سندس سارو تحقيقي ڪم، ڪنهن دليل کان سواءِ ڪشف تي
بيٺل آهي تنهنڪري ان تي تنقيد ڪري نه ٿي سگهجي.
سندس کوجنا ۾ تحقيق وارو ڪوبه طريقه ڪار ڏسڻ ۾
ڪونه ايندو. پراڻ ناٿ فقط اعلاني قسم جو بيان
ڏيندو هو جنهن تي ڪي ماڻهو ويساهه ڪندا هئا، ۽ ڪي
ماڻهو اُن کي رد ڪري ڇڏيندا هئا. سندس ڪڍيل نتيجو،
سندس فيصلو هوندو هو. سندس پيش ڪيل ابتدائي ايلمي
۽ مناني لکت، مختلف ٽيبلس(Tables)
جي شڪل ۾ آهي، جن تي ڪنهن به قسم جو بحث ڪونه ڪيو
اٿائين. پراڻ ناٿ جو ڇپيل مواد هوبهو واڊيل جي
مواد جهڙو آهي ۽ سندس پڻ اهو خيال آهي ته ويدڪ
آريا ۽ سميري ماڻهو هڪ نسل سان تعلق رکن ٿا. هن
پنهنجي اهڙي تصور کي سنڌو- سڀيتا سان ملائي،
وچڙائي، منجهائي ڇڏيو آهي. سنڌو- لکت کي سمجهڻ
بابت سندس تحقيق ڪشف تي بيهاريل آهي.
سنڌو- لکت کي سمجهڻ لاءِ ڪشف تي بيهاريل هڪ ٻي
تحقيق به موجود آهي. سر فنڊرس پيٽري
(Sir finders
Petrie)
به حقيقي کوجنا بدران تصوراتي ڳالهيون ڪيون آهن.
هن ’دي اپيئرنس آف موهن جو دڙو ائنڊ دي انڊس
سولائيزيشن‘ نالي ٻنهي هڪ تحقيقي مقالي ۾ عالمن جي
هڪ ميڙ ۾ ٽپ ڏيئي اعلان ڪيو هو ته سنڌو- لکت کي
ڀڃڻ واسطي مصري- لکت کي ڀڃڻ وارا اصول استعمال ڪيو
وڃن.
سر فنڊرس پيٽري (1932ع) جنهن سنڌو- لکت کي ڀڃڻ
واسطي مصري- لکت کي ڀڃڻ وارا اصول استعمال ڪيا
هئا:
سر فنڊرس پيٽري، مصر جي قديم آثارن جو ماهر هو،
جنهن ارنيسٽ جي. ايڇ مئڪي کي سکيا ۽ تربيت ڏيئي
قديم آثارن جو ماهر بنائي ڇڏيو هو. هن عالم، 1932
۾، سنڌو- لکت کي ڀڃڻ لاءِ پنهنجن خيالن جو به
اهڙوئي اظهار ڪيو هو (پيٽري 1932ع). هن موضوع تي
لکيل سندس مقالو، مختصر، سڌو سمجهه جوڳو هو. هن
ڏٺو هو ته سنڌو- لکت جون علامتون تصويري هيون.
انهن علامتن جي شڪل صورت اهڙي هئي، جيڪا ابتدائي
دور ۾، مصري- لکت جي علامتن جي هئي، پر هن اها
دعويٰ ڪانه ڪئي هئي ته ٻنهي لکتن ۾ استعمال ڪيل
ٻولين ۾ ڪو لڳ لاڳاپو موجود آهي. مصري- لکت جي
نشانين کي پڙهڻ واسطي هنن منجهان سڌي تصويري معنيٰ
۾ وٺي سگهجي ٿي، پر هي اصول لکت جي ڳجهارت سان
سدائين لاڳو ڪري نه ٿو سگهجي. پيٽري جو اندازو هو
ته اهي مهرون، سرڪاري ڪامورن سان واسطو رکن ٿيون،
تنهنڪري منجهن سندن لقب وغيره لکيل هوندا. هن هر
علامت کي لفظ جو مفهوم ڏيئي، نشانين کي پڙهڻ جي
ڪوشش ڪئي هئي. ائين ڪرڻ ڪري هن پنهنجي ان وسيع
مطالعي جو اظهار ڪيو هو، جنهن وسيلي قديم مصري
محققن پنهنجن علامتن کي معنيٰ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن
جون قائم ڪيل پڙهڻيون معياري نه آهن. معلوم ائين
ٿو ٿئي ته پيٽري، سنڌو- لکت کي ڀڃڻ ۾ گنڀيرتا سان
محنت ڪانه ڪئي هئي. هن پنهنجي خيال جو هن ريت
اظهار ڪيو آهي ته اهو پڪ سمجهيو وڃي ته اهي فقط
اشارا ۽ اندازا آهن. هيٺ جيڪي مثال ڏنا ويا آهن سي
پڻ امڪاني پڙهڻيون تصور ڪيون وڃن (1932: 34).
