي بيهاريل آهي، جيڪو پدن واري اصول جي ويجهو آهي، جيڪو نه الف- ب آهي ۽ نه ئي وري علامت ’پدئي‘ (Logographic) آهي. سنڌو- لکت جي نشانين جي تعداد بابت ڪڍيل نتيجو ۽ تعين تنقيد لائق آهي، ڇاڪاڻ ته هن لکت جي گهڻين ئي تصويري نشانين جون شڪليون مختلف آهن، تنهن ڪري اهڙو تعين، ثابت ٿيل حقيقت سمجهڻ نه کپي. ائين ڪرڻ سولي ڳالهه به نه آهي. اُن کان سواءِ اڃا تائين اهو به فيصلو ٿي نه سگهيو آهي ته ’تبديل صورت‘ (Variation) نشانين مان ڪهڙيون اهم آهن ۽ ڪهڙيون غير اهم آهن.

سنڌو- لکت جي نشانين جي ڀرپور ڄاڻ هئڻ، گهڻن سببن جي ڪري ائين چوڻ کان به وڌيڪ اهم آهي ته هيءَ پدائتي لکت(Syllabic writing)  آهي يا نه؟ ائين ڪرڻ سان ’ڀڃڻ‘ وارين نشانين جو تعداد معلوم ٿي ويندو ۽ ان سان گڏ اهو به تعين ٿي ويندو ته ڪهڙي نشاني، ڪهڙيءَ نشانيءَ سان لاڳاپيل آهي؟ تنهن ڪري انهن ٻنهي نشانين جي معنيٰ هڪ جهڙي هوندي ۽ لکت جي نظام ۾ انهن ٻنهي نشانين جو ڪارج ۽ استعمال به ساڳيو هوندو. اهڙيءَ ڄاڻ ڪري مختلف نشانين جي تعداد جاچڻ جو اهم ڪم به سرانجام ڪري سگهبو. اهڙيون ڳالهيون اهم اهڃاڻن جو وسيلو بڻجي وينديون ۽ سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي کوجنا لاءِ لاڀائتون ثابت ٿينديون.

نشانين جو تعداد Sign Frequency:

سنڌو- لکت جي نشانين جي تعداد جو تعين وسيلي پتو پئجي ويندو ته اسان کي ڀَڃڻو ڇا آهي؟ ان کان سواءِ هن لکت جي مجموعي ۾ ڪنهن هڪ اکر لاءِ هڪ کان وڌيڪ نشانيون ڪتب آنديون ويون آهن. تعداد جي تعين مان اهو فائدو ٿيندو جو هڪ اکر لاءِ ڪم آندل مختلف نشانين جي مونجهاري کان آجا ٿي پونداسين.

سڀيئي ذريعا اهڙين نشانين جي ڪنهن به مقرر تعداد تي متفق نه آهن. مثال طور اسٽيفن لئنگڊن Stephen langdon) (1913a نمبر 126 ۽ 232) چوڪڙيءَ جهڙي هن نشاني  ۽ چوڪڙي جهڙي ٿوري گول هن نشاني  کي ٻه مختلف نشانيون سمجهيو آهي. فيئر سروس (1991: 8) سندس اهڙي خيال جي پٺڀرائي ڪري ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ مهاديوان (1977a: 789 نمبر 267؛ ڪوسڪينيمي، پرپولا، (Koskenniemi Parpola) ۽ آسڪو پرپولا 1973ع نشاني 380) مٿي بيان ڪيل نشانين کي هڪ ٻئي جون تبديل ٿيل شڪليون سمجهن ٿا. مختلف عالمن طرفان سنڌو- لکت جي ٻڌايل نشانين جي تعداد جو وچور هيٺ ٽيبل نمبر 8 ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

ٽيبل 8

مختلف عالمن جو سنڌو- لکت جي نشانين جو ٻڌايل تعداد

عالم جو نالو

تعداد

(1) لئنگڊن (1931a)

288

(2) هنٽر (1932)

149

(3) ميريگي (Mariggi) (1934)

270

(4) داني (1963: 16)

537

(5) فنلئند جا ماهر (پرپولاءِ ڪوسڪينيمي،  پر پولا ۽ آلٽو)

396

(6) مهاديوان (1977a)

417

فيئر سروس (1992: 6)

