مانسيوئر گيولامي دِ هيوسي جو تبصرو:
سنڌو- لکت ۽ ايسٽر- لکت واري جنگي ميدان ۾،
’اڪيڊمي ڊيس انسڪرپشن ائٽ بيليس- ليٽرس‘ ڏانهن دِ
هيوسيءَ جا تحقيقي نتيجا موڪلي، پهرين گولي
پروفيسر پيليوٽ جوڙي هئي. دِ هيوسيءَ جا تبصرا ان
کان پوءِ ڇپيا هئا (1932،
a
1933،
b
1933،
a
1934
b
1934، 1934 ۽ 1935). سندس مقالن ۾ ائين ڏسڻ ۾
ايندو ته هن جي پوئين مقالي جي نشانين جي تقابلي
پنوتري (فهرست) ۾ ترميم ٿيل آهي، انهيءَ لاءِ ته
جيئن ٻئي تبصري جي گنجائش نڪري پوي؛ پر غور ڪري
ڏسبو ته سندس هر مقالي جو مفهوم ساڳيو آهي. دِ
هيوسيءَ جي هڪ چونڊ مقالي جو تنقيدي جائزو پيش ڪجي
ٿو، جنهن جو انگريزي ترجمو، 22- جولاءِ 1933 تي،
’سوسائٽي پري هسٽارڪ فرانڪائيز‘ ۾ ڇپيو هو (a
1933
Published as de Hevesy)
مقالي جي شروعات، سنڌو- سڀيتا بابت هڪ ڊگهي بيان
سان ڪئي وئي آهي، جيڪو مٿاڇرو ۽ شائستگيءَ کان پري
آهي. هن مقالي ۾
دِ هيوسيءَ ۽ سرجان مارشل جي وچ ۾ ٿيل خط ڪتابت جو
پڻ ذڪر ملندو، جنهن ۾ هن پنهنجي توقع جو اظهار ڪيو
هو، ته فرانس ۽ ٻيا ملڪ، سنڌو- سڀيتا تي تحقيق ڪرڻ
لاءِ پنهنجن ماهرن کي موڪلڻ کان ڪونه گهٻرائيندا
(دِ هيوسي
a
1933: 3). سندس بيان آهي ته: ”هيءَ سڀيتا هڪ وسيع
ايراضيءَ تي پکڙيل آهي جنهن جا اوڀر پاسي واقع
برما سان پڻ تعلقات هئا“. اڄ برما سان اهي تعلقات
ممڪن نظر نه ٿا اچن. سنڌو- سڀيتا جي مهرن ۾ شينهن
نظر نه ٿو اچي تنهن بابت سندس تبصرو هن ريت آهي:
”جيڪڏهن مهرن ۾ شينهن جي تصوير جي عدم موجودگي
اتفاق نه آهي ته پوءِ ذهن ۾ هن قسم جو خيال ضرور
پيدا ٿيندو ته موهن جي دڙي جا ماڻهو، اتان لڏي آيا
هوندا، جنهن ملڪ ۾ شينهن ڪونه هوندا هئا، يعني اهي
اوڀر پار کان آيا هوندا. جيڪڏهن اسان هن نتيجي ڪڍڻ
۾ صحيح آهيون ته اهڙو اطلاع موڪليو وڃي“ (دِ هيوسي
a
1934: 4). دِ هيوسي هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو آهي
بلڪه اشاري ڏيڻ لاءِ زور ڏيئي رهيو آهي ته سنڌو
لکت، هر- اوڙ
(Boastro phedor)
طرز جي آهي.
ان کان پوءِ، سنڌو-سڀيتا جي ذڪر بعد، رپنوئي ٻيٽ
جو بيان نظر ايندو. هو ٻڌائي ٿو ته ”رومن ڪئٿولڪ
مشنري، ڏاڍيءَ سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان، خاص طور
يورپ جي اهڙن ادارن جو ذڪر ڪري جن سان اهڙيون
عيسائي مشنريون لاڳاپيل آهن.“ هو پنهنجي خيال جو
اظهار ڪندي چوي ٿو ته ”هن جڏهن پهريون ڀيرو رونگو
رونگو لکت جون، باندر ۽ هاٿيءَ جي شڪل جهڙيون
تصويري نشانيون ڏٺيون هيون ته دنگ رهجي ويو هو.
