اهڙيءَ ريت تبديليءَ جا ٻه اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا،
جيڪي لکت جي نظام نه پر لکت ٿيل شين ۾ نظر اچن ٿا.
پهرين تبديلي، هڙپا ۾ ڏسجي ٿي. هن بابت وئٽس
(Vats)
جو بيان آهي ته
IV
تهه کان وٺي دڙي
F
تائين، مهرن جي ماپ سان گڏ اُنهن جو تعداد به گهٽ
ڏسڻ ۾ آيو آهي. ٺڪر ۽ چينيءَ جا ٺپا به ماپ ۾ ننڍا
۽ تعداد ۾ گهٽ نظر آيا آهن. انهن جي جاءِ تي بلڪل
ننڍڙيون مهرون ۽ ٺپا اچي ويا هئا. اهڙي تبديلي،
موهن جي دڙي ۾ نظر نه ٿي اچي، ان جو ڪارڻ اهو آهي
ته اهي کوٽيل تهه، قديم مهرن واري دور کان پوءِ جا
آهن (1940: 324). تبديليءَ جي ٻيءَ شاهديءَ جو
واسطو موهن جي دڙي سان آهي جتان ٽامي جون مهرون
دريافت ٿيون آهن. ان بابت ويلر جو خيال آهي ته
ٽامي جون مذڪوره مهرون، ڪنهن پوئين دور سان
لاڳاپيل آهن (1963: 107) بي. ايم. پانڊي
(B.M. Pande)
به سنڌو- لکت جي نشانين جو اڀياس ڪيو آهي، خاص طور
هن نشانيءَ
بابت سندس
راءِ آهي ته اها هن جانور
تان ورتي
وئي آهي.
قديم آثارن جا ماهر، هن لکت جي طريقه ڪار جي اصليت
بابت وڌ کان وڌ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن
ته هن لکت جي مختلف علامتن ۽ اشارن کي ڪهڙي نموني
سان قلمبند ڪيو ويو آهي. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته
هيءَ لکت، تهذيب جي ترقي يافته دور ۾ هڪ پائيدار
حيثيت جي مالڪه آهي. هن مسئلي تي جيڪڏهن ڌيان ڏنو
ويو ته محنتي ۽ ڏاها عالم، ڪنهن ڏينهن هن لکت جي
وجود اندر موجود تبديليءَ ۽ تغير کي ضرور محسوس
ڪري وٺندا. هن وقت تائين مليل معلومات مطابق فقط
ايترو چئي سگهجي ٿو ته هن لکت ۾ تمام ننڍڙيون ۽
نازڪ قسم جون تبديليون آيون آهن. هن جي باضابطه
تحريري صورت کان پوءِ ڪاتبن کي محسوس ٿيو ته هن
لکت ۾ تبديلي آڻڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي، اهو ڪنهن
تجربي سان لاڳاپيل ڪو نڪتو نه هو جنهن وسيلي شيون
جوڙجڪ ڪري منجهن سليقو پيدا ڪرڻ ممڪن هو، يا ان کي
سڌاري وڌائي وڌيڪ وسيع ڪري سگهيو ويو ته جيئن
پنهنجن خيالن جو بهتر نموني سان اظهار ممڪن ٿي
سگهي، پر ائين نه هو ڇاڪاڻ ته ان ۾ قدامت پرستيءَ
وارو لاڙو هو، ۽ هيءَ لکت جڏهن جڙي راس ٿي ته ان
جي شڪل ۽ صورت هڪ جاءِ تي ٿمجي بيهي وئي.
سنڌو- لکت جون تصويري نشانيون:
عام طور اهو سمجهيو ويندو آهي ته سنڌو- لکت،
تصويري نوعيت جي تحرير آهي، پر حقيقت اها آهي ته
هن لکت ۾ ٻن ڊزن نشانين ۽ ڪن حقيقي شين جي شڪلين
جو هڪ مرڪب موجود آهي، جن جي سڃاڻپ پڻ ٿي چڪي آهي.
ميسوپوٽئميا واري لکت به هن ساڳئي مرحلي مان لنگهي
چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌو- لکت ۾ اهڙيون نشانيون موجود
آهن ته اچرج جهڙي ڳالهه ڪانه آهي.
Figure 43
۾ اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جهڙوڪ مڇي
، ڏانداري
، گهر جو
پلاٽ
۽ چوڪڙي
ڏسڻ ۾
اچن ٿيون.
Figure 43. Indus and Sumerian
pictographs [Gadd and Smith, 1924] |
جيڪڏهن اڀياس کان پوءِ سنڌو- لکت جي نشانين کي
بيان ڪبو ته نظر ايندو ته انهن تصويري نشانين ۾
دنيا جي ٻين لکتن جهڙو ايٽرسڪان
(Etruscan)،
سمير
(Summer)،
ابتدائي ايلم
(Proto-Elamite)
۽ چين جي لکتن جي نشانين ۾ هڪجهڙائي آهي. پاڪستان
جا ڌوٻي، ڪپڙن تي اهڙا نشان هڻندا آهن ۽ هتي جا
مالوند ماڻهو به، سُڃاڻپ لاءِ پنهنجي مال کي ڏنڀي
اهڙا نشان ڏيندا آهن (ملاح، سومرو ۽ بڙدي 1991ع).
اهڙين نشانين ۾ سنڌو لکت جون نشانيون ڪتب آنديون
وينديون آهن. اهڙيون حقيقتون ڪنهن اهميت کان خالي
نه آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو به گول دائرو، مانڌاڻي
داڳ، بيضوي طرز، ٽڪنڊو، چوڪڙي، ور وڪڙ ليڪ، لٺ
جهڙو نشان ۽ مڇيءَ جي شڪل ڪتب آڻيندا آهن. اهڙين
مختلف لکتن جون تصويري نشانيون اچي، هڪ جاءِ تي گڏ
ٿيون آهن، تنهن ڪري سنڌو- لکت جي تقابلي اڀياس ۾
ڪجهه مشڪلاتون درپيش آهن. هن قسم جي طاقتور اصول
کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي، ڇاڪاڻ جو دنيا جون
گهڻيون (سڀ؟) ئي لکتون هڪ جهڙيون نظر اچي رهيون
آهن.
ايران جي ابتدائي ’ايلمي لکت‘ پڻ تصويري آهي، جيڪا
ڪنهن حد تائين سنڌو- لکت جي سهيوڳي هئي. اوڀر
ايران جا تيپي يحيٰ ۽ شهر سوخته، ان ايراضيءَ جا
مشهور شهر هوندا هئا. هن ۽ سنڌو- لکت ۾ هڪجهڙائي
ڏسجي ٿي جيڪا سنڌو- لکت ۽ سمير- لکت ۾ موجود هڪ
جهڙائيءَ کان وڌيڪ ويجهي آهي، پر بد قسمتيءَ جي
ڳالهه اها آهي ته هيءَ لکت به اڃا تائين پڙهي ڪانه
وئي آهي، ليڪن تختين
(Tablets)
تي نظر ايندڙ انگن جي سرشتي کي سمجهڻ ۾ ڪاميابي
حاصل ٿي آهي. حقيقت اها آهي ته ڪنهن کي به يقين نه
آهي ته لکت جي مذڪوره شڪل، ’ابتدائي ايلمي‘ آهي يا
نه، پر مناسب انومان ته اهو ئي هئڻ کپي. سنڌو- لکت
۽ ايلمي لکت ۾ ايتري ته گهڻي ويجهڙائي آهي، جو جي.
