سال 1310هه مطابق 93- 1892ع ۾ سنڌ ۾ انگريز سرڪار جي حڪمرانيءَ
جي پنجاه سالن پوري ٿيڻ تي جشن ملهايو ويو. انهيءَ
جشن جي موقعي تي خوشيءَ جا سڀئي سامان اسباب موجود
هئا. هن مسرت بخش جشن جو صدر جنرل امرشٽين صاحب
بهادر (ينشن بردار) هيو. ڇو ته اهو صاحب سنڌ جي
جنگين (دٻي ۽ مياڻيءَجون جنگيون) ۾ انگريزن جي
فاتح لشڪر جو عملدار هو ۽ ميدان جنگ ۾ داد شجاعت
ڏنو هئائين.
انهيءَ سال (93-1892ع ۾) مسٽر جيمس روهڙيءَ پهچي، روهڙي تعلقي
جي اڪثر ڳوٺن کي نظر مان ڪڍيو ۽ سرڪاري آمدني (ڍل)
جي وصوليءَ جون تجويزون رٿيائين. انهيءَ همت تي
آفرين، جو رعايا جي فائدي خاطر پنهنجي سر تڪليف
ورتائين.
مٿين سالن ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن کي سرڪار نامدار وٽان
اهو هق عطا ٿيو ته هو ڪنهن به شخص کي پنهنجي
مرضيءَ سان منتخب ڪري، بمبئيءَ جي جلسي (ايگزيڪيٽو
ڪائونسل جو جلسو) ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ موڪلي سگهن ٿا.
جنهنڪري انهن سالن ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن
خان بهادر حسن علي (افندي) کي منتخب ڪري، جلسي ۾
شرڪت ڪرڻ لاءِ بمبئي موڪليو. سنڌ جا باشندا انهيءَ
حق عطا ٿيڻ تي بي حد خوش ٿيا ۽ سرڪار کي ۽ آنريبل
مسٽر جيمس صاحب کي دعائون ڪندا رهيا. اهو حق اڃا
تائين قائم آهي ۽ هن وقت اهو اعزاز آنريبل مير
الله بخش خان جاگيردار کي حاصل آهي.
سال 1310هه مطابق 1893ع جي آخر ۾ جيڪب آباد جي گهوڙن جي جلسي جي
موقعي تي هڪ خاص دربار منعقد ٿي، جنهن ۾ ”خان
بهادري“ جي خطاب جي سَنَد، جا هندوستان جي سرڪار
نامدار وٽان پهتل هئي، راقم الحروف کي عطا ڪئي
وئي، ۽ انهيءَ ئي دربار ۾ خان بهادر قادر داد خان
کي سي آءِ اي جو تمغو عطا ڪيو ويو. راقم الحروف کي
خان بهادر جي خطاب عطا ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪا لکپڙهه
ٿيل هئي، اها سڄي انگريزيءَ تان ترجمو ڪري هت ڏني
ٿي وڃي. جنهن سان پڙهندرن کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي
ويندو ۽ اميد آهي ته پڙهندر مهرباني ڪري مدبر
عملدار مسٽر جيمس صاحب بهادر جي قدرداني َجي
الفاظن تي نظر ڪندا.
اها لکپڙهه هيءَ آهي:
نيم سرڪاري، ڪراچيءَ جي سرڪاري بنگلي تان مؤرخه 29 آگسٽ 1891ع
منهنجا پيارا بي. وارنر صاحب
[1] جڏهن جناب گورنر
صاحب بمبئي، هندو سرڪار ڏانهن لقبن عطا ڪرڻ لاءِ
نامور معزز ۽ مستحق ماڻهن جي نالن جي لسٽ ٻيو
ڀيرو موڪلي ته انهيءَ وقت، اوهان جيڪڏهن ڪمشنر سنڌ
جي آفيس جي وڏي منشي خانصاحب خداداد خان جو نالو
”خان بهادر“ جي لقب عطا ڪرڻ جي سلسلي ۾ سهڻي
نموني سان پيش ڪندا، ته مان اوهان جو نهايت ئي شڪر
گذار ۽ احسانمند رهندس. خدادا خان کي اڳ ۾ ”خان
صاحب، جو لقب مليل آهي. 38 سال ڪمال ايمانداريءَ
سان سرڪاري ڊيوٽي ادا ڪئي اٿس ۽ بالڪل نازڪ معاملا
۽ وڏيون خدمتون بجا آنديون اٿس. مثلاً هنودستان جي
فساد (1857ع وارو انقلاب) جي زماني ۾ سر فريڊرڪ
گولڊ اسمڊ صاحب سان خصوصي خدمتن جي سلسلي ۾
جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ) ويو هو. وري هڪ ويران
ملڪ، جنگل ۽ بيابان يعني مڪران (بلوچستان جي ڪناري
ڏانهن ساڳئي صاحب سان گڏجي، ٽيليگراف لائين لڳائڻ
جي معاملي ۾ سندس مدد ڪئي هئائين. پوءِ مسٽر
مينسفيلڊ صاحب سان گڏجي خليڄ فارس ۽ بغداد ويو هو.