مصري- لکت جي نقطه نظر مطابق هيٺيون پڙهڻيون صحيح
آهن.
ڇهن سردارن لاءِ هڪ وڏو گهر
چئن جو گهر
پنج ماڻهو
ٽيهن جي پنچائت
سنڌو- لکت جو ساڳي معنيٰ ڏيندڙ نشانيون
چئن جو هال
ڇهن جو هال
مختلف شڪلين سان ستن جو هال
جڏهن هڪ نشانيءَ آڏو انگ نظر ايندا هجن ته سمجهڻ
کپي ته ساري موضوع لاءِ عام قسم جو بورڊ
(Board)
آهي.
پنج
۽ ڇهه ڌار ڌار ڪامورا ۽
سنڌو- لکت جي هيءَ نشاني مصري لکت
جي هن نشانيءَ سان هڪ
جهڙائي رکي ٿي، جنهن جو اچار ’ڪ‘
(ka)
آهي. هن جي معنيٰ آهي ماڻهوءَ جي ڪم ڪرڻ جي طاقت،
تنهنڪري سنڌو- لکت جي هن نشانيءَ جي معنيٰ آهي
”ڪورٽ
(Court)
جي ڏهن جو ڪم“ . پيٽري (1932: 34)
سنڌو لکت ۾ ٿانو جهڙي هيءَ نشاني تمام
گهڻي ڏسجي ٿي جنهن جو مفهوم ڪو لقب آهي، پر پيٽرو
هن نشاني جو ملهه ’وڪيل‘ يا ’ڀلاوِڻو‘
(agent)
مقرر ڪري ٿو. هن نشاني لاءِ چيو
ويندو آهي ته ڇانگيل وڻ جي نمائندگي ڪري ٿي. هن
نشاني جو مفهوم
مُٺئي سان هڪ ڦرهي آهي، جيڪا سڱ جي ڪنڍي جهڙي آهي،
تنهنڪري نشانين جي هن سلسلي جي معنيٰ
ٿيندي، ’عمارتي ڪاٺ جي رجسٽرار جو وڪيل‘ ’پيٽري
(1932: 35). پيٽري کي سنڌو ماٿريءَ ۾ پيادل فوج ۽
تيراندازن جي شڪل ۾
جنگي منظر ڏسڻ ۾ اچي ٿو (1932: 35).
هيءَ نشاني اهڙي آهي
ڄڻ ڪو ماڻهو ڪاواٺيءَ تي پاڻي کڻي وڃي رهيو آهي.
ڪڏهن سندس مٿي تي ڇانو لاءِ وڻ جون ٽاريون رکيل
ڏسبيون آهن. هي ’پاڻي مهيا ڪرڻ جو طريقو‘
(Water supply)
آهي (1932: 35)
اهڙيءَ ريت، مڇيءَ
جون پڻ مختلف نشانيون آهن. هنن
بابت پيٽري جو خيال آهي ته انسپيڪٽر يا نگران جي
نمائندگي ڪري رهيون آهن. مڇيءَ جهڙين هم شڪل
نشانين جي مرڪب جو مطلب، نگرانن يا انسپيڪٽر جي
مختلف عهدن جو اظهار آهي، جهڙوڪ سب-انسپيڪٽر ۽ ڊپٽي
انسپيڪٽر وغيره. هن قسم جي مرڪب جي معنيٰ اسسٽنٽ
ڊپٽي انسپيڪٽر به ٿي سگهي ٿي (1932- 36). هنٽر
(1934: 74) جي ٻن هم شڪل مڇين واري مرڪب جي معنيٰ
کان پيٽريءَ جو مفهوم گهڻو مختلف آهي، جيڪو هڪ
تصور تي قائم آهي.
گول دائرن ۽ چورس جهڙيءَ شڪل واريون نشانيون اڳتي
هلي ڦيٿي جي شڪل اختيار ڪري وڃن ٿيون، جنهن جي
معنيٰ سفر ڪرڻ آهي. هن نشانيءَ سان مصر
جي نشاني هڪ جهڙائي رکي ٿي جنهن جي مصري لکت ۾
معنيٰ آهي ’پاڻي ڏنل زرعي زمين‘
(Irrigated field).
