سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 9

        تاريخ احمديءَ ۾ هڪ عجيب و غريب ڳالهه درج آهي.، جا هت لکي وڃي ٿي. احمد شاه جي بادشاه جي لشڪر ۾ آيو. پراڻين اڳڙين مان ننڍڙا تنبو ٺاهي زمين ۾ کوڙيندو هو ۽ چيڪيءَ مٽيءَ مان ننڍڙا گهوڙا ٺاهي تنبن جي اڳيان ٻڌي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت ننڍڙن ٻارن وانگر سڄو ڏينهن ويٺو راند ڪندو هو. جڏهن احمد خان (يا احمد شاه) نادر شاه جي سلام تي وڃڻ وقت اتان لنگهندو هو ته درويش کي سلام ڪندو ويندو هو. درويش چوندو هوس ته ”احمد خان! مان توکي بادشاه بنائڻ جي تياريءَ ۾لڳل آهيان“. احمد خنا کي درويش جي انهيءَ ڳالهه تي يقين هو. جنهن ڏينهن بادشاه قتل ٿيو. انهيءَ ڏينهن احمد خان درويش کي ساڻ ڪري لشڪر ۾ ڦهلجندڙ افرا تفري، وٺ پڪڙ ۽ خونريزيءَ کان بچي، قنڌار روانو ٿيو. جڏهن نادر شاه جي لشڪر کان هڪ ٻه منزل پري لنگهي ويو، تڏهن درويش، احمد خان کي چيو ته ”هاڻي تون بادشاه ٿيءُ“. احمد خان چيس ته ”حضرت! مون ۾ نه بادشاهيءَجي لياقت آهي ۽ نه شاهاڻو ساز سامان آهي.“ درويش آلي مٽيءَ مان تخت ٺاهي، احمد خان کي ان تي ويهاريو ۽ چيائينس ته ”هيءُ تنهنجو تخت آهي“، ۽ سائو گاهه کڻي سندس مٿي تي رکيائينس ۽ چيائينس ته ”هيءُ تنهنجو تاج آهي ۽ تون دراني بادشاه آهين“. احمد شاه انهيءَ ڏينهن کان وٺي پنهنجي قوم کي ”دراني“ جي نالي سان مشهور ڪيو، جو اصل ”دوراني“ آهي ۽ پاڻ کي ”احمد شاه دراني“ جي نالي سان موسوم ڪيائين. مطلب ته ظاهر ۾ درويش جي دعا سان،جو ”اوليا اطفال حق اند“ جو مصداق هو ۽ حقيقت ۾ ”تؤئي الملڪ من تشاء و تنزع الملڪ ممن تشاء“ جي امر سان هر طبقي جي ماڻهن هن ڏانهن رجوع ڪيو، جن ۾ اعليٰ ۽ ادنيٰ به هئا ۽ جوان ۽ پوڙها به. احمد شاه قنڌار ۾ شاهي تخت تي جلوه افروز ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو قنڌار جي پراڻي شهر کي ”احمد شاهي“ سڏيو ويندو آهي.

        ائين ٿو سمجهجي ته نادر شاه جي انتقال کانپوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪيو ۽ نادر شاه جي پاران مقرر ڪيل نذراني جي ادائگي ۾ دير ڪرڻ لڳو. اگرچه نئين بادشاه کيس ”شاه نواز خاني، جي خطاب سان نوازي و هو ۽ حڪومت جون واڳون به اصلي قول قرار موجب سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيون هئائين. نيٺ هڪ دفعي صاحب اقتدار بادشاه احمد شاه پنهنجي سلطنت جي حدن جي ملاحظي خاطر، جو چوندا اهن ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“، اوچتو سنڌ ۾ اچي وارد ٿيو ۽ سکر کان پل جي رستي لنگهي، جا انهيءَ وقت تيار ڪئي وئي هئي، روهڙيءَ ۾ وڃي تنبو کوڙيائين. ڪن شاعرن سنڌ ۾ سندس اچڻ ۽ دريا جي پل عبور ڪرڻ تي چيو ته (1) فنفخ في الصور ۽ (2) ”دو طوفان اعظم“. هر هڪ فقري مان هجري سال 1167 ٿو نڪري، جو عيسوي سال 45-1753ع جي مطابق ٿئي ٿو.[1] بادشاه جو اوچتو اچڻ ۽ درياء جي مٿان پُل ٻڌڻ هڪ طوفان آهي ۽ (2) ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڀاڄ ۽ سندس وفات ٻيو طوفان آهي.

        جڏهن بادشاه روهڙيءَ جي ڀرسان هڪ ويران ميدان کي پنهنجي قيام گاه بنائڻ جو شرف بخشيو، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي سج جي تاب کان ڇانوَ ۾ پناه وٺڻ لاءِ ڀڄي وڃڻ کانسواءِ بيو ڪو به چارو نه ڏٺو ۽ جيسلمير جي رستي ۾ حقيقي شهنشاه جي حڪم سان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. الله تعاليٰ مغفرت ڪريس.

        انهيءَ سال (1167هه ۾) ميان نور محمد جو فرزند ميان محمد مرادياب خان پنهنجي موروثي مسند تي ويٺو ۽ احمد شاه بادشاه گذريل سالن کان رهيل سومرو شاهي نذرانو وصول ڪرڻ ۽ اڳي کان وڌيڪ ساليانو نذرانو مقرر ڪرڻ بعد کيس ”سر بلند خاني“ جي خطاب سان نوازيو ۽ حڪومت جي سند عطا ڪري، سندس ڀاءُ محمد عطر خان کي رغمال ڪري، پاڻ سان وٺي ويو.

        راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته هن بادشاه عالم پناه جي ڪجهه تحريف ڪري. جيتوڻيڪ سندس مختصر تعريف مٿي ڪئي وئي آهي. سندس ٽڪسالي سڪه، جو ملڪ ۾ رائج هو، هن ريت هو:

حکم شد از قادر بي چون به احمد بادشاه،

سکه زد برسيم ور زر از موج ماهي تا بماه.

