سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 3

صفحو ؛ 12

ڇهون ڪمشنر: مسٽر ايڊي رابرٽس صاحب (ايڪٽنگ)

مسٽر  مينسفيلڊ جي غير حاضريءَ ۾ (سندس موڪل تي وڃڻ سبب) بمبئيءَ کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جا فرائض بجا آڻڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ مسٽر جان مور سندس اسسٽنٽ هو. دستور ۽ معمول مطابق سرڪاري ڪم تمام سهڻي طريقي سان سر انجام ڪيائين. پر جيئن ته فقط ڇهه مهينا رهيو تنهنڪري سندس ايامڪاريءَ جو تفصيلوار احوال نٿو لکجي. مگر سي آءِ اي جي لقب جو تمغو، جو انگريز سرڪار سيٺ نائون مل جي لاءِ موڪليو هو، سو فريئر محل عرف فريئر هال ۾ هڪ شاندار دربار منعقد ڪري، سيٺ نائون مل کي پنهنجي هٿ سان ڏنائين. سيٺ نائون مل جي خدمختگذاريءَ جي باري ۾ جيڪا تقرير انگريزيءَ ۾ ڪيائين، راقم الحروف سندس حڪم تي خوش الحانيءَ سان ان جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪري ٻڌايو. اها تقرير هيءَ آهي:

جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي انگريزي تقرير

جو ترجمو جا تاريخ 29 آڪٽوبر 1866ع (1282هه)

تي فريئر هال ڪراچيءَ ۾ ڪئي وئي

سيٺ نائون مل صاحب!

مان نهايت ئي خوشيءَ سان هيءَ تحرير اوهان جي سپرد ڪريان ٿو، جنهن جي سپرد ڪرڻ جي ذمه داري منهنجي ئي مٿان آهي. هن تحرير ۾ درج آهي ته اوهان انگريز سرڪار جون وڏيون خدمتون ۽ گهڻيون ئي خير خواهيون ڪيون آهن، جنهنڪري جنابه ملڪه معظمه وڏي شفقت سان اوهان کي سي آءِ اي (ڪمپنين آف دي موسٽ ايگزالٽيد آرڊر آف دي اسٽار آف انڊيا) جي لقب عطا ڪرڻ سان عزت بخشي آهي. اوهان کي هن کان اڳ ۾ به اهڙين خدمتن ۽ خير خواهين جي ڪري مناسب انعام عطا ڪيا ويا آهن. جيئن ته سال 1852ع (1261هه) ۾ هڪ سؤ رپيا پينشن، ۽ سال 1860ع (1277هه) ۾ اها پينشن، جا اوهان جي لاءِ ساري حياتيءَ تائين هئي، سا وڌائي ٻن پيڙهين تائين ڪئي وئي. پڻ اوهان کي ٻارهن سؤ رپين جي آمدنيءَ واري جاگير به عطا ڪئي وئي آهي. صديءَ جو چوٿون حصو گذريو آهي، يعني پنجويهه سال ٿيا آهن، جو اوهان جون خدمتون شروع ٿيون آهن. اوائل ۾ اوهان اهڙيون خدمتون بجا آنديون، جن کان هن زماني (موجوده نسل) جا ماڻهو واقف نه آهن. انهيءَ ڪري مان اوهان جي اجازت سان مختصر طور تي انهن جو ذڪر ڪريان ٿو:

اوهان جي خدمتن جي شروعات لاءِ 1839ع (1256هه) کان ٿئي ٿي. مون کي معلوم ٿيو آهي ته جنهن وقت (انگريز سرڪار جو) لشڪر، شاه شجاع الملڪ جي مدد لاءِ بنگال کان افغانستان روانو ٿيو ۽ ٻيو لشڪر پهرئين لشڪر جو ساٿ ڏيڻ لاءِ بمبئيءَ کان روانو ٿيو هو، انهيءَ وقت اوهان وڏي ڪوشش ڪري، کاڌي پيتي جو سامان ۽ بار برداريءَ جا جانور مهيا ڪري ڏنا. وري جڏهن ڪابل ۾ خونريزيءَ کانپوءِ (انگريز سرڪار جي) لشڪر جا ماڻهو (فوجي سپاهي) قيد ڪيا ويا، ۽ انهن قيدين جي ڇڏائڻ لاءِ بيو لشڪر روانو ڪيو ويو ۽ اهو لشڪر سنڌ مان لنگهيو ته انهيءَ وقت به اوهان وڏي مدد ڪئي.

سال 1843ع (1260هه) ۾ جڏهن سنڌ جي مير صاحبن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي لڳي. اگرچه انهيءَ وقت اوهان کي جاني ۽ مالي خطرو هو، تاهم اوهان ڪوشش ڪري مير صاحبن جي باري ۾ اهڙيون خبرون ڏنيون ۽ اهڙيون تجويزون پيش ڪيون، جن جي آڌار تي انگريز سرڪار جا عملدار پنهنجي لشڪر ۾ ڦير پار ڪري سگهيا.

