(4) سال 1866ع ۾ مسٽر ميلول صاحب
هيٺينء ريت لکيو هو. ”مون کي منشي خداداد خان جي
باري ۾ هيءُ نوٽ لکندي، بي حد خوشي ٿي ٿئي ته هو
وڏو ذهين منشي ۽ هڪ بهترين ورڪر آهي. هو مسافريءَ
کان خواه سخت ڪمن کان نٿو ٿڪجي. هن جون خدمتون
نهايت ئي مفيد آهن. بنسبت هندو منشين جي، جيڪي
بالڪل بي ڪار آهن. هيءُ شخص هڪ سفر ۾، جو بالڪل
ڏکيو هو، ڪرنل گولڊ اسمڊ صاحب سان گڏجي مڪران
ڏانهن ويو هو ۽ پوءِ ڪمشنر صاحب (گولڊ اسمڊ) ۽ مون
سان گڏجي خليج فارس ۽ بغداد هليو. ان کانپوءِ اسان
سان گڏجي سنڌ جي اولهائن جبلن ڏانهن هليو ۽ اتي
اسان سان پنج مهينا گذاريائين ۽ انهن ڏينهن ۾
ڪمشنر جي آفيس جا سمورا معاملا به سهڻي نموني سان
نباهيائين. جيتوڻيڪ انهن معاملن جي سر انجاميءَ ۾
هن کي وڏيون تڪليفون پهتون، مگر هن انهن کي انتها
درجي جي صبر، تحمل ۽ سياڻپ سان برداشت ڪري، پاڻ کي
سرخرو ڪيو.
(5) سال 1881ع ۾ مسٽر ارسڪين صاحب هنجي لاءِ سفارش ڪئي ته کيس
ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر مقرر ڪيو وڃي ۽ انهيءَ
سفارش ۾ لکيائين ته:
”خان صاحب خداداد خان 1853ع کان سرڪاري نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو آهي
۽ سڀني عملدارن (ڪمشنرن) جن جي ماتحت منشيءَ جي
حيثيت ۾ خدمتون بجا آنديون اٿس، هن جي بي حد تعريف
ڪئي آهي، سال 1855ع ۾ سر ايف جي گولڊ اسمڊ صاحب جي
ماتحت جاگيري ۽ سياسي ڪم ڪندو رهيو. ان کانپوءِ
خاص خدمتن جي سلسلي ۾ ساڻس گڏجي مڪران ۽ جيسلمير
ويو. سر ايف جي گولڊ اسمڊ صاحب سر ليوس پيلي صاحب،
سر هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر ميلول
صاحب ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سندس سهڻين عادتن،
چڱي چال ۽ بهترين خدمتن جي تعريف ڪئي آهي ۽ کيس
اضافو ڏيڻ جو لائق ٺهرايو اٿن. سال 1868ع ۾ سندس
حسن خدمت سبب کيس دريار عام ۾ هڪ عمدي ترار انعام
طور ڏني وئي، ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سنڌ کان
روانگيءَ وقت هن جي لاءِ هيء نوٽ ڇڏيوهو. ”مان
ڏاڍو خوش ٿيان ها، جيڪڏهن هن کي (خداداد خان کي)
ڪنهن وڏي منصب تي سٺي پگهار کڻندڙ ڏسان ها. مگر
بدقسمتيءَ سان مون کي اهڙو مناسب موقعو ملي نه
سگهيو: تنهنڪري مان پوري خاطريءَ سان اها ذمه داري
پنهنجي جانشين جي مٿان رکي ٿو وڃان.“
(6) سال 1883ع ۾ خان بهادر خداداد خان کي (انهن ڏينهن ۾ هن کي
اڃا ڪو به لقب نه مليو هو) هڪ خاص خدمت سپرد ڪئي
وئي يعني سنڌ جي جاگيرن جي تواريخ جي تياري، جنهن
ڪري کيس پراڻي فارسي رڪارد جي پوري پوري ۽ اعتماد
جوڳي واقفيت آهي.
(7) سال 1888ع ۾ کيس ”خان صاحب“ جو لقب ڏنو ويو. انهيءَ وقت (2
آگست 1888ع) سر چارلس پرچرڊ صاحب (ڪمشنر سنڌ) چيو
ته ”خان صاحب خداداد خان سرڪار جو جهونو ملازم
آهي. هن جي ملازمت 35 سالن جي عرصي کان زياده آهي
۽ سندس ملازمت جو گهڻو عرصو ڪمشنر صاحب جي افيس ۾
گذريو ويو آهي. جوانيءَ جي زماني ۾ ڪن سياسي
معاملن جي سلسلي ۾ چڱي مسافري ڪئي اٿس. انهن مان
ڪي معاملا اهڙا به هئا، جن ۾ سندس حياتيءَ کي
نقصان پهچڻ جو انديسو هو. انهن ڳالهين کان قطع
نظر، مون کي هن جي گذشته ملازمت جي باري ۾ انتها
درجي جي خوشي ٿي ٿئي (جڏهن مان ڏسان ٿو) ته هن جي
هٿان ڪهڙا ڪهڙا نازڪ ڪم سر انجام ٿيا آهن. حالانڪه
هن جو واسطو فقط سياسي ڪمن سان هو. ملڪه معظمه ۽
قيصرهء هند (وڪٽوريه) جي جبليءَ جي زماني ۾ هن کي
انهيءَ لقب ڏيڻ واسطي درخواست ڪئي وئي هئي پر
انهيءَ لقب جو انعام هن جو آخري انعام نه آهي. ڇو
ته هن جي خدمتن جو سلسلو (ملازمت) اڃا جاري آهي.
اهو انعام محض هڪ علامت آهي هن جي ڊگهي ۽ بهترين
خدمات جي اعتراف جو.
(8) سال 1892ع ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب سرڪار کي سفارش ڪري، هن
کي ”خان بهادر، جو خطاب انهيءَ ڪري ڏياريو، جو هو
گهڻي عرصي تائين (ڪمشنر جي آفيس ۾ رهڻ سبب سنڌ جي
معززن کان چڱي طرح واقف آهي ۽ اهي ماڻهو، جي ڪمشنر
جي آفيس ۾ ايندا رهن ٿا، انهن جي شرافت، لياقت ۽
سندن خدمتگذارين جي ڄاڻ رکي ٿو ۽ اهڙين نازڪ
ڳالهين کان باخبر ڪرڻ سبب ڪمشنر جي آفيس ۾ هن جو
رهڻ بي هد قيمتي آهي، ايڏو قيمتي، جو اُن جو
اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي.
(9) 1896ع جي اپريل جي آخر ۾ آنريبل مسٽر جيمس صاحب هڪ ارادو
ڪيو هو، جو هن سرڪار کي بروقت لکڻ مناسب نه
سمجهيو، پر اُن جي متعلق پنهنجي آفيس ۾ نوٽ
ڇڏيائين ته”جڏهن خان بهادر (خداداد خان) پينشن تي
وڃي ۽ اُنهيءَ وقت، مان سنڌ جو ڪمشنر نه هجان، ته
به سندس ايمانداري ۽ بهترين خدمتگذاريءَ سبب، جي
نهايت ئي مفيد ثابت ٿيون آهن، هو خاص انعام جو
لائق ۽ حقدار آهي، بشرطيڪ آخر تائين ساڳئي نموني
نوڪري ڪندو رهي، جيئن هن وقت تائين ڪندو رهيو آهي“
وري جولاءِ 1898ع ۾ پنهنجي آفيس ۾ هيءَ نوٽ
ڇڏيائين ته ”خان بهادر خداداد خان جڏهن پينشن تي
ويندو ته سر بارٽل فريئر صاحب جي حڪمرانيءَ جي
زماني جا راز (يعني انهيءَ وقت کان وٺي اڄ تائين
جا راز) ۽ علم ۽ معلومات جي خزاني جون صندوقون پاڻ
سان کڻي ويندو.“
(10) انهن ڳالهين جي مان اميد رکان ٿو ته بمبئيءَ سرڪار، هند
سرڪار کي سفارش ڪندي، خان بهادر خداداد خان کي
جاگير ڏيڻ جي باري ۾ جنهن جي سفارش هتان ڪئي وئي
آهي. هن کان اڳ ۾ به خان بهادر فيض محمد خان ڊپٽي
ڪليڪٽر کي جاگير ڏني وئي هئي، جڏهن هن پينشن ورتي
هئي. ملاحظه ٿئي سرڪار جو حڪم نمبر 5186 مؤرخه 23
فيبروري 1892ع.
(11) خان بهادر فيض محمد خان جي نوڪريءَ جو عرصو 36 سال هو ۽
خداداد خان جو 45 سال آهي. فيض محمد خنا کي هڪ
هزار ايڪڙ جاگير عطا ڪئي وئي هئي ۽ خداداد خان جي
لاءِ مان فقط ٽي سؤ ايڪڙن جي سفارش ٿو ڪريان ۽
هونئن به تجويز ڪيل زمين سندس قبضي ۾ آهي.
(12) مان اميد ٿو ڪريان ته بمبئي سرڪار منهنجي تجويز کي پسند
ڪري، هند سرڪار کي سفارش ڪندي.
صحيح
آر. جائيلس
ايڪٽنگ ڪمشنر سنڌ
5.سال 1312هه مطابق 1898ع جي آخر ۾ (مسٽر جائيلس) ڪراچيءَ کان
مختصر عملو ساڻ ڪري نڪتو ۽ سنڌ جي اڪثر ضلعن جو
دورو ڪيائين. پهريائين نوشهروفيروز ۾ پهتو. سڄي
ضلعي جا ڳوٺ ۽ گهر پنهنجين اکين سان ڏٺائين ۽ هر
شيءِ آباد، غير آباد، ڪلر، نهري پاڻي ۽ هُرلن ۽
کوهن وغيره جي پاڻي جو معائنو ڪرڻ بعد، سرڪاري ڍل
بست ڪرڻ جي باري ۾ تجويزون تيار ڪيائين. پوءِ سکر
۽ شڪارپور ويو ۽ اتي به اهڙيون ئي تجويزون تيار
ڪيائين. اها سڄي محنت ۽ ڪوشش رعيت جي ڀلائي خاطر،
جا خالق اڪبر جي مخلوق آهي، پاڻ تي هموار ڪيائين.
راقم الحروف، سواءِ هڪ ڪمشنر کي اهڙو جفاڪش ۽
محنتي نه ڏٺو آهي، سواءِ هڪ ڪمشنر مسٽر جيمس صاحب
جي جڏهن هو روهڙيءَ ويو ته اتي رهي، روهڙي تعلقي
جي ڳوٺن جو بالڪل اهڙيءَ ريت ئي معائنو ڪيائين ۽
ائين ئي سرڪاري ڍل مقرر ڪيائين. نه ته وڏا عملدار
(ڪمشنر) جي گويا سنڌ جا بادشاه هئا، پنهنجي سر
ايڏي محنت ۽ مشقت ڪرڻ پسند نه ڪندا هئا. (حقيقت هي
آهي ته) خدا ترسيءَ نيڪ نيتيءَ ۽ رعيت پروريءَ جو
راز اهڙي ئي محنت ۽ مشقت ۾ پوشيده آهي (جهڙي جيمس
صاحب ۽ جائيلس صاحب ڪئي) ۽ حاڪمن تي رعيت جو اهڙو
حق به آهي، جو کين ادا ڪرڻو آهي.
سال 1316هه مطابق 1899ع جي شروع ۾ طاعون جي بيماريء ڪراچي جي
شهر جي مٿان ٽيون دفعو اچي ڪڙڪي. جائيلس صاحب هن
منحوس بيماريءَ جي مقابلي ۽ خاتمي لاءِ خوب ڪوشش
ڪئي ۽ تمام زبردست اُپاءَ ورتائين، جنهنڪري بيماري
ڪراچي شهر کان ٻاهر نه نڪتي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽
ڳوٺن ۾ نه پکڙي. البت ڪراچيءَ ۾ ماڻهن کي لڏ پلاڻ
سبب تڪليفون پهتيون ۽ پئسو به خرچ ٿيو، مگر هنن جي
صحت ۽ حياتي بچي ۽ حڪمرانن جو اصلي مقصد به اهو ئي
هو.
