سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا ۽ اُن جي لکت

باب:

صفحو:14 

سويت ماهرن جي ڀڃڻيءَ تي تبصرو:

سويت ڀڃڻيءَ جا ٻه مرحلا آهن. پهرئين مرحلي ۾ لکت جي اندروني جوڙجڪ تي کوجنا ڪئي وئي آهي. روسي ماهرن هن کي ’رسمي تجزيو‘ (formal analysis) سڏيو آهي، جيڪو هڪ موزون لفظ آهي. تحقيق دوران هنن کي سنڌو- لکت جي مختلف ٽڪرن (blocks) مستقل، تبديل صورت، نيم تبديل صورت نشانين جي دريافت ڪئي آهي، ۽ هن لکت ۾ موجود اهڙي نظام جو نظريو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ مٿي ذڪر ڪيل عنصر پڻ ۾ بار بار ملي ڪي مرڪب جوڙين ٿا ۽ گرامر جي اصولن مطابق لفظ ۽ جملا ٺاهين ٿا. هن ۾ شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته تحقيقي ڪم واقعي تمام گهڻو ٿيو هو، پر ان جو واسطو سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ سان ڪو نه هو. ’فارمل ائنلسز به تمام سهڻي نموني سان نباهي وئي آهي، پر ڪجهه مشروط نظر اچي ٿي. (فليوزات Filliozat 1972، روڊين Rudin ۽ ايرمان Arman 1970). زائيڊ ۽ زويلبل (1976) ڪجهه هن قسم جو تبصرو ڪيو آهي:

”عام طور هي تحقيقي مواد اُتساهيندڙ آهي. اهي مفروضا به قابل قبول آهن، جن کي بنياد بنائي تحقيق ڪئي وئي آهي. پيش ڪيل تجزيو ۽ ڪڍيل نتيجا به مجموعي طور تي اهم آهن. اهي انهيءَ ڪري قابل قبول آهن جو ابتدا ۾ ئي مضمون جو پورو روح موجود آهي. تحقيق جا تفصيل، صحت، دستاويزي ثابتيون، تڪميل ۾ ڪجهه پوڻيون آهن.“ (زائيڊ ۽ زويلبل 1976: 61).

معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته فارمل ائنلسز کي اهڙي طريقي سان قابل قبول سمجهيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪشاده دلي ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي ٿو مذهب واري موضوع کي تڪڙو نڀاهي وڃي پار پيو آهي، ۽ ديوين لاءِ چيو ويو آهي ته انهن جو تعلق پٿر جي پوئين دور سان آهي. هي نقطه نظر ته گهڻو اڳي پيش ٿي چڪو آهي. تبصره نگارن اهم مقام تي پهچي گهڻين ئي نشانين جي سڃاڻپ تي سوال ڪيا آهن. ڀڃڻيءَ لاءِ معمي وارو طريقو ڪتب آندو ويو آهي، جنهن مان نشانين جي سُڃاڻپ مشڪوڪ ٿي وڃي ٿي. انهيءَ طريقي سان پهرينءَ غلطيءَ جو ڄڻ احاطو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڊگهي نظر ڪبي ته سويت ماهرن جي کوجنا، مفروضن ۽ ذاتي راءِ تي بيٺل آهي. سندن ڪڍيل نتيجا، مناسب معلوم ٿي رهيا آهن، پر اهي به مفروضن جي آڌار تي ڪڍيا ويا آهن، جن جي تصديق ڪرڻ ممڪن نه آهي. (زويلبل 1985: 1518). نتيجن ڪڍڻ مان ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته ڄڻ ته کين ڪا تڪڙ آهي ۽ ڇاپڻ ۾ به اُٻهرائيءَ کان ڪم ورتو ويو آهي. هن کان پوءِ ڀڃڻيءَ جي ٻي جاکوڙ طباعت جي ماهر (Typographer) ۽ گرافڪ آرٽسٽ ڪئي آهي. سندس دعويٰ آهي ته سندس گهراڻي جو سنڌو- لکت سان ويجهو تعلق آهي.

سڌانسو ڪمار راءِ 1966 (Sudhansu Kuma Rai) سنڌو-لکت کي ڀڃڻ لاءِ گرافڪ- آرٽسٽ جي کوجنا:

سڌانسو ڪمار راءِ، نئين دهلي جي ڪرافٽ ميوزم جو فيلڊ آفيسر آهي. کيس طباعت ۽ گرافڪ آرٽ ۾ وڏو تجربو آهي. مسٽر راءِ، سنڌو- لکت جي ڀڃڻي 1966ع ۾ ڇاپي پڌري ڪئي هئي. سندس خيال آهي ته قديم لکتن کي پڙهي وڃڻ واري ڪاميابي، سکيا ورتل عالمن تائين محدود نه هئڻ کپي. ڇاڪاڻ ته لائينيئر B کي پڙهڻ وار مائيڪل وينٽرس (michael ventris) جو فن- تعمير سان واسطو هو (راءِ a1966: 3). راءِ ٻڌائي ٿو ته تنهن ڪري هو هن کيتر ۾ هروڀرو داخل ڪو نه ٿيو آهي. هن کان سواءِ منهنجو تعلق ان گهراڻي سان آهي، جنهن جو ڌنڌو ئي لکڻ پڙهڻ آهي. هن خانداني ورثي جي ڪري مان هن لکت کي پڙهي سگهڻ جي اهل آهيان (1966: 3).

هن حقيقت کي بيان ڪرڻ کان پوءِ ته هن لکت ۾ درواڙي ٻولي ڪتب ٿيل نه آهي (a 1966: 5)، پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪري ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌو- لکت جي مهرن ۾، قديم دور جي تصويري لکت آهي؟ افسوس هيءُ آهي ته اسان، سنڌو- لکت کي علامتي نشانين سان لاڳاپيل سمجهيو آهي، ۽ اهو به خيال ڪيو آهي ته ان جو صوتي اظهار وارين نشانين سان ڪو واسطو ڪونه آهي، ۽ اهو غلط آهي. هن حقيقت کي محسوس ڪرڻ گهرجي ته هن لکت ۾ آوازن جي نمائندگي ڪندڙ نشانيون (sound signs) آهن پر مشاهدي واريون نشانيون (sense- signs) ڪو نه آهن (a 1966: 7). ان کان پوءِ هو، موهن جي دڙي جي لکت (مارشل a 1931-پليٽ Ciii نمبر 8)    پيش ڪري ٿو ۽ دعويٰ ڪري ٿو ته هتي نظر ايندڙ سنڌو-لکت جون نشانيون الف-ب جا اکر آهن (a 1966: 7) سنڌو-لکت جا شاگرد ضرور سمجهندا هوندا ته ائين ممڪن نه آهي.

