ترجمو:
مڇر ڪهڙي حيثيت ٿو رکي، جو هاٿيءَ جي اڳيان اُڏامڻ جي
جراءت ڪري. اگرچه ف؟ضا ۾ مٿي اڏاڻو، ته به جبرئيل
بڻجي نه سگهيو. مَکِ ٻنهي هٿن جو زور لڳايو ته به
گُرڻ پَک کان کاڌو کسي نه سگهي).
مطلب ته (انهيءَ جي باوجود) ميرن جو پاڻ ۾ چڱو اتفاق
هو. جڏهن به دشمن هنن ڏانهن رخ ڪندو هو ته پاڻ ۾
متحد ٿي، هن سان منهن ڏيندا هئا. ڪنهن وقت ڪنهن
ملڪ جو ڪو تڪرو هٿ ايندو هون ته پاڻ ۾ مٿي ڄاڻايل
طريقي سان ورهائي کڻندا هئا ۽ صحيح ڳالهه هيءَ اهي
ته ميان غلام شاه ڪلهوڙي جي زماني ۾ سنڌ جو جيڪو
رقبو هو ۽ ميان غلام شاه جي پوين جي هٿان نڪري ويو
هو اهو سمورو رقبو ميرن دوباره هٿ ڪيو. جهڙوڪ
بهاولپور جي نواب کان سبزل ڪوٽ، قلات جي خان کان
ڪراچي ۽ ان جي اوسي پاسي وارو علائقو پٺاڻن کان
شڪارپور ۽ سندس ڀروارو علائقو ڀُڄ جي راجا کان
لکپت ۽ بست ۽ جوڌپور جي راجا کان عمرڪوٽ ۽
ريگستان وغيره. مطلب ته سنڌ جا جيڪي حصا ڪلهوڙن جي
هٿان نڪري ويا هئا، سي مير صاحبن ترار جي زور تي
ٻيهر حاصل ڪيا ۽ انهن تي چڱي طرح قابض رهيا.
سنڌ جي پهرئين فاتح جو مختصر احوال
(شهداداڻي مير، جن جي گادي حيدرآباد ۾ هئي)
(1) مير فته علي خان تقريباً ارڙهن سال نهايت ئي آسودگي ۽ فارغ
البالي سان حڪمراني ڪر،ي عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو.
سندس سجع هيءُ هئي:
داد نصرت خدا به فتح علي،
به مدد گاري نبي وعلي
۽ ”جائ جنت نصيب فتح علي“ سندس وفات جي تاريخ آهي، جنهن
مان هجري سال 1217 نڪري ٿو، جو عيسوي سال 1802ع جي
مطابق آهي. سندس جنازو خدا آباد نيئي، سندس وڏن جي
قبرستان ۾ دفنايو ويو، جو هنن جو اصلي قبرستان
آهي. مير صاحب پنهنجي پٺيان هڪ فرزند مير صوبدار
خان ڇڏي ويو، جو سندس وفات وقت فقط هڪ ڏينهن جو
معصوم ٻار هو ۽ وڏو ٿيڻ تي پنهنجي والد جي گاديءَ
تي ويٺو.
(2) غلام علي خان ولد مير صوبدار خان، جو حيدرآباد جي گاديءَ تي
جلوه افروز ٿيو. سندس سجع هيءَ هئي:
ناصر من بود نبي وولي،
منم از جان و دل غلام علي.
هن مير صاحب جي زماني ۾ ڪورو رپيو، جنهن جو وزن تيمور
شاه جي سڪه کان گهٽ هو، ڍاليو ويو ۽ سندس
ايامڪاريءَ ۾ 1224هه مطابق 1809ع ۾ سنڌ، ايران ۽
برطانوي سرڪار جي عملدارن جي درميان هڪ معاهدو
ٿيو. نيٺ مير صاحب موصوف پنهنجي پٺيان مير محمد
خان نالي هڪ فرزند ڇڏي. 1227هه مطابق 1813ع ۾ رحلت
ڪئي. سندس جنازو نئين خدا آباد ۾ دفن ڪيو ويو.
افسوس آهي جو نه سندس تاريخ وفات جو قطعه هٿ اچي
سگهيو ۽ نه سندس سجع.
(3) پوءِ مير ڪرمعلي خان ولد مير صوبدار خان حيدرآباد جي گاديءَ
تي رونق افروز ٿيو. سندس سجع هئي:
کرد بامن کرم علي عظيم
پاڻ کي ”سرڪار عظمت مدار“ سڏايائين. هن مير صاحب جي
زماني ۾ راجا رنجيت سنگهه شورش برپا ڪئي. مگر
برطانوي سرڪار جي محبت سبب ختم ٿي وئي. افغانستنا
جو بادشاه، شاه شجاع الملڪ حيدرآباد ۾ اچي وارد
ٿيو. مگر کيس راضي ڪري روانو ڪيو ويو. سيد ثابت
علي شاه سنڌيءَ جو مرثيه گو شاعر، جو سيوهڻ جو
رهاڪو هو، هن ئي مير صاحب جي زماني ۾ هو. مير صاحب
موصوف 1244هه ۾ بي اولاد فوت ٿيو. سندس جنازو
حيدرآباد جي ويجهڙائي ۾ ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو.
سندس وفات هو هجري سال ”بادا بهشتش بارگاه“ مان
نڪري ٿو. جنهن جا عدد 1244 آهن. اهو سال، عيسوي
سال 1828 جي مطاب آهي.
(4) مير مراد علي خان ولد مير صوبدار خان انهيءَ ئي سال پنهنجي
ڀاءُ جي گاديءَ تي ويٺو. سندس سجعون هن ريت هيون:
(1) بحق حضرت نبي و ولي يافت از حق همه مراد علي
(2) بندهء مصطفيٰ مراد علي.
هيء مير صاحب پهريائين پاڻ کي ”سرڪار بلند اقتدار“
سڏائيندو هو. پوءِ ”سرڪار جهان مدار، سڏائڻ لڳو.
هن مير صاحب جي زماني (49-1248هه مطابق 33-1832ع)
۾ برطانوي سرڪار واپار جي واڌاري ۽ جهاز رانيءَ جي
باري ۾ ساڻس مختلف معاهدا ڪري، کيس پابند بڻايو.
