منهنجا پيار ايجرلي!
مان هيءَ پرچي خان صاحب خدا داد خان کي ڏيان ٿو. هو
منهنجي لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ثابت ٿيو. مان اوهان
جو به تمام گهڻو احسامند آهيان، جو مون کي اهڙو
سٺو خدمتگذار ڏنو.
صحيح
ٽي توالمين رينالڊس صاحب بهادر
جنهن وقت اها چٺي ڪمشنر صاحب بهادر کي ڏني وئي، ته ڏاڍو
خوش ٿيو.
انگريزي مراسلي نمبر 769، مؤرخه 20 جون 1888ع (1302هه) جي فقري
پنجين جو ترجمو، جو هندستان سرڪار جي ٻاهرين
معاملن جي وزير ڏانهن جناب پوليٽيڪل ايجنٽ اولهه
پاڪستان لکيو
فقرو پنجون
ايوانس گارڊن صاحب جي اچڻ تي، اسين ڪمشنر صاحب سان
ملاقات ڪرڻ لاءِ وياسين. هن صاحب مهرباني ڪري
پنهنجي پوليتيڪل منشي صاحب خدا داد خان کي، منهنجن
حڪمن جي تعميل لاءِ منهنجي حوالي ڪيو.منهنجا ملازم
ٿورا هئا ۽ اهي ڪراچيءَ ۾ ضروري ڪمن جي انتظام ۽
تياريءَ ۾ ايتريقدر مصروف هئا، جو انهن مان هڪڙي
ڄڻي کي به سپرد ڪيل ڪمن جي بجاء، کاڌي پيتي جي
مٿان نظرداريءَ جي لاءِ مقرر ڪري نه ٿي سگهيس، جا
سنڌ ۾ نارٿ ويسٽرن ريلوي جي ٽنهي اسٽيسنن تي ڪرڻي
هئي. انهيءَ ڪري مان خان صاحب جي اطمينان بخش ڪم
کان جو منهنجي مرضيءَ جي مطابق خوش اسلوبيءَ سان
ڪيائين، ڏاڍو خوش ٿيس. مان ڪمشنر صاحب جو شڪريو
ادا ٿو ڪريان، جو مون کي ضلع عملدارن سان بندوبست
۾ مدد ڪرڻ لاءِ لکپڙهه ڪرڻ جي خاص اجازت ڏنائين.
مان ڪراچي ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽر صاحبن ڪرنل ڪرافورڊ
صاحب ۽ ڪرنل ميهو خان صاحب جو به شڪر گذار آهيان،
جو مهرباني ڪري ڪوٽڙي ۽ سکر ريتي (اوٻاوڙو) جي
مختيارڪارن کي، سنڌ مان سردار ايوب خان جي لنگهي
وڃڻ وقت مدد ڪرڻ جو حڪم ڪيائون. هن خط موڪلڻ وقت
ڪرنل رينالڊس صاحب به ڪمشنر صاحب کي درخواست ٿو
ڪري ته اها حقيقت پنهنجي ڌيان تي رکي ته سردار
ايوب خان، جي، راولپنڊيءَ ڏانهن سفر ڪرڻ وقت خان
صاحب خدا داد خان سهڻيون خدمتون بجا آنديون.
انهن ڏينهن راقم الحروف جو وڏو ڀاءُ الله داد وفات ڪري
ويو. انا الله و انا اليه راجعون.
سال 1302هه مطابق 1888ع ۾ ”دينسو محل“ (ڊينسو هال) ڪراچيءَ ۾ هڪ
عالي شان دربار منعقد ڪئي وئي. انهيءَ دربار
دُربار ۾ راقم الحروف کي ”خان صاحب“ جي لقب جي
سَنَدَ عطا ڪئيوئي، جنهن لاءِ سفارش جو اهوال مٿي
مسٽر ارسڪين صاحب بهادر جي ڪار گذارين ۾ بيان ڪيو
ويو آهي. وڏي سرڪار حشمت مدار (هند سرڪار) وٽان
سَندَ آيل هئي، جا عطا ٿي. انهيءَ موقعي تي
سرچارلس پرچرڊ صاحب بهادر، راقم الحروف جي باري ۾
انگريزيءَ ۾ جيڪا تقرير دلپذير ڪئي، انهيءَ جو
ترجمو ۽ انهي سَندَ بابت تحريرن جو ترجمو پڙهندڙن
جي لاءِ درج ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ دربار ۾ مرحوم حسن
علي ۽ مرحوم غلام دستگير کي به لقبن جون سندون عطا
ڪيون ويون.
روز ليوشن نمبر 139، پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ جو حڪم
مؤرخه پهرين جنوري 1888ع
اُنهن معززن جي لاءِ لقبن جون سندون موڪلڻ، جن کي لقبن
ڏيڻ جي باري ۾ تجويزون پهتل هيون. سنڌ جي ڪمشنر جي
آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد ولد راضو خان
جي لاءِ سَنَدَ، سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن .
صحيح
مسٽر ڊبليو بي وارنر صاحب
سيڪريٽري بمبئي سرڪار
نمبر 1662، مؤرخه 20 آگسٽ 1888ع (1302هه)
خان صاحب خدا داد خان کي اطلاع
ته، جناب گورنر جنرل صاحب بهادر هندوستان وٽان، خان
صاحب خدا داد خان جي لاءِ ”خانصاحبي، جي لقب جي
سَنَدَ آيل آهي، جا جناب ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ جي
هٿان ڏني ويندي. انهيءَ ڪري درخواست ٿي ڪجي ته هو
21 آگسٽ 1888ع مطابق 1302هه خميس ڏينهن پنجين بجي
اچي حاضر ٿئي.
صحيح
ڪرنل ڪرافورڊ ڪليڪٽر ڪراچي
مٿئين لکڻي موجب راقم الحروف خدا داد خان دربار ۾ حاضر
ٿيو. جناب ڪمشنر صاحب بهادر دَربار دُربار ۾ سَرُ
وقد ٿي (اُٿي بيهي) هيٺينءَ ريت تقرير پڙهي.