۽ سندس سجعون (مُهرون) هيٺينءَ ريت هيون:

(1)لله الحُڪمُ ياهو احمد شاه دور دراني يا فتاح.

(اها سجع مسور جي صورت ۾ نقش ٿيل هئي).

(2) زمين لر زد، زمان خيزد، کشد چون تيغ احمد شاه.

        مطلب ته بادشاه جي تشريف نيڻ کانپوءِ محمد مرادياب خان ملقب به سر بلند خان سڀني انديشن کان بي فڪر ٿي، ”خدا آباد، نالي هڪ شهر آباد ڪيو ۽ ان کي پنهنجو دارالحڪوم مقرر ڪيائين، جو هن وقت هالا شهر جي ڀرسان اُترينءَ ڪنڊ کان هڪ ويرانو آهي. اتي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جا مقبرا آهن ۽ ٻين ماڻهن جون قبرون به، محمد مرادياب خان ”سر بلند خان“ جي لقب م:ڻ سبب پان کي ايڏو سر بلند سمجهڻ لڳو، جو اعليٰ ۽ ادنيٰ جي مٿان ظلم ڪرن شروع ڪري ڏنائين، جنهنڪري عام ۽ خاص ماڻهو هن کان بيزار ٿي پيا ۽ کيس قيد ڪيائون. ڪنهن شاعر انهيءَ واقعي جي باري ۾ هڪ عجيب قطعو چيو آهي، جنهن مان محمد مرادياب خان جي قيد ٿيڻ جو سال ٿو نڪري:

به بين کار بد قوم با پير خويش،

که کردند با پير مرشد مراد.

چو پرسيدم از هاتفي سن بگفت،

سرايان فراموش نمک آن نهاد.

        آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1170 ٿو نڪري، جو عيسوي سال 1757ع جي مطابق آهي  [2]. مؤرخن لکيو آهي ته محمد مراد ياب خان قيد جي حالت ۾ ئي فوت ٿي ويو. انا لله و انا اليه راجعون.

        محمد مراد ياب خان جي وفات کانپوءِ سندس پنجون نمبر ڀاءُ ميان علام شاه انهيءَ سال (1170هه ۾) پنهنجي لياقت ۽ عام خاص ماڻهن جي ڪوشش سان، بلڪه الله جي حڪم سان هڪمرانيءَ جي مسند تي رونق افروز ٿيو. هن موقعي تي هڪ عجيب چوڻي جا سرائڪي زبان ۾ آهي ۽ اڄ تائين مشهور آهي، ياد ٿي اچي ۽ بي زبان قلم ان جي لکڻ جي جرات ٿو ڪري، يعني ”گُلان وچون گل پيدا تهيا، کچه کهليا هي، کچه کهلسي“. اهو اشارو آهي ميان غلام شاه جي والده ڏانهن جا ”گلان، نالي هڪ طوائف هئي. هن چوڻيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته ”گلان منجهان هڪ گل پيدا ٿيو، جو ڪجهه ٽڙيو اهي ۽ ڪجهه نڙندو.“

        ميان غلام شاه ڏاڍي سهڻي نموني حڪومت هلائي. اگرچه پنهنجن ڀائرن جي شورش جي ڪري بار بار ڪڇ ۽ ڪن ٻين ملڪن ۾ وڃي رهڻو پوندو هوس، پر جيئن ته وڏو عقلمند ۽ ڊگهي نظر وارو هو، تنهنڪري پنهنجي حڪومت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. 1171هه مطابق 1758ع ۾ انگريز واپارين کي وڏي خوشيءَ سان ٺٽي ۾ واپار جي اجازت ڏنائين. 1172هه مطابق 1759ع ۾ ”شاهپور“ نالي هڪ شهر تعمير ڪرائي، ان کي دارالحڪومت بڻايائين، جو تعلقي سڪرند ۾ هن وقت هڪ ننڍو ڳوٺ آهي. 1175هه مطابق 1761ع ۾ خراسان جي بادشاه احمد شاه کي ڪي منجهيل ۽ اهم ڪم حل ۽ مڪمل ڪري، اهڙو راضي ڪيائين، جو کيس ”شاه وردي خان“ جو لقب عطا ڪيو ويو ۽ ڪي تحفا به ڏنا ويا.

        ميان غلام شاه جي حڪومت ڏينهون ڏينهن ايتريقدر مستهڪم ٿيندي وئي، جو نيٺ سندس ڀائر ۽ ٻيون قومون جن شرارت تي سندرو ٻڌو هو، بلڪل ڪمزور ٿي ويون ۽ آڻ مڃي، سندس فرمانبدار بڻجي پيون. پنهنجي ذاتي شجاعت سان سنڌ جي پاڙيسري حاڪمن جهڙوڪ ”ڪُڇ ڀُڄ“ جي راءِ کان 77- 1176هه مطابق 63-1762ع ۾ ”بست“ ۽ ”لکپت“ جا بندر زوريءَ کسي، پنهنجي مملڪت ۾ شامل ڪري ڇڏيائين ۽ ساڻس داماديءَ جي نسبت به قائم ڪيائين يعني کانئس ڌيءَ جو سڱ ورتائين). بهاولپور جي نواب بهاول خان دائود پوٽي کان اُچ جو شهر ۽ سبزل ڪوٽ جو قلعو وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيائين. اهڙيءَ ريت ڪراچي ۽ ان جي اوسي پاسي وارو علائقو خان قلات جي قبضي مان ڪڍي، پنهنجي قبضي ۾ آندائين. سنڌ جي حڪومت جي انهيءَ توسيع سبب 1178هه مطابق 1764ع ۾ احمد شاه ابدالي کيس ”صمصام الدوله“ جو خطاب ڏنو ۽ ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جو انتظام به سندس حوالي ڪيائين. از انسواءِ ميان غلام شاه 1182هه مطابق 1768ع ۾ حيدرآباد ۾ جو اصل ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، قلعو تعمير ڪرايو ۽ هڪ سهڻي ۽ مضبوط شهر پناه (فصيل) ٺهرائي، حيدرآباد کي پنهنجي دارالحڪومت بڻايائين. اهو قلعو اڃا تائين قائم آهي ۽ شهر به اونئين ئي آهي، بلڪه ان کان به خوش منظر آهي. مؤرخن جو چوڻ اهي ته ميان غلام شاه واري قلعي جي ڀرسان ٻيو به هڪ ننڍڙو قلعو هو، جو هڪ ولي الله سيد مڪي رحمة الله عليه جو تعمير ڪرايل هو. جيئن ته اهو قلعو ميان غلام شاه جي قلعي کان گهڻو بلند نظر ايندو هو، انهيءَ ڪري 1185هه مطابق 1771ع ۾ ان کي ڊهرائي ڇڏيائين. سيد محمد مڪيءَ جي مقبري ۽ سندس قلعي جي تاريخ هيٺين بيتن مان نڪري ٿي ۽ اهو پتو به پوي ٿو ته اهو قلعو ميان غلام شاه واري قلعي کان اڳ جو هو:

ز عزت بنا يافت خوشهائ منظر،

که از فيض حق مي زند موجد نور.

بهشت آستان بوس خدام او،

ز خاک درش سرمهء چشم حور

بجستم ز دل سال تعمير او،

بگفتا خريد ”زيب بزم حضور“.

ترجمو:

هيءُ قلعو جو عزت ۽ احترام سان تعمير ٿيو آهي، خوبصورت آهي، جو ان جي خدادا خوبصورتيءَ مان نور جا شعاعُ ڦٽي ٿا نڪرين.

بهشت، قلعي جي خدمتگارن جي چانئٺ ٿو چمي ۽ سندس دروازي جي مٽيءَ کي حورون پنهنجين اکين ۾ سرمو ڪري ٿيون وجهن.

پنهنجي دل کان سندس تعمير جو سال پڇيم، ته عقل جواب ڏنو ته ”زيب بزم حضور“ (حضور جي ڪچهريءَ جو سينگار).

آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان قلعي جي تعمير جو سال 1083 هجري ٿو نڪري [3] جو 1771 عيسويءَ جي مطابق آهي.

        عام ماڻهن جي روايت موجب جڏهن ميان غلام شاه جهڙي ڪم آزار ۽ نيڪ خصائل حڪمران جي هٿان اهل الله جي مقبري ۽ قلعي جي باري ۾ اهڙي بي ادبي سر زد ٿي، ته انهيءَ ئي رات لقوي، فالج ۽ غشيءَ جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ نيٺ 1186 هه مطابق 1772ع ۾ سندس روح جو پکي جسم جي پڃري مان پرواز ڪري ويو. ڪنهن شاعر سندس وفات جي تاريخ ڪهڙي نه چڱي چئي آهي ”جنات فيها خالداً“. جنهن مان ابجد جي حساب موجب مٿي ڄاڻايل سال نڪري ٿو.

        بيشڪ، اهو هڪ اهل الله جي غيرت جو اثر آهي. انسان جي لاءِ اولياء الله کان ڊڄڻ بهتر آهي. انهيءَ اهل الله جو مقبرو اونئين ئي قائم آهي اعليٰ ۽ ادنيٰ جوانن ۽ پوڙهن لاءِ زيارتگاه آهي. هميشه ذوالحج جي 9 تاريخ وڏو اجتماع ٿيندو آهي ۽ پري پري کان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن. ميان غلام شاه کي هڪ جدا مقبري ۾ دفنايو ويو جو حيدرآباد شهر جي اُتر ۾ آهي ۽ عام خاص ماڻهن جي لاءِ زيارگاه آهي.

        ميان غلام شاه جو فرزند ميان محمد سرفراز انهيءَ سال 1182هه مطابق 1772ع ۾ پنهنجي موروثي مسند تي جلوه افروز ٿيو. مگر حڪومت جي ڪاروبار جي سر انجاميءَ ۾ پنهنجي والد جي طريقي جي خلاف هلڻ لڳو.

        بادشاهه احمد شاه دراني 1187هه مطابق 1773ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو. هڪ شاعر سندس وفات جي تاريخ هن مصرعه مان ڪڍي آهي:

ز دنيائ دون شاه رحلت نمود

        پوءِ احمد شاه جو وڏو فرزند تيمور شاه تحت نشين ٿيو. انهيءَ به ميان سرفراز خان کي ”خدايار خان“ جي خطاب سان سرفراز ڪيو. تيمور شاه جي سجع هيئن هئي.

حَکَم شد از عنايات الٰهي،

بعالم دولت تيمور شاهي.

۽ سندس ٽڪسالي سڪه هيءُ هو:

چرخ مي آرد طلاء و نقره از خورشيد و ماه،

تا زنده بر چهره نقش سکهء تيمور شاه.

        ميان محمد سرافرز خان جيتوڻيڪ پنهنجي والد جي روش جي خلاف گهڻائي ڪم ڪيا، مگر هت چند ڳالهيون بيان ڪيون ٿيون وڃن:

        1- پنهنجي وڏي وزير مير بهرام خان ۽ سندس فرزند مير صوبدار خان کي بنا ڪنهن سبب جي شهيد ڪرائي ڇڏيائين. ڪنهن شاعر مير بهرام خان جي شهادت جي تاريخ هيٺين قطعه جي آخري مصرعه ڪڍي آهي:

زهي مير بهرام، بهرام رزم،

که عزمش سر نيزه بر ماه زده

ببازيچه در عرصه گاه نبرد،

اگر رخ زدي، بر رخ شاه زدم.

و گر نه کجا پيچدا اهل خرد،

که با شير سر پنجه روباه زد.

و ليکن چو تقدير بود اينچنين،

قضا از قضا تيخ ناگاه زد.

بسال وصالش ملک بر فلک،

بگفتا ”بفردوس خرگاه زد“.

ترجمو:

مير بهرام خان واه جو (بهادر) هو. ميدان جنگ ۾ ڄڻ بهرام گور. سندس حوصلو ايڏو بلند هو، جو پنهنجي نيزي جي چهنب چنڊ (جي سيني) ۾ چڀائيندو هو.

