سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 3

صفحو ؛ 11

سال 1271هه مطابق 1854ع ۾ جاگيرن جا معاملا مڪمل ٿيا. اگرچه ان کان اڳ ۾ به سنڌ جي جاگيردارن جي جاگيرن جا معاملا، مرحوم ڪيپٽن اسٽاڪ صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر (برائ جا گيرات) نبيريا هئا. مگر صاحب موصوف جي وفات کانپوءِ ڪيپٽن (هاڻي ”سر“) فريڊرڪ گولڊ اسمد صاحب بهادر نائب اول (سينئر اسسٽنٽ) ۽ ڪيپٽن (هاڻي ”سر“) ليوئس بيلي صاحب بهادر، نائب دوم (جونيئر اسسٽنٽ) کي انهيءَ ڪم لاءِ انگريزيدان ۽ فارسي دان عملو ۽ دفتر ڏئي، مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عملي ۾ راقم الحروف به شامل هو. مان اگرچه ان کان ڪي مهينا اڳ ۾ شڪارپور جي ڊپٽي مئجسٽريٽ صاحب جي آفيس ۾ منشي ٿي ڪم ڪيو هوم، مگر مون کي پڪي نوڪري مٿين سالن ۾ پندرهن ورهين جي عمر ۾ ملي، جيئن هيٺين نوٽ جي ترجمي مان ظاهر ٿو ٿئي، جو اصل ۾ انگريزيءَ ۾ آهي:

منشي خداداد خان چڱي چال جو سرٽيفڪيٽ ٿو گهري. ماڻهو هشيار ٿو ڏسجي ۽ سمجهجي ٿو ته آفيس جي ڪم لاءِ ڪارائتو ٿيندو، بشرطيڪ مٿس نظر رکي وڃي.

صحيح

ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر

اسسٽنٽ ڪمشنر جاگيرات سنڌ

        سال 1273هه مطابق سال 1856ع جي شروع ۾ سربارٽل فريئر صاحب بهادر آب هوا جي تبديليءَ خاطر ارڙهن مهينن جي موڪل تي ولايت (انگلينڊ) هليو ويو.

ٽيون ڪمشنر: جنرل جيڪب صاحب بهادر

گهڻي عرصي کان سرحد سنڌ (جيڪب آباد) ۾ سياسي معاملن ۽ سرحدي رسالي (فوجي دستي) جي سربراهه جي حيثيت ۾ معزز عملدار رهيو. مٿي ڄاڻايل سال (1852ع) ۾ جيڪب آباد کان اچي، سنڌ جي ايڪٽنگ ڪمشنر جي عهدي کي رونق بخشيائين. انهن ڏينهن ۾ پهريائين آنر بيل گبس ۽ شا اسٽوئرٽ صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. سرڪاري ڪم ڪاريون تمام سهڻي نموني ۽ وڏي جرات  سان سر انجام ڪندو هو. ڇو ته فوجي ماڻهو هو. هن جو بهترين ڪارنامو اهو هو، جو اناج جي قيمت دڪاندار جي مرضيءَ تي ڇڏيائين ۽ مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجرت مزدورن ۽ ڪاريگرن جي خواهش تي ڇڏيائين. ان جو مطلب اهو هو ته دڪاندار ۽ ڪم ڪندڙ پنهنجي مرضيءَ سان اگهه ۽ اجرتون وٺن. انهيءَ صورت ۾ ڪنهن جي مٿان به ڪو زور زبردستي نه رهي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو آزاديءَ جي انهيءَ تجويز جي ڪري گهڻا ماڻهو اهو  خوش ٿيا ۽ پنهنجا ڪم پنهنجي مرضيءَ موجب ڪرڻ لڳا.

انهيءَ سال (1856ع ۾) سر مير علي مراد خان والي خيرپور انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو پر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو.

پنجاب کان هڪ سروي آفيسر ڪيپٽن ميگڊالن پنهنجي عملي سميت سنڌ ۾ آيو، جنهن سنڌ جي اڪثر حصن، شهرن ۽ گهرن جي سروي ڪئي ۽ حدون مقرر ڪري، برج ۽ منارا ٺهرائي ڇڏيائين، جن مان گهڻن جا نشان اڃا تائين ظاهر آهن.

سال 1674هه جي آخري مطابق 1857ع جي شروع ۾ ايران جي ”بوشهر“ ۽ ان جي اوسي پاسي برپا ٿيل فساد کي منهن ڏيڻ لاءِ، پنهنجي اسسٽنٽ سر ليوئس بيلي سميت روانو ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ذمه داري مسٽر ايليس جي سپرد ڪري ويو، جو دکن ۾ ڪمشنر هو (اهو عارضي انتظام هو). ان کانپوءِ سر بارٽل فريئر موڪل ڪري موٽي آيو ۽ وري ڪمشنريءَ جي عهدي تي فائز ٿيو.

سال 1674هه مطابق سال 1857ع ۾ هندوستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ وڏو فساد ۽ عام غدر برپا ٿيو ۽ ان جو اثر سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور ۽ جيڪب آباد تي پيو. جنهنڪري جدا جدا پلٽڻن جا آفيسر ۽ سپاهي به انهيءَ شورش ۽ فساد ۾ شريڪ ٿيا ۽ نافرمان ٿي پيا. مگر (سنڌ ۾) آنريبل سوگبس صاحب بهادر جڊيشل اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ ۽ انهيءَ وقت جي ٻين بالا عملدارن جي دانائي، لياقت ۽ صلاحيت جي ڪري، اها سخت ۽ اهم ترين مهم هن طريقي سان ختم ٿي، جو فسادي گرفتار ٿيا ۽ پنهنجن بُرن اعملان سبب سزاياب ٿي ويا. انهن مان ڪن کي توبن سان اُڏايو ويو ۽ ڪن کي ڦاسيءَ جي تختن تي لٽڪايو ويو. اهڙيءَ سختيءَ جي وقت ۾ جن ماڻهن (انگريز سرڪار جي) مدد ۽ خير خواهي ڪئي، انهن کي انعام اڪرام دنا ويا. بيشڪ، هر که خدمت کرد، او مخدوم شد (جنهن خدمت ڪئي، اهو مخدوم ٿيو).

