(ب) ترخان گهراڻو
مٿي تفصيل سان لکيو ويو آهي ته 962هه مطابق 1554ع ۾
مرزا شاه حسن ولد مرزا شاه بيگ ارغون جي، هن
دنياءِ فاني مان عالم جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيڻ
کانپوءِ، قرآن مجيد تي لکيل معاهدي موجب، سنڌ،
مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش
بکريءَ جي درميان تقسيمٿي. هاڻي سنڌ جي هيٺين اڌ
حصي يعني لڪيءَکانوٺي سمنڊ تائين، جو مرزا عيسيٰ
خان ترخان جي ماتحت هو، ان جوا حوال لکيو ٿو وڃي!
تحفة الڪرام جي مولف جي قول موجب ”ترخان“ جي تعريف هن
ريت آهي، هت هڪ ڏينهن صاحبقران امير تيمور ارڙهن
ورهين جي عمر ۾ شڪار ڪندي، رستو ڀُلجي، پنهنجن
ماڻهن کان وڇڙي ويو ۽ حيران پريشان
هڪ ڳوٺ ۾ پهتو. پهريائين ته ڳوٺ وارن ساڻس، ورهڻ
جو ارادو ڪيو، جو اونداهي رات هئي پر پوءِ جڏهن
سڃاتائونس ته خوب خاطر تواضع ڪيائونس. سورهن سال
پوءِچوٽيهه ورهين جي عمر ۾ جڏهن صاحبقران تخت تي
ويٺو ته پهرئين ئي ڏينهن انهيءَ ڳوٺ جي ماڻهن کي
گهرائي، مٿن وڏيون مهربانيون ڪيائين ۽ کين
”ترخاني، جي خطاب سان نوازيائين، جنهن جو پهلوي
زبان ۾ مطلب آهي ”خدمت کان آزاد“، جو پوءِ هلي هلي
”ترخان“ ٿي ويو.
مطلب تر مرزا عيسيٰ خان ولد مرزا عبدالعلي ترخان مٿي
ڄاڻايل سال (962هه مطابق 1554ع) ۾ ٺٽي شهر ۾ سنڌ
جي حڪومت جي مسند تي جلوه افروز لنگهي چڪو هو ۽
دنيا جو وڏو تجربو رکندڙ هو، انهيءَ ڪري حڪومت جو
ڪاروبار تمام سگهڻي نموني سان هلائيندو رهيو ۽ هر
قوم جي اعليٰ ۽ ادنيٰ، ارغونن خواه تر خانن ۽ رعيت
خواه فوج کي خوب راضي رکيائين. جيتوڻيڪ پنهنجي
حڪومت جي زماني ۾ سلطان محمود خان ڪوڪلتاش جي
مقبوضه حصن تي ٻه ٽي ڀيرا پاڻ ۽ سندس وڏي فرزند
مرزا محمد باقيءَ به حملا ڪيا، جي ناڪام رهيا.
اهڙي ريت سلطان محمود خان به سندن حدن ۾ گهڙي حملو
ڪندو رهيو، پر انهي دور جي چڱن مڙسن ٻنهي ڌرين ۾
صلح ڪرائي ڇڏيو.
هڪ دفعي مرزا عيسيٰ خان جي عدم موجودگيءَ ۾ فرنگي
”گويه“ (گوا) کان سمنڊ جي رستي ٺٽي پهتا ۽ شهر کي
ڦري لٽي، باه لڳايائون ۽ مرزا فرخ جي جامع مسجد ۾،
جتي شهر جا ماڻهو پنهنجن گهرن مان نڪري، پناه وٺڻ
لاءِ اچي گڏ ٿيا هئا، انهن جو قتل عام ڪيائون ۽
جڏهن مرزا عيسيٰ خان جي واپسيءَ جو ٻڌائون ته فرار
ٿي ويا.
راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته ”فرنگي“ لفظ جي تشريح
ڪري، هت فرنگيءَ جو مطلب آهي ”پورچوگيز“ جي هن وقت
”گوا“ ۾ ٿا رهن، جا بمبئيءَ کان پاڻيءَ جي رستي هڪ
ڏينهن جي پنڌ تي آهي ۽ انهيءَ جزيري تي پورچورگيزن
جي بادشاهه جو تخت گاهه يورپ ۾ آهي ۽ اڪثر ماڻهو
(انهن جزيرن جا رهاڪو) جي يورپي آفيسرن وٽ بورچي،
بٽلر، ڪلارڪ ۽ گهرو نوڪر آهي، اهي به فرنگي سڏبا
آهن.
مرزا عيسيٰ ترخان ارڙهن سالن جي حڪمرانيءَ کانپوءِ
980هه مطابق 1572ع ۾ حڪومت جي تخت تان لهي، زوال
جي تختي تي وڃي ويٺو (يعني انتقال ڪيائين).