سندس حياتيءَ جي پوئين سال ۾ شجاع الملڪ شڪارپور ۽
ان جي اوسي پاسي واري علائقي تي اچي قبصو ڪيو،
جنهنڪري مر صاحبن ۽ شجاع الملڪ جي وچ ۾ سخت جنگ
لڳي، جنهن ۾ حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن جا ڪي
نامور سردار سهيد ٿي ويا. اها جنگ پراڻي سکر جي
ٻاهران کرڙيءَ جي ميدان ۾ لڳي هئي. انهيء ڪري
”کرڙيءَ جي جنگ“ جي نالي سان مشهور آهي. ”کرڙي“
سکر شهر جي حدن اندرهڪ جڳهه جو نالو آهي، جا درياء
جي هن ڀر آهي. جنگ جو نتيجو شجاع الملڪ جي حق ۾
نڪتو.
مير صاحب موصوف 1249هه مطابق 1833ع ۾ پنهنجي پٺيان چار
فرزند (جن جا نالا موقعي اچڻ تي لکيا ويندا). ڇڏي،
راه رباني وٺي ويو ۽ پنهنجي ڀاءُ مير ڪرم علي خان
جي مقبري جي ڀرسان دفن ٿيو. افسوس آهي جو سندس
تاريخ وفات جو قطعه ملي نه سگهيو. هيءُ چارئي ڀائر
”چاريا“ سڏيا ويندا هئا، جن هڪ بئي پٺيان حيدرآباد
سنڌ جي مٿان حڪومت ڪئي. بقا فقط الله عليه جي
حالات ۽ ڪرامتن جو ذڪر ڪيو وڃي، جو بي فائدو نه
ٿيندو.
حضرت شاه خير الدين جا مختصر حالات ۽ سندس ڪرامات
(جنهن جو روصو مبارڪ پراڻي سکر جي وچ ۾ جلوه نما آهي
صحيح روايت موجب حضرت شاه خير الدين رحمت الله عليه
حضرت احمد شاه رحمت الله عليه جو فرزند ارجمند
آهي، جو پنجين پيڙهيءَ ۾ حضرت غوث الثقلين مولانا
و مرشدنا و مڪرمنا و معززنا و فخرنا حـضرت پير شيخ
شاه عبدالقادر جيلاني بغدادي رحمت الله عليه سان
ملي ٿو. سندس ولادت بغداد ۾ 911هه مطابق 1505ع ۾
ٿي. چاليهن سالن جي عمر ۾ بغداد شريف کان مڪه
معظمه (زادها الله شرفا) جي ويو ۽ ٻارهن حج
ڪيائين. ان کانپوءِ مدينه منوره پهچي، چوڏهن سالن
تائين علم هاصل ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. پوءِ عرب، عجم ۽
هندوستان جي ملڪن جو سير ڪيائين. 33 سالن جي سير
سياحت کانپوءِ سکر آيو ۽ هڪ ٽڪريءَ تي، جا اڃا
تائين ”شاه جيٽڪريءَ“ جي نالي سان مشهور اهي، هڪ
غار ۾ ويهي عبادت الٰهيءَ ۾ مشغول ٿي ويو.
هن علائقي جي ماڻهن هضرت شاه خير الدين جون ڪيتريون ئي
ڪرامتون ڏٺيون، جنهنڪري ڪيترائي ماڻ سندس مريد
ٿيا. هت ”مشتي نمونهء از خرواري، جي مصداق، سندس
ڪي ڪرامتون بيان ڪيون ٿيون وڃن. جي ملاحظي کانپوءِ
پڙهندر، اولياء الله جي ڪرامتن کي سمجهي سگهندا ۽
محسوس ڪندا ته اولياء الله جو ڇا شان آهي ۽ ڇا
سندن ڪرامتون آهن.
مرحوم نور محمد جلباڻي جاگيردار تعلقي نوشهروفيروز جي بياض تان
ورتل (جنهن جو فرزند ارجمند ميان دين محمد جلباڻي
جاگيردار اڃا زنده آهي)
خليفي محمود ساڪن ڪڙيي گنوهر تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلع
حيدرآباد، کان ٻڌو ويو ته حضرت پير صاحب ”روضي
ڌڻي“ جنهن جو نالو ”پير محمد راشد، هو، ۽ هن وقت
سندس مسند تي سندس ڏُهٽو پير شاه مردان شاه ساڪن
ديه پنهنجي، تعلقو روهڙي فاز آهي، کان روايت آهي
ته حضرت شاه خير الدين رحمت الله عليه هڪ باڪمال ۽
صاحب حال بزرگ هو، جو سکر ۾ رهندو هو. هڪ ڏينهن
سندس هڪ مريد، جو سنڌي هو، شهر جي ٻاهران خلوت ۾
پنهنجي پروردگار سان وڃي مشغول ٿيو (عباس ڪرڻ
لڳو). اتفاقاً انهيءَ خلوص گاه جي مٿان درياڀ وهي
ويو ۽ ڪيتري مدت تائين وهندو رهيو، چند سالن
کانپوءِ درياء رخ بدلايو ۽ واريءَ جا ڍير ڇڏي ويو.
هڪ ڏينهن حضرت شاه خير الدين پنهنجي مريدن کان
پڇيو ته ”فلاڻو مريد گهڻي عرصي کان نظر نه ٿو اچي،
ڪا خبر اٿوَ ته ڪيڏانهن ويو؟“. مريدن عرض ڪيو ته
شهر جي ٻاهران هڪ خلوت گاه ۾ ويهي الله جي عبادت
ڪندو هو. پوءِ اتان درياء وهڻ لڳو ۽ ڪيترائي سال
وهندو رهيو. هاڻي درياڀ ڇڏي ويو آهي ۽ واريءَ جا
ڍير لڳا پيا اهن. فرمايائين ته ”منهنجي گهوڙي سنجي
ڪاهي اچو.“ پوءِ گهوڙيءَ تي چرهي واريءَ جي دڙن
ڏانهن روانو ٿيو. گهوڙي هڪ هنڌ بيهي پنهنجو پير
لوڏڻ لڳي. حضرت شاه خير الدين فرمايو ته هن دري کي
کوٽيو. درو کوٽيو ويو ته اندران هڪ جڳهه جي ڀت
ظاهر ٿي، جنهن ۾ هڪ دروازو هو ۽ ان کي تالو لڳل
هو. دروازو کولي ڏٺو ويو ته اهو مريد اتر ڏانهن
مٿو ۽ ڏکڻ ڏانهن پير ڪيو ست پيو آهي ۽ آرام ۾ آهي.
