سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:4 

هتي هن حقيقت ڏانهن به ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي ته ڪن هڪ سڱين ڍڳن جهڙيءَ تصوير ۾ ٻه سڱ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا (Figure.8) هڪ سڱئي ڍڳي جون ٻن سڱن واريون ٻه تصويرون نهايت شاندار آهن، جيڪي 8a ۽ 8b آهن. ٽيون نمونو مقامي طور ڪاليبنگن سان تعلق رکي ٿو (Figure 8c). هن تصوير ۾ خاص ڳالهه اها آهي ته ڏاند آڏو، خاص نشان رکيل نظر نه ٿو اچي. ٻيو ته، هڪ ڪنڌ ورائي پوئتي ڏسي رهيو آهي. چوٿين مهر، هڙپا مان هٿ آيل، ننڍي قسم جي مهرن سان واسطو رکي ٿي (Figure8d)، پر تصوير تمام ننڍڙي آهي، تنهن ڪري ان جو تفصيلي بيان ڪرڻ مشڪل آهي ته سندس طرز ڪهڙي آهي. مهر نمبر 810، DK-C (مارشل 1931a پليٽ CVIII نمبر 169) ۾ نظر ايندڙ هڪ سڱئي ڍڳي جي تصوير اهڙي آهي جو کيس ٻه سڱ پيا محسوس ٿين، پر شاهه ۽ پرپولا (887-M: 1991) جي نين تصويرن ۾ صاف ظاهر آهي ته اهو ٻيو سڱ نه پر مهر ۾ آيل سير آهي جنهن جي تصوير ايئن ڏسجي رهي آهي، ڄڻ ته اهو ٻيو سڱ آهي ۽ فنڪار جي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙيءَ جو پورهيو نه آهي. پرپولا جو وڌيڪ اهم ڪم اهو آهي جو هن هڙپا مان هٿ آيل پٿرن تي ٿيل لکت کي هڪ دستاويزي شڪل ڏني آهي. اهڙا ڪي ٻيا جانور به هڪ سڱئي ڍڳي آڏو رکيل نشانن سان گڏ نظر ايندا آهن، جن جو جسم هڪ سڱئي ڍڳي جي جسم جهڙو هوندو آهي، پر انهن کي ٻه سڱ هوندا آهن جيڪي اڳئين طرف هڪ ئي موڙ ۾ وريل آهن ۽ هڪ سڱئي ڍڳي جي سڱ جيان منجهن ٻٽو موڙ ڪونه هوندو آهي (Figure 8e). هتي زير بحث مسئلو هيءُ آهي ته فني روايت آهي يا نه پر اهو معاملو شڪ کان خالي نه آهي، ڪيترين ئي مهرن ۾، جانورن جون گڏيل تصويرون آهن، جيڪي ٻارن جي ڦرموٽيءَ جيان پيون لڳنديون آهن، جن جو سنڌو- سڀيتا جي هڪ سڱئي ڍڳي سان تعلق نه آهي 8g) ۽ 8f (Figure. هن کان سواءِ ٻيا به ڪي ٻه سڱيا ڍڳا آهن، جيڪي ٻن سڱن واري هڪ سڱئي ڍڳي جهڙا آهن (Figure 8). اهڙا جانور چيتا آهن (8b: Fig). ٻيون ڪي مهرون اهڙيون به آهن جن ۾ نظر ايندڙ هڪ ئي تصوير ۾ مختلف منڍين سان هڪ جانور ڏسجي ٿو، ان جانور جو باقي جسم، هڪ سڱئي ڍڳي جهڙو آهي. سڱ ٻه اٿس ۽ آڏو هاٿي جي سونڊ لڙڪي رهي آهي (Figure 8 i). هن قسم جي گڏيل تصوير Confosilt)) ۾ منهن انسان جو ڏسجي رهيو آهي. هيءَ مهر، ناياب مهرن ۾ به هڪ اڻ لڀ حيثيت جي مالڪ مهر آهي.

آرڪيالاجسٽ  (Archaeologist)ماهر ڪئرولين گرئگسن (1984 (Caroline Grigoson پنهنجي هڪ مقالي ۾ هڪ سڱئي ڍڳي  (Unicorn)جي سڃاڻپ ۾ پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي. گرئگسن جي ظاهر ڪيل نڪتن جو سڌو واسطو مهرن ۾ نظر ايندڙ جانورن سان نه آهي، پر سندس ويچار اُن اندازي ڪرڻ سان لاڳاپيل آهن ته سنڌو- سڀيتا جي اوج واري زماني ۾، سنڌو ماٿريءَ ۾ ڪونهٽ وارو ڏاند (Bosindicus) ۽ بنا ڪونهٽ وارو ڍڳو (Bostaurus) (ٻئي نسل)، موجود هئا يا نه. هن خاتون پنهنجي مقالي جي پڇاڙيءَ ۾ هنن خيالن جو اظهار ڪيو آهي:

”مهرن تي نظر ايندڙ قديم نسل جي ڍڳن (Boss primgenius) جي تصويرن بابت امڪاني حد تائين فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته اصلي جانورن جي عدم موجودگيءَ ۾، اهڙن جانورن جي تصويرن جو بار بار نقل ڪيو ويو آهي. اهو نقل، جانور جي تصوير تان ڪيو ويو آهي يا جانور کي ڌيان ۾ رکي تصوير ڪڍي وئي آهي، تنهن جو پتو نه آهي، پر اهڙين تصويرن ڪڍڻ جي ڊگهي سلسلي ۾ جانور جي اصلي شڪل ئي بدلجي ۽ بگڙي وئي آهي، ان ڪري اصلي جانور جي تصوير ڦري، ڪنهن ٻئي جانور جي ٿي پيئي آهي. اهڙن امڪانن جو مئڪي (1931: 392) به ذڪر ڪيو آهي. سندس بيان آهي ته مثالي طور هڪ سڱيو جانور، جنهن جي تصوير اصلي جانور کان گهڻي بدليل ڪانهي، پر هن جانور جي تصوير جو نقل تمام گهڻو ڪيو ويو آهي، ۽ سندس شڪل ڦري اهڙي ٿي وئي، جهڙي اسان هاڻي مهرن ۾ ڏسي رهيا آهيون. هڪ سڱئي ڍڳي جي تصوير ۾ سندس ڪن وصفن جو جذباتي اظهار ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته جيئن اهو ڪونهٽ واري عام ڍڳي کان مختلف ڏسڻ ۾ اچي (Grigson 1984: 168 Original emphasis)

هڪ سڱيو ڍڳو، اچرج جهڙي هڪ خاص طرز موجب ٺاهيو ويو آهي. سنڌو- سڀيتا جي اوج واري زماني سان لاڳاپيل ڪن قديم آثارن ۾ اهڙيون مورتيون مليون آهن جيڪي بنا ڪونهٽ واري ڍڳي جون آهن پوسيل (1990b) گرئگسن (68-167: 1984) به هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته تصوير ۾ گهڻو ڪري جانور هڪ سڱ سان ڏسجي ٿو. سندس ڳچي به ڊگهي ۽ مُڙيل آهي، جيڪا ڏاند جي ڳچيءَ جيان نه ٿي لڳي. ان جي منڍيءَ جي شڪل، ڍڳي جي منڊيءَ جيان به ڪانه آهي، خاص طور تي اک وارو پاسو جتي Prominent intercornual اُڀار ڪونه ٿو ڏسجي، تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته مهر تي نظر ايندڙ هڪ سڱ وارو ڍڳو، هندستان جي قديم جانورن ۾ پنهنجي اصلي شڪل صورت وارو ڍور نه آهي. ارنيسٽ، بي، ايڇ مئڪي پڻ هنن خيالن جو اظهار ڪيو آهي:

ڪن ڳالهين ۾ هن جانور جو جسم وڏي روجهه (antelope) جهڙو آهي، جيڪو ذري گهٽ آفريڪي جانور eland) يا (Oryx جيان نظر اچي ٿو. پڇ جي ڇيڙي ۾ وارن جو ڇڳو اٿس، جيڪو هن قسم جي هر جانور کي هوندو آهي، ۽ تصوير ۾ هميشه نر جنس ۾ ڏسبو آهي. ڪنهن مهر ۾ هن جانور جو اهو سڱ صفا لسو هوندو آهي ته ڪنهن مهر ۾ وري کهرو ڏسبو آهي. پوئين قسم جي سڱ مان لڳندو آهي ته اهو ڍڳو نه آهي. ڊگها ۽ نوڪدار ڪن به روجهه (antelope) کي ٿيندا آهن. اک جو ڀيرُ به ڍڳي جهڙو ڪونه اٿس. مهرن ۾ نظر ايندڙ سڀني جانورن جون اکيون ايئن ڏسبيون آهن. هي ڍڳو ڪنهن اهڙي جانور جي به نمائندگي نه ٿو ڪري، جنهن جي جسم جا مختلف حصا، ڌار ڌار جانورن جي جسماني حصن جي نمائندگي ڪندا هجن، پر پوءِ به اهو پڪ سان سمجهيو ويندو آهي ته اهو روايتي هڪ سڱيو ڍڳو هندستان ۾ موجود هو (مئڪي 1931: 381).

ڪنيڊيان (Cnidian) جي ڪٽيسياس (Ctesias) نالي هڪ يوناني حڪيم به، هندستان جي هڪ سڱئي جانور جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ايران جي حڪمرانن، دارا ٻئي ۽ آرٽاز زريڪس (Artaxerxes) جي زماني ۾، سندس درٻار ۾ سترهن سال رهيو هو (مڪ ڪرنڊل 2: 1882 Mc Crindle ڪٽيسياس، پنهنجي ڪتاب ’انڊيڪا‘ ۾ ان جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:

”هندستاني جانورن ۾، گڏهه جو هڪ نسل ٿيندو آهي، جيڪو قد ۾ گهوڙي جيترو بلڪه ان کان به وڏو ٿيندو آهي. سندس رنگ ڳاڙهو ٿئي ٿو، اکيون نيريون ۽ جسم صفا سفيد اٿس. سندس ٻوٿاڙيءَ تي هڪ سڱ ٿيندو آهي، جيڪو ٽي هٿ (Cubit) ڊگهو ٿيندو آهي، هن جي سڱ جو ڇُرو، زهر جي ترياق جو ڪم ڏيندو آهي. هن سڱ جي منڍ وارو پاسو ٻه ڇاڙڪيون موڪرو ٿئي ٿو ۽ ان جو رنگ سفيد ٿيندو آهي، چوٽي سنهي ۽ تيز ٿيندي، جنهن جو رنگ واڱڻائي ٿئي ٿو. جڏهن ته ان جي وچئين پاسي جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي.“ (هڪ ڪرنڊل 1882: 26)

شلنگ لوف (Schling loff) (1973ع) پڻ، هندستان جي هڪ سڱئي جانور جو ذڪر ڪيو آهي. مئڪي، چانهونءَ جي دڙي مان ٺڪر جي هڪ مورتي لڌي هئي جيڪا ڏاند جهڙي هئي، جنهن جي ٻوٿاڙيءَ تي هڪ سڱ جو نشان هو (مئڪي 1943: 58-157- پليٽ LV نمبر 10، 11، 13 کان 15- مجمدار 1934: 38 پليٽ xxi- نمبر 4) (پليٽ 4). سندس بيان آهي ته ٺڪر جي ڏاند جي مورتي، عام طور مهرن ۾ نظر ايندڙ ڍڳي جهڙي آهي، پر ٺڪر واري ڍڳي جي سڱ ۾ هڪ سڱئي ڍڳي جي سڱ جيان ٻه موڙ ڪونه آهن. هو سوچ ويچار کان پوءِ هن نتيجي تي پهتو هو ته ٺڪر واري مورتي، ڍڳي جي نه، پر مٿي بيان ڪيل گڏهه جي نمائندگي ڪري ٿي، ليڪن هوبهو گڏهه جهڙي ڪونهي. ڪيٽسياس جي هندستاني هڪ سڱئي جانور بابت ٻڌايل ڳالهه اچرج جهڙي آهي، جيڪا ڪنهن حد تائين سچي به هوندي ۽ اهو جانور سنڌو سڀيتا جي لوڪ ڪهاڻي ۾ هوندو، جنهن ۾ هڪ سڱيو ڍڳو تصوراتي جانور طور شامل ڪيو ويو هوندو.

پال رسمين (Paul Rissmen)، هڪ سڱئي جانور جي تصوير ۽ ان جي آڏو رکيل نشان تي پڻ بحث ڪيو آهي (1989). اهو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ سڱئي جانور جي ڳچيءَ کي مختلف نمونن سان سينگاريو ويو آهي؛ ڪٿي سندس ڳچيءَ ۾ ڳاني پاتل آهي، ڪٿي منڍيءَ ۽ ڪٿي ڳچيءَ تي ليڪا نڪتل آهن (Figure 9). ڪٿي وري اهي سڀيئي سينگار، هڪ تصوير ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. هن جانور جي آڏو رکيل نشان ٻن حصن ۾ ورهايل آهي جنهن جو مٿيون ڀاڱو، هيٺئين ڀاڱي کان طرز ۾ جدا آهي (Figure 10). نظر ائين ايندو ته ڄڻ ته مٿيون حصو پڃري جهڙو ۽ هيٺيون حصو پيالي جهڙو آهي. جانور ۽ ان جي آڏو رکيل نشانن جي مختلف طرزن کي نظر ۾ رکي رسمين، خانا تيار ڪيا هئا، جنهن مان کيس سترهن هڪ جهڙيون وصفون نظر آيون هيون. هن کي اهو به معلوم ٿيو ته خاص قسم جي سينگاريل جانور آڏو، خاص قسم جو چٽيل نشان رکيل هو، مثال طور جيڪڏهن خاص نشان وارو مٿيون پڃرو سڌو آهي يا ورن وڪڙن وارو آهي ته انهن ٻنهي قسمن وارا پڃرا اهڙن هڪ سڱئي جانورن آڏو رکيل ڏسبا، جن جون مُنڍيون ليڪن سان سينگاريل آهن ۽ ور وڪڙ طرز وارن پڃرن جون آرائشي ليڪون واري سان مختلف طرفن تي نڪتل ڏسجن ٿيون (رسمن 1989: 164)