پروفيسر ايم، سِلوائن ليوي
(M. sylvian
levi)
هڪ ڏينهن، ڪاليج دِ فرانس ۾، سنڌو- سڀيتا تي ليڪچر
ڏنو هو، جنهن ايم. دِ هيوسيءَ جو پڻ ڌيان ڇڪايو
هو. ان کان پوءِ هو (دِ هيوسي) ايسٽر- لکت جي
تصويرن وٺڻ لاءِ اهڙو سامان کڻي وڃي اتي نڪتو. اُن
جي ڏسڻ لاءِ ته ٻنهي لکتن ۾ ڪهڙي قسم جون هڪ
جهڙايون موجود آهن. منجهن هڪ جهڙاين دريافت ٿيڻ
کان پوءِ سندس دل ۾ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو اعتماد پيدا
ٿيو، ۽ اهڙي معلومات ٻين ماڻهن کي به ڏيڻ پئي
چاهي.
دِ هيوسيءَ جو، مقالي ۾ سنڌو- لکت جي نشانين
سامهون ايسٽر آئلئنڊس جي لکت جون نشانيون رکي،
تقابلي اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. (60،
59
Figure).
هيءَ سندس تحقيقي طريقه ڪار جي پستيءَ جي انتها
آهي، جنهن ۾ محنت ۽ تحقيق جو ڪو نالو نشان نظر نه
ايندو. پنهنجي نڪتي جي اهڙي اظهار کان پوءِ معاملي
کي اهڙي طريقي سان اُڪلائڻ ٿو چاهي ته جيئن هو ڪن
گمراهه ڪندڙ سگهارين متوقع ڌرين کي اٿاريل اعتراض
جا جواب ڏيندو هجي.
Figure 59. M. de Hevey’s chart comparing the
Indus with the Easter Island script [de Hevesy
1935, Pl. III]
Figure 60. M. de Hevey’s chart comparing the
Indus with the Easter Island script [de Hevesy
1935, pl. II]
(1) ”پهريون سوال هنن ڦرهين جي دور جو آهي؟ اسان
کي ان جي ڪابه خبر نه آهي.“ (a
1934: 11). ان کان پوءِ سندس بيان هن ريت آهي ته
ڪاٺ، گهڻي وقت تائين کاڄي ناس ٿي ڪونه سگهندو آهي.
ان جو مثال مصر جون ڪاٺ جون ٺهيل قديم مِٿون آهن،
جيڪي ’لو ور‘
(Louvre)
۾ موجود آهن.
(2) ”اهي ڦرهيون ٻاهران گهرايون ويون آهن يا نه“؟
(a
1934: 12) بعد ۾ سندس بيان هن ريت آهي ته ”ابتدائي
ڇنڊ ڇاڻ سان پتو پوي ٿو ته هي ڪاٺ، انهن وڻن سان
تعلق رکي ٿو، جيڪي رپنوئي ۾ ڪونه ٿيندا آهن.“ سندس
وڌيڪ خيال هن ريت اهي ته موليوڪس
(Moluccas)،
سيليبس
(Celebes)،
نيوزيلئنڊ ۽ وچ آمريڪا مان اهڙو ڪاٺ گهرائي،
اهڙيون ڦرهيون تيار ڪيون ويون هونديون. پڇاڙيءَ ۾
دِ هيوسي، سائنٽفڪ تحقيق جو واعدو ڪري ٿو ته هو
اهڙي کوجنا ڪري اهو پتو ضرور لڳائيندو ته رپنوئي ۾
ڪاٺ ڪهڙن ملڪن کان ايندو هو.
(3) ڪاٺ جي ڦرهين تي نظر ايندڙ لکت، ٻاهر جي آهي.
دِهيوسيءَ جو بيان آهي ته اصلي ڏند ڪٿا، هتي جي
پهرين اچڻ وارن ماڻهن سان گڏ، هن ڌرتيءَ تي پهتي
آهي (a
1934: 13). هو پنهنجي خيال جو اظهار ڪندي ٻڌائي ٿو
ته ٻوليءَ جي شاهدين مان ڀانئجي ٿو ته هنن جي
اصليت نيوزيلئنڊ سان واسطو رکي ٿي.