راءِ پنهنجي پيش ڪش ۾، ڪن اکرن جي آڌار تي ٻڌائي ٿو ته برهميءَ جو سنڌو لکت سان تعلق آهي. اهڙيءَ ريت هو ڀڃڻيءَ جي ويجهو اچي پهچي ٿو. سندس بيان آهي ته مون هندستاني ٻولين واريون بناوتي خاصيتون ۽ روايتي سمجهاڻيون ڏيئي، سنڌو-لکت کي پڙهڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. هتي جو قيمتي پٿر تي لکڻ جو فن، پيچيده ۽ نرالو آهي. طغرن جهڙي لکت ۽ ان جي صوت بنديءَ وارا جوڙ (conjuncts) قديم ٽيڪنڪي اصولن مطابق آهن، جن کي هاڻي ختم ڪيو ويو آهي. انهن کي پنهنجي خاص پس منظر ۾ ڏسي سگهجي ٿو (راءِ a 1966: 11). راءِ جي سنڌو-لکت جي ڀڃڻي به، ذاتي راءِ سان تعلق رکي ٿي، سندس تحقيقي ڪم روسي ماهرن جي قائم ڪيل تنقيدي اصول جي خلاف آهي، جيڪو هنن سويت ماهرن پنهنجي ڪيل تحقيق سان لاڳو ڪيو هو. فنلئنڊ جي ماهرن جي تحقيق لاءِ به ائين چئي سگهجي ٿو.

فنلئنڊ جي ماهرن جو گروهه: اي. پرپولا، ڪي. ڪوسڪينيي، ايس. ڪوسڪيني، ايس. پرپولا ۽ پي. آلٽو

تعارف:

سنه 1969ع ۾، فنلئنڊ جي جاکوڙي عالمن، هن ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هنن پنهنجي ’بصارت شعاريءَ‘ (insight) وسيلي، لکت جي ڀاڃ معلوم ڪري ورتي آهي. (پرپولا، ڪوسڪينسي، پرپولا، الٽو a1969 ۽ b1969). ٻئي سال هنن، ابتدائي عملي ڪاروائي ڇپائي پڌري ڪئي (پرپولا، ڪوسيڪينيني، پرپولا، الٽو a1970). ساڳئي وقت هنن عالمن سنڌو لکت جي ڪنڪارڊنس به شايع ڪئي هئي (ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ پرپولا 1973). هن کان سواءِ ٻيو به قيمتي مواد پڌرو ڪيو هو (ڪوسڪينيمي ۽ پرپولا 1979 ۽ 1980، 1982). هنن چئن عالمن جي ڪيل تحقيق جي هڪ وڏي ببليوگرافي موجود آهي.

فنلئنڊ جي وڏن عالمن جو گروهه (Team) :

هن گروهه ۾ سنڌو ماٿريءَ جي قديم آثارن جو هڪ ماهر، آسڪو پرپولا هو، جيڪو سنسڪرت ۽ قديم آثارن جو ڄاڻو هو. سندس ڀاءُ، سيمو پرپولا، آشوري قديم آثارن جو ماهر هو. کيس ميسوپو ٽئميا جي لکت جي ڄاڻ هئي. تنهن ڪري هو، هن گروهه جي گهڻي مدد ڪري ٿي سگهيو. سيمپو ڪوسڪينيمي (IBM)، (اسڪئنڊينئويا) جو ملازم هو ۽ آسڪو پرپولا جو پراڻو دوست هو. هن ماڻهوءَ، سنڌو لکت جي ڀاڃ واري منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ڪم آندو هو ۽ پنهنجي اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اداري کان موڪل ورتي هئي. هن گروهه جو چوٿون ماڻهو، پينٽي الٽو هو، جيڪو اسڪئنڊينيويا جو هڪ تجربيڪار لسانيات جو ماهر هو.

فنلئنڊ جي جاکوڙي گروهه جي سنڌو لکت جي ڀاڃ تائين رسائي:

هن جاکوڙي گروهه هيٺ بيان ڪيل تبصري سان پنهنجي تحقيقي ڪارڪردگيءَ جو اظهار ڪيو آهي:

2500 ق. م واري دور ۾ جيڪي لکتون استعمال هيٺ هيون، تن جي اڀياس مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌو- لکت جي نشاني، علامتي طور هڪ لفظ يا لفظ جي پد جي نمائندگي ڪندي هئي، يعني اها (Logographic) يا (Logosyllabic) هئي. هاڻي معلوم ٿيو آهي ته هن لکت جي هڪ نشاني لفظ جي نمائندگي ڪري ٿي، يعني اها (Logoraphic) آهي، جيڪا معمي (relaus) جي اصول تي ڪم ڪري ٿي. هن حقيقت مان چڱيءَ ريت پتو پئجي وڃي ٿو ته هن لکت جي هر هڪ نشاني پوري لفظ لاءِ ڪم ايندي هئي، جيڪو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ پدن تي مشتمل هوندو هو. ان لفظ جو اظهار اهڙي ڏٺل وائٺل تصوير سان ڪيو ويندو هو، جنهن جي شڪل بلڪل مختلف هئي، پر اُچار، ان لفظ جهڙو هو، جهڙيءَ ريت ان دور جي سهيوڳي (contemporary) لکتن ۾ ٻن بنيادي نشانين جي اتصال (ligatures) ۽ مرڪب (combination) ٺهندا هئا، ۽ بنيادي نشانين ۾ اڙين (strokes) جو اضافو ڪري اعرابن جيان انهن جي اُچارن ۾ تبديلي آندي هئي، تهڙيءَ ريت سنڌو لکت ۾ به جزا مرڪب جڙندا هئا، ۽ اڙيون ڏئي لفظن جي اُچارن ۾ تبديليون آنديون وينديون هيون. ان سان گڏ، سنڌو- لکت ۾ آخري پڇاڙي (determinatives) واريون خاصيتون به اهي ساڳيون آهن، جيڪي انهيءَ دور جي سهيوڳي لکتن ۾ موجود هيون. اهڙيون نشانيون آوازن جي نمائندگي ڪرڻ جي مقصد سان نه، پر نشانيءَ جي اُن وصف جي حد مقرر ڪرڻ لاءِ ڏنيون وينديون هيون، جنهن مقصد لاءِ اها نشاني استعمال ڪئي ويندي هئي. ٻين لفظن ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته اها نشاني لفظ جي معنيٰ کي حد اندر رکڻ (Confine) جي مقصد سان ڪم آندي ويندي هئي (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو). انهن مصنفن جو بيان آهي ته تحقيقي ڪم ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ٽي ڳالهيون ضرور پوريون ڪرڻ گهرجن:

(1) محقق لاءِ ضروري آهي ته اها شيءِ ضرور سڃاڻي جنهن جي سنڌو- لکت جي نشاني نمائندگي ڪري رهي آهي.