هن سان ٿانوَ جهڙي نشاني گڏ آهي ۽ لکت جو سلسلو هن
ريت آهي جنهن
جي معنيٰ ٿيندي ’ڪاهيل فصل جو وڪيل‘
(Wakil of irri gated law)
پيٽري 1932: 39).
پيٽريءَ وٽ سنڌو- لکت کي ڀڃڻ جو اهڙو طريقو آهي
جنهن سان سنڌو- ماٿريءَ جي مهرن جو مفهوم عجيب نظر
اچي ٿو، مثال طور مارشل
1931a
پليٽ
CII
نمبر 10 واري لکت جو پيٽري
جي پڙهڻيءَ
مطابق مطلب ٿيندو: ”پنجين پيادل فوج جي سرڪاري
گاڏيءَ جو وڪيل“ (پيٽري (1932: 36). هن محقق لاءِ
ته هر شيء ممڪن ٿي سگهي ٿي. پيٽري جي تحقيق ۾ سندس
نيت صاف نظر اچي رهي آهي، پر سنڌو- لکت جي ڀڃڻيءَ
جي کوجنا جي بند ٿيل دروازن کي کولڻ ۾ سوڀارو ڪونه
ٿيو آهي. سنڌو- لکت جون بيشمار خوبصورت مهرون هٿ
لڳيون آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌو- سڀيتا
اندر انتظام لاءِ ڪامورا شاهيءَ جو وسيع ڄار پکڙيل
هو، جن مان گهڻن ئي ماڻهن کي لقب ڏنل هئا. پيٽري
پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته قديم مصر ۾، 1800 سرڪاري
لقب هوندا هئا ۽ اهو تمام گهڻو تعداد آهي (1932:
34). هڪ اندازي مطابق مارشل ۽ سندس ساٿي، پيٽري جي
اهڙين پڙهڻين تي ڏاڍا خوش ٿي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته
هو، سندن هٿان دريافت ٿيل نئين سڀيتا جي لکت جي
ڇنڊ ڇاڻ ۾ مشغول هو.
جنهن زماني ۾ پراڻ ناٿ ۽ پيٽري، سنڌو- لکت کي پڙهڻ
جي ڪوشش ۾ رڌل هئا، تنهن زماني ۾ پئرس ۾ به هڪ
ماڻهو، هن لکت تي کوجنا ڪري رهيو هو. سندس نالو،
مونسيوئر گئلامي دِ هيوسي
Monsieur) (Guillaume de Heuesy
هو جيڪو اصل هنگري جو رهاڪو
هو. هي آرڪيالاجيءَ جو عالم ڪونه هو، پر لسانيات
جو ڄاڻو هو. سندس هن مفروضي ۾ ڪي عقلي ۽ فڪري
ڳالهيون موجود آهن، ته ايسٽر آئلئنڊ جي لکت، سنڌو
ماٿريءَ جي قديم لکت جهڙي آهي. هن عجيب حقيقت جو
اظهار، هن 16 سيپٽمبر، جمع ڏينهن، 1932ع ۾ پئرس ۾
ڪيو هو. پروفيسر پال پيليوٽ
(Paul Pelliot)،
اڪيڊمي ڊيس انسڪرپشن ائٽ بليس، ليٽرس
(Academy des inscription at Belles letters)
کي دِ هيوسي جي تحقيقات کان آگاهه ڪندي اها ڳالهه
ٻڌائي هئي ته ايسٽر آئلئنڊ ۾ ڪاٺ جي ڦرهين تي
اُڪيريل لکت، هوبهو موهن جي دڙي جي لکت جهڙي آهي،
جنهن کي ’رپنئي‘
(Rapanui)
ڪري سڏيو ويندو آهي. دِ هيوسي اهو به چيو هو ته
ايسٽرن آئلئنڊ جون جيڪي نشانيون موهن جي دڙي مان
نه مليون آهن، سي اوائلي ايلمي-
(Proto Elamie)
دور جي ’سوس‘ جي کنڊرن مان مليون آهن.