(4) دِ هيوسيءَ جي دور ۾، گهڻن ئي عالمن جو خيال
اهو هو ته ڏکڻ-اوڀر ايشيا ۽ پولينيشيا ۾ ڪونه ڪو
لاڳاپو ضرور آهي. جيڪڏهن هن قسم جا مفروضا تحقيق
وسيلي ثابت ڪري سگهجن ٿا ته پوءِ ايسٽر آئلئنڊس جي
لکت جو تعلق، ضرور هندستان سان هوندو. ان کان پوءِ
هو، ’بئرن روبود وان هائين- گيلڊرن‘
(Baron Robod Von Heine- Geldern)
جي تحقيقي ڪم جو حوالو ڏئي ٿو، جن هن موضوع تي
تمام گهڻو لکيو آهي (a
1934: 15). اهو به معلوم ٿئي ٿو ته هن، هيوسي هين-
گيلڊرن سان خط ڪتابت به ڪئي هئي. اسان کي اها به
ڄاڻ ملي ٿي ته بئرن هن ڳالهه جو به امڪان ڏيکاريو
هو ته نيوزيلئنڊ جي ثقافت جو ايسٽر آئيزل
(Easter Isle)
پٿر جي پوئين دور واري اُتر چين جي تهذيب سان ڪو
ڳانڍاپو آهي (a
1934: 15)
دِي هيوسي جون ٻيو ڳالهيون عام قسم جون آهن. هن
ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ڏکڻ - اوڀر
ايشيا ۽ پئسفڪ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن. هن جي اهڙين
ڳالهين کي وڏي پٺڀرائي حاصل ٿي هئي، جن مان هڪ
آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر، اسٽينن لئنگڊن به
هو. لئنگڊن، سنڌو- ماٿريءَ جي هڪ مهر، ’ڪِش‘ مان
پڻ لڌي هئي. (لئنگڊن 1932) هن سنڌو- ماٿريءَ ۽
ميسوپوٽئميا جي ان دور جي تعلقاتن تي تمام گهڻو
لکيو هو (لئنگڊن
b
1932). هن عالم، هنٽر جي ڪتاب جي تعارف
(Introduction)
۾ ايسٽر آئلئنڊس جي لکت بابت هن ريت لکيو آهي:
”سنڌو- لکت ۽ ايسٽر آئلئنڊس جي لکت ۾ موجود هڪ
جهڙائيءَ بابت ڪنهن کي به شڪ نه آهي. هيءَ (ايسٽر
آئلئنڊس واري) لکت هڪ اچرج جهڙو تاريخي حادثو آهي،
يا ٿي سگهي ٿو ته سنڌو- لکت، ايڏو وڏو سفر ڪري،
پئسفڪ سمنڊ جي هن ٻيٽ تائين پهتي آهي، تنهن لاءِ
ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. اهو به پڪ سان چئي نٿو
سگهجي ته ايسٽر آئلئنڊس وارين لکيل ڦرهين جو ڪهڙي
دور سان لاڳاپو آهي. اهڙيءَ ڄاڻ وارا سلسلا، هاڻي
ختم ٿي چڪا آهن. هن لکت سان مشابهت رکندڙ مهرون
جيڪي شڪل ۽ صورت ۾ سنڌو- لکت جي مهرن جهڙيون آهن،
سمير جي ڪيترن ئي ماڳن، جهڙوڪ ’سوس‘
(Susa)
۽ ’دجله نديءَ‘ جي اوڀارينءَ ڪناري سان مختلف
کنڊرن تان هٿ لڳيون آهن“ (لئنگڊن
a
1934:
IX،
X)
دِ هيوسيءَ جي مفروضي جو تنقيدي جائزو:
دي هيوسيءَ جي هن مفروضي جو سڀ کان وڏو نقاد
الفريد ميٽراڪس هو (a
1938،
b
1938). هي سوئيزرلئنڊ جو هو ۽ انساني نسلن جي ڄاڻ
جو ماهر هو. سندس تعلق ’هونو لولو‘
(Hono lulu)
جي بشپ ميوزم سان هو. هو شخصي طور به ايسٽر
آئلئنڊس ۽ پولينيشيا کان تمام گهڻو واقف هو
(ميٽراڪس 1940، 1957)، ميٽراڪس جو مقالو
’ائنٽروپوس‘
(Antropos)
۾ ڇپيو هو. هن ۾ ٻن نڪتن تي تفصيلي تنقيد ڪيل هئي.
هن مقالي جي شروعات ۾ هڪ ڀرپور تبصرو نظر اچي ٿو،
جيڪو تمام گهڻو اهم آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سنڌو-
سڀيتا ۽ پولينيشا خاص طور تي ايسٽر آئلئنڊس جي
تهذيب وچ ۾ فرق کي وضاحت سان چٽو ڪري ڏيکاريو ويو
آهي (ميٽراڪس
a
1938: 19- 218).
(1) موهن جي دڙي جا ماڻهو ڌاتن جي استعمال کان
چڱيءَ ريت واقف هئا، ڪنڀارڪي ڌنڌي جا ماهر ۽ وڏا
انجنيئر هئا، تنهن ڪري پولينيشا جي معمولي ثقافتي
شين کي هنن سان ڀيٽي نٿو سگهجي.
