سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 1

صفحو ؛ 1

لب تاريخ سنڌ

خان بهادر خداداد خان

اشاعت جو مقصد

 

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي پروگرام ”قومي تاريخ ۽ ادب جي نشر و اشاعت“ جي تحت جيڪي ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي، هيءُ ڪتاب انهيءَ ئي سلسلي ۾ تصحيح ۽ ترجمو ڪرائي، ڇاڇيو ويو آهي.

قارئين ڪرام کان مخفي نه هوندو ته سنڌ جي دانشورن عربي ۽ فارسي زبانن ۾ تاريخ، سِيرَ“ حديث، تصوف، ادب، شعر ۽ ٻين علمي موضوعن تي گهڻيون ئي قيمتي ۽ يادگار تصنيفون ڇڏيون آهن، جن مان ڪي اڃا تائين قلمي مسودن جي صورت ۾ شخصي ڪتب خانن جي گوشن ۾ پيل آهن ۽ جھڻ ڌيان تان ئي لهي ويل ٿيون ڀانئجن. سنڌي ادبي بورڊ چاهيٿو ته اهڙي علمي ۽ ادبي سرمايي کي تاريڪيءَ ۽ گمناميءَ مان ڪڍي، ان کي اهل علم ۽ اهل زوق تائين پهچائي.

هيءُ ڪتاب، جو قارئين ڪرام جي خدمت ۾ پيس ڪيون وڃي ٿو، سو فارسي ڪتاب ”لُب تاريخ سنڌ“ جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو متن سنڌي ادبي بورڊ 1959ع ۾ پنهنجي ڏهن سالن واري پروگرام (1951ع کان 1960ع تائين) موجب ڇپايو هو، جڏهن بورڊ رٿيو هو ته انهيءَ عرصي ۾ عربي جا 14، فارسي جا تاريخي ڪاتاب 30، فارسي جي شعر ۽ ادبجا 57، اردوءَ جا 7 ۽ انگريزيءَ جا 7 ڪتاب ڇپائي، پڌرا ڪيا ويندا ۽ هاڻي ان جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو وڃي ٿو. جيڪي حضرات فارسي زبان کان پوري طرح آشا نه آهن، انهن جي لاءِ هي سنڌي ترجمو مفدي ثابت ٿيندو.

 

 

ديباچو

انهيءَ بي مثل مالڪ جي حمد ۽ ثنا کان پوءِ جو ”تُو تِي المُلَڪ مَن تَشاءُ وَ تَنزعِِ المُلَڪَ مِمَن تَشاءُ“ سندس ڪامل قدرت جو هڪ ادنيٰ ڪرشمو آهي ۽ انهيءَ خاتم المرسلين جي تعريف ۽ توصيف کان پوءِ، جنهن جو شان ”لَولاَ ڪَ لَما خُلفتَ الاَ فلاَڪَ“ جي ارشاد مان ظاهر آهي، مان انهن اصحابن ڪرامن جي سهڻين وصفن جو زڪر ضروري ٿو سمجهان، جي دين متين جا ٿنڀا ۽ شريعت محمديُ جا اُجاريندڙ آهن.

مان انگريز سرڪار جي ڪهڙي تعريف ڪريان. بس، فقط هيترو چوڻ ڪافي ٿو سمجهان، ته هن دور جي اندر انصاف، شفقت ۽ رعيت پروريءَ ۾ سندس ڪو به مٽ ثاني ڪونهي.

ان کانپوءِ هيءُ عاجز خان بهادر خداداد خان ولد مرحوم راصو خان يا رضا محمد خان پٺاڻ حال رهندڙ پراڻو سکر، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي عرض ٿو ڪري، ته مان فرصت جو گهڻو وقت سنڌ جي تاريخ پڙهڻ ۾ گذاريندو هوس، جا هاڻي منهنجو وطن آهي ۽ مون کي خاطري آهي ته گهڻائي ماڻهو منهنجي هن سوق کي پسند ڪندا. هڪ هندوستان دانشور جي قول مطابق:

بيڻهکر سير ملک کي کرنا،

يه تماشا کتاب مين ديکها.