سنڌو- لکت ۽ ايسٽر آئلئنڊ واري لکت 1932ع:
دِ هيوسي جي بيان ڪيل سنڌو- لکت ۽ ايسٽر آئلئنڊ جي
لکت ۾ موجود هڪ جهڙائي، هڪ ببليوگرافي موجود آهي،
پر اها ڳالهه ڪٿان شروع ٿي ۽ ڪٿي ختم ٿي سا خبر نه
آهي، پر اها دعويٰ فقط هڪ ماڻهوءَ ڪئي سا حقيقت
غور طلب به آهي. مٿي بيان ڪيل ببليو گرافيءَ جو
بيان هيٺ ڏجي ٿو:
ائنڊرسن
1938( Andersen) |
هنٽر)
(Hunter
1929، 1932، 1934 |
ائنونيموس
(Anonymous) 1932a،
1932b |
امبيلوني)
(Imballoni
1939، 1951 |
بارٿيل
(Borthel)
1978 |
(جيفريس)
Jefferys
1947 |
بيلي
(Beasley)
1936 |
دِ لئڪائوپيري
(De lacouperie)
1894 |
بلي موريا
(Billimoria)
1937، 1939، 1940 |
لئنگڊن
(Laugdon) 1934a،
1934b |
بيٽنوف
(Butinov)
۽ ڪورو زوف
Kuorosov
1956، 1957 |
ميٽراڪس
(Metraux)
1936،
1958a |
ڪئرول
Carrol) 1892a 1892b
( |
1938b،
1940، 1946، 1957 |
ڊيوس- ڊريڪ
(Dauis-drake)
1988، 89، 1988، 90، 1989 |
ملاءِ
(Mullay)
89، 1988 |
هين - گيلڊرن
(Hien- Geldern)
1938، 57- 1956 |
ريويٽ
(Reivet)
1929 |
هيراس
(Heras) 1938b |
روڊر
(Roder)
1944 |
دِ هيوسي 1932،
1933a 1933b |
راس، سر اي، ڊينيسن |
1934a،
1934b،
1934c،
1938a |
Ross, sir E. Denison
1932 |
اسڪنر
(Skinner)
1932، 1934 |
راس اي.
(Ross, A.)
1936 |
حقيقت هيءَ آهي ته اهڙي لاڳاپي جو اظهار هن کان اڳ
ٿيڻ گهرجي ها. ٽيرين دِ لئڪائو پيري
(Terrien de lacouperie)
پنهنجي ڪتاب
‘The Beginning of writing in Central Asia and
Eastern Asia’
(1894) ۾، اهڙي لاڳاپي جو اشارو ڪيو هو ته هن لکت
جو، لولو
(Lolo)
لکت سان تعلق آهي. هن اهو ڪتاب، سر اليگزينڊر
ڪننگهام (1875- پليٽ
xxx iii)
طرفان، ان مهر جي شايع ٿيڻ کان پوءِ لکيو هو، جيڪا
هن کي هڙپا مان هٿ لڳي هئي
(دِ لئڪائو پيري
1894b).
دِ لئڪائو پيريءَ جو خيال هو ته ’لولو لکت‘،
برهميءَ سان تعلق رکي ٿي، جيڪا انهيءَ دور ۾ ڏکڻ
هندستان ۾ ملي هئي (1894: 27). سندس اهو به خيال
هو ته ايسٽر آئلئنڊس ۾ ڄڻ ته برهمي لکت موجود آهي
(1894: 30). لئڪائو پيريءَ جي اهڙين ڳالهين کي
ڪٿان به موٽ ڪانه ملي، تنهن ڪري جلد ئي وسري وئي.
پر ان جي ڀيٽ ۾ پروفيسر پال پيليوٽ کي وڌيڪ شهرت
حاصل هئي، تنهنڪري هن طرفان دِ هيوسيءَ جي ڪيل
دريافت جو اعلان، هڪ اهم خبر بڻجي جيڏانهن ڪيڏانهن
پکڙجي ويو. سر اِي. ڊينيمن، راس 21- سيپٽمبر تي،
ٽائيمس آف لنڊن اخبار جي ايڊيٽر ڏانهن اهڙو خط به
لکيو هو، جيڪو تنهن زماني ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾
فارسيءَ جو پروفيسر ۽ سر ارل اسٽين
(Aurel Stein)
جو گهاٽو دوست هو. اهڙيءَ ريت، ٽائيمس جي پڙهندڙن
کي انهيءَ دريافت بابت انگريزيءَ ۾ به مواد ملي
ويو (راس 1932ع). تاريخ 1- آڪٽوبر تي، ’نيچر‘
(Nature)
۾ ان مقالي جو اختصار ڇپيو هو. پولينيشين
سوسائٽيءَ، ’نيچر‘ ۾ ڇپيل ان مقالي ڏانهن ڌيان ڏنو
۽ پئسفڪ ۾ دلچسپي رکڻ وارن ماڻهن جي مطالعي لاءِ
ان مقالي کي وري ڇاپيو هو (اسڪنر 1932: 323).