آر. هنٽر
(G.R.Hunter)
پنهنجي خيال جو اظهار هن ريت ڪيو آهي ته امڪان آهي
’پروٽو ايلمي‘ ۽ سنڌو ماٿريءَ جي ٻولي مختلف هجي ۽
انهن جي لکتن جي نشانين جا صوتي قدر به ڌار ڌار
هجن، پر انهن جي اصليت هڪ آهي، ڇاڪاڻ ته انهن جي
نشانين ۾ ويجهڙائي آهي، جيڪا منجهن هڪجهڙائيءَ ڪري
سمجهائي سگهجي ٿي. دي پاٽ
(D.Patt)
به منجهس موجوده هڪجهڙائيءَ جا ساڳيا نڪتا بيان
ڪيا آهن. فيئر سروس، ابتدائي ايلميءَ لکت جو سنڌو
لکت ۾ ترجمو ڪيو هو (فيئر سروس 1976ع)
(Figure 15b) (Figure 44, 45)
جنهن ۾ هن، ٻنهي ۾ موجود هڪجهڙائي ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي
(Figure 45).
اها هڪ غير مناسب ڳالهه هئي ڇاڪاڻ ته هڪ اڻ پڙهيل
لکت جي نشانين کي، ٻيءَ اڻ پڙهيل لکت جي نشانين ۾
نقل ڪرڻ سان ڪنهن لکت کي پڙهي نه ٿو سگهجي.
Figure 44. Fairservis’ transliteration of a
Proto-Elamite text into the Harappan script
[Fairservis
1976: Figure 15a]
Figure 45. Some of Fairservis’ comparisons
of the Harappan and Proto-Elamite scripts
[Fairservis,
1976: Figure 15b]
سنڌو- لکت جو طرف:
عام طور ائين به سمجهيو ويندو آهي، مهر وسيلي ٺپيل
سنڌو- لکت ساڄي کان کاٻي طرف پڙهڻ کپي. سي. جي.
گئڊ
(C.J.gadd)
پهريون ماڻهو هو، جنهن هن موضوع تي تفصيل سان بحث
ڪيو آهي (گئڊ 1931). سندس
Figure 46. Cramping of signs indicating the
direction of writing,
[Mackay 1937-38, Pl LXXXIV, 68]
بيان آهي ته سنڌو- لکت، ساڄي کان کاٻي ۽ کاٻي کان
ساڄي به پڙهي سگهجي ٿي، يعني هن لکت کي مصر جي
تصويري لکت جي اصول مطابق به پڙهي سگهجي ٿو جيڪا
ڳالهه غلط آهي، پر هن هڪ اهم حقيقت ڏانهن به اشارو
ڏنو آهي ته لکت هڪ پاسي تي سوڙهي ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ
ته اُڪر ڪرڻ واري لاءِ مناسب جاءِ ڪانه ٿي بچي جو
هو نشانين کي بهتر نموني سان اڪيري سگهي. ان نڪتي
کي سمجهائڻ لاءِ هن، ’Think
a head‘
واري پوسٽر جو مثال ڏنو آهي جنهن ۾ پوئين لفظ جا
اکر اڳتي لکيا ويا آهن. اليڪسيف
(Alekseev)
(زائيڊ
(Zide)
۽ زويلبل
(Zvelebil)
1876: 18) به هن لکت جي ساڳين وصفن جو ذڪر ڪيو آهي
(مارشل 1931: نمبر 100 ۽ 233، مئڪي 38- 1937 نمبر
68)
Figure 46
جنهن ۾ نشانيون کاٻي طرف وڃي پاڻ ۾ سوڙهيون ٿيون
آهن (مهر جي ٺپيل نشان اندر). گئڊ جو بيان هن ريت
به آهي ته ٻيو هڪ هلڪڙو اشارو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جيڪو
هن لکت جي روايتي انداز مطابق آهي ته: ”نظر ايندڙ
ستن ننڍين اَڙين ۾ هيٺيون ٽي اڙيون مٿئين پاسي
وارين چئن اڙين جي ساڄي طرف نڪتل آهن (جيڪي مهر جي
هنيل ٺپي مطابق آهن) . (گئڊ 1931: 410) خود مهر تي
ٿيل نشان جي مدد سان نه پر مهر جي ٺپيل نشانن جي
مدد سان سنڌو- لکت جي طرف بابت سندس خيال هن ريت
آهي ته 27- 1926ع جي کوٽائيءَ مان لڌل مهر جي خاص
ڳالهه هيءَ آهي ته انهيءَ تي علامتي تصوير موجود
نه آهي، ۽ لکت ايتري ڊگهي آهي جو همچورس مهر جا ٻه
مڪمل پاسا والاري بيٺي آهي، ۽ ٽئين پاسي جي وڏي
حصي تي ڇانئي بيٺي آهي (Figure
47).
ڏسڻ ۾ ائين ايندو ته هيءَ لکت (مهر جو ٺپيل نشان
مطابق) سارو مٿيون ۽ کاٻو پاسو والاري ۽ تري واري
هيٺئين پاسي جي به وڏي حصي تي ڇائين بيٺي آهي، ۽
نشانيون مهر جي هر ڪنڊ وٽ گوني ڪُنڊ ٺاهي بيٺيون
آهن، ۽ انهن جو مٿيون پاسو مهر جي ڪناري سان ملندو
ٿو وڃي. تنهن ڪري هن مان ظاهر ٿو ٿئي ته مهر جي
لکت کي پڙهڻ مهل، هٿ تي رکي چوڌاري ڦيرايو ويندو
هوندو، ان کان سواءِ ٻئي ۽ ٽئين پاسي واري لکت مان
ڀائنجي ٿو ته ان کي ساڄي پاسي تي ڦيرايو ويو آهي.
ٻين لفظن ۾ هيئن به چئي سگهجي ٿو پڙهندڙ ساڄي طرف
واريءَ پهرينءَ نشانيءَ کان وٺي پڙهڻ شروع ڪندو ۽
سارو وڏو پاسو پڙهي، ٺپيل نشانين کي گوني ڪنڊ تي
موڙو ڏيئي، ساڄي کان کاٻي طرف پڙهڻ شروع ڪندو.
اهڙيءَ ريت تري واريءَ هيٺينءَ سٽ کي به ساڳئي
نموني ساڄي کان کاٻي طرف پڙهندو. هن مان هيءَ
ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته اهي لکتون ساڄي کان کاٻي
طرف پڙهي سگهجن ٿيون (گئڊ 1931: 411)
جي. آر. هنٽر، سنڌو- لکت جي طرز معلوم ڪرڻ واسطي
’گهريون‘
(Grids)
جوڙي، نشانين کي ترتيب سان لکيو هو. هن جي سنڌو-
لکت تي ڪيل تحقيق تي بحث پنهنجي جاءِ تي اڳتي
ايندو، پر هتي اسان سندس سنڌو- لکت جي طرز جي نقطه
نظر تي ويچار ظاهر ڪري رهيا آهيون، جيڪو مارشل جي
مهر (1931a:
پليٽ
CV
نمبر 52) جي ٺپيل نشانن تي مدار رکي ٿو، ۽ ان ئي
ٺپيل نشان جي مدد سان سمجهي ٿو ته هن لکت جو طرف
ساڄي کان کاٻي آهي. سندس بيان آهي ته هن لکت جون
بلڪل کاٻي پاسي واريون ٻه نشانيون هڪ ٻئي هيٺان
بيٺل نظر اچن ٿيون. ائينٿو، جاءِ جي کوٽ جي ڪري
نشانين کي هڪ ٻئي جي هيٺان ڪري اُڪيريو ويو آهي.