بيگلارنامي جي قول مطابق 961هه ۾ حڪمران ٿيو ۽
1991هه وفات ڪيائين. مگر اڪثر روايتن موجب مٿي
ڄاڻايل سان صحيح نه آهي. مرزا عيسيٰ جي مقبري جي
ديوارين جي مٿان ۽ انهن جي چوڌاري پٿر تي ڪلام
الٰهي (جي آيات مقدسه) کانپوءِ، فارسيءَ جا جيڪي
اشعار منقش آهن، اهي پڙهندڙن جي آگاهي ۽ عربت لاءِ
هت درج ڪيا ٿا وڃن:
مرزا عيسيٰ جي مقبري جي اولهائين پاسي کان هيٺيون به رباعيون
اُڪريل آهن:
(1)
افسوس که دور کامراني بگذشت،
دوران نشاط و شادماني بگذشت.
سرمايهء عمر و زندگي رفت ز دست،
شد عمر به باد، زندگاني بگذشت.
(ترجمو)
(افسوس، جو ڪامرانيءَ جو زمانو گذري ويو،
خوشي ۽ مسرت جو زمانو گذري ويو،
عمر ۽ حياتي جو سرمايو هٿان نڪري ويو،
عمر برباد ٿي ۽ حياتي گذريوئي).
(2)
دير يست که صد هزار عيسيٰ ديد است،
طُوريست که صد هزار موسيٰ ديد است.
قصر يست که صد هزار قيصر ديد است،
طاقيست که صد هزار کسريٰ ديد است.
(ترجمو)
(هيءَ دنيا اهڙي گجر آهي، جنهن لکين عيسيٰ ڏٺا آهن،
اهڙو طورسينا آهي، جنهن لکين موسيٰ ڏڻا آهن،
اهڙو شاهي محل آهي، جنهن لکين قيصر ڏٺا آهن،
*
اهڙو محرابدار محل آهي، جنهن لکين ڪسريٰ ڏٺا آهن).
مقبري جي ڏاکڻي پاسي کان هيءُ اشاعر اُڪريل آهن:
[1]
مي رسد بيداد هر لحظه اجل از دست،
داد از دست اجل قسم باد اجل از دست
-
يا رب تو اميان ده که داري مرا،
يا قول شهادت ببري جان مرا،
خوشنود ڪني جمله خصمان مرا،
پرنور کفي تربت تاريڪ مرا.
-
گر من گناهي بر روي زمين کرده هستم،
اسيد که لطف گيرد دستم،
گفتي که بروز غم دست گيرم
عاجزم که کتون ترا ازين خواه هستم.
-
تربت جي چئني پاسن کان هيٺيون رباعيون، قطعا ۽ شعر درج
آهن:
اي چرخ فلک را سيرت کينهء تست،
بيداد گري شيوه دريينهء تست،
اي خاڪ اگر سينهء تو بشگافند،
بس گوهر قيمتي ڪه در سينهء تست.
-
تا دردند در رگِ خون بود پوست،
از دوست مرا خود نخواهم جز دوست،
بستين اين جهان متاع دل نکوست،
که آنها همه فاني باقي همه اوست.
-
اي از روئ ديدن رويت مردم،
گاهي نظرت بود بسوئ مردم،
تا چها جستم فاني از پي بستي،
شد بست در فيض بروئي مردم.
-
اي آنڪه قضا هميشه پر حذري،
بشنو حديث از من به اين بي خبري،
از سوي قضا نه باشدت راه گريز،
گر در حضرت مقيم در سفري.
-
سالها اي چرخ! ختم درد... کاشتي،
عاقبت کردي بخا کم جاء درد دل دشتي.
تربت جي سيرانديءَ کان
عرض نقشيست کزما يادماند،
که دنيارانه مي بينم بقائي،
مگر صاحبدلي روزي برحمت،
کند درکار درويشان دعائي.
تربت جي پيرانديءَ کان
مشتاق آفتاب جمال محمديم،
مابندهء محمد و ال محمديم،
پروانه وار سوخته از آتش فرق،
در آرزوئ شمع جمال محمديم.
مٿيان ٻئي قطا درست آهن، تنهنڪري انهن جو ترجمو لکجي
ٿو.
(1)
ترجمو
(اسان جو مطلب اهڙو نقش ڇڏي وڃڻ آهي، جو اسان جو يادگار بڻجي.
ڇو ته دنيوي زندگيءَ کي ڪو به بقاء ڪونهي. شايد
(ان کي ڏسي) ڪو اهل دل درويش ڪنهن ڏينهن مهرباني
ڪري اسان مسڪينن جي حق ۾ دعا ڪري).
(2)
(اسان حضور محمد مصطفيٰ جي حسن و جمال جي آفتاب جهان تاب جا
مشتاق آهيون. اسان محمد ۽ آل محمد جا غلام آهيون.
پرواني وانگر جدائي جي آڳ ۾ جلڻ بعد، حضور محمد
مصطفيٰ جي حسن و جمال جي شمع جي تمنا ۾ ٿا رهون).