ملاحظه ٿئي. اخبار ”سنڌ گزٽ“ انگريزي مؤرخه 24
آگسٽ 1888عمطابق 1302هه، جنهن انهيءَ تقرير جي
ڪاپي ورتي هئي، جا سرچارلس پرچرڊ صاحب بهادر ڪمشنر
سنڌ، ڊينسو محل ۾ اڱاري ڏينهن
[1] ”خانصاحبي“ جي
لقب جي سَنَدَ ڏيڻ وقت ڪئي. اها سَنَدَ هندوستان
جي حڪمران ۽ گورنر جنرل صاحب بهادر وٽان، خان صاحب
خدا داد خان جي لاءِ آيل هئي ۽ تاريخ 21 آگسٽ
1888ع تي کيس ڏني وئي. تقرير هيءُ آهي:
”خان صاحب خدا داد خان سرڪار جو پراڻو خدمتگار آهي.
سندس نوڪريءَ جو عرصو پنجٽيهه سال آهي. هن جو گهڻو
واسطو سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس سان رهيو آهي.
جوانيءَ جي زماني ۾ هن شخص اهڙا اهم ڪم سر انجام
ڪيا آهن، جو ڪن حالتن ۾ سندس جان خطري ۾ پئجي وئي.
سندس نوڪريءَ جا آخري سال اهڙي ريت گذري آهن، جو
مان وڏي خوشيءَ سان چئي سگهان ٿو ته اهڙن خدمتن جي
بجا آوري هميشه ڪري نه سگهبي آهي (جيئن هن ڪئي
آهي). ڪمشنر صاحب جي آفيس جي سياسي شعبي جي ذمه
داري هن وقت تائين هن جي سپرد رهي آهي ۽ اهو اصل
کان وٺي ”خان صاحب“ جي لقب سان مشهور رهيو آهي.
مگر اهو هن جي تعظيمي لقب آهي، جو خاص خدمتن بجا
آڻڻ سبب حاصل ڪيو اٿس. جنابه ملڪه معظمه قيصرهء
هندوستان جي جبليءَ جي موقعي تي سرڪار کي درخواست
ڪئي وئي هئي ته هن معزز شخص کي خطاب عطا ڪيو وڃي
جو هن جو حق آهي. مگر اهو خطاب، هن جو آخري انعام
نه آهي ۽ اڃا هن جي خدمتگذاري جاري آهي، جا پوري
نه ٿي آهي. هيءَ لقب هن جي خدمتگذاري ۽
ايمانداريءَ کي پسند ڪرڻ جي هڪ علامت آهي، جا
سلطنت بلند مرتبت جي تاج جي ماتحت سر انجام ڪئي
اٿس.
سَنَدَ جي فرمان جو ترجمو
خدا داد خان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جا وڏا منشي! اوهان
جي لاءِ هن فرمان جي ذريعي ”خان صاحب“ جو خطاب
مقرر ڪيو وڃي ٿو.
فورٽ وليم (ڪلڪته) 2 جنوري 1888ع
صحيح
لارڊ ڊفرن صاحب بهادر فرمان فرما ۽ گورنر جنرل هندوستان
(4) سال 1303هه مطابق سال 1888ع جي آخر ۾ مسٽر پارومل خوبچند
سيوهاڻيءَ تي، جو جيڪب آباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو،
رشوتخوريءَ جو ڪيس ٿيو ۽ انڪوائريءَ ۾ مٿس ڏوهه
ثابت ٿيو، جنهنڪري کيس نوڪريءَ کان برطرف ڪيو ويو.
آخر بيڪاريءَ جي زماني ۾ رنج، تڪليف ۽ بي عزتي سبب
مري ويو. سندس اولاد سيوهڻ ۾ موجود آهي.
(5) مٿين سالن ۾ آبڪاريءَ جا معاملا، جي بالڪل بي ضابطي هئا،
سڌريا ۽ سهڻي نموني هلڻ لڳا.
(6) سر مير علي مراد خان صاحب لاءِ به توپون زياده منظور ٿيون.
گويا جملي اڻويهه توپون ٿيون، جي سندس حياتيءَ
تائين سر ٿينديون رهيون.
(7) مٿين سالن (4-1303هه مطابق 89-1888ع) ۾ راقم الحروف جي
پگهار هڪ سؤ پنجاهه رپيا مقرر ڪئي وئي. جا ڳالهه
هيٺين تحرير مان جا انگريزيءَ جو ترجمو آهي،
پڙهندڙن کي معلوم ٿيندي. پڙهندڙن کي مٿي ڄاڻايل
تحريرن مان چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو، ته سنڌ جي
ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽرن جي عهدن ۾ تخفيف کانپوءِ
راقم الحروف پوري هڪ سال تائين جاگيري معاملن جي
ڊيوٽيءَ تي رهيو هو، جنهن جي پگهار ٻه سؤ رپيا
آهي. ان کانپوءِ راقم الحروف هڪ سؤ رپيا پگهار
سياسي شعبي مان ۽ ٽيهه رپيا رجسٽريشن جي شعبي مان
جملي هڪ سؤ ٽيهه رپيا پگهار کڻندو هو. وري جڏهن
رجسٽريشن ڊپارٽمنٽ ختم ڪئي وئي، ته سر پرچرڊ صاحب
بهادر ڪمشنر سنڌ قدر داني ۽ حق شناسيءَ جي خيال
کان مهرباني فرمائي، بمبئيءَ سرڪار سان لکپڙهه
ڪري، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو، هڪ سؤ پنجاهه رپيا
پگهار ۽ فورٿ ڪلاس عهدو ڏياريو، جنهن تي مان
(چوٿون درجو) مختيارڪاريءَ جو هن وقت فائز آهيان.
اها لکپڙهه هيءَ آهي:
ڪراچي نمبر 334 سال 1888ع مطابق سال 1302هه
پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ سنڌ جي ڪمشنر سر پرچرڊ صاحب
بهادر جي پاران گورنر ۽ بامبي پريزيڊنسيءَ جي صدر
جناب لارڊ ري صاحب بهادر جي خدمت ۾
منهنجا سائين! مان هيءَ ڳالهه اوهان صاحبن جي ڌيان
مبارڪ تي آڻڻ ٿي گهران، ته سرڪار جي حڪم نمبر
6601، مؤرخه 13 آگسٽ 1885ع مطابق 1299هه موجب، سنڌ
جي ڪمشنر صاحب جي آفيس جي سياسي شعبي جي وڏي منشي
خان صاحب خدا داد خان کي رجسٽريشن جي شعبي مان
الائونس طور جيڪي ٽيهه رپيا ڏيڻ منظور ڪيا ويا هئا
۽ کيس ملندا رهندا هئا، سي هاڻي انسپيڪٽر جنرل
رجسٽريسن سنڌ جي آفيس بند ٿي وڃڻ بعد، کيس ملڻ بند
ٿي ويندا. انهيءَ ڪري مان اوهان صاحبن جي خدمت ۾
درخواست ٿو ڪريان انهيءَ اڻ مقرر ٿيل بندوبست جي
باري ۾ ته ان جي ذريعي هڪ پراڻي ۽ اعتماد جوڳي
ملازم کي بچايو وڃي ۽ سرڪار کي انهيءَ بندوبست جي
ڪري زياده خرچ به ڪرڻو پوندو.