اِسٽوِيڪ صاحب، پاٽنجر صاحب ۽ آئو ٽرم صاحب جي زماني ۾ اوهان جيڪي خير خواهيون ڪيون، انهن کي غدر جي اڍائي سالن واري عرصي ۾ ثابت ڪري ڏيکاريو، ته اوهان جي مٿان انگريز سرڪار جون جيڪي مهربانيون هيون انهن ۾ پنهنجي لائقي ۽ چڱ مڙسيءَ سان اضافو ڪيو.

مون اڳ ۾ ئي ظاهر ڪيو آهي ته انهن خدمتن جي عيوض سرڪار جي پاران اوهان کي جاگير ۽ پينشن عطا ڪيل آهي ۽ هاڻي جو سرڪار مهرباني فرمائي اوهان کي هيءُ لقب عطا فرمايو آهي، مون کي يقين آهي ته اوهان جهڙو ايماندار ۽ خير خواه ان کي گهٽ نه سمجهندو. منهنجي تمنا آهي ته اوهان جي حياتي وڏي ٿئي پوءِ دربار برخواست ٿي.

سال 1286هه مطابق 1866ع ۾ جناب حاجي ملباري ”ڪوڪن“ جي حڪومت جو وڪيل ڪراچيءَ پهتو، جو استنبول وڃي رهيو هو، مسٽر ايڊي رابرٽس صاحب ڪمشنر جي حڪم سان، هن نياز مندي ميزبانيءَ جا فرائض ادا ڪيا. صاحب موصوف ڏاڍو خوش ٿيو.

انهيء سال 1282هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب موڪل پوري ڪري موٽي آيو ۽ وري سنڌ جي ڪمشنريءَ جي چارج ورتائين.

ڪمشنر صاحب عمرڪوٽ ۾ هڪ دربار منعقد ڪري، مرحوم مير شير محمد خان ساڪن ميرپورخاص کي ”ستارهء هند“ جي لقب ۽ تمغي سان خوش ڪيو. نيٺ (ڪمشنر صاحب) پنهنجين بهترين خدمتن سبب بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تي سرفراز ٿيو ۽ سال 1283هه مطابق 1867ع ۾ بمبئي روانو ٿي ويو ۽ وڃڻ وقت راقم الحروف کي هڪ تحرير، جا هن نيازمند جي نيڪ ناميءَ تي مشتمل آهي، عطا ڪيائين، جنهن جو ترجمو هت درج ڪيو ٿو وڃي، جنهن مان پڙهندڙن کي واقفيت ٿيندي.

ڪتاب ”خليج نامو“، جو خليج فارس ۽ بغداد شريف وغيره جي سفر جي حالات تي مشتمل آهي، فارسيءَ ۾ لکي، ڇپايو ويو.

مسٽر ايس. مينسفيلڊ ڪمشنر سنڌ جي انگريزي تحرير جو ترجمو

        هيءَ تحرير خدا داد خان جي باري ۾ آهي، جو سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ منشي آهي. هو بالڪل محنتي ۽ هر ڪم توجه سان ڪرڻ وارو آهي ۽ گذريل پنجن سالن ۾ پنهنجي آفيس جا ڪم خواه ملڪي ڪم چڱي طرح سان ڪيا اٿس.          فقط تاريخ  10 مئي 1867ع (1283هه)

صحيح

ايس. مينسفيلڊ صاحب ڪمشنر سنڌ

        از انسواءِ ٻه دفعا خاص خدمتون (مٿي ڄاڻايل نمبر ڇهون ۽ ستون) راقم الحروف، صاحب موصوف جي ايامڪاريءَ ۾ بجا آنديون. پڙهندڙ خليج فارس ۽ دارهاره جبل جي خطرناڪ سفر جو اندازو، انگريزي تحرير جي هيٺين ترجمي مان لڳائي سگهندا.

        مون کي پنهنجي هيءَ راءِ ظاهر ڪندي، خوشي ٿي ٿئي ته منشي خدا داد خان هڪ هوشيار ۽ ڪارائتو منشي آهي ۽ هو مسافريءَ ۾ پنڌ ۽ ٻي تڪليف جو بالڪل فڪر نه ڪندو آهي. انهيءَ ڪري هن جون خدمتون قيمتي آهن بنسبت هندو منشين جي، جي ايتريقدر ڪارائتيون ثابت نه ٿيون آهن. هو ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب بهادر سان مڪران جي ڏکئي سفر ۾ گڏ هو. ان کانسواءِ مون سان ۽ سنڌ جي ڪمشنر سان خليج فارس ۽ بغداد هليو. پوءِ سنڌ جي اولهائن جبلن ڏانهن هلي، اسان سان گڏ پنج مهينا گذاريائين. انهن ڏينهن ۾ هن سڄو انتظام يعني سنڌ جي ڪمشنر جي سنڌي ۽ فارسي دفترن جو پورو ڪاروبار سنڀاليو. اگرچه انهن ڏينهن ۾ هن شخص جا خيالات منتشر هوندا هئا. مگر عقل ۽ تحمل جي زور تي سمورين ذمه دارين کي سهڻي نموني سان پورو ڪيائين.