تربت جي واپارين پاسي کان
دوستان ذکر حق فکر مرخود راکنيد،
عاقبت مرکب ياران فکر کار خود کنيد،
بگذريد از فکر خط و ذکر رخسار بتان،
بعد ازين انديشهء ليل و نهار خود کنيد،
نامهء طاعت که از دود گنه آمد سياه،
اين بچشم شست و شوئ اشڪبار خود کنيد،
ياد رخ همچو خزان خونگير آيد پربهار،
اين خان خويش بادي از بهار خود کنيد.
-
غم دنيا مخور اي همنيشن تا يڪ نفس مانده،
که يک کس مانده در دنياولي دنيا بکس مانده.
-
تني که بود وي را لباس حريف کنان،
ببين که جائي چسان کرده زير سنگ گران،
زمانه داشت هردو شان دو عيسيٰ رفتند،
يکي يکي بچرخ و در زمين گرفتند مکان،
دهان خاک چوشد پر زلقمهء تن او،
نهاد دست فلک حسرتش بزل سنان،
بسال نهصد و هفتاد و سه سن هجري،
جهان گذاشته بگرفت ملڪ جاويدان.
-
مٿي جيڪي اشعار لکيا ويا آهن، انهن مان اڪثر ناقص ۽ بحر
۽ وزن کان خارج آهن. ازانسواءِ اهو به معلوم ٿو
ٿئي ته شايد مقبرو مرزا عيسيٰ جي انتقال کانپوءِ
تعمير ٿيو آهي.
قصو ڪوتاه، مرزا عيسيٰ ترخان جو وڏو فرزند مرزا محمد
باقي انهيءَ ئي سال يعني 980هه مطابق 1872ع ۾
پنهنجي والد جي گاديءَ تي ويٺو. جيتوڻيڪ مرزا محمد
باقيءَ جي ديوانگي ۽ ظلم وس تم جي عادت جي ڪري،
سندس اڪثر عزيزن کي به ۽ رعيت جي ماڻهن کي به سندس
مسند نشيني پسند نه هئي، پر سلطان محمود خان
ڪوڪلتاش بکر کان ٺٽي آيو ۽ مرزا عيسيٰ جي گهرواري
ماه بيگم سان، جا اصل ۾مرزا شاه هسن ارغون جي گهر
واري هئي ۽ سندس وفات کانپوءِ مرزا عيسيٰ جي نڪاح
۾ ائي هئي، همخيال ٿي، مرزا محمد باقيءَ کي گاديءَ
تي ويهاريو.
”تاريخ طاهري“ جي مولف ”نسياني، جي قول مطابق جو انهن
ڏينهن ۾ زندهه هو، ۽ ٺٽي ۾ موجود هو. ”مرزا محمد
باقيءَ مسند نشينيءَ کانپوءِ ڪيترن ئي معززن کي
بيگناهه قتل ڪرايو ۽ ارغونن جي ننڍن وڏن جو قتل
عام ڪرايائين. جيڪي باقي بچيا، سي گجرات ڏانهن ڀڄي
ويا ۽ اڃا تائين اتي رهن ٿا.“
نيٺ الله جي حڪم سان پنهنجي ديوانگيءَ سبب هڪ رات پاڻ
کي پاڻ ئي ڪهي ڇڏيائين ۽ اهڙيءَ ريت قدرت هن کان
هن جي ظلم جو بدلو ورتو. تيرهن سال جي حڪمرانيءَ
کانپوءِ 993هه مطابق 1585ع ۾ مئو. سندس مرڻ جو اهو
سال جيئن راقم الحروف پنهنجين اکين سان مڪليءَ تي
سندس مقبري جي مٿان لکيل ڏٺو آهي، هن ريت آهي:
”وفات يافت حضرت جنت المقام، الواصل اليٰ جوار
الملڪ الرحمٰن مرزا محمد باقي بن مرزا محمد عسيٰ
ترخاني بتاريخ هشتم روز شنبه شهر سوال 993هه“
(يعني بهشت ۾ رهندڙ ۽ مهربان بادساه (الله) جو
پاڙيسري حضرت مرزا محمد باقي ولد مرزا محمد عيسيٰ
ترخاني 8 – ماه شوال 993هه ڇنڇر ڏينهن وفات ڪئي.)
مقبري جي مٿان مرزا محمد باقيءَ جي وفات جون هيٺيون
تراريخون لکيل آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته مقبرو
شايد انهن ئي سالن ۾ تعمير ٿيو آهي. مرزا مهمد
باقي جيئن ته ظالم، چيڙاڪ ۽ پاڳل هو، تنهنڪري هنن
تاريخي بيتن جو مضمون ڏسي تعجب ٿو ٿئي. بهرحال
انهن اشاعرن جا آخري شعر (جن ۾ تاريخي مادا آهن)
هت درج ڪيا ٿا وڃن:
زغيب آمد ندا تاريخ او گفت،
که گوئي سرور و سردار باقي.
-
ندا شد که وي واصل خدا شد گفت،
غمگين مباش که فردوس ساخته روشن.
-
بجستم از خرد تاريخ او گفت،
مپرس ازمن، بپرمي از داع دلها[2].