راقم الحروف کي ياد ٿو اچي ته انهيءَ سختيءَ جي وقت ۾ سنڌ جي جتوئين جي سردار امام بخش خان ۽ خان بهادر الف خان ترين (پٺاڻ) جي مٿان انگريز سرڪار سان بدخواهي ڪرڻ ۽ سندس مدد کان انڪار ڪرڻ جا الزام رکيا ويا. سچ چيو اٿن ته هرکه خود را ديد، او مهروم شد (جنهن پان کي ڪجهه ڀانيو، اهو بي نصيب ٿيو). سردار جتوئي کي سزا طور سال ۾هزارها  رپين جي آمدنيءَ جي جاگير وڃائڻي پئي ۽ الف خان کي ساليانو هڪ هزار رپين جي وظيفي کان محروم ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ ريت ٻئي ڄڻا سرڪار جي نظرن کان ڪري پيا. هن وقت سردار امام بخش خان جو پٽ خان جتوئي ۽ الف خان جو پٽ پير بخش خان ترين شڪارپور تعلقي جا زميندار آهن، جي پنهنجي زمينداريءَ جي آمدنيءَ تي گذارو ٿا ڪن ۽ پنهنجن وڏن جا يادگار آهن.

انگريز سرڪار مسٽر بارٽل فريئر کي ”سر“ جي خطاب سان نوازيو، جو پنهنجي حڪمرانيءَ جون ذمه داريون نهايت ئي هوشياريءَ سان ۽ عوامي ڀلائي جي خيال کان سر انجام ڪري رهيو هو.

انهي ئي سال يعني 1274هه مطابق 1857ع ۾ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ”آگ گاڏي“ (ريل) جي منظوري ملي، جنهن جو سنگ بنياد سر بارٽل فريئر رکيو. سندس ڪمشنريءَ جي ڏينهن ۾ ريل گاڏي (ڪراچيءَ کان) ملير تائين هلندي هئي. پبلڪ هن عوامي سهولت جي ڪري بيحد خوش ٿي.

انهيءَ سال سنڌ ۾ مستط جي امام سيد سيوني (؟) صاحب جي وفات جي خبر آئي.

سال 1276هه مطابق 1858ع جي آخر ۽ 1859ع جي شروع ۾، ميجر (پوءِ ”سر“) فريڊرڪ گولڊ اسمڊ کي عمرڪوٽ جي رستي جيسلمير ڏانهن ۽ اتان پوڪران ۽ مارواڙ جي ٻين حصن ڏانهن خبر چار لهڻ واسطي ۽ ڪن ٻين مصلحتن سانگي موڪليو ويو. جيئن چيو ويو آهي ته ”رموز مملکت خويش خسروان دانند“ (بادشاه پنهنجي بادشاهيءَ جا راز پاڻ ڄاڻندا آهن). کيس جيسلمير جي والي مهاراول رنجيت سنگهه ۽ پوڪران جي ٺاڪر ڀوت سنگهه سان م:ڻ جو حڪم ڏنو ويو. انهيءَ سفر ۾ ڪيپٽن ڊڪنسن کي فوجي دستي ”سنڌ هارس“ سميت سندس ماتحت مقرر ڪيو ويو. راقم الحروف کي به سندس خدمت ۾ رهڻ جو هڪم ڏنو ويو. راقم الحروف کي به سندس خدمت ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو. مارواڙ ۾ اتڪل ٽي مهينا گذاري. روهڙي (سنڌ) ۾ واپس آياسين. هن سفر جو احوال ڪتاب ”واقائع سير جيسلمير“ (مطبوعه 1283هه مطابق 1867ع) ۾ درج ڪيو ويو آهي، جو راقم الحروف جو تصنيف ڪيل آهي. پڙهندڙ اهو ڪتاب ملاحظو ڪن.

هن خطرناڪ سفر سبب راقم الحروف کي آفرين نامو، ترار، ٻه ٿانَ پيچي زري يعني پڳ ۽ بنارسي شال عطا ڪري، مسرت بخشي وئي. بيشڪ، اهي سهڻيون عادتون انهن سخي سردارن جون هونديون آهن، جي ڪنهن جي خدمتگاريءَ جو حق ضايع نه ڪندا آهن. جيڪا تحرير (آفرين نامو) هن خاص خدمت جي عيوض راقم الحروف کي عطا ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن مناسب موقعي تي پيش ڪئي ويندي.

اگرچه سر بارٽل فريئر جو ذڪر انتظامي ڪمن جي سر انجامي جي باري ۾ تفصيلوار ۽ تعريفي انداز ۾ ڪيو ويو آهي، تاهم (هيءُ ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته) 1276هه مطابق 1859ع ۾ جڏهن کيس سپريم ڪائونسل ڪلڪتي جي ممبريءَ جو اعزاز عطا ڪيو ويو ته ڪلڪتي رواني ٿيڻ وقت سنڌ جي ڪن معزز ماڻهن کي، جن جو تعداد ڏيڍ سؤ کن هو، موڪلاڻيءَ جا خط لکيائين، جن جو نقل هيٺ ڏجي ٿو. اهي ماڻهو سندس حسن ڪارڪردگي، نيڪ نيت،ي بُرد باري ۽ خوش خُلقيءَ سبب سندس ٿورائتا هئا. ماڻهن ۾ انهيءَ چڱي اثر جي ڪري کانئن چندو وٺي گڏ ڪيائين ۽ ڪراچيءَ ۾ ”فريئر هال“ جي نالي سان هڪ عاليشان عمارت تعمير ڪرائي، پنهنجو يادگار ڇڏيائين، جا اڃا موجود آهي. انهيءَ چندي ۾ راقم الحروف جي ٿورڙي رقم به شامل هئي.

موڪلاڻيءَ جي خط جو نقل

        جيئن ته حضور ملڪه محتشمه صاحبه بهادره دام اقبالها و اجلالها [1] جي سرڪار بلند اقتدار مون کي سپريم ڪائونسل ڪلڪتي جو ممبر مقرر فرمايو آهي، تنهنڪري پنهنجي راءِ جي اظهار کانسواءِ جا، مان سنڌ جي باشندن جي باري ۾ رکان ٿو (هيترو ضرور چوندس ته) مان سنڌ کي ڇڏڻ نٿو چاهيان. نون سالن جو عرصو سنڌ ۾ گذاريم اٿم ۽ هميشه سنڌ جي ڀلائيءَ جي خواهش پئي رکي اٿم. انهيءَ ڪري چاهيان ٿو ته وڃن کان اڳ ۾ دل جي خوشي ۽ مسرت سان، اوهان سان ملي، اوهان جي نمڪ حلالي ۽ چڱي هلت چلت جو اظهار ڪريان. پر جيئن ته سرڪار جي حڪم موجب مون کي جلدي روانو ٿيڻو ٿو پوي، تنهنڪري هيءُ چند سٽون بطور ”وداع نامي“ (موڪلاڻيءَ جو خط) جي لکيون وڃن ٿيون ته سَنَدُ رهن ۽ (انهي جي ذريعي) سنڌ کي ۽ سنڌ جي سردارن کي ”خدا حافظ“ چئجي. مان جتي به هوندس، انشاء الله سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. اوهان جي چڱي هلت چلت سبب جيئن منهنجي ايامڪاريءَ ۾ هئي، انگريز سرڪار کي اطمينان رهيو آهي. اميد آهي ته مان اوهان جي باري ۾ هميشه ائين ٻڌندو رهندس ته اوهان مون کانپوءِ منهنجي جانشين سان به اُونئين ئي (وفاداريءَ سان) پيش ايندا رهيا آهيو.