آنريبل جيمس صاحب جو پنجون ڀيرو اچي چارج وٺڻ
27 ذوالقعد 1312هه مطابق 6 اپريل 1899ع بامبي ڪائونسل
جي ممبريءَ کان فارغ ٿيڻ بعد ڪجهه ڏينهن هندوستان
جي وڏن شهرن جو سير سياحت ڪيائين ۽ اتان جون عجيب
و غريب شيون ڏسي، ريل گاڏيءَ جي رستي ڪراچيءَ آيو
۽ ڪمشنري بنگلي کي پنهنجي قيام پذيريءَ سان رونق
بخشيائين، انهي موقعي تي ايڪٽنگ ڪمشنر مسٽر
آرجائيلس صاحب، جيمس صاحب جي شخصيت جي اهميت سبب
ڪراچي شهر جي اڪثر معززن مثلاً يورپين (جي ڪراچيءَ
۾ رهندا آهن) پارسين، مسلمانن ۽ هندن کي دعوتناما
موڪلي، ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي ايوان ۾ هڪ شاندار
جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ هر قسم جي جي کاڌي پيتي،
ميوي، مٺائي، برف ۽ شربت وغيره جو بندوبست ڪيل هو.
اگرچه راقم الحروف به دستوريءَ ريت دعوتنامي جي
ذريعي مدعو هو، تاهم مسلمانن کي کارائڻ پيارڻ جو
سڄو انتظام راقم الحروف جي هٿ ۾ هو. هيءَ هڪ سٺي
مجلس هئي. انهيءَ موقعي تي مسٽر جائيلس صاحب
پنهنجي اسستنٽ مسٽر وان صاحب ۽ راقم الحروف سميت
دروازي تي موجود هو ۽ دعوت تي آيل معزز مهمانن جو
جيمس صاحب سان تعارف ڪرائي رهيو هو. سڀئي مهمان
نهايت ئي خوش ٿيا ۽ خورد نوش، انگريزي ساز ٻڌڻ ۽
ٻين عجيب و غريب تماشن ڏسڻ بعد ستين بجي شام جو
پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. اهو دلي محبت جو
هڪ شاندار مظاهرو هو، جو انهيءَ مجلس ۾ ڪيو ويو.
1. ذوالقعد 1316هه جي آخري تاريخ، جا مطابق هئي 12 اپريل 1899ع
جي، ڪراچي جي فريئر هالم هڪ تمام وڏو جلسو منعقد
ٿيو، هن مقصيد سان ته، سنڌ جي باشندن کي اها ڳالهه
چڱي طرح ذهن نشين رهي ته آنجهاني سربارٽل فريئر
صاحب سال 1268هه مطابق 1851ع کان سال 1276هه مطابق
1859ع تائين سنڌ جي ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز هو ۽
هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ جي سڌاري، تعمير ۽
ترقيءَ جي لاءِ تمام چڱا ڪم ۽ نهايت ئي سهڻا
بندوبست ڪيا، جن مان گهڻن جو احوال مٿي سندس دور
حڪومت جي زڪر ۾ ڪيو ويو آهي ۽ پنهنجي سرڪاري فرض
ادائي جو عرصو پورو ڪرڻ بعد ولايت ويو ۽ اتي راه
رباني وٺي ويو. انهيءَ موقعي تي فريئر صاحب جي
اهليه محترمه، سندس هڪ خوبصورت قد آدم تصوير فريئر
هال ۾ يادگار طور رکڻ لاءِ موڪلي.
2. آنربيل جيمس صاحب ڏاڍو سياڻو ۽ اهڙين تقريبن منعقد ڪرڻ جو
شائق هوندو هو. جنهنڪري انهن معزز ماڻهن کي به جي
فريئر صاحب کي سڃاڻندا هئا، ڪراچيءَ جي ايڪٽنگ
ڪليڪٽر مسٽر جي. سليڊن صاحب جي معرت ڪراچي
ميونسپالٽيءَ جي پاران دعوتناما ارسال ڪرائي، مدعو
ڪيائين ۽ انهيءَ يادگار تقريب ۾ سڀني معزز مهمانن
کي ڪرسين تي ويهاريائين، جنهن کي جهنڊين سان
سينگاريو ويو هو. آنريبل جيمس صاحب، ايڪٽنگ ڪمشنر
جائيلس صاحب، ڪن معزز يورپين ۽ نامور شخصيتن سان
گڏجي ڊائيسن تي ويٺو، جا ٻين حاضرين جي نشست گاه
کان ٻه هٿ کن بلند ٺاهي وئي هئي.
پوءِ جيمس صاحب اٿي، حاضرين مجلس کي خطاب ڪيو ۽ آنجهائي فريئر
صاحب جي ڪار گذارين جي واکان ڪيائين. فزيئر صاحب
سان جن ماڻهن جي دوستي ۽ ڄاڻ سڃاڻ هئي، انهن جو
ذڪر به ڪيائين ۽ سندن نالن کڻڻ وقت راقم الحروف جو
نالو به کنيائين. جيمس صاحب جنهن وقت تقرير ڪري
رهيو هو، انهيءَ وقت راقم الحروف هن جي بلڪل ويجهو
۽ سندس اکين آڏو بيٺل هو. راقم الحروف، فريئر صاحب
کي چڱي طرح سڃاڻندو هو ۽ سندس ماتحتيءَ ۾ ڪيتريون
ئي خدمتون سر انجام ڪيون هئائين. انهيءَ ڪري جيمس
صاحب، راقم الحروف ڏانهن اشارو ڪندي، چيو ته خان
بهادر، جو هت حاضر آهي ۽ منهنجو پراڻو دوست آهي،
انجهاني فريئر صاحب جي حڪمراني جي زماني کان وٺي
هن وقت تائين وڏو منشي آهي ۽ پنجيتاليهن سالن کان
وٺي تمام سهڻي نموني سان نوڪري ڪري رهيو آهي.
جيمس صاحب کانپوءِ ٻين صاحبن به تقريرون ڪيون ۽ پوءِ فريئر صاحب
جي اهليه جي موڪليل تصوير، فريئر هال جي ديوار تي
لڳائڻ بعد جلسو برخاست ڪيو ويو.
هن جلسي منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ معزز ماڻهن جي نالن ڏيڻ ۽ کين
دعوتنامن موڪلڻ ۾ راقم الحروف کان مدد ورتي وئي
(ملاحظه ڪريو اپريل 1899ع جون انگريزي اخبارون).
3. پهرين ذوالحج 1316هه مطابق 13 اپريل 1898ع پنجين بجي شام جو
جيمس صاحب سڀني زيردست آفيسرن کي ڪمشنريءَ ۾
گهرائي، انهن مان معززن سان موڪلاڻيءَ جو هٿ
ملايو، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو ۽ باقي ملازمن
کي زبان سان ”خدا هافظ“ چئي ۽ گهوڙا گاڏيءَ تي
سوار ٿي، ڪياماڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ڪياماڙيءَ
جي بندرگاه کي رونق بخشي، وڌيڪ رونقدار بڻايائين.
اگرچه راقم الحروف سان اڳ ۾ ئي هٿ ملائي خدا حافظ
چيو هئائين. تاهم راقم الحروف جو سندس مروت ۽ شفقت
سبب سندس ٿورائتو هو، پنهنجي گهوڙا گاڏيءَ کي سندس
گهوڙا گاڏيءَ جي پٺيان آڻي، ٻين يورپي ۽ سنڌي
معززن سان گڏجي کيس دوباره خدا حافظ چيو. سنڌ جا
باشندا جيئن ته سندس حسن سلوڪ جي ڪري سندس
احسانمند هئا، انهيءَ ڪري مٿس گلن جي ورکا ڪري،
کيس ڏاڍو خوش ڪيائون ۽ راقم الحروف به سڀني معززن
جي روبرو وڏي اشتياق ۽ جوش خروش سان هيءُ بيت
پڙهيو:
بسفر فتنت مبارکباد،
بسلامت روي و باز آئي.
(تنهنجي سفر تي روانگي شال مبارڪ ثابت ٿئي، خير سان وڃين ۽ خير
سان موٽي اچين).
بيشڪ، اهڙو رعيت نواز، زيردستن تي مهربان ۽ عوام مان
ايڏي مروت ۽ خوش خلقيءَ سان پيش اچڻ وارو ٻيو ڪو
به حاڪم نه هوندو. سر دست هو (جيمس صاحب) سرچارلس
اليونٽ صاحب جي جاءِ تي بامي ڪائونسل جو ايڪٽنگ
ميمبر مقرر ٿيو آهي. مگر الله تعاليٰ جي بارگاه
مان قوي اميد آهي ته هو انهيءَ دل گهرئي عهدي تي
مستقل طور تي فائز رهندو (آمين ثم آمين).
مسٽر جائيلس چوٿون ڀيرو ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو
(1) ذوالحج 1316هه مطابق مئي 1898ع ۾ حضرت پير بابرڪت مولانا و
مرشدنا مرحوم پير غلام محي الدين صاحب جيلاني عليه
الرحمت راڻيپور (رياست خيرپور) ۾ رحلت فرمائي (انا
الله وا انا اليه راجعون). پير صاحب وصوف سنڌ ۾
رهندڙ جيلانين جو سردار هو. سندس جانشين سندس وڏو
فرزند پير محمد صالح شاه صاحب ٿيو ۽ پنهنجي آبائي
مسند تي رونق افروز ٿيو.
(2) هلندڙ سال (1616هه مطابق 1899ع) ۾ بمبئي سرڪار وٽان انهيءَ
سفارش جو جواب آيو، جا راقم الحروف جي پينشن بابت
هئي ۽ جنهن جو احوال مٿي آنريبل جيمس صاحب بهادر
جي ڪار گذارين ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ته سرڪار
نامدار جي جاري ڪيل قانون موجب ضروري آهي ته جنهن
وقت سرڪاري ملازم، سرڪاري ملازمت کان رٽائر ڪري،
انهيءَ وقت سندس حقن ۽ خدمتن تي نظر ڪئي وڃي.
(3) محرم الحرام سال 1317هه مطابق جون 1899ع ۾ راقم الحروف،
سرڪاري خدمت ۽ ملازمت کان سبڪدوشي (رٽائرمنٽ) جي
درخواست ڪئي. جنهنڪري مسٽر جائيلس صاحب ايڪٽنگ
ڪمشنر دوباره پينشن جي باري ۾ سفارش ڪئي، جا سندس
پهرين سفارش کان بهتر، بلڪه تمام بهتر هئي ۽ ان ۾
اهڙا قوي ۽ مضبوط دليل ڏنائين. جو ڪنهن به طرح
پينشن ۾ ذري جيتري ڪمي به نه ٿئي. سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان
ٻاهر ڪيل خدمتن جي نشاندهي ڪيائين ۽ لکيائين ته
جيڪڏهن خان بهادر خداداد خان پندرهن سال کن اڳ
پينشن يج لاءِ درخواستٿ ڪري ها ته سرڪار کي تمام
گهڻي رقم ڏيڻي پوي ها.
راقم الحروف کي اگرچه انهيءَ سفارشي تحرير جو نقل نه ڏنو ويو
آهي، تاهم جائيلس صاحب جي مردم شناسي ۽ لائقيءَ ۾
اميد آهي ته تمام سٺو لکيو هوندائين، جو گهڻي عرصي
کان هن خاڪسار راقم الحروف کي سڃاڻي ٿو ۽ الله ۾
وڏي اميد آهي ته اها سفارس، جا خاص سفارش آهي،
ڪارائتي ثابت ٿيندي.
(4) جمادي الاَخر 1317هه مطابق آڪٽوبر 1899ع جي آخر ۾ هندوستان
جي سرڪار نامدار وٽان بمبئي سرڪار جي معرفت
دوپُشتي جاگير يعني ٽئين درجي جي جاگير جي منظوري
پهتي، جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. سرڪار نامدار
جو حڪم نامو بالڪل انهيءَ سفارش جي مطابق آهي، جا
ايڪٽنگ ڪمشنر صاحب ڪئي هئي، بلڪه حڪمنامي ۾
مهرباني فرمائي گناگون خدمتن سبب، جي سنڌ جي اندر
۽ سنڌ کان ٻاهر بجا آنديون اٿس ۽ سندس سچائي ۽
ڊگهي ملازمت سبب، جا پنجيتاليهه سال ڪيئ اٿس،
خصوصي منظوري ڏني وڃي ٿي مگر هن کانپوءِ ڪنهن به
آفيسر کي جاگير ڏيڻ لاءِ سفارس نه ڪئي وڃي.
سرڪار جو ٺهراء، جو راقم الحروف کي مليو آهي، ان جو ترجمو لکيو
وڃي ٿو.