راند کيڏڻ وقت ميدان جنگ ۾ (شطرندج جي بساط تي) جيڪڏهن رخ (ڳوٽ) هڻندو هو، ته شاه (ڳوٽ) جي منهن تي هڻندو هو (يعني ايڏو عالي ظرف هو جيو راند ۾ به ”پيادي“ (ڳوٽ) ڏانهن متوجه ٿيڻ بدران، شاه ڏانهن توجه ڏيڻ پسند ڪندو هو).

دارصل ڪو سمجهه وارو ماڻهو هن سان هٿ اٽڪائڻ پسند نه ڪندو هو ۽ ائين سمجهيو ويندو هو ڄڻ لونبڙيءَ شينهن سان هٿ اٽڪايو آهي.

پر جيئن ته تقدير ائين هئي، تنهنڪري قضا قدر وارن اوچتو از غيبي ترار وهائي ڪڍي.

فراشتي آسمان تان سندس وصال جو سال ٻڌايو ته ”بفردوس خرگاه زد“ (بهشت ۾ وڇي تنبو کوڙيائين).

انهيءَ فقري مان هجري سال 1189هه نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1775ع جي مطابق آهي. کيس نئين خدا آباد ۾ دفنايو ويو، جا هالن جي ڀرسان آهي.

نيٺ ميان سرفراز جي اهڙين حرڪتن سبب وڏي شورش برپا ٿي ۽ سڀني ماڻهن يڪراءِ ٿي، کيس انهيءَ ئي سال قيد ڪيو ۽ سندس ڀاءُ محمد خان کي گاديءَ تي ويهاريائون. ميان سرفراز قيد جي حالت ۾ فوت ٿي ويو.

محمد خان ميان غلام شاه جو ٻيو نمبر فرزند 1189هه مطابق 1775ع ۾ سنڌ جي حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. مگر حڪمرانيءَجي معاملن کان بي خبر هو، جنهنڪري کيس انهيءَ ئي سال برطرف ڪيو ويو.

پوءِ ميان نور محمد جو فرزند ۽ ميان غلام شاه جو ڀاءُ ميان غلام نبي 1189هه مطابق 1775ع ۾ اميرن ۽ معتبر ماڻهن جي صلاح سان گاديءَ تي ويٺو ۽ حڪومت جو ڪاروبار نهايت ئي خبرداريءَ سان سر انجام ڪرڻ شروع ڪيائين پر هن جي دل ۾ سخت شڪ پيدا ٿيو ته متان ٽالپر سردار کانئس مير بهرام خان شهيد جي خون جو انتقام نه وٺن. آخر هيئن ٿيو جو 1190هه مطابق 1777ع ۾ جڏهن مير بجار خان بيت الله جي زيارت ڪرڻ بعد مڪه معظمه کان سنڌ ۾ واپس آيو ته بلوچ ۽ ٻيا ماڻهو (غير بلوچ) گڏجي، ميان غلام نبيءَ انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو ۽ سندس لاس حيدرآباد ۾ آڻي، سندس ڀاءُ ميان غلام شاه جي ڀرسان دفنايو ويو. انا الله و انا اليه راجعون.

ميان غلام نبيءَ جو ڀاءُ ميان عبدالنبي پنهنجي شهيد ڀاءُ جي وصيت ۽ اميرن جي صلاح سان، بلڪه خود مير بجار خان ٽالپر جي مشوري سان 1191هه مطابق 1778ع ۾ گاديءَ تي ويٺو. مگر حڪومت جي شروعاتي ڏينهن ۾ ئي پنهنجي خاندان (ڪلهوڙا گهراڻي) جي انهن ماڻهن کي، جي حڪومت جا خواهشمند هئا، اول قيد ڪيائين ۽ پوءِ کين قتل ڪرائي ڇڏيائين. اهي مقتول هئا ميان علام شاه جا پٽ ميان محمد سرفراز خان، ميان محمد خان ۽ ميان عطر خان جو ننڍو ڀاءُ ميان محمود خان. انهيءَ موقعي تي هڪ سال جي اندر ڪُل پنج ڄڻا شهيد ٿيا هئا، جن ۾ ميان غلام نبي به شامل هو، جو اڳ ۾ ئي مير بجار خان جي هٿان جنگ ۾ مارجي ويو هو. ڪنهن شاعر سندن قتل تي ڏاڍي سهڻي مصرعه چئي آهي: ”از گل باغ عباسي پنج کم“. هن مصرعه ۾ شاعر صنعت ايهام کان ڪم ورتو آهي. ”عباسي“ هڪ مشهور گل جو نالو آهي ۽ سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران به عباسي هئا. هن خاندان جا پنج ڄڻا قتل ٿي ويا هئا.  جيڪڏهن ”گل باغ عباسي“ جي فقري مان، جنهن جا عدد 1196 آهن، پنج عدد گهٽ ڪبا، ته 1191 بچندا، جو انهن پنجن ڄڻن جي شهادت جو هجري سال آهي ۽ عيسوي سال 1778ع جي مطابق.

ميان عبدالنبي پنهنجن عزيزن کي قتل ڪرائڻ کانپوءِ ڏاڍي تسلي ۽ تشفيءَ سان حڪومت ڪرڻ لڳو ۽ افغانستان جي بادشاه جو نذرانو جو ڪلهوڙا گهراڻي جا حڪمران سالها سال ادا ڪندا هئا، وساري ڇڏيائين. جنهن ڪري 1192هه مطابق 1779ع ۾ شاهي ڏن نه ڏيڻ سبب يا سنڌ جي حڪومت جي دعويدار عزت خان جي فرياد تي، افغانستان جي بادشاه، محفوظ خان جي سپه سالار ئي هيٺ سنڌ تي وڏو لشڪر چارهي موڪليو. ميان عبدالنبي به نهايت ئي رعب ۽ دٻدٻي سان پنهنجي وزير اعظم مير بجار خان کي ساڻ ڪري، افغان لشڪر سان دوبدو ٿيڻ لاءِ شڪارپور ۾ اچي سهڙيو. عزت ۽ ذلت يا فتح ۽ شڪست جيئن ته الله جي طره کان آهي ۽ وڏي يا ننڍي سلطنت تي منحصر نه آهي، تنهنڪري قدرت، فتح جو جهنڊو ميان عبدالنبيءَ جي طرف کان بلند ڪيو. جيتوڻيڪ بعد ۾ بادشاه تيمور جي طرفان هڪ ٻئي پٺيان گهڻو ئي لشڪر ايندو رهيو. مگر ميان عبدالنبي ۽ سندس اميرن پنهنجين خطائن جي معافي وٺي ۽ شاهي نذرانو ڏئي، پنهنجا پلوَ آجا ڪري ڇڏيا ۽ پوءِ پوري اطمينان سان حڪومت جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿي ويو. تاهم ميان عبدالنبي، مير بجار خان جي حشمت، دانائي ۽ سياستدانيءَ کان اندر ئي اندر ڊڄندو رهيو ته مان ڪنهن وقت وجهه وٺي کيس قتل نه ڪري. انهيءَ ڪري جوڌپور جي راجا وٽان جلاد گهرائي، کيس پنهنجين اکين اڳيان ڪُهائي ڇڏيائين. ڪنهن شاعر سندس شهادت جي تاريخ هيٺين ريت چئي آهي:

از سر افسوس گفتا هاتفم،

”مير شد از جمدر هندو شهيد.

ترجمو:

(مون کي غيب جي فرشتي افسوس سان ٻڌايو ته ”مير بجار خان هڪ هندوءَ جي خنجر سان شهيد ٿيو.“) (”افسوس“ جي الف جو عدد ٻي مصرعه جي عددن سان شامل ڪبو).

ٻي تاريخ هيءَ آهي:

”بمحفل شهدا جلوه کرد مير بجار“

(مير بجار شهيدن جي محفل ۾ وڃي جلوه افروز ٿيو). ٻنهي تاريخن مان هجري سال 1194 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1780 جي مطابق آهي.

        نيٺ ميان عبدالنبيءَ انهيءَ انديشي (مير بجار جي قتل جي انتقام جو انديشو) جي ڪري قلات ويو ۽ اتان مدد وٺي آيو، مگر اميرن سندس غير حاضريءَ ۾ ميان صادق علي ولد ميان غلام حسين ڪلهوڙي کي سنڌ جي گاديءَ تي ويهاريو پر ميان عبدالنبي قلات جي خان، بهاولپور جي نواب ۽ سردار مدد خان جي مدد سان ٻيهر گاديءَ تي ويٺو.

        جيڪڏهن پڙهندڙ ناگوار نه سمجهن ته سردار مدد خان ۽ سندس لشڪر جي ظلم و ستم جو مختصر احوال بيان ڪيو وڃي. سنڌ ۾ سندس اچڻ جي تاريخ هن مصرعه مان ظاهر آهي:

اي داد، از بي داديءِ ظالم منحوس.

ابجد جي حساب موجب ان مان هجري سال 1194 ٿو نڪري جو عيسوي سال 1780 جي مطابق آهي. غور ڪرڻ گهرجي ته جنهن جي بسم الله (ابتدا)  ئي انهيءَ عنوان سان ٿي ٿئي، ته سمجهڻ گهرجي ته جيڪو شخص عمرڪوٽ تائين منزل بمنزل وڃي پهتو هوندو، انهيءَ شخص ڦر لٽ، تباهي، بربادي ۽ غريبن جي گهرن ۽ جهوپڙين کي باهين لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪيو هوندو. هن جي لشڪر جا بي لغام گهوڙا روزانو محض ڦر لٽ لاءِ بي ڌڙڪ گهمندا ڦرندا وتندا هئا. اعليٰ ۽ ادنيٰ ۽ جوان ۽ پورها هن جي ظلم و ستم کان بيزار هئا ۽ ڊڄندا رهندا هئا. مطلب ته مدد خان جي اچڻ تي سنڌ ۾ ايڏي ڦر لٽ، خونريزي، خرابي ۽ ويراني ٿي جو ان جو مختصر احوال لکبو ته هڪ داستان تيار ٿي ويندو پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ”لُب تاريخ“ (تاريخ جو خلاصو) جي نالي سان موسوم آهي ۽ مان جيئن ته پڙهندڙن کي ڪنڊا چڀائڻ (ذهني اذيت ڏيڻ) مناسب نه ٿو سمجهان، تنهنڪري ٻن چئن سٽن لکڻ ۽ هڪ شاعر جي هن شعر کي قلمبند ڪرڻ تي اڪتفا ٿو ڪريان:

چنان هول درملک سند اوفتاد

که هول قيامت بداده بياد

(يعني سنڌ ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو جو قيامت جو دهشتگردي ياد اچي وئي).

        پڙهندڙن کي چڱي طرح معلوم آهي ته سنڌ جا باشندا ڪنهن مصيبت اچڻ وقت پوءِ قدرت جي طرفان هجي، خواه ڪنهن دنيوي حڪومت جي طرفان، دانهن ڪندا آهن ته ”گهوڙا، گهوڙا“ يا ”گهوڙا ڙي گهوڙا“. اها علامت آهي مدد خان جي لشڪر جي، جنهن جا گهوڙا هر شهر، هر ڳوٺ، بلڪه گهر گهر ۾ گهڙندا ڦر لٽ ڪندا وتندا هئا. ماڻهو انهن گهوڙن کي ڏسي، ”گهوڙا، گهوڙا“ چون لڳندا هئا ۽ اهڙي ريت ڄڻ ٻين کي به اطلاع ڏيندا  هئا ۽ پوءِ وٺي ڀڄندا هئا. نيٺ اها دانهن هر ڪنهن جي زبان تي چڙهي وئي ۽ اڄ تائين چڙهيل آهي.