(2) مان اها حقيقت وضاحت سان عرض ٿو ڪريان ته وڏو منشي خان صاحب
خدا داد خان دوري جي وقت سنڌ جي ڪمشنر صاحبن جي
دربارن جو انتظام تمام سهڻي نموني ۾ ڪندو آهي ۽
جڏهن سنڌ جا چونڊ ۽ معزز ماڻهو ملاقات لاءِ ايندا
آهن، ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ وقت ترجمان جا فرائض بجا
آڻيندو آهي ۽ هيءُ وڏو منشي ٻين منشين جي ڀيٽ ۾
عزت ڀرئي نموني سان رهندو آهي ۽ سفر جي حالت ۾
نهايت ئي عزت سان هلندو آهي. هو جڏهن نوڪريءَ جي
بوجهه کان سبڪدوش ٿيندو، انهن جي سر انجاميءَ جي
ذمه داري کيس دفتردار جي حوالي ڪرڻي پوندي،
جنهنڪري مان هن تجويز کي اڻ مقرر ٿيل طريقي سان
(غير رسمي طور تي) پيش ڪريان ٿو، ته منظور ڪئي
وڃي.
(3) مان اوهان صاحبن کان اجازت ٿو گهران ۽ منظوري ٿو وٺان خان
صاحب خدا داد خان کي چوٿين درجي جو مختيارڪار مقرر
ڪرڻ ۽ هڪ سو پنجاه رپيا پگهار ڏيڻ جي باري ۾.
انهيءَ عرصي ۾ هو پنهنجي ڊيوٽي آفيس (ڪمشنر جي
آفيس) ۾ ڏيندو رهندو، ته جيئن نوڪريءَ جي سلسلي
سان ڳنڍيل رهي ۽ سندس اصلي پگهار کان جا هڪ سؤ
رپيا آهي، کيس تيستائين پنجين درجي جي مختيارڪار
جو الائونس زياده ڏنو وڃي، جيستائين هو نوڪريءَ
کان رٽائر ڪري جا تن يا شايد چئن سالن جي عرصي ۾
پوري ٿيندي. ان کانپوءِ اها غير رسمي ۽ غيرمستقل
تجويز پاڻ مرادو بند ٿي ويندي.
(4) سفر يا ريل گاڏيءَ وغيره جو الائونس، جو خان صاحب خدا داد
خان کي ملي ٿو، اوترو ئي مختيارڪار کي به ملي ٿو.
انهيءَ صورت ۾ سرڪار کي ڪو به نقصان نه رسندو.
(5) هن تجويز سبب سرڪار جو خرچ زياده نه ٿيندو ۽ فقط پنجين درجي
جي هڪ مختيارڪار جو عهدو زياده ٿيندو ۽ انهيءَ
بندوبست ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي ۽ نه ڪنهن ٻئي
طريقي سان مشڪل صورت حال پيدا ٿيندي. بلڪه جيڪو
آفيسر ٻه سؤ پنجاه رپيا پگهار سان ايڪسٽر اسسٽنٽ
(ڊپٽي ڪليڪٽر) جي عهدي تي رهي ٿو ۽ بار بار تخفيف
جي زد ۾ اچي نقصان برداشت ٿو ڪري ان کان ڇٽي
پوندو، ۽ هن کانپوءِ جيڪڏهن سرڪار جائز طريقي سان
(قاعدي مطابق) تخفيف ڪندي ته هن کي انهيءَ تجويز
سبب ڪو به نقصان نه رسندو.
(6) مان منظوري وٺڻ کانسواءِ هن کي مختيارڪاريءَ جو عهدو ڏئي
سگهان ٿو، مگر منهنجو اصلي مطلب هيءُ آهي، ته هو
پوءِ به هن ئي آفيس ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو رهي، جيئن
هاڻي ڪري ٿو. انهيءَ ڪري مان تجويز پيش ٿو ڪريان
ته هن کي مختيارڪاري ڏني وڃي جيئن هاڻي آهي ۽ هن
جي اصلي پگهار تي ٻيو هڪ مختيارڪار مقرر ڪرڻ ۾
اچي. مون کي پورو پورو يقين آهي ته سمورين حالتن
کي نظر ۾ رکڻ بعد، منهنجي استدعا کي هروڀرو رد نه
ڪيو ويندو ۽ منظوري ڏني ويندي.
اطلاع نمبر 2، مؤرخه 2 جنوري 1889ع (1306هه) ڪيمپ
مورو (ضلعو حيدرآباد) مراسلي نمبر 8358، مؤرخه 14 ڊسمبر
1888ع (1306هه) جي جواب ۾
خدمت ۾ عرض ڪيو وڃي ٿو ته اڪائونٽ جنرل صاحب پنهنجي
مراسلي جي فقري نمبر 7 ۽ 8 ۾ جيڪيلکيو آهي، مان ان
تي پنهنجي راءِ جو اظهار ٿو ڪريان ته خان صاحب خدا
داد خان چوٿين درجي جو مختيارڪار ٿئي ۽ پنهنجي
ڊيوٽي سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڏيندو رهي.
انهيءَ بندوبست منجهان اهو مطلب نه آهي ته خان
صاحب خدا داد خان کي رجسٽريسن ڊپارٽمنٽ جي ختم ٿيڻ
سبب جيڪو نقصان پهتو آهي، هن کي اهو اضافو سرڪاري
سببن جي ڪري يعني سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾
رهڻ، بار بار تخفيف هيٺ اچڻ کان بچڻ، آفيس جي
ملازمن جي اصلاح ڪرڻ ۽ آفيس کي نه ڇڏڻ سبب ڏنو ويو
آهي. هن ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته جيڪڏهن خان صاحب خدا
داد خان کي ڪمشنر صاحب جي آفيس مان مختيارڪاريءَ
جي عهدي تي وڃڻ تي ڏنو وڃي ها، ته هو اڄ کان اڳ ۾
چند سالن جي اندر ”پهرئين درجي جي مختيارڪار“.