(2) نشانيءَ جي معنيٰ سمجهڻ لازمي آهي. نشانيءَ ۾ لفظ جي هڪ جهڙي اُچار جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي

(3) نشانيءَ ۽ لفظ جي هڪ جهڙي اچار جي ڄاڻ پڻ ضروري آهي.

(4) سنڌو- لکت جي نشانيءَ جي شڪل جنهن شيءِ جي نمائندگي ڪري رهي آهي، تنهن کي قديم دور جي اک سان ڏٺو وڃي. هن جو مطلب اهو ٿيندو ته ٻين اهڙن قديم وسيلن جي معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، جن بابت پوري ڄاڻ ڪانه آهي. اهڙيءَ ڄاڻ وسيلي تصوير جي صحيح معنيٰ جي سڃاڻپ ٿي ويندي. قديم وسيلن جي معنيٰ آهي:

(1) لکت جي نشانين جي ”بدلجندڙ رسمي شڪل“ (graphic variant).

(2) سنڌو- سڀيتا سان لاڳاپيل شيون جهڙوڪ: ٺِڪر، ٿانوَ، ٺڪر جي ٿانوَ تي ڪڍيل چِٽُ، جڳهه يا ڪا به اڏاوت يا روزانه ڪم ايندڙ شيون وغيره. سهيوڳي تصويري لکتون به اهم آهن، جن ۾ خاص طور تي سمير جي قديم لکت آهي. اهڙين قديم لکتن جو جائزو وٺڻ به ضروري آهي، جن کان سنڌو- لکت جا لکندڙ واقف ڪو نه هئا. ڇاڪاڻ ته انهيءَ وسيلي پتو پئجي ويندو ته قديم دور جا ماڻهو پنهنجي دور جي شين کي ڪيئن ڏسندا هئا.

(3) لکت جي سُڪون ۽ حرڪت يا تفاعلي نقطه نظر کان پڻ ڄاڻ هجڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ وسيلي لفظن جي ورجاءُ ۽ سندن ڪارڪردگيءَ (behaviour) جو پتو پئجي ويندو. ان سان گڏ انهن نشانين جي به معلومات ملي ويندي، جيڪي گرامر جي ترڪيبي جزن (grammatical elements) ۽ آخري پڇاڙين (determinations) طور ڪم ڪري رهيون آهن. اهڙي حاصل ڪيل معلومات اڳتي ٿيندڙ تحقيق لاءِ وڏي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

اهڙن رهبر اصولن اختيار ڪرڻ کان پوءِ اسان سنڌو- لکت کي ڀڃڻ ۾ سوڀارا ٿياسون (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a1969: 10).

سنڌو- لکت ۾ ڪم آندل ٻولي لاءِ دراوڙي هئڻ جو اندازو:

فنلئنڊ جي ماهر گروهه، پنهنجي تحقيق لاءِ هي اندازو يا شرط رکيو هو ته سنڌو لکت ۾ ڪم آندل ٻولي، دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا هاڻي به ڏکڻ ايشيا ۾ استعمال هيٺ آهي (پرپولا، ڪوسڪيني، پرپولا ۽ الٽو a1969: 15).

سنڌو لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي هئي:

فنلئنڊ جي عالمن جي ’گروهه‘، لکت کي ساڄي کان کاٻي طرف پڙهيو هو، ۽ اها مهرن سان ٺپيل لکت هئي. ڪي اهڙيون لکتون به هٿ لڳيون آهن، جيڪي هر-اوڙ (boustrophedon) طرز جون آهن، ڪي وري اهڙيون به لکتون آهن، جيڪي کاٻي کان ساڄي طرف پڻ لکيل آهن.

سنڌو لکت جون وصفون:

فنلئنڊ جي انهن عالمن، سنڌو لکت جي وصفن جي باري ۾ هن ريت لکيو آهي.

”گذريل مهيني تائين اسان جو خيال هو ته هيءَ اهڙي لکت آهي، جنهن جي هڪ نشاني لفظ جي هڪ پد جي نمائندگي ڪري رهي آهي يعني (Logo syllabic) آهي. ان جي معنيٰ اها آهي ته لفظن جي نمائندگي ڪندڙ نشانين سان گڏ، ڪي اهڙيون تحريري علامتون (syllabory) هيون، جيڪي گرامر جي ترڪيبي جزن کي سگهاري نموني ظاهر ڪري رهيون هيون. اهو فقط اسان جو نه پر سنڌو- لکت جي هر شاگرد جو نقطه نظر آهي (شروعات ۾ هي مفروضو مناسب هو، جيڪو سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ وڏي رنڊڪ ثابت ٿيو آهي)“ (پرپولا، ڪوسڪينيمي پرپولا ۽ الٽو a 1969: 47). ٻيءَ جڳهه تي سندن بيان هن ريت آهي: ”هاڻي ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته اها لکت، لوگو گرافڪ آهي، جنهن جي هڪ نشاني، هڪ لفظ لاءِ ڪم اچي ٿي ۽ ’معمي‘ (rebus) جي اصول تي بيهاريل آهي.“ (پرپولا، ڪوسڪيني، پرپولا ۽ الٽو a1969: 8). سندن ڪتاب ۾ هن ريت بيان آهي ته اسان اڳ، هن خيال جا هئاسين ته هيءُ لکت بنيادي طور تي لوگوگرافڪ آهي. اسان مٿئين بيان ۾ هيءَ تبديلي ڪريون ٿا ته هيءَ لکت، لوگو سلئبڪ به آهي، ڇاڪاڻ ته هن لکت ۾ پدن جي نمائندگي ڪندڙ نشانين جي استعمال جي پڻ معلومات ملي آهي. هڪ نشاني، لفظن يا لفظن جي حصن جي هڪ جهڙن اُچارن لاءِ پڻ ڪتب ايندي هئي، جيڪي صوتي (phonetically) هڪجهڙائي رکندا هئا، پر انهن جي معنيٰ ڌار ڌار هوندي هئي. هن ڳالهه جون به شاهديون موجود آهن ته هن لکت ۾ صوتي تڪمله (phonetic complement) موجود آهي، جيڪو لفظ جي آواز کي مڪمل ڪري ڇڏي ٿو (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو b1969: 4).

لفظ ۽ ٻي لسانيات:

عالمن جي هن گروهه، سنڌو لکت جي سلسلي ۾ موجود اڳياڙين ۽ پڇاڙين ۽ اندروني جوڙجڪ تي سوچي، لفظن جي نمائندگي ڪندڙ نشانين کي پکيڙي الڳ ڪري بيهاريو آهي (پرپولا، ڪوسڪينيمي پرپولا ۽ الٽو a1969: 11). مثال طور هي نشانيون   ۽  تمام گهڻيون نظر اچن ٿيون، جيڪي لکت جي سلسلي ۾ ابتدائي عبارت (introductory formulae) طور موجود هونديون آهن. نشانين جو هي مرڪب  هڪ جوڙي جي شڪل ۾، ’لفظ طور‘ آخري پڇاڙيءَ ۾ نظر ايندو آهي. ٻن نشانين جو ميلاپ (assocciation) جيڪو ’جوڙي‘ جي صورت ۾ هوندو آهي، تنهن جي ورجاءُ جي تعداد ۽ لکت جي سلسلي ۾ بيهڪ واري جڳهه مان لکت جي جملي جي اندروني جوڙجڪ جو پورو پتو پئجي ويندو آهي. سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي هن پهلوءَ جي معلومات ڪمپيوٽر جي استعمال سان ملي آهي.