جاگير جي منظوري اچڻ شرط سنڌ جي ڪمشنر وٽان مسٽر وان صاحب جي
صحيح سان مبارڪباد جو هيٺيون خط پهتو.
منهنجا پيارا خان بهادر!
شايد اوهان کي اطلاع مليو هوندو ته سرڪار وٽان ٽي سؤ ايڪڙ جاگير
جي منظوري اچي وئي آهي. جنهن ڪري ايڪٽنگ ڪمشنر
مسٽر آر جائيلس صاحب اوهان کي مبارڪباد ٿو چوي.
اميد آهي ته اسان جو دوست خوش هوندو.
10 آڪٽوبر 1899ع.
اوهان جو مخلص دوست
جي پي وان اسسٽنٽ ڪمشنر
از انسواءِ ڪيترن ئي مخلص ۽ گهاٽن دوستن وٽان به، جن ۾
يورپي به شامل آهن ۽ سنڌي به، مبارڪباد جا خط
مليا، جن جا نالا طوالت جي انديشي جي ڪري درج نٿا
ڪيا وڃن.
جاگير جي منظوريءَ بابت انگريزي حڪمنامي جو ترجمو
منتخب فقرا: نمبر پهريون ۽ نمبر ٽيون. بمبئي سرڪار جي
مراسلي نمبر 22، مؤرخه 6 جنوري 1899ع منجهان، جو
هند سرڪار جي امور خارجه جي سيڪريٽري صاحب (وزير)
کي موڪليو ويو.
(فقرو پهريو) مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان هند سرڪار
جو ڌيان مبارڪ سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي مراسلي نمبر
938، مؤرخه 12 آڪٽوبر 1898ع ڏانهن مبذول ڪرايان،
جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته خان بهادر خداداد خان، جو
سندس آفيس جو وڏو منشي آهي ۽ هاڻي ملازمت سبب، جا
پنجيتاليهن سالن کان زياده عرصي تائين رهي آهي،
کيس ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين، جا تعلقي سکر ضلع
شڪارپور ۾ آهي، عطا ڪئي وڃي ۽ جيڪا هاڻي به سندس
ئي نالي آهي.
(فقرو ٽيون) مان ڪمشنر صاحب جي تجويز کي خيال ۾ ٿو آڻيان، جا
خان بهادر فيض محمد ولد ڌڻي ڏني سابق ڊپٽي ڪليڪٽر
ضلعي ٿرپارڪر جي باري ۾ هئي ته کيس انهيءَ ضلعي جي
اندر هڪ هزار ايڪڙ غير آباد زمين ڏني وڃي. اها
تجويز هند سرڪار جي روينو ۽ ايگريڪلچر کاتن جي
پاران جاري ڪيل حڪمن نمبر 132 ۽ 1118 مؤرخه 7 جون
1896ع جي ماتحت منظور ڪئي وئي هئي. انهيءَ مثال کي
مد نطر رکي، ڪمشنر صاحب سفارش ڪئي آهي ته جيڪڏهن
هيء جاگير منظور ڪئي وڃي ته ٽئين درجي جي دستوري
جاگير شرطن موجب منظور ڪرڻ ۾ اچي، يعني پهرئين شخص
کي (جنهن کي جاگير ڏني وڃي ٿي) ڍل معاف ڪئي وڃي.
ٻئي شخص کان (هن جي اولاد کان) ڍل جو چوٿون حصو
وٺجي ۽ ان کانپوءِ جيئن مناسب، هجي اونئين ڪيو
وڃي. اها زمين حقاب جي سڀني لوازمن جي ادائگيءَ
کان معافيءَ جي لائق هوندي.
منتخب فقرو پهريون. مراسلي نمبر 881 ۽ 892، مؤرخه 25 اپريل
1899ع منجهان، جو هند سرڪار جي روينيو ۽
ايگريڪلچرل کاتن جي سيڪريٽري (وزير) بمبئي سرڪار
جي پوليٽيڪل سيڪريٽري (وزير) کي موڪليو:
مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته مان مراسلي نمبر 32 مؤرخه 6 جنوري
1899ع جي رسيد موڪليان،جو امور خارجه جي کاتي کي
لکيو ويو هو ۽ جنهن ۾ سفارش ڪيل هئي، ته خان بهادر
خداداد خان ڪمشنر سنڌ جي آفيس جو وڏو منشي، جو
عنقريب ملازمت کان سبڪدوش ٿي، پينشن تي وڃن وارو
آهي، ان کي ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين جاگير ڪري ڏني
وڃي، جا هن وقت تعقلي سکر ضلعي شڪارپور ۾ سندس
نالي آهي. ڇا ڪاڻ ته هن پنجيتاليهن سالن کان به
زياده عرصي تائين ملازمت ڪئي آهي، جا نه صرف ڊگهي
عرصي واري ملازمت آهي پر نهايت سٺي ۽ نهايت ئي
مفيد به. اها سفارس منظور ڪئي ٿي وڃي ۽ اهو به
منظور ڪيو ٿو وڃي ته اها زمين جنهن کي ڏني ٿي وڃي،
ان جي حياتيءَ ۾ روينيو ڍل کان آزاد هوندي ۽ ان
کانپوءِ سندس پٽن کان ڍل جو چوٿون حصو ورتو ويندو.
نمبر 208، مؤرخه 7 مارچ 1900ع. پوليتيڪل ڊپارٽمنٽ. ڪمشنر صاحب
جي آفيس ڪيمپ سکر.
خان بهادر خداداد خان کي انتخاب موڪليو ٿو وڃي، سندس معلوميت جي
لاءِ.
حسب الحڪم
مسٽر جي بيوان صاحب
ايڪٽنگ اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب سنڌ
مسٽر جيمس جو بامبي ڪائونسل جي ميمبريءَ تان موٽي اچڻ بعد ڇهون
ڀيرو چارج وٺڻ
جمادي الاول 1317هه مطابق آڪٽوبر 1899ع جي آخر ۾ جيمس صاحب
بمبئي کان ڪراچيءَ آيو ۽ سندس تشريف آوريءَ تي
ڪراچيءَ ۾ رهندڙ معزز يورپي ۽ سنڌي آفيسرن سندس
استقبال ڪيو، جن ۾ راقم الحروف به شامل هو. جيمس
صاحب ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿي، پنهنجي
عهدي جو ڪاروبار دستور موجب هلائڻ شروع ڪيو، جنهن
کان هو پوري طرح آگاه هو.
(1) انهيءَ سال (1317هه مطابق 1899ع ۾) جناب لارڊ ڪرزن صاحب
بهادر هندوستان جو فرمان فرما (گورنر جنرل ۽
وائسراء) ٿيو، جو هڪ مشهور روشن دماغ حڪمران هو.
(2) رجب المرجب 1317هه مطابق نومبر 1899ع ۾ بمبئي جو گورنر جناب
لارد سينڊهرسٽ صاحب بهادر ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي
يورپين، پارسين، مسلمانن ۽ هندن کي ڪمشنريءَ جي
ايوان ۾ مدعو ڪيو، جن ۾ مرد به هئا ۽ عورتون به.
مجلس ۾ قسم قسم جا ميوا به موجود هئا ۽ شربت چاءِ
وعيره به، جي پڻ تناول ڪيائون ۽ لارڊ موصوف سان به
مالقات جو شرف حاصل ڪيائون. انهن ئي ڏينهن ۾ فريئر
هال ۾ هڪ دَربار دُربار منعقد ٿي ۽ سر چارلس پرچرڊ
صاحب سابق ڪمشنر سنڌ جي هڪ دلپذير تصوير لڳائي
وئي. انهيءَ ئي موقعي تي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جي
پريزيڊنٽ راءِ بهادر ٽهلرام کي، جنهن طاعون جي
بيماريءَ وقت مدد ڪئي هئي، هڪ تمغو ۽ سي آءِ اي جو
لقب ڏنو ويو. ڪن ماڻهن کي نيڪ ناميءَ جا پروانا
عطا ڪيا ويا ۽ ٺٽي جي ماڻهن کي به خوش ڪيو ويو، جن
طاعون جي بيماريءَ وقت خدمت ڪئي هئي. انهن سڀني
دربارن ۽ مجلسن ۾ راقم الحروف به مدعو ۽ شريڪهو.
جناب گورنر صاحب، جو راقم الحروف کان چڱي طرح واقف
هو ۽ جنهن جو احوال ڪيترائي ڀيرا مٿي بيان ڪيو ويو
آهي، پنهنجي طويل ملاقات سان راقم الحروف کي خوش
ڪيو.
(3) رجب المرجب 1317هه جي وچ ۾ نومبر 1899ع جي آخر ۾ بمبئي جو
گورنر جناب لارڊ سينڊهرسٽ صاحب بهادر، ڪمشنر صاحب
۽ پنهنجي مختصر عملي سان گڏجي حيدرآباد ويو، جتي
دربار منعقد ڪري، حيدآباد جي مير صاحبن، سرڪاري
ملازمن ۽ نامور ۽ معزز ماڻهن سان ملاقاتون ڪيائين.
”جمڙاؤ واه“ تي پهچي، هڪ دربار منعقد ڪري، واه جو
افتتاح ڪيائين. پوءِ رياست خيرپور سان ملاقات
ڪيائين، ۽ هر قسم جي جانورن جو شڪار به ڪيائين. ان
کانپوءِ هڪ اسپيشل ٽرين ۾ سوار ٿي سکر کي پنهنجي
تشريف آوريءَ سان رونق بخشيائين. سکر ۾ يورپي
معززن، سرڪاري آفيسرن، خيرپور جي مير صاحبن ۽ ٻين
جاگيردارن کي ملاقات جو شرف عطا ڪيائين. انهيءَ
وقت سڀني معززن ۽ آفيسرن کان اول راقم الحروف سان
هٿ ملائي شڪر گذاريءَ جو موقعو ڏنائين، ۽ ڏيڍ
ڏينهن اتي رهڻ بعد ڪراچيءَ جي رستي بمبئيءَ روانو
ٿي ويو. انهيءَ ملاقات جو ثبوت هيٺين خط (نمبر
2788، مؤرخه 13 نومبر 1899ع) مان ملندو، جو جناب
ڪليڪٽر صاحب ضلعي شڪارپور جو لکيل آهي:
عزت پناه خان بهادر خداداد خان ساڪن سکر، سلامت هجو
جناب گورنر صاحب بهادر بمبئيءَ، صبح جو نوين بجي سکر اسٽيسن تي
رونق افروز ٿيندو ۽ سندس خوش آمديد ۽ استقبال لاءِ
سرڪاري آفيسرن ۽ ٻين معزز ماڻهن جو اڳواٽ اچڻ
ضروري آهي. انهيءَ ڪري لکجي ٿو ته اوهان به پاس
وٺي، گورنر صاحب جي سلام ۽ ملاقات جو شرف حاصل
ڪندا.
صحيح
مسٽر ميلس صاحب بهادر
ڪليڪٽر ضلع شڪارپور
(4) شعبان المعظم 1317هه مطابق ڊسمبر 1899ع جي آخر ۾ جناب پير
شاه مردان شاه صاحب سجاده نشين ساڪن ديهه پير صاحب
تعلقوي روهڙيءَ، جي باري ۾ هڪ مقدمي ۾ فتحيابيءَ
جي فتويٰ جي خبر مشهور ٿي. سندس وڏي ڀاءُ پير ظفر
علي شاه، ضلعي ڪورٽ ۾ هن جي خلاف بي واجبي ۽ ناحقي
دعويٰ داخل ڪئي هئي، پر جيئن ته انصاف جي نظر ۾
مدعيءَ جي دعويٰ بالڪل بي واجبي هئي، انهيءَ ڪري
رد ٿي وئي. انهيءَ فتويٰ جي ڪري گهڻائي خير خواه
دوست ۽ مريد خوش ٿيا. انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي
راقم الحروف کي پير صاحب موصوف وٽان هيٺيون خط
موصول ٿيو:
خان صاحب مهربان اميد گاه دعا گويان عالي جاه رفيع جائگاه چاچا
سائين خان بهادر خداداد خان سلمه الرحمٰن.