هن جي باري ۾ سر وليم ميري ويدر صاحب جي راءِ تمام
چڱي هئي ۽ هن کي هڪ اعليَ درجي جي ترار عطا ڪئي
هئائين. از انسواءِ شروع کان وٺي جاگيري معاملن جي
قطعي فيصلن جي لاءِ هن جي نوڪري هن آفيس ۾ نهايت
فائديمند ثابت ٿي آهي ۽ يورپ جي معزز عملدارن ۽
سنڌ جي معزز ماڻهن ۾ وڏي عزت جي نگاه سان ڏٺو
ويندو آهي. مان هن جي لاءِ جيڪو لقب تجويز ڪريان
ٿو، ان جي واسطي هو هر نقطهء نگاه کان لائق، بلڪه
فائق اهي ۽ سندس حسن خدمت ۽ ايمانداريءَ جي نوڪري
”خان بهادر، جو لقب، عزت جي علامت جي طور تي سڄي
زندگيءَ تائين هن جي واسطي باقي رهندو. گهڻو عرصو
نه گذاريو آهي، جڏهن افغانستان جي والي مرحوم امير
شير علي خان جو ٻيو نمبر فرزند سردار ايوب خان
پنهنجي وڏي عملي ۽ واسطيدار ماڻهن سميت سنڌ کان
پنجاب ڏانهن وڃي رهيو هو ته هن جي سفر جي سلسلي ۾
خانصاحب خداداد خان تمام سهڻو انتظام ڪيو. جنهنڪري
سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ سڀئي عملدارن هن کان
نهايت خوش ۽ راضي ٿيا. اوهان پاڻ خان صاحب کي چڱي
طرح سان سڃاڻو ٿا. انهيءَ ڪري مان زياده چي نٿو
سگهان. اهو لقب، جو مان پوري اعتماد سان تجويز
ڪريان ٿو ۽ لکان ٿو ته قدردانيءَ جو هڪ سهڻو مثال
ٿيندو. مون کي خاطري آهي ته گورنر صاحب بهادر
منهنجي هن پيش ڪيل حقيقت تي چڱو ڌيان ڏيندو.
صحيح
مسٽر ايڇ ايم جيمس صاحب بهادر
ڪمشنر سنڌ
انهن معزز ماڻهن کي سَنَدن عطا ڪرڻ جي منظور ڪيل تجويز جيڪي
پهرين جنوري 1892ع تي لقبن سان سرفراز ٿيا نمبر
815 پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ. بامبي پريزيڊنسي، 3
فيبروري 1892ع
مراسلي نمبر 52، مؤرخه 21 جنوري 1892ع سان گڏ، هند
سرڪار جي خارجي معاملن جي سيڪريٽريءَ جي ماتحت،
انهن معزز ماڻهن جون سَنَدون، جن کي لقب عطا ڪيا
ويا آهن، موڪلي، استدعا ئي ڪجي ته اهي سندون انهن
ماڻهن کي انهيءَ اشتهار سان گڏ موڪليون وڃن، جو
هند سرڪار جي غير معمولي گزٽ مؤرخه پهرين جنوري
1892ع ۾ ڇپيو ۽ پڌرو ٿيو اهي:
حڪم
جيڪي سندون پهتل آهن، سي هيٺين عملدارن ڏانهن انهن معزز
ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ موڪليون وڃن، جن جي لاءِ تجويز
ڪيل آهي ۽ سَنَدن سان گڏ انهيءَ اشتهار جو اختصار
به موڪليو وڃي، جو هند سرڪار جي غير معمولي گزٽ ۾
شايع ٿيو آهي ۽ هن سرڪار (سنڌ سرڪار) جي گزٽ ۾ ٻيو
ڀيرو شايع ٿيو آهي. ملاحظه ڪريو گزٽ نمبر 53 جو
صفحو نمبر ٽيون 6 جنوري 1892ع.
فقط تاريخ 7 ساڳيو مهينو ۽ ساڳيو سال
سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڏانهن
خان بهادر خداداد خان، ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشيءَ
کي سَنَد سهڻي نموني سان ڏني وڃي، بشرطيڪ سرڪار جي
مٿان گهڻو خرچ عائد نه ٿئي.
صحيح
اي شيون صاحب ايڪٽنگ سيڪريٽري
بمبئي سرڪار
هند سرڪار جو اشتهار
فارين ڊپارٽمنٽ مؤرخه پهرين جنوري 1892ع
جناب فيض ماب حضرت فرمان فرما گورنر جنرل صاحب بهادر
هندوستان، وڏي خوشيءَ سان ”خسان بهادر، جو لقب
هيٺين معززن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو:
خان صاحب خداداد خان سنڌ جي ڪمشنريءَ جي پوليتيڪل
ڊپارٽمنٽ جو وڏو منشي.
صحيح
ڊبليو جي ڪنگهام، نائب وزير اعظم
هند سرڪار
سَنَد
خانصاحب خداداد خان سنڌ جي ڪمشنريءَ جي پوليتيڪل
ڊپارٽمنٽ جو وڏو منشي! هن خط جي ذريعي اوهان جي
لاءِ ذاتي لقب ”خان بهادر“ مقرر ڪيو ٿو وڃي.
صحيح
لارڊلينسڊون صاحب بهادر
فرمان فرمان ۽ گورنر جنرل هندوستان
فروٽ وليم، 1 جنوري 1892ع
جيڪب آباد جي دَربار دُربار ۾ سَنَد عطا ڪرڻ وقت آنريبل
جيمس صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ، سروقد ٿي، اُٿي بيٺو ۽
سنڌيءَ ۾ هيٺين فصيح ۽ دلپذير تقرير فرمايائين:
”حاضرين دَربار دُربار، سردارؤ، جاگيردارؤ، زميندارؤ ۽
ٻيا معززؤ! اوهين خان بهادر خداداد خان کي چڱي طرح
سان سڃاڻو ٿا. هيءُ شخص چاليهن سالن کان به زياده
عرصي کان سرڪار جو معزز ملازم ۽ امانتدار آهي. هن
جي حسن خدمت جي ڪري سرڪار هن کان خوش ٿي، هن جي
لاءِ ”خان بهادر“ جو لقب مقرر ڪيو آهي. اگرچه هن
جي خدمتن جو تفصيل تمام وڏو آهي، پر ڪن خدمتن جو
مختصر اظهار ڪيو وڃي ٿو هو 1857ع ۾ هندوستان جي
فساد (انقلاب) واري زماني ۾ سرفريڊرڪ گولڊ اسمڊ
سان گڏجي ويران بيابان ريگستان ۽ سيستان جهڙن ملڪن
۽ ٻين پاسن ڏانهن ويو هو. انهن ڏينهن ۾ هيءَ شخص
هر طرح سان وڏو مددگار ۽ مفيد ثابت ٿيو. وغيره
وغيره...“
جنهن وقت، صاحب تدبير (مدبر) آنريبل جيمس صاحب اها
دلپذير تقرير ڪئي ته سڀني سردارن، جاگيردارن،
زميندارن ۽ معززن ”خان بهادر، جي لقب عطا ٿيڻ تي
”مبارڪ، مبارڪ“ جو اواز بلند ڪيو ۽ مبارڪ جي آوازن
سبب فضا ۾ وڏو غلغلو پيدا ٿيو.