رسمين ڌار ڌار خانا ٺاهي، هڪ سڱئي جانور ۽ سندن آڏو رکيل مختلف طرز جي نشانن جي هڪ جهڙائي معلوم ڪئي آهي ته کيس معلوم ٿيو ته هڪ سڱئي جانور سان واسطو رکندڙ مهرن جا ٻه نمونا موجود آهن، انهن مان هڪ جو واسطو اُتر، هڙپا جي اوسي پاسي ۽ سرسوتي واري علائقي سان آهي؛ جيڪڏهن جانور جي ڳچيءَ ۾ پٽيءَ جهڙي ڪا ڳاني پاتل آهي ۽ سندس آڏو رکيل نشان جو پڃرو سڌو آهي ته پوءِ سمجهڻ کپي ته ان جو تعلق ڏکڻ واري جوءِ ، يعني موهن جي دڙي سان آهي (رسمين 1989: 168). مهرن جي گهڻائيءَ مان معلوم ٿو ٿئي ته انهيءَ زماني ۾ مهرن ٺاهڻ جو فن مقبول عام هوندو هو. ڳاڻيٽي مان پتو پوي ٿو ته پٺيءَ وارو هڪ سڱيو جانور، 50 سيڪڙو آهي، اُن جي مٿان رکيل جُهلَ جو ٻٽو ليڪو ۽ آڏو رکيل نشان تي سڌي سنوت واريون ليڪون پاتل آهن. هن قسم جو واسطو گروپ I سان آهي. مهر جو ٻيو قسم وري اهڙو آهي، جنهن ۾ جانور کي ڳچيءَ ۾ پٽو پاتل آهي، پر سندس آڏو رکيل نشان جي هيٺئين پاسي واري پيالي تي آڏيون ترڇيون ليڪون پاتل آهن (گروپ 1.1)، پر هن قسم جي پٽي واري جانور آڏو رکيل خاص نشان واري، ماکيءَ جي ماناري جهڙي پيالي جا ٻه پاسا، اندر تي وريل ڪونه هوندا آهن (ڏسو Figure 11)، ۽ هن جانور مٿان رکيل جُهل جهڙي علامت جي وَٽِ سان ٽن مهرن جو تعداد ٿورو آهي. هن قسم جي مهر ۾ نظر ايندڙ جانور جا سڱ لسا نه آهن. ڳچيءَ جي مٿئين پاسي تي ڳاني ڏسجي ٿي. آڏو رکيل نشان وري پيالي تي ٽٻڪن جا نشان آهن. مٿان رکيل جهل جهڙي علامت، ٻن يا ٽن ليڪن سان ڏسجي ٿي. ٻُڙين يا ٽٻڪن سان

Figure 9. Decoration of the “unicorn” [Rissman 1989]

سينگاريل پيالا، ننڍيءَ ۽ سڱن جي چٽن سان ڪانه ڪا هڪ جهڙائي ضرور رکن ٿا، پر هڪ تصوير اهڙي به آهي جو ڏاند جو سڱ جهڪو ڏسجي ٿو، پر آڏو رکيل نشان جو پيالو، ان سان هڪ جهڙا ئي نه ٿو رکي. گروپ 3.1 ۾ نشان واري پيالي جي صورت، ماکيءَ جي ماناري جهڙي آهي ۽ اُن جا ٻه پاسا اندر تي وريل ڏسجن ٿا. جانور جي سڄي ڳچي، ڳانين سان ڀريل نظر اچي ٿي ۽ مٿان رکيل جُهل جهڙي علامت جي وٽ سان، هڪ يا ٻه ليڪون پاتل آهن. گروپ 3.2 واري جانور جي ڳچي، ڳانين سان ڀريل آهي، ۽ هن مٿان رکيل جهُل جهڙيءَ علامت جي وٽ سان هڪ يا ٻه ليڪون پاتل آهن. پيالي تي ماکيءَ جي ماناري جيان چٽ ٿا ڏسڻ ۾ اچن. مٿي بيان ڪيل ٻه وصفون پيالي جي مٿئين پاسي واري همچورس شڪل سان تعلق رکن ٿيون، پر ان جي هيٺئين پاسي واري حصي تي ڇُڳي جهڙي ڪا خاص طرز نظر ڪانه ايندي. گروپ 1 ۽ 1.1 جي 95 مهرن ۾، سٺي ۽ وچولي قسم جي ڪاريگري ڏسجي ٿي. باقي ٻين گروپن ۾ نظر ايندڙ تصويرون، تمام گهڻيون خوبصورت آهن (فرئنڪي، ووٽ 1992: 104)

 

Figure 8. Unicorn seals with two horns, and other motifs. [(a) Mackay 1937-38: Plate LXXXVII, 234; (b) Mackay 1937-38: Plate LXXXIX, 359; (c) Joshi and Parpola 1987: K-27: (d) Vats 1940: Plate XCIII, 314; (e) Mackay 1937-38: Plate LXXXIII, 3; (f) Marshall 1931a: Plate CXII, 382; (g) Mackay 1937-38: Plate LXXXIII, 24: (h) Mackay 1937-38: Plate LXXXIX, 360 (i) Marshall 1931a: Plate CXII, 380.