بلڪه ”غير مستقل ڊپٽي ڪليڪٽر“ جي عهدي تي پهچي وڃي
ها. پر جيئن ته هن جي خاص خوبين جي ڪري، جو
جاگيراتي ۽ سياسي معاملن کان پوري واقفيت رکي ٿو،
هن کي ڇڏي نٿو سگهجي ۽ ائين ڪرڻ سبب هن کي پگهار
جو به ۽ عزت جو به نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو،
جنهنڪري اهو بندوبست ڪيو ويو آهي ته هن کي
مختيارڪار جو گريد ڏئي، پراڻي دستور موجب هن جي
ڊيوٽي سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ رکي وڃي.
(2) اڪائونٽنٽ جنرل صاحب اها حقيقت سمجهڻ ۾ غلطي ٿو ڪري ته خان
صاحب خدا داد خان کي جيڪا پگهار رجسٽريشن جي شعبي
مان ملندي هئي، اها مخصوص هئي ۽ پينشن جو حق نه
هو. حالانڪه رجسٽريشن جي شعبين مان هن کي ملندڙ
پگهار به ٻين پگهارن وانگر هئي ۽ پينشن جو حق
رکندڙ هئي.
(3) سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي نظر ۾ انهن مشڪلاتن کي دفع ڪرڻ جو فقط
هڪڙو رستو آهي ته خان صاحب خدا داد خان کي چوٿين
گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي تي مقرر ڪيو وڃي ۽ هو
پنهنجي ڊيوٽي ڪمشنر صاحب جي آفيس ۾ ڏيندو رهي.
اڪائونٽنٽ جنرل صاحب پنهنجي مراسلي جي فقري نمبر 8
۾ جو ڪجهه لکيو آهي، ن اتي توجهه ڏئي نٿو سگهجي.
خان صاحب خدا داد خان پير مرد آهي، جنهنڪري هن کان
اها تقاضا ڪرڻ ته هو ”جڊيشل“ امتحان پاس ڪري،
مناسب نه آهي. از انسواءِ هن کي ضلعي کان ٻاهر به
موڪلي نٿو سگهجي. جتي آهي، اتي ئي هن جو رهڻ ضروري
آهي ۽ جنهن هنڌ هن جي ڊيوٽي آهي، اها تمام
فائديمند آهي. خان صاحب خدا داد خان کي ڪمشنر جي
آفيس مان ڇڏڻ ۽ کيس ٻين مختياڪارن جي گروه ۾
شاملڪرڻ سبب، پگهار جي گهٽ وڌائي يا ريل گاڏيءَ جي
الائونس جو سوال پيدا نه ٿو ٿئي.
(4) انهيءَ ڪري سنڌ جو ڪمشنر هن باري ۾ التجا ٿو ڪري ته اصلي
بندوبست برقرار رکيو وڃي. جيڪڏهن سرڪار، اڪائونٽنٽ
جنرل جي مراسلي جي فقري نمبر ستين تي ڌيان ٿي ڏئي،
ته به چوٿن گريڊ جو هڪ مختيارڪار وڌي ٿو. انهيءَ
صورت ۾ پگهارن جي باري ۾ جيڪا تجويز آهي، سا هڪ
جيتري ٿي ٿئي. انهيءَ مراسلي ۾ هن مراسلي سان گڏ
يادداشتون موڪليان ٿو. مگر سنڌ جو ڪمشنر سمجهي ٿو
ته شروع ۾ جا ڳالهه تجويز ڪئي وئي آهي، ان ۾
اعتراص جهڙي ڳالهه ڪا نه آهي، ۽ اميد اها آهي ته
مراسلي نمبر 1354 مؤرخه 14 سيپٽمبر 1888ع (1306هه)
۾ جيڪا منظوري گهري وئي آهي، اها نظر انداز نه ڪئي
ويندي ۽ منظوري ڏني ويندي.
صحيح
سر چارلس پرچرڊ صاحب
ڪمشنر سنڌ
سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خدا داد
خان جو چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي تي مقرر
ٿيڻ ۽ پنهنجي ڊيوٽي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس ۾
جاري رکڻ.
نمبر 1148 ملڪي کاتو بامبي پريزيڊنسي
فيبروري 1889ع (1301هه)
سنڌ جي ڪمشنر جو مراسلو نمبر 1354 مؤرخه 14 سيپٽمبر
1888ع (1306هه) جنهن ۾ معقول سبب يان ڪري، منظوري
گهري وئي آهي ته سندس آفيس جي وڏي منشي خان صاحب
خدا داد خان کي چوٿين گريڊ جي مختيارڪار جي عهدي
تي هڪ سؤ پنجاه رپين پگهار سان مقرر ڪري، سندس
ڊيوٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ جاري رکي وڃي، ۽ سندس اصلي
پگهار هڪ سؤ رپين تي ٻيو هڪ پنجين گريڊ جو
مختيارڪار مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن خان صاحب خدا داد
خان سرڪاري نوڪريءَ ۾ قائم رهندو اچي.
سموري لکپڙهه آخري فيصلي لاءِ مراسلي نمبر 1606، مؤرخه 3 آڪٽوبر
1888ع سان گڏ، پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ وٽان پهتي.
اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو 22692 مؤرخه 28000000 پهتو.
ڪمشنر سنڌ جو مراسلو نمبر 2 مؤرخه 2 جنوري 1889ع
پهتو.
بمبئي سرڪاري جو حڪم
سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪو انتظام ڪيو آهي ته خان صاحب خدا
داد خان چوٿين گريڊ جو مختيارڪار ٿئي ۽ ڊيوٽي سندس
آفيس ۾ ڏئي، اهو بندوبست قاعدن موجب، جي سرڪار جي
حڪم نمبر 3734 مؤرخه 18 ڊسمبر 1886ع (1304هه) ۽
نمبر 8408، مؤرخه 15 ڊسمبر 1888ع (6013هه) تيجاري
ڪيل آهن، ناجائز آهي. ڇو ته انهن قاعدن ۾ صاف
ڄاڻايل آهي ته جيڪو آفيسر ڊيوٽي هڪ جاءِ تي ڏيندو
هجي ته اهو پگهار ٻي جاءِ تان کڻي نٿو سگهي. مگر
ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشيءَ جي پراڻي ملازم
هجڻ ۽ سندس بهترين خدمتگذاريءَ سبب، گورنر صاحب
بهادر نهايت خوشيءَ سان پگهار ۾ اهو اضافو هڪ سؤ
رپيي جي بجاءِ هڪ سؤ پنجاهه رپيا منظور ٿو ڪري ۽
هن بندوبست جي ڪري جيڪو زياده خرچ ٿيندو، اهو
سمورو (واپس) ملندو، جو پنجين گريڊ جو مختيارڪار
چوٿين گريد جي مختياڪار جي جاءِ تي مقرر ٿيندو.