مسرت ڀريل سلمان جي سوکڙين موڪلڻ ۽ مقدس دعائن ڪرڻ بعد، اوهان
جي خلوص ڀريءَ دل تي نيڪ روشن هجي، الله تعاليٰ جو
شڪر آهي جو ٻنهي طرفن ڏانهن (اسان ڏانهن به ۽
اوهان ڏانهن به) خيريت آهي. مطلب ته گادي ۽ پڳ جي
تڪراري مقدمي جي فتويٰ جي تاريخ ضلعي ڪورٽ جي
پاران 23 ڊسمبر 1899ع مقرر ٿيل هئي. انهيءَ انتظار
۾ هوس ته مٿين تاريخ 3 ۽ 4 بجي ڌاري شام جو مريدن
۽ وڪيل جي پاران موڪليل تار پهتي. جنهن ۾ مختصر
طور تي درج هو ته ”مدعيءَ جي دعويٰ رد ٿي ۽ پير
شاه مردان شاه کي مبارڪباد هجي، جو مقدمي جو فيصلو
سندس فائدي ۾ ٿيو آهي“. تار جو مطلب معلوم ڪرڻ شرط
پروردگار جا شڪرانا بجا آندم. اهڙي ئي تار روهڙي
ڊويزن جي مهربان اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب بهادر جي
پاران به آئي. جنهنڪري ڏاڍي خوشي ٿي. انهيءَ ڳالهه
جو اطلاع هي خاندان جي سڀني دوستن ۽ خير خواهن کي
ڏنو ويو آهي ۽ مبارڪباد به.
فقط. تاريخ 21 شعبان المعظم 1317هه
صحيح
سيد پير شاه مردان شاه پاڳارو
سجاده نشين درگاه مبارڪ
(5) شعبان المعظم 1317هه مطابق 1899ع ۾ مارواڙ، ريگستان ۽
انهيءَ پاسي جي ٻين علائقن ۾ هڪ بن سالن تائين
برسات نه پوڻ ۽ ڏڪار پيدا ٿيڻ سبب، انهيءَ ملڪ جا
ماڻهو بک کان لاچار ٿي، سنڌ ۾ اچي حيران پريشان
ڦرندا ٿي وتيا. جنهنڪري صاحب موصوف (جيمس صاحب)
سڀني ضلع عملدار ڏانهن احڪام جاري ڪيا، ته پنهنجي
ضلع جي باشندن کان سندن حيثيت آهر چندو وصول ڪري،
اطلاع ڏين. جنهنڪري چندي جي وصولي شروع ڪئي وئي.
سکر شهر ۾، شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر مسٽر ميولس
صاحب جي حڪم سان معزز ماڻهن جو اجتماع ٿيو، جنهن ۾
ميوليس صاحب هڪ موثر ۽ نهايت ئي سهڻي تقرير ڪرڻ
بعد چندو وصول ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ راقم الحروف
جو به ڪجهه حصو شامل هو. سيولس صاحب اهڙي دلنشين ۽
انتها درجي جي اثرائتي تقرير ڪئي، جو ڪيترائي
ماڻهو چندي ڏيڻ جو وعدو ڪري، پوءِ وپنهنجن گهرن
ڏانهن روانا ٿيا. پراڻي سکر مان چندي وصول ڪرڻ
لاءِ راقم الحروف کي مقرر ڪيو ويو. مون چندو وصول
ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو. سمورو چندو، جو سڄي
سنڌ مان وصول ڪيو ويو هو. پنجاه هزار کن رپيا ٿيو.
پوءِ جيمس صاحب جي صلاح سان عمرڪوٽ ۾ هڪ ڊپٽي
ڪليڪٽر ۽ هڪ مختيارڪار مقرر ڪيا ويا، جن جي مٿان
مارواڙ ۽ ريگستان جي مصيبت زده ماڻهن ۾ امداد
تقسيم ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو. ان کان علاوه ڪيترائي
ضروري خواه غير ضروري تعميراتي ڪم شروع ڪيا ويا
جهڙوڪ واه کوٽائڻ، بند ٻڌائڻ ۽ عام رستا ٺهرائڻ
وغيره. اهي ڪم سرڪار ۽ ميونسپالتين جي خرچ سان ڪيا
ويا ته جيئن انهيءَ ملڪ جي قحط زده ماڻهن کي
مزدوري ملي ۽ سندن شڪم پُري ٿئي. بيشڪ، غريب پرور
حاڪم ائين ئي ڪندا آهن.
(6) شعبان المعظم 1317هه مطابق 1900ع ۾ هڪ تار جي
ذريعي، افريقا ۾ بورين کي نگ ۾ فتححاصل ٿيڻ جي خبر
مشهور ٿي.
(7) انهن ڏينهن ۾ پير شاه مردان شاه سجاده نشين کي
”حُرن“ عرف لُرن کي گرفتار ڪرائڻ جي صله ۾ ”شمس
العلماء“ جو لقب ڏنو ويو، ۽ خان بهادر سردار يعقوب
خان ڊپٽي ڪليڪٽر ٿرپارڪر کي طاعون جي بيماريءَ وقت
مدد ڪرڻ جي صله ۾ ”سي اي آءِ“ جو لقب ڏئي مسرور ۽
سرفراز ڪيو ويو. بيسڪ هرکه خدمت کرد، او مسرور شد.
اهي جيمس صاحب جون مهربانيون سمجهڻ گهرجن.
انهن ئي ڏينهن ۾ لارڊ نارٿ ڪورٽ صاحب بهادر، بمبئي جي
گورنريءَ جي عظيم عهدي تي فائز ٿيو ۽ بمبئي جو
سابق گورنر لارڊ سينڊ هرسٽ صاحب بهادر پنهنجي عهدي
جا پنج سال پورا ڪري، ولايت روانو ٿي ويو. آنريبل
جيمس صاحب بهادر جو اڳئين گورنر جي الوداع ۽ نئين
گورنر جي استقبال لاءِ بمبئيءَ وڃڻ ٿيو.
(10) شوال المڪرم 1317هه جي 27 تاريخ مطابق فيبروري
1900ع 28 تاريخ مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر
سي ايس آءِ ۽ آءِ سي ايس ڪمشنر سنڌ پنهنجي اسسٽنٽ
مسٽر وان صاحب ۽ ٻين واسطيدار انگريز ۽ سنڌي
آفيسرن سميت پاڻيءَ جي جهاز رستي سکر جي بندرگاه
تي لنگر انداز ٿيو ۽ ان جي ٻئي ڏينهن بندر تي تنبو
کوڙي، قيام پذير ٿيو ۽ سکر ۽ روهڙيءَ جي سير سياحت
۾ مشغول رهيو. ذوالقعد 1317هه جي نائين تاريخ
(مارچ 1900ع جي ڏهين تاريخ) راقم الحروف جي نياز
مندانه دعوت تي پراڻي سکر ۾ منهنجي بنگلي تي
اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر وان صاحب سان گڏجي تشريف اور
ٿيو ۽ مون کي، منهنجن عزيزن، دوستن ۽ خير خواهن کي
مسرت ۽ عزت بخشيائين ۽ انهيءَ موقعي تي پنهنجي
حيثيت آهر بنگلي کي ۽ ان جي فرش فروش کي سينگارڻ ۽
ڪرسين جي مٿان ڪيمخواب وجهڻ وغيره جي سلسلي ۾ مون
کان جيڪي ٿي سگهيو هو، ان کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو.
ناشتو، چاءِ ۽ ميوو وغيره تناول فرمايائين. ڪلاڪ
کن ترسيو. سڄي بنگلي جو سير ڪيائين ۽ سامان اسباب،
تصويرون ۽ لائبريري وغيره ڏنائين. ان کانپوءِ
پنهنجن تنبن ڏانهن روانو ٿيو ۽ روانگيءَ وقت
منهنجي ڀائٽي نصير علي خان سان ملاقات ڪيائين، جو
زميندار آهي. اهڙيءَ ريت منهنجي ننڍي فرزند
عبدالحميد خان سان انگريزيءَ ۾ گفتگو ڪيائين ۽ کيس
تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جو تاڪيد ڪيائين. الله
تعاليٰ اهڙن حاڪمن کي، جي زيردستن جي مٿان رحم ٿا
ڪن، هميشه عزت ۽ عظمت جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز
رکي. موڪلائڻ وقت راقم الحروف جي هٿ ۾ هٿ ڏئي
فرمايائين ته ”تون جيئن ته سهڻي نموني ۽ آرام سان
گذارين ٿو انهيءَ ڪري تنهنجي حياتي هڪ سؤ سال کان
زياده ٿيندي.“
(11) ذوالقعد 1617هه جي يارهين تاريخ (مارچ 1900ع جي
ٻارهين تاريخ) سکر ۾ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽرن جي
بنگلي جي هيٺان ميدان تي هڪ دَربار دُربار منعقد
ڪئي وئي، جنهن ۾ اڪثر معزز مير صاحب، پير صاحب،
جاگيردار، زميندار ۽ ارباب وغيره هڪ هزار جي تعداد
۾ مدعو هئا، جي ترتيبوار پنهنجين مقرر ڪيل ڪرسين
تي ويٺل هئا. راقم الحروف پهرين صف ۾ ٽئين نمبر
ڪرسيءَ تي ويٺل هو. جڏهن دربار مهمانن جي اچڻ بعد
چڱي طرح سان رسي وئي، تڏهن مسٽر ميولس صاحب ڪليڪٽر
شڪارپور، چند معززن سان گڏجي، جن ۾ يورپي، فوجي
سپاهي ۽ ملڪي ماڻهو به شامل هئا، ڪمشنر صاحب کي
وٺي اچڻ لاءِ تنبن ڏانهن روانو ٿيو. جناب ڪمشنر
صاحب بهادر پنهنجي اسسٽنٽ سميت دربار ۾ تشريف آور
ٿيو ۽ ڪيمخواب جي ڪرسيءَ تي رونق افروز ٿيو، جا
ٻين ڪرسين کان مٿڀرو رکي وئي هئي. انهيءَ وقت
سلاميءَ جون تيرهن توبون ڇوڙيون ويون ۽ دربار جي
سڀني حاضرين پنهنجين ڪرسين تان اُٿي. تعظيم ۽
تڪريم بجا آدني. پوءِ مسٽر ايڇ پي ميولس صاحب
ڪليڪٽر سڪارپور پنهنجي ڪرسيء تان اُٿي، دربار وارن
کي خطاب ڪيو ۽ جيمس صاحب جي ڪار گذارين جي تعريف
ڪيائين، جيڪي صاحب موصوف سنڌ جي اندر ٽيهن سالن جي
عرصي تائين رهي، بجا آنديون هيون ۽ هزار ها ماڻهن
کي فائدو پهچايو هئائين.
ڪليڪٽر صاحب جي انهيءَ تقرير جو اختصار، جا انگريزي ۽
سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿي هئي، هت پيش ڪيو وڃي ٿو:
حاضرين دربار! مون کي يقين آهي ته اوهين ههڙي سهڻي
موقعي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. جيمس صاحب سان
ملاقات جو هيءُ موقعو بَيَڪ وقت خوشيءَ جو به آهي
۽ غم جو به. خوشي هن ڪري جو جيمس صاحب هن دربار ۾
مير مجلس آهي ۽ هن ضلعي جا سڀئي معزز هت گڏ ٿي.
سندس تعظيم ۽ تڪريم ڪري رهيا آهن. ڇو ته صاحب
بهادر سنڌ وارن جي ڀلائي لاءِ وڏيون تڪليفون
برداشت ڪيون آهن، جي اڃا تازيون آهن ۽ سنڌ جي
باشندن جي دلين تي نقش آهن؛ ۽ غم جي سبب هيءُ آهي
جو اسين اهڙي لائق فائق ڪمشنر صاحب بهادر کي هن
مسرت بخش مجلس ۾ آخري دفعو ڏسي رهيا آهيون. ڇو ته
جيمس صاحب هاڻي ئي هتان رخصت ياب ٿي ولايت اُسهي
رهيو آهي. صاحب بهادر پورا ٽيهه سال سنڌ جي اندر
حڪمران ٿي رهيو آهي ۽ انهيءَ طويل عرصي ۾ سنڌ کي
ڪيترن ئي قسمن جا فائدا پهچايا اٿس. صاحب بهادر
پهريائين اسستنت ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو.
جنهنڪري سنڌ جي حالات کان چڱي طرح واقف آهي ۽ شروع
کان ئي سنڌ جي بهبودي ۽ بهتريءَ لاءِ هزارها
تجويزن تي عمل ڪيو اٿس.
هاڻي مان سندس گذشته ڪار گذارين کان قطع نظر ڪندي، سندس
تازين ڪار گذارين جو زڪر ٿو ڪريان. (سمورين ڪار
گذارين بيان ڪرڻ سبب) هڪ طويل داستان ٿي ويندو.