ان کان سواءِ مهر جي ٺپي جي کاٻي طرف هيٺ هيءَ
نشاني موجود
آهي. جيڪڏهن هن نشانيءَ کي سِٽَ جي صفا ساڄي طرف
رکي، لکت کي پڙهبو ته نشانين جي عجيب ۽ غريب ترڪيب
بڻجي ويندي (ڏسو پڻ مهاديوان 1980: 6- 35).
هَرَ جي اوڙ
(boustro phedor)
جهڙي لکت به موجود آهي، جنهن کي هنٽر ۽ پرپولا،
ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ آلٽو (1969a:
پليٽ
CIX
نمبر 247) (49
Figure)،
مهر نمبر
M-555
(مارشل
1931a:
پليٽ
CXV)
(Figure 50)
هڪ ڊگهي لکت آهي، جنهن جي صفا آخر ۾، ٿانوَ جهڙي
نشاني آهي، جيڪا انهيءَ جاءِ تي ئي هئڻ گهرجي.
|
Figure 49. Seal with evidence for
boustrophedon writing [Marshall 1931a:
Pl. CIX. 247] |
Figure 48. Seal M 52 with insights into
the direction of writing. [(a) Marshall
1931a: Pl. CV. 52: (b) Joshi and Parpola
1987: M-66a, M-666] |
Figure 50. Marshall seal number M 555
[Marshall 1931a: Pl. CXV. 555] |
مهر نمبر
M-247
(مارشل
1931a
پليٽ
CIX
نمبر 247) به هن ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. نشانين جو هن
ريت مرڪب فقط
هن لکت ۾ نظر اچي رهيو آهي. پر انهن نشانين جو
هيءُ مرڪب اٺيتاليهه
ڀيرا ڏسجي ٿو، جنهن مان پنجويهه ڀيرا لکت جي پڇاڙي
۾ نظر آيو آهي (پرپولا، ڪوسڪينيمي، پرپولا ۽ آلٽو
1969a:
18).
اي. ايس. سي. راس
(A.S.C. Ross)
(1939: 554)، هن لکت جي طرف ۽ پاسي بابت پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪيو آهي. هن پڻ مهر
M-247
(مارشل
1931a،
پليٽ
CIX-
نمبر 247) کي استعمال ڪيو آهي ۽ گئڊ ۽ هنٽر جهڙو
نتيجو ڪڍيو آهي. راس جي تحقيقي ڪم کي ان ڪري
نظرانداز ڪيو ويو آهي جو سندس خيال هو ته هيءَ لکت
هميشه ساڄي کان کاٻي طرف ئي لکي ويندي هئي.
مهاديوان جو بيان آهي ته هيءَ لکت ڪڏهن ڪڏهن کاٻي
کان ساڄي طرف به لکي وئي آهي (مهاديوان 1980: 37)،
پر راس جو خيال هو ته اها لکت ڪڏهن به کاٻي کان
ساڄي ڪانه لکي ويندي هئي، پروفيسر بي.بي لال
(1967-1968,1966)،
ڪاليبئنگن مان لڌل ٻن ٺڪرن تي ٿيل لکت جو اڀياس
ڪيو هو. هن، هر هڪ ٺڪر تي ٿيل لکت مان طرف جو
اندازو هيئن لڳايو هو جو نشانين جو سلسلو هڪ طرف
تي ڪجهه ڳتيل هو، تنهن ڪري هن کي معلوم ٿيو ته
هيءَ لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي هئي.
سنڌو- لکت جي طرف بابت وڌيڪ سگهارو نظريو ارادا
ٿام مهاديوان (1977a:3-12)
پمئس ڪيو آهي. هن، مهر ۾ نظر ايندڙ جدا جدا فقرن
کي چونڊي، تحقيق ڪئي آهي ۽ هڪ پاسي واري ڳتيل لکت
جي تصور ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو، ڇاڪاڻ ته اهو تصور،
نشانين جي مقرر خاص جاين واريءَ حقيقت کي متاثر
ڪري رهيو هو. اهڙي حقيقت هن پنهنجي لکت نمبر 6112
۾ بيان ڪئي آهي، جيڪا چانهوءَ جي دڙي مان لڌل مهر،
مئڪي 1943، پليٽ
L1
نمبر 12)
(Figure 51)
۾ موجود ڏسجي ٿي. لکت جي هيٺ ڏنل جدا ٿيل سلسلي
مان هيءَ معلومات ملي وڃي ٿي ته:
Figure 51. Chanhu-daro seal number
12 [Mackay 1943: Pl. LI, 12] |
(الف) سنڌو-لکت
جي نشانين جي هيءَ هڪ مشهور جوڙي آهي، جيڪا هن لکت
جي 291 تحريرن ۾ موجود آهي. سندس جاءِ، لکت جي صفا
ساڄي طرف ۽ منڍ ۾ ڏسجي ٿي. هن جوڙيءَ جي منڍ ۾ نظر
اچڻ واري اها خاصيت 245 لکتن ۾ ڏني وئي آهي.
مذڪوره جوڙيءَ جو، منڍ ۾ نظر اچڻ واري حيثيت جو
تعداد گهڻو آهي.
(ب) سنڌو- لکت ۾ هيءَ نشاني تمام
گهڻي نظر اچي ٿي، جنهن جو ڪل تعداد 1395 آهي. هن
نشانيءَ جي لکت ۾ بيهڪ، صفا کاٻي پاسي پڇاڙيءَ ۾
هوندي آهي. سندس اها خاص جڳهه 931 لکتن ۾ واضح
آهي. هن نشانيءَ جو وڏو تعداد، لکت جي کاٻي طرف
پڇاڙيءَ جي روپ ۾ ڏسبو آهي.
مهاديوان جي لکت نمبر 6112 وسيلي ڄاڻ ملي ٿي ته
لکت جي صفا ساڄي پاسي گهڻي نظر ايندڙ نشانين جي
جوڙي، لکت جي شروعات آهي، جڏهن ته کاٻي پاسي جي
پڇاڙيءَ ۾ گهڻي ڏسڻ ۾ ايندڙ نشاني لکت جي پڇاڙي
آهي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌو- لکت گهڻو ڪري
ساڄي کان کاٻي طرف لکي وئي
(Mahadevan 1977a:13,original emphasis).
هيءَ ساڳي لکت، مهاديوان جي لکت نمبر 2618 ۽ 4090
۾ ڏسجي ٿي، جيڪا هڪ سِٽَ جي شڪل ۾ موجود آهي.
سنڌو- لکت جي طرف جي وضاحت لاءِ ٽي نڪتا بيان ڪري
سگهجن ٿا:
(1) جيتوڻيڪ سنڌو-لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي ويندي
هئي، پر ان هوندي به ڪي لکتون اهڙيون به آهن جيڪي
کاٻي کان ساڄي طرف لکيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مهاديوان
جي تصنيف ۾ درج ڪيل 3573 لکتن مان، کاٻي کان ساڄي
تحرير ٿيل لکتون 235 آهن (مهاديوان
1977a:
14) (ڏسو ٽيبل 11 جنهن ۾ اهڙي تعداد جو مختصر خاڪو
ڏنو ويو آهي.)
(2) ’هَرَ-اوڙ‘
(boustrophedon)
نوعيت واريون لکتون مختصر آهن جن جو ڪل تعداد نَوَ
ٿيندو.
(3) سنڌو- لکت جي ساڄي طرف وارو نقطه نظر وڌيڪ
سگهارو آهي، تنهنڪري هن لکت جي ڀاڃ لاءِ هن نظريي
کي آڏو رکڻ ضروري آهي ته هيءَ لکت ساڄي کان کاٻي
طرف لکي ويندي هئي.