خان بهادر خداداد خان جو بروقت دَربار دُربار ۾ سنڌيءَ ۾ شڪريو
ادا ڪرڻ
”مان ناچيز، حضرت فرمان فرما ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر
هندوستان، جو شڪر گذار ۽ بي حد احسانمند آهيان، جو
مهربان حاڪم آنريبل جيمس صاحب جي سفارش تي مون کي
اهڙي اعزاز سان نوازيو اٿس. مان اميد ٿو ڪريان ته
جيستائين حياتي باقي آهي، نوڪريءَ ۾ هجان يا نه
هجان، هميشه سرڪار اَبَد قرار (سدائين قائم رهڻ
واري) جي خيرخواهيءَ جي ڪوشش ڪندو رهندس. اڄوڪو
مبارڪ ڏينهن مون کي ائين ياد رهندو، جيئن پٿر تي
ليڪو. مون کي يقين آهي ته منهنجي مرڻ کانپوءِ
منهنجا پٽ، جي هن عزت ڀرئي جلسي ۾ حاضر آهن،
منهنجي خدمتگذاريءَ جي پيروي ڪندا ۽ انهيءَ جي
نتيجي ۾ مرادون حاصل ڪندا.“
پوءِ دَربار دُربار برخواست ٿي ۽ سڀئي خوش ٿي پنهنجين
جاين ڏانهن واپس وريا.
سال 1310هه مطابق 1893ع ۾ (جيمس صاحب) سکر ۾ تشريف آور ٿيو ۽
راقم الحروف کي به پاڻ سان وٺي ويو. اٽڪل هڪ مهينو
اتي قيام ڪيائين. خيرپور واري ٽالپر خاندان جي
اڪثر مير صاحبن کي جي پينشن بردار هئا، پاڻ وٽ
گهرايائين. سڀني جي حالات، ضروريات، آمدني، خرچ،
شادي، غمي، گهر ٻار ۽ گذر اوقات وغيره جي باري ۾
مڪمل معلومات حاصل ڪيائين ۽ پوءِ انهن ڳالهين بابت
بمبئيءَ جي سرڪار کي رپورٽ موڪليائين. حيدرآباد ۽
ميرپورخاص جي ٽالپرن خاندانن جو احوال به لکيائين.
سرڪار نامدار انهيءَ رپورٽ جا اڪثر حصا قبول ڪيا،
جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو جيڪي ماڻهو سنڌ جي
حڪمرانن جي قطار ۾ شامل هئا (حڪمرانن جو اولاد
هئا) انهن جي لاءِ پُشت بَه پُشت مناسب پينشن مقرر
ڪئي ئي. جيڪي ماڻهو حڪمرانن جي قطار ۾ شامل نه
هئا، انهن جي لاءِ بن ٻن پشتن ۽ هڪ هڪ پشت تائين
پينشن مقرر ڪئي وئي. جن ماڻهن کي پينشن ملندڙ نه
هئي، انهن جي لاءِ نوڪريءَ ۽ کاتيداريءَ جو انتظام
ڪيو ويو. ٽالپرن جا پٽ، جي يارهن سالن جي عمر جا
هئا، انهن کي انگريزي تعليم ڏيارڻ لاءِ ”سنڌ مدرسة
السلام ڪراچي“ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ سندن خوراڪ ۽
پوشاڪ جو ذمو به کنيو ويو ته جيئن تعليم حاصل ڪرڻ
بعد روزگار حاصل ڪري سگهن.
انهيءَ مبارڪ ۽ مسرت آميز تجويز سبب مير صاحب ۽ سنڌ جا ٻيا
باشندا به خوش ٿيا ۽ سرڪار نامدار ۽ آنريبل جيمس
صاهب کي دعائون ڪرن لڳا ۽ سندن تعريف ڪندا رهيا.
بيسڪ، اهو سندن نيڪ نيتي ۽ حُسن اخلاق جو نتيجو
آهي.
انهيءَ سال (1310هه مطابق 1893ع ۾) ڪمن کان فارغ ٿي، ”غيبي
ديري، تعلقي قنبر ۾ پهتو، جو اولهائين جبل جي
ويجهو آهي. انگريزي ۽ فارسيءَ جي عملي کي اتي ڇڏي،
پنهنجي نائب مسٽر ليوڪس صاحب، ڊسٽرڪٽ سپرنٽنڊنٽ
پولي اپر سنڌ (جيڪب آباد) ۽ راقم الحروف کي پاڻ
سان ساڻ ڪري ۽ مختصر عملو کڻي ”دارهاراه جبل“
(ڏاڙهيالو جبل) ڏانهن هليو. ان جو سير ڪيائين.
ڪُتي جي قبر ڏٺائين ۽ هڪ هفتي بعد غيبي ديري واس
پهچي ويو. اگرچه انهيءَ جبل جي اوچائي، اتان جي
سردي ۽ ڪتي جي قبر عجائبابت مان آهن، پر جيئن ته
اڳ ۾ ئي مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب (1281هه مطابق
1864ع) جي حڪمرانيءَ جي زماني جي احوال ۾ اهو ذڪر
ڪيو ويو اهي. انهيءَ ڪري دوباره ان جو ذڪر ڪرڻ نٿو
ٺهي.
انهيءَ سال (1310هه مطابق 1893ع ۾) پير محمد حزب الله شاه صاحب
جي وفات حسرت آيات ٿي. مهروم پير صاحب بي حد خليق،
سخي ۽ حسين و جميل هو. سندس جانشين، سندس وڏو
فرزند پير علي گوهر شاهه صاحب ٿيو.