آخر مرزا محمد باقيءَ جو ڏهٽو مرزا جاني بيگ ولد مرزا
پاينده بيگ (جنهن جو والد يعني پاينده بيگ ڪي قدر
ديوانو هو) انهيءَ ئي سال يعني 993هه مطابق 1585ع
۾ اميرن ۽ رعيت جي صلاح سان مسند نشين ٿيو. هو
بالڪل نوجوان، عقلمند، باهدر، سخي ۽ وڏي دل وارو
هو. پنهنجي دور ۾ اعليٰ ۽ ادنيٰ کي ڏاڍو خوش
رکيائين ۽ پنهنجي ملڪ جي حدن جي ڏاڍي سگهڻي نموني
سنڀال ڪيائني. پر جيئن ته طبيعت ۾ سرڪشي هيس،
تنهنڪري اڪبر بادشاه جي حڪم سان پهريائين بکر
جينواب محمد صادق خان 994هه مطابق 1586ع ۾ مٿس
چرهائيڪئي. پر بادشاه جي حضور ۾ حاضر ٿي، ڏاڍي
عاجزيءَ جو اظهار ڪيائين ۽ نذرانا ڏنائين، جنهنڪري
بادشاه دڙڪو داٻ ڪري، ڇڏيڏنس. ان کانپوءِ جڏهنا
ڪبر بادشاه 999هه مطابق 1590ع ۾ لاهور تشريف فرما
ٿيو، ته دوباره مرزا جاني بيگ جي سرڪشيءَ جون
ڳالهيون ٻڌائين، جنهنڪري تنبيهه ڪرڻ، بلڪه ڪن گوشي
ڪرائڻ لاءِ ” خان خانان“ نواب مرزا عبدالرحيم خان
کي خاص احڪام ڏئي ٺٽي موڪليائين. مير محمد معصوم
بکريءَ جي تحريرن مان معلوم ٿئي ٿو ته خان خانان
22 شوال 997هه (2) پهتو ۽ ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ بعد
سيوهڻ ويو ۽ اتان جو قلعو فتح ڪري، لڪيءَ وٽ مرزا
جاني بيگ سان جنگ ڪيائين. مرزا شڪست کائي نصرپور
ڀڄي ويو. خان خانان تعاقب ڪيس، بري ۽ بحري جنگ ۾
سخت شڪست ڏنائينس. مرزا جاني بيگ نصرپور مان ڀڄي
اُنڙپور هليو ويو (ممڪن اهي ته موجوده دور ۾
پرهندڙن مان ڪو اهو خيال ڪري ته نصرپور ۾ درياءَ
ڪٿي آهي، جو اتي بحري جنگ ڪئي وئي. مان ان کي جواب
ڏيندس ته نصرپور شهر جي هيٺئين پاسي ريگستان ڏانهن
نهاريندا ته اوهان کي درياءَ جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا.
يعني اڳي اتان درياءَ وهندو هو، جو پوءِ 1173هه
مطابق 1760ع ۾ ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾
پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ويو). مطلب ته خان خانان
انڙپور پهچي، ساڻس معمولي جنگ ڪئي. ان کانپوءِ خان
خانان ۽ مرزاجاني بيگ جي وچ ۾ صلح ٿيو. مرزا جاني
بيگ انڙپور کان ٺٽي پهتي ۽ اتان پنهنجو اهل عيال
ڪڍي ”تغلق آباد“ ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو، جو هن وقت
مڪليءَ جي ڀرسان مٽيءَ جو هڪ دڙو اهي. خان خانان
ڪجهه عرصو ”سن“ ۾ رهڻ بعد ٺٽي پهتو ۽ معزز ماڻهن
کي خلعتن سان سرفراز فرمائڻ بعد، مرزا جاني بيگ
سان گڏجي سمنڊ جي سير ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آخري ڇيڙي
تائين ويو ۽ پوءِ دارالسلطنت دهليءَ ڏانهن روانو
ٿيو.
هن موقعي تي هڪ لطيف بيان ڪيو ٿو وڃي. چيو وڃي ٿو ته هڪ
ڏينهن نواب خان خانان، مرزا جاني بيگ کي طعنو
هڻندي چيو ته ”ڏٺئه، توکي ڪيئن نه حيلي (اٽڪل) سان
هٿ ڪيم؟.“ مرزا جاني بيگ وڏو عقلمند، بامذاق، بذله
سنج، بهادر ۽ شاعر هو ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ چڱو درڪ
رکندو هو، خان خانان کي هڪدم جواب ڏنائين ته ”چڱو
ٿيو جو پنهنجي حيلي (ٺڳيءَ) جو پاڻ ئي اعتراف
ڪيئه. خدا جو شڪر آهي جو اسان جي طرفان ڪو حيلو
(فريب) نه ٿيو“ (يعني اسان ٺڳيءَ جو جواب ٺڳيءَ
سان نه ڏنو).
روايت اهي ته خان خانان چوندو هو ته مون کي سڄي عمر ۾
ايتري شرمساري ڪڏهن به نه ٿي جيتري مرزا جاني بيگ
جي انهيءَ جواب سان ٿي.
