سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 8

ڏهون طبقو

سنڌ جي مختلف حاڪمن ۽ انهيءَ زماني جي جدا جدا قومن ۽ ذاتين جو تفصيلي احوال

سنه 926هه مطابق 1554ع کان سنڌ جو ملڪ، ڪوڪلتاش ۽ تردخان گهراڻن جي حاڪمن جي وچ ۾ اڌو اڌ تقسيم ٿيو هو ۽ مٿين حاڪمن جا دارالحڪومت بکر ۽ ٺٽو مقرر ٿيا هئا. جڏهن قادر مطلق ۽ حاڪم برحق (الله تعاليٰ) جي مرضيءَ سان انهن ٻنهي گهراڻن جون حڪومتون ختم ٿيون. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو، تڏهن دهليءَ جي بادشاهن ائين بهتر سمجهيو ته بکر ۽ ٺٽي جي حڪومتن لاءِ جدا جدا نواب مقرر ڪيا وڃن. پڙهندرن جي سهولت لاءِ اها ڳالهه هت وري دهرائي ٿي وڃي ته بکر جي نوابن جا حالات 1090هه مطابق 1679ع تائين تاريخ جي ڪتابن مان، جي راقم الحروف وٽ موجود آهن، هٿ ڪري لکيا ويا ۽ ٺٽي جي حاڪمن جي باري ۾ 1149هه مطابق 1736ع تائين جي معلومات تحفة الڪرام ۽ ٻين ڪتابن تان جيڪي ملي سگهيا وٺي کولي کولي قلمبند ڪئي وئي ۽ اهو به چاڻايو ويو ته دهليءَ جي بادشاه اورنگزيب عالمگير جي دور حڪومت تائين نواب مقرر ٿي ايندا رهيا. البت عالمگير کانپوءِ حڪومت جي ڪاروبار ۾ بي رونقي، بي بندوبستي ۽ ڪمزوري پيدا ٿي پئي. جيئن چوڻي آهي ته ”ڪل يوم ابتر“. ازانسواءِ سنڌ جو ملڪ جيئن ته دهليءَ جي دارالسلطنت کان گهڻو پري هو تنهنڪري نوابن جي هٿان حڪومت جي انتظام ۾ خلل پيدا ٿيڻ لڳو. انهيءَ زماني ۾ هاڻوڪي زماني وانگر ٻاڦ تي هلندر جهاز، ريل گاڏي ۽ تار جو سرشتو ڪو نه هو، جو انهيءَ خلل کي فوراً ختم ڪري سگهجي. نتيجو اهو نڪتو، جو ڪن جاگيردارن، پيرن ۽ زميندارن جن جي قبضي ۾ وڏيون ايراضيون هيون ۽ ڪن نالي وارن ڏاڍن مڙسن، انهن انتشار جهڙين حالتن کي پنهنجي مطلب جو موافق ڏسي ۽ وقت کي غنيمت سمجهي، انهيءَ دور جي بادشاهن ۽ علائقائي حاڪمن کان منهن موڙيو ۽ سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪري، حڪمراني شروع ڪري ڏنائون. هنن پاڻ کي نوابن جو تابع سمجهڻ ڇڏي ڏنو ۽ کين ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏيائيون.

        راقم الحروف هن موقعي تي مناسب ٿو سمجهي ته انهن قومن جو احوال لکي ۽ انهن ماڻهن جا نالا به، جي هن وقت انهن جا جانشين آهن.

        لانگاه قوم جي سردارن، ملتان جي هيٺاهين علائقي وارين ايراضين تي مستقل قبضو ڪيو، جي اڳ ۾ ئي سندن تصرف ۾ هيون. انهيءَ زماني ملتان ۽ ان جي اردگرد وارو علائقو بکر جي ماتحت هوندو هو. ماڇي قوم جي سردارن ”ماڇڪي“ جي علائقي تي قبضو ڪيو، جو هن وقت بهاولپور سان ملحق آهي. اڄ ڪالهه انهيءَ قوم جو سردار، سلطان خان ولد جهان خان ماڇي آهي. ناهرن ”نهرڪيءَ“ تي قبضو ڪيو، جا ڪشمور جي علائقي ۾ سنڌو نديءَ جي هُن ڀر آهي. هن انهيءَ قوم جي سردار، محمد بخش ولد الله رکيو ناهر آهي، جو بالڪل ڪمزور ۽ گمنام آهي. ڏاهرن (ڏهرن) ڏاهرڪي (ڏهرڪي) تي قبضو ڪيو، جا اٻاوڙي جي ڀرسان آهي. هن قوم جو رئيس ”ڄام ابو الخير ٻيو“ ننڍو ولد ڄام ڀنڀو خان آهي، جو اول درجه جو جاگيردار آهي ۽ خيرپور ڏهرڪي سندس نالي سان مشهور آهي ماهرن (مهرن) جا سردار، جن جي سرداري انهيءَ زماني ۾ لکي شهر، شڪارپور ۽ سکر جي اوسي پاسي هئي ۽ هن وقت ”مهاره ڪي“ (مهرڪي) ۾ جا ميرپور مهاره (ميرپور ماٿيل) ۽ گهوٽڪي تعلقن ۾ آهي، رهائش پزير آهن. اڄ ڪالهه سندن سردار ميان محمد بخش ولد حاجي خان مهر آهي، جو خانپور تعلقي ميرپور مهاره ۾ رهي ٿو ۽ تمام وڏو رئيس آهي. ڌاريجا، جي اُن وقت سنڌ جي گهڻن حصن ۾ رهندا هئا ۽ هن وقت به سڄي سنڌ جي اندر پکڙيل آهن پر هن قوم سردار ڄام ارباب خان جو هڪ ننڍو زميندار آهي، گهوٽڪي تعلقي جي شهر ”عادلپور“ ۾ رهي ٿو، ۽ سندس ٻيا عزيز ديه ”دادلوء“ ۾ رهن ٿا دادلوءَ جو زميندار هن وقت خان بهادر ابو الخير آهي، جو هڪ وڏو زميندار آهي.

        سنڌو نديءَ جي پرينءَ ڀر بلوچ سردار مزاري، بُلدي يا بردي ۽ جتوئي ”مزارچه“، ”بلدڪ“ ۽ ”جتوئي“ تي قابض ٿيا. هن وقت انهن قومن جا سردار، نواب سر امام بخش خان صاحب بهادر حڪمران (؟) ”مزارچج” ضلع (صوبه) پنجاب جي ماتحت ديره جات جو تمندار مير علي مراد خان بلدي يا بردي ۽ وڏيرو فتح خان جتوئي ديهه ”دڙي“ تعلقو ڪشمور ضلع جيڪب آباد ۽ نيپر آباد (بُوجاناپر) تعلقو شڪارپور آهن.