(2) لکت سان لاڳاپيل ڳالهيون به مختلف آهن. سنڌو
لکت، نرم قسم جي پٿر، ڌاتوءَ ۽ ٺڪر جي ٿانون تي
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ان کان سواءِ هيءَ لکت مختصر آهي ۽
سرسري طور پنجن نشانين تي مشتمل آهي. هن لکت جي
مهرن جو هڪ نمونو، ٺپي هڻڻ جي مقصد سان تيار ڪيو
ويو هو. ايسٽر آئلئنڊس جي لکت ڪاٺ تي اُڪريل ٿي
ڏسجي. ٻيو ته هيءَ لکت، ڊگهيءَ نوعيت جي آهي، جيڪا
ڪهاڻين ٻڌائڻ وارن کي قصن ٻڌائڻ ۾ مدد ڪندي هئي.
(3) سنڌو- لکت ۾ پنهنجيءَ ڌرتيءَ جي گلن ٻوٽن
(Flora)
۽ پسونئن
(Founa)
(ٻٻر، پپر، ڪونهٺ واري ڏاند، هاٿيءَ، گينڊي) کي
استعمال ڪيو آهي. ايسٽر آئلئنڊس جي لکت ۾ ’پيئڻ‘
(Pelican)
۽ ٻين سامونڊي پکين جو شڪليون ڏسبيون آهن.
(4) ميٽراڪس جو هي بيان بلڪل صحيح آهي ته
پولينيشيا جي تهذيب ۾ ، سنڌو- سڀيتا واري هڪ به
خاصيت موجود نه آهي.
(5) هن ٻنهي لکتن وچ ۾ موجود وقت جي وڏيءَ وٿيءَ
جي فرق کي پڻ واضح ڪيو آهي.
Plate 11. Stephen Langdon [courtesy of Oxford
University and the Field Museum, Chicago]
Plate 12. A rongorongo [courtesy the Bishop
Museum. Honolulu]
Plate 13. Gauguin’s painting with Easter Island
writing
[copyright The Art Insititute of Chicago]
260
Plate 14. Impression of seal number 260 from
Mohen-jo-daro
[Marshall 1931a: Pl. CX. No.260]
122
Plate 15. Photograph of the impression of seal
number 122 from Mohenjo-daro [Marshall 1931a: Pl
CVII, No. 122]
342
Plate 16. Miniature from Harappa [Vats 1940:
Plate XCIV, No. 342]
(6) موهن جي دڙي ۽ ايسٽر آئلئنڊس جي وچ تي ڊگهو
فاصلو آهي.
ميٽراڪس ٻنهي لکتن ۾ موجود، ڪن نشانين جي هڪ
جهڙائيءَ واري حقيقت کي تسليم ضرور ڪيو آهي. سندس
اهو به بيان آهي ته سنڌو ۽ ايسٽر- لکت ۾، هر- اوڙ
(boustrophedon)
جهڙيون لکتون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ميٽراڪس پنهنجي
خيال جو اظهار هن ريت به ڪيو آهي ته ايسٽر آئلئنڊس
جي ڪاتبن کي پنهنجن نشانين کي ايجاد ڪرڻ جي ڇوٽ
مليل هئي، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق هر نشاني
پنهنجي لکت ۾ اُڪيري وٺندا هئا، جڏهن ته سنڌو-
ماٿريءَ جي ڪاتبن کي اهڙي آزادي ڪانه هئي. تنهن
ڪري سنڌو لکت جون نشانيون مقرر آهن. هڪ ئي ڦرهيءَ
تي ارتقائي طور هڪ ئي نشانيءَ جون ڪيتريون ئي
مختلف شڪليون نظر اينديون جيڪي اُڪر ڪرڻ واري جي
لاپرواهيءَ يا اُڪر جي اوزار جي هيڏي هوڏي ٿي وڃڻ،
يا جڳهه کُٽي پوڻ ڪري تبديل ٿي ويون آهن. شڪل جون
اهڙيون تبديليون، تصوير جي ننڍن جزن سان تعلق رکن
ٿيون. جيڪڏهن تصويري نشاني، ماڻهوءَ جي آهي ته ان
جي ٻانهن يا ڄنگهه، يا جيڪڏهن پکيءَ جي آهي ته ان
جي پرن وغيره ۾ ڪجهه ڦير گهير ڏسڻ ۾ اچي ٿي (a
1938: 219). ان کان پوءِ ميٽراڪس، هڪ پليٽ (a
1938: 220). ڏئي ٿو جنهن ۾ هڪ نشانيءَ ۾ موجود ڪن
تبديلين جو تفصيل ڏسجي ٿو. اهڙيءَ ريت هڪ پکيءَ
جون 61 مختلف شڪليون نظر اچن ٿيون، جيڪو
امڪاني’پيئڻ‘ پکي آهي. اهي مختلف نشانيون هڪ ٻئي
سان لاڳاپيل آهن، جيڪڏهن اهڙيءَ تصوير کي اڪيلي
طور ڏسبو ته ان ۾ تبديليءَ واريون مختصر ڳالهيون
موجود ڪونه ڏسبيون.