مريد جيئن ته فقط سنڌي ٻولي ڄاڻندو هو، تنهنڪري
حضرت شاه خيرالدين سنڌيءَ ۾ کيس فرمايو ته:
نه تو ڪعبو، نه تو قبلو رهين منجهه سجود،
ويساري پاڻ کي ملين سان درياه.
مريد جواب ڏنو ته:
ڪوه ڪندو تن قبلو جن سڃاتو سلطان،
پرين اسين پاڻ، سجدو ڪريون ڪنهن کي
حضرت شاه خير الدين جي ڪرامتن جو ڪهڙو تفصيل بيان
ڪريان. سندس هزارين مريد مٿي ڄاڻايل مريد کان به
رواحانيت ۾ وڏي درجه وارا هئا. انهيءَ مريد جو
خلوت گاه اڃا تائين ” شاه ٻيلي، جي نالي سان مشهور
آهي ۽ سکر جي ڀرسان آهي. حضرت شاه خير الدين جڏهن
116ورهين جي عمر کي پهتو ته جنهن هنڌ هن وقت سندس
روضو مبارڪ اهي، اتي ترخاني مغلن جو محلو هو. انهن
کان زمين جو اهو ٽڪرو وٺي، انهيءَ ٽڪريءَ تان جا
”ساه جي ٽڪري“ جي نالي سان مشهور آهي، اُٿي، اچي
تي ارهڻ لڳو. پاڻ وٽ فقط به مريد ميان سڌو ۽ ميان
جمال الدين رهائيندو هو. آخر جڏهن الله جو حڪم ٿيو
ته 1027 هجريءَ رمضان شريف جي 27 تاريخ بي اولاد
وصال ڪيائين. ڪنهن شاعر هيٺيون قطعهء تاريخ چيو
آهي، جو سندس روضي مبارڪ جي مٿان لکيل آهي:
شاه خير الدين مههِ برج شرف،
مَقبل درگاه ايزد سرمدي،
سال تاريخ وصالش عقل گفت،
”مرشدي کامل طريق احمدي“.
ترجمو:
(شاه خير الدين، جو عزت ۽ عظمت جو برج جو چنڊ آهي ۽
هميشه الله جي بارگاه م مقبول رهيو آهي. سندس وصال
جو سال منهنجي عقل هيئن ٻڌايو آهي ته ”مرشيدي کامل
طريق احمدي، يعني محمدي مسلڪ جو ڪامل رهنما آهي).
انهيءَ آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1027
ٿو نڪري، جو عيسوي سال 1618 جي مطابق آهي.
مرحوم ميان جمال الدين جي اولاد مان، ميان غلام محمد
نالي هڪ سجاده نشين هو، جنهن پهرئين روضي کي جو
ننڍو هو، ڊهرائي، نئين سر ٺهرايو، جو اڳئين روضي
کان وڏو هو. روضي جي نئين سر تعمير جو سال هيٺين
قطعه جي آخري مصرعه مان ظاهر ٿو ٿئي:
شه خيردين سرور سالکان،
ولي خدا، زبدهء عارفان.
زهي روضه اش مظهر نور حق،
بيابند فيضي زيارت کنان.
غلام محمد سجاده نشين،
ز سعيش بنا روضهء نو نِشان.
چو ساقي طلب کرد تاريخ آن،
بگفتا خريد ”درگه فيض دان“.
ترجمو:
شاه خير الدين سالڪن جو سردار الله جو ولي ۽ عارفن جو انتخاب
(بر گزيدو).
واه جو سندس روضو آهي، جو خدا جي نور جو مظهر آهي. جتان زيارت
لاءِ اچڻ وارا فيض حاصل ٿا ڪن.
هيءُ نئون روضو غلام محمد سجاده نشين جي ڪوشس سان ٺهي راس ٿيو
آهي.
جڏهن ساقي (شايد شاعر جو تخلص اهي) روضي جي تعمير جي تاريخ
معلوم ڪرڻ چاهي ته عقل ٻڌايس ته ”درگه فيض دان“
(سمجهه ته فيض جو مرڪز آهي).
آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان هجري سال 1174 نڪري ٿو، جو
عيسوي سال 1760ع جي مطابق آهي.
هر سال رمضان شريف جي 27 تاريخ مريدن ۽ زيارتين جو وڏو
اجتماع ٿيندو آهي. مگر افسوس جو آخري سجاده نشين
مرحوم ميان سعيد محمد کانپوءِ، جو اسم بامسميٰ هو
(يعني جهڙو نالو چڱو هوس، پاڻ به اهڙو ئي چڱو هو)
ڪو مستقل سجاده نشين ڪو نه آهي. مگر اوليائن جي
حڪم (تصرف) سان سمورا ڪم بهرحال سهڻي نموني سان سر
انجام ٿيندا رهندا آهن.
هاڻي اصلي موضوع:
مير مراد علي خان جي انتقال کانپوءِ سندس فرزند ارجمند
مير نور محمد خان 1249ع مطابق 1833ع ۾ حيدرآباد ۾
گاديءَ تي ويٺو ۽ ٻيا مير صاحب هر هڪ مير نصير خان
(سندس ڀاءُ) مير محمد خان ولد مير غلام علي ۽ مير
صوبدار خان ولد مير فتح علي خان (فاته اول) پنهنجن
حصن تي قابض ۽ حڪمران هئا. سندن سجعن ۽ لقبن مان
سندن عزت ۽ عظمت جا آثار تاريخ م يادگار رهندا:
ز نور محمد جهان روشن است
علي و حسين و حسن دستگير- خدا يارو يارو محمد نصير
مير محمد مهِه اوج کرم.
ظل اهمد تاج فرق صوبدار.
صوبدار جهان ز فتح علي.
مٿي ڄاڻايل ميرن مان هر هڪ مير صاحب جدا جدا لقبن سان ملقب هو.