        اهڙيءَ ريت پهنور، جي انهيءَ زماني ۾ روهڙي ۽ گهوٽڪيءَ جي وچ تي ”پهنورڪيءَ“ ۾ رهندا هئا، جو هڪ ننڍو ڳوٺ آهي ۽ هاڻي به ”پهنوارڪي“ جي نالي سان موجود آهي. ڪي پنهور جيڪب اباد جي اوسي پاسي، ڪي سنڌ جي هيٺاهين حصي سيوهڻ ۽ دادو تعلقي ۾ ان جي اوسي پاسي رهن ٿا. هن وقت انهيءَ قوم جو چڱو مڙس پيادو خان آهي، جو تعلقي دادوءَ جو هڪ ننڍو زميندار آهي.

        ڪنڊياري، نوشهري فيروز ۽ موري ۾ سعتا يا سهتا ۽ هنڱورجا رهندا هئا. هن وقت انهن قومن ۾ ڪو نامور ماڻهو موجود ڪو نه آهي ۽ هر قوم بلڪه هر ذات ۽ پاڙي جو پنهنجو پنهنجو سردار آهي. سنڌونديءَ جي پرينءَ ڀر سبئي ۾ باروزئي پٺاڻ رهندا هئا، جا انهيءَ زماني ۾ بکر صوبي جي ماتحت هوندي هئي ۽ هن وقت بلوچستان ۾ شامل آهي. اڄ ڪالهه هن وقم جو سردار ”باروز خان“ آهي، جو هڪ معزز ۽ سرڪار جو وظيفه خور آهي ۽ اهو به اتي ئي (سبئي ۾) رهي ٿو.

        بکر جي قلعي ۾ مغل رهندا هئا، جي ترخانين جي شاخ هئا، ۽ ڪي ارغون به جي اڳين حڪمرانن جي اولاد مان هئا ۽ بکر ۽ ان جي اوسي پاسي واري ايراضيءَ تي قابض هئا. هن وقت ٺٽي ۽ نصرپور ۾ جيتوڻيڪ ڪي غريب ۽ مسڪين ترخاني موجود آهن، پر ارغون جو نانءَ نشان ظاهر ڪونهي. شايد ٻين قومن سان گڏجي سڏجي ويا هجن.

        دائود پوٽن جا چڱا مڙس خانپور، لکي ۽ شڪارپور جي تر ۾ رهندا هئا، پر نيٺ زماني جي انقلابن جو شڪار بنجڻ بعد، اتان ڀڄي بهاولپور وڃي پهتا ۽ اتي خودمختيار بنجي ويا. نواب بهاول خان ٻيو ولد مرحوم صبح صادق خان، جو گذشته سال 1316هه مطابق 1898ع ۾ وفات ڪري ويو، بهاولپور رياست جو حڪمران هو، جا پنجاب جي صوبي ملتان جي ماتحت آهي.

        بلوچن جي هڪ قبيلي ”چانڊين“ جا سردار ”چانڊڪا“ ۾ رهندا هئا، جنهن جو تعلق لارڪاڻي، قمبر ۽ نصير آباد سان آهي. هن وقت چانڊين جو سردار غيبي خان ٻيو ولد وڏيرو محمد خان چانڊيو آهي، جو غيبي ديري تعلقي قمبر ۾ رهي ٿو. بالڪل دولتمند، وڏو جاگيردار ۽ وڏي عزت وارو آهي.

        ڪلهوڙن جا چڱا مڙس ”ڪلهورڪي“ ۾ رهن ٿا. جيڪڏهن ڪلهوڙڪيءَ جي علائقي کي هن وقت لاڙڪاڻي، نصير آباد، ڪڪڙ ۽ جوهي تعلقن ۾ شامل سمجهيو وڇي ته مناسب آهي. انهن جو تفصيلوار احوال اڳڀرو هلي بيان ڪيو ويندو.

        ”مگسي“ قوم جا سردار ”ڪڇيءَ“ جي حدن ۾ رهن ٿا. هن وقت مگسين جو سردار وڏيرو قيصر خان مگسي آهي، جو ”جهل“ جي شهر (بلوچستان) ۾ رهي ٿو. قيصر خان کي سنڌ ۾ به زمينداري آهي پر وڏي جاگير ۽ سرداري بلوچستان ۾ اٿس. جيڪڏهن کيس ننڍو حاڪم سمجهيو وڃي ته مناسب آهي.

        کوسا بلوچن جا سردار ”کوسڪيءَ“ ۾ رهندا هئا، جا جيل جي وٽ سان سنڌ جي سرحد تي آهي. هن وقت سندن سردار امام بخش خان آهي، جو تعلقي ”ڪڪڙ“ ۾ ٿو رهي. جاگيردار آهي ۽ ڪجهه زمين به اٿس.

        ”نهمبردي“ يا ”نُومري“ جوکيا ۽ ڪلماتي يا ڪرمتي قومن جا سردار سيوهڻ کان هيٺ جابلو ايراضي ۽ سمنڊ جي ڪناري تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا. هن وقت انهن قومن جو سردار ملڪ صوبدار خان نهمردي ساڪن ٿاڻو احمد خان نهمردي تعلقو ڪوٽڙي، ڄام مراد علي خان جوکيو ساڪن ديهه ملير تعلقو ڪراچي ۽ ملڪ غلام شاه ڪرمتي يا ڪلماتي آهي. اهي ٽئي ڄڻا اول درجه جاگيردار ۽ وڏا معزز آهن. پر افسوس آهي جو ٽنهي قومن ۾ بي اتفاقي آهي.

        سنڌو نديءَ جي هن ڀر ”جاتي“ واري علائقي تي ”جت“ قوم جو قبضو هو. هن وقت جتن جو سردار ملڪ غلام حسين ولد ملڪ جهان خان ساڪن تعلقو جاتي آهي. ملڪ غلام حسين وڏو جاگيردار آهي، پر قوم ۾ گهڻي هلندي پڄندي ڪانهيس.

        موري تعلقي کان هيٺ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي سرحد تائين، اُنڙن کانسواءِ ٻي ڪا به مشهور ۽ معزز قوم ڪا نه هئي. انڙ ”انڙڪئي“ ۾ رهندا هئا. هن وقت گهڻا انڙ يا سندن رئيس ”قاضي احمد“ تعلقي سڪرنڊ ۾ رهن ٿا. انڙن جو رئيس الله رکيو خان وڏو زميندار آهي پر ڪي قدر مسڪين آهي.

        عمرڪوٽ جي اوسي پاسي ۽ ريگستان (رڻ پٽ) جي ڀرسان سوڍا، راهما ۽ راجپوت وغيره رهندا هئا. هن وقت راڻو صورت سنگهه ولد ڀوت سنگهه ساڪن تعلقو عمرڪوٽ، انهيءَ علائقي جو جاگيردار ۽ با اختيار مانهو آهي. مگر اڳئين زماني ۾ کين جيڪي اختياريون هونديون هيون، سي هاڻي ڪين اٿن. انهيءَ علائقي ۾ جيڪي ٻيون قومون رهن ٿيون، انهن ۾ با اختيار شخصيت ”توڳاچي راهمون“ ساڪن ديهه رهمڪي بازار تعلقو ڏيپلو جي آهي، جو انعام يافته آهي ۽ وظيفو ملندو اٿس.