 

Figure 10. Parts of the standard [Rissman 1989: 162 and Mahadevan 1984: 185]

Figure 11. The three groups of “unicorn” seals of Franke-Vogt

[Frank- Vogt 1992: Figure 13.3]

Plate 1. Seal number 337 [Marshall 1931a: Pl. CXI, 337]

 

Plate 2. Standard stamp seals with Harappan boss [courtesy of the Archeaological Survey of India]

Plate 3. Seal impressions of standard stamp seals with Harappan boss, showing the full impressions published in the site reports on Mohenjo-daro [courtesy of the Archeaological Survey of India]

Plate 4. Terracotta “unicorns” from Chanhu-daro [Mackay 1943: Pl. LV, Nos. 11 & 14, courtesy of the Musenum of Fine arts, Boston]

فرئنڪي ۽ ووٽ، موهن جي دڙي جي مارشل ۽ مئڪي وارين ايراضين مان لڌل لکت وارين شين جي ورهاست ڪري ڇڏي آهي، جن کي هيٺ ڏنل ٽيبل ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

ٽيبل 6

Mohenjo-daro Observed versus expected finds of inscribed artifacts and all objects

Inscribed Objects

Toatl Artifacts

Area

%Vol

Expected

Observed

Actual%

Expected

Observed

Actual%

DKG

45.9

922

1105

120

17.185

13.038

76

DKA

0.3

6

4

67

112

274

245

DKB

2.3

46

76

165

861

1153

134

DKC

3.0

60

121

202

1123

3315

295

DKE

3.3

66

69

105

1235

2590

210

DKI

4.6

92

121

149

1722

1182

69

D

--

--

--

--

--

375

--

H

--

375

375

375

375

87

--

VS

9.5

191

118

62

3357

3668

103

HR

14.1

283

251

89

5279

6214

118

SD&

DM

11.8

237

64

27

4418

3663

83

F

--

--

--

--

--

134

--

L

5.5

110

26

24

2059

1418

69

(Farnke-Vogt 1992: 107, Table 3.27)

 

فرئنڪي ووٽ (Franke-Vogt) کي مختلف دورن جي کوٽائيءَ مان ڌار ڌار حقيقتون ڏسڻ ۾ آيون:

مختلف دورن سان لاڳاپيل هي تجزيو، DKG ايراضيءَ جي ڏکڻ پاسي واري هنڌ سان واسطو رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته کوٽائيءَ وقت ماهرن کي وچئين دور جي تهه تائين پهچڻ جو ڪڏهن ڪڏهن موقعو مليو هو. کوٽيل ايراضيءَ جي واسطي سان، هيٺئين ۽ مٿئين تهه جي وچ تي مرحليوار هڪ فرق ڏسڻ ۾ اچي ٿو، (ٽيبل 7). مثال طور مٿئين تهه تائين پهچندي، مهرن جو تعداد گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو ۽ مورتين جا به مختلف قسم ۽ انهن جي شڪل ۽ صورت ۾ به تبديليون ٿينديون نظر اينديون. اُن سان گڏ، ٽامي جي مهرن جو تعداد وڌندو محسوس ٿيندو.

ان کان سواءِ هيٺئين تهه تي گروپ 3.1 ۽ 3.2 واريون تصويرون، وڌيڪ نظر اينديون، جڏهن ته مٿئين تهه تي گروپ 1 ۽ 1.1 وارين تصويرن جو تعداد وڌيڪ آهي (فرئنڪ، ووٽ 1992: 104). اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته سنڌو-سڀيتا جي ڪن مهرن کي، فرئنڪي ووٽ، علائقي نوعيت جو تسليم ڪيو آهي (1992: 104). هن ماهر خاتون جو خيال آهي ته لوٿل جي مهرن جو 4 سيڪڙو، گهٽ جنس مان تعلق رکي ٿو. سندس بيان آهي ته اهڙيون مهرون مقامي طور ٺاهيون ۽ ڪم آنديون وينديون هيون، جن ۾ ڪنهن ڏانءَ ۽ ڏاهپ جو اهڃاڻ نه آهي، ’بنا والي‘ جي قديم آثارن ۾ هڪ سڱيو جانور گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن جو تعداد 20 سيڪڙو ڏسجي ٿو، پر ان جي ڀيٽ ۾ روجهه (antelope) جو تعداد 53 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انهن تصويرن جي اهڙي گهٽ وڌ تعداد کي ڏسي، هن رسمين جي مشاهدي جي ڄڻ تائيد ڪئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ ۾، مهرن جي مقامي طرز تي گهڻو زور ڏنو ويندو هو، جيڪي معيار جي لحاظ کان گهٽ معيار جون هونديون، پر هتي جي شهرن ۾ ڪي اهڙا به مرڪز هئا، جتي اعليٰ معيار جون مهرون به جڙنديون هيون، اراوا ٿام مهاديوان، سنڌو لکت تي گهڻو ئي ڪم ڪيو آهي (مهاديوان 1972b، 1973a، a1977، 1980). هن، مهرن جي معيار بابت هڪ معيار يا اصول واضح ڪيو آهي جيڪو خاص طور تي هڪ سڱئي جانور جي مهرن سان تعلق رکي ٿو (مهاديوان 1984 ۽ a1985). هن جي تحقيق هڪ ڊگهي ۽ پيچيده مقالي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون نظر اينديون. ان تحقيق جو مطالعو ڪرڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته هن تحقيق جي ڪري، سنڌو- سڀيتا جي حوالي سان، معياري لکتن کي قلمبند ڪري هڪ ڪتابي شڪل ڏني آهي. ٿورو وقت اڳ تائين، هن تحقيق ۾ جانور جون فقط تصويرون ڏسڻ ۾ اينديون هيون، پر 93-1992 جي کوٽائيءَ جي موسم دوران، هڙپا مان هن جانور جي عاج جي هڪ مورتي به لڌي آهي، جنهن جي ماپ 2 س، م ٿيندي (ميڊو Meadow ۽ ڪينوير Kenoyer 1994: 466)