مثال طور مير نور محمد خان جو لقب هو ”سرڪار عالي
مدار“. مير نصير خان ”سرڪار فيض آثار“. مير محمد
خان ”سرڪار عالي مدار“ ۽ مير صوبدار خان جو لقب
”سرڪار حشمت مدار“ هو. اگرچه انهن مان هر هڪ مير
صاحب پنهنجي پنهنجي حصي تي قابض ۽ حاڪم هو پر
دراصل صحيح منعيٰ ۾ ملڪ جو هاڪم حيدرآباد جو گادي
نشين مير نور محمد خان هو. جنهن پنهنجو دور حڪومت
سهڻي نموني سان پورو ڪيو. 1255هه مطابق 40-1939ع ۾
پٺيان ٻه فرزند مير شهداد خان ۽ مير حسين علي خان
پنهنجا يادگار ڇڏي، هن دنيا فانيءَ مان عالم
جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيو ۽ کيس حيدرآباد ۾ پنهنجن
وڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. مگر افسوس آهي جو
سندس وفات جي متعلق قطعهء تاريخ ڪٿان به هٿ اچي نه
سگهيو. مير صاحب مرحوم جا ٻئي فرزند تقسيم جي اصول
تي پنهنجي پنهنجي حصي جا والي ٿيا، جيئن سندن سجعن
مان معلوم ٿو ٿئي:
خا کپائ مرتضيٰ شهداد خان.
کرد روشن ز فيض لم يزلي- آفتاب جهان حسين علي
اهو آخري شهزادو حسين علي خان وڏو با اخلاق انسان هو. رافم
الحروف جي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ هئي.
سنڌ جو ٻيو فاتح خيرپور جو حڪمران
سنڌ جي ٻئي نمبر فاتح مير سهراب خان انتها درجه جي همت
۽ دانائي سان پنهنجي ملڪ ۾ توسيع ڪئي. جنهن جو
تفصيل رام الحروف جي بي تصنيف ”خيرپور نامي، ۾
بيان ڪيل آهي. تنهنڪري دوباره بيان ڪرڻ بي سُود
آهي. رڳو هيترو لکڻ ڪافي آهي ته مير سهراب خان 47
سالن جي حڪمرانيءَ بعد پنهنجو ملڪ پنهنجن ٽن پٽن
کي هيٺينءَ ريت ورهائي ڏنو. ٻه حصا مير رستم خان
کي، هڪ حصو مير مبارڪ خان کي، ۽ هڪ حصو مير علي
مراد خان کي. پوءِ پاڻ وڇي گوشه نشيني اختيار
ڪيائين. هڪ ڏينهن پنهنجي محل جي دريچي کان هيٺ ڪري
پيو ۽ رحلت ڪري ويو. ڪن شاعرن سندس وفات جون
تاريخون هن ريت چيون آهن:
طشت از بام افتاد
سخي ولي مير سهراب بود
ٻنهي مصرعه مان لاڳ الڳ 1246هه جو سال نڪري ٿو. جو
1840 جي مطابق ٿو ٿئي. مير صاحب کي خيرپور جي
ڀرسان دفنايو ويو.
مير رستم خان پنهنجي والد بزرگوار جي گاديء تي ويٺو.
مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان انهيءَ وقت ننڍا
هئا ۽ پنهنجي والد جي ڏنل حصن تي حڪمراني ڪري رهيا
هئا. مگر مير علي مراد خان ٽنهي ڀائرن ۾ ننڍو هو،
جنهنڪري ٻئي وڏا ڀائر ساڻس کؤنس ۽ خصومت ڪندا هئا،
جنهن جو تفصيلي احوال ”خيرپور نامي“ ۾ لکيو ويو
آهي. مير سهراب خان جو ٻيو نمبر فرزند مير مبارڪ
خان 1255هه مطابق 1839ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس وڏو
فرزند مير نصير خان سندس جانشين ٿيو ۽ پنهنجي حصي
تي حڪمراني ڪرڻ لڳو، پر پنهنجي والد وانگر طاقتور
نه هو. انهيءَ ڪري ناموري حاصل ڪري نه سگهيو.
سنڌ جو ٽيون فاتح ميرپورخاص جو حڪمران
مير ٺاري خان، فاتح سنڌ (مير فتح علي خان) جي ٽئين نمبر
ساٿيءَ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ميرپورخاص کي مقرر
ڪيو هو ۽ وڏي همت سان ريگستان جون ڪي زمينون هٿ
ڪري پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ڇڏيون هئائين. مير صاحب
1245هه مطابق 1829ع ۾ وفات ڪري ويو.
سندس فرزند ارجمند مير علي مراد خان انهيءَ ئي سال
پنهنجي موروثي گاديءَ تي ويٺو. مير صاحب موصوف جي
لاءِ مشهور آهي ته خدا ترس ۽ فقير – دوست هو. آخر
پنهنجي پويان ٽي فرزند هر هڪ مير شير محمد خان،
مير شاه محمد خان ۽ مير خان محمد خان ڇڏي، 1252هه
مطابق 1837ع ۾ هن عالم فانيءَ مان عالم جاودانيءَ
ڏانهن انتقال ڪري ويو. انا لله و انا اليه راجعون.
مير شير محمد خان، جنهن کي عوام ”شير سنڌ“ سڏيندا هئا،
بلڪه تاريخن ۾ به کيس شير سنڌ لکيو ويو آهي، ڪمال
جراءت ۽ همت سان ميرپورخاص ۾ پنهنجي موروثي گاديءَ
تي جلوه افروز ٿي حڪمراني ڪرڻ لڳو.
راقم الحروف کي اميد آهي ته پڙهندڙ مٿئين احوال مان چڱي
طرح سمجهي ويا هوندا، 1258هه مطابق 1842ع ۾
حيدرآباد ۾ مير نصير خان ولد مرحوم مير علي مراد
خان، مير محمد خان ولد مرحوم مير غلام علي خان،
مير صوبدار خان ولد مرحوم مير فتح علي خان ۽ مير
نور محمد خان جا فرزند ارجمند مير شهداد خان ۽ مير
محمد حسين علي خان جدا جدا حصن تي حڪمران هئا.