(8) سال 1304هه مطابق 87-1886ع ۾ بمبئي جو گورنر جناب لارد ري
صاحب بهادر ٻيو ڀيرو بمبئي کان ڪراچيءَ آيو ۽
ڪراچي کان (درياء جي) پل جي افتتاح ڪرڻ ۽ ان کي
جاري ڪرڻ لاءِ سکر تجربيڪار ڏسي، منتخب ڪيو ۽ پاڻ
سان گڏ وٺي هليو. خاص خدمت لاءِ راقم الحروف جي
اها چوٿين مقرري هئي. آخرڪار انهن عالي شان صاحبن
سان گڏجي سکر پهتس ۽ اتي دربارن، تماشن ۽ جلوسن
وغيره جو تمام سهڻو بندووبست ڪيم. انهيءَ پل جو
نالو ”لينس ڊائون پل“ رکيو ويو. ڇو ته اهو نالو
هندوستان جي، انهيءَ زماني جي حڪمران (گورنر جنرل)
جو آهي. هيءَ پل پنهنجي ساخت ۾ نهايت ئي مضبوط ۽
ڏسڻ ۾ تمام سهڻي اهي، جا يورپ جي ڪاريگرن
(انجنيئرن) جي ڪوشش سان ۽ چاليهه لک رپين جي خرچ
سان تيار ٿي آهي.
اتان فارغ ٿي، ريل گاڏيءَ جي رستي ڪوئٽه (شال ڪوٽ) پهتا
۽ اتان جون عجيب و غريب شيون ڏسي، قنڌارجي نزديڪ
چمن ۽ شالا باغ ويا. راقم الحروف انهيءَ سفر جي
سموري سر گذشت ڪتاب ”پُل نامي“ ۾ تفصيلوار ۽
تاريخوار درج ڪئي آهي. جيڪڏهن پڙهندڙ انهيءَ سياحت
جو احوال معلوم ڪرڻ چاهين ته انهيءَ ڪتاب ۾ ملاحظه
فرمائين. ڇو ته مختصر تاريخي ڪتاب ۾ اهو احوال
دوباره لکڻ مناسب نظر نه ٿو اچي. تاهم هڪ جملو، جو
سرچارس پرچرڊ صاحب بهادر جي حُسن اخلاق جي باري ۾
آهي، لکڻ ضروري آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته سفر جي
دوران اڪثر اسٽيشنن تي لهي، منهنجي ڪمپارٽمنٽ جي
دروازي تي بيهي، جو سيڪنڊ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ هو،
انگريزيءَ ۾ پڇندو رهيو ته ”خانصاحب! خوش باش آهين
نه؟“. بيشڪ، اها سهڻي عادت نيڪ فطرت سردارن جي
هوندي آهي، سفر خواه حضر ۾ پنهنجي ڪِوِلِ جيتري
حيثيت رکندڙ زير دستن جو حال احوال معلوم ڪندا
رهندا آهن. مطلب ته جناب گورنر صاحب بهادر بمبئي ۽
ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ پنهنجي عملي سميت اهو ڏکيو
سفر ڏهاڪو ڏينهن ۾ پورو ڪري ڪراچيءَ واپس تشريف
فرما ٿيا. انهيءَ صبح کان وٺي اڪثر انگريز، پارسي،
مسلمان ۽ هندو وغيره، گورنر صاحب بهادر بمبئي جي
بنگلي تي حاضر ٿيندا رهيا. انهيءَ موقعي تي گورنر
صاحب بهادر، جناب خان بهادر حسن علي (افندي) کي
مخاطب ٿي فرمايو ته ”مسٽر حسن علي صدر انجمن
مسلمانان سنڌ! ۽ مسٽر غلام دستگير انسپيڪٽر پوليس!
اوهان کي ”خان بهادر“. جي لقبن سان ملقب ڪيو ويو
آهي ۽ مسٽر خدا داد خان کي، جو سنڌ جي ڪمشنر صاحب
جو هڪ ايماندار مددگار آهي، ”خانصاحب“ جي لقب سان
سرفراز ڪيو ويو آهي.“ جيڪڏهن پڙهندڙن کي مٿين
ڳالهه ۾ شڪ نظر اچي ته مهرباني ڪري ڪراچيءَ جي
انگريزي اخبار ”فينڪس“ جي 17 اپريل 1889ع (1306هه)
واري اشاعت پڙهي ڏسن ته سندن شڪ دور ٿي ويندو.
(9) ڪمشنر صاحب سال 1889ع مطابق 7-1306هه ۾ عمرڪوٽ کان مختصر
عملي سميت جنهن ۾ راقم الحروف به شال هو، آزمائش
طور ريل گاڏيءَ تي سوار ٿي، سنڌ جي سرحد تائين
ويو. آخر اها گاڏي ”شادي پلي“ جي نالي سان مشهور
ٿي(؟).
نيرٺ مٿئين سال ۾ بهترين خدمتگذارين بعد بامبي ڪائونسل
جي ميمبريءَ جو اعزاز ۽ افتخار حاصل ڪيائين. هاڻي
بمبئي ۾ سڪونت پذير آهي.
ٻارهون ڪمشنر: آنر بيل ٽريور صاحب بهادر
سال 1304هه جي آخر ۽ سال 1887ع جي وچ ڌاري ڪراچيءَ ۾
تشريف آور ٿيو ۽ سنڌ جي ڪمشنر جي قيام گاه کي عزت
بخشيائين. شروع ۾ مسٽر مور صاحب ۽ پوءِ مسٽر جيڪسن
صاحب سندس اسسٽنٽ هئا. سرڪاري معاملن جي سر انجامي
وڏي عقلمندي ۽ ڌيرج سان ۽ دستور ۽ معمول مطابق
تمام سهڻي نموني سان ڪيائين. مگر سندس حڪومت جو
زمانو مختصر هو، جنهنڪري سندس وڏيون ڪار گذاريون
قلمبند نه ٿيون ڪيون وڃن. البت سندس ايامڪاريءَ ۾
جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي جي بلوچ قومن جي جدا جدا
جاگيردارن کي جاگيرن جون سندون عطا ڪيون ويون.