ٽيبل 7

موهن جي دڙي جي ڏکڻ واري DKG ايراضيءَ مان لڌل مهرن تي نظر ايندڙ مختلف تصويرون ۽ ٽامي جي مهرن (Coppor tablet) جو وجود:

Proposition Lower to Upper

Upper Levels

Lower levels

Square, Bossed unicorn

241

51.5%

111

59.4%

0.5

Rectangular, convex, Script

57

12.2%

40

21.4%

0.7

Unusual

128

27.4%

32

17.1%

0.3

ToTAL

426

 

183

 

0.4

 

Volume excavated (meters3)

40,348 m2

 

37,920 m2

0.9

Number of icons

27

21

 

Copper tablets

63

76

1.2

(Franke-Vogt 1992:108, Table 13.3

 

 

 

هتي اسان مهاديوان جو نقطه نظر پيش ڪري رهيا آهيون جيڪو هن پنهنجي مقالي ۾ بيان ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته رگويد ۾، مختلف جاين تي، ’سوم ٻوٽيءَ‘ (Soma) کي گهوٽي، ڇاڻي تيار ڪرڻ جو ذڪر آهي. هيءَ نشيدار شئي آهي، جيڪا ويدن واري دور جا ماڻهو، ڌرمي ڪريا ڪرم مهل واپرائيندا هئا. اويستا ۾ هن کي هوم (Homa) سڏيو ويو آهي. مهاديوان ويد جي هن بيان ۽ ترقي يافته سنڌو سڀيتا جي مهر ۾ نظر ايندڙ هڪ سڱئي ڍڳي جي آڏو رکيل خاص نشان جي تصوير کي ڀيٽي، معلوم ڪيو آهي ته اهو ڪو نشان يا بيهاريل ڪا شئي ڪانهي، پر سوم ٻوٽيءَ مان رس ڪڍڻ جو هڪ طريقو آهي. سندس بيان، حقيقت جي ڪجهه ويجهو آهي، تنهن ڪري اُن کي خارج از امڪان نه ٿو ڪري سگهجي.

جيڪڏهن مهاديوان جو اهو اندازو صحيح آهي ته ان سان ٻيون ڳالهيون به لاڳاپيل آهن. جيڪڏهن سنڌو- سڀيتا جي قديم شهرن جا ماڻهو، ڌرمي ڪريا ڪرمن نباهڻ مهل، رگويد ۽ اويستا دور جي ماڻهن جيان، سوم رس واپرائيندا هئا ته سنڌو ماٿريءَ جا قديم ماڻهو، لازمي طور آريا ئي هوندا (مهاديوان 1984: 182). اهو به امڪان آهي ته ويد ۽ اويستا دور جي ماڻهن، سوم رس واپرائڻ جي رسم، سنڌو- سڀيتا جي ماڻهن وٽان ئي سکي هوندي، پر هن ڳالهه ڪري انڊو- يورپين ماڻهن جي تاريخ تي وري ويچارڻ جي ضرورت آهي. سنڌو-سڀيتا جي مهرن تي سوم رس، پاڻيءَ جي تصوير موجود هئڻ ڪري، چئي سگهجي ٿو ته هنن مهرن ۾، سوم رس واپرائڻ جو هڪ پيغام موجود آهي (مهاديوان 1984: 80- 179). اهڙيءَ ريت، مهاديوان پندرهن نشانيون سڃاڻي ورتيون آهن، جن جو سنڌو- سڀيتا جي سوم رس واپرائڻ واري ڌرمي رسم سان لاڳاپو آهي (مهاديوان 1984: Figure 8). هن موضوع تي وڌيڪ اظهارِ خيال سنڌو- لکت کي ڀڃڻ واري سندس نقطه نظر تي تنقيد ڪرڻ وقت ڪيو ويندو.

1- الف 2- سنڌو- سڀيتا جون سوراخدار بومبيءَ سان، جاميٽريءَ طرز (geometric design) واريون معياري مهرون:

 هتي ٺپي هئڻ وارين مهرن جو هڪ اهڙو به قسم آهي جنهن تي سادي قسم جي جاميٽريءَ جي طرز ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهڙي طرز ڏسڻ ۾ ڄڻ ته سواستيڪا جو نشان آهي. ڪن تي وري منجهلا چورس (Concentric squares) ۽ ڪن تي گول دائرا آهن، جيڪي ڪڏهن مهرن جي ڪنڊن وٽ ۽ ڪڏهن مهرن جي پاسي سان ڏسڻ ۾ اچن ٿا (Figure 12)

1- الف-3: سنڌو- سڀيتا جون بومبيءَ سان بياني مهرون:

هنن مهرن تي هڪ قسم جو پيچيده منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، تنهن ڪري اهڙين مهرن کي، ’بياني مهرون‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. انهن مهرن مان ابتدائي ’شِو تصور‘ (Proto-Siva) ۽ ’ديوتا جي پوڄا‘ (Divira Adoration) واري مهر وَڌَيڪ مشهور آهي (14، 13 Figures) هنن مهرن جي هن کان اڳ واري قديم شڪل موجود ڪانهي. هنن مهرن جو ڍنگ اهڙو آهي جو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، جن جو بنيادي ڪارج حقيقت جو بيان ڪرڻ آهي. مذڪوره مهرن جي ڏيکاءُ وسيلي، سنڌو- سڀيتا جي ڪنهن ثقافتي پهلو، يا ڪنهن ڌرمي اصول يا ڪنهن تاريخي مقصد کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري، اهي مهرون، معيار جي نقطه نظر کان هڪ سڱئي جانور سان لاڳاپيل مهرن کان گهڻو مختلف آهن. سنڌو- سڀيتا کي سمجهڻ واسطي ’ابتدائي شو تصور‘ ۽ ’ديوتا پوڄا‘ واريون مهرون وڏي اهميت رکن ٿيون، تنهن ڪري هنن مهرن کي پليٽ 5 ۽ 6 ۾ ورجايو ويو آهي.

 

Figure 12. Stamp seals with geometric designs and a Harappan boss [(a) Franke 1984: Pl. 5; (b) Marshall 1931a: Pl. CXIV, 516; (c) Marshall 1931a: Pl. CXIV 508.]

­­Figure 13. The Proto-Siva or “Buffalo Deity” seal [Mackay 1937-38: Pl. XCIV, 420]

­­Figure 14. “Divine Adoration” seals [(a) Mackay 1937-38: Pl. XCIV, 434; (b) Marshall 1931a: Pl. CXVL 420]

 

1. ب- سنڌو- سڀيتا جون ڊگهي نوعيت واريون مهرون آهن، جن جي ڊيگهه 3- کان D س، م آهي. هنن ۾ همچورس شڪل وارين مهرن جيان سوراخ دار بومبي ڪانه هوندي آهي، پر اُن جي وچ تي آرپار سوراخ نظر ايندو آهي، اهي مهرون ڪجهه وڌيڪ ٿلهيون به آهن.

Figure 15. The Harappan bar seal [Marshall 1931a: Pl. CII, d, e, & f; Pl. CXII, 414]

Figure 16. The three cylinder seals from Mohenjo-daro [Mackey 1937-38: (a) Pl. LXXXIV, 78 (b) Pl. LXXXIX, 376; (c) Pl. XCIV, 488]

Figure 17. The cylinder seal from Kalibangan [Thapar 1975: 29]

Figure 18. The cylinder seals from Sibri [Santoni 1984: 57]

1- ت ڊگهيون ۽ وچ تي ٿلهيون مهرون:

هن قسم جون تاريخ کان اڳ واري دور جون، ڏکڻ ايشيا جون مهرون نَوَ آهن، جيڪي هيٺين کنڊرن تان هٿ لڳيون آهن.

مهر ڳڙهه دور IIB- ٺڪر جو هڪ مڻيو آهي، جنهن کي ويلڻ وانگر ڦيرائڻ سان، هڪ خاص طرز جو چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن کي ’ابتدائي سلينڊر مهر‘ سڏيو ويو آهي (جئرج Jarrige 1984: 25). موهن جي دڙي مان اهڙيون ٽي مهرون (Figure 16) لڌيون آهن.

موهن جي دڙي يا ڏکڻ ايشيا جي سرحدي ملڪ (Border land) مان تازو سلينڊر طرز جي مهر لڌي آهي، جنهن جون وصفون سنڌو سڀيتا جي مهرن جهڙيون آهن (Knox 1994)

ڪاليبنگن مان هڪ مهر هٿ لڳي آهي جيڪا هن ماڳ جي ترقي يافته سنڌو- سڀيتا واري تهه تان ملي آهي (Figure 17).

سبوري (Sibori) کي هتان ٻه سلينڊر مهرون هٿ لڳيون آهن جن جي شڪل ۽ صورت، مارگيانا (Margiana) مان هٿ آيل مهرن جهڙي آهي، 2400 ق. م کان 1900 ق. م تائين قديم آهي (Figure 18)

دائم آباد مان هڪ مهر ( 1400 ق. م کان 1000 ق.م) لڌي آهي. (Figure 19) ماسڪي (Maski) هن ماڳ جي مٿاڇري تان لڌي آهي، بي ڪي ٿاپر B.k. thaper جو خيال آهي ته هي قديم ماڳ، ٽامي واري دور (1700 ق.م کان 400 ق.م) سان واسطو رکي ٿو. هيءَ مهر ٺڪر جي آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهو، هاٿيءَ کي هڪليندو وڃي رهيو آهي.