اهڙو ڪتاب، تاريخ جو ڪتاب ئي سمجهڻ گهرجي. انهيءَ باري ۾ ٻيا به ڪيترائي اقوال آهن. جنهنڪري مان تاريخ جي اڪثر ڪتابن جهڙوڪ ”چچ نامي“، ”تاريخ معصومي“، ”ارغون نامي“، ”بيگلارنامي“، ”طاهري نسياني“، ”تحفة الڪرام“، ”فريئر نامي“، انگريزيءَ جي تاريخن ۽ سنڌيءَ جي ختصر تاريخن جي مطالعي ۾ وقت صرف ڪندو هوس، جي سڀئي سنڌ جي حالات تي مشتمل آهن. مولفن، مصنفن ۽ مورخن مٿي ڄاڻايل تاريخي ڪتابن ۾ پوري فراست، فصاحت ۽ بلاغت سان اهڙا حالات بيان ڪيا آهن، جي ضروري به هئا ۽ تاريخ سان تعلق رکندر به. مثال طور هر قسم جي فتحمنديءَ جو احوال، هر طرح جون عجيب ۽ دلچسپ ڳالهيون ۽ انهيءَ زماني جي حڪمرانن جا اوصاف ۽ سندن ضروري ۽ تفصيلي حالات وغيره.

مطلب ته انهن مورخن اهڙي فصاحت ۽ تفصيل کان ڪم وٺي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جون دليون خوش ڪيون آهن ۽ کين پنهنجو گ5رويد ۽ مداح بنايو اٿن. انهن تاريخي ڪتابن جا مصنف وڏي ساراهه جا مستحق آهن. الله تعاليٰ کين پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان نوازي.

جيتوڻيڪ مٿي جھاڻايل تاريخن مان سنڌ جا تفصيلي حالت معلوم ٿين ٿا، مگر پوئين زماني جا ڪي ضروري حالات، جن جو هن ڪتاب م درج ڪرڻ انگريز سرڪار جي نقطه نگاهه کان تمام صروري اهي، انهن وڏن ۽ ۽ ڊگهن ڪتابن ۾ ملڻ ناممڪن آهن. انهيءَ ڪري ڪن دوستن ۽ خاص طور تي مسٽر جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ، جي صلاح سان ”چچ نامي“، ”تاريخ معصومي“، ”طاهري نسياني“، ”ارغون نامي“، ”بيگلار نامي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان، جي پنج (ڇهه) ئي معتبر ۽ آخري ڪتاب آهن، گهڻي مدد ورتي وئي ۽ ان کي ترتيب وار مرتب ڪري ۽ پنهنجن پنجاهه سالن کان ورتل قلمي نوٽن مان ڪي خاص، ضروري ۽ تعلق رکندڙ ڳالهيون وٺي، ”لَغب تاريخ سنڌ“ (سنڌ جي تاريخ جو خلاصو) جي نالي سان، الله جي آسري، سنڌ جي هيءَ تاريخ لکي وئي آهي.

پڙهندرن ۾ اميد آهي ته جيڪڏهن مون کان ڪا ڪوتاهي سر زد ٿي وئي هجي، ته ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران، رڳو پنهنجي مقصد تي نظر رکن ۽ مون کي نيڪيءَ سان ياد ڪن. ڇو ته چيو ويو آهي ته:

”بنرو چوڻ بُرن ماڻهن جو ڪم آهي.“

بالله التوفيق

 

باب پهريون

 

سنڌ جو نالو، حدون، دارالحڪومت ۽

سندس صوبن جو بيان

        سنڌ جي مٿان، ”سنڌ“ نالي پُن جو سبب تاريخي ڪتابن مان ظاهر آهي. خاص طرح ”بيگلارنامي“، ”تحفة الطاهرين“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مان جن لکيو آهي ته ”هند“ ۽ ”سنڌ“ حام بن نوح عليه السلام جي پٽن جا نالا هئا (جي هنن ملڪن تي رکيا ويا). صحيح علم الله کي آهي.

هند ۽ سنڌ جون حدون اڪثر تاريخن مطابق هيٺيئن ريت هيون:

اوڀارين حد - ڪشمير ۽ قنوج تائين، جي هن وقت سنڌ جي موجوده حدن کان هزارين ميل پري آهي.

اولهائين حد – مڪران ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين يعني لاهوري ۽ ديول (ديبل بندر) تائين، جا هن وقت به سنڌ جي حد آهي.

اُترين حد – قنڌار، سيستان، جبل سليمان ۽ ڪيڪانان تائين، جي هن زماني ۾ سنڌ کان سوين ميلن جي فاصلي تي اهن.

ڏاکڻي حد – سورت بندر تائين، جو هن وقت سنڌ کان سوين ميل پري آهي.

سنڌ جون موجودح هدون اڳڀرو هلي موقعي اچڻ تي لکيون وينديون.