تاريخ 17- آڪٽوبر 1859ع (مطابق 1276هه)

صحيح

سر بارٽل فريئر صاحب بهادر

ڪمشنر سنڌ

        پڙهندڙن خيال ڪندا هوندا ته مٿي ڄاڻايل موڪلاڻيءَ جو خط جيئن ته سنڌ جي معزز ماڻهن ڏانهن لکيل آهي، انهيءَ ڪري ئي ان مان سربارٽل فريئر جي خوش خلقيءَ جو اظهار ٿو ٿئي. پڙهندڙن کي جيڪڏهن ناگوار نه لڳي ته سر بارتل فريئر کي غريبن، پوڙهن ۽ مفلس ماڻهن سان جيڪا همدردي هوندي هئي، بي زبان ۽ عاجز قلم انهيءَ باري ۾ به ڪجهه لکڻ جي جرات ڪري، ته جيئن پڙهندڙن کي حقيقت جو پتو پوي.

ڪراچيءَ جي مهاڻن جي محلي ۾ هڪ پوڙهو رهندو هو، جنهن جو نالو ”ٻُڍو“ هو. تمام مسڪين ۽ عيالدار هو ۽ سندس گهر جو خرچ به وڏو هو. سر بارٽل فريئر ان کي ”بابا ٻڍو“ سڏيندو هو ۽ هن جي مسڪيني حال تي مهربانيءَ جي نظر ڪري هن جي ٻن ٻيڙين جو محصول معاف ڪري ڇڏيو هئائين. اٺين ڏهين ڏينهن يا ڪڏهن مهيني مهيني وٽس ويندو هو، هن کان حال احوال وٺندو هو ۽ هن جي پٽ کي ڪجهه پئسا ڏئي ايندو هو، جنهن کي پنهنجو ڀاءُ سڏيو هئائين ۽ سندس زال کي ماءُ سڏيو هئائين.

سليمان نالي هڪ درزي هو، جنهن جو دڪان ڪلائين جي مسجد جي ڀرسان سيٺ نائون مل جي محلي جي ويجهڙائي ۾ هوندو هو. اهو درزي تمام وڏي عمر جو ۽ نهايت ئي مسڪين ۽ نادار هو. سر بارٽل فريئر کي هن جي مسڪينيءَ جي خبر پئي ته هميشه هن جي دڪان تي وڃڻ لڳو ۽ هر دفعي روڪ رقم ڏئي، هن جي مدد ڪندو رهيو.

ٽيون شخص هڪ پوڙهو برهمڻ فقير هو جو ڪنهن ڪم جي انگي سندس خدمت ۾ اچي عرضگذار ٿيندو هو پر جيئن ته هن جو ڪم قانون جي دائري کان ٻاهر هو، انهيءَ ڪري (پورو نه ٿيو ۽ هو) هميشه صاحب بهادر جي پٺيان ڦرندو رهندو هو. صاحب بهادر کيس ”چوبدار بابا“ سڏيندو هو ۽ کانئس ڀُڳڙا وغيره وٺي کائيندو هو. سر بارٽل ڪراچيءَ کان وڃن وقت انهن ٽنهي ڄڻن جون تصويرون پاڻ سان کڻي ويو. بيشڪ، ائين ئي ٿيڻ کپندو هو، جو چيو ويو آهي ته: که حق شرم داد ز موئ سفيد (الله تعاليٰ) اڇن وارن کان شرم ڪندو آهي).

(4) جنرل جان جيڪب صاحب بهادر، سرحد سنڌ جو پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ سنڌ جي فوجي رسالي جو ناظم 1859ع ۾ هن جهان پُر ملال مان انتقال ڪري ويو.

چوٿون ڪمشنر: مسٽر انوار ريٽي صاحب بهادر

        مسٽر انوار ريتي 1276هه مطابق 1859ع جي آخر ۾ ڪراچيءَ پهتو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ تي جلوه افروز ٿيو. پهريائين پنهنجن اسسٽنٽن (1) مسٽر شا اسٽوئرٽ ۽ (2) آنريبل مسٽر گبس جي صلاح سان سرڪاري ڪاروبار جي سر انجامي ڪندو هو ۽ پوءِ ميجر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ جي صلاح سان. مگر اهڙ اڪم، جن جو اثر اڃا تائين ظاهر آهي يا اهڙيون عجيب ڳالهيون، جي سندس حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ٿيون، مختصر طور تي هت لکيون وڃن ٿيون:

(1) 1277هه مطابق 1860ع ۾ آگ گاڏي يعني ريل ”داٻيچي“ جي اسٽيشن تائين هلڻ لڳي، 1278هه مطابق 1861ع جي شروع ۾ بمبئي جو گورنر سر جارج ڪلارڪ صاحب بهادر ڪراچيءَ پهتو ۽ انوار ريٽيءَ سان گڏجي ريل تي چڙهي داٻيچيءَ پهتو ۽ اتان مهاري اُٺن تي [2] جي مرحوم خان بهادر مراد خان مهيا ڪيا هئا، سوار ٿي، گهاري ۾ منزل انداز ٿيا ۽ اتان گهوڙا گاڏين تي چڙهي مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي آيا، ۽ مڪليءَ کان مهاري اُٺن تي سوار ٿي، درياءَ تائين آيا، جتي جهاز لنگر انداز هو. جهاز تي چڙهي، سيوهڻ پهتا ۽ منڇر ڍنڍ تي سير شڪار ڪيائون. پوءِ حيدرآباد آيا، ۽ قلعي واري بنگلي ۾ دربار منعقد ڪري، جاگيردارن کي پشت به پشت جاگيرن جون سندون عطا ڪيائون.

        انهيءَ سڄي سفر ۾ راقم الحروف به (ٻيو ڀيرو) صاحب بهادر جن سان گڏ هو. راقم الحروف کي هڪ عجيب لطيفو ياد ٿو اچي. جيڪڏهن پڙهندڙن ناگوار نه سمجهن ته ان کي هت لکڻ جي جراءت ڪري.