ٽيبل 11
سنڌو لکت جو طرف ۽ ان سان لاڳاپيل ڪي ٻيون حقيقتون
لکت جو طرف |
لکتن جو تعداد |
في سيڪڙو |
ساڄي کان کاٻي طرف |
2974 |
%239.
83 |
کاٻي کان ساڄي طرف |
235 |
%
57. 6 |
هڪ نشانيءَ تي شڪل لکت |
190 |
%
32. 5 |
مٿان کان هيٺ تحرير ٿيل لکتون |
7 |
%
20. 0 |
مناسب ترتيب
(Symmetrical sequence)
سان
تحرير ٿيل لکتون |
12 |
34. 0 |
ڀڳل ۽ پڙهڻ ۾ نه ايندڙ لکتون |
155 |
%
34. 4 |
مهاديوان،
1977a:
14 |
|
|
سنڌو- لکت جي طرف بابت مختلف مهرن جا انگ اکر
مهاديوان ڏنا آهن، جن کي ٽيبل 11 اندر درج ڪيو ويو
آهي:
طرفن بابت هي بحث ٿوريءَ اختلافي ڳالهه سان ختم
ڪجي ٿو ته سنڌو- ماٿريءَ جو مهرون ٺپي هڻڻ جي مقصد
سان ڪونه بنايو ويون هيون. ائين سمجهڻ لاءِ ڪيترا
ڪارڻ آهن. اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته مهرن کي ٺپي
طور ڪتب آڻڻ ڪري اهي گسي وينديون آهن، پر هي مهرون
نيون نِڪور آهن ۽ ٿوريون ڪي مهرون آهن، جيڪي گٺل
آهن، پر تمام مختصر طور، هن صورتحال مان سولائيءَ
سان سمجهي سگهجي ٿو ته اهي مهرون فقط پڙهڻ جي مقصد
لاءِ ٺاهيون ويون هيون، ۽ ٺپي طور ڪم ڪونه آنديون
وينديون هيون. هيءَ هڪ ننڍڙي ڳالهه آهي، پر
ننڍڙيون ڳالهيون وڏو مقصد بيان ڪري وينديون آهن ۽
سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي سلسلي ۾ اهڙيون ڳالهيون وڏي
مدد ڪري سگهن ٿيون.
ڇا نظر ايندڙ هر حقيقت ائين آهي جهڙيءَ ريت اسين
ڏسون ٿا؟
سنڌو- لکت جي خاص ۽ اچرج جهڙي خصوصيت اها آهي ته
هيءَ ڪنهن خاص متن يا اقتصاديات سان لاڳاپيل ڪن
دستاويزن جي روپ ۾ نظر نٿي اچي. مهرون ۽ ٺپا بلڪل
ننڍڙا آهن، جيڪي قديم لکت جي نقطه نگاهه کان بلڪل
مڪمل ۽ ڏاڍيون خوبصورت آهن، پر هن لکت ۾ ڪي
فهرستون، کاتو
(Ledger)
يا ڪي قانوني ضابطا لکيل نه آهن. هن مان اهو معلوم
ٿو ٿئي ته سنڌو- سڀيتا جا ڪاتب، لکت لاءِ ناس ٿيڻ
جوڳو مواد ڪم آڻيندا هئا، جهڙوڪ: ڪپڙو ۽ وڻ جا
ڇوڏا. قديم دور ۾ اهڙو مواد ڪاغذ جيان ڊگهين لکتن
۾ ڪم ايندو هو. جارج ايف ڊيل
(George F.Dale)
(1967ع)، هن ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته سنڌو-
ماٿريءَ جي ڪن ماڳن مان ٺِڪر جون چهنبدار ڪليون
(Style)
هٿ لڳيون آهن. امڪان آهي ته اهي لکڻ جي مقصد سان
ڪتب آنديون وينديون هونديون.
سنڌو- سڀيتا جي ماڳن جي هيٺ اونهي کوٽائي ڪرائي
وئي هئي، پر اتان هن ماٿريءَ جي ڪا ڊگهي اڪيلي لکت
هٿ ڪانه لڳي. هن جو مطلب اهو نه آهي ته هتان
انفرادي ڊگهي لکت ڪڏهن به هٿ اچي ڪانه سگهندي يا
ڪنهن دولساني
(Bilingual)
لکت ملڻ جو ڪو امڪان نه آهي. ڪنهن ناس نه ٿيندڙ
(imperishable)
مواد تي ڊگهيون تحريرون لکڻ جو هن ماٿريءَ ۾ رواج
هو يا نه، اهڙيءَ ڳالهه جو هن صورتحال تي دارو
مدار آهي ته هن ماٿريءَ جي ماڻهن وٽ لکت جو ڪارج
ڪهڙو هو، يا لکت ڪهڙي مقصد سان استعمال ڪئي ويندي
هئي، يا انهن ماڻهن جي زندگيءَ ۾ لکت جو ڪردار
ڪهڙو هو؟ جيڪڏهن سنڌو- سڀيتا، ميسوپوٽئميا جي
تهذيب جيتري سڌريل ۽ ترقي يافته هئي ته هن کان به
وڌيڪ شاهوڪار لکتون هٿ اچڻ کپن. جيڪڏهن هيءَ سڀيتا
ميسوپوٽئميا جي تهذيب جهڙي ترقي يافته نه آهي ته
اها هڪ الڳ ڳالهه آهي. سمجهه جوڳي ڳالهه هيءَ به
آهي ته سنڌو- ماٿريءَ جي ماڻهن، لکڻ جو اهو ئي
طريقو ڪتب آندو آهي، جيڪو اسان جي اکين آڏو آهي؛
معنيٰ ته اسان جيڪي ڪجهه ڏسون پيا اها ئي حقيقت
آهي. معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته هتي جو رابطي وارو
ماحول نهايت ئي محدود هو، يا وري هيءَ ڳالهه هوندي
جو لکت جي مقصد واسطي ناس ٿيندڙ شين جي مٿاڇري کي
ڪتب آڻيندا هوندا. جيڪڏهن ڀاڳ ڀلا آهن ته اهڙيون
حقيقتون اونهيءَ کوٽائيءَ مان هٿ اچي سگهن ٿيون.
هن موضوع تي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي، مهر جي قديم
آثارن جي ماهر، پروفيسر جان بينس
(Jhon Baines)
سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن ان امڪاني ناس ٿيندڙ
شين بابت اتساهه ڏيندڙ حقيقتون ٻڌايون هيون. سندس
خيال هو ته سنڌو- لکت جي مجموعي ۾، ناس ٿيندڙ مواد
تي ڪي مثالي مهرون آهن، جيڪي گهٽ تعداد ۾ ڏٺيون
وڃن ٿيون، ۽ هن ڳالهه ڏانهن به ڌيان ڇڪايو ته هٿ
آيل لکت ٿيل شيون وڏيءَ اهميت جي لائق آهن، پر هن
لکت جي مجموعي ۾ نشانين جو هڪ متوازن نمونو (الف.