دِ هيوسي پهريون ماڻهو ڪونه هو جنهن سنڌو ماٿريءَ
۾ ايسٽر آئلئنڊس جي تعلقاتن ڏانهن اشارو ڪيو هو.
راس
(Ross)
جو، ٽائيم جي ايڊيٽر ڏانهن لکيل خط، ڪجهه هن ريت
هو: ”مُيُوزي گيوميٽ
(Musee Guimet)
جي. ايم. جي. هئڪن
(M.J. Hackin)،
اهڙين هڪ جهڙاين ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي جيڪي
افغانستان جي ڪافرن جي ٺاهيل بتن ۾ هونديون هيون
جن کي اسلام جي غلبي کان پوءِ تباهه ڪيو ويو. انهن
جا ڪجهه مثال، ڪابل جي عجائب گهر ۾ موجود آهن.
امڪان آهي ته اهي ’بت‘، اُتي جي ماڻهن جا ابا ڏاڏا
هوندا. اهڙي قسم جا بت، ايسٽر آئلئنڊس ۾ به موجود
آهن (راس 1932ع). ايسٽر آئلئنڊس جي لکت تي هيءُ
ٻيو تبصرو آهي، جنهن کي پڻ ڪابه موٽ ڪانه ملي هئي.
ان زماني ۾ هڪ عقلمندانه آواز به ٻڌڻ ۾ آيو هو،
ايڇ ڊي. اسڪنر
(H.D. Skinner)،
’جرنل آف پولينيشين سوسائٽيءَ‘ ۾ لکيل ايڊيٽوريل ۾
پنهنجن خيالن جو اظهار هن ريت ڪيو هو، جنهن جا
آخري لفظ هيئن آهن:
”سر ڊينسن راس طرفان موڪليل خط ۾ بيان ڪيل حقيقتون
اهڙيون آهن، جن کان ڪوبه ماڻهو متاثر ٿي نٿو سگهي“
(1932: 323).
ايسٽر آئلئنڊس ۽ اُتي جي لکت:
ايسٽر آئلئنڊس کي، ’رپنوئي‘
(Rapanui)
پڻ ڪري سڏيندا آهن. هي
پولينيشيا جو مشهور علائقو آهي، جيڪو تمام گهڻو
پري واقع آهي. هتي آبو ديوتا جو وڏو بت آهي، جيڪو
هڪ ٻرندڙ جبل تي اُڪريل ڏسجي ٿو. ان جبل جون
چوٽيون ائين ڏسبيون آهن، ڄڻ ته ماڻهو ٽوپلا پايو
بيٺا آهن.
اهوئي هڪ جابلو ڏيک آهي. هن ٻيٽ کي ڊچ ائڊ مرل
جئڪب روگوين(Jakob
Roggeveen)
، سنه 1722ع جي ايسٽر سنڊي تي ڳولي لڌو هو، ۽ هو
هڪ ڏينهن اُتي ترسيو به هو.
ابتدائي دور ۾ هتي ايندڙ ٻاهرين ماڻهن کي اها خبر
ڪانه هئي ته هتي جا رهواسي ڪاٺ جي ڦرهين تي لکندا
آهن جن کي هو رونگو رونگو
(Rongo Rongo)
سڏيندا هئا. اها خبر پهرين هڪ عيسائي مشنريءَ کي
پيئي هئي. هن کان پندرهن سال اڳ، نيوزيلئنڊ مان
ڇاتيءَ جو هڪ ڳَههُ لڌو ويو هو، جنهن تي پڻ اهڙي
ئي لکت ٿيل هئي. (ڊيوس- ڊريڪ 1988: 5، پليٽ 12 ۽
13)، گاگيون پال
Guaguin Paul
پنهنجي چترڪاريءَ ۾ ايسٽر آئلئنڊس جي لکت کي پڻ
چٽيو آهي.
(پليٽ 13)
پهرين ته عيسائي مشنريءَ وارن، سادي قسم جي هنن
لکيل پٽين ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته
اتي ڪيترا ئي مسئلا هئا، جن تي ضابطو رکڻو هو.
جڏهن عيسائي مبلغ، ’رپنوئي‘ جي روزمرهه واريءَ
زندگيءَ کان ڪجهه وڌيڪ واقف ٿيا ته کين مختلف قسم
جي اُڪريل شين جو پتو پيو.