        سر جارج ڪلارڪ صاحب بهادر ڪيترائي سال افغانستان ۾ رهيو هو، جننڪري فارسي زبان ۾ چڱو درڪ رکندو هو. حسن اتفاق اهڙو ٿيو، جو سيوهڻ جي سردارن مان هڪ سردار ڏانهن سر جارج ڪلارڪ جي طرفان فارسيءَ ۾ هڪ خط راقم الحروف کان لکايو ويو جو انهيءَ موقعي تي خدمت ۾ حاضر هو. صاحب موصوف خط جي عبارت ۽ لکڻ جو انداز ڏسي، ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کان فارسيءَ ۾ پڇيائين ته ”اي بچه! از سر کار بتوچه مي رسد؟“ (پٽ! توکي سرڪار وٽان ڇا ملندو آهي؟). انهن ڏينهن ۾ راقم الحروف جي پگهار 25 رپيا هئي. جن مان انڪم ٽيڪس جي عيوض اٺ آنا ڪاٽيا ويندا هئا. انهيءَ ڪري راقم الحروف جواب ۾ عرض ڪيو ته ”سائين! 24 رپيا اٺ آنا.“ انهيءَ جواب تي ٽهڪ ڏئي کليو ۽ ميجر گولڊ اسمڊ کي، جو انهيءَ جهاز ۾ هو، گهرائي پڇيائين. ميجر صاحب تفصيل سان سڄي حقيقت عرض ڪئي ۽ پوءِ راقم الحروف کي ڪجهه ڪاوڙ مان چيائين ته ”گورنر صاحب بهادر جي حضور ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ مناسب نه هو.“ راقم الحروف عرض ڪيو ته ”مون ڪو به ڪوڙ ڪو نه ڳالهايو آهي. مون کي سرڪار وٽان جيڪي ملي ٿو سو عرض ڪيو اٿم.“ قصو ڪوتاه، انهيءَ وقت پنجن رپين جي ترقي ڏئي، پگهار ٽيهه رپيا ڪئي وئي. بيشڪ، ڪڏهن ڪڏهن تجاهل (اڻ ڄاڻ بنجڻ) به ترقي ۽ خوشيءَ جو سبب ٿيندو آهي، جيئن بيان ڪيو ويو.

(2) 1278هه مطابق 1861ع ۾ ميجر هنري گرين صاحب بهادر پوليٽيڪل سپرنٽنڊنٽ اپر سنڌ فرنٽيئر ۽ سندس ڀاءُ وليم گرين صاحب بهادر خان ڊيوٽيءَ تي ڪراچي بندر کان گوادر بندر (جو مسقط جي ماتحت هو) روانا ٿيا. راقم الحروف کي به (ٽيون ڀيرو) سندن ماتحتيءَ ۾ مقرر ڪري موڪليو ويو. ٻئي صاحب موصوف گوادر جي والي خدا بخس کورائي بلوچ سان چند سياسي معاملا طي ڪري ۽ سامونڊي سفر، جو تمام سخت هو، پورو ڪري ڪراچيءَ واپس آيا. هن موقعي تي راقم الحروف کي هڪ عجيب لطيفو ياد ٿو اچي ۽ چاهي ٿو ته ان کي هت لکيو وڃي:

سامونڊي بندرگاهن جي باشندن کي معلوم هوندو ته اپريل، مئي ۽ جون جي مهيني ۾ اتان جا ماڻهو سمنڊ کي ”آخر“ سڏيندا آهن. جيئن ته مٿين صاحبن جو وڃڻ ”جون“ ۾ ٿيو هو، جو خاص طور تي ”آخري“ مهينو آهي ۽ انهيءَ وقت سمنڊ ۾ سخت شور ۽ ڇوليون هيون.  انهيءَ ڪري گوادر جا ماڻهو مون کان پڇڻ لڳا ته ”هن آخر ۾ تنهنجو اچڻ ڪيئن ٿيو آهي؟.“ راقم الحروف مسخريءَ ۾ هنن کي جواب ڏنو ته ”مون کي اجل آخر ۾ آندو آهي.“

        هنن چند سٽن لکڻ جو مطلب هيءُ آهي ته پڙهندڙن کي خبر پوي ته انهن مهينن ۾ سمنڊ جي اندر سخت شور هوندو آهي، جنهنڪري سامونڊي سفر ۾ بي پرواه ٿيڻ ٺيڪ نه آهي.

(3) مٿي ڄاڻايل سالن (1278هه مطابق 1861ع) ۾ ميجر (پوءِ ”ميجر جنرل سر“ فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب بهادر کي مڪران جي ڪناري تي، ڪراچيءَ کان اسنتبول تائين تار (ٽيليگراف) لڳائڻ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ خاص طور تي مقرر ڪيو ويو. ڪيپٽن ڪيمال صاحب بهادر ”رسالي هارس سنڌ“ جو ڪمانيئر ۽ ڊاڪٽر لالر صاحب بهادر سندس ماتحت مقرر ڪيا ويا. راقم الحروف به (چوٿون ڀيرو) سندن خدمت ۾ ساڻن گڏجي روانو ٿيو.

        ڪراچيءَ کان روانا ٿي، ”سون مياڻي، (لس ٻيلي) پهتاسين ۽ اتان جي حاڪم ڄام خان صاحب وٽ آرام ڪري، پسندي (مڪران9 وياسين 7 اتي ڪلمتين (يا ڪرمتين) جي سردار مير بهرام خان سان عهد نامو ٿيو پوءِ ”اورماره“ وڃن ٿيو. جتي مير فقير محمد بزنجي سان (جو خان قلات جي ماتحت ڪيچ جو نائب هو، پڪو بندوبست ڪري، گوادر بندر وياسين. جتي امام مسقط جي وڪيل ملا عيسيٰ خان سان گڏجي، جو صاحب بهادر جي وڃڻ کان اڳ ۾ معطل (نوڪريءَ کان برطرف) هو، گوادر جي واليءَ سان ملڻ ٿيو ۽ ساڻس عهد نامو ڪيو ويو. اهو پورن ٻن مهينن جو سفر هو. جهاز تي سوار ٿي سمنڊ جي رستي ڪراچيءَ واپس آياسين.

        راقم الحروف کي انهيءَ خدمتگذاريءَ جي عيوض لونگي عطا ڪئي وئي. انهيءَ سفر جو تفصيلوار احوال ڪتاب ”مڪران نامي“ ۾ تاريخوار لکيل آهي، جو منهنجو ئي تصيف ڪيل آهي. جيڪڏهن  پڙهندڙن مان ڪنهن يک انهيءَ سخت ۽ اڻانگي سفر جو احوال معلوم ڪرڻو هجي ته انهيءَ ڪتاب مان معلوم ڪري، جو نهايت ئي عجيب ۽ دلچسپ آهي.