خيرپور ۾ مرحوم مير سهراب خان جا فرزند مير رستم
خان، مير علي مراد خان ۽ مير نصير خان ولد مرحوم
مير مبارڪ خان اگرچه پنهنجن حصن تي حڪومت ڪري رهيا
هئا، تاهم منجهن دلي محبت ڪا نه هئي. ميرپورخاص ۾
مير مراد علي خان ولد مير شير محمد خان هاڪم هيو.
احڪم الحاڪمين جي حڪمت، جا ”تعزمن تشاء و تذل من
تشاء“ ۾ پوشيده آهي، وقت اچڻ تي ظاهر ٿي پئي. مگر
ان جي ظهور ۾ اچڻ جا ڪي ظاهري سبب به هئا جن مان
ڪي هت بيان ڪن ٿا:
حيدرآباد ۽ خيرپور جي حڪمرانن ۾ دسمني ۽ گهرو لڙائي.
مير صاحبن ڪن موقعن تي پنهنجن غير آز مودگار صلاحڪارن جي صلاحن
تي لڳي، برطانوي سرڪار جي عملدارن سان شوخي ڪئي ۽
هنن کي ڪاوڙائي ڇڏيائيون.
واجبي عهد نامن کي غير واجبي سمجهي، مٿن دستخط ڪرن کان انڪار
ڪيائون ۽ برطانوي سرڪار کي، جا وڏي دٻدٻي واري
سرڪار هئي، ناراص ڪري وڌائون.
ڪن موقعن تي برطانوي لشڪر جي سپاهين تي حملا به
ڪيا ويا ۽ کين ڦُريو لُٽيو به ويو.
عهد نامن ۾ طي ٿيل ڪن شرطن جي خلاف ورزي ڪيائون.
مطلب ته تقدير ربانيء موجب مير صاحبن ۽ برطانوي سرڪار جي
درميان، سواءِ علي مراد خان خيرپوريءَ جي، جنهن
پنهنجن ڀائرن ۽ عزيزن جو پاسو ڇڏي، برطانوي سرڪار
جو پاسو ورتو هو، محرم الحرام 1260هه مطابق
فيبروري 1843ع ۾ ۽ ماهه صفر 1620هه مطابق 1843ع ۾
ٻه وڏيون جنگيون هڪ ”مياڻي، ۾ ۽ ٻي ”دُٻي“ ۾
لڳيون، ۽ ٻنهي جنگين ۾ مير صاحبن کي شڪست نصيب ٿي
۽ انگريزي لشڪر جي سالار ۽ (انگريز حڪومت جي
پاران) مڪمل اقتدار جي مالڪ سرچارلس نيپئر کي فتح
۽ نصرت حاصل ٿي. حيدرآباد ۽ خيرپور جي ميرن هٿيار
ڦٽا ڪري، برطانوي سرڪار جي تابعداري ۽ فرمان
برداري قبول ڪئي، سواءِ مير شير محمد خان جي، جو
شڪست کانپوءِ پهريائين ريگستان ڏانهن پوءِ دراسان
ڏانهن ۽ آخر ۾ پنجاب وڃي نواب ليفتيننٽ گورنر
پنجاب جي پيش پيو ۽ سندس فرمان برادري قبول
ڪيائيون. دستور موجب ميرن کي بروقت نظر بند ڪيو
ويو. پهريائين بمبئي ۾ پوءِ پوني، سورت، ڪلڪتي، ۽
هزاري باغ وغيره هنڌن تي برطانوي سرڪار جي عملدارن
جي نظر هيٺ رهيا. گهڻا نظر بنديءَ جي حالت ۾ هن
فاني جهان مان غلام جاودانيءَ ڏانهن راهي ٿيا ۽
ٿورا جئري ئي پنهنجي وطن موٽي آيا، حيدرآباد جا
حڪمران مير، جن جدا جدا هنڌن تي وفات ڪئي پڙهندڙن
جي معلومات لاءِ انهن جا نالا، جن شهرن ۾ وفات
ڪيائون، انهن جا نالا ۽ سندن وفات جا سال لکيا وڃن
ٿا:
مرحوم مير نصير خان. سال 1261هه مطابق 1845ع، ڪلڪتو.
مرحوم مير صوبدار خان. سال 1262هه مطابق 1846ع، ڪلڪتو.
مرحوم مير، مير محمد خان. سال 1271هه مطابق 1857ع ڪلڪتو.
مرحوم مير شهداد خان. سال 1274هه مطابق 1857ع ڪلڪتو.
مرحوم مير محمد حسين خان زنده واپس آيو ۽ 1295هه مطابق 1878ع ۾
حيدرآباد ۾ رحلت ڪيائين ۽ کيس پنهنجن وڏن جي
حيدرآباد واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.
خيرپور جي مير صاحبن مان فقط هيٺيان ٻه حڪمران سنڌ کان ٻاهر نظر
بند هئا، اتي ئي فوت ٿيا:
مرحوم مير رستم خان. 1262هه مطابق 1846ع پونو.
مرحوم مير نصير خان. 1281هه مطابق 1864ع پونو.
حيدرآباد ۽ خيرپور جي مير صاحبن جي لاش ٻاهران آڻي سنڌ ۾ سندن
وڏن جي قبرستان ۾ دفن ڪيا ويا.
مير شير محمد خان (ميرپور وارو) برطانوي سرڪار جو نظر
بند نه هو، بلڪه پنجاب ويل هو (۽آزاد هو)
ميرپورخاص ۾ زنده موٽي آيو. نيٺ 1294هه مطابق
1877ع ۾ رحلت ڪيائين.
مٿي لکيو ويو آهي ته مير علي مراد خان والي خيرپور شروع
۾ ئي پنهنجن ڀائرن (مائٽن) جو پاسو ڇڏي، پاڻ کي
فاتح سپه سالار سر چارلس نيپئر جي حوالي ڪيو هو ۽
برطانوي سرڪار جي فتحيابيءَ کانپوءِ پنهنجي والد
جي ڏنل حصي تي حڪمراني ڪندو رهيو ۽ آخر 1311هه
مطابق 1894ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس لاش ڪربلا
معليٰ نيئي، سيد الشهداء (امام عالي مقام حضرت
حسين عليه السلام) جي پاڙي ۾ دفنايو ويو. هن وقت
سندس ٽيون نمبر فرزند سر مير فيض محمد خان صاحب
بهادر سندس جانشين آهي، جنهن جو تفصيلوار احوال
راقم الحروف جي ٻي تصنيف ”خيرپور نامي“ ۾ درج آهي.