ايسٽر آئلئنڊس جي لکت ۾ استعمال ٿيندڙ نشانين
اندر، تبديليءَ واري ذاتي ۽ اصلي خاصيت موجود آهي.
ٻيو ته لکت واريون ڦرهيون، ٻنهي پاسن کان لکيل
آهن، جن تي ميٽراڪس تبصرو ڪندي چوي ٿو ته ايسٽر
آئلئنڊس جي نشانين جو تعداد تمام گهڻو آهي ۽ هڪ
ڦرهيءَ ۾ نظر ايندڙ اهڙين نشانين جو انگ 1547 آهي
(a
1938: 222). جيڪڏهن ايتريون گهڻيون نشانيون سنڌو-
لکت جي نشانين سان ڀيٽي ڏسبيون ته نشانين جي ايڏي
تعداد مان ڪي نشانيون سنڌوءَ-لکت جي نشانين جهڙيون
ضرور نڪري پونديون.
ميٽراڪس، دِي هيوسيءَ تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته
هيوسيءَ سنڌو- لکت ۽ ايسٽر- لکت جي تقابلي اڀياس
لاءِ جيڪي نشانيون ڏنيون آهن، تن جو صحيح نموني
سان نقل ڪونه ڏنو آهي (a
1938: 222). هن تنقيد کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ
ميٽراڪس، هيوسيءَ جي ڪيترن ئي مقالن جي تفصيلي ڇنڊ
ڇاڻ پڻ ڪئي آهي. سندس اهڙي کوجنا مان گهڻو ڪجهه
سکي سگهجي ٿو. مثال طور ميٽراڪس (a
1938: 23- 122) موهن جي دڙي جي مهر نمبر 260 (
مارشل
a
1931 پليٽ
CX)
تي ويچار ڪري ٿو ۽ ان جي تصوير به پيش ڪري ٿو
(پليٽ 13). هن نشانيءَ کي هنٽر جي ڪتاب (1934 پليٽ
XXII-
نمبر 428) ۾ هن شڪل صورت ۾ ڏسي
سگهجي ٿو، پر دِي هيوسيءَ هن جو نقل هن ريت ڪيو آهي.
معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته تصويرن ۽ هنٽر جي ڏنل
خاڪن ۾ هڪ جهڙائي آهي، پر هيوسيءَ جي نقطن ۽
تصويرن ۾ فرق آهي. ميٽراڪس (a
1938) کي ان جو ڪارڻ اهو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هيوسي
انهن نقطن کي بگاڙي ڇڏيو آهي. ان بابت هنٽر جو دِي
هيوسيءَ ڏانهن لکيل خط به شامل ڪيو اٿس. ٻنهي جي
خط و ڪتاب مان به اسان کي گهڻي معلومات ملي وڃي
ٿي:
”مانسيوئر ميٽراڪس، منهنجي 1934 واري وڏي تحقيقي
ڪم کي ڏسي، 1932 وارين نشانين جي فهرست بابت غلط
فهميءَ جو شڪار ٿي ويو آهي، جيڪي ’دي اسڪرپٽ آف
هڙپا ائنڊ موهن جو دڙو‘ نالي مقالي ۾ ڏنيون ويون
آهن، ۽ ميٽراڪس به هن مقالي جو حوالو ڏنو آهي.
جيڪڏهن هو ڌيان سان پڙهي ها ته کيس ڄاڻ ملي وڃي ها
ته انهيءَ جو تعلق 1929ع سان آهي، ۽ دعويٰ به اها
ڪئي وئي آهي. هن ۾ انهن مهرن جون نشانيون آهن،
جيڪي موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان 1927ع تائين هٿ آيون
آهن. (مارشل جي ڪتاب ۾ اهي مهرون آهن، جيڪي فقط
موهن جي دڙي مان اپريل 1927ع تائين هٿ آيون آهن)،
منهنجي تصنيف (1934) جي ڇپائيءَ ۾ دير انهيءَ ڪري
ٿي آهي جو مون کي متعلق اختيارين طرفان ڇپائيءَ جي
موڪل دير سان ملي هئي، جنهن جو ذڪر مون مهاڳ ۾ ڪيو
آهي.
1932ع واري مقالي ۾ شامل نشانين جي فهرست
List)-
(Sign،
1934 واري نشانين جي فهرست کان پوءِ جي آهي. 1932ع
واريءَ فهرست ۾ ٻنهي ماڳن مان اپريل 1932ع تائين
هٿ آيل مهرن کي شامل ڪيو ويو آهي.“
قلم تازو:
مون کي افسوس آهي جو اوهان کي منهنجي 1932ع واري
فهرست جي نشاني نمبر
Lxx iii x
ص 498، بابت غلط فهمي ٿي. اها غلطي منهنجي هئي.