(4) 1289هه مطابق 1862ع جي شروع ۾ ”ننگرپارڪر“ شهر (ريگستان) جي راڻن ۽ اوسي پاسي جي جاگيردارن چند ماڻهو گڏ ڪري، انگريز سرڪار جي خلاف شورش ۽ فساد برپا ڪيو، تارون ڪاٽيائون، مختيارڪاريءَ مان سرڪاري خزانو لٽيائون، شهر کي باه ڏنائون ۽ ڪن ماڻهن کي قتل ڪيائون ۽ ڪن کي زخمي ڪيائون. ان کانپوءِ ”جيل کاراه“ ۾ وڃي لڪا، جو ننگر شهر جي ڀرسان ”ڀُڄ“ ۽ ”ديسه“ جي سرحد تي هڪ وڏو جبل آهي. ڪمشنر صاحب بهادر پاڻ پنهنجي عملي، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس، بلوچ رجمنٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي عملدارن، ٺاڪرن ۽ زميندارن سان گڏجي سر زمين تي پهتو ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪرائي سزائون ڏنائين. جن ماڻهن هن مهم ۾ انگريز سرڪار جي مدد ڪئي، انهن کي جاگيرون، باراني زمينون، ترارون ۽ لونگيون وغيره انعام ۾ ڏئي خوش ڪيائين. پوءِ ڪراچيءَ واس آيو. راقم الحروف کي جو ڪيپٽن ٽيروڊ صاحب جي خدمت ۾ هو، آفرين نامو ڏنو ويو، جو اڳڀرو هلي هيٺ ڄاڻايل تحريرن مان پڙهندڙن جي ملاحظي ۾ ايندو.

(5)  مٿين سالن ۾ ڪي تعميري ڪم به ڪرايا ويا جن ۾ وڏي بيگاري ۽ مٺرائو واهن جي کاٽي ڪرائڻ ۽ کين ڪشادو ڪرائن به شامل آهي. سمنڊ جي پاڻي جي روڪ لاءِ هڪ مضبوط ۽ وڏو بند به ٻڌايو ويو، جو اڃا تائين قائم آهي ۽ ان جي ڪري جهازن کي سهولت ٿيندي آهي.

(6) مٿئين سال ۾ چند مصور يورپ کان سنڌ ۾ آيا ۽ ڪن معزز مردن ۽ عورتن جون تصويرون ڪڍي ويا. ڇا ڪاڻ ته کين لنڊن جي هڪ جلسي ۾ انهن جي نمائش ڪرڻي هئي. جيئن ته انوار ريٽي صاحب وقت بوقت چڱيون خدمتون بجا آنديون هيون. انهيءَ ڪري 1279هه مطابق 1826ع جي آخر ۾ سندس درجو وڌايو ويو ۽ کيس بمبئي ڪائونسل جو ميمبر بنايو ويو. ميجر جنرل سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب (جو سنڌ جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ هو) موڪل وٺي ولايت (لنڊن) ويو ۽ راقم الحروف کي سنڌ جي انهن معززن جي احوال ٻڌائڻ لاءِ پاڻ سان بمبئيءَ وٺي ويو، جن جون تصويرون ڪڍيون ويون هيون، جيئن مٿي لکيو ويو اهي. راقم الحروف جي اها مخصوص مقرري پنجون ڀيرو ٿي، جا پوري ڪري، خيريت سان ڪراچيءَ موٽي آيس.

        ڪتاب ”مڪران نامو“ سنڌ جي ڪمشنر مستر انوار ريتي صاحب بهادر جي ايامڪاريءَ ۾ لکيو ويو آهي، جو ڇپجڻ کانپوءِ جلد يعني 249هه مطابق 1826ع ۾ منظر عام تي ايندو.

انهن تحريرن جو تفصيل، جن مان راقم الحروف

جي خدمتن جو ثبوت ملي ٿو

(انگريزيءَ تان ترجمو)

هيءَ تحرير هن لاءِ لکي ٿي وڃي، ته منشي خدا داد خان مئي 1861ع (1278هه) ۾ مون سان گڏجي مڪران هليو ۽ پاڻ کي هر طرح سان مفيد ثابت ڪري ڏيکاريائين.

تاريخ 3 جون 1861ع

منشي خداد خان! مون کي اوهان جي عريضي ملي آهي. مون وٽ ڪا به جاءِ خالي نه آهي. البت (ٽيليگراف) جا، مڪران کان لنگهڻ واري آهي. ان جو  بندوبست منهنجي ڀاءُ ميجر مالڪم گرين صاحب جي هٿ هيٺ ٿيندو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن وڌيڪ منشيءَ جي ضرورت هوندي ته منهنجو خيال آهي ته اوهان انهيءَ نوڪريءَ لا بالڪل لائق ثابت ٿيندؤ. مگر اها نوڪري هڪ هنڌ رهي ڪرڻ جهڙي نه ٿيندي، بلڪه اوهان کي سفر ۾ رهڻو پوندو. جيڪڏهن مون وٽ ڪا جاءِ خالي ٿي ۽ مون سمجهيو ته اوهان انهيءَ جي لاءِ لائق آهيو، ته مان اوهان کي نه وساريندس. تاريخ 2 مئي 1862ع (1279هه) ڪيمپ جيڪب آباد.

صحيح

ميجر هنري گرين صاحب بهادر

پوليٽيڪل ايجنٽ بلوچستان

ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر اسستنٽ ڪمشنر. فيبروري 1862ع (1279هه) ۾ حڪمران جي معاملن بابت سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي خدمت ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جي آخري پيرا جو ترجمو درج ڪيو وڃي ٿو.

مون جيڪو حالات جو اختصار پيش ڪيو آهي، هيءَ ڳالهه ان کان الڳ آهي. مان چاهيان ٿو ته اوهان پنهنجي آفيس جي ڪلارڪ منشي خدا دا خان کي پنجاهه رپيا روڪ يا اوتري رقم جي لونگي ڏيو. هو تازي سفر ۾ منهنجي لاءِ ڏاڍو مفيد ۽ ڪارائتو ثابت ٿيو ۽ هن نوجوان ڪيترائي ڀيرا اهم ۽ خاص خدمتون بجا آنديون آهن، جن مان ڪن جو هت اظهار ڪريان ٿو: 1859ع (1274هه) جي شروع ۾ عمرڪوٽ کان جيسلمير ۽ پوڪران تائين مون سان گڏجي هليو ۽ گوادر ۽ اورمارا تائين ميجر هنري گرين صاحب سان گڏجي ويو. اهڙي ماڻهوءَ کي سرڪاري اخراجات ۾ ڪفايت سبب هن وقت تائين ٿوري پگهار تي رکيو ويو آهي.

صحيح

ميجر گولڊ اسمڊ صاحب بهادر

اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ

منشي خداد خان جاگيري ۽ سياسي معاملن جي سلسلي ۾ سنڌ جي اندر 8 سالن کان زياده عرصو نوڪري ڪئي آهي. ازانسواءِ تعليمي معاملن ۾ به مون کي مدد ڏني اٿس. مان هن کي 1853ع (1270هه) کان وٺي سڃاڻان ٿو. مان ڏاڍو خوش ٿيندس. جڏهن ٻڌندس ته هن کي ان کان زياده پگهار ملي ٿي. جا هن وقت کيس ملي رهي آهي ۽ جنهن جو هو مستحق آهي. انهن مخصوص خدمتن کان علاوه جن جي سر انجاميءَ لاءِ هو مون سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران هليو هو، جيڪي به ڪم هن کي سونپيا ويندا آهن، هو انهن جي تڪميل لاءِ هر وقت تيار ۽ حاضر رهندو آهي. تاريخ... اپريل 1862ع (1279هه).