انگريز مورخن موجب سڪندو ذوالقرنين 368 قبل مسيح ۾ پنجاب کان درياءُ جي رستي سنڌ ۾ آيو هو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ ڪو مستقل بادساهه ڪو نه هو ۽ سنڌ جا جدا جدا حڪمرانن جي قبضي ۾ هئي. سڪندر مهراڻ (سنڌو ندي) ۾ ٻيڙا هلائيندي، سمنڊ تائين وڃي پهتو هو. سندس آمد جي باري ۾ مٿي ڄاڻايل سنه سان گڏ هجري سنه جو ذڪر ڪري نه سگهبو، جو هجري سنه اڃا شروع ئي نه ٿيو هو.

انهيءَ دور ۾ سنڌ جي دارالحڪومت ۽

سندس صوبن جو بيان (چچنامي مطابق)

        ڊارالحڪومت ”الور“ (اروڙ) جنهن ۾ انهيءَ زماني جو بادشاهه يا راا خود جلوه افروز هوندو هو، مهراڻ جي ڪناري تي هو.

”برهمڻ آباد“ (بانبران)، ”نيرون ڪوٽ“ (حيدرآباد)، ”ديول“، (ٺٽو)، ”لوهاڻا“، ”لاکا“، ”سما“ ۽ مهراڻ جي سڄي ماٿري هڪڙي حاڪم جي هٿ ۾ هوندي هئي.

”سيوستان“، (سيوهڻ)، ”جنڪان“، ”ڪوه پايه“ ۽ ”رونجهاڻ“ مڪران جي حد تائين وارو علائقو ٻئي حاڪم جي ماتحت هو.

”اسڪلنده“ جو قلعو، ”باتيه“، ”تلواره“، ”چچپور“ ۽ هندن جي حد تائين، وارو علائقو ٽئين حاڪم جي عملداريءَ ۾ هو.

”ملتان“، ”سڪو“، ”برهمپور“ ”ڪرور“، ”اشتهار“ ۽ ”تاڪيه“ ڪشمير جي حد تائين چوٿين حاڪم جي هٿ ۾ هو.

هن ڪتاب (لُب تاريخ) جو مولف ضروري ٿو سمجهي، ته پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ دارالحڪومت ۽ مٿي جھاڻايل سندس صوبن جو ڪجهه احوال بيان ڪجي ته جيئن موجوده دور جا ماڻهو حال جو ماضيءَ سان مقابلو ڪري سگهن ۽ زماني جي انقلابن مان عبرت حاصل ڪن.

دارلاحڪومت اروڙ جو بيان

        اروڙ هاڻي به مشهور آهي ۽ روهڙيءَ کان ڏکڻ – اوڀر جي ڪنڊ ۾ پنجن ميلن جي فاصلي تي وڏي ناري جي ڪناري تي اهي. هڪ ننڍڙو ۽ ويران ڳوٺ آهي، جنهن ۾ ڪوري ۽ هندو رهن ٿا. جن جا گهر هڪ سئو کان زياده نه ٿيند. البت اتي حضرت شاه شڪر گنج عليه الرحمت جي مزار پُر انوار آهي، جتي سکر، روهڙي ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو ميلي جي موقعي تي زيارت ڪرڻ ۽ گدرن کائڻ لاءِ ايندا رهندا آهن.

سنڌ جي صوبن جو بيان

        هن وقت برهمڻ آباد ”بانبران“ جي نالي سان مشهور آهي. ننڍڙو ڳوٺ آهي. رڳو واريءَ جا درا. ٽنڊي آدم جي اوڀر ۾ نون ميلن جي فاصلي تي آهي. نيرون ڪوٽ جو نالو بدلجي، ”حيدرآباد“ ٿيو آهي. حيدرآباد جو سهر سنڌ جي حاڪم ميان علام شاهه ولد ميان نور محمد ڪلهوڙي 1186هه مطابق 1728ع ۾ ٻڌايو هو. ديبل بندر بدلجي، ”ٺٽو“ ٿيو آهي، جو سنڌ جو سمي حاڪم ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي 893هه مطابق 1487ع ۾ بڌايو هو. مٿي ڄاڻايل هجري سنه ابجد جي حساب موجب ”بين اين بسم الله الرحمان الرحيم“ مان نڪري ٿو [1] لوهاڻا، لاکا ۽ سمان، جي انهيءَ صوبي ۾ هئا، هن وقت موجود ڪونهن ۽ اهو پتو به نه آهي ته اهي شهر هئا يا ڳوٺ يا قلعا؟ البت مهراڻ (سنڌو ندي) اڃا تائين سنڌ ۾ وهندو رهي ٿو. انگريزي ۽ سنڌي تاريخن مطابق ديبل بندر منهوڙي ۾ هو، جو سمنڊ جي اندر آهي. مگر اها ڳالهه غلط آهي. مسلمان مورخن جيڪي تاريخون لکيون آهن، انهن سڀني جو هن ڳالهه تي اتفاق آهي ته ديبل بندر ٺٽي ۾ هو.