ب) موجود نه آهي. جيڪڏهن واقعي سنڌو- لکت جي ساري
مجموعي ۾ نشانين جو متوازن نمونو يا الف- ب موجود
نه آهي ته ان مان اڻ سڌيءَ ريت اها ڳالهه معلوم ٿي
وڃي ٿي ته گهٽ تعداد ۾ نظر ايندڙ پنهنجي نوعيت جون
نشانيون، سنڌو- لکت کي ناس ٿيندڙ شين تي ٿيل لکت
سميت سنڌو لکت جو سارو مجموعو هٿ لڳي ويندو ته هن
قسم جو منجهيل مسئلو حل ٿي ويندو. لکت جي هن حقيقي
نظام ۾ پنهنجون خاص نوعيت جون نادر۽ غير معمولي
نشانيون آهن، جنهن جون اڌ تصويري نشانيون پنجن
ڀيرن کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. تنهن لاءِ
هيءَ ڳالهه انوکي آهي. پروفيسر بينس هن مسئلي جي
مڪمل وضاحت ڪري نه سگهيو آهي، پر قديم لکتن جي
شاگردن لاءِ سندس ڪيل اها ڳالهه اهم آهي.
سنڌو- لکت ۾ ڪهڙي ٻولي تحرير ٿيل آهي:
گهڻن محققن سنڌو- لکت کي پڙهڻ لاءِ ڪوشش ڪندي هن
ڳالهه جي ڳُجهه لهڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي ته ان لکت
۾ ڪهڙي ٻولي لکي وئي آهي؟ ڪن ٻين محققن (سويت
يونين سان لاڳاپيل محنتي گروهه) پنهنجي کوجنائن جي
ڪڍيل نتيجن ۾ ان لکت سان لاڳاپيل ٻوليءَ جو پڻ ذڪر
ڪيو آهي. سنڌو- سڀيتا تي ڪم ڪندڙ پهرين ماهرن جو
خيال آهي ته سنڌو- ماٿريءَ جي وسيع علائقي جا
ماڻهو، هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا هئا (ڪنائر
1991b (Kenoyer):
332). سرجان مارشل جو بيان آهي ته هنن لکتن جي
ٻوليءَ بابت في الوقت هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به چئي
نه ٿو سگهجي ته هنن مهرن ۾ ڪم آيل ٻولي، سنسڪرت ته
ٿي ڪانه ٿي سگهي. سنڌو- سڀيتا، آرين جي اچڻ کان اڳ
واري دور سان واسطو رکي ٿي، تنهنڪري سنڌو- ماٿريءَ
جي ٻولي يا ٻوليون، آرين جي اچڻ کان اڳ واري قديم
دور سان تعلق رکن ٿيون. امڪان آهي ته انهن مان ڪا
نه ڪا ٻولي دراوڙي ضرور هوندي (ڇاڪاڻ ته هتي هڪ
کان وڌيڪ ٻولين جي هجڻ جو امڪان آهي)
1931b):
42). مارشل جو هي بيان، هن قياس جي تصديق ڪري ٿو
ته انڊو- يورپين ٻولي ڳالهائڻ وارا آريا، اهي
ماڻهو هئا جيڪي هندوستان جي سرحدن ۾ اول داخل ٿيا
هئا. معلوم ٿو ٿئي ته کيس اهڙو اشارو رگويد مان
مليو آهي ته هندستان تي جن ماڻهن پهريون حملو ڪيو
هو، سي آريا لوڪ هئا، پر حقيقت اها آهي ته اڃا
تائين اهو پتو پئجي نه سگهيو آهي ته هندستان تي سڀ
کان پهرين حملو ڪندڙ، ويدن واري سنسڪرت ڳالهائڻ
وارا ماڻهو هئا يا انهن کان به اڳ، ڪنهن قوم
هندستان تي حملو ڪيو هو.
اسان جي معلومات مطابق هندستان تي حملي ڪرڻ وارا
پهريان ماڻهو، اهي آريا ئي هئا، تنهنڪري اسين به
هنن کي پهرين اچڻ وارن ماڻهن ۾ شمار ڪري رهيا
آهيون.
ٿي سگهي ٿو ته جن ماڻهن کي اسين ٻاهران آيل آريا
سمجهي رهيا آهيو، سي پڻ سنڌو- سڀيتا سان واسطو
رکندا هجن.
موجوده دور جا ڪيترائي عالم، ويدن واري سنسڪرت
ٻولي ڳالهائڻ وارن ماڻهن کي، حمله آور نه ٿا
سمجهن. سندن خيال آهي ته اهي ماڻهو هوريان هوريان
نقل مڪاني ڪندا رهيا آهن. ڇا اهو ممڪن آهي ته
سنڌو- لکت ۾ هڪ ٻولي يا ٻه ٻوليون لکيون وينديون
هيون؟ مصر جي تصويري- لکت ۾ به هڪ کان وڌيڪ ٻوليون
لکيون وينديون هيون. موجوده دور جي ’رومي لکت‘ ۾
به هڪ کان وڌيڪ ٻوليون لکيون وينديون آهن. سنڌو-
لکت جي مواد مان اهڙي سوال جو صحيح جواب ملڻ مشڪل
آهي. سنڌو نشانين کي اندروني جوڙجڪ جي ڄاڻ، لفظ ۾
بيهڪ واري جاءِ ۽ مختلف نشانين وسيلي جڙندڙ مرڪبن
مان ملي ٿي ته هن لکت ۾ فقط هڪ ٻولي لکي ويندي
هئي، پر هن لکت ۾ ڪي اهڙيون طرزون به موجود آهن،
جن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته ان ۾، ٻي ٻولي به
لکي ويندي هئي. جداجدا خاندانن سان تعلق رکندڙ ٻن
جدا جدا ٻولين وارو نظريو، ڪن عالمن جي تحقيقي ڪم
کي ضرور منجهائي وجهندو، جيڪي سنڌو- لکت جي ڀاڃ
لاءِ هن اصول تي کوجنا ڪري رهيا آهن ته سنڌو لکت
جي مواد ۾ فقط هڪ ٻولي لکيل آهي. هيءَ ثابت ٿيل
حقيقت نه آهي ۽ سنڌو- لکت جي ڀاڃ جي ڏس ۾ هڪ وڏي
غلطي به آهي.
سرجان مارشل کي يقين هو ته سنڌو- لکت جي مواد ۾
ضرور دراوڙي ٻولي لکي وئي هوندي (1931b:
42). هيٺين ٽن نڪتن جي ڪري کيس ائين چوڻ جو جواز
هو:
(1) دراوڙي ٻولي ڳالهائڻ وارا ماڻهو، انڊو-يورپين
ٻولي ڳالهائڻ وارن ماڻهن جي اچڻ کان اڳ ئي هتي
موجود هئا.
(2) قلات جا بروهي، اتر هندستان جي هڪ جدا گروهه
جي دراوڙي ٻولي ڳالهائيندا آهن.
(3) دراوڙي ٻوليون، امتزاجي
(agglutinative)
نوعيت جون آهن، تنهن ڪري اُنهن جو تعلق سمير جي
انقلابي نوعيت جي ٻولين سان ٿي سگهي ٿو (1931b:
42). موجوده دور جو ڪوبه عالم هن ڳالهه ۾ يقين نٿو
رکي ته سنڌو- سڀيتا ۽ سمير جي قديم ٻولين ۾ ڪنهن
به قسم جو ڪو لاڳاپو موجود هو، پر سندس بيان ڪيل
ٻين ٻن نڪتن کي به ضرور اهميت آهي، پر پهرئين نڪتي
کي وڌيڪ وضاحت سان سمجهائڻ جي ضرورت آهي.