        انهن کان علاوه ڪن ٻين قومن جا چڱا مڙس جهڙوڪ بلوچ ۽ ٽالپر وغيره به ڪن ايراصين تي قابض هئا. جيڪڏهن مٿئين احوال وانگر سڀنيقومن جو تفصيلوار احوال بيان ڪبو، ته هڪ داستان تيار ٿي ويندو ۽ پڙهندڙن جو وقت ضايع ٿيندو. تنهنڪري انهيءَ احوال کي نظر اندازڪندي، اصلي مقصد تي اچڻ بهتر ٿو لڳي، ته جيئن پڙهندڙ مٿئين احوال کان آگاهي حاصل ڪرڻ بعد، هن حقيقت کان به با خبر ٿين ته مٿي ڄاڻايل قومن جي چڱن مڙسن پنهنجي قبضي ۾ آيل ايراضين تي اڪتفا نه ڪري پاڻ ۾ ورهڻ، هڪ ٻئي جي ايراضين تي قبضو ڪرڻ ۽ لُٽڻ ڦرڻ شروع ڪري ڏنو. آخر ”تعزمن تشاء و تذل من تشاء“ جي اصول موجب اهڙو اتفاق ٿيو جو ڪلهوڙا ڏينهون ڏينهن زور وٺندا ۽ سنڌ تي قابض ٿيندا  ويا،جنهن جو بيان اڳتي هلي ڪيو ويندو.

        افسوس آهي جو راءِ بهادر سيٺ آلومل ”مختصر تاريخ  (سنڌي) ۾ لکي ٿو ته ”مؤرخن هڪ صديءَ تائين سنڌ جو احوال لکيو ئي نه آهي.“ جيڪڏهن راءِ بهادر موصوف تحفة الڪرام ۽ فارسيءَ ۾ لکيل ٻين  تاريخي ڪتابن جي مطالعي جي زحمت گوارا ڪري ها ته جيڪي حالات جنهن انداز م لکيا اٿس اهي شايد ٻئي انداز ۾ لکي ها.

يارهون طبقو

ڪلهوڙا گهراڻي جي خودمختيار حڪومت

1131هه مطابق 1718ع کان

        تحفة الڪرام واري جي قول موجب هيءَ عباسي (سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران) اصل ۾ حضور رسول اڪرم ذڪي اُمي صلي الله عليه و آله و اصحابه وسلم جي چاچي سائين حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه جي اولاد مان آهن. پهريائين مڪران ۾ رهندا هئا (پوءِ سنڌ ۾ آيا). جيتوڻيڪ تحة الڪرام جي تشريح موجب سندن نسب جو شجرو تمام لمبو آهي مگر راقم الحروف ايڏي لمبي شجري کي نظر انداز ڪندي صرف هيٺين چند ستن لکڻ تي اڪتفا ٿو ڪري، انهيءَ گهراڻي جي نامور ماڻهن ۽ حڪمرانن جي احوال تي مشتمل آهن.

        تحفة الڪرام جي قول مطابق دائود، جنهن جو اولاد ”دائود پوٽي“ جي نالي سان مشهور آهي ۽ بهاولپور ۽ ملتان جي اوسي پاسي واري علائقي جو حڪمران آهي، هن گهراڻي جو وڏو ڏاڏو ـآهي. اهڙيءَ ريت لاشاري جي ”جت“ سڏبا آهن ۽ اُٺ پاليندا آهن، سي پن انهن مان آهن. مگر سنڌ جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ۽ سنڌ جي اندر به ائين ئي مشهور آهي، ته ڪلهوڙا قديم زماني کان سنڌ جا ئي رهاڪو آهن. ميان آدم شاه، ولد گجن شاه، ولد ”ميان صاحب“ ولد ميان خان، ولد ميان طاهر، ولد ميان رانبن، ولد ميان شاه محمد عرف شاهل، ولد ميان ابراهيم، ولد ميان محمد، ولد ڄام چنو، جو هن گهراڻي جو مُورث اعليٰ هو. ميان آدم شاه وڏو بزرگ ۽ خدا ترس هو ۽ اڪثر ماڻهو سندس مريد هئا. هن بزرگ جي رهائش ”چانڊڪا“ ۾ هئي، جا هن وقت تعلقي لارڪاڻي، نصير آباد ۽ قمبر جي حدن ۾ شامل آهن. 854هه مطابق 1450ع ۾ شهرت حاصل ڪيائين عمر ڊگهي هيس. نيٺ ڪن پاڙيسري زميندارن جي دشمنيءَ جو شڪار ٿيو. جن جو زمين جي معاملي تي ساڻس تڪرار هو. بکر جي حاڪمن کيس گرفتار ڪري، ملتان موڪليو ۽ اتي ئي قيد جي حالت ۾ شهيد ٿي ويو. سندس لاش ملتان کان سنڌ ۾ آندو ويو ۽ سکر جي ٻاهران ٽڪري (آدم شاه جي ٽڪري) تي دفنايو ويو. اڃا تائين هن بزرگ جو مقبرو انهيءَ ٽڪريءَ تي جلوه نما ۽ عوام جو زيارت گاه آهي.

        ميان آدم شاه جي وفات کانپوءِ سندس فرزند ميان دائود ٻيو مسند نشين ٿيو. اگر چه انهيءَ زماني ۾ ڪيتري ئي زمين ڪلهوڙن جي قبضي مان نڪري چڪي هئي، مگر مريدن جو اعتقاد منجهن وڌي ويو هو، جنهنڪري سندن اصلي زمين، بلڪه ان کان به زياده سندن قبضي ۾ اچي وئي. ميان دائود مريدن جو تعداد وڌائي، طاقت حاصل ڪئي ۽ سندس حياتي4 ۾ ڪا به تڪراري صورت پيدا ڪا نه ٿي.

        ان کانپوءِ هن جو فرزند ميان الياس پنهنجي موروثي مسند تي رونق افروز ٿيو ۽ هن پنهنجي زمينداري وڌائڻ ۽ مريدن جي تعداد ۾ اضافي ڪرڻ جي جدوجهد ڪندي، حياتي گذاري. هن جو مقبرو گهاڙواه جي ڪناري تي لاڙڪاڻي شهر جي پرئين پاسي آهي [1]. جيتوڻيڪ هن وقت گهڻي قدر ڊهي ويو آهي. تاهم سندس اولاد مان ڪو به ڪو نه بچيو آهي، جو مقبري جي مرمت ڪرائي.