مٿين سالن ۾ راقم الحروف جي پگهار هڪ سؤ پنجهتر رپين مان وڌائي،
به سؤ رپيا ماهوار ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي. ڇو ته
عملدار تمام قدردان، محنت سناس ۽ مهربان هئا.
انهيءَ سفارشي تحرير جي خاص خاص جملن جو ترجمو
پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو ٿو وڃي:
ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشي خان بهادر خداداد
خان جي پگهار ۾ اضافي ۽ سندس مقرريءَ جي تجويز.
بامبي ڪائونسل جي اجلاس ۾. نمبر 5934. مؤرخه 7
آگست 1893ع (1310هه)
ملڪي شعبو. ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جو مراسلو نمبر 3559،
مؤرخه 3 جولاءِ 1893ع هن مطلب لاءِ پهتو.
سرڪار نامدار جا احڪام مؤرخه 12 فيبروري 1889ع ۽ 3
فيبروري 1892ع نمبر 1148 ۽ 801، اوهان صاحبن جي
ڌيان تي ٿو آڻيان، ته پهريائين ”خان صاحب“ ۽ هاڻي
”خان بهادر“ خداداد خان، ڪمشنر صاحب سنڌ جي آفيس
جو وڏو منشي، اول چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي
پگهار ۽ پوءِ ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي پگهار
کڻندو هو ۽ ڊيوٽي ڪمشنر صاحب سنڌ جي آفيس ۾ ڏيندو
هو.
(2) هن وقت ٻئي گريڊ جي مختيارڪار جي جاءِ خالي ٿي آهي. جنهن
لاءِ اوهان صاحبن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪريان ته اها
جاءِ خان بهادر خداداد خان کي ڏني وڃي، ته جيئن
کيس ٻه سؤ رپيا پگهار ملي سگهي. هن تجويز جي ڪري
ٻئي گريڊ جي مختيارڪار جو هڪ عهدو گهٽ ٿيندو. ٽئين
گريڊ جي مختيارڪارن جو تعداد ساڳيو رهندو ۽ پنجين
گريڊ جي مختيارڪار جو هڪ عهدو وڌندو ۽ هن تجويز جي
ڪري سرڪار جي مٿان خرچ جو بار نه پوندو.
جيڪي سبب مراسلي نمبر 5526 مؤرخه 12 ڊسمبر 1891ع ۾ ڏنا ويا آهن،
ته خان بهادر خداداد خان ٽئين گريڊ جي مختيارڪار
جي پگهار کڻي، اهي ساڳيس بب هن تجويزلاءِ به پيش
ڪجن ٿا ۽ هيء آخري موقعو آهي جو اوهان صاحبن کي
درخواست ڪريان ٿو (۽ چاهيان ٿو) ته خان بهادر
(خداداد خان) کي، جو تمام جهونو (ملازم) ايماندار،
فرمانبردار ۽ پورن چاليهن سالن جي عرصي کان اعتماد
جوڳو خدمتگذار رهيو آهي، اضافو وٺي ڏيان. خان
بهادر وٽ نيڪ ناميءَ جون ڪيتريون ئي تصديقون آهن،
جي ڪيترن ئي يورپي عملدارن جي طرفان سندس سچائي ۽
ايمانداريءَ جي تصديق سان ڀريل آهن. از انسواءِ هن
جي پينشن وٺڻ جي مرحلي ۾ داخلي ٿين کان اول منهنجي
خواهش اهي ته هڪ ڀيرو وري به هن کي زياده پگهار
ڏياريان. ڇو ته هو جلد ئي پينش وٺڻ وارو آهي. مان
پنهنجي سر هن کي 22 سالن کان چڱي طرح سان سڃاڻان
ٿو ۽ هن جي باري ۾ اهو چوڻ ضروري ٿو سمجهان ته
ڪڏهن به هن جي سچائي ۽ ايمانداري يا اندر ۾ هڪ
ڳالهه ۽ ٻاهر ٻي ڳالهه جي باري ۾ ڪنهن به قسم جو
ڪو شڪ يا گمان پيدا ڪو نه ٿيو ۽ اعتماد جي سلسلي ۾
ٻيو ڪو به هن جي برابر نه آهي. پنهنجي پنهنجي وقت
جي سڀني ڪمشنر صاحبن نازڪ سياسي معاملن ۾ هن جي
رپورٽ ڪرڻ تي هن جي مٿان پورو پورو اعتماد رکي،
بنا ڪنهن خوف ۽ پس و پيش جي ڪارروائي پئي ڪئي آهي
۽ انهيءَ ڪري هن جي ايمانداريءَ تي مڪمل اعتماد
پئي رکيو اٿن. بيشڪ اهو صحيح آهي ته جڏهن 16
ڊسمبر 1891ع تي خان بهادر کي اضافي ڏيڻ جي باري ۾
سرڪار کي لکيو هوم ته جيڪڏهن هن جو نالو سينارٽيءَ
جي ڪري مختيارڪارن کي اضافن ڏيڻ واري لسٽ ۾ هجي
ها، ته هن کي اضافو ملي ها. پر مان اضافي جي باري
۾ جيڪي سبب لکيا هئا، سي هئا. سينارٽي ۽ اضافي
لاءِ هن جي انتخاب بابت، ٻن سالن جي عرصي کان
مختيارڪارن کي جلد جلد اضافا ملندا رهيا آهن.
خداداد خان جو سندس عمر وڌي وڃن سبب اضافي کان
محروم رهڻ بالڪل مشڪل آهي. چوڏهن ڏينهن ٿيا، جڏهن
مان سکر ۾ خيرپور جي مير صاحبن جي حالات معلوم ڪرڻ
لاءِ رهيل هوس. جيڪڏهن (انهيءَ موقعي تي) مون سان
خان بهادر خداداد خان ساڻ نه هجي ها، ته اهو ڪم
جلد ۽ سهڻي نموني سان پورو ٿي نه سگهي ها. هن جي
واقفيت، ماڻهن جي نالن جي يادگيري، واسطيدارن ۽
مٽن مائٽن جي باري ۾ معلومات ۽ مسلسل چاليهه سال
نوڪري ڪرڻ سبب، سرڪاري پاليسيءَ جي باري ۾ هن جي
ڄاڻ (منهنجي لاءِ) بالڪل مفيد ثابت ٿي. انهن
ڳالهين کي پيش نظر رکڻ بعد سرڪار کي عرض ٿو ڪريان،
۽ اميد ٿو ڪريان ته خان بهادر خداداد خان جي حالت
سرڪار کي چڱي طرح سان ذهن نشين ٿي ويندي.