        سيوستان جو نالو بدلجي، ”سوهڻ“ ٿي ويو آهي، ۽ جنڪان، ڪوه پايه ۽ رونجهاڻ جو هن وقت نانءُ نشان به ڪو نه آهي ۽ نه اها خبر آهي ته اهي ڇا هئا؟ قلعا يا شهر؟ مگر مڪران ۽ سنڌ جي حد اڃا تائين ساڳي ئي آهي.

        اسڪلنده جو قلعو، باتيه، تلواره، چچپور ۽ هندن جي حد تائين وارو علائقو ظاهر آهي ئي ڪو نه، ته ڪهڙي هنڌ هو، ۽ سنڌ جي اندر هو يا ٻاهر؟ ۽ اهي شهر هئا يا ٻيو ڪجهه؟

        ملتان جو نانءُ نشان اڃا تائين قائم آهي ۽ هن وقت پنجاب ۾ آهي. سڪو، برهپور، ڪرور، اشتهار ۽ تاڪيه شايد پنجاب ۾ هئا ۽ شايد اڃا به اتي ڄاتل سڃاتل هوندا.

        پڙهندڙو! ماضي ۽ حال جي ڀيٽ کان پوءِ اميد آهي ته اوهان عبرت حاصل ڪندو، ته ڇا هو ۽ ڇا ٿي ويو؟! بزرگن سچ چيو آهي ته:

طرفته العيني جهان برهم زند

ڪس نمي ياور که آنجا دم زند

(الله تعاليٰ اک ڇنڀ ۾ سڄي دنيا کي زير زبر ڪري سگهي ٿو ۽ ڪنهن کي به مجال نه آهي جو ڪڇي پڇي سگهي).

۽ هيئن به چيو اٿن ته:

بيک گردش چرخ نيلوفري،

نه نادر بجا ماند، ني نادري

(آسمان جي هڪ ئي چڪر سان نه نادر بچي سگهيو، نه سندس نادري).

        راقم الحروف (مولف) سيوهڻ جي باري ۾ تمام ٿورو لکيو آهي، سيوهڻ ۾ ”قلندر، رونق افروز آهي، جو سنڌ جو بادساهه آهي. هاڻي، هن موقعي تي سندس احوال ضرور لکڻ گهرجي.

        حضرت عثمان مروندي (ميمندي) عرف ”لال شهباز قلندر“ ولد سيد ڪبير، ولد سيد شمس الدين، ولد سيد نور شاهه، ولد سيد احمد شاهه، ولد سيد هادي، ولد سيد مهدي، ولد سيد منتخب، ولد سيد غالب، ولد سيد منصور، ولد سيد اسماعيل، ولد حضرت امام جعفر صادق عليه السلام. سندس اصلي رهائش مروند (ميمند) ۾ هئي، جو افغانستان جي مشهور شهر ”هرات“ جي پسگردائي ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته سندس والد ماجد جڏهن اڃا ڪنوارو هو، ته هڪ رات کيس خواب ۾ چيائين ته ”مون کي ٻاهر ڪڍو“. پڻس جواب ڏنو، ته ”بهشت مان ٻاهر اچڻ بهتر آهي.“ وري والد کي دوباره عرض ڪيائين ته ”دنيا ۾ ظاهر ٿيڻ به بهتر آهي.“ آخر انهيءَ دور جي بادشاهه کي سيد ڪبير جي شاديءَ جي خواهش جي خبر پئي، جنهن پنهنجي شاهزادي سندس نڪاح ۾ ڏني. قصو ڪوتاه، حضرت قلندر شهباز 583هه مطابق 1187ع ۾ ڄائو. جڏهن وڏو ٿيو ته هندوستان جي سياهت لا3 روانو ٿيو. پهريائين شيخ منصور جي خدمت ۾، سندس صحبت اختيار ڪيائين، جو پنهنجي وقت جو عارف ڪامل هو. علم حاصل ڪرڻ بعد سندس هٿ تي بيعت ڪيائين ۽ کانئس موڪلائي، حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتاني، حضرت فريد الدين شڪر گنج پاڪ پٽڻ واري ۽ حضرت جلال جهانيان اُڄ واري سان گڏجي، هند ۽ سنڌ جي اڪثر حصن جي سياحت ڪيائين. اهي چارئي بزرگ ”هندوستان جا چار يار، مشهور هئا.