        راقم الحروف ڪيترائي ملڪ گهميو آهي مثال طور خراسان، ايران، عرب، بلوچستان، پنجاب، هندوستان، مڪران، دکن، ڪوڪن، ڪاٺياواڙ، ريگستان (ڪڇ جو علائقو)، مارواڙ ۽ گجرات وغيره. مگر مان ڪنهن به ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ جي واتان اهڙي دانهن به ٻڌي آهي. هر ملڪ جون رسمون الڳ آهن (ٻين ملڪن ۾ اهڙن موقعن تي ٻيا الفاظ چيا ويندا هوندا). مون کي هن موقعي تي هڪ عجيب ڳالهه ياد ٿي اچي.1285هه مطابق 1868ع ۾ جڏهن مان سنڌ جي ڪمشنر جناب مينفيلڊ صاحب ۽ ڪن ٻين معززن سان گڏجي ڪن خاص خدمتن جي بجا آوريءَ جي سلسلي ۾ دارالسلام بغداد پهتس ۽ اتي درگاه فلڪ پايگاه غوث الاعظم حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره العزيز جي زريارت فيض بشارت جي سعادت حاصل ڪيم ته انهيءَ موقعي تي حضرت صاحبزاده والاتبار مرحوم پير مصطفيٰ شاه آفنديءَ جي قدم بوسيءَ جو شرف به نصيب ٿيو جو انهيءَ زماني ۾ عالي جناب مولانا و مڪرمنا و معززنا حضرت مرحوم سيد علي شاه جي مسند امجد تي رونق افروز هو ۽ انهيءَ وقت صاحبزاده موصوف جي عمر يارهن ورهين کان زياده نه هئي ۽ سندس گهڻو توجه، نه نه، غلط لکيم، بلڪه سندس لطف ۽ ڪرم افغانستان، هندوستان، ۽ انهن کان به زياده پنجاب ۽ سنڌ جي ماڻهن تي هو. قدمبوسيءَ کانپوءِ تعارف ڪرائڻ وقت جڏهن صاحبزاده صاحب کي منهنجي باري ۾ معلوم ٿيو ته مان سنڌ کان آيو آهيان، ته مُرڪي فرمايائين ته ”منشي! مون کي تنهنجي ملڪ جي ٻولي ايندي آهي ”گهوڙا ڙي گهوڙا“. مون عرض ڪيو ته ”امنا و صدقنا. اها ڳالهه درست آهي. بيشڪ، سنڌ جي باشندن جي ٻولي اها ئي آهي.“

        اها به علامت آهي، انهيءَ سردار مدد خان جي، جا سنڌ جي باسندن جو تڪيهء ڪلام بڻجي وئي آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڪم سان ڪنهن پاسي تڪڙو ويندو آهي يا ڪنهن سختيءَ کان ڀڄندو يا ڊڄندو آهي ته ٻيا ماڻهو طعني طور چوندا اٿس ته ”ايڏو ڀڄين ڇو ٿو يا ڊڄين ڇو ٿو، ”مدد“ پٺيان پيو اٿئي ڇا؟“. هن ڇڙواڳ شخص (مدد خان) جي وڃن بعد هڪ شاعر چيو ته ”بشر بود رفت“ [4] انهيءَ جملي مان هجري سال 1194 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1780 جي مطابق اهي. مدد خان بي اولاد فوت ٿيو ۽ پٺيان ڪو به ڪو نه بچيس.

        ميان عبدالنبي جيتوڻيڪ سردار مدد خان ۽ ٻين نوابن جي مدد سان گاديءَ تي ويٺو پر 1197هه مطابق 1786ع ۾ وجهه وٺي، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان ٽالپرن کي، جي ٻئي معزز انهيءَ وقت ميان عبدلانبيءَ وٽا هئا، مير بجار خان وانگر مارائي ڇڏيائين. ٽالپرن، ٻين بلوچن ۽ انهيءَ وقت جي سردارن جي خون ناحق جي ڪري جوش ۾ اچي، لشڪر ۽ ٻيو ساز سامان گڏ ڪري، ميان عبدالنبيءَ سان جنگ ڪئي. انهيءَ وقت لشڪر جا سردار مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان هئا، جي هم قوم، هم ذات، بلڪه هڪ ڏاڏي جو اولاد هئا. هالاڻيءَ جيجنگ ۾ ميان عبدالنبيءَ کي شڪست ڏئي ڀڄائي ڪڍيائون. ميان عبدالنبي قلات جي خان ۽ افغانستان جي بادشاه تيمور شاه وٽ التجا کڻي ويو. مگر سنڌ جي گاديءَ تي ويهي نه سگهيو ۽ 1193هه مطابق 1779ع جو سڄو سال ڀڄندو رهڻ ۽ التجائن ڪرڻ ۾ گذاري، راه رباني وٺي ويو. الله جي مرضي اها هئي، جا پوري ٿي. هر ڪنهن کي واري واري سان عزت ۽ بادشاهي نصيب ٿيڻي آهي، جيئن هڪ شاعر چيو آهي:

درين نوبت گه صورت پرستي،

زند نوب بنوبت کوس هستي.

اگر عالم يه يک دستور ماندي،

بسي انوار گان مستور ماندي.

زمستان از چمن بارانه بندد،

زتاثير بهاران گل نه خندد.

ترجمو:

دنيا جي هن نقارخاني ۾ هر شخص واري واري سان پنهنجي موجودگيءَ جو ڏونڪو هڻي ٿو.

جيڪڏهن دنيا هڪ حال تي قائم رهي ها، ته گهڻائي عجائبات پوشيده رهجي وڃن ها.

جيڪڏهن سيارو باغ مان ڪُوچ ڪري، هليو نه وڃي ها ته بهار جي اثر سبب گل نه ٽڙن ها.

ٻارهون طبقو

ٽالپرن جي حڪومت

1199هه مطابق 1784ع کان

        ٽاله پورن (عرف ٽالپرن) جي قوم، بلوچ قومن جي گهڻين شاخن مان هڪ شاخ آهي. بلوچن جي چوڻ موجب، هو حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي چاچي حضرت امير حمزه رضي الله تعاليٰ عنه جي نسل مان آهن ۽ ائين معلوم ٿو ٿئي ته هندوستان جي شهنشاه محمد اڪبر جي زماني ۾ 995هه مطابق 1856ع ڌاري حلب (شام) ۽ ٻين عرب ملڪن کان بلوچستان ۾ آيا ۽ اتي رهائش اختيار ڪيائون. هنن جي رهائش جي ڪري اهو ملڪ بلوچستان سڏجڻ لڳو. بلوچ اڃا تائين بلوچستان جي اندر وڏي تعداد ۾ رهن ٿا. اتان سنڌ ۾ به آيا ۽ بلوچستان جي ويجهن علائقن ۾ به وڃي سڪونت پذير ٿيا ۽ مختلف ڌنڌن جهڙوڪ نوڪري ۽ پوک ۾ مشغول ٿي گذارو ڪرڻ لڳا.