انهن سڀني جاگيردارن کي اهو انعام برطانوي سرڪار
جي دور ۾ مليو هو. نيٺ ٽريور صاحب پنهنجي بهترين
ڪار گذاريءَ سبب ڪلڪتي جي ڪائونسل جي ميمبريءَ سان
سرفراز ٿيو ۽ اڃا تائين اتي آهي.
تيرهون ڪمشنر: آنر بيل ايڇ اي ايم جيمس
صاحب بهادر ”اسٽار آف انڊيا“
سال 1307هه مطابق سال 1889ع جي شروع ۾ بمبئي کان
ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنريءَ جي ڪرسيءَ کي رونق
بخشيائين. سرڪاري ڪاروبار کي سهڻي نموني سان سر
انجام ڪرڻ شروع ڪيائين. پهريائين مسٽر جيڪسن صاحب
ان کانپوءِ مسٽر ليوڪس صاحب ۽ پوءِ مسٽر جي سليڊن
صاحب سندس اسٽنٽ هئا. جيمس صاحب، ڪمشنر ٿيڻ کان اڳ
۾ سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ يعني جهرڪ ۽ سيوهڻ ۾ ڊپٽي
ڪليڪٽر (اسستنٽ ڪليڪٽر) ۽ سال 1872ع (1289هه) ۾
سنڌ جو اسسٽنٽ ڪمشنر هو. انهيءَ ڪري پوري واقفيت،
تجربيڪاري ۽ پنهنجي هرد دلعزيزيءَ سان سنڌ ۽ سنڌ
جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. اگرچه
سرڪاري ڪاروبار جو دستور ۽ قواعد ضوابط هڪڙي قسم
جا هئا ۽ عوام جي مفادن جي لحاظ رکڻ جو معاملو
انهن کان ڪجهه مختلف قسم جو هو. مگر جيمس صاحب
ٻنهي طرفن ۾ توازن قائم رکيو. وڏا ڪم، جي سندس
ايامڪاريءَ ۾ سندس هٿان سهڻي نموني ٿيا ۽ جن جا
آثار ۽ فتائج اڃا تائين ظاهر آهن ۽ سندن يادگيري
ذهنن تان محو نه ٿي آهي، انهن مان ڪي هت درج ڪيا
وڃن ٿا:
سال 1308هه مطابق سال 1891ع ۾ انگلستان جي ملڪه معظمه ۽
هندوستان جي قيصره جي پاران سر مير علي مراد خان
صاحب بهادر (والي خيرپور) کي سندس سچائي ۽ پنجاه
سالن جي خدمتگذاريءَ جي ڪري سي آءِ اي (گرانڊ
نائيٽ آف ڪراس دي انڊين امپرر) جو خطاب ٻن هزار
رپين جي انعام سان گڏ عطا ٿيو. جنهنڪري بمبئيءَ جو
گورنر لارڊ هيرس صاحب بهادر اول ڪراچيءَ ۾ ۽ پوءِ
اتان شڪارپور ۾ تشريف آور ٿيو ۽ مير صاحب موصوف به
خيرپور کان وڏي شان ۽ اهتمام سان شڪارپور پهتو.
انهيءَ موقعي تي اڪثر مير صاحب ۽ جاگيردار ۽ معزز
ماڻهو مدعو ڪيا ويا هئا، جي انهيءَ دربار دُربار ۾
اچي بازياب ٿيا. اهڙيءَ ريت ڪيترائي سرڪاري ملازم
جن ۾ يورپي به هئا ۽ ديسي به، فوجي به هئا ۽ غير
فوجي به، شريڪ ٿيا. گورنر صاحب بهادر، سنڌ جي
ڪمشنر جيمس صاحب، خيرپور جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل
ميو صاحب ۽ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر صاحب جي
موجودگيءَ ۾ مير صاحب موصوف کي شاهي تمغي ۽ شاهي
خلعت سان مسرور ڪيو ۽ انهيءَ موقعي تي اهو ڏينهن
عيد جو ڏينهن ۽ اها رات، شب برات معلوم پئي ٿي ۽
ٻنهي طرفن جون سرڪاريون (سنڌ ۽ خيرپور ميرس جون
سرڪاريون) سوکڙين پاکڙين ڏيڻ وٺڻ سبب تمام خوش
هيون. انهيءَ دَربار دُربار جي آرائس ۽ زيبائش جو
مبارڪ ۽ عظيم الشان انتظام، دربار جي ساز سامان جي
موجودگي، ڪرسين ۽ قالينن جي سجاوٽ، روشني ۽ چراغ
بندي، جا وقت جي بادشاهن جي شايان شان هجڻ گهرجي،
هن راقم الحروف جي خاڪسار خدا داد خان جي ڪوشش سان
تمام خوبصورتي ۽ خوش اسلوبيء سان سر انجام ٿي.
آخرڪار مير صاحب موصوف انهيءَ لقب عطا ٿيڻ بعد
جنهن انتها درجي جي شان ۽ مان سان اسپيسل ٽرين
ذريعي خيرپور کان شڪارپور تشريف اور ٿيو هو. انهي
ئي شان مان سان شڪارپور کان خيرپور روانو ٿي ويو.