        حضرت قلندر شهباز جي ڪيترن ئي اسعارن منجهان هيٺيان ٻه مشهور ۽ مقبول شعر (غزل) پيس ڪيا وڃن ٿا:

(1)

ز عشق دوست هر ساعت درون نارمي رقصم

گهي بر خاڪ مي غلطم، گهي بر خارمي رقصم

شدم بدنام از عشقت بيا اي يار من اکنون

نمي ترسم ز رسوائي، به هر بازار مي رقصم

بيا اي مطرب و ساقي! سماع و زوق راداده

ڪه من از شادي وصلش قلندر وار مي رقصم

منم عثمان ميمندي، که يار خواجه منصورم

ملامت مي ڪند خلقي، که من بردار مي رقصم

(2)

من آن دُرم ڪه در بحر جلال الله بوده ام

به کوه طور با موسيٰ کليم الله بوده ام

گهي زنار مي بستم، گهي قرآن مي خواندم

گهي در مذهب ترسا بسي محنت کشيده ام

دو صد جامه کهن کردم، لباس فقر پوشيدم

بر آن برجي که من بودم هزارن يک رسيده ام

به اسماعيل پيغمبر، به ابراهيم بن آزر

دران سر وقت قرباني بزربان گاه بوده ام

ايا ملا! مکن ظاهر سر اسرار مردان را

ندانستي، ندانستي، ڪه سر الله بوده ام

آيا عثمان ميمندي! چرا مستي درين عالم

ڪه جز ”يا هو“ و ”يا من هود“ دگر چيزي نمي دانم [2].

ترجمو:

هر وقت دوست جي عشق ۾ باه جي اندر رقص ڪندو (تڙپندو) ٿو رهان – ڪڏهن مٽيءَ ۾ ليٿڙون ٿو پايان ۽ ڪڏهن ڪنڊن جي مٿان رقص ٿو ڪريان.

اي دوست! هاڻي اچ، مان تنهنجي عشق ۾ بدنام ٿي پيو آهيان – (تاهم مان) بدناميءَ کان نٿو ڊڄان (بلڪه) سر بازار رقص ڪندو ٿو رهان.

اي مطرب! ۽ ساقي! اچو، ڳايو ۽ منهنجي ذوق  ۾ اضافو ڪريو – جو مان، دوست سان وصل جي خوشيءَ ۾ قلندرن وانگر رقص ٿو ڪريان.

مان عثمان ميمندي، خواجه منصور (منصور حلاج) جو دوست آهيان – ماڻهو مون کي ملامت ٿا ڪن ته مان ڦاسيءَ جي تختي تي به رقص ٿو ڪريان.

(2)

مان اهڙو گوهر اهيان، جو الله جي عظمت ۽ جلال جي سمنڊ ۾ رهي چڪو آهيان حضرت موسيَٰ ڪليم الله سان طور سينا تي گڏ رهيو آهيان.

ڪڏهن جڻيو ٻڌندو هوس، ڪڏهن قران مجيد پڙهندو هوس – ڪڏهن نصراني مذهب ۾ رهي، وڏي مشقت برداشت ڪئي اٿم.

ٻه سئو لباس چوڙي پراڻا ڪري ڇڏيم ۽ (آخر) فقيراڻي اَلفي پاتم – مان جنهن برج تي هوس، انهيءَ تي هزارن ماڻهن پهچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فقط مان ئي هڪڙو ڄڻو پهچي سگهيس.

مان، حضرت اسماعيل پيغمبر ۽ حضرت ابراهيم بن آزر سان قربانيءَ جي وقت قربان گاه ۾ گڏ هوس.

اي ملا! مردان خدا (الله وارن) جا راز ظاهر نه ڪر – تون نٿو سمجهين، تون سمجهين، مان الله وارن جو راز آهيان.

اي عثمان ميمندي! هن دنيا ۾ ايڏي مستي ڇو ٿو ڪرين؟ مون کي ”يا هو“ ۽ ”يا من هو“ (الله جي ذات پاڪ) کانسواءِ ٻي ڪا به خبر ڪانهي.