مون کي نشانيءَ اندر ڏنل ڦرهيءَ بابت وضاحت ڏيڻ
کپي ها، اها ’جاڦري‘ انهيءَ ڪري ڏني وئي هئي، جو
اصلي نشاني تمام گهڻي بگڙيل هئي. نشاني
LXXXVI
ته بلڪل چٽي آهي پر نشاني
LXXIII
اڻ چٽي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مان انهيءَ غلطيءَ لاءِ جي.
آر. هنٽر کان معافي وٺان ٿو (810:
a1938
Hunter in de Hevesy).
سو اها ڳالهه به معلوم ٿي وئي ته 1932 وارين
نشانين جي فهرست 1934 وارين نشانين جي فهرست کان
وڌيڪ تازي هئي ۽ اها هڪ اهم معلومات آهي. اها
ڳالهه به اڃا ثابت ٿي ڪانه سگهي آهي، جنهن جو
اظهار هنٽر پنهنجي مشهور ڪتاب
‘The Script of Harapa, Mohen jo daro and the
conection with other Scripts’
جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي (هنٽر 1934:
Vii).
1932ع وارين
نشانين جي فهرست هڪ ڪتاب ۾ شامل ڪئي وئي هئي، جنهن
۾ هر جڳهه مان هٿ آيل مهرن جو نشانيون شامل هيون.
ائين ڪرڻ سان سرجان مارشل جي ڪتاب ’موهن جو دڙو
ائنڊ ڊي انڊس سولائيزيشن‘ جو قد ۽ قيمت وڌي وئي
هئي (مارشل
a
1931ع). نشاني نمبر
LXXIII
جون هنٽر جي ڪتاب (هنٽر 1932ع: 498) ۾ هن ريت شڪليون
آهن (ڏسو پليٽ 14)
معلوم ائين ٿو ٿئي ته نشاني صحيح نموني سان نقل
ڪانه ڪئي وئي آهي. اها دي هيوسيءَ جي بيان ڪيل
نشانيءَ جي شڪل جهڙي آهي. هنٽر جي هيءَ غلطي ٻين
کي گمراهه ڪري رهي هئي، تنهن ڪري کيس معافي طلب
ڪرڻ جڳائيندي هئي.
ٻئي طرف دي هيوسيءَ پنهنجي ڏنل تقابلي اڀياس، ۾
نشاني نمبر 260 جي غلط نقل ڪيل نشاني سان
ايسٽر آئلئنڊس جي جنگجو سپاهي جهڙي نشاني ڀيٽي
ڏيکاري آهي. سندس پيش ڪيل اهڙيءَ هڪ جهڙائي پڙهندڙ
کي متاثر نه ٿي ڪري.
ميٽراڪس جو ٻيو تبصرو (a
1938: 223) دي هيوسي جي بيان ڪيل موهن جي دڙي جي
هڪ مهر نمبر 122 (مارشل
a
1931 پليٽ
CVII)
(پليٽ 14 ۽ 15) جي ذڪر ۾ موجود آهي. زير بحث
نشانيءَ جي اصلي شڪل جو نقل هن ريت هئڻ
گهرجي ها پر دي هيوسيءَ هن جو نقل هن ريت ڪيو آهي،
جيڪو سندس مقالي ۾ پڻ ڏنو ويو آهي ۽ هن جي
X
ايسٽر آئلئنڊس جي هن نشاني سان هڪ
جهڙائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهڙي نشاني، هنٽر
1932ع واري نشانين جي فهرست ۾ موجود نه آهي، تنهن
ڪري اهڙين نشانين جي هڪ جهڙائي ڏيکارڻ صحيح نه
آهي.
هن کان سواءِ ميٽراڪس هڪ ٻي ڳالهه پڻ قلمبند ڪئي
آهي ته دي هيوسيءَ جي ڏنل نشاني ۽ اصلي نشانيءَ جي
ڪن حقيقتن ۾ فرق موجود آهي.
سنڌو- لکت جي نشانيءَ جو صحيح نقل
- الف
ايسٽر- لکت جي نشانيءَ جو دي هيوسيءَ جو ڪڍيل
نقل - ب
ساڳيءَ نشانيءَ جو اروڪ- رينگا
(Aruke- Renga)
جي ڦرهيءَ تان ورتل نقل (ميٽراڪس
1938a:
224) ت
ميٽراڪس جي تنقيد جو پويون مثال ڪافي وزندار آهي،
ڇاڪاڻ ته هن ٻين به ڪيترن منجهيل ڳالهين ڏانهن
ڌيان ڇڪايو آهي.