قصو ڪوتاه، نواب خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ تمام جلد
اڪبر بادشاه جي بارگاه فلڪ پايگاه ۾ وڃي حاضر ٿيا
۽ تحفة الڪرام جي قول موجب اهو سنه 1000هه مطابق
1591ع هو. مرزا جاني بيگ جي غير حاضري ۾ ”دولت
خان“ نالي لوڌي قوم جو هڪ حڪمران (ٺٽي ۾) مقرر ڪيو
ويو.
مير محمد معصوم بکريءَ جي قول موجب، اڪبر بادشاه جي
دربار ۾ شرفيابيءَ کانپوءِ خان خانان جي سفارش ۽
مرزا جاني بيگ جي پنهنجي بلاغت ۽ دانائي سبب مرزا
کي سروپاء ۽ پنج هزاري منصب سان نوازيو ويو، مگر
کيس بادشاه جي حاضريءَ ۾ رهڻو پوندو هو. نيٺ مشيت
ايزدي، جو مرزا، سرسام ٿي پوڻ سبب 1009هه مطابق
1600ع ۾ فوت ٿي ويو. انهيءَ وقت هو دکن جي مهم ۾
بادشاه سان گڏ هو. سندس لاش ٺٽي آندو ويو ۽ شاهي
فرمان مطابق سندس فرزند مرزا غازي بيگ کي ننڍي عمر
۾ ٺتي جو والي بڻايو ويو.
نسياني جو قول موجب مرزا جاني بيگ پورا اَٺ سال بادشاه
جي خدمت ۾ رهيو ۽ آخر شراب نوشيءَ جي ڪثرت سبب
انتقال ڪري ويو. پوءِ سندس فرزند مرزا غازي بيگ جي
مسند نشينيءَ جي باري ۾ شاهي فرمان پهتو، جنهن عمر
جي انهيءَ وقت سورهن سال هئي.
بيگلارنامي جي مؤلف جي قول مطابق جڏهن مرزا جاني بيگ
شهنشاه جلال الدين محمد اڪبر سان گڏ برهانپور پهتو
ته فانيجهان مان عالم جاودانيءَ ڏانهن انتقال ڪري
ويو ۽ اڪبر بادشاه سندس فرزند مرزا غازي بيگ کي
شاندار خلعت ۽ ٺٽي جي اميريءَ جي سَند سان نوازيو.
تحفة الڪرام مطابق مرزاجاني بيگ پورا اٺ سال بادشاه جي
حضور ۾ رهيو ۽ 1008هه ۾ جو شايد 1599ع جي مطابق
ٿيندو، وفاق ڪري ويو ۽ سندس لاش ٺٽي ۾ آڻي، مڪليءَ
۾ دفن ڪيو ويو ۽ شاهي فرمان مطابق سندس فرزند مرزا
غازي بيگ ننڍي عمر هجڻ جي باوجود سندس جانيشن ٿيو.
راقم الحروف، مرزا جاني بيگ جي وفات جي سلسلي ۾ مڪليءَ
تي جيڪي پنهنجين اکين سان _ٺو آهي، ان تي مڪمل
اعتماد رکي ٿو ۽ مٿي ڄاڻايل مؤرخن جي تحريرن تي،
جي هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ڪو به اعتبار نه ٿو
ڪري.مڪليءَ ۾ مرزا جاني بيگ جي مقبري تي پٿر جي
مٿان لکيل آهي ته 27- رجب 1009هه تي فوت ٿيو. اهو
سال 1600ع جي مطابق ٿيندو. مقبري جي تعمير 1010هه
مطابق 1601ع ۾ پوري ٿي.
اُهي حاڪم يا نواب جي شهنشاه محمد اڪبر جي پاران مقرر ٿي،
دهليءَ کان ٺٽي آيا
حاڪم يا نواب جو نالو |
سنڌ ۾ اچڻ جو سال |
ضروري احوال |
1- مرزا غازي بيگ ولد مرزا جاني بيگ ترخاني
2- امير خسرو چرڪس
3- مرزا رستم ولد سلطان حسين
4- مرزا مصطفيٰ خان
5- مرزا بايزيد بخاري
6- شريف الملڪ، جو پهريائين شريف خان جي نالي سان مشهور هو. پوءِ شريف خان
”انڌو“ مشهور ٿي ويو.
7- مرزا عيسيٰ خان ننڍو والد مرزاجان بابا
ولد مرزا عيسيٰ ترخان وڏو.
8- نواب امير خان عرف ابو البق ولد نواب قاسم خان نمڪين ولدملا مير سبز
واري |
1009هه مطابق 1600ع
1015هه مطابق 1602ع
1023هه مطابق 1615ع
1025هه مطابق 1616ع
1028هه مطابق 1618ع
1035هه مطابق 1625ع
1037هه مطابق 1627ع
1054هه مطابق 1664ع
|
پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاه جي حڪم سان پيءُ جو جانشين ٿيو.