حضرت قلندر شهباز گهڻو عرصو سير سيحات ۾ گذارڻ بعد، نيٺ سيوهڻ کي اچي رونق بخشي. ڪنهن شاعر سندس تشريف اوريءَ جي تاريخ ”نمود آفتاب دين“ (دين جو سج ظاهر ٿيو) مان ڪڍي آهي جنهن مان ابجد جي حساب موجب هجري سن 244 ٿو نڪري، جو عيسوي سن 1246 جي مطابق آهي [3] چيو وڃي ٿو ته حضرت قلندر شهباز سيوهڻ ۾ جنهن هنڌ اچي منزل انداز ٿيو، اهو بدڪار عورتن جو محلو هو. حضرت قلندر جي روحاني تصرف سبب انهيءَ رات ڪو به مرد بدڪاري ڪرڻ تي قادر ٿي نه سگهيو. ڏينهن جو اهڙن ماڻهن پاڻ ۾ چوپچو ڪئي ۽ ڀانيائون ته اهو هن بزرگ جو ڪرشمو اهي، شرمسار ٿيا. توبهه ڪيائون ۽ حضرت قلندر کان معافي گهريائون. اهو به چيو وڃي ٿو ته جنهن هنڌ حضرت قلندر جو روضو مبارڪ آهي، اهو هڪ  خالي ۽ بيڪار زمين جو ٽڪر هو. حضرت قلندر ان کي هڪ مزور کان صاف ڪرائڻ، لڳو، ته ايتري ۾ انهيءَ زمين جو مالڪ اچي ويو ۽ ائين ڪرڻ کان منع ڪيانئينس. قلندر کي جوش آيو. هڪ لٺ وهائي ڪڍيائينس هو ڪري پيو ۽ مري ويو. قلندر اتي ئي دفن ڪرائي ڇڏيس. هن جا عزيز آيا ۽ حجت بازي ڪرڻ لڳا. قلندر چين ته ”ڪنهن ماڻهوءَ کي نه ماريو ويو آهي. هڪ ڇتو ڪتو هو، ان کي ماري هت پورايو ويو آهي.“ زمين کوٽائي ڏٺائون ته واقعيڪتو هو. هو پشيمان ٿيا ۽ موٽي ويا.

        اي مولف! اختصار کان ڪم وٺ نه ته حضرت قلندر شهباز جي احوال ۽ سندس ڪرامتن جي بيان لاءِ هڪ جدا داستان مرتب ڪرڻو پوندو.

        حضرت قلندر شهباز شادي نه ڪئي هئي. سيوهڻ ۾ فقط ڇهه سال رهيو ۽ پوءِ 650هه مطابق 1256ع ۾ رحمت ايزديءَ جي آغوش ۾ وڃي آرامي ٿيو. ڪنهن شاعر سندس وصال جو سال ”برحمت“ جي لفظن مان ڪڍيو آهي، جنهن جا عدد 650 آهن [4].

        حضرت قلندر جو روضو پهريائين هندوستان جي بادشاهه سلطان محمد شاهه جي سوٽ سلطان فيروز شاهه جي زماني ۾ تعمير ڪيو ويو هو، جو سلطان محمد شاه جي وفات کانپوءِ 756هه مطابق 1351ع ۾ تاج ۽ تخت جو وارث ٿيو. سلطان فيروز شاه انهيءَ وقت ٺٽي ۾ هو ۽ هندوستان رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ قلندر جي زيارت کان فيضياب ٿي، پوءِ ويوهو. روضي جي تعمير جو ڪم ملڪ رڪن الدين عرف اختيار الدين کي سونپي ويو، جو ان وقت سيوستان (سيوهڻ) ۽ ٺٽي جو حاڪم هو جنهن 7 رجب 757هه تي روضي جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪرايو.

جيئن هيٺين قطعه مان ظاهر آهي:

بعهد دولت فيروز شهه سلطان دين پرور

که خاڪ درگهش سازند شاهان جهان افسر

از آن گاهي که بر تخت شهنشاهي تسست آن شهه

سراسر گشته گيتسي از شعاع دولتس انور

عمارت شد مقام شيخ عثمان پير ميمندي

ولي الله ڪه او باز سفيد بحر بود و بر

چه زيبا بارگاهي شد بهشتي طلق بزگنبد

ڪه رنگ نه فلک گشته ز رنگ بام او اخصر

اگر چه اوليا اندر زمان شيخ بس بودند

وليکن بود او از همگنان بالاتر و برتر

بروز هفتم از ماه رجب مبين شد اين روضه

بسال هفصد و پنجاه و هفت از هجرت مهتر

بنايش ڪرد والي اختيار الدين ملڪ ارشد

اميري عادل و بادل، تهمتن، ثاني اسکندر

ڪه تابود است سيوستان، نبود است اينچنين والي

سخي و مشق ومکرم، تقي و پاڪ دين ديگر

اميد است اينکه مي يابد جزائ اينچنين چيزي

هزاران قصر در جنت بفضال ايزدي اکبر

ترجمو:

سلطان فيروز شاهه دين پرور بادساهه جي حڪومت جي زماني ۾ جنهن جي بارگاه جي مٽيءَ کي، دنياجا بادشاهه پنهنجو تاج ٿا پائين.

جڏهن کان وٺي اهو بادشاه، شهنشاهيءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو آهي. سڄي دنيا سندس بادشاهيءَ جي نور سان منور ٿي وئي آهي.