مٿئين سال (1308هه مطابق 1891ع) ۾ قديم خدمتگذاري ۽ قدردانيءَ
سبب راقم الحروف کي هڪ سؤ پنجاهه رپين ماهوار
پگهار مان وڌائي، هڪ سؤ پنجهتر رپيا ماهوار پگهار
۽ پنجويهه رپيا مسافريءَ جو ماهوار الاؤنس ڏيڻ جي
سفارش ڪئي وئي، جا هيٺين سرڪاري حڪنامي جي ترجمي
مان ظاهر آهي:
ڪمشنر سنڌ جي آفيس جي وڏي منشي خان صاحب خداداد
خان جي پگهار ۾ اضافي جي مقرري. نمبر 501،
اڪائونٽس ڊپارٽمنٽ 2- فيبروري 1896ع (1309هه)
بامبي پريزيڊنسي)
هيٺيان ڪاغذ نمبر 31، مؤرخه 2 فيبروري 1892ع (1309هه)
سيڪريٽري ملڪي کاتي وٽان پهتا. ڪمشنر صاحب بهادر
سنڌ جو مراسلو نمبر 2526، مؤرخه 16 ڊسمبر 1891ع
(1309هه) هن باري ۾ پهتو:
مان سرڪار جو ڌيان نمبر 1148، مؤرخه 12- فيبروري 1889ع
ڏانهن ڇڪايان ٿو، جنهن موجب خانصاحب خداداد خان
سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جي وڏي منشي جي پگهار چوٿين
گريڊ جي مختيارڪار جيتري منظور ٿي هئي ۽ سندس
ڊيوٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ رکي وئي هئي. انهيءَ تجويز
موجب چوٿين گريڊ جو هڪ مختيارڪار گهٽ ٿيو آهي ۽
پنجين گريڊ جو هڪ مختيارڪار وڌايو ويو آهي.
هن وقت ٽئين گريڊ جي مختيارڪار جي هڪ آساي خالي ٿي آهي،
جنهن جي پگهار هڪ سؤ پنجهتر رپيا مسافري الائونس
پنجويهه رپين سميت آهي ۽ مان انهيءَ لاءِ اسدعا ٿو
ڪريان ته خانصاحب خداداد خان کي ٽئين گريڊ جي
مختيارڪار جي پگهار ملڻ گهرجي ۽ چوٿين گريڊ جي
مختيارڪار جي هڪ آسامي وڌائي وڃي. خانصاحب خداداد
خان کي هڪ سؤ رپيا جي بجاءِ هڪ سؤ پنجاهه رپيا
پگهار ڏيڻ جي باري ۾ جيڪي معقول سبب منهنجي پيشر و
(اڳئين ڪمشنر) سر چارلس پرچرڊ ڏنا هئا، انهن کي
وري دهرائڻ مناسب نظر نه ٿو اچي. البت ساڳيائي سبب
هاڻي به موجود اهن. (ملاحظه ٿئي، نمبر 354، مؤرخه
24 ڊسمبر 1888ع ۽ نمبر 2 مؤرخه 7 جنوري 1889ع.
پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ) ۽ جيئن منهنجي پيشرو (اڳئين
ڪمشنر) خداداد خان کي ڇڏڻ نه ٿي چاهيو، تيئن مان
به هن کي ڇڏڻ لاءِ راضي نه آهيان. خاص طور تي هن
ڪري جو مان هن ملڪ (سنڌ) کان ڳچ وقت پري رهيو
آهيان. اها اهم ڳالهه آهي، جنهنڪري هتان جي نامور
ماڻهن جي نالن ۽ معزز ماڻهن جي حالات کان بي خبر
آهيان. اها اهم ڳالهه آهي، جنهن ۾ مون کي خانصاحب
خداداد خان کان معلومات حاصل ٿي سگهي ٿي. هو
تجربيڪار آهي ۽ هن آفيس ۾ هن جو هجڻ فائديمندآهي.
هن کانپوءِ کليس اضافو نه ملندو. هو جيڪڏهن ٻين
سرڪاري ملازمن جي قطار ۾ هجي ها، ته اضافو هاصل
ڪري سگهي ها. هن وقت هو آگسٽ 1888ع کان چوٿين گريڊ
جي مختيارڪار جي عهدي جي ماهوار پگهار هڪ سؤ پنجاه
رپيا کڻي ٿو ۽ لسٽ ۾ اضافي جي لاءِ بيو ڪو به نمبر
ڪو نه آهي
[2]. جيڪڏهن سندس
نالو سينارٽي لسٽ ۾ اچي ها، ته کيس اضافو ملي ها.
تاهم لسٽ ۾ نالي نه هجڻ سبب هو اضافي کان محروم ٿي
نه ٿو سگهي. هو اـضافي جو بالڪل حقدار ۽ لائق آهي
۽ هن کي اضافي ڏيڻ وقت، منبهنجي پيشرو (اڳئين
ڪمشنر) رڳو هن جي نوڪريءَ جي لمبي چوڙي عرصي کي
خيال ۾ نه رکيو هو، بلڪه هن جي لياقت ۽ بهترين
شخصيت جي ڪري ئي هن کي اضافو ڏياريو هئائين ۽ سڄي
کاتي جي اندر ٻيو ڪو به شخص ڪو نه ٿو سجهي، جو هن
کان وڌيڪ هجي. از انسواءِ خانصاحب کي ٻيو اضافو
عطا ڪرڻ سبب ڪنهن کي ڪو نقصان به نه ٿو رسي.
سرڪار جي حڪم نمبر 1148، مؤرخه 12 فيبروري 1889ع جي
مطابق، حساب جا جيڪي به مونجهارا هئا، سي سڀ دور
ٿي ويا آهن، جنهنڪري اميد ٿو ڪريان ته هن درخواست
منظور ڪرڻ ۾ ڪو بها عتراض نه ڪيو ويندو. ڇو ته هو
مستحق آهي. بندوبست جي يادداشتن جا نقل موڪليا وڃن
ٿا.
اڪائونٽنٽ جنرل جو مراسلو نمبر 345، مؤرخه ... جنوري
1892ع، جيڪا لکپڙهه نمبر 7، مؤرخه 2 جنوري 1892ع
پهتل هئي، اها واپس ٿو موڪليان ۽ هن راءِ جو اظهار
ٿو ڪريان ته هن بندوبست جي باري ۾ موڪليل لسٽون
چڱي طرح ملاحظه ڪيون اٿم ۽ انهن ۾ جيڪي درستيون
ڪرڻيون هيون سي ڪيون اٿم.
سنڌ جي ڪمشنر صاحب جيڪا تجويز موڪلي آهي، ان کي منظور
ڪرڻ ۾ ڪو به اعتراض نظر نه ٿو اچي.
سرڪار جو حڪم
جيڪا تجويز سنڌ جي ڪمشنر موڪلي آهي، اها وڏي خوشيءَ سان
منظور ڪئي ٿي وڃي.