”جمڙائو واه“ ڏسو، جو داناءَ ۽ تجربيڪار انجنيئرن
کان وڏي خرچ سان کوٽايو اٿس. اهڙيءَ ريت اپر سنڌ ۾
”شاهي واه“ ۽ ٻيا به ڪيترائي واه کوٽايا اٿس. از
انسواءِ عام ۽ خاص ماڻهن جي ڀلائيءَ خاطر موزون ۽
مناسب هنڌن تي مردن لاءِ جدا ۽ عورتن لاءِ جدا
اسپتالون تعمير ڪرايون اٿس. تعليم جي حصول لاءِ
”سنڌ مدرسة السلام“ ۽ سنڌ ڪاليج“ (ڊي جي سنڌ
ڪاليج) کان علاوه ڪيترائي (پرائمري ۽ سيڪنڊري)
اسڪول کوليا اٿس: اسين الله تعاليٰ کان دعا ٿا
گهرون ته جيمس صاحب جهڙيءَ ريت سنڌ ۾ ڪوششون وٺي
رعيت کي فائدو پهچايو آهي، اهڙي طرح پنهنجي ملڪ
(انگلينڊ) ۾ پهچي، خوشي ۽ اطمينان سان وقت گذاري.
آمين.“
ان کانپوءِ خان بهادر مير گل حسن خان ٽالپر، جيمس صاحب
جي بهترين ڪار گذارين، عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ
پتوڙڻ ۽ سندس ذاتي اخلاق بابت چند ڳالهيون چيون،
جن جي حاضرين تصديق ٿي ڪئي.
آخر ۾ جيمس صاحب پاڻ اٿي تقرير ڪئي، جنهن جو اختصار هت
درج ڪيو ٿو وڃي:
”مان ميولي صاحب ڪليڪٽر شڪارپور ۽ خان بهادر مير گل حسن
خان ٽالپر جي تقريرن کان بي حد محظوظ ٿيو آهيان ۽
هن دربار جي معزز حاضرين کان تمام خوش آهيان، جن
مون کي پنهنجي سلام سان شڪر گذار بنايو آهي.مان
هاڻي اوهان سڀني کي ”خدا حافظ“ چئي ولايت وڃي رهيو
آهيان ۽ اميد اهي ته جتي به هوندس، اتي اوهان جي
خوشحاليءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. مان اها به اميد
ڪريان ٿو ته مسلمان پنهنجي اولاد کي تعليم ۽ تربيت
ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا. ڇو ته سرڪار کي مسلمانن سان
هميشه دلچسپي رهي آهي. سرڪار کي يورپي خواه هندو
تمام وڏي تعداد ۾ ملازمت لاءِ ملن ٿا، مگر افسوس
آهي جو مسلمان تعليم يافته بالڪل ٿورا آهن.
انهيءَ موقعي تي جيمس صاحب کي وري منهنجي فرزند
عبدالحميد خان جي يادگيري آئي ۽ چيائين ته ”افسوس
آهي جو خان بهادر خداداد خان جهڙي لائق آفيسر جو
فرزند چڱي طرح تعليم حاصل نٿو ڪري. وغيره.“
پوءِ جناب پير شاه مراد شاه صاحب کي ”شمس العلماء“ جي
خطاب جي سَنَدَ ۽ ڪيمخواب جي خلعت عطا فرمائي،
سندس تعريف ۾ چند الفاظ چيائين، جو پير صاحب موصوف
حرن جي معاملي ۾ (جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي)
سرڪار جي مدد ڪئي هئي. ان کانپوءِ راقم الحروف کي
پنهنجي روبرو سڏي ۽ هٿ ۾ هٿ ڏئي تقرير ڪيائين ۽ ٽي
سؤ ايڪڙ جاگير جي سَنَدَ ڪيمخواب جي ٿيلهيءَ ۾
وجهي، ڪيمخواب جي شاندار خلعت سان گڏ عطا ڪيائين.
جيمس صاحب جي اها تقرير هت درج ڪئي وڃي ٿي، جا
اڪثر انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿي چڪي آهي:
”مسٽر خداداد خان سال 1853ع ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو
۽ سال 1855ع ۾ جاگيري ۽ سياسي شعبي ۾ ميجر سر
فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب (اسستنٽ ڪمشنر جاگيرات) جو
ماتحت مقرر ٿيو. هندستان جي غدر (1857ع واري
آزاديءَ جو انقلاب) واري زماني ۾ گولڊ اسمڊ صاحب
سان گڏجي بيابان ۽ ريگستان (ڪڇ جو رڻ) لتاڙي، خفيه
مشن تي مخصوص مقصد جي حصول خاطر جيسلمير ۽ پوڪران
(مارواڙ) ويو. سال 1861ع ۾ بلوچستان جي پوليتيڪل
ايجنٽ سرهنري گرين صاحب بهادر سان گوادر ۽ اورماڙه
(مڪران) ويو جو ڪن نازڪ ۽ مخفي معاملن جي سلسلي ۾
کيس گرين صاحب سان گڏجي وڃڻ لاءِ منتخب ڪيو ويو
هو. سال 1862ع ۾ ڄام صاحب لس ٻيلي ۽ خان قلات جي
ملڪن (بلوچستان) ۾ ٽيليگراف لائين جي انتظام ۾
سرڪار کي مدد ڏنائين. ان کانپوءِ ٻئي سال سنڌ جي
ڪمشنر مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب سان گڏجي هندوستان ۽
يورپ جي درميان ٽيليگراف لائين نصب ڪرڻ جي انتظام
جي سلسلي ۾خليج فارس ۽ دجله درياء عبور ڪري بغداد
ويو. سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر (ڪمسنر سنڌ)
مٿس مڪمل اعتماد رکي، ڪن مخفي ۽ نازڪ معاملن جي
جوابداري کيس سپرد ڪئي. جاگيري ۽ سياسي معاملن کان
پوري واقفيت رکڻ سبب ائين مناسب سمجهيو ويو ته
جاگيرن جو رڪارڊ اصلاح ۽ تڪميل جي واسطي سندس سپرد
ڪيو وڃي، جو 1882ع ۾ سندس سپرد ڪيو ويو. قوت حافظه
جي تيزي، گذشته زماني جي ڳالهين ياد رکڻ، تاريخي
معاملن کان واقفيت، سهڻين اسڪيمن ۽ وقت سِر مناسب
انتظامن ڪرڻ سبب خان بهادر خداداد خان جي ملازمت
بي مثال ۽ بي بها هئي. هو گذشته مئي ۾ پنجيتاليهن
سالن تائين سهڻي نموني ۽ ايمانداريءَ سان ملازمت
ڪرڻ بعد سبڪدوش ٿيو آهي ۽ هاڻي پينشن وٺي پنهنجي
گهر (سکر) ۾ رهڻ لڳو آهي. اميد آهي ته هو آرام ۽
آسائش سان وقت گذاريندو.“
جاگير جي سَنَد جو نقل
مُهر نمبر. پوليٽيڪل
اعليٰ مراب جناب ڪمشنر سال 1900ع مطابق
صاحب بهادر سنڌ سال 1317هه
عاليجاه رفيع جايگاه حشمت و شوڪت دستگاه خان خداداد خان
خوش هجو شال
جيئن ته هندوستان جي سرڪار نامدار مهرباني فرمائي
پنهنجي حڪم نمبر 1777 ۽ 489، مؤرخه 3 آگسٽ 1899ع
جي ذريعي، جو بامبي سرڪار جي حڪم نمبر
6209،مؤرخه... ڊسمبر 1899ع سان گڏ جاري ٿيو آهي.
ٽي سؤ ايڪڙ رعيتي زمين جو عطيو بطور جاگير جي
تعلقي سکر ضلع شڪارپور ۾ اوهان جي واسطي منظور
فرمايو آهي، انهيءَ ڪري هيءَ سَنَد اوهان کي عطا
ڪئي وڃي ٿي، ته جيئن مٿي ڄاڻايل عطيو، جناب ڪمشنر
صاحب بهادر سنڌ جي آفيس ۾ طويل ۽ قميتي ملازمت ڪرڻ
۽ هاڻي انهيءَ ذمه داريءَ کان سبڪدوش ٿيڻ بعد جڏهن
پينشن ورتي اٿوَ، ته قائم رهي.
(2) مٿي چاڻايل انعام اوهان جي قبضي ۾ ٽئين درجي جي جاگير جي
شرطن مطابق رهندو، يعني اوهان جي حياتي تائين
سموري ڍل معاف رهندي. اوهان کان بعد اوهان جي
پهرئين وارث جي حياتيءَ تائين چوٿون حصو ڍل ورتي
ويندي ۽ ان کانپوءِ سموري ڍل بست ٿيندي.
(3) هن زمين تان حقبو ۽ ٻيا لوازما ٽي سؤ پنج رپيا اسڪولن ۽
رستن جي خرچ لاءِ، جي اهڙي قسم جي جاگير کان ورتا
ويندا آهن، اوهان کان به ورتا ويندا ۽ پٽه داريءَ
جي حق جي ادائگي، جا هن زمين سان لاڳو آهي، اوهان
جي مٿان رهندي.
(4) هن انعام جو جو برقرار رهن اوهان جي ۽ اوهان جي جانشين جي
نمڪ حلالي ۽ چڱي چال تي منحصر رهندو.
(5) هن جاگير جي ايراضي جون حدون هيٺينءَ ريت آهن:
... ... ... ... ... ... ...
آفيس جناب ڪمشنر صحيح
صاحب بهادر سنڌ مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر
تاريخ 122 مارچ 1900ع سي ايس آءِ ۽ آءِ سي ايس
مطابق 11 ذوالقعد 1317هه ڪمشنر سنڌ
ساڳئي مضمون جي ٻي هڪ سَندَ انگريزيءَ ۾ به (ساڳئي سند جي
انگريزي ڪاپي) هن سان گڏ جدا ڪاغذ تي ۽ جدا ڪپڙي ۾
ويڙهيل شامل هئي.
پوءِ ڪن معزز زميندارن کان ترارون، بندوقون، دوربينيون ۽
لونگيون عطا ڪيائين، ۽ سڀني کي ”خدا حافظ“ چئي،
پنهنجن تنبن ڏانهن روانو ٿيو ۽ وري ساڳئيءَ ريت
کيس تيرهن توبن جي سلامي ڏني وئي. ان کانپوءِ 15
ذوالقعد 1317هه مطابق 16 مارچ 1900ع سکر جي بندر
تان پاڻيءَ جي جهاز ۾ روانو ٿي، دارالحڪومت
ڪراچيءَ ڏانهن روانو ٿيو. راقم الحروف جهاز جي
لنگر کڻڻ وقت موڪلاڻيءَ لاءِ اتي حاضر ٿيو ۽ جيمس
صاحب نهايت ئي مسرت سان پنهنجو هٿ هن عاجز جي هٿ
تي رکي ٽي دفعا خدا هافظ چيو. الله تعاليٰ پنهنجي
لطف ۽ ڪرم سان اهڙن فراخدل حاڪمن کي شال پنهنجي
امن ۽ حفظ ۾ رکي.
(12) ذوالحج 1317هه مطابق اپريل 1900ع هندوستان جو فرمان فرما ۽
گورنر جنرل جناب لارڊ ڪرزن صاحب بهادر ستين بجي
شام جو اسپيشل ٽرين جي ذريعي بکر جي لينسڊائون پل
تان لنگهي، ڪوئٽه (شال ڪوٽ) ويو. اتفاق سان راقم
الحروف موئ مبارڪ جي زيارت فيض بشارت لاءِ چند
دوستن سان گڏ (روهڙيءَ وڃڻ لاءِ) لينسڊائون پل تي
موجود هو، جو اسپيشل ٽرين کي اتان تڪڙو لنگهندو
ڏٺو ويو. صاحب موصوف ڪوئٽه ۾ دربار منعقد ڪري، خان
صاحب واليء قلات، ڄام صاحب لس ٻيلي ۽ افغانستان ۽
بلوچستان جي سردارن اڳيان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ
جي سلسلي م جيڪا تقرير ڪئي، سا اخبارن ۾ ڏسي، صاحب
موصوف جي دانائي، تدبر، تحمل برجستائي ۽ روشن
دماغيءَ جو پتو پوي ٿو. ائين ڇو نه هجي. ڇو ته
ايڏي اعليٰ عهدي جي لاءِ اهڙو ئي باوقار حڪمران
هجڻ گهرجي ٿو.