        ميان الياس جي وفات کانپوءِ هن جو ڀاءُ ميان شاهلي عرف شاهل محمد پنهنجي مورثي مسند تي ويٺو هو وڏو پرهيز گار هو. مشهور آهي ته ”گهاڙواه“ نالي وڏو واه، جو لاڙڪاڻي شهر وٽان وهي ٿو، سندس کوٽايل آهي. سانگين ۽ ابڙن جي گهڻي زمين تي قبضو ڪيائين.جنهنڪري ميان شاهل محمد ۽ انهن قومن جي وچ ۾ هٿياربند لڙائي لڳي، جنهن ۾ ميان شاهل محمد 1068هه مطابق 1657ع ۾ مارجي ويو. کيس اولاد ڪو نه هو. سندس ڀاءُ جي ڀرسان گهاڙواه جي پرينءَ ڀر لاڙڪاڻي جي ويجهڙائي ۾ آهي. مگر هن وقت ان جا فقط نشان باقي آهن (2).

        انهيءَ ئي سال ميان نصير محمد ولد ميان الياس مسند نشين ٿيو. هو جيتوڻيڪ ظاهر ۾ فقير هو، پر وڏو دلير هو. ڪيترائي ڀيرا ”مير پنهورن“ بکر جي مغلن ۽ سبئي جي پٺاڻن سان جنگ ڪري مريدن جي زور تي سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪيائين، جن جو تعداد انهيءَ وقت گهڻو هو. 35 سالن کانپوءِ 1103هه مطابق 1692ع ۾ رحلت ڪيائين. سندس مقبرو ”فولجي“ (ڦلجي) تعلقي جوهيءَ ۾ اولهائين ناري جي ڪناري تي آهي.

        جيڪڏهن پڙهندڙن کي ناگوار نه لڳي ته راقم الحروف انهيءَ زماني جي هڪ عجيب و غريب ڳالهه هت بيان ڪري، جا عبرت کان خالي نه آهي ۽ اها عجيب و غريب ڳالهه سنڌ جي باسندن ۾ اڳ ۾ ئي مشهور آهي.

        تحفة الڪرام جي قول موجب 1067 ۽ 1103هه مطابق 1657 ۽ 1693ع جي وچ ۾ سنڌ جي هيٺاهين حصي ۾ به نيڪ طبيعت ڀائر رهندا هئا، جي ڪاشتڪاري ڪندا هئا. وڏو ڀاءُ عيالدار هو ۽ ننڍو ڀاءُ ڪنوارو. خدا جي فضل سان هڪ سال ٻنهي ڀائرن جي فصل ۾ هميشه کان زياده برڪت پ.ي. وڏي ڀاءُ نيڪ نيتيءَ سان چيو ته ننڍو ڀاءُ ڇڙو آهي. جيڪڏهن وٽ اَنُ ججهو هوندو ته ادي ڪري گهر ٻار ورو ٿيندو ۽ ننڍي ڀاءُ خيال ڪيو ته وڏو ڀاءُ اهل عيال وارو آهي. جيڪڏهن وٽس اڦنُ گهڻو هوندو ته خوشحاليءَ سان وقت گذاريندو. اهي ڳالهيون سوچي، ٻنهي ڀائرن رات جي وڳڙي ۾ هڪ ٻئي کان لڪي، پنهنجي پنهنجي ٻار مان ان ڍوئي، بئي جي ٻار ۾ وجهڻ شروع ڪيو. مگر الله جي قدرت جو ٻنهي ڀائرن جون ٻاريون ڀرجي، اناج جا ايڏا وڏا کوڙ بڻجي ويون، جو ٻنهي جي لاءِ اناج ڍوئڻ مشڪل ٿي پيو. بهرحال هنن جو وقت ڏاو سکيو گذرڻ لڳو. تانجو انهيءَ قادر مطلق جي قدرت سان اناج جا هي کوڙ، پٿر جا ڍڳ بڻجي پيا، جي اڃا تائين موجود آهن ۽ جهرڪن جي شهر کان سنڌونديءَ جي پرينءَ ڀر نظر ايندا آهن ۽ ”ٻڌڪي ٽڪريءَ“ جي نالي سان مشهور آهن. ڳالهه پراڻي آهي، پر نيڪ نيتيءَ جي تقاضا اها آهي ته حديث نبوي ”انما الا عمال بالنيات“ جي مصداق ان جو ثمر اهڙو ئي مٺو هجڻ گهرجي.

        ميان نصير محمد جي وفات کانپوءِ سندس وڏو فرزند ميان دين محمد انهيءَ ئي سال پنهنجي موروثي مسند تي ويٺو. ڪلهورن جي قبضه ۾ سنڌ جاجيڪي ٽڪرا هئا، انهن ۾ هر وقت واڌارو ٿيندو رهندو هو. مگر ميان دين محمد جي زماني ۾ جنهن مريدن جي زور ۽ تڪرار جي طاقت سان پنهور ۽ دائود پوٽن جي مٿان فتح حاصل ڪئي هئي، جيتوڻيڪ هنن جي هٿ ۾ حڪومت به هئي، فوج به ۽ واقعا به. تاهم نتيجو اهو نڪتو، جو سنڌ جو وڏو حصو ميان دين محمد جي قبضي ۽ اقتدار هيٺ اچي ويو ۽ لکيءَ تي قبضي ڪرڻ بعد دائود پوٽن جي شڪارگاه تي به قبضو ڪيائين ۽ ان کي آباد ڪري، مٿس ”شڪارپور“ نالو رکيائين. شڪارپور جي تعمير 1026هه ۾ ٿي، جو 1667ع جي مطابق ٿو ٿئي ۽ سندس تعمير جو سال ”غوک“ جي لفظن مان ٿو نڪري، جنهن جا عدد 1026، آهن. تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌ جي سرحد تي قلات جي حڪمرانن جا جيڪي قلعا هئا، سي به هنن کان کسي، پنهنجي تصرف ۾ آندائين. نيٺ گهڻي فتوحات ۽ ڪيترن ئي ملڪن تي قبضي ڪرڻ بعد، مشيت ايزديءَ موجب 1111 هه مطابق 1800، يا 1701ع ۾ وفات ڪيائين.