صحيح

ميجر گولڊ اسمڊ ڪمشنر سنڌ

(بمبئي کان)

پنجون ڪمشنر: مسٽر ايِس مينفيلڊ صاحب بهادر

        سال 1279هه مطابق سال 1826ع جي آخر ۾ بمبئيءَ کان تشريف فرما ٿيو ۽ ڪمشنريءَ جي ايوان کي روشن ڪيائين. شروع ۾ مسٽر ميڪس مَلر صاحب ۽ مسٽر ارسڪين صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. پوءِ مسٽر جان مُور ٿيو. گهڻائي سرڪاري ڪم سهڻي نموني سان نباهيائين، مگر سندس دور حڪومت ۾ جيڪي وڏا ۽ عجيب ڪم ٿيا، جي اڃا تائين ظاهر آهن، انهن مان ڪن جو ذڪر هت ڪيو وڃي ٿو:

جڏهن مسٽر مينفيلڊ سنڌ ۾ نئون آيو، تڏهن راءِ بهادر وامن راءِ برهمڻ جي معرفت، جو حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو دفتردار هو، اڪثر تعلقي آفيسن جي ڪارڪردگي وغيره جي تحقيقات ڪرايائين، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ديسي آفيسرن کي نقصان رسيو. نيٺ وامن راءِ جي هٿان ڪي اڻ وڻندڙ ڪم سرزد ٿيڻ لڳا، جنهنڪري هن نالائق کي برطرف ڪيو ويو ۽ هو ڀڄي ويو ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ملازمن کي بي عزت ٿيڻو پيو. انهيءَ دور کي سنڌ جا باشندا ”وامن گردي“ سڏيندا آهن.

1280هه مطابق 1863ع ۾ سيد مراد علي شاهه روهڙيءَ وارو ۽ مير امير علي خان ٽالپر ڪربلا معليٰ ۽ نجف اشرف جي زيارت لاءِ روانا ٿي ويا.

1280هه مطابق 1823ع جي شروع ۾ تار (ٽيليگراف) جي لائين جي بندوبست جي سلسلي ۾ (ڪمشنر صاحب) چند عملدارن ۽ ٻين صاحبن سان گڏجي جهاز جي ذريعي خليج فارس روانو ٿيو ۽ راقم الحروف کي به پنهنجو ماتحت ڪري کنيائين. اهو منتخب ڪيو ويو. جهاز ڪراچيءَ کان لنگر کڻي، پهريائين اورمارا بندر (مڪران) پهتو. اتي لنگر هنيائين. صاحب لٿا ۽ ٽيليگراف آفيس ۾ پهتا. اتان جي رپورٽ سرڪار (بمبئي سرڪار) کي موڪلڻ بعد گوادر بندر ويا، جو مسقط جي امام جي تحت هو. ڪيپٽن راس صاهب بهادر کي، جو افهيءَ سفر ۾ ساڻ هو ۽ فارسي زبان ڄاڻندو هو، اتي بلوچستان ۽ مسقط جو نائب پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪري، مسقط شهر ۾ وڃي لٿاسين. اتي مسقط جي امام ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ سان ملي، سندن مشوري سان جبلن جي وچان، جي مڪران ۽ عرب جي ڪناري تي هئا، گهمندا ڦرندا، سامونڊي بندر گاه ڏسندا، سير سياحت ڪندا ”بو شهر“ وڃي هتاسين، جو ايران جو هڪ شهر آهي. اتي جهاز تان لهي (برطانوي) سفارتخاني وياسين، جتي ڪمشنر صاحب بهادر، اتان جي امين الملڪ ۽ پوليٽڪل ايجنٽ سان جو سرلوئيس بيلي صاحب هو، ملاقات ۽ ٽيليگراف لائين جي باري ۾ تبادلهء خيالات ڪيو. پڙهندڙن کي معلوم هجي ته سر لوئيس بيلي صاحب اهو ئي آهي، جو شروع ۾ ڪجهه سال روهڙي سب ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو ۽ ان کانپوءِ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر (برائي جاگيرات) جو اسسٽنٽ مقرر ٿيو. راقم الحروف سان چڱي ڄاڻ سڃاڻ هيس. بلڪه منهنجي خدمات ۽ سهڻين ڪار گذارين جي باري ۾ سندس تحرير به مون وٽ موجود آهي انهيءَ ڪري مون سان وڏي مهربانيءَ سان پيش آيو. مطلب ته ”بوشهر“ مان سمورا ڪم ڪاريون پورا ڪري، جهاز تي چڙهياسين ۽ جهاز لنگر کڻي ”مهامره“ يا ”محاصره“ وٽان لنگهي، بصري جي بندرگاه تي وڃي لنگر انداز ٿيو. آخري بصري ۾ اتان جي حاڪم ۽ پوليٽيڪل ايجنٽ  سان ملي، ٽيليگراف لائين جو مناسب انتظام ڪري، وڏي جهاز کي ننڍي جهاز سان بدلائي، دجلي درياء جي رستي دارالسلام بغداد شريف پهتاسين. پورن ٽن ڏينهن تائين رات ڏينهن جهاز هلائڻ بعد بغداد شريف جي بندرگاه ۾ داخل ٿياسين. جهاز تان لهي، ڪمشنر صاحب بهادر، سفارتخاني تشريف فرما ٿي ويو ۽ اتي ”باليوز“ يعني سرڪار جي سفير ۽ سلطان الاسلام جي نائب عرف ”پاشا“ سان ملاقات ڪري، ٽيليگراف جي باري ۾ تبادلهء خيال ڪيائين. ان کانپوءِ عراق جون عجيب و غريب ۽ قديم جايون جهڙو ”نوشير وان جي سراءِ“، ”هابل ۽ بابل جو کوه“ [3] ۽ ڪاطمين شريفين“ جي زيارت ڪئي وئي، ۽ باليوز جون دعوتون کائي ڪراچيءَ واپس آياسين.

راقم الحروف حضرت مولانا و سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني قدس الله سره العزيز، امامين شريفين ڪاظمين، حضرت شيخ جنيد بغدادي، حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي ۽ ٻين اوليائن ڪرامن جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو ۽ حضرت مولانا سيد سعد علي صاحب سجاده نشين جي بيعت جي سعادت به حاصل ڪيائين ۽ واپسيءَ جي وقت، بصري ۽ بغدادي جي وچ ۾ هڪ بندرگاه آهي، جتي حضرت عزيز پيغمبر عليه السلام جي مزار مبارڪ آهي، اتي جهاز تان لهي، زيارت جو شرف حاصل ڪيو ويو. مسلمانن کي چڱي طرح معلوم هوندو ته حضرت عزيز عليه السلام اهو پيغمبر آهي، جنهن کي يهودي ”ابن الله“ (الله جو پٽ) سڏيندا هئا. نعوذ با الله منها.