جيتوڻيڪ ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته هو آزاد ۽
خودمختار حڪمران هو، پر جنهن صورت ۾ سندس
حڪمرانيءَ جي سلسلي ۾ شاهي فرمان جو ثبوت
موجود آهي، ته پوءِ اهڙا خيال ڪرڻ اجايا
آهن. مرزا غازي بيگ عمر ۾ ننڍو هو، پر
پنهنجي والد وانگر عقلمند، بهادر ۽ وڏيءَ دل
وارو هو.مثال طور 1013هه مطابق 1604ع ۾ آگري
وڃي بادشاه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، جتي کيس
تحسين ۽ آفرين سان نوازيوويو. جاگيرون عطا
ڪيون ويون ۽ ملتان جي نوابي ۽ قنڌار جي
صوبيداري ڏني وئي، جنهنڪري بار بار اوڏانهن
ويندو هو ۽ سندس عدم موجودگيءَ ۾ حڪومت جو
ڪاروبار امير خسرو چرڪس جي معرفت هلندو هو.
مرزا غازي بيگ اڪبر بادشاه جي عهد حڪومت ۾
وڏن منصبن ۽ عهدن تي فائز هو. اڪبر بادشاه
پوري جاه جلال ۽ عزت ۽ عظمت سان بادشاهي ڪرڻ
بعد، جيئن سندس سجع مان ظاهر آهي: شه شاهان
عالم شاه اکبر تعاليٰ شانه الله اڪبر (اڪبر
بادشاه دنيا جي بادشاهن جو بادشاه آهي. الله
وڏو آهي ۽ سندس شان به وڏو آهي). آخر 1014هه
مطابق 1605ع ۾ جڏهن اڪبر بادشاه انتقال ڪيو
ته سندس فرزند ارجمند جهانگير مسند نشين ٿيو
۽ مرزا غازي بيگ کي هر طرح سان اڳي کان به
زياده نوازيائين. مگر مرزا عازي بيگ حاسدن
جي حسد جو شڪار ٿي، قنڌار جي ڀرسان
عبداللطيف نالي هڪ غلام زاده جي هٿان قتل ٿي
ويو. هڪ شاعر سندس تاريخ: ”از دست غلام گل
برون رفت ڊريغ“ چئي آهي. اگر چه سندس شهادت
جو سال ابجد جي حساب موجب انهيءَ مصرعه مان
نٿو نڪري
[3] مگر عبارت
جي موزونيءَ سبب هت درج ڪئي وئي آهي. مرزا
غازي بيگ 1021هه مطابق 1613ع ۾ بي اولاد
شهيد ٿيو. سندس لاش سنه 1022هه مطابق 1614ع
۾ سنڌ ۾ آندو ويو ۽ مڪليءَ ۾ سندس والد مرزا
جاني بيگ جي مقبري ۾ دفنايو ويو.
مرزا غازي بيگ جو نائب هو ۽ سندس عدم موجودگيءَ ۾ سندس پاران حڪومت جو
ڪاروبار هلائيندو هو. مرزا جي وفات کانپوءِ
”هندو خان“ جي شراڪت سان حڪمراني ڪرڻ لڳو.
هندو خان جو اصلي نالو ”راءِ گهريو مل“ هو.
مرزا غازي بيگ کيس مسلمان ڪري، ”هندو خان“
جو لقب ڏنو. راقم الحروف، امير خسرو چرڪس
جون ڪي خاص ڳالهيون هت لکڻ مناسب ٿو سمجهي.
تحفة الڪرام واري قول مطابق چرڪس خان، چنگيز
خان جي اولاد مان هو. جنهن جي حڪومت دشت
قبچاق، (توران ۽ ترڪستان جي وچ ۾ هڪ صحرائي
علائقو) ۾ هئي ۽ امير خسرو چرڪس اُن ڏانهن
منسوب هو. هو پهريائين ملا جاودانيءَ وٽ هو.
مرزا عيسيٰ ترخان، هن کان وٺي، کيس پاڻ وٽ
”آفتابه چي“ (ڪونرو) ڀري ڏيڻ وارو) ڪري
رکيو. اڳڀرو هلي) سندس لياقتون ڏسي کيس،
عملدار بڻايائين. مرزا جاني بيگ جي زماني ۾
هڪ معتبر امير بڻيو. انهن ڏينهن ۾ ڪو به
امير، بلڪه ڪو بادشاه به هن جهڙو مُخَيرُ ڪو
نه هو. ٽي سؤ سٺ عمارتون مثلاً مسجدون،
مقبرا، پُليون ۽ تلاءَ وغيره تعمير
ڪرايائين، جي ٺٽي شهر ۾ ان جي ٻاهران ۽
مڪليءَ تي آهن. انهن جي تعمير تي لکها رپيا
خرچ ڪيائين. انهن عمارتن مان هڪ جامع مسجد
آهي، جا هاڻي پراڻي ٿي وئي اهي ۽ ”مسجد
دبگران“ (ڀرت ڀريندڙن جي مسجد) جي نالي سان
مشهور آهي. ٺٽي شهر جي ٻاهران اڃا موجودآهي.