(13) ذوالحج 1317هه مطابق اپريل 1900ع جي آخر ۾ شڪارپور جي
ڪليڪٽر مسٽر ميولس صاحب، راقم الحروف کي شڪر
گذاريءَ جو خط لکيو جو مسڪين مارواڙين ۽ ريگستاني
ماڻهن جي امداد لاءِ چندي جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ سندس
مدد ڪئي هيم، جنهن جو زڪر مٿي به اچي چڪو آهي.
انهيءَ خط جو ترجمو هت درج ڪيو ٿو وڃي:
نمبر 3090، ڪليڪٽر صاحب ضلع شڪارپور جي آفيس جي جنرل ڊپارٽمنٽ،
ڪيمپ سکر، تاريخ 25 اپريل 1900ع بابت نمبر 2266
مؤرخه 10 اپريل 1900ع ڪليڪٽر صاحب صاحب جي آفيس.
خان بهادر خداداد خان جي خاص شڪر گذاري ڪئي ٿي وڃي، جو چندي جمع
ڪرڻ ۾ نهايت مفيد مدد ڪئي اٿس.
صحيح
مسٽر ميولس صاحب
ڪليڪٽر ضلع شڪارپور
محرم الهرام 1317هه مطابق مئي ۽ جون 1900ع ۾ انگلينڊ
کان آيل تار جي ذريعي بورين جي هٿان ”ميفڪنگ“ ۽
”ٽرانسوال“ جي فته جي خبر سنڌ ۾ مشهور ٿي، جنهنڪري
خير خواه ماڻهو بي حد خوش ٿيا، جو دراصل اها فتح
انگريز سرڪار کي نصيب ٿي هئي، جا ڳالهه مسرت جو
باعث آهي.
(15) محرم الحرام 1317هه جي 25 تاريخ مطابق مئي 1900ع
جي به 25 تاريخ مهراڻ درياء (سنڌو ندي) جي پل جو
افتتاح ٿيو، جا ڪوٽڙي بندر ۽ گدو بندر جي سامهون
حيدرآباد جي نزديڪ آهي ۽ جنهن جي تعمير جي ڪم شروع
ٿيڻ جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. هن پل جي ڪري هڪ طرف
واپار کي فائدو رسندو ۽ ٻئي طرف ايندڙن ۽ ويندڙن
کي آرام ۽ آسائش ٿيندي.
(16) صفر المظفر 1317هه جي پهرين تاريخ ۽ مئي 1900ع جي
31 تاريخ هلندر سال جي واسطي رياست خيرپور جي
پاران راقم الحروف کي هنري اسڪول جو ميمبر مقرر
ڪرڻ جي باري ۾ ٻيو دفعو تجويز پهتي. بهرحال (ميمبر
شپ قبول ڪري) هلندڙ سال پورو ڪيو ويندو، جو والي
رياست جي خوشي انهيءَ ۾ آهي.
جيئن ته هيء ”لُبَ تاريخ سنڌ“ اٽڪل ٽن سالن جي وڏي محنت
۽ مشقت بعد مڪمل ٿي آهي ۽ عنقريب ڇپجڻ واري آهي،
تنهنڪري ضروري نظر ٿو اچي ته محرم الحرام ۽ صفر
المظفر 1317هه مطابق مئي ۽ جون 1900ع جي مهينن ۾
جيڪي جشن ۽ هر قسم جي دعوتن جون مجلسون ۽ محفلون
راقم الحروف جي بنگلي تي پراڻي سکر ۾ ڪن خاص دوستن
جي بلديءَ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيون جهڙوڪ راءِ بهادر
ڏيون مل راءِ بهادر هشمتراءِ جي بدليءَ سکر کان
ڪراچيءَ ڏانهن، راءِ بهادر نارائڻداس جي بدلي
ڪراچيءَ کان سکر، ۽ سيد پناه علي شاه معصوميءَ جي
انسپيڪٽر پوليس جي عهدي تي مقرري وغيره. انهن
الوداعي تقريبن ۾ هر درجي جا اٽڪل پنج سؤ معزز
مهمانن شريڪ هئا. جيڪڏهن انهن جو ذڪر هن ڪتاب جي
آخر ۾ ڪيو وڃي ته يادگيريءَ جو سبب ٿيندو. الله
تعاليٰ شال اهڙيون مسرت بخش دعوتون مبارڪ ڪري.
هيءُ
ڪتاب ”لُبِ تاريخ سنڌ“ پورو ٿيو، الله قادر قدير
جي حڪم سان، وڏي محنت ۽ مشقت کانپوءِ، حقير پُر
تقصير احقرالعباد خان بهادر خداداد خان افغان ترين
ولد رضا محمد خان عرف راصو خان افغان ترين، اصل
ساڪن پشنگ ۽ حال رهندڙ پراڻو سکر ضلع شڪارپور سنڌ،
سابق وڏو منشي آفيس ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ ۽ پينشن
بردار جي هٿان، جناب آنريبل ايڇ اي ايم جيمس صاحب
ڪمسنر سنڌ جي خواهش جو اهڙين ڳالهين سان دلچسپي
رکندو آهي.
بيت
يلوح الخط في القرطا دهرآ،
وڪاتبه رميم في التراب.
(تحرير ڪاغذ ۾ هميشه جي لاءِ محفوظ رهي ٿو،
جڏهن ته ان جو لکندڙ مٽيءَ جي اندر ڳري ٿو وڃي).
بيت
هر که خوانده دعا طمع دارم،
زانکه من بندهء گنهگارم.
(مان هر پڙهندڙ کان دعا جي اميد ٿو رکان، ڇو ته مان هڪ گنهگار
انسان آهيان).
بيت
نوشته بماند سيه بر سفيد،
نويسنده را نيست فردا اميد.
(هر تحرير جي مس ڪاغذ جي سفيديءَ جي مٿان قائم رهندي آهي، جڏهن
ته لکڻ واري کي سڀاڻي تائين زنده رهڻ جي اميد به
نه هوندي آهي).
اي قادر مطلق
خداداد خان جون خطائون معاف ڪر
ڪتاب جو اختتام ربيع الاول 1318هه ستين تاريخ جمعي جي
مبارڪ ڏينهن، مطابق جولاءِ 1900ع جي پنجين تاريخ
ٿيو.
ڪن دوستن وٽان ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جي اختتام تي تاريخي
قِڀعا پهتا آهن، جي سندن خواهش موجب درج ڪيا ٿا
وڃن. ته دوستن جي يادگيريءَ جو باعث ٿين.
جناب پير رفيع الدين صاحب ”رفيع“ سرهندي شڪارپوري
از عنايات خدائ بحر و بر
هم ز افضال رسول راهبر
نسخهء تاريخ لُنب گشته تمام
از توجه خان بهادر نامور
گشت ظاهر يا هزاران رمزها
هر طرف شد تهنيت از اين خبر
کرد دريا رادرون کو زهء
آفرين بر دانش والا گهر
چون خداداد ست او رابخت و علم
هر کجا اواز جاهش بيشتر
”کلک مرغوب“ آمده تاريخ لُب (1318)
هم ”مخازن بخشش“ آمد در نظر (1900)
”ازغواني مئي“ بخوان تاريخ لُب (1318)
اي رفيع الحق که آمد مفتخر.
ترجمو:
بحر ۽ بر جي مالڪ جي مهربانيءَ سان، پڻ رهبر رسول جي لطف ۽ ڪرم
سان
ڪتاب ”لُب تاريخ“ پورو ٿيو. معزز خان بهادر (خداداد خان) جي
توجه سان.
هزارن رمزن سان نڪري نروار ٿيو ۽ انهيءَ خبر جي ڪري چوڌاري
مبارڪ مبارڪ ٿي وئي.
درياء کي ڪُوزي ۾ بندڪيو اٿس. هن شريف ۽ نجيب انسان جي عقل تي
آفرين هجي.
جيئن ته هن کي بخت ۽ علم الله ڏنو آهي. (انهيءَ ڪري) هر هنڌ جي
هن جي مرتبي جو چرچو آهي.
ڪتاب ”لب تاريخ“ جي تاريخ آهي ”ڪلڪ مرغوب“ پڻ
منهنجي نظر ۾ هن جي ٻي تاريخ آهي ”مخازن بخش“.
”لب تاريخ“ جي ٽئين تاريخ آهي ”ارغواني مئي“. ڇو
ته اي رفيع! هيءُ ڪتاب فخر ڪرڻ جي لائق هي.
”ڪلڪ مرغوب“ (سهڻو قلم) 1318 عدد. ”مخازن بخشش“
(سخا جا خزانا) 1900 عدد. ”ازغواني مئي“ (ڳاڙهو
شراب) 1318 عدد.
از: جناب سيد غلام مرتضيٰ شاه صاحب مرتصائي رضوي ٺٽوي
(1)
خان زمان جناب خداداد نامدار
آن شيردل، کريم و قوي پنجه، خوش بيان
تاريخ سند کرد بنا،ني عجب که زو
راحت رسد کثير بدلهائ قابلان
سالش ز ختم جستم و خوش گفت هاتقم
”از بهر يادگار تماشائ سند“ خوان
1318
ما مرتضائي قطهء تاريخ گفته ايم
اميد آنکه خوش بنمايد بدوستان.
(2)
بود خان خانان خداداد خان
که مشهور قابل به اقليم سنڌ
کتابي بتاريخ سندي نوشت
که مطبوع عالم بهرجا پسند
سنش جستم و از خرد يافتم
بخوان ”بي سر رنگ تاريخ سند“
1318
=7
- 1325
مبارک دهد مرتضائي به او
خدايا بهرجا بود بهره مند
(3)
جناب خان بهادر که خود خداداد ست
وجود او به همين وقت ابر گوهر بار
زکلک گوهر ريزش عجيب شد تاريخ
حيات داد دگر چون مسيح در امصار
چو خود مسيح شد و قول او مسيحائي
سروش گفت سنش بينظير رنگ بهار
گل مضامين آورد خوش بگلشن سنڌ
به مرتضائي مسرت نما بود اظهار
ب م س ر ت ن ا ا ظ هه ا ر
=
1900
(4)
آن خداداد خان بهادر دهر
لاَ تُعحَد ديده ايم توصيفش
گفت تاريخ سند را زيبا
که در و اندراج تحريرش
آن مسيح زمانه ثاني شد
زنده شد مرده دل ز تقريريش
عيسوي سال دوش گفت خرد
”نوبت اختتام“ تاريخش
1900
مرتضائي مبارک است کتاب
شد ملذذ بکام تسطيرش.
(5)
تاريخ سد کرد چو تصنيف خوش بيان
خان زمان جناب خداداد در زمان
جستم سحر زغيب ندا داد خوش بگفت
تاريخ او سروش ”شجر خاص خاندان“
1900
در باغ سند رونق ديگر بهار داد
وه مرتضائي سند دگر يافت زيب زان
ترجمو:
زماني جو خان، جناب خداداد، نالي وارو، شير دل، سخي، بهادر، خوش
گفتار.
سنڌ جي تاريخ مرتب ڪئي اٿس، جيڪڏهن ان مان فاصل انسانن جي دلين
کي خوشي حاصل ٿئي، ته اها عجب جهڙي ڳالهه نه آهي.
ڪتاب جي خاتمي جي تاريخ ڳولڻ لڳس ته فرشتهء غيب
ڏاڍي سهڻي ڳالهه ٻڌائي ته ”از بهر يادگار تماشائ
سند“ جو فترو پڙهي ڏس.
مرتضائي! مون قطعهء تاريخ چيو آهي. اميد آهي ته دوستن کي وڻندو.
(”از بهر يادگار تماشائ سند“ (يادگار جي خاطر سنڌ
جو نظار) انهيءَ فقري مان 1318 عدد ٿا نڪرن.)
(2)
خداداد خان، خانن جو خان آهي ۽ سنڌ جو هڪ مشهور فاصل.
سنڌ جي تاريخ تي هڪ ڪتاب لکيو اٿس. جو دنيا ۾ مقبول آهي ۽ هر
هنڌ پسنديده.
سندس سال جي تلاش ڪيم ۽ عقل کان جواب حاصل ڪيم ته ”زنگ“ جي”ز“
جا عدد ڪڍي، ”تاريخ سند“ جا الفاظ پڙهيم.
مرتضائي کيس مبارکباد ٿي چوي. مولا سائين! هُو جتي به هجي، اتي
ڪامياب هجي.
(تاريخ سند“ جي عددن (1325) مان ”ز“ جا عدد (7)
ڪريا ته 1318 رهندا).