هتي جي ماڻهن، عيسائي مبلغن کان متاثر ٿي جلد ئي
عيسائي مذهب قبول ڪري ورتو هو. هنن، نئين مذهب کي
قبول ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجا ڊگها وار ڪوڙي، اُنهن
کي ڪاٺ جي هڪ پٽيءَ جي چوڌاري ويڙهي، مذهبي اڳواڻ
مانسينور جيومين
(monsignor tepan jeussan)
ڏانهن، سوکڙيءَ طور روانا ڪيا،
جيڪو تنهن زماني ۾ ’تاهيٽي‘
(Tahiti)
جو بشپ هو. اگزيري
(Axieri)
جي لارڊ بشپ وارن ڪپڙو لاهي، هيٺان ڪاٺ جي ڦرهي
ڏٺي جنهن تي ’هيرو غليفي لکت‘
(hieroglyphs)
موجود هئي. جڏهن ڪو ماڻهو پهريون ڀيرو ’رونگو
رونگو‘ لکت ڏسندو آهي ته حيرانيءَ مان سندس اکيون
ڦاٽي وينديون آهن. اها لکت، مانسينور پنهنجي
ماتحتن ڏانهن لکي موڪليو ته ڪاٺ جون اهڙيون ٻيون
ڦرهيون به ڏانهس موڪليون وڃن (ڊيوس- ڊريڪ 1988: 5)
اهڙيءَ ريت ڪجهه ڦرهيون، تاهيٽي موڪليون ويون، پر
معلوم ائين ٿي رهيو هو ته ’رپنوئي‘ جا رهاڪو،
’رونگو رونگو‘ ڏيڻ لاءِ تيار نه هئا. ڪيتريون ئي
اهڙيون ڦرهيون، ماڻهن دفن ڪري ڇڏيون. انهيءَ لاءِ
ته جيئن وڪرو ٿي تباهه ٿيڻ کان بچي سگهن. لکتن جو
ڪل مجموعو، وڌ ۾ وڌ 20 کان 30 ٿيندو (ڊيوس- ڊريڪ
90- 89- 19: 4). هن بابت اختلاف انهيءَ ڪري آهي جو
اها ڳالهه واضح ڪانه آهي ته لکت ٿيل ڪهڙين شين کي
ڳڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ايسٽر آئلئنڊس ۾ رونگو رونگو
کان سواءِ ٻيون به لکتون موجود آهن. ڪاٺ جون تيرهن
ڦرهيون ته صحيح آهن، ۽ ڪي ڀڳل ۽ ٽڪرٽڪر ٿيل حالت ۾
ڏسڻ ۾ به اچن ٿيون. ان کان سواءِ هڪ لٺ ۽ ڇاتيءَ
جو زيور به آهي، جنهن تي پڻ لکت جون نشانيون موجود
آهن. هن صديءَ جي توميڪا
(Tomeka)
نالي هڪ ماڻهوءَ، اهڙي تحرير لکي آهي (بٽينوف ۽
ڪورو زوف (1957: 6- 5). ايسٽر آئلئنڊس ۾ پٿرن تي
اڪيريل نالا ڪنهن تحريري نظام جيان پيا ڀانئبا
آهن.
سنه 1859ع کان وٺي 1862ع تائين، ڏکڻ آمريڪا سان
تعلق رکندڙ ٻانهن جي واپارين، ’رپنوئي‘ جاتيءَ ۽
رونگو رونگو جي ماڻهن کي جهلي، وڃي سامونڊي پکين
جي وٺين گڏ ڪرڻ واري ڪم سان لڳايو، تنهن ڪري لکت
جو اهو نادر فن، سندن رهڻيءَ ڪهڻيءَ ۽ ڀڄن ڳائڻ
وارو خاص طريقو، هميشه لاءِ ختم ٿي ويو (ڊيوس-
ڊريڪ 1988: 5).
اهڙي هڪ لکت، ٻيڙيءَ جي ونجهه تي پڻ اُڪريل ملي
آهي. هي ڪاٺ، ’يورپي وڻ‘ فراڪسينس ايڪسيلسير
(Fraxinus excelsio)،
جو ڏسجي ٿو. ميٽرا ڪس (a
1938: 237) هيءَ تحرير ڪن لکتن کان پراڻي آهي.