        ”ٽاله“ نالي هنن جو هڪ وڏو ٿي گذريو آهي. ”پُور“ عجمي (فارسي) زبان ۾ پٽ کي سڏبو آهي. ”ٽاله پور“ ڪثرت استعمال سبب ”ٽالپر“ ٿيو آهي. ٽالپر قوم به گهڻين ئي شاخن ۾ تقسيم ٿيل آهي. مان ٻين کي ڇڏي، صرف انهن ٽالپرن جو زڪر ٿو ڪريان، جن سنڌ ۾ حڪومت ڪئي ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ حڪمران ٿي رهيا. انهن ٽنهي خاندانن جو وڏو ”ڪڪو خان“ عرف سليمان خان هو. اگرچه هن کي اَٺ پٽ هئا، پر منهنجو واسطو هن جي فقط ٻن پٽن نمبر پهريئن ۽ نمبر ٽئين سان آهي. تنهنڪري مان سندس ٻين پٽن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ بدران، فقط انهن ٻنهي جي باري ۾ ٿو لکان. پهرئين جو نالو ”هوتڪ خان“ هو ۽ ٽئين جو نالو ”ماڻڪ خان“. پهريائين مان هوتڪ خان جي متعلق لکڻ مناسب ٿو سمجهان.

        هوتڪ خان جي اولاد مان حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جو خاندان وجود ۾ آيو. هوتڪ خان کي شهداد خان نالي هڪ نامور فرزند هو. جنهن شهدادپور جو شهر تعمير ڪرائي آباد ڪيو. هو 1147هه مطابق 1734ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاوداني ڏانهن راهي ٿيو ۽ شهدادپور ۾ دفنايو ويو. اگرچه شهداد خان کي ٻيا پٽ به هئا، مگر مون کي فقط سندس بن پتن مير چاڪر خان ۽ مير بهرام خان جو ذڪر ڪرڻو آهي. پڙهندڙن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ميرن جو خيرپور وارو خاندان پهريائين ”شهداداڻي“ سڏبو هو ۽ پوءِ ”چاڪراڻي، جي نالي سان مشهور ٿيو. اهو چاڪر خان هڪ نامور زميندار هو، جنهن جو کوٽايل واه ”چاڪر واه“ جي نالي سان اڇا تائين تعلقي شهدادپور ۾ مشهور ۽ موجود آهي، مير بهرام خان اهو آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪلهوڙن جي احوال ۾ ڪيو ويو ۽ جيڪو 1189هه مطابق 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز خان جي ڪوشش سان شهيد ٿيو هو. سندس تعريف ۽ تعارف به مٿي ڪرايو ويو آهي. مير بهرام خان کي به ڪيترائي پٽ هئا. مگر حيدرآباد جي ميرن جو خاندان سندس بئي نمبر پٽ مير صوبدار خان کان شروع ٿئي ٿو، جنهنڪري اهو ضروري نظر ٿو اچي ته هن جو احوال بيان ڪيو وڃي. اهو مير صوبدار خان اهو آهي، جو پنهنجي والد جي شهادت وقت شهيد ٿيو ۽ ٻئي پيء پٽ نئين خدا آباد ۾ دفنايا ويا. مير صوبدار خان کي چار پٽ هئا. پر پهريائين سندس وڏي پٽ مير فتح علي خان جو نالو لکيو ٿو وڃي جو سنڌ جو فاته هو. سندس ٻين پٽن جا نالا مناسب موقعي تي لکيا ويندا. مير چاڪر خان ولد مير شهداد خان کي اگرچه ڪيترائي پٽ هئا، مگر هن جو نامور پٽ مير سهراب خان هو، جو فاتح سنڌ مير فتح علي خان جو ساٿي هو.

        هاڻي ڪڪي خان جي تئين نمبر پٽ ماڻڪ خان جوا حوال لکڻ ضروري اهي. ماڻڪ خان کي جيتوڻيڪ ڪيترائي پٽ هئا، ۽ ميرپورخاص جي ميرن جو خاندان به ”ماڻڪاڻي“ جي نالي سان مشهور آهي، مگرمون کي سندس وڏي پٽ مير الله يار خان جو ذڪر ڪرڻو آهي، انهيءَ ڪري بين جو ذڪر ترڪ ڪيو ٿو وڃي. الله يار خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر منهنجي پيش نظر سندس وڏو پٽ مير مسو خان آهي. مير مسو خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر مون کي سندس وڏي پٽ مير فته خان جو ذڪر ڪرڻو آهي. اهڙيءَ ريت مير فتح خان کي به ڪيترائي پٽ هئا، مگر سنڌ جي فتح ۾ سندس بئي نمبر پٽ مير ٺاري خان بهرو ورتو هو. اميد آهي ته پڙهندڙن کي سنڌ جا ٽئي فاتح مير فتح علي خان، مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان چڱي طرح معلوم هونداو. وڌيڪ وضاحت لاءِ سندن نسب جو شجرو ڏنو وڃي ٿو.

سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن جو مختصر شجرو

ڪڪو خان يا ڪڪه خان عرف سليمان خان ٽالپر ۽ سندس پٽ

پهرين هوتڪ خان

ٽيون ماڻڪ خان

مير شهداد خان

مير الله يار خان

مير چاڪر خان (کيس پنج پٽ هئا)

مير بهرام خان

مير مسو خان

مير سهراب خان (فاتح سنڌ جو پهرين نمبر ساٿي)

مير صوبدار خان

مير فتح خان

 

مير فتح  علي خان (سنڌ جو پهريون فاتح)

مير ٺارو خان (فاتح سنڌ جو ٻيو نمبر ساٿي).