997هه مطابق 1588ع ۾ تعمير ٿي هئي. پر افسوس
آهي جو هن وقت سخت مرمت طلب آهي. شهر وارن
کي ايتري توفيق ڪانهي، جو ان کي مرمت ڪرائي
سگهن، جيئن هن جوان (امير خسرو چرڪس) جو
نشان قائم رهي، ايترين عمارتن تعمير ڪرائڻ
جو سبب هتي ٻڌايو ٿو وڃي، ته امير خسرو چرڪس
هڪڙو ڏينهن پنهنجي گهر جي ڇت تي چرهي،
هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو هو، ته اوچتو
سندس نظر هڪ پاڙيسري عورت جي مٿان وڃي پئي،
جا وهنجي رهي هئي. انهيءَ ڪري پهريائين خيال
ڪيائين ته پنهنجون اکيون ڪڍي ڇڏي. مگر
علمائن منع ڪيس ۽ صلاح ڏنائونس ته اهڙيون
عمارتون تعمير ڪرائي، انهيءَ گناه جو ڪفار
ادا ڪري. بيشڪ ديندار انهيءَ کي چئبو آهي.
روايت آهي ته وفات کانپوءِ ڪنهن درويش، جو
ڪشفجو صاحب هو، کانئس پڇيو ته ايڏن نيڪ ڪمن
جو ڪهڙو بدلو مليئه؟ چيائين ته جيڪي نيڪ ڪم
حياتيءَ ۾ ڪيم، اهي دنيا ۾ رهجي ويا ۽ مون
کي هت ڪم اچي نه سگهيا سواءِ هڪ نيڪيءَ جي
جو هڪ دفعي لکڻ ۾ مشغول هوس ته ايتري ۾ هڪ
مک مس چوسڻ خاطر حرفن تي اچي ويٺي ۽ مان هن
جي اُڏامي وڃڻ تائين لکڻ کان قلم روڪي ويهي
رهيس. انهيءَ ساه واريءَ جي دل رکڻ خاطر مون
کي بخشيو ويو. بيسڪ، الله رحمٰن، رحيم ۽
بخشڻهار آهي. هن کي گهڻي ۽ ٿوري جي پرواه نه
آهي. جڏهن چاهي، تڏهن بخشي ڇڏي، جو بخشڻهار
اهو ئي آهي.
... ... ... ... ... ...
... ... ... ... ... ...
پهريان بکر جو فوجدار هو.
راقم الحروف ضروري ٿو سمجهي ته سندس انڌي ٿيڻ جو احوال بيان ڪري. انهيءَ
سال (1035هه ۾) شهزاد شاهجهان پنهنجي والد
(جهانگير کان ناراض ٿي، حرمين شريفين (زاد
الله شرفها) وڃڻ جي ارادي سان ٺٽي ۾ آيو ۽
مڪليءَ جي هيٺاهين پاسي پل جي ڀرسان تنبو
هڻي، رهي پيو، نواب (شريف الملڪ) بندوقون ۽
توبون کڻي، شهزاده سان جنگ شروع ڪري ڏني.
شهزاده به ڪيترائي ڀيرا حملا ڪيا، مگر شڪست
کائيندو رهيو. هڪ ڏينهن شهزاده جي بيگم، جا
حامله هئي، شهزاده کان ڏاڙهونءَ جي گهر ڪئي.
شهزاده ڏاڙهونءَ موڪلڻ لاءِ نواب کي پنهنجي
هٿ سان خط لکيو. نواب جواب ڏنو ته اِجهو ٿو
ڏاڙهون موڪليا، پوءِ گوله باري ڪندرن کي، جي
فرنگي هئا، حڪم ڏنائين ته بيگم جي تنبوءَ تي
گوله باري ڪئي وڃي ۽ پاڻ دوربين اکين تي
رکي، تماشو ڏسڻ لڳو ۽ شهزاده کي چوائي
موڪليائين ته هن شهر ۾ ههڙا ڏارهون (گولا)
آهن. جڏهن ته الله جي مرضي ائين هئي، ته
شهزاده کي ڪو نقصان نه رسي تنهنڪري گولا
نشانه تي نه لڳا. البت بيگم جو حمل ضايع ٿي
ويو ۽ بارود جي غبار، گرمي ۽ اکين مهٽڻ سبب
نواب جي اکين ۾ سورش پيدا ٿي ۽ هڪدم انڌو ٿي
پيو. اها روايت به آهي ته شهزادو شاهجهان
جڏهن بادشاه ٿيو ته انڌي نواب کي سندس رفيقن
۽ متعلقن سميت بالڪل ختم ڪرائي ڇڏيائين.