سنڌو- لکت جي نشانين جي تعداد ۽ بيهڪ واري جاءِ جي معلومات کان پوءِ، فنلئنڊ جي هنن ماهرن لکت ۾ موجود گردان کي پڻ ڌار ڪري بيهاريو آهي. اهڙيون نشانيون گهڻو ڪري لکت جي پڇاڙيءَ ۾ هونديون آهن، جيڪي لفظ يا فقري جي پڇاڙيءَ طور ڏسبيون آهن. اهڙين نشانين جي گردان جو طريقو هيٺ ڏنو ويو آهي. (پرپولا، ڪوسڪيني، پرپولا ۽ الٽو a1969: 19).

(1) اهڙين نشانين جو ورجاءُ گهڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

(2) اهڙيون نشانيون، لکت جي سلسلي جي ’پڇاڙيون‘
 هونديون آهن.

(3) ڪڏهن ڪڏهن لکت جي سلسلي جي وچ ۾ هونديون آهن، اهي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪنديون آهن ته اهي، لفظ جي آخري پڇاڙي آهن، ۽ انهن کان پوءِ هڪ نئون جدا لفظ شروع ٿئي ٿو.

(4) اصول مطابق اهي لکت جي منڍ ۾ ڪونه ڏسبيون آهن.

(5) اهي نشانيون اطمينان جوڳي نظام جو جوڙجڪ ڪن ٿيون.

(6) ساڳيءَ خاصيت واريون ٻيون نشانيون موجود ڪو نه آهن.

(7) هن قسم جي اُهڃاڻ جي صحيح هجڻ جي تائيد ٻئي اُهڃاڻ وسيلي ٿي آهي.

اهو تصور عام آهي ته سنڌو- لکت ۾ فقط پڇاڙيون آهن، سو اها خاصيت فقط دراوڙي ٻوليءَ جي وصف سان ٺهڪي بيهي ٿي، جتي اسان کي لکت ۾ مشتق بنائڻ لاءِ لفظ جي اڳئين يا پوئين حصي سان پڇاڙيون ملائڻيون پونديون آهن (اندرنوف 183:1963).

ان کان پوءِ عالمن جي هن گروهه پڇاڙيءَ وارين حالتن يعني (case ending) جو روپ (صيغو) (paradigm) ڏنو آهي.

حالت

واحد

جمع

 حالت فاعلي Nominative

----

 حالت اضافي genitive

حالت جري Dative

پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو جي تحقيق مطابق b1969: 6.

فنلئنڊ جي ماهرن معمي وارو طريقه ڪار ڪتب آندو هو:

هنن ماهرن پنهنجي چونڊيل نشانين جي معنيٰ لاءِ ’معمي‘ وارو طريقو ڪتب آندو هو، جيڪو هنن کان اڳ هيراس ۽ سويت جا ماهر ڪتب آڻي چڪا هئا، پر هنن اڳين ماهرن کان وڌيڪ استدلال کان ڪم ورتو هو. تنهن ڪري انهن جي ڪم کان وڌيڪ قابل- قدر آهي.

 هنن معمي وارو اصول ٻين موضوعن، جهڙوڪ انگن (numeral) جنس (gender)، آخري پڇاڙين (determination)، ڌنڌن (professions) ۽ ڌرم معلوم ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو هو. ان کان سواءِ موجوده دور جي هندو ڌرم جي ديوتائن، شِوَ ۽ ڪرشن بابت معلومات لاءِ به ڪتب آندو آهي، اهڙي معلومات، سندن تحقيق مان ملي ويندي (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a1969، 1970). آسڪو پرپولا، اڪيلي سر ڀڃڻيءَ جي تحقيق کي لڳو رهيو ۽ هن اهو پتو لڳايو ته مهرن جو لاڳاپو ڌرم سان ۽ انهن تي لکيل تحريرون ڌرمي پيغام آهن (آسڪو پرپولا b1985، b1988، a1989، 1990، 1991، 1994).

آسڪو پرپولا جي اڪيلي سر کوجنا:

آسڪو پرپولا، سنڌو لکت کي ڀڃڻ لاءِ اڪيلي سر پڻ کوجنا ڪئي آهي ۽ ان جي مختلف موضوعن تي هڪ ڪتاب به لکيو اٿس (پرپولا 1994). هيءُ هڪ صخيم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ کان سواءِ ٻين به ڪيترن موضوعن جو احاطو ڪري ٿو. تحقيق اها آهي ته ان ۾ ڀڃڻيءَ لاءِ کوجنا، بلڪل محدود ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ نتيجا به ٿورين نشانين تي مشتمل آهن. ڀڃڻيءَ جي دعويٰ به انهن مختصر نشانين جي پڙهڻ تي ڪئي وئي آهي. پرپولا جو خيال آهي ته سنڌو- لکت جو پاڙون، ڪنڀارڪي چٽ، سنڌو- سڀيتا جي قديم دور واري مرحلي ۽ ٽامي واري قديم دور جي ثقافت ۾ کُتل آهن (1994: 4-25). ان کان سواءِ هن واڊيل، هزوزني، ميريگي، هينري هيراس، سويت ماهرن، مهاديوان ۽ هيئراس تي تنقيد پڻ ڪئي آهي. (1994: 58-61). هن سنڌو- لکت جي طرز تي، هڪ شاندار بحث ڪيو آهي (1994: 7-64). پرپولا، هن لکت جي تحريري ايڪائيءَ (grapheme) جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو ۽ پنهنجي خيال لاءِ هڪ جواز پڻ پيدا ڪري ٿو ته ڪهڙيون نشانيون اتصال آهن ۽ ڪهڙيون نشانيون اڪيليون بيٺل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اُن سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته ڪهڙيون نشانيون سرڪمگراف آهن، جيڪي لفظن جي حد بندي ڪن ٿيون وغيره وغيره (1994: 68-84).