’رونگو رونگو‘ جي ٻولي ختم ڪانه ٿي آهي جيڪا
رپنوئيءَ جا ماڻهو، اوڀر پولينيشيا ۽ اسپينش
پولينيشيا ۾ ڪيتري ئي عرصي تائين ڳالهائيندا رهيا
هئا، پر لکت کي اڄ پڙهي نه ٿو سگهجي. رپنوئي سان
لاڳاپيل هڪ ڏند ڪٿا آهي جنهن جي قدامت جو ڪو پتو
نه آهي. چيو ويندو آهي ته هن ٻيٽ جا پهريان رونگو
رونگو آبادگار، 400ع ڌاري اچي هتي وسنديون جوڙي
ويٺا هئا. رپنوئيءَ جي هڪ ماڻهوءَ، ميٽورو
(Metoro)
کي تاهيٽي ۾ گهرائي، کانئس پڇيو ويو ته هن ٻڌايو
ته ”مان رونگو رونگو قبيلي سان تعلق رکان ٿو ۽ مون
مانسينور ٽيپان جيوسين جي چوڻ تي رونگو رونگو لکت
وارين ڦرهين جي ترجمي ڪرڻ ۾ سندس واهر ڪئي آهي.“
سندس اهڙو بيان مشڪوڪ آهي ۽ هي ماڻهو اعتبار ڪرڻ
جهڙو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
هتي ائين به سمجهيو ويندو آهي ته رونگو رونگو
قبيلو، قديم دور کان وٺي هن ٻيٽ تي رهندو پيو اچي،
پر اُن جي قدامت بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. لکت
جي هنن ڦرهين جو، رپنوئي ماڻهن جي زندگيءَ سان
ڪهڙو واسطو آهي تنهن جي معلومات مختصر ملي سگهي
آهي. چيو ويندو آهي ته اهي ڦرهيون، رونگو رونگو
قبيلي جي مذهبي اڳواڻن لکيون هيون، جن کي رونگو
رونگو جاتيءَ
(Clan)
جي ڏند ڪٿائن ۾، شجرن جي معلومات کي قلمبند ڪرڻ جي
ذميواري سونپي وئي هئي (بارٿيل
Baorthel
1978: 32- 130، 176). اهڙيون ڦرهيون، قبيلي جي ڏند
ڪٿائي ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ استعمال ڪيون وينديون
هيون، ۽ اهڙين ڳالهين کي ياد ڪرڻ جو به ڪم ڏينديون
هيون. اهڙا قصا ڪهاڻيون، طاقت ۽ فتحن سان تعلق
رکنديون هيون. اهي ڳالهيون رونگو رونگو برادريءَ
جي، سياسي رساڪشيءَ ۽ سگهه لاءِ پڻ ڪم آنديون
وينديون هيون، ۽ سندن زندگيءَ جي بقاءَ جون ڄڻ
ضمانت هيون. رونگو رونگو ٻولي، اوڀر پولينيشيا
(Polynesia)
جي ٻولين جي شاخ سان تعلق رکي ٿي، تنهن ڪري هن
قبيلي جي ماڻهن کي مذهبي فرقي جو پنڊت سمجهيو
ويندو آهي. اهي شجرن ۾ مذهبي قسم جي ڳالهين ۽ جادو
منترن جا ماهر مڃيا ويندا آهن (ڪرچ
Krich
1984: 77- 273). ٿامس. ايس. بارٿيل، رونگو رونگو
جو ماهر آهي ۽ سندس لکيل ڪتاب (1978ع)، رپنوئي جي
ماڻهن ۽ سندن ثقافت تي هڪ سَند جي حيثيت رکي ٿو.
هن رپنوئي لکت تي پڻ گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
هنن ڦرهين جو پهريون منظم مطالعو، ڪئرول
(Carrol)
(a
1892 ۽
b
1892) ڪيو هو. هن، هن لکت کي پڙهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي
هئي. سندس خيال هو ته مذڪوره لکت واري ٻولي،
آمريڪا سان تعلق رکي ٿي. ڪئرول اهو پڻ سمجهيو هو
ته ان ٻوليءَ جو تعلق انڪا
(Inca)
سان نه، پر ڏکڻ اولهه آمريڪا سان آهي. ڇاڪاڻ ته
اتي هيرو غليفي تصويري لکت جي موجودگيءَ جو حوالو
موجود نه آهي (1892b:
325). بيٽنوف ۽ ڪوروزوف (1956 1957) به هنن ڦرهين
کي پڙهڻ جي ڪوشس ڪئي هئي، پر کين ڪاميابي حاصل
ڪانه ٿي هئي. اڄ ڪلهه ته ائين سمجهيو پيو وڃي ته
رپنوئي ٻيٽ تي رهندڙ رونگو رونگو قبيلي جي رهڻي
ڪهڻي، اهم ۽ روايتي هئي، اُن جي بچائڻ جي ضرور
ڪوشش ڪئي وڃي. هيءَ ڳالهه ٻڌي مايوسي ٿي ٿئي ته
اهي ماڻهو پنهنجي قديم ورثي کي چنبڙيا پيا آهن.