        ميان دين محمد جو ڀاءُ ميان يا محمد انهيءَ ئي سال عزت، عظمت ۽ حڪومت جي موروثي مسند تي جلوو افروز ٿيو، جيتوڻيڪ سمدن نشينيءَ جي شروع ۾ ايتري طاقت ڪا نه هيس، بلڪه سندس اصلي مملڪت جا چند تڪر به سندس قبضي مان نڪري ويا، مگر بن سالن بعد بروهين ۽ ٽالپر سردارن جي مدد سان ۽ ”راجي ليکي“ جي بيعت ۽ ٻين مريدن جي همت سان وڃايل ٽڪرن تي وري قبضو ڪيائين ۽ پنهنجي طاقت ۽ لڙائي سان پنهنجي علائقي کان زياده حصا به پنهنجا تصرف ۾ آندائين. ”خدا آباد“ جي نالي سان هڪ شهر تعمير ڪرايائين، جنهن جا آثار تعلقي دادوءَ ۾ اڃا به موجود آهن. خدا آباد ۾ هڪ جامع مسجد به ٺهرايائين، جا ملڪان ملڪ مشهور آهي ۽ اتي هڪ ننڍي ريلوي اسٽيشن به آهي. نيٺ تمام وڏين ۽ گهڻين فتوحات سبب کيس دهليءَ جي بادشاه فرخ سير وٽان ”خدايار خان“ جو خطاب عطا ٿيو. 1131هه مطابق 1718ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس تربت خدا آباد ۾ آهي.

        هن تاريخ جا پڙهندڙ اهو سوال ڪندا ته ”ڇا، راجو ليکي ايڏو طاقتور هو، جو ميان يار محمد سندس بيعت وٺڻ شرط ايڏو زور ورتو، جو پنهنجي ملڪ جي وڃايل حصن کي وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو؟“ مان پڙهندڙن جي معلومات لاءِ واضح ڪرڻ ٿو گهران ته انهيءَ زماني ۾ اها قوم واقعي ايڏي طاقتور ۽ عزتدار هئي. ”راجو ديرو“ جو ”پَٽ گل محمد لغاري“ ۽ ”نئي گاج“ جي ڀرسان آهي، انهيءَ قوم جو آباد ڪيل آهي ۽ ”تاجپور“ جا مٽياريءَ جي ڀرسان آهي، راجو ليکي جي فرزند ”تاجي ليکي“ جي وسايل آهي. هن زماني ۾ نوشهروفيروز تعلقي ۾ انهيءَ گهراڻي مان ”بلاول ليکي، اول درجو جو جاگيردار آهي، مگر آمدني معمولي اٿس. خدا جي قدرت هيءُ گهراڻو ڪيڏو نه طاقت وارو هو ۽ هاڻي ڪهڙو نه ڪمزور ٿي ويو آهي!

        ميان يارمحمد جو ٻيو نمبر فرزند ميان نور محمد انهيءَ سال پنهنجي والد جو جانشين ٿيو. هن تاريخ جي پڙهندڙن کي چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو، ته عباسي خاندان يعني ڪلهوڙا گهراڻو ميان آدمشاه کان وٺيميان يار محمد تائين پيري مريديءَ جي سلسلي جي ڪري مشهور هو. جيتوڻيڪ ميان يار محمد پنهنجي پوئين زماني ۾ پنهنجي همت سان سنڌ جي اڪثر حصن تي قبضو ڪري، دهليء جي بادشاه جي پاران ”خدا يار خان“ جي خطاب سان سرفراز ٿيو هو ۽ اهڙي ريت پيرن جي سلسلي مان نڪري، حاڪمن جي قطار ۾ شمار ٿيڻ لڳو هو. مگر اڪثر مؤرخ، ڪلهوڙا گهراڻي جي حڪومت جي ابتدا ميان يار محمد جي فرزند ميان نور محمد کان شمار ٿا ڪن، ۽ راقم الحروف به انهن جي راءِ سان اتفاق ڪندي، هن خيال جو اظهار ٿو ڪري ته ميان نور محمد پنهنجي والد جي بنسبت گهڻو ملڪ هٿ ڪيو هو. اگرچه هن جي زماني ۾ به ڪيترائي نامور سردار سنڌ جي ڪن حصن تي حڪمران هئا، پر مهرن جو سردار، دائود پوٽا ۽ پنهور، جي خودمختار حاڪم هجڻ جي هام هڻندا هئا، سي ميان نور محمد جي زماني ۾ ٿورڙي وقت جي اندر نيست نابود ٿي ويا. ازانسواءِ 1151هه مطابق 1739ع ۾ دهليءَ جي بادشاه جي مرضيءَ سان سنڌ جا ڪيترائي ٽڪرا ٺٽي جي والي نواب صادق علي خان کان ٺيڪي جي طريقي تي حاصل ڪيائين ۽ 1152هه مطابق 1739ع ۾ قلات جي مير عبدالله بروهي تي فتحياب ٿيڻ سبب (بادشاه جي پاران) ”خدا يار خان“ جو خطاب حاصل ڪيائين ۽ ”صوبه داري“ جي منصب تي فائز ٿيو. يعني مڪمل اختيار ۽ اقتدار سان سنڌ جو حاڪم بڻيو. ملتان جي هيٺاهين حصي کان وٺي سمنڊ، ڪڇ ڀڄ، ريگستان ۽ ڪوهستان وغيره سندس قبضي ۾ هئا. تان جو نادر شاه افغانستان ۽ ايران جوا بادشاه ڪن عجيب و غريب ۽ گونا گون سببن جي ڪري جيئن حافظ شيرازيءَ چيو آهي ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“ (يعني بادشاه پنهنجي بادشاهيءَ جون رمزون پاڻ سمجهندا آهن) 1156هه مطابق 1739ع ۾ هندوستان جي مٿان آسماني آفت وانگر اچي ڪڙڪيو.

        اي مؤلف! هاڻي جڏهن بادشاه کي ”آسماني آفت“ سڏيو اٿئي ته بهتر آهي ته ان جي وضاحت به ڪر، ته پڙهندرن کي پتو پوي ته اهڙن سخت لفظن لکڻ جو سبب ڇا آهي؟ ها، پڙهندرن هيٺين احوال مان، ماده تاريخ مان ۽ (خود نادر شاه جي) سجع مان ان جو سبب خوبخود سمجهي ويندا. سنڌ ۾ نادر شاهه جي اچڻ جو سال هن مصرع مان نڪري ٿو: ”ياد باد زماني ڪه قيامت است“ [2] ۽ سندس سجع تي به غور ڪيو:

نادرم درملک ايران، قادرم برهرد يار،

لافتيٰ الاعلي، لاسيف الا ذوالفقار.

ترجمو:

(ايران ۾ نادر جي نالي سان مشهور آهيان ۽ دنيا جي هر هڪ هڪ تي قادر اهيان. حضرت عليءَ کانسواءِ دنيا ۾ ڪو به پهلوان جوان ڪونهي ۽ ذوالفقار کانسواءِ ٻي ڪا به ترار ڪانهي).

        (نادر شاه جي اچڻ سبب هندوستان خواه سنڌ ۾ ايڏو شور شر، خود هراس، بد انتظامي ۽ بي مروتي پيدا ٿي، جو ڪنهن به بادشاه، اڳين توڻي پوين بادشاهن جي زماني ۾ نه ٿي هئي. سنڌ ۾ ته اڃا تائين اهو حال آهي جو ڪو به ماڻهو ڪنهن خوف هراس ۾ مبتلا ٿيندا آهي ته هن کي چوندا آهن ته ”ايڏو ڊڄين ڇو ٿو، نادر پٺيان پيو اٿئي ڇا؟“ يا ڪنهن کي ڪو سخت حڪم ڏنو ويندو آهي ته ان کي ”نادري حڪم، سڏيو ويندو آهي.