پرپولا، سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي پڄاڻيءَ هڪ ڊگهي بحث سان ڪري ٿو ۽ اها ڄڻ سندس عام رواجي مشق آهي. ان سان گڏ هن سان هرڪو ماڻهو متفق به نه آهي. مثال طور هو سويت ماهرن جي ڀڃڻيءَ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:

”هن نشانيءَ   جي ڀڃڻيءَ لاءِ چيو ويو آهي ته اها ’تارو‘ آهي ۽ سندس پڙهڻيءَ ’سُڪ‘ (sukka) يعني ’تارو‘ آهي، پر ڏٺو وڃي ته هيءَ نشاني    امڪاني طور هنن نشانين   ۽   جو مرڪب آهي، ان کان سواءِ هيءَ ڳالهه به مشڪوڪ آهي ته سنڌو لکت جي نشاني تاري جهڙي آهي به يا نه“ (1994: 60، 183).

پرپولا، هن ڳالهه تي به تنقيد ڪري ٿو ته ’سڪَ‘ (sukka) لفظ مناسب آهي يا نه، ڇاڪاڻ ته اهو لفظ دراوڙي ٻوليءَ جو پنهنجو نه آهي (a1994: 60).

سويت ماهرن جي دعويٰ آهي ته هيءَ نشاني   تارو آهي ۽ پرپولا مٿن تنقيد ڪري ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن جي تحقيق جو بنيادي معمي واري طريقي تي بيٺل آهي ۽ نتيجو هن قسم جي مساوات تي بيهاري ٿو ته دراوڙيءَ ۾، ’مين‘ (min) مڇي ۽ ’مين‘ min) / ’وين‘ vin/ ’وينت‘ vint/ وڪڪ vkk/ ’تارو‘ (star) ۽ ’مين‘ min/ ’وين‘ vein/ مين min/ وين (vein چمڪڻ، چلڪڻ، تجلو (پرپولا 1994: 182 ٽيبل 10.1 جو عنوان caption). ان کان پوءِ سندس اهو نقطه نظر تاري جي نذر ٿيندو، وڃي سنڌو ماٿريءَ جي علم نجوم تائين پهچي ٿو، جيڪو پرپولا جي سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي منصوبي جو حصو آهي. نظر ائين ٿو اچي ته سويت ماهرن جي هن نشانيءَ   جي معنيٰ تي تنقيد ڪرڻ پرپولا جي لاءِ ڪا سولي ڳالهه ڪا نه آهي. آخر ۾ اهم ۽ مناسب ضميمو پڻ ڏنو اٿس، جنهن جو عنوان آهي ’تامل ٻوليءَ جي لغت ۾ مرڪب لفظ‘ (compound words) جن جي پڇاڙيءَ ’مين‘ (min) سان ٿئي ٿي. (پرپولا 1994: 83-279)

لوٿل مان هٿ آيل هڪ مهر، 66-L جي ڪناريءَ جي وٽ سان مڇيءَ   جي اڪيلي نشاني آهي ۽ ٻئي ڪناري تي هيءَ   اڪيلي نشاني ڏسجي ٿي. پوئين نشانيءَ جو اهو اڪيلو مثال آهي ۽ وري هٿ ڪا نه لڳي آهي، هن کان سواءِ سنڌو- لکت ۾ تاري جهڙي تصويري نشاني موجود ڪا نه آهي. جهڙيءَ ريت اسان کي سمير جي هيءَ نشاني   ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جي معنيٰ آهي اُڀ ۽  جي معنيٰ آهي ’تارن جو ميڙ‘، پر پوءِ به سنڌو- سڀيتا جي قديم ۽ ترقي يافته دور ۾ ڪنڀرن جي چٽن ۽ نشانين ۾ ڪي اهڙيون علامتون آهن، جن جي معنيٰ تارو ٿي سگهي ٿي. هن حقيقت مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌو-لکت ۾ معمي واري طريقي سان تاري کي ذومعنيٰ ۾ ڪتب آندو ويندو هو. مصر ۾ هيءَ نشاني   تاري طور استعمال ڪئي ويندي هئي جنهن جو صوتي قدر، سب (sb) يعني تارو آهي، پر سب معنيٰ در (door) ۽ حسب معنيٰ سيکارڻ (teach) به آهي.

هڪ اندازي مطابق سنڌو-ماٿريءَ جي مهرن ۾ نظر ايندڙ مڇيءَ جهڙي نشاني، ديوتا (god) جي نمائندگي ڪندي هئي، ۽ تاري طور ڪتب ڪا نه آندي ويندي هئي. پر جيڪڏهن تارن کي علامتي طور ديوتا سمجهيو ويندو هو ته پوءِ مڇيءَ جهڙي نشانيءَ جي سمجهاڻي ديوتا ٿي سگهي ٿي. اها سمجهاڻي ممڪن به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هندستان ۾ ٻه هزار سال اڳ گرهن (planet) جي ديوتائن جي پوڄا جو رواج هو، ۽ هندو ڌرم ۾ هر گرهه جو هڪ ديوتا آهي، جيڪو ان جي نظام جي نگراني ڪندو آهي. اسين هاڻي مهرن تي نظر ايندڙ لکت جو اَڀياس ڪنداسين، جنهن مان معلوم ٿيندو ته اهڙو مذهبي مسلڪ ۽ تارن سان لاڳاپيل ٻين ڏند ڪٿائن جو لاڳاپو سنڌو- سڀيتا سان آهي (پرپولا 1994: 183).

هتي اها ڳالهه ظاهر ٿي وڃي ٿي ته ’سمجهائي سگهجي ٿو‘ (can be interpreted) واري فقري ۽ ’ثابت ڪري سگهجي ٿو.‘ (can be demonstrated) جي فقري ۾ واضح فرق موجود آهي، پر آخر ۾ هڪ رستو صحيح ثابت ٿيندو آهي.

مٿئين احوال مان سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پرپولا پنهنجي تحقيق ۾ سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ واري موضوع کان ٻاهر نڪري ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هو سنڌو- سڀيتا کي سمجهائڻ لاءِ گرهن (planets) ۽ هندو ڌرم جي ديوتائن جا احوال ڏيڻ ۾ شروع ٿي وڃي ٿو.

پڙهندڙن کي ضرور ياد هوندو ته پرپولا هڪ سوال کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن، لکت جي تصويري نشانيءَ وسيلي، تاري جي سڌي معيٰ ڇو نه ڏني آهي (1994: 84)، سندس ڏنل جواب جو هڪ حصو آهي ته ڇاڪاڻ ته سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن لاءِ اهو طريقو گهڻو پيچيده (complicated) ڪو نه هو (1994: 84). پرپولا کي اهڙو پتو ڪيئن پيو؟ ان کان سواءِ سندس خيال آهي ته سميري لکت ۾ تاري جي تصوير نشاني ’دنجير‘ (denjr) ديوتا ۽ اُڀ جي نمائندگي ڪري ٿي (1994: 185) هن حقيقت بيان ڪرڻ مان ڪيترائي اهڙا محقق ياد اچي وڃن ٿا، جن سنڌو لکت جي کوجنا لاءِ سمير لکت کي استعمال ڪيو هو، ائين ڪرڻ سان ٻنهي لکتن مان ڪنهن جي به اصلي حقيقت جو پتو پئجي نه سگهيو هو. اهڙين ڳالهين جي باوجود، اها حقيقت آهي ته سنڌو ماٿري ۽ ميسوپوٽئميا وچ ۾ ويجها تعلقات قائم هئا، ته پوءِ سنڌو- لکت ۽ سندن نظرين ۾ هڪ جهڙائي پرپولا جي متضاد خيالن سان ڪيئن گڏ هلي ٿي سگهي؟ ڇاڪاڻ ته سندس خيال آهي ته سنڌو لکت ڪنڀرن جي نشانن ۽ ٿانون مٿان ٿيل لکت ۽ ٻين ثقافتن تان ورتي وئي آهي ۽ اهڙو سوال اڃا نبري به ڪو نه سگهيو آهي.