حساب ڪتاب جي معاملي ۾ ڪو به مونجهارو ڪونهي. ملاحظو ڪريو سرڪار
جو حڪم نمبر 1148ع مؤرخه... فيبروري 1898ع جنهن جو
ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.
بندوبست جون يادداشتون شامل آهن. اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو نمبر
1717، مؤرخه 25 جنوري 1893ع شامل آهي.
سرڪاري حڪم
سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪا تجويز موڪلي آهي، سا بامبي
ڪائونسل جي اجلاس ۾ وڏي خوشيءَ سان منظور ڪئي ٿي
وڃي.
صحيح
ڊبليو ايل هاروي صاحب
(بامبي سرڪار جو ملازم)
15. سال 1310هه مطابق سال 1893ع جي شروع ۾ (ڪمشنر صاحب) پنهنجي
ڪمال لياقت ۽ عام معلومات جي ڪري لاهور ويو ۽ آفيم
جي واهپي تي ضابطو رکندڙ ڪميٽيءَ جي اڳيان شاهدي
ڏنائين.
16. 1311هه مطابق 1844ع جي شروع ۾ سر مير علي مراد خان صاحب
بهادر واليء رياست خيرپور 81 ورهين جي عمر ۾ 25
سال حڪمراني ڪرڻ بعد رحلت ڪئي. سندس جنازو مبارڪ
خيرپور کان ڪراچيءَ نيو ويو ۽ ”ميري ويدر، نالي
بنگلي ۽ باغيچي ۾ رکيو ويو، جتان بعد ۾ نهايت ئي
شان ۽ وقار سان جهاز جي ذريعي ڪربلا معليٰ روانو
ڪيو ويو. هن اندوهناڪ حادثي تي ماتمداري، ڪيمپ
اسٽيسن تي يورپ جي فوجي سپاهين ۽ يورپ جي ئي اهل
علم ۽ اهل قلم حضرات جي پاران جنازي جي جلوس جو
انتظام ۽ ماتمداري جو، توپن جي سلامي، معزز
مسلمانن ۽ هندن جي حاضري، بنگلي جي ڇتن، درين
دروازن ۽ فرش کي ماتمي رنگ ۾ رڱڻ، ٽالپر خاندان جي
ماڻهن ۽ جنازي سان گڏ هلندڙن جي دعوت وغيره، اهو
سڀ ڪجهه هر دلعزيز حاڪم مسٽر جيمس صاحب بهادر جي
حڪم سان، راقم الحروف جي هٿان ٿيو. جنهن جو تفصيلي
احوال ڪتاب ”خيرپور نامي“ ۾ لکيو ويو آهي، جو مٿين
سالن ۾ ڇپجي چڪو آهي. انهيءَ ڪري ٻيهر انهن ڳالهين
لکڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ اهو احوال
معلوم ڪرڻ جي خواهش رکندا هجن ته خيرپور نامي جو
مطالعو ڪن. مرحوم مير صاحب جو جانشين سر مير فيض
محمد خان صاحب بهادر مقرر ڪيو ويو ۽ قادر داد خان
کي سندس وزير ڪري رکيو ويو.
17. سال 1311هه مطابق 1894ع ۾ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي محل ۾
مدرسي جي معزز ممبرن ۽ پبلڪ جي خاص ۽ عام ماڻهن،
”خان بهادر“ جي خطاب ملڻ تي هن خاڪسار راقم الحروف
کي تهنيت نامو پيش ڪيو (يعني مبارڪ تي مشتمل
ايڊريس). انهيءَ مسرت بخش مجسل ۾ جيڪي وهيو
واپريو، ان جي ڪارروائي، جا سنڌي اخبار ”مُعاون
سنڌ“ مؤرخه 5 مئي 1894ع مطابق 28 شوال المڪرم
1311هه ڏينهن ڇنڇر، جلد 3 ۽ نمبر 17 ۾ شايع ٿي
آهي، ملاحظه ڪئي وڃي تاهم پـڙهندڙن جي سهولت خاطر
ساڳي ڪارروائي هت درج ڪجي ٿي. اگرچه دوستن ۽ سنڌ
جي باشندن وٽان خواه ٻين شهرن مان مبارڪباد جا
ڪيترائي خط پهتل آهن، مگر هڪ خاص تهنيت نامو،جو
انجمن جي صدر هٿو ڏنو آهي، اهو هت درج ڪيو وڃي ٿو:
تهنيت نامو
محب با وفا مشفق با صفا عالي درجت بلند مرتب
خان بهادر خداداد خان سلمه المنان.