فقط تاريخ 13 مئي 1866ع (1282هه)

صحيح

ايم مليرل صاحب

رجسٽرار جنرل ۽ فرسٽ جڊيشنل

اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ

ستون ڪمشنر: هيولاڪ مرحوم صاحب بهادر (ايڪٽنگ)

سال 1283هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو ۽ سرڪاري ڪمن ڪارين سر انجام ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. مسٽر جان مور صاحب سندس اسسٽنٽ هو. زياده تر ڪاروبار دستوريءَ ريت تمام سهڻي نموني سان ڪندو رهيو. مگر ڪي وڏا ۽ اهم ڪم، جن جو نتيجو اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو يا اهڙيون ڳالهيون، جي سندس ايامڪاريءَ ۾ ٿيون، هت درج ڪيون ٿيون وڃن.

انهيءَ سال پوليس جي اڳوڻي طريقي ۾ ڪجهه ڦير ڦار ڪئي وئي ۽ پوليس جون پگهارون به وڌايون ويون. پهريائين پوليس جي ضلع آفيسرن کي، جي يورپين هوندا هئا، ”پوليس ڪپتان“ سڏيو ويندو هو ۽ ديسي آفيسرن کي رسالدار، صوبيدار، جمعدار، حوالدار، نائڪ، سپاهي ۽ سوار سڏيندا هئا ۽ وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ”فوجدار“ چوندا هئا. هاڻي نئين رٿ موجب پوليس جي ضلعي عملدارن کي جي يورپين هئا، ”ڊسٽرڪٽ سپرنٽنڊنٽ پوليس“ سڏيو ويو ۽ ديسي عملدارن کي (جي انهن جي ماتحت هئا) انسپيڪٽر، چيف ڪنسٽيبل ۽ هيڊ ڪنسٽيبل جهڙا  لقب ڏنا ويا. وڏن شهرن جي پوليس عملدارن کي ”ٽائون انسپيڪٽر“ نالو ڏنو ويو. مطلب ته فارسي ٻوليءَ جي لقبن کي انگريزي بوليءَ جي لقبن سان بدلايو ويو. بيشڪ ائين ئي ٿيڻ کپي. هر حاڪم ۽ بادشاه پنهنجي ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ ۾ مصلحت سمجهندو آهي.

1283هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ بمبئي جو گورنر سرفٽز جيرالڊ صاحب بهادر ۽ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر مسٽر مينسفيلڊ صاحب ڪراچيءَ تشريف آور ٿيا ۽ وري حيدرآباد کي پنهنجي تشريف آوري ۽ دَربار دربار (جتان موتين جي بارش ٿئي) منعقد ڪرڻ سان شرف بخشيائن ۽ پبلڪ کي خوش ڪيائون.

مٿئين سال (1283هه) ۾ صبح جي وقت آسمان کان زمين تي ڪي ستارا ڪريا. اهو پنجين بجي صبح جو وقت هو. سڄي زمين تي ڏينهن جهڙي روشني ڦهلجي وئي. راقم الحروف کي چڱي طرح ياد آهي، جو مان انهيءَ وقت جاڳي رهيو هوس.

1283هه مطابق 1867ع ۾ راقم الحروف کي، سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر جان مور صاحب جي سفارش تي چند سٺين خدمتن جي سر انجاميءَ جي صلي ۾ ڪمشنر صاحب جي آفيس جي ايوان ۾ دربار منعقد ڪري، هڪ سوني ولايتي ترار جي عطيه سان عزت بخشي وئي  ۽ (ڪمشنر صاحب) هڪ دلپزي تقرير ڪئي، جا نهايت ئي فيصح اردوءَ ۾ هئي، جنهن جو سنڌي ترجمو عوام جي واقيفت لاءِ جونيئر اسسٽنٽ ڪمشنر تحريرن مان پوندو:

منشي خدا داد خان کي انعام

(سنڌي اخبار ”سنڌ سڌار“ مؤرخه (پهرين آڪٽوبر

1827ع مطابق 1283هه تان ورتل)

19 سيپٽمبر 1827ع مطابق 1288هه ڇنڇر ڏينهن ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي منشيءَ کي سٺين خدمتن بجا آڻڻ سبب، سرڪار جي آفيس جي نشيءَ کي سٺين خدمتن بجا آڻڻ سبب، سرڪار جي پاران هڪ خاص ترار، جنهن تي سونهري ڪم ٿيل هو، مسٽر جان مور صاحب بهادر جي سفارش تي، سنڌ جي ايڪتنگ ڪمشنر مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر عطا فرمائي. ان وقت مسٽر جان مور صاحب جو سفارس نامو، جو انگريزيءَ ۾ فصيح هندوستاني زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ويو. جنهن جو اختصار بيان ڪيو ٿو وڃي:

(20 سيپٽمبر 1867ع مطابق 1283هه)