حضرت عثمان ميمنديءَ جو روضو تعمير ٿي ويو آهي، جو ولي الله هو ۽ بحر ۽ بر جو سفيد باز.

ڪهڙي نه سهڻي درگاهه آهي، جنهن جو گنبذ بهشت جهڙن محرابن سان سينگاريل آهي ۽ نون ئي آسمانن جو رنگ، سندس بالاخاني جي رنگ جي اڳيان ڦڪو آهي (يا بالا خاني جي رنگ جي ڪري سائو نظر اچي رهيو آهي).

جيتوڻيڪ حضرت قلندر جي زماني ۾ ٻيا اولياء به گهڻائي هئا، پر قلندر سڀني کان تمام وڏي درجه واروهو.

هيءَ روضو مبارڪ رجب مهيني جي ستين تاريخ تعمير ٿيو ۽ هجري سال 757 هو.

هيءُ روضو معزر حاڪم ملڪ اختيار الدين تعمير ڪرايو. جو منصف مزاج حاڪم، سخي، بهادر ۽ رتبي ۾ سڪندر جهڙو آهي.

جڏهن کان سيوهڻ شهر آباد ٿيو آهي، اهڙو هاڪم نه ٿيو آهي، جو سخي، مهربان، بخششون ڏيندڙ، پرهيزگار ۽ خوش اعتقاد ديندار آهي.

اميد آهي ته کيس انهيءَ شيجي عيوض الله تعاليَ جي فضل سان بهشت ۾ هزارين محلات ملندا.

(جيتوڻيڪ مولف کي ڪن بيتن ۾ سقم نظر اچن ٿا، پر جيئن ته روضي مبارڪ تي لکيل آهن، انهيءَ ڪري ڪڇڻ پڇڻ جي مجال نه آهي).

        ان کان پوءِ ٺٽي جي حاڪم مرزا جاني بيگ تر خان پنهنجي حڪومت جي زماني (993هه کان 1000هه مطابق 1585ع کان 1891ع تائين) ۾ روصي کي نئين سر اڳي کان وڏو، موزون ۽ خوبصورت ڪري ٺهرايو. سندس وفات کانپوءِ، سندس فرزند مرزا غازي بيگ ترخان پنهنجي حڪومت جي ڏينهن (1009هه کان 1061هه مطابق 1200ع کان 1416ع تائين) ۾ سندس مرمت ڪرائي، مگر اها ڇا پوري نه ٿي هئي ته وري هندوستان جي بادشاهه دين پناه شهنشاه شاه جهان ان کي ٺهرايو. جو سچ پچ اسم باسميٰ هو (يعني جهڙو سندس نالو هو، پاڻ به اهڙو ئي هو). ڇو ته راقم الحروف (مولف) هندستان جي سياحت وقت پنهنجين اکين سان سندس ڪرايل خير جا ڪم مسجدون، تلاءَ ۽ پليون وغيره ڏٺيون آهن. مان تفصيل ۾ وڃن بدران اختصار کان ڪم ٿو وٺان. دارالسلطنت دهليءَ جي جامع مسجد ۽ ٺٽي جي جامع مسجد انهي ئي بادشاهه جهان پناه جي خواهش سان تعمير ٿيون. سيوهڻ ۾ نواب ديندار خان بخاريءَ کي 1032هه مطابق 1621ع ۾ خاص طور تي قلندر جي روضي جي تعمير لا3 مقرر ڪيائين ۽ هڪ جريب زمين خانقاه مبارڪ ۽ سندس صحن شريف وعيره پنهنجي خرچ تي ڪاشيءَ جي اعليٰ درجه جي سرن سان ٺهرايائين. سندس تعمير، زيبائش ۽ آرائش جي تاريخ هيٺين قطعه ماننڪري ٿي:

به دوران شهاب الدين جهان شاه – جهان از فضل او خر سند و آباد قبول آمد نياز خاند دين را – در آن حضرت ڪه چون طالع بودشاد چه گويم وصف آن صحن مقدس – بجائ خشت انجم چيد استاد چو خواهي سال آن بافهم و دانش – بمقطع بين که آمد سال بنياد يکي باشد ز ”فرش مسند شاه (1040هه)“ – دگر باشد ز ”فرش جنت آباد  (1041هه)“

ترجمو:

بادشاه شهاب الدين شاه جي زماني ۾ - جنهن جي سخا جي ڪري دنيا آباد ۽ خوشحال آهي.

قلندر جي حضور ۾ ديندار خان جو نذرانو قبول پيو – جو سندس بخت چڱو هو.