الف- دي هيوسيءَ طرفان هڪ جهڙائي ڏيکارڻ لاءِ ڏنل
سنڌو لکت جي نشاني جون تبديل ٿيل شڪليون (هنٽر
1934- ٽيبل
XLI).
ب- سنڌو- لکت جي نشانيءَ سان هڪ جهڙائي رکندڙ ۽
دي هيوسيءَ طرفان ڏنل ايسٽر لکت جي نشاني جون
تبديل شڪليون.
هيءَ نشاني، سانتيا د چائيل
(Santia de Chile)
وٽ رکيل ڦرهين (مان هڪ اروڪو- ڪورينگا
(Aruku-kurenga)
واريءَ ڦرهيءَ ۽ ٻين تي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا ٻين
علامتن سان گڏجي هڪ مرڪب جي صورت ۾ به نظر اچي ٿي)
(ميٽراڪس
a
1938: 225).
الف-
ب -
ڪڏهن ڪڏهن ميٽراڪس کي هيوسيءَ جون نقل ڪيل
نشانيون، هڪ يا ٻيءَ لکت ۾ ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه آيون
آهن (ميٽراڪس
1938a
: 225). جيڪڏهن ميٽراڪس جي نقل ۽ اصل ۾ موجود فرق
وارين بيان ڪيل حقيقتن ڏانهن ڌيان ڪبو ته سندس
بيان ڪيل ڪي نڪتا ايڏا اهم ڪونه آهن، پر سندس
تبصرا مجموعي طور تي صحيح آهن، هنن تبصرن مان
محسوس ٿيندو ته دي هيوسيءَ، اُٻهرائيءَ سبب صحيح
تحقيقي ڪم ڪري نه سگهيو آهي، پر ائين ويچارڻ به
صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ جهڙائيءَ لاءِ پيش ڪيل
مواد تمام گهڻو آهي، ان ڪري حقيقتن پيش ڪرڻ ۾
کانئس ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن. ميٽراڪس مختلف
نڪتن جي هڪ ڊگهي فهرست کان پوءِ، پنهنجي مقالي کي
ختم ڪيو آهي، جن کي مختصر ڪري هيٺ ڏجي ٿو.
(1) ٻنهي لکتن جي مختلف نشانين ۾ ڏيکاريل هڪ
جهڙايون غلط آهن.
(2) دي هيوسيءَ جو تحقيقي طريقه ڪار سائنسي نقطه
نظر کان قابل- قبول نه آهي، ڇاڪاڻ ته هن مختلف
نشانين جي تبديل ٿيل شڪلين ۽ ايسٽر- لکت جي نشانين
جي وڏي مجموعي ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو آهي.
(3) دي هيوسيءَ، هن حقيقت ڏانهن به ڌيان ڪونه ڏنو
آهي ته نشاني اصل آهي يا تبديل ٿيل شڪل آهي، يا ان
نشانيءَ جو گهڻو ورجاءُ ڏسڻ ۾ آيو آهي يا نه . هڪ
جهڙائي پيش ڪيل گهڻين ئي نشانين جو تعلق ايسٽر
آئلئنڊ- لکت جي ٿورين اڻ لڀ نشانين سان آهي.
(4) دي هيوسيءَ ٻنهي لکتن ۾ موجود وقت جي وڏي
وٿيءَ کي ويچار ۾ ڪونه آندو آهي (ميٽراڪس
1938a:
235).
ميٽراڪس جو ائنٿرو پوس ۾ ڇپيل هن مقالي کي جي. سي.
اي
(J.C.A)
(جوهانس سي. ائنڊرسين
Johannes C. Aundersen)
1938) مختصر ڪري، جرنل آف دي پولينيشين سوسائٽي ۾
ڇپرايو هو. معلوم ٿئي ٿو ته هي ماڻهو ميٽراڪس جي
مقالي جي نتيجن ۽ لهجي سان سهمت هو.