اسين ”مجلس محمدي، جي جنرل باڊيءَ جا ميمبر، اوهان
صاحبن کي سرڪار نامدار وٽان ”خان بهادر، جو لقب
عطا ٿيڻ تي دل جي گهراين ۽ ڪمال مسرت سان مبارڪ ٿا
ڏيون. جيئن ته سنڌ جي مسلمانن مان تمام ٿورڙاماڻهو
سرڪار نامدار جي ملازمت ۾ آهن، ۽ انهن مان به
ٿورڙا آهن، جي سرڪار جي خدمتگھزاريءَ ۾ ڪامياب ٿا
ٿين. هن ڪري جو گهڻا ماڻهو زماني جي حادثن يا
معاندانه مخالف ۽ پنهنجي قوم جي بيوقفوي، ۽ ڪنهن
بهتان يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري سرڪار تائين نٿا
پهچن ۽ جيئن ڪچو ميوو ناموافق هوا گُهلڻ سبب وڻ
مان ڇڄي ڪري پوندو آهي، ائين ڇڄي ٿا وڃن. البت
مسلمانن مان چند ماڻهو آهن، جي پنهنجي محنت، نمڪ
حلالي ۽ سچائي سان سرڪار جي دلي خدمتگذاري ڪري، بي
انتها آفرين ۽ عزت ڀريا القاب حاصل ٿا ڪن. جيئن
اوهان صاحبن ڪيو آهي. انهيءَ ڪري اسان مسلمان
انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي لاءِ فخر ٿا سمجهون. خدا
جو شڪر آهي، جو اوهان پنهنجي دل جي سچائي ۽ بهترين
ايمانداري جي ڪري سرڪار ۾ به ۽ عوام جي نظر ۾ به
ايتريقدر مقبول ۽ مسهور آهيو. جيڪڏهن ڪو شخص اوهان
صاحبن جي اهڙي نيڪ نيتي ۽ خدمتگذاريءَ کان هروڀرو
ناراض ٿو ٿئي، ته انهيءَ شخص جو پنهنجو قصور آهي،
نه اوهان صاحب جون.
اسين اهو مناسب موقعي کي غنيمت سمجهي، پنهنجي انتها
درجي جي نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي قوم (مسلمانن) کي
مفيد صلاح ٿا ڏيون ته جيڪي ماڻهو نوڪريءَ ۾ آهن يا
جيڪي ماڻهو روزگار لاءِ سرڪار ۾ اميد رکيو ويٺا
آهن، سي بين قومن جي گمراه ماڻهن کي ڏسي گمراه نه
ٿين ۽ بُريون عادتون اختيار نه ڪن. بلڪه هر صورت ۾
گمراه ماڻهن کان پري رهن ۽ هيءُ ٽي اصول پنهنجين
دلين تي نقش ڪري ڇڏين. يعني خدا ترسي، حق شناسي ۽
نمڪ حلالي. جيڪڏهن مسلمان انهن اصولن تي چڱي طرح
نظر ڪري، سرڪار جي خدمتگذاريءَ لاءِ پاڻ کي تيار
ڪن ۽ سرڪاري نوڪري، جا محنت سان هٿ ڪن. انهيءَ جي
بجا آوريءَ ۾ انهن اصولن تي عملڪن، ته هو پاڻ کي
زماني جي حادثن کان محفوظ رکي سگهندا، جن جي ڪري
شروع ۾ ئي هنن جي نوڪري ختم ٿي وڃي ٿي:
راستي موجب رضائ خدا ست.
کس نديدم که گم شد از ره راست.
(سچائي خدا جي راضپي جو سبب آهي، مان ڪنهن کي به سڌي رستي تان
گم ٿيندي، نه ڏٺو آهي).
آخر ۾ اسين دوستاني نموني ۾ اميد ٿا رکون ته الله
تعاليٰ جل شانه اها نيڪ نامي، اها تعريف ۽ اهو عزت
ڀريو لقب اوهان صاحبن کي مبارڪ ڪري. آمين ثم آمين.
دعا نامو
اَلحَمدُ للهِ وَ حدَه وَ نُصَلي عَليَ سيدِ نِا مُحَمَدَ عِبده
وَ رَسُولَه
(سڀ تعريفون الله واحد جي لاءِ آهن ۽ اسين پنهنجي سردار
محمد تي صلوات پڙهون ٿا، جو الله جو ٻانهو ۽ رسول
آهي)، مان هن عجيب ۽ فرحت بخش موقعي تي ۽ دلپسند ۽
سٺي وقت ۾ هن جذبي ۽ اميد سان، جو سڀني انسانن
لاءِ پنهنجن مقصدن ۾ ڪاميابي ۽ مسلمانن لاءِ
ڪامرانيءَ جو سبب آهي، انتها درجي جي نياز ۽
انڪسار سان، بي پرواه ۽ عالي جاه شهنشاه، بي نياز
بادشاه ۽ احڪم الحاڪمين جل شانه و عز برهانه
(حاڪمن جو حاڪم جنهن جو شان وڏو ۽ دليل قوي آهي)
جي درگاه مان هيءَ عاجزانه دعا قبوليت جي اميد سان
گهران ٿو ته الله تعاليٰ، جو تمام وڏو شان وارو
آهي، پنهنجين ازلي ۽ ابدي مهربانين سان اهڙيون
مبارڪبادون، برڪتون ۽ حيثيتون، جن کي ڏسڻ واسطي
دوستن جون اکيون، هر وقت، هميشه هميشه ۽ ڏينهن رات
انهيءَ انتظار ۾ رهن ٿيون ته شال عزت ۽ احترام جي
صاحبن، نعمتن ۽ انعامن جي مالڪن جي وڏي درجي ۽
عظمت وارن مسلمانن کي نصيحت فرمائي ۽ (الله
تعاليٰ) اوهان صاحبن کي سال خوش و خرم رکي، جي وڏن
لقبن ۽ لائق خطابن وارا آهيو، بلڪه مناسب لقبن جا
سرچشما آهيو ۽ مبارڪ وجود ۽ عاقبت محمود وارا آهيو
(الله تعاليٰ، اوهان کي) اڃا به ان کان زياده عام
۽ خاص ماڻهن جي ڀلائي ڏانهن متوجه ڪري ۽ ان کان به
وڏن لقبن ۽ سهڻن خطابن سان سرفراز ۽ ممتاز فرمائي
۽ ان جي سڀني معزز ميمبرن کي ۽ خاص طور تي پنهنجن
سڀني همعصرن کان وڏي شان مان واري، وڏي دٻدٻي ۽
خوشحاليءَ واري ۽ سهڻي اخلاق واري خان بهادر حسن
علي بي افندي، مجيديءَ کي (سندس اقبال هميشه قائم
رهي) الله تعاليٰ سندس عزت، مرتبي ۽ بخت سميت قائم
۽ دائم رکي. اهو ئي شخص آهي جو پنهنجن معزز ديني
ڀائرن ۽ دوستن جي خير خواهي، ڀلائي، ڪاميابي ۽
ڪامرانيءَ ۾ گوءِ کڻي ويو آهي ۽ اڃا به کيس انسانن
جي ڀلائي ۽ مسلمانن جي فائدي جي وڌيڪ توفيق عطا
فرمائي. هن جي ذات فيض آيات کي، هن جي اهل عيال
کي، هن جي عزيزن قريبن ۽ وفادار دوستن سميت شال
خوش و خرم ۽ شاد ۽ آباد رکي ۽ معزز حاضرين کي ٻنهي
جهانن ۾ ڪامياب ۽ ڪامران ڪري ۽ پنهنجن رحمتن ۽
برڪتن سان نوازي. سڄي مخلوق جي شفيع، جنهن تي ڪڪر
جي ڇانوَ هوندي هئي يعني حضرت محمد ڪريم صلي الله
عليه و آله وسلم جي سڄي اُمت کي اتفاق ۽ محبت نصيب
ڪري ۽ بي اتفاقي ۽ دشمنيءَ کان امن امان ۾ رکي ۽
سڀني مسلمانن جو خاتمو بالخير ڪري. باالله! امت
محمديءَ جي مدد ڪر. امت محمديءَ کي غلبو عطا ڪر.