پڇاڙيءَ ۾ هيءَ گذارش به ڪندو ٿو هلان ته پرپولا پنهنجي 1994 واري تحقيقي ڪتاب ۾ سنڌو لکت جي مڪمل يا ڪنهن ٿوري حصي جي ڀڃڻيءَ جي دعويٰ ڪا نه ڪئي آهي، پر ان ڪتاب ۾ هڪ اهم ڳالهه ضرور آهي ته هن لسانيات جي حوالي سان هڪ مضمون لکيو آهي (1994: 76-123)، جيڪو نهايت اهم آهي، خاص طور برهوئي ٻولي جي نقطه نظر کان (1994: 66-160)، پر سندس بيان ڪيل سنڌو- لکت جي اندروني جوڙجڪ ۽ ڪمپيوٽر وسيلي تجزيو ايڏو اهم ته نه آهي، پر پڙهڻ لائق ضرور آهي (1994: 68-122). سندس ڏنل دور وارو چارٽ نهايت شاندار آهي (1994- ٽيبل 1.1)، هن ڪتاب ۾ سمجهاڻيءَ لاءِ مجموعي طور تي ڪافي تصويرون ۽ خاڪا ڏنا ويا آهن ۽ منجهس هڪ ڪارآمد ببليوگرافي به ڏني وئي آهي.

فنلئنڊ جي ماهرن جي ڀڃڻيءَ تي تبصرو:

فنلئنڊ جي ماهرن، سنڌو لکت کي ڀڃڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن دنيا جي ماڻهن جو ڌيان پڻ ڇڪائي ڇڏيو هو ۽ ڪيترن ئي عالمن ان جي آجيان به ڪئي هئي (ڊنڊيڪر (Dandekar) 1987: 224-226 مڪمل ببليوگرافي لاءِ). انهن تبصرن ۾ هن گروهه جي تحقيق ۽ قائم ڪيل اندازن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي هئي. هنن اختيار ڪيل پنهنجي طريقه ڪار کي سمجهائڻ واسطي جنهن خبرداريءَ کان ڪم ورتو، تنهن کي به هر ڪو تعريف لائق سمجهي رهيو هو. ڪلائوسن (Clauson) ۽ چئڊوڪ (Chadwick) (1969) به ڪنهن حد تائين محتاط خوشفهميءَ جو اظهار پڻ ڪيو هو، پر ڪنهن به هنن جي ڀڃڻيءَ کي قبول ڪو نه ڪيو، پر ڪي عالم ته مٿن ڪاوڙجي به پيا هئا.

قديم لکتن جي هندساني ماهر، ڊي. سي. سرڪار (D.C Sircar)، پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو تي (a1969) تي تبصرو به ڪيو هو (سرڪار 1969). سندس تبصرو مجموعي هو، پر کيس سندن پيش ڪيل هن تجويز ۾ شڪ آهي ته سنڌو- لکت ۾ ڪتب آندل ٻولي، قديم دراوڙي هئي. هن ماهر، ٿورو وقت هن حقيقت کي سمجهائڻ ۾ صرف ڪيو آهي ته براهمي لکت، سنڌو لکت جي ڀڃڻيءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.

دراوڙيءَ ٻولي جي مشهور عالم، ايم.بي.ايمينيو (a1971). پهرين ٽن خاص اشاعتن (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a.b 1969: 1970) تي تبصرو ڪيو آهي ۽ سندن پيش ڪيل ڀڃڻيءَ کي ’اندازا ۽ بغير استدال‘ جي نالي سڏيو آهي. اڳتي هلي هنن کان ٽن ڳالهين جهڙوڪ: (1) لکت لوگو سلئبڪ آهي يعني هڪ نشاني هڪ لفظ جي نمائندگي ڪري ٿي، (2) هيءَ لکت، معمي واري طريقي سان ڪم ايندي هئي، (3) هن لکت کي دراوڙي ٻوليءَ جي مدد سان ڀڃي سگهجي ٿو، تي سوال پڇيو آهي.

ڊبيلو.جي.برائيس (W.J. Brice) به سندن ڀڃڻيءَ تي تبصرو ڪيو هو ( پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a1969 ۽ b1969)، سندس نقطه نظر آهي ته اهي اشاعتون بلڪل مختصر آهن ۽ چوي ٿو ته طريقه ڪار ۽ نتيجن لاءِ گهڻي معلومات ڏيڻ جي ضرورت هئي. هنن ۽ ٻين اشاعتن ۾ لفظن جي استعمال ۽ مهرن ۾ نظر ايندڙ نالن جي فهرست يا نظام تسميمه (nomenclature) ۾ گهڻو فرق موجود آهي. هن کي معمي واري طريقي ۾ سچائيءَ واري ڳالهه مشڪوڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي (a1970: 222)، ۽ پنهنجو تبصرو هنن لفظن سان ختم ڪري ٿو: ”تبصره نگارن لاءِ ڪن مختصر هڪ جهڙاين وسيلي ڪيل هيءَ تحقيق، هڪ پيچيده سراب خيال آهي.“ (برائيس a1970: 223)، جي. آر. مئٽ (J.R matt) هنن ٽن خاص اشاعتن (پرپولا ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a 1969، b1969 ۽ 1970) تي هڪ ڊگهو تبصرو لکيو هو (1971). هي به دراوڙي ٻولين جو ماهر آهي ۽ ڪن نڪتن لاءِ سندس نقطه نظر ٽيڪنڪي آهي. هن پهريون نڪتو هي اُٿاريو آهي ته پهرين اشاعتن (پرپولا، ڪوسڪينيمي پرپولا ۽ الٽو a1969: 8، 47) ۽ (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا الٽو b1969: 4) کي ڀيٽي ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو ته لوگو گرافڪ ۽ لوگو سلئبڪ نشانين جي سمجهاڻين ۾ مونجهارو موجود آهي. هنن جيڪي هڪ جهڙا ۽ ويجها هڪ جهڙا اُچار ڏنا آهن، تن ۾ به کيس شڪ آهي (1971: 16)، خاص طور ٿانو جهڙي نشاني (Jar Sige) تي اعتراض ڪري ٿو، جنهن کي اهي ماهر ٻيڙي يا جهاز جهڙي نشاني سمجهن ٿا. هن کان سواءِ ’ماڻهو‘ ۽ ’ڪاوانٺي‘ جهڙي نشاني سڃاڻ لاءِ به کيس اعتراض آهي ۽ هن نقطه نظر جو به اظهار ڪري ٿو ته دراوڙي ٻولين جي عالم مطابق سندن ڏنل واحد جمع واريون نشانيون قابل قبول ڪو نه آهن (1971: 63-162).