صحيح
ڊبليو ايل روي صاحب بهادر
ملازم سرڪار بمئي
سال 1309هه مطابق 1892ع ۾ ”گدو بندر“ کان ”شادي پلي، (عمرڪوٽ جي
نزديڪ) تائين، ريل گاڏيءَ جي افتتاح ۽ ان کي جاري
ڪرڻ جي باري ۾ هڪ سهڻي ۽ مفيد تجويز تي عمل ڪيو
ويو. انهيءَ موقعي تي هڪ عالي شان دَربار دُربار
منعقد ڪئي وئي. دربار ۾ انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾
(ريل گاڏي جاري ڪرڻ سبب) واپار جي واڌاري ۽ ايندڙن
ويندڙن (مسافرن) جي آمد و رفت جي باري ۾ جيڪي فصيح
۽ بليغ تقريرون ڪيون ويون، انهن جي هر ننڍو وڏو دل
جي سچائي سان تعريف ڪري ۽ تحسين ۽ آفرين چئي رهيو
هو. جيڪڏهن اهي تقريرون هن مختصر ڪاغذ تي لکيون
وينديون ته انهن جي لاءِ هڪ نئون داستان جوڙڻو
پوندو. مگر گنجائش نه هجڻ سبب رڳو انهيءَ مدبر ۽
باخبر انسان مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر جي
باري ۾ هيترو چوندس ته هو هر قسم جي عظيم ۽ حڪومت
جي لائق آهي (يعني هن جي تقرير پُر مغز هئي).
مٿئين سال ۾ صاحب موصوف (ڪمشنر صاحب) هندوستان جي حڪمران
(وائسراء ۽ گورنر جنرل) جي مجلس عامله (ايگزيڪٽو
ڪائونسل) جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ دربار کان فارغ ٿيڻ
بعد ”ڪوٽڙي بندر“ (ڪوٽڙي اسٽيشن) تان ريل جي رستي،
هندوستان جي دارالحڪومت ڪلڪتي ڏانهن روانو ٿي ويو.
راقم الحروف گاڏيءَ جي دروازي تي بيهي، هيءُ
دلپسند شعر سندس روبرو پڙهيو:
بسفر رقنت مبارکباد
بسلافت روي و باز آئي
وڃن وقت سنڌ جي حڪومت جون واڳون ڪراچي ضلعي جي ڪليڪٽر
ڪرنل ڪرافورڊ جي حوالي ڪيائين، جنهن عارضي طور تي
ڪاروبار ٿي هلايو.
مٿئين سال ۾ هڪ مهيني جي موڪل وٺي ٻه نوڪر ساڻ ڪري پاڻي جي جهاز
رستي ”ڪوڪن“ (بمبئي) ڏانهن روانو ٿيس ۽ بمبئي جو
سير چڱي طرح ڪرڻ بعد پوني پهتس، جتي بمبئي جي
گورنر لارد هيرس صاحب بهادر، چيف سيڪريٽري مسٽر
ڊبليو. بي وارنر صاحب، بامبيءَ ڪائونسل جي ممبر سر
پرچرڊ صاحب بهادر ۽ پرائيويٽ سيڪريٽري مسٽر ايجرلي
صاحب بهادر جهڙن عالي شان عملدار صاحبن سان ملاقات
ڪيم ۽ حسن اتفاق سان مسٽر جيمس صاحب بهادر سان به
چڱي طرح سان ملڻ ٿيو، جو سرپرچرڊ صاحب بهادر جو
مهمان هو. پوءِ راجڪوٽ (ڪاٺياواڙ) ويس ۽ سر چالس
اليونٽ صاحب بهادر ايجنٽ ڪاٺياواڙ سان ملي خوش
ٿيس. اُن کانپوءِ احمد آباد (گجرات) کان ريل
گاڏيءَ ۾ سواري ٿي، اجمير، دهلي ۽ ٻين شهرن جي سير
تي ويس، جي ريلوي لائين تي هئا. پوءِ امرتسر پهچي
ٻه ڏينهن اتي رهيس ۽ وري اتان خيريت سان پنهنجي
وطن سکر اچي آرام ڪيم. انهيءَ سفر جا سمورا حالات
”سياحت نامي“ نالي ڪتاب ۾ تاريخوار درج ڪيا اٿم.
سال 1309هه مطابق 1892ع جي آخر ۾ (جيمس صاحب ڪمشنر سنڌ)مرڪزي
دارالحڪومت ڪلڪتي کان واپسيءَ بعد، سنڌ جي حڪومت
جون واڳون وٺي، جهاز جي ذريعي درياڀ مهرڻ (سنڌو
ندي) جي رستي حيدرآباد آيو، جتي ”جمڙائو“ نالي هڪ
نئين واه کوٽائڻ جي سلسلي ۾ تمام وڏو جلسو سڏايو
ويو هو. ڇو ته حيدرآباد ضلعي جي اوڀر ۾ ريگستان جي
علائقي ۾ لکها جريب زمين عير آباد پيل هئي.
انهيءَ جلسي م يورپ جا وڏا نامور عملدار ۽ معمار
(انجنيئر) ۽ سنڌ جا معزز جاگيردار ۽ زميندار
سڏايل هئا. يورپ جي اڪثر انجنيئر جي راءِ انهيءَ
نئين واه کوٽائڻ جي باري ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هئي.
پر آنريبل مسٽر جيمس سنڌ جي حالات کان واقف هجڻ
سبب ۽ زميندارن ۽ ڪاشتڪارن جي فائدي خاطر قوي دليل
پيش ڪيا. مثال طور بارش جي ڪمي، آباديءَ لاءِ نهري
پاڻيءَ جي قلت ۽ عام ماڻهن جي غريبي وغيره. جنهن
ڪري حاضرين جلسه انهيءَ تجويز جي معقوليت ۽ افاديت
کي تسليم ڪندي، سندس مبارڪ راءِ سان اتفاق ڪيو.
اخر جيمس صاحب جي غير معمولي ڪوشش ۽ سرڪار جي
پاران لکن رپين جي خرچ سان واه کوٽائڻ جي تجويز
منظور ٿي ۽ ساڳئي سال کان ان تي عملدرامد به شروع
ٿي وئي.
بيشڪ، اها تجويز هن ملڪ جي عوام لاءِ حد کان زياده مفيد آهي.
بهرحال مبارڪ سال 1317هه مطابق 1899ع ۾ بمبئي جي
گورنر لارڊسينڊهرسٽ صاحب بهادر جي هٿان ان جو
افتتاح ٿيو، هاڻي زميندارن ۽ ڪاشتڪارن تي انهيءَ
تجويز جا فائدا واضح ٿيڻ لڳا آهن ۽ صاحب موصوف جي
ڳالهه سچي ثابت ٿي رهي آهي.
|