گهڻي عرصي کان بادشاهن جو خاص خدمتگار رهندو ٿي آيو. انهيءَ خدمتگذاريءَ
جي صله ۾ ”شراڪت دريءَ“ سان کيس ڪرنال صوبي
جو حڪمران بڻايو ويو هو. جڏهن جهانگير
بادشاه 1038هه مطابق 1628ع ۾ نيستيءَ جي
تختي تان لهي، هستيءَ جي تخت تي وڃي جلوه
افروز ٿيو. يعني هن عالم جاودانيءَ ڏانهن
راهي ٿيو، تڏهن شاهجهان بادشاه کيس سنڌ جو
نواب مقرر ڪيو. اهو ترخان گهراڻي جو آخري
نواب هو، جنهن ڪمال حشمت سان هڪومت ڪئي ۽
ارڙهن سالن جي عرصي ۾ مڪليءَ تي پنهنجو اهڙو
مقبرو تعمير ڪرايائين، جو اڳين حڪمرانن مان
ڪنهن به ايڏو خوبصورت، پائيدار ۽ ڪشادو
مقبرو تعمير نه ڪرايو هو. چيو وڃي ٿو ته پٿر
ڪرنال جي قلعي مان گهريائين پر افسوس جو اڇا
مقبري جو ڪم پورو نه ٿيو هو جو 1054ع ۾ پاڻ
ئي پورو ٿي ويو يعني وفات ڪري ويو. راقم
الحروف اهڙو مقبرو نه ڏٺو آهي. هن وقت مرمت
نه هجڻ ۽ برساتن پوڻ سبب ڪجهه خراب ٿي ويو
آهي نه ته ڏسڻ جي لائق آهي. مقبري جي مٿان
قرآن مجيد جي آيتن کانپوءِ هيٺيان ابيات
لکيل آهن:
چو رحلت کرد از دا فنا
آن سرور ترخان،
به بستان جنان آسوده شد
در منزل اعليٰ،
بپرسيدم چو سال رحلت
او گفت از سر واه،
آسوده ميرزا بکام ميرما واه.
[4]
هيءُ نواب، نواب قاسم خان جو فرزند هو، جو بکر جو يارهون نواب ٿي گذريو
آهي ۽ جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ڪيو ويو
آهي. ٺٽي جي جامع مسجد هن نواب جي ٺهرايل
آهي، جا شاهجهان بادشاه جي حڪم سانن ٺهرائي
هئائين. محلي ڀائي خان واري مسجد شريف به
سندس ئي تعمير ڪرايل آهي. اها مسجد اصل هندن
جو مندر هو. مڪليءَ تي ڏاڍو سهڻو مقبرو
ٺهرايائين. مير خاني سادات، جي ٺٽي ۾ ۽ ٻين
هنڌن تي رهن ٿا، سندس ئي اولاد آهن. |
هي اشعار نه آهن، بلڪه شعر جي مٿان هڪ غليظ ۽ بدترين تهمت
آهن. پر جيئن ته ڪتاب جي متن ۾ شامل آهن،
تنهنڪري انهن کي نقل ڪرڻو ٿو پوي، مگر سندن
ترجمو نٿو ڪيو وڃي. هنن اشعارن ۾ ڪو ڪو شعر يا
ڪا ڪا مصرع درست آهي، پر منهنجي خيال م ”گاه
باشد ڪه کودکي نادارن- به غلط بر هدفت زند
تيري“ جي مصداق اها اتفاق ڳالهه آهي (مترجم).
پهريان ٻه بيت بالڪل غلط ۽ غير موزون آهن. ٽيون بيت صوري
لهاظ کان درست آهي ۽ سندس ٻي مصرعه ته خاص طور
تي دلڪش آهي. مگر معنوي اعتبار کان، اهو بيت
به پهرين ٻن بيتن جهڙو اهي. يعني تاريخي ماده
هجڻ جي لحاظ کان ٽئي بيت هڪ جهڙا غلط ۽ فضول
آهن. مرزا محمد باقيءَ جي وفات جو سال 993هه
آهي ۽ هنن تاريخي مادن جا عدد (ترتيب وار)
هيٺئينءَ ريت آهن 1- 1050، 2- 3420، ۽ 3-
1717. (مترجم).
(2) هيءَ سنه غلط معلوم ٿو ٿئي. جڏهن اڪبر،
خان خانان کي 996هه ۾ موڪليو، ته خان خانان
997هه ۾ بکر ڪيئن پهتو (مترجم).
هن مصرعه جا عدد 3745 آهن، جڏهن ته مرزا عازي
بيگ جي وفات جو سال 1031هه آهي (مترجم).
ٻيو نمبر بيت ۽ خصوصاً ان جي ٻي مصرعه، جا
تاريخي مادو آهي، بالڪل غلط آهي. انهيءَ بيت
جي پهرين مصوعه ۾ ”گفت“ جو فاعل غائب اهي. ٻي
مصرعه غير موزون، لغو ۽ قطعي بي معنيٰ آهي ۽
تاريخي مادو به نه اهي. ڇو ته هت عدد گهربل
آهن. 1054، ۽ هن مصرعه جا عدد آهن 708 (يا،
”واه“ جي پهرئين حرف (و) جي عدد ملائڻ سان
714) (مترجم).
|