آرلين زائيڊ (Arlen Zide) ۽ ڪئمل زويلبل (Kamil Zvelebil) (b.a 1970) به ٻن اشاعتن (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a1969 ۽ b1969) تي تبصرو ڪيو آهي ته جيتري قدر سنڌو- لکت جو تعلق آهي ته ان ۾ اڳياڙي (prefix) ۽ وچياڙي (infix) نه آهن، ۽ فقط پڇاڙيون (suffixes) آهن، تنهن ڪري هن جي لاءِ نه رڳو دراوڙي ٻولي منسوب ڪري سگهجي ٿي پر ’اطالوي‘ (Altaic) لاءِ به امڪان موجود آهن. هن کان پوءِ هنن عالمن سنڌو لکت جي ’لوگو گرافڪ‘ ۽ ’لوگو سلئبڪ‘ خاصيتن تي دليلن سان ڊگهو بحث پڻ ڪيو آهي، هن خيال جو پڻ اظهار ڪيو اٿن ته فنلئنڊ جي ماهرن، هن لکت کي ’لوگو سلئبڪ‘ سڏيو آهي ۽ اهو ئي مناسب لفظ آهي، هنن نشانين سڃاڻڻ واري سندن نقطه نظر تي تنقيد ڪئي آهي ته ماڻهوء جهڙي نشاني، ان جنس سان هروڀرو هڪ جهڙائي ڇو ٿي رکي ۽ ٻي نشاني ڇو نه (زائيڊ ۽ زويلبل (a1970: 129)؟ پنهنجي ڊگهي بحث دوران هنن فنلئنڊ جي ماهرن جي بيان ڪيل ننڍين وڏين ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏنو آهي، جن بابت هنن ماهرن کان سوال پڇي سگهجن ٿا. زائيڊ ۽ زويلبل پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته: ”اوڻاين جا ٻيا به ڪيترا مثال آهن، جيڪي مٿي بيان ڪيل اوڻاين جهڙا آهن، جن جي ڪري سندن تحقيق ڪجهه مشڪوڪ ٿي وڃي ٿي. هيٺ ڪجهه ٿورا مثال ڏجن ٿا جن مان پڙهندڙن کي هن تحقيق ۾ موجود ڪن اوڻاين جو سارو پتو پئجي ويندو. (b1970: 132-133). اهڙيون ڳالهيون غير اهم تفصيلن کان گهڻيون وڌيڪ اهم آهن. هنن جي تحقيق ۾ ايتريون غلطيون موجود آهن، جو فنلئنڊ جي سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ جي ساري کوجنا اجائي چئي سگهجي ٿي.“

فنلئنڊ جي هنن ماهرن جي کوجنا تي سڀني کان وڌيڪ تبصرو سابق سويت يونين جي ماهرن، گوروف ۽ ڪوروزوف (1969) ڪيو آهي. (ڏسو گوروف ۽ ڪوروزوف جو اهڙو انگريزي ترجمو 1970) معلوم ائين ٿو ٿئي ته کين ڏنل حقيقتن جي وڌيڪ ڄاڻ آهي ۽ ٻوليءَ واري مسئلي جي کين پوري خبر آهي. ٻين عالمن جي اُٿاريل نڪتن تي به هنن تفصيلي بحث ڪيو آهي. سندن تبصري جو فقط هڪ نڪتو کڻي پڙهبو ته به گهڻي معلومات ملي ويندي. گوروف ۽ ڪوروزوف (1970) هن حقيقت جو اعتراف ڪيو آهي ته هنن ۽ اسڪئنڊينيويا جي ماهرن جي ڪيل تحقيق ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙيون ڳالهيون آهن، جهڙوڪ لکت جو طرف، لکت جي سلسلن جي تقسيم ۽ ٻولي جو امڪان وغيره. جيتري قدر ٻوليءَ جو سوال آهي ته ان لاءِ سندن خيال آهي ته هن لکت ۾ استعمال ٿيل امڪاني ٻولي دراوڙي آهي، پر هنن فنلئنڊ جي ماهرن جيان اندازو ڪو نه ڪيو هو (1970: 2). تحقيق جي ٻنهي طريقن ۾ ٽيڪنڪي فرق موجود آهي (گوروف ۽ ڪورو زوف 1970: 1-2)، روسي ماهرن، ٽڪرن (blocks) کي اوليت ڏني آهي، جڏهن ته فنلئنڊ وارا هن کي لفظ ڪوٺين ٿا. ڇاڪاڻ ته اهڙين ايڪاين ۾، لفظن جو گڏجڻ، (word combination)، پد (syllables) ڌاتوءَ واريون بنيادي نشانيون (root determinateness) يا اشتقاق (radicals) موجود هوندا آهن. ان کان پوءِ، هو ميريگي، هنٽر، هيراس، فنلئنڊ ۽ سويت ماهرن جيان اهڙين معنائن تي تبصرو ڪن ٿا، جيڪي مختلف نشانين سان وابسته ڪيون ويون آهن (جهڙوڪ: تير، ماڻهو، ڦڻي، مزدور وغيره). هنن پنهنجي راءِ جي اظهار ۾ اجائي ڊيگهه (بسيار گوئي) کان ڪم ورتو آهي ۽ سندن فيصلي مطابق ٻيا سڀيئي محقق ڄڻ ته غلط آهن.