        ”منشي خدا داد خان 1853ع (1270) جي شروعات کان سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيون آهي. پهريائين هو جڊيشل مئجسٽريٽ صاحب شڪارپور جي آفيس ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. 1854ع (1271هه) ۾ ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب جي آفيس ۾ جاگيري شعبي ۾ داخل ٿيو جتي 1857ع (1274هه) تائين رهيو. جڏهن کان وٺي اها آفيس، سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾ شامل ڪئي وئي آهي، تڏهن کان منشي خدا داد خان اتي نوڪري ٿو ڪري. ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ انهيءَ آفيس جي شامل ٿيڻ وقت کيس ماهوار ٽيهه رپيا پگهارملندي هئي. ان کانپوءِ 1864ع (1280هه) کان کيس ويهه رپيا زياده ملڻ لڳا آهن. سال 1859ع (1276هه) ۾ هو ميجر گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو. پوءِ 1861ع (1278هه) ۾ ميجر هنري گرين صاحب سان گوادر ۽ اورماره (مڪران – بلوچستان) ويو. ساڳئي سال جڏهن ميجر گولڊ اسمڊ صاحب هڪ خاص ۽ اهم ترين ڪم سان مڪران ويو. ته به هو ساڻس گڏ هو. سال 1863ع (1279هه) ۾ هو، سنڌ جي ڪمشنر مسٽر مينسفيلڊ صاحب بهادر سان گڏجي خليج فارس ۽ دجلي درياء مان لنگهي بغداد ويو، جتي هن نهايت ئي اهم خدمتون بجا آنديون. مثلاً فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي ترجماني. سال 1864ع (1280هه) ۾ هيءُ ڪلارڪ انهيءَ ڳالهه جي لائق سمجهيو ويو، جو سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب بهادر کيس منتخ ڪيو ۽ هن کي پاڻ سان ڏگ ”دارالهاره جبل“ (بلوچستان) ڏانهن وٺي ويو. جتي پنج مهينا رهي پاڻ کي وڌيڪ لائق ثابت ڪيائين ۽ اتي مقرر ڪيل ۽ اڻ مقرر ڪيل (ڊيوٽي کان علاوه) خاص خدمتون بجا آندائين. انهن خدمتن جي عيوض کيس پنجاه رپيا انعام ڏنا ويا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنر جي خيال ۾ اهو انعام پورو نه آهي ۽ منشي خدا داد خان رڳو انهيءَ انعام جو مستحق نه آهي. هيء منشي هڪ با اخلاق ماڻهو آهي ۽ وٽس اهي تحريرون موجود آهن، جي وقت بوقت اعليٰ عملدارن، سندس نيڪ نامي خاطر کيس لکي ڏنيون آهن، جن جي ماتحت رهي، هن نوڪري ڪئي آهي. جڏهن ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي اصلاح جي اسڪيم پيش ٿي هئي، ته ان ۾ منشي خدا داد جي لاءِ اسي رپيا ماهوار رٿيا ويا هئا. مگر اها اسڪيم منظوريءَ کان رهجي وئي؛ جنهنڪري کيس اڄ تائين اها اصلي پگهار ملندي رهي ٿي، جا اڳ ۾ ملندي هيس. جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪي اهم مشڪل ڪم درپيش اچن يعني ڪنهن غير آباد ملڪ جون ڊگهيون ۽ وڏيون منزلون طي ڪرڻيون پون، ته اهو ئي ماڻهو يعني خدا داد خان آهي، جنهن کي منتخب ڪرڻ گهرجي. هن جي منهن تي هميشه مُرڪ هوندي آهي ۽ هو نياز ڪيش ۽ بامروت (اوبلائيجنگ) ماڻهو آهي. انهيءَ ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سفارش ٿو ڪري ته اهڙين خدمتن جي عيوض هن کي هڪ ترار انعام ۾ ڏئي هن جي عزت افزائي ڪئي وڃي، ته سندس دل خوش ٿئي.

صحيح

جان مور صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ

هت ايڪٽنگ ڪمشنر صاحب بهادر جا تاثرات به بيان ڪيا ٿا وڃن:

        ”مان نهايت ئي خوشيءَ سان مسٽر جان مور جو تجويز ڪيل انعام ڏيان ٿو. پر ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو اهو انعام اڳيون ڪمشنر صاحب بهادر (مسٽر ايس مينسفيلڊ) ڏئي ها، جو منشي خدا داد خان جي خدمتن کان چڱي طرح واقف هو. اها ڳالهه سهڻي به لڳي ها ۽ منشي خدا داد خان کي به زياده خوشي ٿئي ها.“

صحيح

مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر

ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ

        انهيءَ فصيح، بليغ ۽ دلپذير تقرير کان پوءِ دربار ۾ موجود، مسٽر ايڇ. روز وزير صاحب (اسسٽنٽ ڪمشنر) ڏانهن منهن ڪري فرمايائين ته ”سڀني حاضرين کي واضح ڪري ٻڌايو ته جيڪو به شخص انگريز سرڪار جي چڱي طرح خدمت ڪندو، اهڙي عزت افزائي جو لائق ٿيندو.“ ان کانپوءِ پنهنجي هٿ سان منشي خدا داد خان کي ترار ڏنائين، جنهن تي منشي خدا داد خان انهيءَ انعام جو ۽ ٻنهي عالي شان صاحبن (ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر) جي مهربانين جو هيٺين ريت شڪريو بجا آندو:

منشي خدا داد خان جي، اردو ۾ ڪيل شڪر گذاري واري تقرير جو ترجمو

        ”مان، حضور ڪمشنر صاحب بهادر ۽ جناب مسٽر جان مور صاحب بهادر جي مهربانين لاءِ نهايت ئي شڪر گذار ۽ حد کان زياده احسانمند آهيان، جو مون جهڙي غريب ۽ عاجز کي منهنجن همسر ۽ هم جنس دوستن جي موجودگيءَ ۾ سرفرازي ۽ سر بلندي عطا ڪري، عزت افزائي عطا فرمائي اٿن. الله تعاليٰ اهڙن سردارن (حاڪمن) کي هميشه اهڙي بخت سان نوازي، جو سدائين قائم رهڻ وارو هجي. مان اميد ڪريان ٿو ته هميشه ايمانداري، خبرداري ۽ نمڪ حلالي سان نوڪري ڪندس. مون کي اڄوڪو مبارڪ ڏينهن ياد رهندو، جڏهن مان پان کي پنهنجن هم جنسن ۾ ممتاز ٿو سمجهان.“

        ان کان پوءِ ڪمشنر صاحب بهادر، منشي خداد داد خان کي مخاطب ٿي فرمايو ته ”جيئن اڳين عالي شان عملدار صاحبن (ڪمشنرن) جون خدمتون، اوهان ايمانداري ۽ هوشياريءَ سان بجا آنديون آهن، هن کانپوءِ به اُونئين ئي بجا آڻيندا رهندا.“

        منشي خدا داد خان ادب سان عرض ڪيو ته ”انشاء الله تعاليٰ جيستائين جئرو هوندس، انگريز سرڪار جي نوڪرن ۾ شامل جي برڪت سان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪندس.“

        پوءِ دربار برخواست ٿي ۽ سڀئي ماڻهو پنهنجين جاين تي ويا. معلوم ٿو ٿئي ته منشي خدا داد خان کي سيپٽمبر 1867ع (1284هه) جي پهرين تاريخ کان ٽيهه رپيا ٻين کاتن مان اضافو ڏنو ويو ۽ هڪ سؤ رپيا مسٽر جان مور صاحب بهادر جي طرفان اڳيان خدمتگذارين جي سبب انعام ڏنو ويو. بيشڪ، ”هر که خدمت کرد، او مخدوم شد.“

        هڪ سال کان زياد عرصي تائين عارضي ڪمشنريءَ جي ڪاروبار سر انجام ڪرڻ بعد مسٽر هيولاڪ بمبئي ڏانهن واپس ويو ۽ وڃڻ وقت راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي آفيس جي خاص ذاتي فائل ۾ هيٺيان اکر لکي ويو:

”منشي خدا داد خان هڪ هوشيار منشي آهي ۽ هر خدمت بجا آڻڻ ۾ چالاڪ ۽ مڙس ماڻهو. منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته وڏي آفيسريءَ جون ذمه داريون جهڙوڪ پوليس آفيسري، هن جي هٿان چڱي طرح سان سر انجام ٿي سگهنديون.“

جولاءِ 1868ع (1294هه).

صحيح

مسٽر هيولاڪ صاحب بهادر

ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ

        راقم الحروف جي باري ۾ پوليس آفيسريءَ جي تجويز هن ڪري ڏني اٿس، جو هڪ ڏينهن راقم الحروف، جهاز تان ٽپ ڏئي ڪناري تي پهتو ۽ سندس حڪم جي تعميل ڪيائين. انهيءَ وقت ڪو به پوليس آفيسر اتي موجود ڪو نه هو. انهيءَ صورت ۾ مان ائين نه ڪريان ها، ته سرڪاري ڪم ۾ گڙ ٻڙ پيدا ٿئي ها.

اٺون ڪمشنر: سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر

        سال 1284هه مطابق 1868ع جي آخر ۾ حبش جي ملڪ (افريقا) ۾ فتحيابيءَ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ کي زينت بخشيائين. جان مور صاحب بهادر سندس پهريون نائب (فرسٽ اسسٽنٽ) هو. سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر، حشمت جو صاحب ۽ جنگجو عملدارن منجهان هو. سنڌ کي چڱي طرح واقف هو. شروع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ وقت ”مياڻي“ ۽ ”دُٻي“ جي جنگين ۾ شريڪ رهيو. ڪيترائي سال سرحد سنڌ (جيڪب اباد) ۾ وڏي عهدي تي فائز هو. پنجاب، بلوچستان ۽ حبش ۾ وڏيون خدمتون بجا آنديون هئائين؛ جنهنڪري (يعني آزمودگار هجڻ سبب) ڪمشنريءَ جو ڪاروبار نهايت ئي جراءت ۽ همت سان بجا آڻيندو رهيو. پر ڪي وڏا ڪم، جي سندس عملداريءَ ۾ سر انجام ٿيا ۽ دنيا ۾ يادگار رهجي ويا، يا ڪي عجيب و غريب ڳالهيون، جي سندس حڪومت ۾ ٿيون، پڙهندڙن جي لاءِ مختصر طور تي هت درج ڪيون ٿيون وڃن:

پهريائين سنڌ ۾ تسريف اوريءَ شرط راقم الحروف کي سوني ترار عطا فرمايائين [1]. ان جي سنڌ جو نقل پيش ڪيو ٿو وڃي:

نمبر 5 جڊيشيل ڊپارٽمينٽ                  مُهر: محڪمه محتشهء صاحب

1868ع – 1284هه                   والا مرتب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ

مانَ وارا منشي خدا داد سلامت هجو

        نهايت ئي مهرباني ۽ خوشيءَ سان پنهنجي مهربان مسٽر جان مور صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ، جي سفارش تي هڪ سٺي ولايتي ترار، اوهان جي لائقيءَ جي ڪري ۽ اوهان جي انهن خدمتن جي ڪري اوهان کي انعام ڏني وئي آهي، جي اوهان سنڌ ۾ خواه ٻين ملڪن ۾ ڪمال هوشياريءَ ۽ ايمانداريءَ سان بجا آنديون آهن. اميد آهي ته اوهان هن انعام عطا ٿيڻ بعد، جو سرڪار جي پاران زياده عزت افزائي ۽ مهربانيءَ جو سبب آهي، سچائي ۽ وفاداريءَ کي پنهنجي مٿان واجب سمجهي هميشه سرڪار جي خير خواهيءَ ۾ مشغول رهندا.

فقط. تاريخ 16- سيپٽمبر 1868ع (28- جمادي اول 1284هه).

صحيح

سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر

ٽي پي ايس آءِ

ڪمشنر سنڌ

مٿين سالن ۾ سنڌ جي اندر ”آفيسل گزٽ“ جاري ٿي، جنهن جي ذريعي اڃا تائين آفيسرن کي سرڪاري خبرون ملنديون رهن ٿيون ۽ ان مان کين وڏو فائدو ٿو ٿئي.

روهڙي ۽ سکر جي بندرن (پتڻ) تي ٻيڙين جي عيوض جهاز مقرر ڪيا ويا، جن ۾ وڏو آرام ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي سلامتي آهي. اڃا تائين ساڳي ريت اهي جهاز مقرر آهن، جنهنڪري ماڻهو، مهران (سنڌونديءَ) جهڙي خطرناڪ درياء کان امن امان ۾ آهن ۽ سرڪار کي دعائون ڪندا ٿا رهن.

سال 1285هه سال 1869ع ۾ مارواڙ ۾ ڏڪار پيو. جنهنڪري اتان جا ماڻهو عمرڪوٽ، ريگستان ۽ ان جي اوسي پاسي (سنڌ ۾) اچي ويا ۽ بک جي ڪري پنهنجا ٻار وڪڻڻ لڳا، اگرچه هنن کي سرڪار جي پاران خوراڪ جي اميدا ڏني ٿي وئي، مگر انهن ماڻهن جي وڌيڪ امداد لاءِ ڪيترائي تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويا. جهڙوڪ ريگستان ۾ ڪي نونا واه کوٽايا ويا ۽ ڪشمور ۾ (درياء تي) بند ٻڌايو ويو، جنهنڪري ماڻهو مزدوري ڪري، پنهنجو گذارو ڪرڻ لڳا. (سنڌ ۾) سرڪاري ملازمن کي سندن لياقت آهر ڏڪار جي ڪري اضافا (ڏڪار الائونس) ڏنا ويا.

مٿين سالن (1285هه مطابق 1869ع) ۾ راقم الحروف هڪ سؤ پنجٽيهن رپين ماهوار پگهار سان ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ پهرئين درجي جي منشي گيري (هيڊ منشي) جي جاءِ ڏني وئي. از انسواءِ رجسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ به منشيءَ جي جاءِ ڏني وئي، جنهن جو ثبوت انهيءَ تحرير مان ملندو، جنهن جو ذڪر مناسب موقعي تي ڪيو ويندو. ان کان علاوه ڪن اسڪول ۾ امتحانن جي موقعي تي جيڪا مدد مون کان ورتي ويندي هئي، انهيءَ جي عيوض به ڪجهه ملندو رهندو هو.

مٿين سالن ۾ فريئر هال (ڪراچي) ۾ هڪ عجيب نمائش منعقد ڪئي وئي، جا سنڌ ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ماڻهن جي گهرو هنر جي باري ۾ هئي ۽ هڪ هفتي تائين جاري رهي. جنهنڪري ماڻهن ۾ عجيب و غريب هنرن جو شوق پيدا ٿيو ۽ هو مختلف قسمن جي شين جي خريد و فروخت ڏانهن متوجه ٿيا.

مٿين سالن ۾ هڪ حڪم صادر ڪيو ويو، ته سنڌ جي اندر خواه ڪوهستان ۽ ان جي اوسي پاسي قديم ۽ مشهور تاريخ خدا داد خان (راقم الحروف) جي هٿان تيار ٿيڻ گهرجي. انهيءَ حڪم جي ڪري، ڪراچي ضلعي مان (1) پير حاجي منگهي (2) شاه بلاول (3) لاهور لامڪان (4) دروات ۽ (5) رني ڪوٽ وغيره حيدرآباد ضلعي مان (1) نصيرپور (2) ٽنڊو فضل ٽالپر (3) مخدوم نوح (4) رهمڪي بازار ۽ (5) اُڏيرو لعل وغيره ۽ شڪارپور ضلعي مان (1) خواجه خضر (2) معصوم شاه جو منارو (3) شاه خير الدين (4) قاسم خاني ۽ (5) بکر جي قلعي وغيره جو احوال درجي بدر جي لکي، ڪمشنر صاحب جي خدمت ۾ عرض رکيو ويو، جو سرڪار جي مترجم کان انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي ڇپايو ويو ۽ سنڌ جي عملدارن کي ڏنو ويو ۽ لنڊن ڏانهن سر بارٽل فريئر صاحب بهادر کي موڪليو ويو. جنهن جا ڪيترائي نسخا (ڪاپيون) سنڌي خواه انگريزيءَ ۾ راقم الحروف وٽ موجود آهن.