موجوده دور ۾، دراوڙي خاندان جون ٻه ڊزن کن ٻوليون
آهن، ۽ اهڙين ٻولين جي ڳالهائڻ وارن ماڻهن جو
تعداد 154 ملين آهي، جن ۾ انهن دراوڙين ٻولين جو
اهم مرڪز، ڏکڻ هندستان آهي، جنهن ۾ آنڌرا پرديش
(تيليگو)، تامل ناڊو (تامل)، ڪرناٽڪا (ڪنڙ) ۽ ڪيلا
(ملا يالم) جون رياستون واقع آهن. انهن علائقن کان
ٻاهر، برهوئي (بلوچستان) ۽ اوڀر- اولهه هندستان ۾
’مالٽو‘
(Malto)
۽ ’ڪرڪس‘
(Kurux)
ڳالهائي ويندي آهي. بلوچستان جي حدن اندر موجود
برهوئي ٻولي، سنڌو- سڀيتا جي حدن ۾ واقع آهي يا
نه؟ ڇاڪاڻ ته هن سڀيتا کي اڃا تائين ثابت ئي ڪونه
ڪيو ويو آهي. اها سنڌو-سڀيتا آهي يا ڪا ٻي. هن قسم
جي تصور کي جُولس بلاخ
(Jules Bloch)
(1924ع)، جوسف الفيبين
(Josef elfebien)
(1987ع) للڪاريو هو. آسڪو پرپولا هن موضوع تي هڪ
مقالو به لکيو آهي (1994: 63- 160).
اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته دراوڙ، هندستان جي وڏي
حصي تي پکڙيل هوندا هئا، جنهن ۾ سنڌو ۽ گنگا واري
ماٿري به شامل هوندي هئي. ٻولين جي موجوده تقسيم،
ويدن واري آريائي ۽ ٻي انڊو-يورپين ٻولين ۽
ڳالهائيندڙ ماڻهن جي اچڻ ڪري ئي عمل ۾ آئي آهي، جن
لاءِ چيو ويندو هو ته هنن اتر هندستان ۾ وسندڙ
دراوڙن کي ڌڪي ڏکڻ ڏانهن ڪڍي ڇڏيو هو. انهن مان
فقط بروهي نسل جا ماڻهو، هن قسم جي زوري لڏپلاڻ
کان بچي ويا. هن مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته
تاريخ کان اڳ واري دور ۾، اُتر هندستان ۾، دراوڙن
جي گهڻائي هوندي هئي، پر اهڙو نظريو اڄ تاريخي طور
فرسوده ٿي چڪو آهي. اهڙيون به ثابتيون موجود آهن
ته اتر هندستان ۾ فقط دراوڙ ڪونه رهندا هئا، ۽
هندستان جي قديم ٻولين سان لاڳاپيل نقشو تاريخي
حقيقتن کان وڌيڪ پيچيده آهي. اهو تصور ته دراوڙن
کي ڏکڻ ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ڪيو ويو هو، سو به
هاڻي پنهنجو وزن وڃائي چڪو آهي. معلوم ائين ٿو ٿئي
ته انڊو-يورپين ٻولين جو غلبو، ٻنهي ڌرين جي
انضمام
(assimilation)
۽ هڪ ٻئي جي ثقافتي اثر
(acculturation)
جي ڪري ٿيو آهي، جنهن ۾ سڱا
بندي، ٻولين جي هڪ ٻئي تي اثر ۽ ٻين ثقافتي ڳالهين
کي شامل ڪري سگهجي ٿو. ڪوبه ماهر اتر اولهه
هندستان جو چوٿينءَ ۽ ٽين سهمي
(Millennia)
سان لاڳاپيل ۽ ٻولين جو نقشو ٺاهي نٿو سگهي، پر
هن قسم جي مونجهاري کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻولين سان
لاڳاپيل تحقيقي تصنيفون آهن، جيڪي قديم آثارن جي
ماهرن جي مدد ڪري سگهن ٿيون. ٻوليءَ سان تعلق
رکندڙ ويساهه جوڳيون پهريون حقيقتون، ويدن مان ملي
وڃن ٿيون، جن جو واسطو 1000 ق. م جي شروعاتي دور
سان آهي. انهن ڪتابن، پنهنجي دور جي ماڻهن کي ويدن
جي ڌرمي حقن پٽاندر ٻل چاڙهڻ سيکاريو هو، ۽ اهي
ڪتاب به خاص انهيءَ مقصد خاطر لکيا ويا هئا. ٻين
ڪتابن کان رگويد وڌيڪ قديم آهي، جنهن ۾ ٻل چاڙهڻ
بابت شلوڪ چيل آهن. سام ويدن ۾، رگويد جا اهي چونڊ
شلوڪ گڏ ڪيا ويا آهن، جن جو واسطوءَ پوڄا پاٺ سان
هو؛ يجر ويد ته انهن شلوڪن جو مجموعو آهن، جيڪي
قربانيءَ وقت فقط پنڊت پڙهندا آهن؛ اٿر ويد، سڀني
ويدن کان پوءِ جو لکيل آهي، جيڪو جادوئي منترن تي
مشتمل آهي، ۽ شلوڪن جي شڪل ۾ آهي. اي. ايل بئشم
(A.L.Basham)
جو اٿر ويد لاءِ چوڻ آهي ته هن ڪتاب ۾ مظاهر
پرستيءَ وارو ماحول بيان ڪيل آهي، جنهن جو واسطو،
رگويد جي مٿئين سماجي طبقي کان گهٽ رتبي وارن
ماڻهن جي ثقافت سان آهي، ۽ آريائي مذهب رکندڙ عام
ماڻهن مان کنيل آهي، ۽ هن جون ڪي ڳالهيون اڻ آرين
مان به ورتل آهن (1977: 232).
ويدن جي ٻولي سنسڪرت آهي جيڪا انڊو- يورپين خاندان
سان لاڳاپيل آهي. انهن ڪتابن جا شلوڪ، چوڻ يا ڳائڻ
جي مقصد سان جوڙيا ويا هئا. پنڊتن کي خوف هو ته
جيڪڏهن اهي لکيا نه ويا ته اهي تباهه ٿي ويندا.
ويدن جي شلوڪن کي مقدس ڪري سمجهيو ويندو هو. انهن
جي ڳائڻ يا چوڻ مهل، وڏو اهتمام ڪيو ويندو هو، ۽
اُچارڻ مهل سُنگ جي
(Syllables)
صورت ۾ گڏجي ڳايا ويندا هئا. پنڊتن کي شلوڪ برزبان
ياد هوندا هئا.
مغرب جي گهڻن ئي عالمن جو خيال آهي ته رگويد هڪ
سهمي قبل مسيح جي پهرين صديءَ ۾ جوڙيو ويو هو.
ڪيترن ئي هندستاني عالمن جو به اهو ئي خيال آهي.
ويد لکڻ جو اهو هڪ خاص دور هو، جنهن ڪتاب جي ترتيب
۽ تدوين پڻ ضروري هئي. ويدن وارو علم وڌندو ۽
ويجهندو رهيو. هنن ۾ قديم زماني جون ادبي صدري
روايتون موجود هيون، جيڪي هڪ نسل کان ٻئي نسل
تائين زباني طور منتقل ٿينديون هيون. شايد انهن
روايتن جو تعلق اُن دور سان هو، جنهن ۾ هو هندستان
اندر داخل ٿيا هئا. اهڙيءَ ريت اهو ادب وڌندو
ويجهندو ۽ تبديل ٿيندو رهيو. ان ادب جي هڪ شاخ جو
واسطو ويدن وارين قربانين سان به هو، جنهن کي،
ترقيءَ جي اوسر جي پنهنجي ڊگهي تاريخ هوندي. ويدن
واري دور جي آرين، هن ننڍي کنڊ ۾ ڪجهه عرصو رهڻ
کان پوءِ محسوس ڪيو ته ويدن واريون روايتون به
عروج تي پهچي چڪيون آهن، ۽ پوءِ انهن جي پنڊتن،
اهو اعلان ڪيو ته هن کان پوءِ اهي روايتون تبديل
ڪونه ٿينديون. انهن کي شلوڪن جي صورت ۾ ياد ڪريو،
۽ انهن جو اهڙيءَ ريت پاٺ ڪيو ويندو هو، جهڙيءَ
ريت کين اڄ ڏسي رهيا آهيون. ان قديم دور کان وٺي،
موجوده دور تائين نه انهن ۾ ڪا ترميم ڪئي وئي آهي
۽ نه ئي وري ڪو اضافو ئي ڪيو ويو آهي. رگويد جي
ترتيب ۽ تدوين جو واسطو هڪ هزار قبل مسيح جي پهرين
صدي سان آهي. هن ويد ۾ بيان ڪيل تاريخي مواد به هڪ
مسئلو آهي. امڪان آهي ته ان جو تعلق ٻيءَ سهس ق. م
سان هوندو.