هتي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته سندن ماضي، مستقبل
کان وڌيڪ اڻ چٽو آهي (ڊيوس- ڊريڪ 90- 1989: 1).
ايسٽر آئلئنڊس جي لکت جي کوجنا مان ڪي اهم ڳالهيون
معلوم ٿيون آهن. ببليوگرافيءَ لاءِ ڏسو (ڊيوس-
ڊريڪ 90- 1989: 3- 12).
پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ باقاعدي ڪا لکت نه
پر ڪنهن ڳالهه کي قلمبند ڪرڻ جا خاص اشارا ۽
علامتون
(Notation)
آهن. موجوده دور جي اصطلاح مطابق، رونگو رونگو
ڪنهن خاص ڏند ڪٿا کي ياد رکڻ ۽ ياد ڪرڻ جو هڪ
طريقو هو، ۽ هن کي خاص نوعيت جي ڏند ڪٿا جي تفصيل
کي ذهن نشين ڪرڻ لاءِ ڪيو ڪارڊس
(Cue Cords)
طور ڪتب آندو ويندو هو. سندن لکيل دستاويزن واري
حيثيت ڪانه هئي يا اهڙيون شيون ڪونه هيون، جن سان
ڏند ڪٿائن جي تحرير کي سمجهي سگهجي. اهڙيون
ڦرهيون، پنهنجي تخليقڪارن جون ڏند ڪٿائي تصور جو
مرڪز فوسي
(Foci)
هيون. ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان کي اهڙي ثابتي
نٿي ملي ته رونگو رونگو ماڻهن وٽ پنهنجي لکت جي
سمجهه جوڳين نشانين سيکارڻ جو ڪو نظام موجود هو.
اهڙي ڪا ثابتي به نٿي ملي ته اهي، هڪ ٻئي جون لکيل
ڦرهيون صحيح نموني پڙهي به سگهندا هئا يا نه؟
معلوم ائين ٿي رهيو آهي ته اها لکت فقط لکڻ وارو
پاڻ ئي پڙهي سگهندو هو، ۽ ٻئي کي ان جي خبر پئجي
ڪانه سگهندي هئي. لکڻ وارو هر تخليقڪار، نقل ڪندو
هو ۽ ڦرهيءَ تي نظر ايندڙ تصويري نشانيون ڪنهن ڏند
ڪٿائي قصي کي ياد ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون هيون.
سنڌو- لکت ۽ ايسٽر آئلئنڊس جي لکت جي نشانين ۾
ٿوري گهڻي روايتي هڪ جهڙائي آهي، پر زمان ۽ مڪان
جي حساب سان ٻنهي لکتن ۾ تمام گهڻو فرق آهي. ايسٽر
آئلئنڊس جون ڪي لکتون، ارڙهين ۽ اوڻويهينءَ صديءَ
عيسويءَ سان تعلق رکن ٿيون، جڏهن ته سنڌو- لکت جو
دور، 2500- 2000 ق. م آهي. ٻيو ته موهن جي دڙي ۽
ايسٽر آئلئنڊس جي وچ ۾ ايڪيهه هزار ڪلوميٽرن يا
تيرهن هزارن ميلن جو وڏو مفاصلو آهي. انهن ٻنهي
لکتن جي نشانين اندر، ڪيڏي به کڻي هڪ جهڙا ئي هجي،
پر مٿين فرقن جي ڪري سندن وچ ۾ ڪنهن به تاريخي
لاڳاپي تي ويچاري به نه ٿو سگهجي.
ٻنهي لکتن جي نشانين ۾ هڪ جهڙائيءَ جو ڪارڻ تصويري
نشانيون آهن، جن ۾ تخليقي هڪ جهڙائي موجود آهي. لٺ
سان گڏ ماڻهو ۽ مڇيءَ جهڙي تصويري نشاني، ذري گهٽ
هڪ جهڙي آهي. هن لکت ۾ ٽڪنڊيون صورتون پڻ آهن،
جيڪي ڪڏهن ڦرهيءَ سان ۽ ڪڏهن خالي آهن، تن ۾ به
گهڻي هڪ جهڙائي ڏسجي ٿي. اهڙيون ڳالهيون گهڻين
تصويري لکتن ۾ موجود نظر اينديون آهن.
موجوده دور ۾، سنڌو- لکت ۽ ايسٽر آئلئنڊس جي لکت
جي نشانين جي هڪ جهڙائي ساڳين تصويري نشانين جي
استعمال ڪري آهي، پر ڪنهن تاريخي تعلق ڪري نه آهي. |