        قصو ڪوتاه، نادر شاه، پهريائين دهليءَ پهتو ۽ محمد شاه بادشاه سان معمولي لڙائي ڪري، هن جي مٿان عالب پيو، جو ڏاڍو عياس ۽ حڪومت جي ڪاروبار کان بي خبر هو. ان کانپوءِ پاڻ ۾ صلح ڪيائون. ڪن مؤرخن جي قول موجب جڏهن پاڻ ۾ مليا ته هڪ ٻئي سان پڳ مٽائي، ڀائپيءَ جو عهد ڪيائون. محمد شاه پنهنجو تاج نادر شاه کي ڏنو، جنهن جي قيمت لکها رپيا هئي ۽ جنهن ۾ نهايت ئي قيمتي هيرا جواهر جڙيل هئا. نادر شاه پنهنجي ڪشميري شال محمد شاه کي ڏني، جنهن جي قيمت شايد سؤ رپيا کن مس هوندي. نادر شاه هن ”ديني ڀائپي“ ۾ به حڪمت عملي ڏيکاري. دهليءَ ۾ فتح ۽ ڪامرانيءَ کانپوءِ سنڌ ۾ آيو. لاڙڪاڻي ۾ منزل ڪيائين. سنڌ جو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو نادري تاب جهلي نه سگهيو ۽ ڀڄي وڃي عمرڪوٽ ۾ لڪو. نادر شاه پهريائين هن کي پنهنجي هٿ سان هيٺيون حڪم لکي موڪليو:

اي مور کمزور ساکن زمين شور چون گور، بلند بيني

بگزار و خودي و خود پسندي از خود دور دار.

بايد و شايد که قمري وار طوق اطاعت درگردن

انداخته، حاضر بشوي، ورنه به سُم سمند ميدان

آهن سکن پائمال خواهي شد.

ترجمو:

(اي ڪمزور ڪول ۽ اي ڪلراٺي زمين جا راهاڪو. جا قبر وانگر سوڙهي آهي، مٿي نهارڻ ۽ پاڻ کي ڪجهه ڀانئڻ ڇڏي ڏي. بهتر آهي ته قمريءَ وانگر فرمان برداريءَ جو طوق گردن ۾ وجهي حاضر ٿيءُ نه ته ميدان جنگ جي گهوڙي جي سنبن هيٺان، جي فولاد کي به ٽوڙي ڇڏيندا آهن، چيڀاٽجي ويندين.

        جڏهن ميان نور محمد مٿئين حڪم سان حاضر نه ٿيو، تڏهن نادر شاه اڪيلي سر فقط هڪرو سونهون ساڻ ڪري جنهن وٽ، هڪ تيز رفتار گهوڙي هو، پنهنجي نهايت ئي تيز رفتار گهوڙي تي چڙهي، لاڙڪاڻي مان نڪتو ۽ عمرڪوٽ جو رستو ورتائين. چيو وڃي ٿو ته نادر شاه جو گهوڙو هڪ ڏينهن رات ۾ سؤ ڪوه پنڌ ڪندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن رات ۾ عمرڪوٽ جي ڀرسان پهچي ويا ۽ اتي نادر شاه جو گهوڙو هڻڪيو به، ۽ پيشاب به ڪيائين. نادر شاه سونهن کي چيو ته منهنجو گهوڙو سؤ ڪوه پنڌ ڪري آيو آهي. سندس هڻڪار ۽ پيشاب ان جي علامت آهي. سونهين عرض ڪيو ته ٿورو ترسڻ گهرجي. جڏهن سج اُڀرندو، ته قلعي جا ڪُنگرا ڏسڻ ۾ ايندا. مطلب ته سج اڀرڻ شرط عمرڪوٽ ۾ داخل ٿيا، ايتري ۾ نادر شاه جو فاته لشڪر به اچي پهتو. نادر شاه ميان نور محمد کان هڪ ڪروڙ رپيا جرمانو ورتو ۽ سندس به فرزند ميان محمد مراد ياب خان ۽ علام شاه خان يرغمال طور پاڻ وٽ جهليائين. ان کانپوءِ لارڪاڻي موٽيو ۽ ايران واپس وڃن وقت ميان نور محمد جي مٿان ساليانو ويهه لک رپيا شاهي نذرانو مقرر ڪيائين ۽ کيس ”شاه قلي خان (شاهي غلام) جو خطاب ڏنائين. بکر جي قلعي جي اصلي صورت بدلائي، ٻئي نموني سان ٺهرائين ۽ ان ۾ هڪ نواب مقررڪيائين (هيءُ پنجون دفعو هو، جو بکر جي قلعي ۾ ڦير ڦار ڪرائي وئي) بکر جي قلعي ۽ سنڌونديءَ جي اوڀر ۾ بکر واري علائقي کي سنڌ کان جدا ڪري ۽ ميان نور محمد جي قبضي مان ڪڍي، افعانستان ۽ ايران جي مملڪت سان ملهق ڪري ڇڏيائين.انهيءَ زماني کان وٺي انهيءَ پرڳڻتي کي ”موغلي“ سڏيو ويندو آهي ۽ شڪارپور شهر ۽ ان جي اوسي پاسي واري علائقي کي ۽ سبيءَ جي دائود پوٽن جي سرڪردن کي، باروزئي افغانن جي حوالي ڪري، ٻئي سال افغانستان موٽي ويو، ۽ وڃڻ وقت هيٺين سجع کي پنهنجي پهرئين ۽ اصلي سجع سان شامل ڪيائين:

سکه زد بر هند و سند و طبله زد بر روم و شام،

ثاني سلطان سکندر، شاه نادر زوالفڪرام.

ترجمو:

(نادر شاه، جو سلطان سڪندر جو ٿاني ۽ عزت ۽ عظمت وارو بادشاه آهي، هند ۽ سنڌ ۾ پنهنجو سڪه هلايو ۽ روم ۽ شام ۾ڏونڪو هلائين).

        نادر شاه جڏهن موٽي ويو ته سنڌ جا باسندا چوڻ لڳو ته ”رسيده بود بلادي ولي بخير گذشت“ (يعني هڪ مصيبت اچي ڪڙڪي هئي پر خير سان ٽري وئي). اميد آهي ته هن احوال معلوم ڪرڻ بعد پڙهندڙ، راقم الحروف کي ”آسماني آفت“ جي فقري لکڻ تي ميار نه ڏيندا.