419

مٿي نشانين جي ڏنل انگن اکرن ۾ فرق موجود آهي، جيڪو مهرن ۽ لکت ٿيل ٻين شين سان مطابقت نٿو رکي. اهڙين نشانين جي ورجاءَ ۾ به گهڻو فرق موجود آهي. مهاديوان (1977a: 32-35)، 417 نشانين جو تعداد ٻڌائي ٿو جن مان 113 نشانيون، لکت ۾ فقط هڪ ڀيرو نظر آيون آهن. اهڙيءَ ريت 47 نشانيون ٻه ڀيرا ورجايل آهن ۽ 59 نشانيون ٻن ڀيرن کان وڌيڪ ورجايل ٿيون ڏسجن. ٿانوَ جهڙي هيءَ نشاني  تمام گهڻي ورجائي وئي آهي. هڪ اندازي موجب اُن جو ورجاءَ، 1395 ڀيرا آهي. هيٺ ٽيبل 9 ۾ مختلف نشانين جي ورجاءَ جا انگ اکر ڏنا ويا آهن، جيڪي فنلئنڊ جي ماهرن جي تحقيق جو نتيجو آهن.

ٽيبل 9

(فنلئنڊ جي ماهرن جي خيال موجب نشانين جو ورجاءُ)

نشانين جو تعداد

ورجاءُ

1

800 کان مٿي

6

200 کان مٿي

24

100 کان مٿي

46

50 کان مٿي

86

20 کان مٿي

100

10 کان مٿي

پر پولا، ڪوسڪينيمي، پر پولا ۽ آلٽو 1969a: 9

فنلئنڊ جي ماهرن طرفان پيش ڪيل لفظي پڇاڙين (Suffxes) جو ورجاءُ

ٽيبل 10

پڇاڙين (Suffxes) جو ورجاءُ

نشاني

ڪل جوڙ

پڇاڙيءَ طور

 منڍ طور

873

627

12

146

114

1

55

46

3

79

57

4

11

9

0

سنڌو- لکت جي هيءَ نشاني  1000 کان وڌيڪ دفعا ورجايل ٿي ڏسجي ۽ گهڻين ئي لکتن ۾ موجود ڏسبي آهي. سنڌو- سڀيتا جي عروج واري زماني کان پوءِ، ’روجڙيءَ‘ (Rojdi) ۾، ٺڪرجي ٿانون تي هيءَ نشاني گهڻي ڏسجي ٿي. ان کان سواءِ قبرستان H جي چٽيل ٿانون تي هڪ طرز جي روپ ۾ به پڻ موجود آهي (Figure 41). جيلي يا لفظ کي تقسيم ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ نشاني (Marker) جو 649 ڀيرا ورجاءَ ڏسجي ٿو، ٻئي نمبر تي گهڻو ورجاءَ هن نشانيءَ جو ڏسجي ٿو. ستهٺ نشانين جو 80% ورجاءُ ڏٺو ويو آهي. مهاديوان جي پيش ڪيل 417 نشانين مان 200 جو عام استعمال هوندو هو (مهاديوان 1977a: 17).

سنڌو- لکت جي اصليت:

اڃا اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي لکت ڪهڙي نموني سان، مهر جي اُسريل ۽ ترقي يافته دور ۾ داخل ٿي هئي؟ پر هن لکت جي اوسر لاءِ مناسب سوچ هيءَ آهي ته هن لکت، ثقافت جي انهن مرحليوار سلسلن منجهان پنهنجو روپ ڌاريو، جن هن وسيع سنڌو ماٿريءَ جي ڳوٺاڻي ثقافت کي گڏي، هڪ شهري تهذيب جي شڪل ۽ صورت ڏني هئي (پوسيل 1990a: 1993). بي، بي لال (1974، 1992)، جنهن سنڌو- سڀيتا جي ابتدائي دور ۾ لکت جي نشانين، ٺڪر جي ٿانون تي ڪن علامتن ۽ چٽساليءَ جي طرزن کي پاڻ ۾ ملائي سنڌو- لکت جو هڪ نظام تخليق ڪيو.

Figure 41. A possible survival of the jar sign in Cemetery H. pottery.