(3)
جناب خان بهادر، جو پاڻ خداداد (خدائي ڏات جو مالڪ) آهي. موجوده
وقت ۾ هن جو وجود هڪ ڪَڪَر وانگر آهي، جنهن مان
موتي وسندا آهن.
هن جي گوهر بار قلم منا هڪ عجيب تاريخ نڪتي آهي. جنهن حضرت مسيح
وانگر ڪيترن ئي شهرن کي ٻي حياتي بخشي آهي.
جيئن ته هو پاڻ مسيح آهي، ان ڪري هن جو قول به مسيحائي آهي. غيب
جي فرشتي هن جو سال ٻڌايو ”بهار جي بي مثال رنگ.“
سنڌ جي گلشن ۾ مضمونن جا سهڻا گل آندا اٿس. مرتصائي جي لاءِ
انهيءَ حقيقت جو اظهار مسرت بخش آهي.
”ب م س ر ت ن م ا ا ظ هه ا ر
=
1900“
(شاعر، آخري مصرعه جي مٿي ڄاڻايل مفرد حرفن مان عيسوي سنه
(1900) ڪڍيو آهي).
خداداد سڄي دنيا جو خان بهادر آهي. اسان هن جا بي حساب اوصاف
ڏٺا آهن.
سنڌ جي هڪ سهڻي تاريخ مرتب ڪئي اٿس، جنهن ۾ هن جون سهڻيون
لِکتون آهن.
هو دنيا جي لاءِ ٻيو مسيح آهي، جنهن جي تقريرن سان مرده دليون
زنده ٿي پيون آهن.
رات عقل (ڪتاب جو) عيسوي سال ٻڌايو ته هن جي تاريخ ”نوبت اختتا“
آهي.
اي مرتضائي! هيءُ مبارڪ ڪتاب آهي. جنهن جون تحريرون زبان کي لذت
ٿيون بخشين.
(”نوبت اختتام“ تاريخ آهي، جنهن جا عدد 1900 آهن).
جڏهن خوش گفتار، دنيا جي خان، جناب خداداد تازو سنڌ جي تاريخ
تصنيف ڪئي.
(تڏهن) هن جي تاريخ جي جستجو ڪيم ته غيبي فرشتي اسر جو سڏ ڪري
ٻڌايو ته ”شجر خاص خاندان“.
بهار، سنڌ جي باغ ۾ نئين رونق پيدا ڪئي آهي. اي مرتضائي! سنڌ
دوباره انهيءَ بهار جي ڪري حسن و جمال حاصل ڪيو
آهي.
(”شجر خاص خاندان“ ماده تاريخ آهي، جنهن مان عيسوي
سال 1900 ٿو نڪري)[1]
از: جناب مولانا محمد عاقل صاحب ”عاقل“ ساڪن ڳوٺ عاقل تعلقو
لاڙڪاڻو
درين عهد منشي خداداد خان
که مردي ست دانا و فرخند خو
کتابي بتاريخ بنمود جمع،
که مثلش نيابي بصد جستجو
به ”لُب التورايخ“ موسوم کرد
چه پاکيره اسمي ست و نامي نکو
ز تصنيف اين نسخه صد منقش
بر اهل جهان است بي گفتگو
پئي سال تاريخ ”عاقل“ بگفت
”عجب لب تاريخ“ تاريخ او.
1318
ترجمو:
منشي خداداد خان، جو هن دور ۾ هڪ سياڻو ۽ سهڻي اخلاق وارو انسان
آهي.
تاريخ جي فن ۾ هڪ ڪتاب مرتب ڪيو اٿس، جنهن جهڙو سؤ ڀيرا به به
ڳوليندين ته به لهي نه سگهندين.
اُن کي ”لب تاريخ“ جو نالو ڏنو اٿس، ڪهڙو نه سهڻو ۽ پاڪيزو نالو
آهي.
هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انهيءَ ڪتاب تصيف ڪرڻ سبب سڄي دنيا تي
احسان ڪيو اٿس.
عاقل هن ڪتاب جي تاريخ لاءِ ”عجبلب تاريخ“ چيو آهي.
(”عجب لب تاريخ“ جي فقري مان ڪتاب جي تاليف جو
هجري سال 1318 نڪري ٿو).
ڪتاب جي طرفان اختتامي نوٽ
هن ڪتاب ”لُب تاريخ سنڌ“ جي قارئين ڪرام کي نيڪ روشن
هجي ته هڪ ڏينهن هن فقير حقير پُر تقصير اَحقر
العباد عبيدالله فقير ولد مرحوم حاجي محمود قوم
گاد (الله بخشيس ساڪن ڳوٺ ڪيهر) (الله فتني کان
محفوظ رکيس) تعلقو ۽ ضلعو لاڙڪاڻو، عالي شان بلند
مڪان جناب اعليٰ خليفي صاحب خليفي ميان محمد احسان
خان صاحب زميندار (الله تعاليٰ هن جو بخت بلند ڪري
۽ سندس سايو قائم رکي) جي حضور ۾ حاضريءَ جو شرف
حاصل ڪيو. سندس مسرت بخس ۽ بلند مرتبت مجلس ۾ هر
قسم جي علمي گفتگو ٿيڻ لڳي. صاحب موصوف کي هر قسم
جي علم تي مشتمل ڪتابن مثلاً طب، تاريخ ۽ تصوف جي
مطالعي جي بي حد اشتياق هوندو آهي. هن خاڪسار کي
جو اصل کان وٺي سندس معزز خاندان جو پاليل آهي،
فرمايائين ته ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“، جو جناب خان
بهادر خداداد خان جاگيردار ولد رضا محمد خان افغان
ترين ساڪن پراني سکر جو لکيل آهي ۽ صحيح، عمدي ۽
سليس فارسيءَ جي مختصر عبارت ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي
احوال ۾ آهي ۽ مرحوم مصنف اڪثر جاين ۽ عمارتن کي
پنهنجين اکين سان ڏسي تصنيف ڪيو آهي، مون کي پسند
آيو آهي. اها اوهان جي مهرباني ٿيندي، جو پنهنجي
هٿ اکرين صاف ۽ واضح نموني سان لکي ڏيو. هيءُ حقير
سندس حڪم مطابق الله تعاليٰ (سبحانه و جل شانه) جي
لطف ۽ ڪرم ۾ اميد رکي، ڪتاب لکڻ ۾ مشغول ٿيو ۽
سندس مدد ۽ مهربانيءَ سان اڄ تاريخ ستين ربيع ال
آخر 1323هه نبوي (عليه و عليٰ آله الصلواة و
السلام) مطابق يارهين تاريخ جون 1905ع آچر ڏينهن
خير خوبيءَ سان لکي پورو ڪيم ۽ خليفي ميان محمد
احسان خان صاحب ولد مرحوم و مغفور ميان محمد پناه
صاحب، ولد رئيس محمد احسان، ولد گل محمد، ولد شير،
ولد شهه بيگ (الله تعاليٰ جي مغفرت هجين) کي هٿو
هٿ وڃي ڏنم. صاحب موصوف ”لب تاريخ سنڌ“ جو هٿ
اکرين لکيل نقل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ راقم الحروف کي
پنهنجي انتها درجي جي نوازشن سان خوب نوازيائين.
الله تبارڪ و تعاليٰ جل شانه ڪتاب جي مالڪ کي ۽
سندس اولاد کي هميشه هميشه جي لاءِ پنهنجي فضل ۽
ڪرم سان سلامت رکي. آمين ثم آمين.
لا الٰه الا الله محمد رسول الله صلي الله تعاليٰ عليه و آله
اجمعين.
ڪتاب جي تصحيح
الحمد لله. اڄ تاريخ 27 رجب المرجب 1324هه نبوي عليه
الصلواة، مطابق تاريخ 17 سيپٽمبر 1906عيسوي عليه
السلام، سومر ڏينهن، مبارڪ ڪتاب ”لب تاريخ سنڌ“ جي
تصحيح جو ڪم، هن ڪتاب جي مالڪ جناب فيض ماَب عالي
همت والا مرتبت ذي شان رفيع مڪان خليفه صاحب خليفه
ميان محمد احسان خان ڪيهر زميندار تعلقو لاڙڪاڻو ۽
رتوديرو (الله تعاليٰ کيس وڏي حياتي ۽ وڏو بخت عطا
ڪري) ڪتاب جي نقل ڪندڙ عبيدالله فقير گاد ۽ آخوند
ميان علام نبي ڪلهوڙو جي طرفان چڱي طرح سان
نظرثاني ڪرڻ بعد پورو ٿيو. جيڪي لفظ يا جملا پهرين
لکڻيءَ وقت ڀُل کان غلط لکجي ويا هئا، اُهي هاڻي
ڪتاب جي اصلي نسخي مطابق درست ڪري لکيا ويا آهن.
نياز الوجود
غلام النبي قوم ڪلهوڙو
27 رجب المرجب 1324هه
حمد خداي پاک که همت ازو رسيد
تصحيح اين کتاب بدرجه اتم رسيد
بي عيب آمد است خداوند ذوالجلال
مان آن نوشته ايم که اندر نظر رسيد.
ترجمو:
الله تعاليٰ جو شڪرانو، جنهن همت ڏني ۽ هن ڪتاب جي چڱي طرح
تصحيح ٿي وئي.
بي عيب الله تعاليٰ جي ذات پاڪ آهي. اسان اهو لکيو آهي، جو اسان
کي نظر آيو آهي.
عبده عبيدالله فقير قوم گاد
ضميمو
سال 650 هجريءَ جي شعبان المعظم جي 21 تاريخ حضرت مخدوم
لعل شهباز (الله تعاليٰ سندس تربت کي روشن رکي)
وفات ڪئي.
حضرت مخدوم لعل شهباز جو روضو پاڪ پهريائين ملڪ اختيار
الدين، جو سلطان فيروز شاه کان اڳ ۾ سيوستان
(سيوهڻ) جو حاڪم هو، 757هجريءَ ۾ تعمير ڪرايو ۽
روضي جي تعمير جي تاريخ بابت جيڪو قطعو قبي جي پٿر
(مُنهاڙيءَ) تي اُڪيرايو هئائين، سو هيءُ آهي:
بعهد دولت فيروز شهه سلطان دين پرور
که خاکه در گهش سازند شاهان جهان افسر
از آن گاهي که بر تخت شهنشاهي نشست آن شهه
سراسر گشت گيتي از شعاع دولتش انور
عمارت شد مقام شيخ عثمان پير مروندي
ولي الله که او بازسفيد بحر بود و بر
چه زيبا بارگاهي شد بهشتي طاق بر گنبذ
که رنگُ نُه فلک گشته ز رنگ بام او اخضر
اگرچه اوليا اندر زمان شيخ بس بود ند
و ليکڪن در کرامت بود او از همگان برتر
بروز هفتم از ماه رجب مبني شد اين روضه
بسال هفتصد پنجاه و هفت از هجرت مهتر
بنايش کرد والي اختيار الدين ملڪ ارشد
امير عادل و باذل، تهمتن، ثاني اسڪندر
ڪه تابود است سيوستان نمود. اينچنين والي
سخي و مشق و مکرم، تقي پاڪ و دين پرور
اميد آنست مي يابد جزايء اينچنين خيري
هزاران فيض در جنت ز فضل ايزد اکبر
ترجمو:
سلطان فيروز شاه دين پرور بادشاه جي حڪومت ۾، جنهن جي بارگاه جي
مٽيءَ کي، دنيا جا بادشاه پنهنجو تاج ٿا بڻائين.
جڏهن کان وٺي اهو بادشاه شهنشاهيءَ جي تخت جلوه افروز ٿيو آهي،
سڄي دنيا سندس بادشاهيءَ جي نور سان منور ٿي وئي
آهي.
حضرت عثمان مرونديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آهي، جو ولي الله هو
۽ بحر ۽ بر جو باز سفيد.
ڪهڙي نه سهڻي درگاه تعمير ٿي آهي، جنهن جو گنبد
بهشت جهڙن محرابن سان سينگاريل آهي ۽ نون ئي
آسمانن جو رنگ، سندس بالا خانه جي رنگ اڳيان ڦِڪو
آهي (يا بالاخانه جي رنگ جي ڪري سائو نظر اچي رهيو
آهي).
جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اوليا به گهڻائي هئا، پر
قلندر سڀني کان وڏي درجي وارو هو.
هيءُ روضو مبارڪ رجب مهيني جي ستين تاريخ تعمير ٿيو ۽ اهو سال
757هه هو.