اگرچه سمنڊ وغيره جو هيءُ سفر عجائبات منجهان هو ۽ ان جي تفصيلوار احوال بيان ڪرڻ ۾ وڏي ڊيگهه ٿئي ها، پر جيئن ته هيءُ ڪتاب ”لب تاريخ“ (تاريخ جو خلاصو) آهي، تنهنڪري اختصار کان ڪم ورتو ويو. البت ڪتاب ”خليج نامي، ۾، جو راقم الحروف جو لکيل آهي ۽ انهي ئي زماني ۾ ڇپجي چڪو آهي، ان ۾ سڄو احوال روزنامچه جي طرز تي تفصيل سان درج ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هن ڪتاب جي پڙهندڙن مان ڪنهن کي اهي حالات معلوم ڪرڻ جو شوق هجي، ته اهو ڪتاب پڙهي سگهي ٿو.

1279هه مطابق 1873ع ۾ امير ڪبير مرحوم دوست محمد خان (والي افغانستان) جي باري ۾ خبر آئي ته هرات ۾ وفات ڪيائين. انا الله و انا اليه راجعون.

1280هه مطابق 1864ع ۾ راقم الحروف کي گوناگون خدمتن جي عيوض پنجاه رپين جي اضافي سان رونيو کاتي ۾ ”هيڊ منشيءَ“ جي پوسٽ تي ترقي ڏني وئي ۽ ٽيهه رپيا رجسٽريشن کاتي مان عطا فرمايائون. جملي اسي رپيا ماهوار مقرر ڪيائون، جيئن اڳڀرو هلي سرڪاري ڪاغذن مان ثابت ٿيندو.

مٿي ڄاڻايل سالن ۾ سياري جي موسم ڪمشنر صاحب بهادر، سنڌ جي سرحد تي پهتو. يعني سبزل ڪوٽ ۾ ۽ ماڇڪي جي جهنگل ۾ سهڻي نموني سان شينهن جو شڪار ڪري، واپسيءَ وقت ”لادڪانه“ (لاڙڪاڻي) ڏانهن رخ رکيائين ۽ اتي انگريزي ۽ فارسيءَ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني سرڪاري ملازمن کي حڪم ڏنائين ته ڪراچيءَ هلي، سرڪاري ڪاروبار درست ڪري ڏيو. يعني پراڻي رڪارڊ ۽ ڪاغذن وغيره جي ترتيب ۾ مدد ڪريو. اهو ڪم رومزره جي ڪم کان علاوه آهي. ڪمشنر صاحب بهادر پنهنجن اسسٽنٽن ۽ راقم الحروف کي پاڻ سان گڏ رکيو. گويا مون کي ستون ڀيرو خاص خدمت سپرد ڪئي وئي. مطلب ته لاڙڪاڻي کان نصير آباد، پير گودڙيي ديداڪ ۽ ڪرچه جي رستي ”دارهاره“ جيل (جنهن کي سنڌ ۾ عام طرح ”ڏاڙهيالو جبل“ سڏيو ويندو آهي) جي مٿان جا، خان قلات جي حد آهي، تنبو هڻائي ڪيمپ قائم ڪرايائين. اهو تمام وڏو جبل آهي، ڄڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، نهايت ئي خشڪ ۽ سرد آهي. انهيءَ زماني جي عملدارن جي تجربي موجب شملي جي پهاڙ جهڙو سرد آهي، هميشه بارش ٿيندي آهي ۽ ڳڙو وسندو رهندو آهي. جبل جي اوسي پاسي گهڻائي ماڻهو رهن ٿا، جي ”ڇُٽا“ قوم جا سنڌي آهن. باقي ٻي ڪا به آبادي ۽ وَسُنوَ ڪانهي. البت جهنگلي ميوا جهڙوڪ: توت، انجير ۽ لوهري (جي هوبهو ڦارون) وانگر آهن). گهڻي مقدار ۾ پيدا ٿين ٿا. مگر انهن ميون جو ذائتو خراسان ۽ ياغستان جي ميون جهڙو نه آهي. ڪَهُوءَ جا وڻ، جي تمام ڳرا ۽ مضبوط هوندا آهن ۽ سندن ڪاٺي بالڪل قيمتي ٿيندي آهي، گهڻا، بلڪه تمام گهڻا هئا، اتان جا ماڻهو انهن ڪاٺين کي عام ڪاٺين وانگر ٻاريندا آهن.

قصو ڪوتاه، ڪمشنر صاحب اونهاري جي مند نهايت ئي خوشي ۽ مسرت سان شڪار ڪندي گذاري. انهيءَ علائقي جي ماڻهن جو گذران برسات تي هو. جڏهن برسات پوندي هئي ته ماڻهو برسات جي پاڻيءَ سان دلا، مشڪون ۽ ٻيا ٿانوَ پيئڻ، رڌ پچاءُ ۽ ٻين گهرجن لاءِ ڀري رکندا هئا، ته جيئن ضرورت جي وقت ڪم اچي. انهيءَ ڪري ڪمشنر صاحب، راقم الحروف جي معرفت هڪ هزار رپين جي خرچ سان انهيءَ جبل جي مٿان هڪ وڏو، ويڪرو ۽ اُونهو تلاءُ ٺهرايو، ته اتان جي ماڻهن کي به ۽ ايندڙن ويندڙن يعني مسافرن کي به سهولت ٿئي.