[Vats 1940: Pl. LXII. 4]

هن بابت هينئر به سمجهي سگهجي ٿو، ته سنڌو- لکت جي موجدن ۽ ان ۾ اصولن توڙي ضابطن پيدا ڪرڻ وارن، جڏهن پنهنجي لکت ڏانهن ڌيان ڏنو ته انهن پنهنجي ثقافت جي مختلف پهلوئن کي استعمال ڪيو، پر اهڙين نشانين ۽ خيالي علامتن کي استعمال ڪونه ڪيو، جن کان ماڻهو واقف ئي ڪونه هئا. پروفيسر لال جو هن باري ۾ نقطه، نظر واضح آهي. ليڪن منجهس اوڻائي اها آهي ته هو پنهنجي قائم ڪيل اصول کي مڃائڻ لاءِ ٻين کي مجبور ڪري ٿو. هن لکت بابت ڪي حقيقتون آمريءَ ۽ ڪاليبئنگن مان به مليون آهن، پر اهڙي ءَ اوسر جو پتو ڪونه ٿو پوي ته هن لکت جي اڪيلي نشاني ترقي ڪندي، ڪهڙي طريقي سان هڪ مرڪب جي صورت اختيار ڪئي، يا ان ۾ نشاني هجڻ وارو معيار ڪيئن قائم ٿيو،  يا الف- ب جي اکر جي نمائندگيءَ لاءِ ڪهڙيءَ نشانيءَ کي ۽ ڪهڙي اصول تحت مقرر ڪيو ويو. اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ، هڪ فرد جي نه پر هڪ اداري جي ذميواري هوندي آهي. فرزند علي درانيءَ (1984: 509) هڪ اهڙو چارٽ پيش ڪيو آهي جنهن ۾ هن ’رحمان ڍيري‘ مان هٿ آيل لکت جي 48 نشانين کي سنڌو- لکت جي نشانين سان ڀيٽي، منجهن هڪ جهڙائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي هن، مذڪوره ماڳ جي ٺڪرجي ٿانو جي رنگ ۽ کرچ طريقي سان لکيل ڏٺيون هيون. انهن نشانين مان ڪي ته اهم آهن ۽ ڪي اهڙيون به آهن جن جو لکت سان ڪو لڳ لاڳاپو نه آهي (Figure 42). هن قسم جي هڪ جهڙائيءَ کي اهميت ڏيڻ کان پهرين اسان کي رحمان ڍيريءَ واري ماڳ جي قدامت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو.

هن ماڳ جو دور III ’ڪوٽ ڏيجيءَ‘ جي پوئين دور ۾، سنڌو- سڀيتا جي ترقي يافته زماني (2500- 2000 ق م) جو سهيوڳي آهي، تنهن ڪري هن ماڳ جي دور I ۽ II جي ٺڪر جي ٿانون تي لکيل ۽ کرچيل نشانين جو اڀياس ڪرڻو پوندو، جيڪو ڪوٽ ڏيجيءَ جو همعصر آهي. انهيءَ لاءِ ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته سنڌو- لکت جي اوسر ۾، هن ماڳ ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي. فرزند علي درانيءَ جي پيش ڪيل چارٽ ۾ مختلف دورن جي وضاحت ڪانه آهي. جيڪڏهن هو ائين ڪري ها ته سنڌو- لکت جي اوسر جي مختلف مرحلن جو چڱيءَ ريت ڏس پتو ملي وڃي ها.

ايلزبيٿ سي. ايل. ڊرنگ ڪاسپرس، هڪ لکت جي اَڀياس کان پوءِ (جنهن کي هوءَ سنڌو لکت جو قديم روپ سمجهي ٿي) پنهنجي خيال جو هن ريت اظهار ڪيو آهي ته هن لکت جي اوسر، جابلو علائقي ۾ ٿي آهي جتي وڏا پٿر، ننڍيون پٿريون ۽ پٿرن جا دوڳ (Boulders) جتي ڪٿي پکڙيا پيا هوندا (1992: 62). تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن لکت جي اوسر، بلوچستان ۽ اتر سرحد صوبي (هاڻي صوبه خئبر- پختونخوا) جي جابلو علائقي ۾ ٿي آهي. ڊرنگ ڪاسپرس جي بيان مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن لکت جي اوسر جي لحاظ کان سندس تصوَر هڪ وسيع جاگرافيائي علائقو موجود آهي.

جيتري قدر سنڌو- سڀيتا جي لکت جي ترقيءَ جو تعلق آهي ته اُن جو واسطو هن تهذيب جي نهايت ترقي يافته دور سان آهي. جيڪڏهن سنڌو- سڀيتا جي قديم ۽ ترقي يافته دور جي عبوري دور (آمري، غاري شاهه، نوشهرو ۽ هڙپا) جو اڀياس ڪبو ته هن لکت جي ان شروعاتي عبوري دور جو هاڻي پتو پئجي چڪو آهي ته: ”اهو سئو سال يا وڌ ۾ وڌ ٻه سئو سال آهي“، پر اهو هڪ اندازو آهي ۽ پيرائتي ڄاڻ اڃا سوڌو ڪانه پئي آهي.