هيءُ روضو حاڪم ملڪ اختيار الدين تعمير ڪرايو، جو منصف مزاج
حاڪم، سخي، بهادر ۽ رُتبي ۾ سڪندر جهڙو آهي.
جڏهن کان سيوهڻ شهر آباد ٿيو آهي، اهڙو حاڪم ڪو نه ٿيو آهي، جو
سخي، مهربان، بخششون ڏيڻ وارو، پرهيزگار ۽ خوش
اعتقاد ديندار آهي.
اميد آهي ته کيس اهڙي خير جي ڪم جي عيوض، الله تعاليٰ جي فضل
سان بهشت ۾ هزارين محلات ملندا.
حضرت مخدوم لعل شهباز عليه الرحمة جي روضيجي تڪميل کانپوءِ، سيد
عليءَ جو مقبرو تعمير ڪرايائين، جو حضرت لعل شهباز
جو خادم ۽ وزير هو ۽ ولايت ۽ هدايت جي درجي تي
پهتل هو. انهيءَ مقبري جي تعمير جي تاريخ بابت
هيءُ قطعو چيو ويو آهي:
شد بناي مرقد عالي بعهد شر يا
ساه فيروز آنکه بگر فته است زو گيتي قرار
مي سزد گر بنده درگاه آن گيتي پناه
تا کند در سرفرازي بر سلاطين افتخار
بر سر قبر ولي الله علي الحق علي
بود از بغداد اندر صف پاکان شهسوار
هفتم ماه صفر مبني شد اين مرقد بسال
هفتصد پنجاه و هفت از هجرت احمد شمار
کرد بنيادش ملکڪ ارشد که او در عهدما
هست اندر عدل و بزل و خُلق و احسان نامدار
چونکه ذات او درين شهر سوستان آمد.
تازه از سر گشت آن بقعه بسان نو بهار
ترجمو:
هيءُ عاليشان مقبرو فيروز شاه جي زماني ۾ تعمير ٿيو آهي. جنهن
جي طفيل دنيا امن ۽ سڪون حاصل ڪيو آهي.
جيڪڏهن هن بادشاه جهان پناه جي دربار جو ڪو غلام پاڻ کي ٻين
بادشاهن کان برتر سمجهي ته ٺهي ٿو.
هڪ ولي الله جي تربت تي جنهن جو نالو علي آهي، جو اصل ۾ بغداد
جو آهي ۽ اوليائن جي گروه جو شهسوار.
هيءُ مقبرو 7 صفر 757 هجريءَ ۾ تعمير ٿيو آهي.
هيءُ مقبرو ملڪ ارشد تعمير ڪرايو آهي، جو اسان جي زماني ۾ عدل،
سخا، اخلاق ۽ احسان ۾ مشهور آهي.
هو جڏهن کان سيوهڻ ۾ آيو آهي، هيءُ علائقو نئين سر باغ و بهار
بڻجي پيو آهي.
ان کانپوءِ مرزا جاني بيگ ترخانيءَ کي پنهنجي سلطنت جي زماني ۾
انتها درجي جي عقيدتمنديءَ جي ڪري اها توفيق نصيب
ٿي، جو حضرت مخدوم لعل شهباز جي روضي کي نئين سر
تمام مٿانهون ڪري تعمير ڪرايائين ۽ حقيقت هيءَ آهي
ته سڄي سنڌ ۾ اهڙو موزون ۽ خوبصورت روضو ٻيو ڪو نه
آهي. مرزا جاني بيگ جي وفات کانپوءِ سندس فرزند
مرزا غازي بيگ جو دنيا ۾ سخا ۽ جوان مرديءَ جي ڪري
پنهنجو مت پاڻ هو، بادشاه نور الدين محمد جهانگير
(الله تعاليٰ سندس قبر کي سُرهو ڪري ۽ سندس جاءِ
جنت ۾ هجي) جي حڪومت جي زماني ۾ روضي پاڪ جي اڳيان
خانقاه تعمير ڪرائي، مگر سندس عمر وفا نه ڪئي ۽
تعمير جو ڪم مڪمل ڪرائي نه سگهيو. پوءِ 1039
هجريءَ ۾ جڏهن نواب والا جناب معلي القاب امير
السادات سيد بهره عرف نواب ديندار خان بخاري سيوهڻ
کي پنهنجي تشريف آوريءَ جو شرف بخشيو ته خانقاه جي
تعمير به مڪمل ڪرايائين ۽ خانقاه جي صحن کي، جو
اٽڪل جريب کن ٿيندو ڪاشيءَ جي رنگين سِرن سان
مُزينُ ڪرايائين ۽ آرائش ۽ زيبائش لاءِ جيڪي به
ضروري هو سو سڀ پورو ڪرائي، صحن ۾ هڪ ننڍڙي مسجد
به ٺهرايائين. صحن ۾ فرش جي تعمير جي تاريخ ڪنهن
شاعر ريت چئي آهي:
بدوران شهاب الدين جهان شاه
جهان از عدل او خُرَ سند و آباد
شده تعمير فرش عرش مسند
حسيني سيد شهباز را ياد
قبول آمد بنائ خان يندار
در آن حضرت بعون طالم شاد
چه گويم و صف آن صحن مقدس
بجائ خشت، انجم چيده استاد
چو خواهي سال آن با چشم دانش
بمقطع بين که آمد سال بنياد
يکي باشد ز ”فرش مسند شاه“
1040
دگر باشد ز ”فرش جنت آباد“
1041
ترجمو:
بادشاه شهاب الدين شاهجهان جي دور حڪومت ۾ جنهن جي عدل جي ڪري
دنيا خوش ۽ آباد آهي.
فرس، جيڪو رتبي ۾ عرش جي برابر آهي، ان جي تعمير جي يادگيري
حسيني سيد شهباز کي آئي.
ديندار خان جي ڪرايل تعمير، سندس بخت جي يا وريء سان قلندر جي
حضور ۾ قبول پئي
مان انهيءَ مقدس صحن جي ڪهڙي تعريف ڪريان، ڪاريگر سِرن جي بجاءِ
ستارا سجايا آهن.
جيڪڏهن تون ان جو سال معلوم ڪرڻ ٿو گهرين، ته مقطع تي نظر ڪر،
جنهن مان سندس تعمير جو سال نڪري ٿو
هڪڙو سال آهي ”فرش مسند شاه“ ٻيو آهي ”فرش جنت آباد.“
(خانقاه جي) دروازي جي ٻاهران هڪ شاندار مسجد
تعمير ڪرايائين، جنهن جي اڳيان هڪ وڏو چبوتڙو ۽ ان
جي هيٺان فقيرن جي لاءِ حجرو ٺاهيو اٿن. حقيقت
هيءَ آهي ته اهڙي هوادار، فرحت بخش ۽ دلڪشا جاءِ
هن ملڪ ۾ ٻي ڪا نه هوندي. هن دارالامان ۾ زماني کي
فيض، وڏي ڪاميابي ۽ بي حساب روحاني راحت حاصل ٿي
ٿئي. سندس تعمير جي تاريخ لاءِهيءُ قطعو چيو ويو
آهي:
بدور شهنشاه شاهجهان
جهان از نوالش چو باغ بهشت
چو مسجد بنا کرد ديندار خان
بدرگاه شهباز عالي سرشف
خرد گفت سالش ”چو بيت العتيق“
1042
دگر ”مسجد از شيخ بهوه“ نوشت
[2]
1043
ترجمو:
شهنشاه شاهجهان جي دور حڪومت ۾، جنهن جي سخا جي ڪري دنيا بهشت
جو باغ بڻجي پئي آهي.
جڏهن ديندار خان قلندر شهباز جي درگاه ۾ مسجد تعمير ڪرائي.
ته عقل سندس تعمير جو سال ”چو بيت العتيق“ ٻڌايو ۽ ٻيو ”مسجد از
شيخ بهوه“ لکيائين.
اهو احوال هڪ ننڍري ڪتاب ”تذڪرهء مشائخ سيوستان ۾ لکيل آهي، جو
سيد حاجي حسين علي شاه سيوهاڻيءَ جو تصنيف ڪيل آهي
۽ هت وڏي بنگلي ۾ ويهي 7 مئي 1905ع تي ان مان نقل
ڪري، اڄ 14 جون 1905ع تي هن ڪتاب ۾ درج ڪيو ويو.
هر که خواند يا به بيند اِبن کتاب
ياد دارد با دعائي مستجاب
قار يا برمن مکن چندين کتاب
گر خطائي رفته باشد در کتاب
آن خطائي رفته را تصحيح کن
از کرم و الله اعلم بالصواب.
ترجمو:
هيءُ ڪتاب جيڪو شخص پڙهي، اهو دعا ڪري.
اي پڙهندڙ! جيڪڏهن ڪتاب ۾ ڪا غلطي رهجي وئي هجي، ته مون کي ميار
نه ڏي.
مهرباني ڪري انهيءَ غلطيءَ کي درست ڪر. و الله اعلم بالصواب.
مخدوم شيخ ڇُٽي عمراڻي (رحمت الله عليه) جي والد جو نالو عمران
هو، جنهنڪري عمران مشهور ٿيو. عمران تعيم قوم جي
حاڪمن مان برهمڻ آباد جو هڪ حاڪم هو، جو سنڌ ۾ ”با
ڀرواه“ جي نالي سان مشهور آهي. چيو وڃي ٿو ته
عمران کي ٻه پٽ هئا هڪ دلو راءِ، جو بدڪار ماڻهو
هو ۽ ٻيو ڇُٽو، جنهن جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان وٺي
سعادت ۽ هدايت جو نور چمڪندو هو ۽ پنهنجي حياتي
درويشن جي صحبت ۽ خدمت ۾ گذاريندو هو. جڏهن عمران
فوت ٿيو، ته سندس جانشين دلو راءِ ٿيو ۽ مخدوم ڇٽو
حرمين شريفين (زادها الله) شرفر و تعظيما) ڏانهن
روانو ٿي ويو ۽ اتي پهچي بيت الله جي طواف ۽ روضئه
اقدس جي زيارت کان مشرف ٿيو. انهيءَ مقدس ملڪ ۾ هڪ
مرشد ڪامل جي صحبت ۾ رهي، گهڻو وقت سندس خدمت ۾
گذاريائين، تان جو ڪماليت کي وڃي رسيو ۽ خلافت جو
خرقو ۽ هدايت جي اجازت حاصل ڪري، مرشد جي حڪم سان
روم ڏانهن ويو، جتي درياء جي ڪناري تي ويهي قرآن
مجيد جي تلاوت ڪندو هو. هڪ دفعي هڪ ٻانهي اتان
پاڻي ڀرڻ آئي ۽ ڏٺائين ته درويس (مخدوم ڇٽو) قرآن
مجيد جي تلاوت اهڙيءَ ريت ڪري رهيو آهي، جو پاڻيءَ
جو وهڻ به بند ٿي ويو آهي ۽ پکين جي اُڏامڻ به
روڪجي پيو آهي، ٻانهي حيران ٿي وئي ۽ وڃي پنهنجي
مالڪياڻيءَ کي ٻڌايائين جنهن جو نالو فاطمه هو ۽
پنهنجي وقت جي پرهيزگار بي بي هئي. بي بي صاحبه کي
مخدوم جي زيارت جو شوق ٿيو ۽ وڏي عزت ۽ تعظيم سان
کيس گهرائي، پنهنجي گهر جي ڀرسان هڪ جاءِ ۾
رهايائين ۽ ڳچ عرصي کانپوءِ غيبي اشاري جي مطابق
مخدوم سان نڪاح ڪيائين. چڱي عرصي گذرڻ بعد مخدوم
پنهنجي پاڪدامن بي بي سان گڏجي برهمڻ آباد ۾ موٽي
اچي رهڻ لڳو. دلوراءِ کي، جو بُرن ڪمن ۾ مبتلا هو،
گهڻيون ئي نصيحتون ڪيائين، پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
ڇڏيو. تان جو هڪ دفعي مخدوم کي اِلقاءُ (غيبي
اشارو) ٿيو ته ”هن شهر جي مٿان دلوراءِ جي برين
حرڪتن جي ڪري مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي“. جنهنڪري
مخدوم پنهنجي اهل عيال ۽ ڪن معتقدن سميت برهمڻ
آباد کان لڏي، سيوستان (سيوهڻ) ۾ اچي رهيو ۽ مخلوق
جي هدايت ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ڪن سالن کانپوءِ وفات
ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته مخدوم ڇٽي جو دور، مخدوم
لعل شهباز جي دور کان آڳاٽو هو. وڌيڪ خدا کي خبر.
|