سبري ۽ دائم آباد مان هٿ آيل مهرون، سنڌو-سڀيتا سان واسطو رکن ٿيون يا نه، اهو هڪ جدا مسئلو آهي، پر اهي مهرون، سنڌو- لکت سان تعلق ضرور رکن ٿيون. ناگپور جي سينٽرل ميوزيم ۾، ميسوپوٽئميا طرز جي هڪ سلينڊر مهر رکيل آهي. هن مهر کي ايم، اي. صبور (M.A .Suboor) (1914) ۽ بي. بي. لال شايع ڪري پڌرو ڪيو آهي، پر ان جي اهميت جو پتو پئجي نه سگهيو آهي (figure:21). هن مهر تي نظر ايندڙ ٻه سٽون، ميخي خط (Cuneiform) سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون، تن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته اُن جا لڳ لاڳاپو اولهه ايشيا سان آهن.

Figure 20. The cylinder seal from Maski [Thapar 1957: 21, 24; Figure 3, Pl. XVII, B]

Figure 19. The cylinder seal from Daimabad [Sali 1986: 508, 511, Figure 108, Pl. CXLI; Sali 1987: 35-37, Pls. 1 and 2]

هيءَ مهر، انگريزن جي حڪومت وقت، ناگپور جي سينٽرل ميوزيم ڏانهن سوکڙي طور موڪلي وَئي هوندي، ۽ سوکڙي ڏيندڙ انهيءَ زماني ۾ وچ اوڀر ۾ سياحت ڪندو هوندو، پر بي. بي لال، هن ڳالهه جو امڪان ڏيکاريو آهي ته هيءَ مهر، قديم زماني ۾ هٿ آئي هوندي. سندس خيال آهي ته هن مهر جو تعلق، بابل جي پهرئين خاندان سان آهي، ۽ 2000 ق. م سان واسطو رکي ٿي. اها به هڪ حقيقت آهي هيمورابي (Hammurabi) (1792 ق م - 1750 ق م) جي دور ۾ سندس ملڪ، واپار ۽ ٻين ڳالهين ۾ گهڻو اڳتي هو. اهو به امڪان آهي ته ناگپور واري مهر، اهڙن واپاري تعلقاتن جي نمائندگي ڪندي هجي، جنهن جو پوئين دور جي هندستاني ادب ۾ گهڻو ذڪر آهي، جهڙوڪ باويرو جتڪ (Baveru-Babylonia) (بي بي لال 1953: 101) وغيره.

صبور، آشور جي قديم آثارن جي ماهرن وسيلي، ان مهر جي تحقيق ڪرائي هئي. ان جي باري ۾، چڪر بورتي (Chakraborti) جو نقطه نظر هيٺ ڏجي ٿو:

”هيءَ مهر، صنعت واري حصي ۾ ڳهن سان گڏ رکيل هئي، ان ڪري صبور کي ان مهر جي اهميت جو احساس ٿيو. مذڪوره مهر کي سون جو مُٺيو آهي. امڪان اهو نظر اچي رهيو آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ، پنهنجيءَ زنجير  ۾ اهو ٻنريءَ طور لٽڪائي ڇڏيو هو. برٽش ميوزيم جي ايل.ڊبليو، ڪنگ (L.W.King) ڏانهن تبصري ڪرڻ لاءِ هڪ مهر جا ٺپيل نشان موڪليا ويا هئا، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ هن ريت لکيو آهي:

 

Figure 21. The cylinder seal in the Central Museum, Nagpur, drawn from publication [Lal 1953: 101, Pl. XXXIV, 4]

مهر تي اڪريل منظر ۾ هڪ ديوي، موسم جي ديوتا ’ابد‘ (Abad) جي پوڄا ڪري رهي هئي ۽ سندس ٻئي هٿ مٿي کنيل ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، يا ٿي سگهي ٿو ته اولهه سُمير جو ابد جو مساوي ديوتا، ’آمورو‘
 
(Amuru) هجي. پس منظر ۾، وچ جي ٻسانگي، ٻيج جو چنڊ ۽ ٿالهي نظر اچي رهي آهي. منظر ۾ ننڍڙي قد جا ماڻهو به ڏسجي رهيا آهن، ممڪن آهي ته اهي ديوتا جا نوڪر چاڪر يا شيواداريءَ هجن. لکت ۾ مهر جي مالڪ جو نالو آهي جنهن جي پڙهڻي آهي: ’ليبور- بيلي‘ (Leabur-beli) يعني (....) جو نوڪر، ٻيءَ سٽ جي پڇاڙيءَ وارو حصو گسي ويو آهي، تنهن ڪري ٺپيل نشان چٽو نه آهي. هن جو ممڪن بيان هن ريت ٿي سگهي ٿو ته ليبور-بيلي، ’ابد‘ جي آمور ديوتا جو  چيلو آهي. بابلي ٻوليءَ ۾، ليبور بيلي جي معنيٰ آهي ”شل منهنجو مالڪ ٻَلَ وارو هجي.“ هيءَ مهر، 2000 ق.م قديم دور جي آهي ۽ بابل جي پهرئين خاندان سان تعلق رکي ٿي (چڪر برتي 1978: 10-109 صبور، 1914: 462 جي حوالي سان).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org