Figure 42. Painted designs and graffiti from Rehman Dheri with counterparts with the signs of the Indus script [Durrani 1984: 509]

سنڌو- سڀيتا جي همچورس مهرن جي ابتدائي صورت هرياڻا جي حصار ضلعي جي ڪُنال (Kunal) ماڳ مان هٿ لڳي آهي. شروعاتي مهر جي انهن مهرن کي ڇاپي پڌرو نه ڪيو ويو آهي، پر اهڙيون مهرون، مون هرياڻا رياست جي قديم آثارن جي مجموعي ۾ ڏٺيون آهن جن جو تعداد ڇهه آهي ۽ ابرق يا ڀوڏل پٿر جون ٺهيل آهن. انهن مان پنجن جي رنگ مان معلوم ٿو ٿئي ته اُنهن کي پچايو ويو آهي. ماپ ۾ ننڍڙيون آهن، اُنهن جا پاسا X/ 1 ڀاڱي 2 س م جا ٿيندا. شڪل ۽ صورت، همچورس ۽ سنڌو- سڀيتا جي ترقي يافته دور جي مهرن جهڙي آهي. مهرن جي مهڙ واري پاسي تي جاميٽريءَ جي هڪ ڊزائن (geometric design) جي طرز جهڙي نظر اچي ٿي. پٺئين پاسي سوراخدار بومبي آهي. ڇهين مهر پڪل نه آهي. پٺيون پاسو گول اٿس، جنهن ۾ سوراخ موجود ڏسجي ٿو. هنن سان گڏ پٿر جا ڇهه تور جا وَٽَ به رکيل هئا.

ڪُنال جي هن قسم جي ابتدائي مهرن جي دور ۽ انهن جي ثقافتي اهميت کي اڃا تائين تحقيق ڪري سمجهيو نه ويو آهي. هن ماڳ مان لڌل ٺڪر جا ٿانو، ’سوٺي- سسوال‘ (Sothi siswal) گهاڙ جا آهن، جن جو واسطو قديم سنڌو- سڀيتا سان آهي. ٿانون جو اهو وڙ، قديم سنڌو- سڀيتا جي پوئين دور ۾ به موجود آهي. سنڌو- سڀيتا جي ترقي يافته دور ۾ به هي سوراخدار ٿانو، ڏسڻ ۾ اچن ٿا، تنهن ڪري هيءُ ماڳ، سنڌو سڀيتا جي قديم ۽ ترقي يافته دور جي وچ واري مقامي عبوري دور سان تعلق رکي ٿو. ريڊيو ڪاربان وسيلي، ڪرنال جي قديم دور جي جاچ پرک ڪانه ڪئي وئي آهي، پر هن ماڳ وسيلي، سنڌو- سڀيتا جي ترقي يافته دور جي مهرن جي ابتدائي قديم شڪل صورت جي معلومات ملي وئي آهي.

سنڌو- لکت جي اوسر جو عرصو تمام ٿورو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ميسوپوٽئميا لکت جي اوسر جي تاريخ ڊگهي آهي. معلوم ٿو ٿئي ته ميسوپوٽئميا ۾ ڇهه هزار قبل مسيح ۾ ڳڻڻ جي شروعات اهڙين شين سان ڪئي وئي هئي، جن جي شڪل مختلف جانورن جهڙي هئي. ان کان پوءِ قديم لکت نظر اچي ٿي جنهن جو تعلق 5000 ق، م سان آهي.

(Schmandt - Besserat 1977, 1979, 1981a, 1981b- Nissen 1985, for a consideration of the earliest true text in Mesopotamia)

سنڌو- لکت ۾ تغير ۽ تبديليءَ جي عدم موجودگي:

اسان کي نه رڳو سنڌو- لکت جي قديم شڪل ۽ صورت جي معلومات نه آهي، پر سنڌو- سڀيتا جي 500 ساله ترقي يافته دور ۾ به هن لکت جي تغير، تبديليءَ ۽ ترقيءَ بابت ويساهه جوڳي ڄاڻ پڻ ڪا نه ملي سگهي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته سنڌو- سڀيتا جي ترقيءَ ۽ اوسر جي مرحليوار طبقن ۽ ان سان لاڳاپيل دورن جي باضابطه جاچ جوچ ڪانه ڪئي وَئي آهي. اهو چوڻ بلڪل اجايو آهي ته لکت جو اهڙو نظام ايجاد ڪري، بنا ڪنهن تبديليءَ ۽ تغير جي، سنڌو- سڀيتا جي علائقي ۾ مروج ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org