        نيٺ اهڙين بي واجبي ڪار گذارين بعد جمادي الاخر 1120هه ۾ پنهنجي سالي ”علي“ افشار جي هٿان خراسان ۾ قتل ٿي ويو. اڪثر مؤرخن سندس قتل جو واقعو، ڪابل شهر ۾ لکيو آهي. مگر تاريخ احمديءَ جي مؤلف سر جان مالڪم لکيو آهي ته ڪابل جي ڀرسان ”فتح آباد“ ۾ قتل ٿيو. انهيءَ زماني جي شاعرن سندس قتل جي تاريخ ڏاڍي چڱي چئي آهي ”رخت بست از تخت هستي شهر يار“ ۽ ”جن خراب شد“. ٻنهي مان ابجد جي حساب سان 1159 ۽ 1160هه جو سال نڪري ٿو، جو 1747 ۽ 1748ع جي مطابق ٿو ٿئي [3].

        نادر شاه جي قتل کانپوءِ انهيءَ سال ”احمد خان ابدالي“ جنهن پاڻ کي پوءِ ”احمد شاه دراني“ سڏايو، افغانستان جي تخت تي فائر ٿيو. مٿي لکيو ويو آهي ته نادر شاه سنڌونديءَ جي کاٻي ڪپ وارو (اوڀاريون) علائقو سنڌ کان جدا ڪري ۽ بکر جي قلعي کي نئين نموني ٺهرائي، ان جي مٿان پنهنجي طرفان هڪ نواب مقرر ڪيو ۽ پاڻ افغانستان هليو ويو. تنهنڪري بهتر آهي ته جيئن مٿي هندوستان جي بادشاهن طرفان بکر ۽ ٺٽي لاءِ مقرر ڪيل حاڪمن ۽ نوابن جوا حوال بيان ڪيو ويو آهي، تيئن بکرجي علائقي لاءِ خراسان جي بادشاهن طرفان موڪليل نوابن جو تفصيلي احوال به لکيو وڃي.

انهن نوابن، ناظمن، حاڪمن، قلعيدارن ۽ صوبيدارن جو تفصيل جي وقت بوقت خراسان جي بادشاهن طرفان بکر جي علائقي لاءِ مقرر ڪري موڪليا ويا

        پهريون نواب سعادت خان، ٻيو نواب منصور خان، ٽيون نواب مقصود خان (هننواب جي باري ۾ مشهور آهي ته هڪ ڏينهن ڪنهن مسجد جو پيش امام وٽس آيو. هن کان پڇيائين ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ پيش امام جواب ڏنس ته ”آخوند ملا محمد معروف،. نواب کي ڪاوڙ لڳي، چيائينس ته تون مسجد جو ملا آهين ۽ نالو ايڏو ڊگهو رکيو اٿئي. مان، جو بکر جي قلعي ۽ ان جي اوسي پاسي واري سڄي علائقي جو نواب آهيان، پاڻ کي فقط ”مقصود خان“ سڏائيندو آهيان.

        ان کانپوءِ (چوٿون) نواب ذوالفقار علي خان ۽ پوءِ (پنجون) نواب غلام صديق خان آيو، جنهن بکر جي قلعي جي آخري تعمير ڪرائي (جا ڇهين تعمير هئي) جيئن هيٺين نطم (قطعه) مان ظاهر آهي ته:

در زمان شاه عالم دين پناه،

خسرو عالم زماهي تا بماه.

خا کپايش فخز اورنگ برين،

اوج فرقش ربه تاج و کلاه.

ميکند گلشن گياه خشک را،

لالهء در شوره رويد از نگاه.

آتش از دريا برآرد تيغ او،

هر کجا انگيخته طوفان سپاه.

شاه تيمور آنکه با لطف خدا،

باد دائم بر سرش طل الهٰ.

ساخته از سر بندهء صديق خان،

قلعهء بکهر بحکم بادشاه.

چون بخواه سال تاريخش صفا،

گو ”بزيبد قلعهء تيمور شاه.“(1192)

ترجمو:

دنيا جي بادشاه، دين جيپناه گاه جي زماني ۾، جو مڇيءَ کان وٺي چنڊ تائين (يعني زمين کان وٺي آسمان تائين) اري ڪائنات جو بادشاه آهي.

جنهن جي پيرن جي پڻي هڪ بلند ترين تخت جي لاءِ فخر جو باعث آهي جنهن جي سر جي بلندي (عظمت) شاهانه تاج جي لاءِ عزت جو سبب آهي.

جيڪو سُڪل گاه کي سر سبز باغ م تبديل ڪري ٿو ڇڏي ۽ جنهن جي نظر سان ڪلراٺي زمين ۾ گل لالا پيدا ٿا ٿين.

هن جو لشڪر ڪٿي وڃي ڪو طوفان برپا ٿو ڪري، ته هن جي ترار درياء مان به باه جا اولا ڪڍي ٿي ڇڏي.

اهو بادشاه تيمور آهي، جنهن جي سر تي شال خدا جي فضل سان هميشه خدا جو سايه رهي.

هن بنده صديق خان (انهيءَ)بادشاه جي حڪم سان قلعو نئين سر ٺهرايو آهي.

جيڪڏهن توکي هن جي تعمير جو سال معلوم ڪرڻو هجي، ته چؤ ”بزيبد قلعه تيمور شاه“ (تيمور شاه جو قلعو سهڻو ٿو لڳي.

هن قطعه جي پوئين مصرعه مان ابجد جي حساب سان 1192هه جو سال ٿو نڪري، جو 1778ع جي مطابق آهي.

        ان کانپوءِ (ڇهون) نواب صادق محمد خان (ستون) نواب غلام خان (اٺون) نواب موسيٰ خان (نائون) نواب عطائي خان ۽ (ڏهون) نواب مولا داد خان آيا. (هن نواب جو فرزند، جنهن جو نالو دلاور خان هو، وسر جي تعلقي سکر ۾ پٽيدار هو ۽ راقم الحروف کيس پنهنجين اکين سان ڏٺو هو. سندس ٻيو فرزند سمندر خان منهنجو داماد هو، جو هاڻي وفات ڪري ويو آهي. سندس ٻه فرزند غلام رسول خان ۽ غلام سرور خان اڃا تائين هن جا يادگار آهن). ان کانپوءِ (يارهون) نواب مدد خان وغيره آيا. هن يارهين نمبر نواب کي راقم الحروف پاڻ شڪارپور ۾ ڏٺو هو، جڏهن هو پوڙهو ٿي ويو هو. وڏو متقي، زاهد ۽ پرهيز گار هو. سندس وفات کانپوءِ سندس فرزند محمد عمر هن جو يادگار آهي.