        پڙهنڊرن مٿين شجري مان، جو مختصر هجڻ جي باوجود بالڪل واضح آهي، سنڌ جي حڪمرانن جي هڪ ٻئي سان ويجهي مائٽي، هڪ ذات، بلڪه هڪ ئي ڏاڏي جي اولاد هجڻ جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

        مطلب ته ٻئي سردار پاڻ ۾ يڪراءِ ٿي (جي اڪثر شهدادپور تعلقي ۾ رهندا هئا ۽ ڪي نئين خدا آباد ۾) پنهنجن وڏن (مير بجار خان، مير عبدالله خان ۽ مير فتح خان) جي قتل جو انتقام وٺڻ لاءِ پوري جوش خروش سان تيار ٿيا ۽ سڀني بلوچن ۽ ٻين قومن کي به پاڻ سان شامل ڪري، ترار جي زور سان سنڌ تي قبضو ڪيائون. ميان عبدالنبي ڪلهوڙو 1198هه مطابق 1783ع ۾ ڀڄي جوڌپور هليو ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس اولاد اڃا تائين جوڌپور ۾ آهي ۽ اتي ”سنڌ جا صاحبزادا“ جي نالي سان مشهور آهي. پنجاب ۾ به ڪي جاگيردار ۽ زميندار ڪلهوڙن جو اولاد سڏبا آهن.

        مٿي ڄاڻايل مير صاحبن سنڌ تي قبضو ڪرڻ بعد ڪابل جي بادشاه تيمور شاه کان پراڻي دستور موجب اول شاهي نذرانو ادا ڪري پوءِ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو پروانو حاصل ڪيو ۽ ان کانپوءِ 1199هه مطابق 1784ع ۾ سنڌ کي ستن حصن ۾ ورهايائون، جن مان چار حصا مير فتح علي خان کي سندس ڀائرن ۽ ٻين بلوچن سميت ڏنائون ٻه حصا مير سهراب خان کي ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان جي حوالي ڪيائون ۽ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ مسند نشين ٿي، حڪومت هلائڻ لڳا. ڪابل جي بادشاه جو نذرانو حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جا حڪمران گڏجي ادا ڪندا هئا ۽ خيرپور جو حڪمران جدا ادا ڪندو هو. نيٺ خراسان جي بادشاه ۽ خراسان جي اميرن جي وچ ۾ بي اتفاقي پيدا ٿيڻ سبب، ڳچ عرصي بعد سنڌ جي ميرن شاهي نذراني موڪلڻ جو سلسلو بند ڪيو ۽ سندن پويان خودمختار ۽ آزاد بنجي پيا. جڏهن 1207هه مطابق 1792ع ۾ بادساه تيمور 23 سالن جي بادشاهي ۽ حڪمراني کانپوءِ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو ته سندس ٽيون نمبر فرزند شاه زمان انهيءَ ئي سال 23 سالن جي عمر ۾ پنهنجي موروثي تخت ۽ تاج جو وارث بڻيو ۽ پنهنجي والد وانگر سنڌ جي والين سان سهڻي نموني سان هلندو رهيو. سندس سڪه تي هيءُ شعر منقش هو.

طرز يافت به حکم خدائيء هر دوجهان،

رواج سکئه دولت بنام شاه زمان.

۽ سندس سجع هن ريت هئي:

قرارداد ز الطا خويشتن يزدان،

نگين حکم جهان را بنام شاه زمان

جيڪڏهن پڙهندرن کي ناگوار نه لڳي ۽ پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ پسند ڪن، ته سندس والده صاحبه جي سجع، جا نهايت ئي دلڪش اهي، هت درج ڪئي وڃي:

سپهر رشک برد از بلنديءَ جاهم،

کنيز فاطمهء و مادر زمان شاهم

ترجمو:

        منهنجي متربي جي عظمت ۽ بلندي ڏسي، آسمان کي ريس ٿي اچي. ڇو ته مان حضرت فاطمة الزهرا جي ٻانهي ۽ شاه زمان بادشاهه جي ماءُ اهيان).

شايد بيگم صاحبه جو نالو ”ڪنيز فاطمه بيگم“ هو.

        صو ڪوتاه، ٽئي ٽالپر حڪمران پنهنجين حدن ۾ نهايت ئي سهڻي نموني ۾ ۽ پوري رعب ۽ حشمت سان رهندا هئا. اگرچه سندن دلين ۾ هڪ بئي جي پاران ڪدورت ڪا نه هئي، تاهم ڪڏهن ڪڏهن سندن وچ ۾ خانه جنگي جهڙي حالت پيدا ٿي پوندي هئي. هن موقعي تي مير سهراب خان ۽ مير فتح علي خان جي وچ ۾ هليل سوال جواب لکڻ مناسب نظر ٿو اچي:

ما باد شماليم وزيدم همه کس را،

ما گرگ درنديم، دريدم همه کس را

ترجمو:

        مان اتر جو واءُ آهيان، سڀني جي مٿان گهلندو آهيان. مان هڪ خونخوار بگهڙ آهيان، سڀني کي چيري پاڙي ڇڏيو اٿم).

مير فتح علي خان

پشه چه باشد که پرد پيش پيل،

گر به هوا رفت، نه شد جبرئيل،

ور مگسي زور دوباز و نمود،

طعمهء سيمرغ نه بايد ربود.


 


(1)  هن فقري ( جو قرآن مجيد جي هڪ آيت جو حصو آهي) جا عدد 1667 آهن، نه 1167 جيڪڏهن ”ونفخ“ پڙهبو، جيئن اصلي آيت ۾ آهي، ته سندس عدد 1153 ٿيندا. ٻئي فقري جا عدد درست آهن. (مترجم)

[2]  هيءُ عجيب ڳالهه آهي جو عدد پورا آهن، مگر مصرعه غير موزون، غلط ۽ بالڪل بي معنيٰ آهي (مترجم).

[3]  هن فقري جا عدد 1086 آهن، نه 1083 (مترجم).

[4]  هن جعلي جون ٻه معنائون آهن (1) هڪ ماڻهو (بشر) هو جو هليو ويو (2) هڪ فسادي (به شر) هو جو دفع ٿيو. (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org