رگويد جا شلوڪ، پيچيده ۽ معنيٰ ۾ وسيع آهن. منجهس
ڪل 91 منتر يا آيتون آهن، جن جو جيڪڏهن ترجمو ڪبو
ته مواد جا هڪ هزار کن صفحا ٿي ويندا.
گرفٿ (1987
Griffith).
اهي ڀڄن، مختلف موضوعن سان واسطو رکن ٿا ۽ منجهن
مها آرين جي فتحن جو به ذڪر ملندو. ڪن ۾ ديوتائن
جي ساراهه آهي، ۽ انهن علائقن جو جاگرافيائي ذڪر
به نظر ايندو، جتي هو ڄاوا ۽ نپنا هئا. رگويد جي
ڀڄنن ۾، تاريخ جي موجودگيءَ جو احساس ٿيندو، پر
اهڙيون ڳالهيون پوڄا پاٺ سان گڏجي وچڙجي ويون آهن،
۽ اهڙي نموني سان لکيون ويون آهن، جو محسوس پيو
ٿيندو ته رگويد جي ليکڪ پنهنجو پاڻ کي گهڻو پَڏايو
آهي. اهڙيون ڳالهيون اسان کي ’عهدنامه عتيق‘
(Bible)
۾ به ڏسڻ ۾ اينديون. ٻولي، ٻٽاڪ ۽ لٻاڙ واري ڪم
آندل آهي. دعويٰ، وِتَ کان وڌيڪ ڪيل ڏسبي. ائين
نظر ايندو ته ڄڻ آريا لوڪ، فوق البشر واريءَ سگهه
جا مالڪ هئا. اهڙين ڳالهين مان لڳي ٿو ته ويد
جوڙيندڙ مصنف، ويدن وارن آرين ۽ انهن جي ثقافت کي
حد کان وڌيڪ ساراهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تنهنڪري اهڙي
قسم جي مواد مان تاريخي حوالا چونڊي ڪڍڻ وقت
احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو، ۽ وڌ کان وڌ انهن جو
تنقيدي جائزو وٺڻو پوندو. مذڪوره ادب ۾، آرين ۽
انڊو- يورپين بابت گهڻو ئي ڪجهه لکيل نظر اچي ٿو،
جيڪو منجهيل ۽ منجهائيندڙ آهي. انهيءَ نسل جي
ماڻهن تي ڪنهن پوئين دور ۾ پڻ ڪتاب لکيا ويا آهن،
جيڪي پڙهندڙ جو تمام گهڻو ڌيان ڇڪائين ٿا، پر سندن
لکڻ جو ڍنگ، اهو ئي قديم طريقي وارو آهي (رينفريو
(Renfrew)
1987). اهڙين ڳالهين موجود هوندي به هڪ حقيقت تي
يقين ڪري سگهجي ٿو ته ويدن واري سنسڪرت ڳالهائيندڙ
ماڻهو، بهتر، دستاويزي شاهدين سان گڏ، انڊو-
يورپين ٻولين ڳالهائڻ وارو نسل آهي، جيڪو قديم دور
۾ هن ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيو هو. اهي هندستان جا اصلي
رهاڪو نه هئا، پر ٻاهران ڪٿان آيا هئا. اهڙن نتيجن
ڪڍڻ لاءِ ڪيترائي ماخذ موجود آهن، جن مان ٻه ته
وڌيڪ اهم آهن:
(1) سندن ڪتاب آهن جن ۾ لکيل آهي ته اهي هڪ نئين
ملڪ ۾، اڻ آريه ماڻهن سان گڏ رهي رهيا آهن. (2)
سندن ٻوليءَ ۾ اهڙن وڻن جا نالا آهن جيڪي انڊو-
يورپين ٻوليءَ جا آهن، جهڙوڪ: ’غوش‘
(Biseh)،
’صنوبر‘
(Scotch pine)،
’لائم‘
(linden)،
’شاهه بلوط‘
(Oak)
۽ ’توسا يا بيد وڻ‘
(alder)
وغيره. وڻن جا اهي قسم، معتدل ماحول ۾ پيدا ٿيندا
آهن. ٻيو ته سندن نالا قديم دور جي ٻولين جي
خاندان سان تعلق رکن ٿا ۽ معلوم ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ
ته اهو سندن پنهنجو ملڪ هجي (فيڊرڪ 1970: 152 ۽
158). هنن نتيجن ڪڍڻ کان پوءِ به هنن امڪانن کي رد
ڪري نه ٿو سگهجي ته ويد- سنسڪرت ٻولي ڳالهائڻ وارن
ماڻهن کان اڳ ڪو ٻيو نسل، هن ننڍي کنڊ ۾ داخل ڪونه
ٿيو هوندو، جنهن جي ٻولي انڊو- يورپين هجي.
ويدڪ سنسڪرت، نج ۽ خالص انڊو يورپين ٻولي نه آهي،
پر منجهس ڪي اهڙا لفظ به نظر ايندا، جن جو واسطو
دراوڙي ٻولين سان به آهي، جهڙوڪ: چانور، جوئر،
هَرُ، فصل ۽ ڳاهه وغيره (سائوٿ ورٿ
(South worth)
1976: 74). ٻين تصنيفن ۾ سائوٿ ورٿ (1979، 1988،
1990، 1992) ڪي ٻيا مفروضا به بيان ڪيا آهن. سندس
چوڻ آهي کيس ڪي اهڃاڻ به مليا آهن ته ’قديم سائنو-
تبتين‘ ٻولي به هتي موجود هئي، جيڪا ڪشمير واري
پاسي کان آئي هئي، ۽ اها برزاهوم
(Burzahom)،
گفڪرال
(Gufkral)
۽ ٽئڪسيلا جي ڀر واري ماڳ، سراءِ کولا ۾، ٽامي دور
جي قديم آثارن جي ثقافتي شين سان گڏ ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون (اگر وال 1982: 94ع کان 106). برٽل ٽيڪانن
(Bertil Tikkanen)
به اهڙو اشارو ڏنو آهي ته هتي اهڙي ڪا قديم ٻولي
موجود ڏسجي ٿي، جنهن جو واسطو موجوده دور جي ’بروشسڪيءَ‘
(Burushaski)
سان آهي، ۽ اها به ٻولين جي هن
ماحول جو هڪ حصو هئي. برو شسڪي ٻوليءَ جا
ڳالهائيندڙ، چاليهه يا پنجاهه هزار کن ماڻهو آهن،
جيڪي اولهه طرف، ڪارا ڪرم خطي ۾ رهندا آهن. هيءَ
ٻولي بلڪل الڳ نسل سان تعلق رکي ٿي، ۽ ڪنهن به
ٻوليءَ سان لڳ لاڳاپو ڪونه اٿس. ٽيڪان جو بيان آهي
ته اُها ٻولي جيڪا ٻولين جو ابو ڏاڏو آهي، ٽئين
سهس ق. م دوران، ڪشمير ۾ ڳالهائي ويندي هئي (1988:
5- 304). ظاهر آهي ته جڏهن ويدڪ سنسڪرت ٻولي
ڳالهائيندڙ ماڻهو، هن ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيا هوندا
ته هتي دراوڙي ٻولي يا اُن سان واسطو رکندڙ ڪنهن
ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ماڻهو اڳي ئي موجود هئا. اهو
به معلوم ٿئي ٿو ته بروشڪسي ٻوليءَ سان گڏ هن
علائقي ۾ موجود ٻي ٻولي، ’سائنو- تبتين‘
(Sino-Tibatan)
به هئي. هن امڪان کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي ته هتي
انڊو- يورپين نسل جو ٻيون ٻوليون موجود ڪونه هيون.