سويت ماهرن، فنلئنڊ جي محققن جي ڪيل کوجنا جي گرامر سان لاڳاپيل ڪن نڪتن تي بحث ڪيو آهي. سندن بيان آهي ته:

”جيڪڏهن اسان فنلئنڊ جي ماهرن جي ’ڦڻي‘ (comb) ’۽‘
 ’مزدور‘
(porter) جي سمجهاڻيءَ کي سچو سمجهنداسين ته پوءِ اهو به سمجهڻو پوندو ته سنڌو ماٿريءَ جي قديم ٻوليءَ ۾ صرفياتي (morpholagical) نشانيون به هونديون هيون جيڪي امڪاني طور هن ريت ٿي سگهن ٿيون: حالت اضافي (genitive)، نشاني (marker) ۽ جمع-جنس مؤنث نشاني (marker) (جهڙوڪ ’اشوٿ‘، ’مزدور‘  (porter)، ’ڦڻي‘ (comb) وغيره)، پر جيئن ته فنلئنڊ جي ماهرن خود ئي هنن ڳالهين ڏانهن اشارو ڪيو آهي (ص 21) ته دراوڙي ٻولين ۾ جمع واري پڇاڙي (plural suffix)، حالت جي پڇاڙيءَ (case suffix) کان اڳيان هوندي آهي. هتي اها هڪ ابتي ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. فنلئنڊ جا محقق سمجهي رهيا آهن ته سنڌو- ماٿريءَ جي قديم ٻوليءَ ۾ ڄڻ اهڙيون وصفون ڪو نه هيون. اهڙي سوچ ۽ فڪر کي ڪو جواز ڪو نه آهي، ڇاڪاڻ ته صرفياتي نشانيون  (morphplogical chain)، نهايت قديم آهي ۽ ان ۾ بدلجڻ واري خاصيت ڪا نه هوندي آهي (گوروف ۽ ڪورو زوف 1970: 5).

تبصري ۾ ڪيترين ئي جاين تي نشانين (جهڙوڪ ٿانو جهڙي نشاني (Jar) ’اشوٿ‘ (پر ٻيڙي يا جهاز نه آهي) جي سڃاڻپ لاءِ فنلئنڊ جي ماهرن، ڊرئويڊين ايٽمالاجيڪل ڊڪشنري جي استعمال جي طريقه ڪار تي گهڻا ئي سوال ڪيا آهن (گوروف، ڪورو زوف 1970: 2، 3، 8، 9،). سويت ماهر، اهڙين ڳالهين کي، فني (Finins) ماهرن جي طريقه ڪار (methodology) جي اهم ڪُنجي سمجهن ٿا، ۽ کين پڪو ويساهه آهي ته اهي ماهر پنهنجي نقطه نظر ۾ صحيح نه آهن. هنن هڪ مثال ۾ اشارو ڏنو آهي (گوروف ۽ ڪوروزوف 1970: 8) ته هنن معمي جي اصول مطابق، وڇونءَ جهڙي هڪ نشانيءَ کي عالم (scholar) طور سڃاتو آهي (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ الٽو a1969: 38). سندن نقطه نظر موجب ته ان معنيٰ جي روايتي تجزيو ڪري تصديق ڪا نه ڪئي وئي آهي. ان هوندي به هنن ماهرن جو خيال آهي ته لکت جي معنيٰ ڀڃجي چڪي آهي. سندن ويچار آهي ته هيءَ لکت، مهر جي مالڪ جي ڌنڌي جو اظهار ڪري ٿي. حقيقت هيءَ آهي. سنڌو-ماٿريءَ جي هيءَ نشاني، ڪنهن به حالت ۾ وڇون ٿي نٿي سگهي، تنهن ڪري سندن وڌيڪ استدلال جي معنيٰ آهي (گوروف ۽ ڪوروزوف 1970: 8). مجموعي طور تي هيءَ تنقيد انهن ماهرن خلاف به آهي، جن هن لکت کي معمي واري اصول مطابق ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن ۾ ڪي سويتي ماهر، فني ماهر (جن جو خيال آهي ’ماڻهو‘ جنس (Gender) جي نشاني ۽ وڇون فقط وڇون آهي) ۽ فيئر سروس (جنهن جو خيال آهي ته مڇي هڪ ’ڳنڍ‘ (knot) جي نشاندهي ڪري ٿي) به شامل آهي.

گوروف ۽ ڪوروزوف (1970: 6) هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته فني ماهرن جي سنڌو- لکت جي ڀڃڻي غلط آهي. بهتر اهو ٿئي ها ته هو مختلف لکتن جي کوجنا، جهڙوڪ: سويت ماهرن جي ٻَل چاڙهڻ‘ واري لکت کان پوءِ، سنڌو- لکت جي ڀڃڻي لاءِ هڪ جدا جاکوڙ ڪن ها، ۽ تهذيبي حدن اندر، مليل حقيقتن جي کوجنا ڪن ها ته کين سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ سان راز ملي پوي ها. سندن هي تبصرو، هڪ جملي واري پئرا گراف سان پڄاڻيءَ کي پهچي ٿو، ۽ ساڳئي وقت سندن هڪ هڪ نشاني ڀڃڻ وارو طريقو گهڻين غلطين جو ڪارڻ به بڻجي سگهي ٿو. انهيءَ طريقي وسيلي اسان ڪڏهن به هن قديم لکت جي ڀڃڻي معلوم ڪري نه سگهنداسين. جيتوڻيڪ هنن پُڄاڻيءَ جو اعلان به ڪري ڇڏيو آهي (گوروف، ڪوروزوف 1970: 9). اها ڳالهه واضح آهي ته فني ماهرن جي ڀڃڻيءَ ۾ طريقه ڪار موجود آهي، پر انهيءَ سان سنڌو- لکت جي ڀڃڻي معلوم ٿي ڪا نه سگهي آهي.

’اراواٿام مهاديوان‘ هندستان جي سول سروس جو هڪ جهونو عملدار آهي، جنهن پڻ سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر سندس ڀڃڻيءَ ۾ پراڻي سوچ موجود آهي. هي اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي لسانيات جو پروفيسر هئڻ گهربو هو، پر هندستان جي انتظاميه جو ملازم بڻجي ويو. هن جو سنڌو- لکت جي اڀياس سان لاڳاپيل ڪتاب، (The Indus, Script: Texts concordance and Tables (Mahadevan) a1977) تمام گهڻي اهم تصنيف آهي. هن کان سواءِ مهاديوان ٻيو به لسانياتي تحقيقي ڪم ڪيو آهي ۽ قديم دور واري برهمي لکت تي پڻ کوجنا ڪئي آهي، ۽ برهمي- تامل نالي هڪ تحقيقي تصنيف پڻ ڏني اٿس (مهاديوان (1968). هن هندستان جي تاريخي لسانيات تي تمام گهڻي کوجنا ڪئي آهي، تنهن ڪري سنڌو سڀيتا جي تحقيق ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهو ضرور چاهيندو ته هن قسم جي تنقيد ۽ تبصري ۾ سندس نالو پڻ شامل هئڻ کپي.

اراواٿام مهاديوان 1972ع:

 اراواٿام مهاديوان، سنڌو- لکت جي موضوع تي گهڻو لکيو آهي، پر سندس پنج مقالا هن لکت جي ڀڃڻيءَ سان تعلق رکن ٿا ۽ ڀڃڻيءَ جي ان طريقه ڪار کي هو ’پئرللزم‘ (parallelism) سڏي ٿو (مهاديوان 1970، 1972، a1973، 1979، 1981).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org