مان انهيءَ مقدس صحن جي ڪهڙي تعريف ڪريان – ڪاريگر سيرن جي بجاءِ ستارا سجايا آهن.

جيڪڏهن تون ان جو سال معلوم ڪرڻ ٿو گهرين – ته مقطع (آخري بيت) تي نظر ڪر، جنهن مان تعمير جو سال نڪري ٿو.

هڪڙو سال آهي ”فرش مسند شاه“ – ٻيو آهي ”فرش جنت آباد“.

۽ دروازيجي ٻاهران مسجد شريف، چبوتڙو ۽ حجرا بادشاه دين پناه (شاه جهان) جي پاران نواب ديندار خان جا ٺهرايل آهن. مسجد جي تعمير جو سال هيٺين قطعه ماننڪري ٿو:

بدور شهنشاه شاه جهان – جهان از نوالش چوباغ بهشت چو مسجد بنا ڪرد ديندار خان – بدرگاه شهباز عالي سرشت خرد گفت سالش ”چوبيت العتيق – دگر (1032) ”مسجد از شيخ بهود (1043) نوشت.

ترجمو:

شهنشاه شاه جهان جي دور حڪومت ۾ - جنهن جي سخا جي ڪري دنيا بهشت جو باغ بنجي پئي  آهي.

جڏهن دنيدار خان قلندر شهباز جهڙي عالي شان خنادان جي درگاهه ۾ مسجد تعمير ڪرائي.

ته عقل سندس تعمير جو (هڪ ) سال ”چوبيت العتيق“ ٻڌايو ۽ ٻيو سال ”مسجد از شيخ بهوه“ لکيائين.

مون (مولف) کي شابس هجي، جو ايتري محنت سان مٿي ڄاڻايل شخصيتن جا ڪارناما بيان ڪيا اٿم. هاڻي سجاده نشين صاحبن جو مختصر احوال بيان ڪري، هيءُ زڪر ختم ڪرڻ گهرجي.

        هن وقت سجاده نشينن جا ٽي خاندان مشهور آهن. هر هڪ (1) سيد حاجي گل محمد شاه باجارن واور (2) سيد حاجي محمد صادق شاه لڪياري ۽ (3) سيد حاجي فتح علي شاه سيوهاڻي. اهي خاندان زميندار ۽ سرڪار دربار ۾ ڪرسي نشين آهن. سال بسال جڏهن 18 – 19 ۽  20 شعبان المعظم تي حضرت قلندر جي درگاه تي ميلو لڳندو آهي ۽ انهيءَ موقعي تي هندوستان، افغانستان، بلوچستان ۽ سنڌ کان هر طبقي جا ماڻهو مسلمان، هندو، اعليٰ، ادنيٰ، پوڙها، جوان، عورتون ۽ مرد اچي گڏ ٿيندا آهن، ته سڀئي، سجاده نشين صاحبن جا سلامي هوندا آهن ۽ درگاهه تي آمدني ۽ خرچ وغيره جيڪي به ٿيندو آهي، سو سڄو سجاده نشين صاحبن جي ئي معرفت ٿيندو آهي.ميلي جي موقعي کان سواءِ روزانو صبح شام حضرت قلندر جي دروازي تي خلق جا ايڏا هجوم هوندا آهن، جي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. ڇو نه هجن؟ آخر ته حضرت قلندر شهباز سنڌ جو بادشاهه آهي.


[1]  هن فقره جا عدد 911 آهن، نه 893 (مترجم).

[2]  هن غزل جي قافين ۽ رديفن مان ائين ٿو ڀانئجي، ته منجهس ٽن  مختلف غلزن جا ابيات شامل اهن، جي هڪ ئي بحر۾ ۽ هڪ ئي وزن تي چيل آهن. چوٿين، پنجين ۽ ستين جا قافيا ۽ رديف مطلع جي قافين ۽ رديف سان ملن ٿا. گويا اهي ٽئي بيت هڪ الڳ غزل جا بيت آهن. نمبر بئي ۽ نمبر ٽئين بيتن ۾ رديف ڪو نه آهي. صرف قافيا اٿن ۽ ٻنهي جا قافيا هڪ جهڙا هجڻ سبب، ٻئي بيت هڪ الڳ غزل جا بيت معلوم ٿا ٿين. مقطع جو قافيو بالڪل الڳ آهي، اهو ڪنهن ٽئين غزل جو آخري بيت معلوم ٿو ٿئي (مترجم).

[3]  انهيءَ فقري جا عدد 648 آهن، نه 644 (مترجم).

[4]  ”نمود آفتاب دين“ ۽ ”برحمت“ جي عددن مان ظاهر آهي ته قلندر سيوهڻ ۾ فقط ٻه سال رهيو (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org