ميٽراڪس جي تنقيد تي تنقيد:
ميٽراڪس جي دِ هيوسيءَ جي نظريي ۽ اصول تي ڪيل
تنقيد، اهم آهي. دِ هيوسي سندس مقالي جي جواب ۾ ٻه
مقالا لکيا (1938a،
1938b)،
سندس پهرئين مقالي جو عنوان هو
‘Man just following Metroux’s Paper’
(دِي هيوسي
1938b)
هن جو ٻيو مقالو ائنٿرو پوس ۾
(Metrouxs paper)
جي عنوان سان ڇپيو هو. هن بحث جي حوالي سان ٽيون
مقالو به ائنٿرو پوس ۾ ڇپيو هو، جيڪو رابرٽ وون
هائين- گيلڊرين
(Robert Von Heine Geldern)،
دِي هيوسيءَ جي بچاءُ ۾ لکيو هو. هن پنهنجي مقالي
جي پڇاڙيءَ ۾ هندستان ۽ چين جي ويجهن تعلقاتن جو
ذڪر ڪيو هو. ان سان گڏ منجهس اوڀر وارن ملڪن ۽
رپنوئي ٻيٽ جا حوالا پڻ ڏنا ويا هئا (هائين گيلڊرن
1938). هائين- گيلڊرن جي مقالي جو وڏو حصو، جرمني
ٻوليءَ ۾ لکيل هو، پر دِي هيوسي جي بچاءَ کي نظر ۾
رکي، ڪجهه حصو انگريزيءَ ۾ به لکيو هئائين. مقالي
جي هن حصي ۾ ٻنهي لکتن جي نشانين جي هڪ جهڙائيءَ
جو ذڪر ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هنن ٻنهي ملڪن ۾ تاريخي
تعلقاتن جي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو. آخر ۾
ارجنٽائين جي ’ميوزم آف نيشنل هسٽري‘ جي سر جي،
امبيلوني
(Sir J. Imbelloni)
به دِي هيوسي جو بچاءَ ڪيو آهي، پر اُن سان گڏ هن
ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺهراءُ ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي.
سندس بيان هن ريت آهي:
”ڊاڪٽر ميٽراڪس ۽ دي هيوسيءَ وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار
کي دوستيءَ جي نڪتي تي ٿڌو ڪري سگهجي ٿو. اهي ٻئي
ڄڻا منهنجا پراڻا دوست آهن. هن قسم جي بحث مباحثي
۾ هڪ ڌر، ٻيءَ ڌر کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
ڊاڪٽر ميٽراڪس جي مقالي ۾ ڪيترا ئي فقرا اهڙا نظر
ايندا، جن ۾ دي هيوسيءَ تي مختلف علامتن کي بگاڙي
پيش ڪرڻ جا الزام هڻي ٿو ۽ اهو پڻ چوي ٿو ته دي
هيوسيءَ اهو به غلط چيو آهي ته ڪي نشانيون، هنٽر
جي ڏنل پليٽن ۾ به ڪونه آهن. سندس اها به شڪايت
آهي ته دي هيوسيءَ، هنٽر جي پليٽن جا صحيح حوالا
ڪونه ڏنا آهن. سندس چيل اصلي لفظ هي آهن: ”کانئس
اهڙيون اهم ڳالهيون ڇو ٿيون وسري وڃن“. مون کي پڪ
آهي ته ڊاڪٽر ميٽراڪس هن تي ڪوڙ هڻڻ جو الزام ڪونه
هنيو هوندو. سندس مطلب اهو هوندو ته دي هيوسي،
سائنسي سوچ ۽ فڪر کان ڪم نه ورتو آهي. جڏهن ڪو
محقق اڳيئي قائم ڪيل مفروضي تي تحقيق ڪندو آهي ته
ان جو نتيجو اهڙوئي نڪرندو آهي (ابيلوني 1939: 64)
هنٽر به سندس بچاءَ ۾، هن ڏانهن خط لکيو هو، جنهن
ڪري هن کي ڄڻ ڏڍ ملي ويو هو. هن خط ۾ هنٽر ڪيترين
ئي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي، پر هيٺ ان جو ٿورو حصو
ڏجي ٿو:
”مون، مانسيوئر ميٽراڪس جي توتي ڪيل تنقيد پڙهي
آهي، جنهن مان مون کي مايوسي نه، پر تعجب ٿيو
آهي... مون ڏٺو آهي ته تو منهنجي ڪتاب ۾ ڏنل
نشانين تان ايمانداريءَ ۽ ڌيان سان نقل ڪيو آهي.
حقيقت اها آهي ته اهي بلڪل صحيح آهن... مسٽر
ميٽراڪس تنهنجي نقل ڪيل ايسٽر- لکت جي نشانين تي
ڇتي تنقيد ڪئي آهي. تو ايسٽر آئلئنڊس جي ڪن نشانين
کي ايڏو ته بهتر ۽ صاف نقل ڪيو آهي جو آءٌ بي
انتها متاثر ٿي ويو آهيان. انهن نشانين جون مون وٽ
تصويرون هيون، جن کي ڀيٽي ڏسڻ کان پوءِ پتو پيو ته
اوهان انهن نشانين جا صحيح خاڪا ڪڍيا آهن“ (هنٽر
اِنِ ڊي هيوسي
1938b:
10- 809). |