جنهنڪري دوباره لکڻ غير ضروري نظر ٿو اچي.
مناسب معلوم ٿو ٿئي ته ٽالپر خاندان جي حڪمرانن جي
اولاد جو احوال به پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکيو
وڃي.
هز هائينس مير محمد حسن علي خان سي آءِ اي فرزند ارجمند مير
نصير خان حڪمران حيدرآباد کي برطانوي سرڪار وٽان
ٽي هزار رپيه ماهوار پينشن ملندي آهي ۽ نهايت ئي
عزت ۽ فرحت سان حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو نديءَ جي
ڪناري تي قيام پذير آهي ۽ تمام سهڻو بنگلو ۽
باغيچو اٿس.
هزهائينس مير حاجي نور محمد خان فرزند ارجمند مرحوم مير محمد
حسين علي خان (حيدرآباد جو آخري حڪمران) کي به
برطانوي سرڪار وٽان ٽي هزار رپيه پينشن ملندي آهي
۽ حيدرآباد جي ڀرسان سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ڪمال
عزت ۽ فرحت سان وقت گذاري رهيو آهي.
هز هائينس مير عبدالحسين خان فرزند ارجمند مير عباس علي خان ۽
هز هائينس مير محمد حسن علي خان سي آءِ اي جي
پهرئين نمبر ڀائٽي کي برطانوي سرڪار وٽان 8 سئو
رپيه پينشن ملي رهي آهي ۽ حيدرآباد جي سنڌو نديءَ
جي ڪناري تي نهايت ئي عزت ۽ فرحت سان وقت گذاري
رهيو آهي.
خيرپور جي پهرئين حڪمران مرحوم مير رستم خان جي ڏهٽي مير رسم
خان بئي کي برطانوي سرڪار وٽان 12 سئو رپيه پينشن
ملندي آهي. نهايت ئي خوش آهي ۽ تعلقي روهڙيءَ جي
ديهه ”جنوجي“ ۾ پنهنجن سڳن ڀائرن ۽ چاچي سميت
رهائش پذير آهي.
خيرپور جي حڪمران مرحوم مير نصير خان جي فرزند ارجمند هزهائينس
مير علي مدد خان کي برطانوي سرڪار وٽان 950 رپيه
پينشن ملي رهي آهي ۽ تعلقي روهڙيءَ جي ديهه ”علي
آباد“ ۾ تمام سٺو وقت گذاري رهيو آهي.
ميرپورخاص جي حڪمران مرحوم حاجي مير شير محمد خان جي وڏي فرزند
ارجمند هز هائينس مير حاجي فتح خان کي برطانوي
سرڪار وٽان ٻه هزار رپيه پينشن ملندي آهي ۽
ميرپورخاص ۾ تمام خوشيءَ سان وقت گذاري رهيو آهي.
اهي ڇهه ئي مير صاحب، سنڌ جي حڪمرانن جو اولاد آهن. انهن کان
سواءِ ٽالپر خاندان جا اٽڪل هڪ سؤ کن ٻيا مير صاحب
به آهن، جن مان گهڻن کي مناسب پيشن ملندڙ آهي ۽ ڪن
کي جاگيرون ۽ زمينون عطا ڪيل آهن، جن جي تفصيل
بيان ڪرڻ ۾ ڊيگهه ٿيندي، جا هن مختصر ڪتاب جي اصلي
مقصد جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري راقم الحروف طوالف
کي ترڪ ڪري، اختصار کان ڪم ورتو آهي ۽ پڙهندڙن جي
معلومات لاءِ ايترو ڪافي آهي.
باب ٽيون
انگريز سرڪار جي عملدارن جي حڪومت
(60-1259هه مطابق 1843ع کان)
ٽالپرن جي حڪومت جي احوال ۾ لکيو ويو آهي ته مرحوم سر
مير علي مراد خان والي خيرپور کانسواءِ، جنهن
انگريز سرڪار جو پاسو ورتو هو، سنڌ جي ٻين سڀني
ٽالپرن حڪمرانن کي شڪست ملي ۽ سر چارلس نيپئر صاحب
بهادر کي مڪمل فتح حاصل ٿي. ان کانپوءِ هندوستان
جي فرمان روا ۽ گورنر جنرل جناب لارد ايلنبرو صاحب
بهادر جي حڪم مطابق سر چارلس نيپئر سنڌ جي گورنر
نامز ٿيو. کيس ڪي نائب ۽ مددگار (اسٽنٽ) به ڏنا
ويا ۽ سياسي، فوجي ۽ مالي اختيارين سان به سرفراز
ڪيو ويو. سر چارلس نيپئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد اهو
حصو، جو مرحوم مير سهراب خان پنهنجي فرزند سر مير
علي مراد خان کي ڏنو هو، ڇڏي، باقي سڄي سنڌ جي
مٿان حڪمراني ڪرڻ لڳو.
سنڌ جي گورنر جي گادي ڪراچيءَ ۾
انهيءَ زماني ۾ سنڌ جون حدون، جن تي ٽالپر حڪمران هئا،
هيٺينء ريت هيون:
اوڀر ۾ سبزل ڪوٽ تائين. اُتر ۾ خانڳرهه (جيڪب اباد)
تائين ڏکڻ ۾ ننگرپارڪر ۽ ڪڇ جي رڻ تائين ۽ اولهه ۾
سمنڊ تائين. جيتوڻيڪ انگريزن جي حڪومت ۾ سرڪاري
ڪاروبار دستوريءَ ريت ڏاڍي سهڻي نموني سان سر
انجام ٿيندو رهندو هو پر ڪي اهم ۽ عجيب ڳالهيون به
ٿينديون، جي مختصر طور تي هت لکيون وڃن ٿيون:
ڪي اشتهار ڪڍيا ويا، جن مان ڪن جو مطلب بيان ڪجي ٿو (مثال طور)
سنڌ جو ملڪ، جو ٽالپر حڪمرانن جي قبضي ۽ حڪومت هيٺ
هوندو هو، هاڻي انگريز زرعي زمين وغيره جي ڍل
انگريز سرڪار جي عملدارن کي ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ
جي رهاڪن مان ڪو به ماڻهو انگريز سرڪار جي خلاف
ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪندو، اهو جاني ۽ مالي
نقصان جو مستحق ٿيندو. جاگيردار ۽ اهي ماڻهو، جن
کي ڍل معاف ڪيل آهي ۽ هو 17 فيبروري 1843ع تائين
انهن زمينن تي قابض هئا، حاضر ٿي، سلاميءَ جو
پروانو حاصل ڪن ۽ پنهنجين ڍل معاف ڪيل زمينن تي
قابض ٿين. 17 فيبروري 1843ع جي تاريخ، سنڌ جي
تاريخ، سنڌ جي فتح جي تاريخ هئي ۽ سلاميءَ جا
پروانا انگلينڊ جي ملڪه معظمه ۽ هندوستان جي قيصره
(ملڪه وڪٽوريه) جي يوم ولادت (سالگره) تي جاري ڪيا
ويا از انسواءِ مير شير محمد خان جي گرفتاريءَ جي
باري ۾ به جو ڀڄي ويل هو، چڱين رٿن تي عمل ڪيو
ويو.