سال 1286هه مطابق 1870ع ۾ بلوچستان جي سردارن بولان جي دره ۽ مٺڙيءَ جي وچ ۾ خان صاحب واليءَ قلات جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. افغانستان ۽ بلوچستان جي سوداگرن ۽ قافلن کي ڦريائون لٽيائون، جنهنڪري هندوستان جي سرڪار بلند اقتدار (وائسراءِ) جي حڪم موجب انهن جهڳڙن جي تصفيه لاءِ خاص طور تي (سنڌ جي ڪمشنر صاحب کي) مقرر ڪيو ويو. اٽڪل چار مهينا جيڪب آباد ۾ تنبو کوڙائي، انهن ۾ قيام ڪيائين ۽ خان قلات جي وزير ملاولي محمد شاه غاصي (اشڪ اقاسي) ۽ سرادان جي سردار ملا محمد رئيساني جي روبرو تمام سهڻي نموني سان (سڀئي جهڳڙا) فيصل ڪيائين. ايتريقدر جو سڀئي ڌريون سندس فيصلن تي راصي ٿيون ۽ انهيءَ مشڪل معاملي ۾ راقم الحروف کي خصوصيت سان خدمتگذاريءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو. اهو اٺون ڀيرو هو، جو راقم الحروف کي انهيءَ خاص خدمت لاءِ مامور ڪيو ويو.

مٿين سالن ۾ سرحدي علائقي ۾ رهندڙ بلوچ قومن لاءِ جرگي جا قاعدا تيار ڪري، انهن جي منظوري (هند سرڪار کان) ورتائين، جن مان اڃا تائين فائدو حاصل ڪيو پيو وڃي. بلوچستان جا ماڻهو انهن تجويزن جي ڪري بي حد خوش آهن.

انهن ئي ڏينهن ۾ ”شهداد واه“ عرف ”سکر واه“ ۾ جيڪا ڦير گهير ڪرڻي هئي، سا پوري ٿي ۽ واه کوليو ويو.

سال 1287هه مطابق 1871ع جي شروع ۾ جڏهن ويلي صاحب بهادر سنڌ (ڪمشنر صاحب جو) اسسٽنٽ هو، ”ڪشمور بند، تان آفيس جي سڀني ملازمن کي حڪم ڪيو ته سکر پهچي، اتي ترسن ۽ انتظار ڪن ۽ پاڻ (ڪمشنر صاحب) جهاز جي ذريعي ٻين صاحبن سان گڏجي ۽ راقم الهروف کي ساڻ ڪري (اهو نائون ڀيرو هو، جو راقم الحرو کي خاص خدمت لاءِ مامور ڪيو ويو) بهاولپور جي شهر ”چاچڙان“ ۾ پهتو ۽ اتي پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر صاحب بهادر سان ملي (ٻئي ڄڻا) مٺڻ ڪوٽ ۾ آيا ۽ سنڌ جي حدن جي مقرريءَ جو فيصلو ڪري (سنڌ جو ڪمشنر) سکر ۾ موٽي آيو. مٺڻ ڪوٽ ۾ پنجاب جي مزاري قوم جي سردار ۽ تمندار نواب سر امام بخش خان صاحب بهادر مهمانداريءَ جا فرائض بجا آڻي، خوش ڪيو.