جيڪڏهن پڙهندڙ هن احوال جي ڊگهي ٿي وڃن کان تنگ نه اچن ته انهيءَ علائقي جون ڪي عجيب ڳالهيون ليکيون وڃن:

”دارهاره“ جبل جي مٿان هڪ ٻيو جبل آهي، جنهن کي اتان جا ماڻهو ”ڪُتي جي قبر جو جبل سڏيندا آهن، جنهن جو احوال هن ريت آهي ته اڳئين زماني ۾ ڪنهن شخص وٽ چڱن گُڻن وارو هڪ ڪتو هوندو هو، جو سندس گهر جي چوڪيداري ڪندو هو. هڪ ڏينهن اتفاق سان انهيءَ گهر جي مالڪ جو هڪ دوست آيو ۽ پنهنجي گهر جي چوڪيداريءَ لاءِ انهيءَ ڪتي جي خواهش ڪيائين. ڪتو جيئن ته پنهنجي اصلي مالڪ کي پنهنجن گُڻن جي ڪري پيارو هوندو هو، انهيءَ ڪري پنهنجي دوست کي ڏيڻ لاءِ آماده نه هو، پر ساڳئي وقت پنهنجي دوست کان انڪار ڪرڻ به مناسب نه ٿي سمجهيائين. اهو دوست ڪتو ڪاهي ويو ۽ پنهنجو گهر ڪتي جي سپرد ڪري، کيس نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيائين. هڪ دفعي ڇا ٿيو، جو هڪ چور رات جو گهر کي کاٽ هڻي، مال اسباب چورائي ويو ۽ ٻن ڪوهن جي فاصلي تي وڃي زمين ۾ پوريائين. صبح جو گهر جو مالڪ اها حالت ڏسي ڏاڍو حيران پريشان ٿيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڦِرڻ لڳو. مگر اهو هوشيار ڪتو، چور جي انهيءَ سڄي ڪارروائي کان واقف هو. جنهنڪري گهر جي مالڪ کي پيرن جي نشانين ۽ پنهنجي مخصوص آوازن سان آگاهه ڪري، انهيءَ جاءِ تي وٺي ويو ۽ سمورو مال اتان ڪڍي ڏنائينس. گهر جو مالڪ ڪتي جي اهڙي هوشياري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ عارضي ميعاد پوري  ٿيڻ کان اڳ م ئي ڪتي کي سندس اصلي مالڪ وٽ موٽي وڃڻ جي موڪل ڏنائين ۽ رخصت نامو لکي سندس ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيائين. ڪتو جڏهن پنهنجي اصلي مالڪ جي گهر کي ويجهو وڃي پهتو ته مالڪ پري کان ئي ڏسي چيس ته ”ملعون، بي وفا! جلدي موٽي ائين. مون کي منهنجي دوست جي اڳيان شرمسار ڪيئي.“ اهي اکر ٻڌڻ شرط ڪتو زمين تي ڪري پيو ۽ مري ويو. مالڪ جڏهن کيس مئل ڏٺو، تڏهن سندس ويجهو آيو ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪاغذ کولي ڏٺائين ته سخت پشيمان ٿيو ۽ ”افسوس، افسوس“ ڪرڻ لڳو. پوءِ يادگار خاطر جبل جي مٿان قبر ٺهرايائينس. صحيح علم الله کي آهي. ڳالهه پراڻي آهي. مگر مشهور آهي. سچ ۽ ڪوڙ راويءَ جي گردن ۾ آهي. اگرچه عقل اعتبار نه ٿو ڪري ته اها ڳالهه ائين هوندي، پر ڪڏهن ڪڏهن يورپ وارن جا ڪي سهڻن گڻن وارا، فرمانبردار ۽ تربيت يافته ڪتا ڏسجن ٿا، ته سمجهجي ٿو ته اڳئني زماني ۾ به اهڙا فرمانبردار ڪتا ضرور موجود هوندا.

(6) 1281هه مطابق 1865ع ۾ فوجداري ۽ ديواني ڪم، جي سنڌ جي ڪمشنر جي ماتحتيءَ ۾ سندس اسستنٽ سر انجام ڪندا هئا، اهي هاڻي سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر ۽ چيف ڪورٽ جي حوالي ڪيا ويا.

انهيءَ سال بمبئي جي گورنر سر بارٽل فريئر صاحب بهادر پنهنجي تشريف آوريءَ سان سنڌ کي بهشت جو باغ بنايو ۽ ريگستان (ٿرپارڪر) ۾ ڪيترائي نوان واه کوٽيا ويا جهڙوڪ ”عمر واه“ ”ٿر واه“ ۽ ”مٺڙائو واه“ وغيره. ٿر جا ماڻهو جي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ حيران هوندا هئا، سي هاڻي پاڻيءَ جي آل جال هجڻ سبب ڏاڍو خوش ٿيا. آباديون ڪرڻ لڳا ۽ روزگار جي ڪشادگيءَ سبب نهايت ئي خوشحال ٿي پيا، جي اڃا تائين خوشحال آهن.

(7) 1281هه مطابق 1865ع ۾ زميندارن ۽ ڪاشتڪارن کان هڪ رپيو لوڪل فنڊ وصول ڪرڻ جو قاعدو جاري ڪيو ويو؛ جو اڃا تائين جاري آهي.

(8) مٿئين سال ۾ سلاميءَ لاءِ پندرهن توبون رياست خيرپور جي واسطي جاري ڪيون ويون. توبن ڇوڙڻ جو اهو دستور اڃا تائين جاري آهي. اهو عطيو ڏئي، رياست جي واليءَ کي خوش ڪيو ويو.

(9) 1282هه مطابق 1867ع جي آخر ۾ قنڌار جو والي (گورنر) سردار شير علي خان، افغانستان جي والي امير شير علي خان صاحب جو هڪ خط کڻي، رهمڪي بازار ضلعي ٿرپارڪر ۾ آيو. سرڪار جي پاران ميزبانيءَ لاءِ راقم الحروف کي مقرر ڪيو ويو ۽ سردار موصوف کي جيڪو (جوابي) خط ڏنو ويو، سو جيئن ته سياسي مسائل جي باري ۾ هو، انهيءَ ڪري ان جو متن هت درج نٿو ڪيو وڃي.

ڪمشنر صاحب بهادر دوره تان موٽڻ بعد، ڇهن مهينن جي موڪل تي ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي ويو.


[1]  عظمت ۽ حشمت واري راڻي، سندس بخت ۽ مرتبو هميشه قائم رهي.

[2]  ”مهاري“ جي نسبت ”مهره بن حيدان“ ڏانهن آهي، جو يمن جو قبائلي هو ۽ اُٺن جي خوب خدمت ۽ پرورش ڪندو هو. سنڌ ۾ عرب حڪومت جي زماني ۾ مهره بن حيدان جا اٺ آيا هئا، جي، ”مهارت اٺ“ جي نالي سان مشهور ٿيا. هن زماني ۾ به ”مهري اٺ“ مشهور آهن، جي سواريءَ جي ڪم ايندا آهن ۽ نهايت تيز رفتار هوندا آهن. (ن. ب).

[3]  ”هابل ۽ بابل جو کوه“ صحيح نه آهي، بلڪه ”هاروت ۽ ماروت جو کوه“ صحيح آهي. ان کي ”بابل جو کوه“ به سڏيو ويندو آهي. ڇو ته ”بابل“ شهر ۾ آهي، جو ڪوفي جي ڀرسان آهي. هن کوه ۾ هاروت ۽ ماروت نالي ٻه فرشتا قيد آهن. ”هابل“ جو هن ڳالهه سان ڪو به واسطو نه آهي. هابيل حضرت آدم جو پٽ هو، جنهن کي سندس ڀاءُ قابيل قتل ڪيو هو (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org