اهي هتي اهڙيءَ ريت موجود هيون، جهڙيءَ ريت موجوده
دور ۾ نظر اچي رهيون آهن، ۽ سنڌوءَ جي وسيع ماٿري
مختلف زبانن ۽ نسلن جو مجموعو هئي.
جيترودراوڙي نسل بابت ڳوڙهو ويچاربو تيئن محسوس
ٿيندو ته هن ٻوليءَ جي اوسر ۽ ترقيءَ ۾، ڊگها
مرحلا ڏسڻ ۾ ايندا. سائو ٿورٿ، زراعتي حڪومت جو
احوال ڏنو آهي جنهن کي هو ’ابتدائي دراوڙ 2‘ جو
نالو ڏئي ٿو (اٽڪل 2000 ق. م کان 1500 ق م
تائين):. ان ۾ جوئر جو نالو ڏسجي ٿو، چڻن جا به
ڪيترائي قسم جهڙوڪ:
(Dolichosbifloru)
۽ ’مائرو بالنس‘
(Phyllanthu
Semblica)
ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ان کان سواءِ ٻين پوکن جا به گهڻا
ئي نالا آهن، جيڪي ٻئي سهس ق. م ڌاري دکن وارن
علائقن ۾ پوکيون وينديون هيون (سائوٿ ٿورٿ 1988:
658). هن کان سواءِ اهو پڻ ڏسجي ٿو ته ان کان اڳ
واري دراوڙي دور ۾، جنهن کي ابتدائي دراوڙ
(Proto Dravdian)
(2500 ق. م کان 2000 ق.م) سڏجي ٿو، چانور، کجور،
ٻير
jujube
(Ziziphur jujuba)
موجود ڏسجن ٿا، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته هنن جو
سنڌو- سڀيتا جي ماڳن سان واسطو هوندو، خاص طور تي
هن سڀيتا جي ڏاکڻين حصي، سوراشٽريه جي لوٿل شهر
سان، ڇاڪاڻ ته اُتي جي قديم آثارن مان چانورن جون
شاهديون مليون آهن (سائوٿ ورٿ 1992 2- 81).
سويت يونين جي عالمن به سنڌو- لکت تي کوجنا ڪئي
آهي، ۽ کين پڪ آهي ته جنهن ٻوليءَ لاءِ هو جاکوڙي
رهيا آهن سا دراوڙي هئي. اهو سندن اندازو ڪونه هو،
پر تحقيق وسيلي ڪڍيل نتيجو آهي، سندن بيان آهي ته:
هن نتيجي تي پهتا آهن ته هي قديم هندستاني لکتون،
دراوڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهن. اها معلومات کين
هندستان جي قديم لکتن جي بلاڪن
(blocks)
جي مطالعي، يعني لفظن ۾ نشانين
جي بيهڪ جي اعداد شمار
(Positional) (statistical)
وسيلي معلوم ٿي آهي. کين هن طريقه ڪار ذريعي هن
ڳالهه جي به ڄاڻ ملي ته قديم هندستاني لکتن اندر،
منڍ واريون نشانيون نه، پر پڇاڙيءَ واريون نشانيون
موجود آهن، جن کي گَڏي ٻن ۽ ٽن جو مرڪب جوڙي سگهجي
ٿو، ۽ صفتي ڳالهيون (جدا صرفيه
(morpheme)
کان سواءِ) منڍ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
اهڙيون خاصيتون، منڊا
(Munda)،
انڊو- آرين ۽ ’هِتي‘
(Hittite)
ٻولين ۾ موجود نه آهن. هنن ٻولين ۾، اڳاڙين وارين
نشانين
(Prefixes)
لکڻ جو رواج آهي، جڏهن ته سمير، ايلم ۽ هتي
(Hirrite)
ٻولين اندر، وصفي يا صفتي لفظ، منڍ کان پوءِ ڏسجي
ٿو (گوروف
(Gurov)
۽ ڪورو زوف
(Knorozov)
1970: 2). قديم ڏکڻ ايشيا جي اتر واريون دراوڙي
ٻوليون، موجوده دور جي ساڳين علائقن ۾ ڳالهيون
ويندڙ دراوڙي ٻولين کان مختلف هيون. اهڙي معلومات
به ملي ٿي ته ايران جي ڏکڻ واري ايلم جي ٻولي پڻ
دراوڙي نسل سان تعلق رکندي هئي. اهڙو نظريو
اڻويهينءَ صديءَ تائين هلندو آيو آهي
(ڪالڊ ويل
(Caldwell)
1856)، جيڪو اڃا به پختو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته
حقيقت به اها ئي آهي. آءِ- ڊيا ڪونوف
(I.Diakonov Proto-Elmo)۽
ڊيوڊ مئڪ آلين
(David McAlpin 1975 bc, 1975 a, 1974 b, 1974a,
1981, 1980, 1979)
هن علائقي جي قديم آثارن جون کوٽايون ڪيون آهن.
مئڪ آلين تحقيق وسيلي، هن نظرئي تي پهتو آهي ته هن
علائقي ۾ قديم ايلمي دراوڙي
Proto-Elmo-Dravidian
دراوڙي ٻولي موجود هئي. امڪان آهي ته اها ٻولي،
ٽينءَ ۽ ٻيءَ سهس ق. م دوران هتي ڳالهائي ويندي
هوندي. هيءَ ٻولي تمام وسيع علائقي تي ڇانيل هئي،
جيڪا اوڀر- ڏکڻ ايران کان وٺي. پاڪستان ۽ قديم اتر
هندستان تائين پکڙيل ڏسجي ٿي (figure
52).
هيءَ ٻولي، دراوڙي ٻوليءَ جي هتي ذڪر ڪيل نسل سان
تعلق رکي ٿي، پر خالص دراوڙي نه آهي، ۽ عام طور
ائين تصور ڪيو ويندو آهي ته جنهن زماني ۾ سنڌو لکت
سڀيتا واري علائقي ۾ سنڌو لکت وڌي ويجهي ۽ ترقي
ڪري رهي هئي ته هيءَ ئي دراوڙي ٻولي رواج ۾ هئي.
مختلف محققن جا هن ٻوليءَ بابت مختلف رايا هئا، پر
سوين ماهرن جي نتيجن اهڙي خام خياليءَ کي اڳتي وڌڻ
کان روڪي ڇڏيو ته سنڌو لکت ۾ ڪم آيل ٻولي مختلف
دراوڙي ٻولين مان هڪ آهي.
Figure 52. Map of the proposed Proto-Elamo-Dravidian
language family [McAlpin, 1979 and other
sources] |