مٿئين سال جي آخر ۾ (ڪمشنر صاحب) ڪراچيءَ کان ڪن معززن سان گڏجي ۽ راقم الحروف کي ساڻ ڪري، ڪوٽڙي پهتو ۽ اتان جهاز تي سوار ٿي، ڏينهن رات سفر ڪندي، ملتان جي ڀرسان شير شاه بندر (پتڻ) تي لنگر انداز ٿيو ۽ اتان ريل تي چڙهي ملتان آيو ۽ هندوستان جي فرمان فرما (گورنر جنرل وائسراء) جناب لارڊ نارٿ بروڪ صاحب بهادر سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ مسٽر جيمس صاحب بهادر سندس اسسٽنٽ هو. ملتان کان عزت ماب وائسراءِ صاحب بهادر  سان گڏجي (ڀنگ بهاره“ جي ڪيمپ ۾ پهچي، رات جو بهاولپور جي والي خان صاحب صبح صادق صاحب بهادر جا مهمان ٿيا. پوءِ ڪشمور جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتان خشڪيءَ جي رستي ارادو ڪيائون ته جيڪب آباد کي پنهنجي تشريف اوريءَ جي شرف سان نوازين، مگر اتفاق اهڙو ٿيو، جو صاحب موصوف کي تپ ٿي پيو، جنهن کي ”ويگو“ سڏيو ويندو آهي، جنهنڪري جهاز تي سوار ٿي سکر جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتي قلات جي والي خان خدا داد خان صاحب بهادر ۽ خيرپور جي والي مير علي مراد خان صاحب بهادر سان ملاقاتون ڪري ۽ سوکڙيون پاکڙيون ڏئي وٺي، انهيءَ ئي جهاز ۾ حيدرآباد جي بندر (پتڻ) تي پهتا ۽ اتان گهمي ڦري، ڪراچيءَ ۾ رونق افروز ٿيا ۽ ”فريئر هال“ ۾ دربار منعقد ڪري، عزت ماب گورنر جنرل ۽ وائسراءِ صاحب بهادر بمبئيءَ تشريف فرما ٿي ويو ۽ باقي صاحب سنڌ ۾ پنهنجين جاين تي برقرار رهيا. انهيءَ سفر ۾ راقم الحروف ساڻ هو ۽ اها منهنجي نائين خصوصي خدمت هئي.

 سال 1288هه مطابق 1872ع ۾ هندوستان جي فرمان فرما گورنر جنرل ۽ وائسراءِ لارڊ ميو صاحب بهادر جي قتل جي خبر سنڌ ۾ مشهور ٿي.

مٿئين سال ۾ لس ٻيلي جو حڪمران ڄام مير خان، خان قلات جي وزير ملاولي محمد شاه غاصيءَ جي جنگ کان ڀڄي، ڪراچي آيو ۽ سنڌ سرڪار جي نظر بنديءَ هيٺ رهيو.

سال 1289هه مطابق سال 1874ع ۾ بلوچستان جا ڪي حصا، جي سنڌ فتح ٿيڻ واري زماني کان وٺي، سنڌ جي ڪمشنر جي ماتحت هئا، سنڌ کان جدا ڪري، بلوچستان جي اي جي جي (بلوچستان ۾ هندوستان جي گورنر جنرل جي ايجنٽ) جي ماتحت ڪيا ويا ۽ انهن ڏينهن ۾ هندوستان جو فرمان فرما (گورنر جنرل ۽ وائسراءِ) لارڊ ليٽن صاحب بهادر پنجاب کان جيڪب آباد سنڌ ۾ تشريف آور ٿيو ۽ سنڌ کي عزت بخشيائين.

سال 1289هه مطابق 1874ع جي آخر ۾ بمبئيءَ جو گورنر سر فلپ ووڊ هائوس صاحب بهادر پنجاب کان ڪشمور ۾ تشريف آور ٿيو ۽ خشڪيءَ رستي سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ميهڙ ۽ سيوهڻ جو سير ڪري، سيوهڻ جي بندر (پتڻ) تان جهاز تي سوار ٿي حيدرآباد پهتو ۽ اتان جون اهم جڳهيون، عجيب و غريب شيون ۽ 1260هه مطابق 1843ع وارو ميدان جنگ ڏسي، ڪراچي آيو ۽ اتي عام دربار منعقد ڪري، بمبئيءَ روانو ٿي ويو ۽ سنڌ جا عملدار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قائم رهيا.

 انهي ئي سال ڪوٽڙي کان وٺي ملتان تائين مهراڻ درياء (سنڌو ندي) جي کاٻي ڪپ تي ريل گاڏي هلڻ شروع ٿي.

سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سرڪار بلند اقتدار مقروض جاگيردارن ۽ زميندارن کي قرض کان آزادي ڏيارڻ خاطر قاعدو منظور ڪيو. پهريون ڀيرو انهيءَ قاعدي جي شروعات ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر جي ڪوشش ۽ محنت سان ٿي، جڏهن هو ضلعي سيوستان (سيوهڻ) جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو. ان جي ڪري ڪيترن ئي جاگيردارن، زميندارن ۽ ڪاشتڪارن کي فائدو حاصل ٿيو، جنهنڪري هو سرڪار نامدار جي، اُن وقت جي عملدارن جا ڳُڻ ڳائڻ لڳا. مگر شنوائي جي مدت تمام ٿوري يعني ڇهه مهينا کن مس هئي، انهيءَ ڪري سڀئي مستحق جاگيردار اُن مان پورو فائدو حاصل ڪري نه ٿي سگهيا ۽ ڪي محروم رهجي ويا.

سال 1290هه مطابق 1875ع ۾ سر مير علي مراد خان پنهنجي مختصر عملي سميت پرنس آف ويلس صاحب بهادر سان ملاقات لاءِ بمبئيءَ ويو.

سال 1291هه مطابق 1876ع ۾ راقم الحروف جي لاءِ هندوستان جي سرڪار نامدار کي نيڪ ناميءَ جي پرواني عطا ڪرڻ جي سفارش ڪيائين، جا هيٺين تحرير مان، جا انگريزيءَ جو ترجمو آهي، پڙهندڙن کي معلوم ٿيندي.


[1]  هت هيءَ اکر وڌائڻ کپندا هئا، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي (ن . ب).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org