        پڙهندڙن کي اها ڳالهه نه وڻندي، ته هندوستان جي بادشاهن طرفان آيال نوابن جو احوال ته تفصيل سان لکيو ويو، مگر خراسان جي بادشاهن طرفان آيل نوابن جي نالن لکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به تفصيلي احوال بيان نه ڪيو ويو. کين معلوم هجڻ گهرجي ته هندوستان جي بادشاهن جي زماني جا نواب گهڻو ڪري پنج هزاري، چار هزاري ۽ ڪجهه گهٽ يا وڌ منصبن جا مالڪ هوندا هئا. کين وڏا اختيارات حاصل هوندا هئا. حڪومت جي مٿان فوج جي مٿان، مالي معاملن جي مٿان ۽ فوجداري ڳالهين جي مٿان. مگر نا جي برعڪس خراسان جي بادشاهن جا موڪليل نواب رڳو نالي ماتر نواب هئا. يعني قلعدار ۽ فوجدار. انهيءَ ڪري هنن جا هالات تفصيل سان بيان ڪرڻ ضروري نه سمجهيا ويا.

        جيئن ته نادر شاهه جي بادشاهيءَ جو دور گذري چڪو آهي ۽ هاڻي احمد شاه درانيءَ جو دور ٿو اچي ۽ راقم الحروف به افغان قوم منجهان آهي، تنهنڪري بهتر آهي ته افغان قوم جي ذاتين جو مختصر احوال لکيو وڃي، ته پڙهندڙن کي آگاهي حاصل ٿئي.

        تاريخ احمد خواه ٻين معتبر تاريخن مطابق قيس عرف عبدالرشيد، جنهن کي خالد بن وليد سڏيو ويندو آهي. اصل ۾بني اسرائيل مان هو، جنهن جو نسب حضرت يوسف عليه السلام جي حقيقي ڀاءُ ”ابنا يامين“ سان ٿو ملي. عبراني زبان م ابنا يامين اهڙي ٻار کي سڏبو آهي، جنهن جي پرورش پنهنجي ماءُ نه ڪئي هجي. قيس  (خالد بن وليد) پيغمبر آخر زمان جي وقت ۾ اسلام جي سعادت سان مشرف ٿيو. کيس ٽي پٽ هئا سرين، مبهين ۽ غرغشت، سرين کي ٻه پٽ ٿيا هڪ شرف الدين عرف ”شير حيوان“ ۽ ٻيو خير الدين عرف ”خير شبون“. شرف الدين کي پنج پٽ ٿيا شيراني، ترين، بهريج، ميانه ۽ اُوتر. ترين کي ابدال پيدا ٿيو. افغان ۽ تربن کيس پنهنجو وڏو سمجهندا آهن. جيتوڻيڪ سندس اصلي نالو ٻيو هو، مگر مسهور ابدال جي نالي سان ٿيو. ابدال کي ٻه فرزند هئا زيرڪ ۽ پنج باء. زيرڪ مان پوپل، الڪو ۽ بارڪ ٿيا. پوپل کي اسماعيل، حسن، بالي، غضب ۽ قلندر پيدا ٿيا. باليءَ کي پنج پٽ ٿيا. صدو، صالح، علي جان، رتڪ ۽ ادرڪ. صدوءَ کي ٻه پٽ ٿيا هڪ خواجه خضر، جو احمد خان جو ڏاڏو هو. پوءِ احمد خان بادشاه پيدا ٿيو. احمد خان جي نسب جو باقي تفصيل موقعي اچڻ تي لکيو ويندو. راقم الحروف ترين قوم مان آهي. مطلب ته احمد خان جو والد محمد زمان خان پنهنجي ننڍي پٽ سان گڏجي ملتان کان هرات ۽ قنڌار پهتو ۽ اتي ابدالي قوم جو سردار ٿيو اتفاقاً احمد خان، نادر شاه جي خدمت ۾ شرف ياب ٿيو. سندس وڏي خدمت ڪيائين ۽ کيس سهڻيون صلاحون ڏنائين هميشهبادشاه جي حضور ۾ رهندو هو. بادشاه هن کان ڏاڍو راضي هو دربار ۾ درباري اميرن ۽ مصاحبن جي موجودگيءَ ۾ چوندو هو مان ايران، توران ۽ هندوستان ۾ احمد شاه ابدليءَ جهڙو سهڻي سيرت ۽ سٺين خصلتن وارو انسان نه ڏٺو آهي. بادشاه کيس پاڻ کان پري نه ڪندو.

        هڪ ڏينهن نادر شاهه سوني ڪرسيءَ تي ويٺو هو ۽ احمد خان پرڀرو ادب سان بيٺو هو. بادشاه حڪم ڪيس ته ”احمد اوري اچ“. احمد خان ٿورو اڳتي وڌيو. نادر شاه وري چيس ته ”اڃا اوري اچ“. جڏهن احمد خان ويجهو ويس ته نادر شاه چيس ته ”مون کانپوءِ بادشاه تون ٿيندين. منهنجي اولاد سان چڱي طرح پيش اچجانءِ“. احمد خان عرض ڪيو ته ”قربان ٿيان، جيڪڏهن حضور جن، غلام کي قتل ڪرڻ ٿا چاهين ته غلام حاضر آهي. باقي انهيءَ باري ۾ ڪجهه به چوڻ جي ضرورت نه آهي،. نادر شاه وري چيس ته ”مونکي يقين آهي ته مون کانپوءِ تون بادشاه ٿيندين. منهنجي اولاد سان چڱو سلوڪ ڪجانءِ ۽ منهنجا حق بجا آڻجانءِ“. نيٺ ائين ئي ٿيو. هن پيشنگوئي کي نادر شاه جي ڪرامت سمجهڻ گهرجي. هونءَ به ”ڪلام الملوڪ، ملوڪ الڪلام“ (بادشاه جو سخن، سخنن جو بادشاه) هوندو آهي. انهيءَ ڪري احمد خان، نادر شاه جي وصيت پنهنجي دل تي نقش ڪري ڇڏي ۽ بادشاه بنجڻ بعد سندس اولاد جي عزت، احترام ۽ خاطر تواضع ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايائين. مشهد مقدس، شاه رخ مرزا ولد رضاقلي مرزا ولد نادر شاه جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏيائين. شاه رخ مرزا فاطمه سلطان بيگم بنت سلطان حسن صفويءَ منجهان هو ۽ احمد شاه پاڻ سندس معاون ۽ مددگار ٿي رهندو هو. احمد شاه جو سعادت مند فرزند تيمور شاه به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلندي، انهيءَ عهد تي قائم رهيو.


[1]  اها ڳالهه درست نه آهي. مقبرو تعلقي ڏوڪريءَ ۾ آهي.

(2) مقبرو هن وقت به صحيح سالم موجود آهي (ن .ب).

[2] هيءُ ناموزون مصرعه آهي ۽ نه صحيح ۽ فصيح نثر، بلڪه هڪ مهمل ۽ لغو فقرو آهي ۽ سندس عدد به 1152 نه بلڪه 1167 آهن. (مترجم).

[3]  پهريون تاريخي مادو بالڪل غلط آهي. ان جا عدد 4261 آهن، نه 1120 (مترتجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org