ڪراچي ضلع جي لاءِ ميجر هنري پريڊيءَ کي مڪمل
اختياريون ۽ مناسب عملو ڏئي، ڪليڪٽر ۽ (ضلع)
مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت حيدرآباد ضلع ۾
ڪيپٽن رٿبو رن کي ۽ شڪارپور ضلع ۾ ڪيپتن گولڊنيءَ
کي (ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ) مقرر ڪيو ويو ۽ اهي صاحب
سپرد ڪيل ذمه داريون خوش اسلوبيءَ سان بجا آڻڻ
لڳا.
ڪم ڪار ۾ سهولت لاءِ سڄي سنڌ جي اندر ڪيلڪٽرن جي
هيٺان ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ڪيا ويا.
ڊپٽي ڪليڪٽرن جي هيٺان ديسي ماڻهن کي ڪاردار ۽ سزا
دل ڪار مقرر ڪيو ويو ۽ سڀئي پنهنجي فرائض جي بجا
آوريءَ ۾ مصروف ٿي ويا.
پوليس ملازمن جو بندوبست ڪيو ويو، جن ۾ سوار به هئا ۽ پيادا به
جي پهرو به ڏيندا هئا ۽ چور به پڪڙيندا هئا. پوليس
جي کاتي جون اختياريون ڪيپٽن مارسٽن صاحب کي ڏنيون
ويون ۽ سندس هٿ هيٺ هر ضلع ۾ ”ضلع عملدار“ ڊسٽرڪٽ
سپرنٽينڊنٽ پوليس، الڳ مقرر ڪيا ويا، جن کي
”ڪيپتن“ سڏيو ويندو هو ۽ سندن بالا عملدار (ڪيپٽن
مارسٽن) کي ”ڪمانڊنگ پوليس“.
سال 1264ع هه مطابق 1848ع ۾ افغانستان جي والي امير دوست محمد
خان جي فرزند ۽ افغانستان جي وزير اعظم سردار محمد
اڪبر خان جي انتقال پُر ملال جي خبر مشهور ٿي.
جڏهن حڪومت جو زياده تر ڪاروبار جهڙوڪ مالي، انتظامي ۽ سياسي
سهڻي نموني سان سر انجام ٿيڻ لڳو ۽ شورش، فتنو ۽
فساد ختم ٿيو، تڏهن يعني 1263هه مطابق 1847ع جي
آخر ۾ سرچارلس نيپئر سنڌ جو گورنر ولايت (انگلينڊ)
روانو ٿي ويو ۽ اتي وڃي پنهنجين خدمتن کان سبڪدوش
ٿيو (رٽائر ڪيائين).
پهريون ڪمشنر مسٽر برنگل صاحب بهادر
سال 1263هه جي آخر ۾ ۽ سال 1847ع جي شروع ۾ مسٽر پرنگل، جو
بمبئي (صوبي) جي چيف سيڪريٽريءَ جي عهدي تي فائز
هو، ڪراچيءَ آيو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنريءَ جي
عهدي ۾ تخفيف ڪري، کيس ڪمشنريءَ ۾ تبديل ڪيو ويو،
۽ سنڌ جو ڪمشنر، بمبئي جي گورنر جي ماتحت رهي، ڪم
ڪرڻ لڳو. انهيءَ وقت بمبئي جو گورنر سرجارج ڪلارڪ
هو. اگرچه هن ڪمشنر (مسٽر پرنگل جي ڏينهن ۾ حڪومت
جو ڪاروبار تمام سهڻي نموني سان هلي رهيو هو، مگر
هڪ وڏي ڳالهه جا انهيءَ وقت ٿي سان اها هئي، جو
خيرپور جي والي سر مير علي مراد خان، سنڌ جا ڪي
ٽڪرا، جي دراصل انگريز سرڪار جا هئا، پنهنجي قبضي
۾ رکي هئا، جنهنڪري سرڪاري صلاحڪارن جي اڳيان
انهيءَ حقيقت جي جاچ لاءِ رٿ پيش ڪئي وئي. جاچ جو
نتيجو اهو نڪتو، جو انهن ٽڪرن تي انگريز سرڪار جو
حق ثابت ٿيو، جنهن جي رپورٽ مٿي (انگريز سرڪار کي)
ڪئي وئي. انهيءَ ڳالهه جو تفصيلوار احوال ”خيرپور
نامي، ۾ درج ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري دوباره ان جي
لکڻ جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن هن ڪتاب جي پڙهندڙن
کي انهيءَ ڳالهه معلوم ڪرڻ جي خواهش هجي ته
”خيرپورنامو“ صفحي 36 کان 41 تائين ڏسن.
سال 1266هه مطابق سال 1849ع ۾ هندوستان جو فرمانروا ۽ گورنر
جنرل لارڊ ڊلهوزي صاحب بهادر سنڌ مان درياء جي
رستي لانگهائو ٿيو.
مٿي ڄاڻايل سالن ۾ پهرين ۽ ٻي پلٽڻ ”بلوچي“ ۽ ”سنڌي“ قائم ڪرڻ
جي رٿ تي عمل ڪيو ويو. اهي پلٽڻون اڃا تائين
ساڳيءَ ريت قائم آهن ۽ گهڻو ڪري سنڌ جي اندر ئي
رهن ٿيون.