امت محمديءَ کي سنئين رستي تي هلاءِ ۽ محمدي لشڪر
جو جهنڊو بلند رک. يا الله! اسلام ۽ مسلمانن کي
غالب ڪر ۽ مشرڪن کي نيست نابود ڪر. عظمت واري قران
مجيد ۽ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه و سلم جي
صديق، ۽ اي ارحم الراحمين پنهنجي رحمت سان.
خان بهادر خداداد خان جي طرفان شڪريو
صاحب موصوف (خان بهادر خداداد خان) جو ڪرسيءَ تي ويٺل
هو، اُٿيو ۽ سروقد ٿي، سڀني صاحبن، ميمبرن ۽ ٻين
معززن ڏانهن متوجه ٿيو ۽ هيٺين بينظير ۽ باتدبير
تقرير زبان فصاحت بيان سان ادا ڪيائين؛
”هن محبت ڀريل مجلس جا حاضرين! مان پهريائين انهيءَ بي
مثال مالڪ جل شانه جو شڪرانو بجا ٿو آڻيان، جو
پنهنجي بي پايان لطف سان هن ناقص کي اهڙي عزت ڀرئي
لقب سان ملقب فرمايو اٿس. ان کانپوءِ انجمن جي
جناب صدر صاحب، سڀني معزز ميمبرن ۽ حاضرين مجلس جو
بي حد شڪريو ادا ٿو ڪريان. مان هن وقت پاڻ کي
بختاور ٿو سمجهان، جو مون کي هن عطيه (لقب9 ملڻ تي
مبارڪباد چئي، احسانمند بڻايو اٿن. مون کي شڪريه
ادا ڪرڻ لاءِ وڻندڙ جملا ۽ دلپسند الفاظ نٿا ملن،
جو پنهنجي عاجز زبان سان ادا ڪري سگهان، بلڪه
منهنجي مٿي جا سڀ وار زبان بڻجي پون ته به مان
ههڙي مهرباني ۽ مبارڪباد جي شڪريه ادا ڪرڻ کان
جيڪر قاصر رهجي وڃان. مان پنهنجي مالڪ مطلق جي
درگاه ۾ ڪمال عجز ۽ انڪسار سان دعا ٿو ڪريان ته
پنهنجي بي پايان فضل ۽ ڪرم سان منهنجن سڀني ديني
ڀائرن کي به اهڙو فخر ۽ عزت عطا فرمائي. آمين ثم
امين. مان هاڻي پنهنجي پراڻي دوست آنريبل خان
بهادر حسن علي (افندي) صاحب جي اجازت سان ڪجهه عرض
ڪرڻ ٿو گهران ته اي طالب علمؤ (شاگردؤ!) پنهنجا
سبق چڱي طرح يا ڪريو ۽ ”مدرسة الاسلام“ ۽ ان جي
”بوردنگ هائوس“ جهڙين عمارتن کي ڏسُ ۽ غور ڪريو.
اهي عمارتون اوهان جي لاءِ تعمير ڪرايون ويون آهن.
اوهان انهن مان فائدو وٺڻ لاءِ پان کي تيار رکو ۽
بنا سبب جي پنهنجو وقت ضايع نه ڪريو. مان گذريل
سال ڪيترن ئي وڏن شهرن جهڙو: بمبئي، پونو، احمد
آباد، راڪوٽ، جيپور، دهلي، امرتسر، لاهور ۽ ملتان
وغيره (جي ريلوي اسٽيشنن) کي ويجها اهن، جي سياحت
ڪرڻ وقت چڱي طرح ڏٺو، مگر مون کي ههڙو عظيم الشان
مدرسو ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آيو. انهيءَ ڪري اوهان کي
ناهيت محبت سان درخواست ٿو ڪريان ته پنهنجي بهترين
وقت کي ۽ فيض جي هن سرچشمي کي غنيمت سمجهو ۽ ڪوشش
ڪري، ان مان فائدو حاصل ڪريو.
مون وڏي تجربي بعد معلوم ڪيو آهي ته وقت جا حاڪم
(انگريز) وڏا مهربان ۽ مسلمانن جا خير خواه آهن؛
تنهنڪري جيڪڏهن اوهين سچائي سان سندن خدمت ۾ ثابت
قدم رهندا. ته قوي اميد آهي ته اوهين به اهڙن عزت
ڀرين لقبن جا مستحق ٿيندا. مون کي انگريزيءَ ۾
ايتري مهارت ڪانهي. مگر صحبتن مان معلوم ڪيو اٿم
ته جيڪڏهن انگريزيءَ جي امتحان ۾ هڪ دفعو ڪامياب
نه ٿيو ته ٻيو دفعو ڪوشش ڪري امتحان ۾ داخل ٿيو.