سال 1266هه مطابق سال 1849ع ۾ ملتان جو قلعو ۽ پنجاب جو صوبو
انگريز سرڪار جي قبضي ۾ آيو.
ڪيترن ئي معاملن جي سر انجامي بعد سال 1267هه
مطابق سال 1850ع ۾ هي ڪمشنر به ولايت (انگلينڊ)
ويو ۽ اتي وڃي گهر ويهي رهيو (رٽائر ڪيائين).
ٻيو ڪمشنر سر بارٽل فريئر صاحب بهادر
1268هجري مطابق 1581عيسويءَ جي شروع ۾ بمبئيءَ کان
ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي چارج ورتائين.
پهريائين مسٽر ايليس صاحب ۽ مسٽر بيلاس صاحب سندس
اسٽنٽ هئا. هن ڪمشنر جي زماني ۾ اگرچه گهڻا ڪم سر
انجام ٿيا، پر بطور ”مشتي نمونه از خرواري“ هت ڪن
اهم ڪمن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جي ظاهر آهن ۽ انهن جو
اثر اڃا تائين قائم آهي:
1269هه مطابق 1852ع ۾ هندوستان جي فرمانروا ۽ گورنر جنرل جناب
مارڪوئيس آف ڊلهوزي صاحب بهادر جي حڪمنامي جي
تعميل ڪئي وئي، جو سنڌ جي انهن ديهن جي واپسيءَ جي
باري ۾ هو، جي سر مير علي مراد خان جي قبضي ۾ هيون
۽ جن جي باري ۾ مٿي (انگريز سرڪار کي) رپورٽ ڪيل
هئي. گورنر جنرل صاحب بهادر پنهنجي فوج ظفر موج
سميت روهڙيءَ جي ويجهو اچي منزل انداز ٿيو ۽ انهن
ديهن جي واپسيءَ لاءِ مناسب انتظام ڪيائين ۽ اهي
ٽڪرا واپس وٺي، شڪارپور ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ شامل
ڪري ڇڏيائين، جن تي انگريز سرڪار جي عملدارن جو
عمل دخل رهيو. جو اڃا تائين ساڳيءَ ريت قائم آهي.
اهي ديهون هيءُ آهن (1) ڏهرڪي (2) مهرڪي (3)
ماٿيلو (4) بلد ڪو (5) موغلجا (6) ساهتي (7) لڌو
گاگن (8) چڪ هزار چو ۽ (9) روپا وغيره.
مٿي ڄاڻايل سالن ۾ سنڌ جي رهاڪن جي سهولت خاطر سنڌي اکر عربي
رسم الخط ۾ لکڻ جو فرمان جاري ٿيو ۽ سنڌ ۾ مڪتب ۽
مدرسا (اسڪول) قائم ڪري، سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ
جو رواج وڌو ويو. سرڪاري دفتر، جن ۾ فارسي زبان
رائج هئي، انهن ۾ فارسيءَ جو رواج بند ڪري، سنڌي
ٻولي ۽ سنڌي رسم الخط رائج ڪيو ويو. سنڌ جا رهاڪو
انهيءَ سهولت جي ڪري، جا کين لکپڙهه ۾ ميسر ڪري
ڏني وئي، ڏاڍو خوش ٿيا. هن ڪم ۾ مسٽر ايليس جي
صلاح کي وڏو دخل هو.
مٿين سالن ۾ سنڌ جي هر ضلع جي اندر تپيدار، ڪاردار، مختيارڪار ۽
انهن جي مٿان دفتر دار مقرر ڪيا ويا. انهن سرڪاري
ملازمن جي حصي (ڍل) وصول ڪرڻ سان گڏوگڏ زميندار ۽
آبادگارن سان به اهڙو سهڻو ۽ سهولت ڀريو سلوڪ ڪيو،
جو رعيت نهايت ئي خوش ٿي.
مٿين سالن ۾ نواب بهاول خان والي رياست بهاولپور جي وفات جي خبر
آئي ۽ انگريز سرڪار، مرحوم نواب صاحب جي فرزند جي
وڏي ٿيڻ تائين رياست جو انتظام پنهنجي هٿ ۾ رکيو.
انهن سالن ۾ ديواني مقدمن نبيرڻ ۽ قرضخواهن ۽ قرضدارن سان انصاف
ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ جي سنڌ جا سڀ کان
وڏا شهر هئا، منصف مقرر ڪيا ويا، جن تمام سهڻي
نموني ۾ انصاف ٿي ڪيو. انهن شهرن جا بالا عملدار
مئجسٽريٽ صاحب هوندا هئا. انهن منصفن کي هن زماني
۾ سبارڊينيٽ جج سڏيندا آهن، جي اڪثر شهرن ۾ مناسب
موعقن تي انصاف جي طالبن سان انصاف ڪندا آهن.
انهن ئي سالن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ”قاعده نمبر 126 سال 1852ع“
جاري ڪيو ويو، جنهن جو مطلب هو انهن شهرن ۾ صفائي
۽ روشني. انهيءَ اداري کي، جنهن جي هٿ ۾ صفائي ۽
روشنيءَ جو بندوبست آهي ”ميونسپالٽي“ سڏيو وڃي ٿو
۽ اهو ادارو هاڻي ڪيترن ئي قسمن جي قاعدن تي مشتمل
آهي.
انهن ئي سالن ۾ هارين، کاتيدارن ۽ زميندارن جي آباديءَ ۾ واڌاري
لاءِ وڏي ناري (اوڀارين واه) جي کاٽي، صفائي ۽
ويڪرائي جو بندوبست ڪيو ويو، جو اڃا تائين قائم
آهي.
سال 1270هه مطابق سال 1853ع ۾ حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي مير
صاحبن منجهان اڪثر مير صاحب آزاد ٿي، سنڌ ۾
پنهنجين جڳهن تي واپس آيا، جي ڪلڪتي، هزاري باغ،
پوني ۽ لاهور وغيره شهرن ۾ انگريز سرڪار جي
نظربنديءَ هيٺ هئا. اهي سڀئي مير صاحب پنهنجي
حيثيت ۽ درجه آهر انگريز سرڪار کان وظيفا، زمينون
۽ عطيا حاصل ڪري، گذارو ڪري رهيا آهن. |