جيڪڏهن اڃا به ڪامياب نه ٿيو ته وري ٽيون دفعو
داخل ٿيو. نيٺ وڃي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪندؤ.
دلڪشته ۽ غمگين نه ٿيو. ان ۾ اوهان جو نقصان آهي.“
ان کانپوءِ گلن ۽ عطر تقسيم ڪرڻ بعد دعا خير گهري، مجلس
برخواست ڪئي وئي. جيڪڏهن مٿي ڄاڻايل احوال ۾
ڙهندڙن کي شڪ هجي ته ٻيهر لکان ٿو ته مهرباني ڪري
سنڌي اخبار ”معاون سنڌ“ 5 مئي 1894ع (شوال 1311هه)
جو پرچو هٿ ڪري، مطالعو ڪري.
18. سال 1311هه مطابق سال 1894ع ۾ ٺٽي جي مسجد شريف جي مرمت جو
ڪم شروع ٿيو.
19. مٿئين سال جي آخر ۾ هندوستان جو فرمان فرما ۽ گورنر جنرل
جناب لارڊ ايلجن صاحب بهادر ڪراچيءَ ۾ تشريف آور
ٿيو ۽ ”ليڊي ڊنرن هاسپيٽل“ جو بنياد رکيائين، جا
هندوستان جي پهرئين فرمان فرما ۽ گورنر جنرل جناب
لارڊ ڊفرن صاحب جي بيگم صاحبه جي نالي ۾ تعمير ڪئي
وئي هئي. انهيءَ وقت ملاقات فرحت آيا ۽ خاص ملاقات
ٿي. اهاڳالهه هيٺين تحرير مان ظاهر ٿيندي، جا
پڙهندڙن جي معلومات لاءِ ضروري آهي ۽ عجائبات
منجهان آهي.
تصديق شده ترجمو
پهريون مراسلو نمبر 1476ع، مؤرخه 18 آڪٽوبر 1894ع جو
پوليٽيڪل ايجنٽ کي، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ افغانستان جي
سردارن جي باري ۾ موڪليو ويو آهي، ته قنڌار جي
سابق والي ۽ سردار محمد هاشم خان کي آڻڻ ۽ خاص
ملاقات ڪرائڻ وغيره جو بندوبست، سنڌ جي ڪمشنر صاحب
جي آفيس جو وڏو منشي خان بهادر خداداد خان ڪندو ۽
ڪراچيءَ جو ڪليڪٽر ۽ پوليتيڪل ايجنٽ هن جي هٿان
نظرداري ڪندا.
صحيح
جي سيلڊن صاحب اسسٽنٽ
ڪمشنر سنڌ
ملاقات جي تجويز بابت تصديق شده تجويز
تاريخ 10 ڊسمبر5 1894ع ڇنڇر ڏينهن، رات جو نوين بجي
ويهين منٽين خاص ملاقات واري ٻي مجلس ۾. هندوستان
جي فرمان فرما ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر سان ملاقات
ٿيندي. هز هائينس مير محمد حسن علي خان، هز هائينس
مير نور محمد خان، هز هائينس مير ساه نواز خان، هز
هائينس مير عبدالحسين خان حيدرآبادي، هز هائينس
حاجي مير فتح خان ميرپورخاص ۽ سردار شير علي خان
قنڌار جو پهريون والي ۽ سردار محمد هاشم خان نوين
بجي پندرهينمنٽين ڪمشنر صاحب بهادر جي بنگلي تي
ملاقات لاءِ ايندا. انهيءَ وقت سندن گهوڙا گاڏيون
ڪمشنر صاحب جي بنگلي جي ٻاهران جاءِ ۾ ”چرچ“ واري
دروازي کان داخل ٿينديون، جتي ڪجهه وقت ترسنديون.
اتي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ويٽل صاحب سندن استقبال
ڪندو. ان کانپوءِ ڪمشنر صاحب بهادر جي خانگي جاءِ
۾ ويهندا، ۽ سندن گاڏيون ملاقات پوري ٿي وڃن تائين
ساڳئي رستي سان پٺتي موٽي وينديون. ان کانپوءِ مير
صاحب ۽ سردارَ، جنهن جڳهه تي گاڏين تان لٿا هئا،
اتان سوار ٿي روانا ٿيندا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جا
ڪليڪٽر صاحب، ٿرپارڪر جو ڊپـٽي ڪمشنر صاحب ۽ سنڌ
جو اسسٽنٽ ڪمشنر صاحب واپس وڃڻ وقت کين
الوداعڪندا. هن انتظام تي پوليس وغيره کي ڌيان ڏيڻ
گهرجي، ته جيئن ڪا به ڳالهه انهيءَ انتطام جي خلاف
نه ٿئي هن تجويز جو تصديق شده نقل خان بهادر
خداداد خان ڏانهن موڪليووڃي، جو مٿين سردارن جي
سڀني ڳالهين جي ذمه داري انهيءَ جي مٿان رکي وئي
آهي.
صحيح
مسٽر جي سليڊن صاحب اسسٽنٽ
ڪمشنر سنڌ
20 سال 1312هه مطابق سال 1895ع جي شروع ۾ مسٽر جيمس کي
سندس غير معمولي دانائي ۽ لياقت سبب سرڪار جي
پاران هندوستان جي سرڪار نامدار جي ايگزيڪيٽو
ڪائونسل تي کنيو ويو ۽ ان کانپوءِ اتان رخصت وٺي،
ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو. بيشڪ، دانائي ۽
چڱائي جو اهو ئي نتيجو آهي. وڃن وقت مهرباني ڪري
راقم الحروف جي باري ۾ پنهنجي رڪارڊ تي هيءُ الفاظ
لکي ويو:
خان بهادر خداداد خان ولد راضو خان جيئن ته تجربيڪار ماڻهو آهي،
انهيءَ ڪري ڏاڍو مفيد نظر ٿو اچي.
صحيح
ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر
ڪمشنر سنڌ
|