ٻن سالن بعد راجا پرمانند جي شراڪت ختم ٿي ۽ سڄي جاگير نواب فتح محمد خان
جي ٿي وئي ۽ سندس عهدي ۾ به اضافو ٿيو. راقم
الحروف کي هيٺين نظم جي مضمون مان معلوم ٿو
ٿئي ته روهڙيءَ جي جامع مسجد، جا حضور رسول
اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي وار مبارڪ جي
درگاه جي ڀرسان آهي. انهيءَ ئي نواب جي
تعمير ڪرايل آهي.
نظم
خسرو دين پناه اکبر شاه
هست کان تاج بخش ملکستان
شاه انجم سپاه، چرخ سرير
جامع شرع، مقتدائ زمان
بندگانش چو قيصر و فغفور
چاکرانس چوطغرل و خاقان
بنده کمترين او يعني
جان جسم مستمند در دوران
سرور و نيڪ رائ دريا دل
منبع الجود و مجمع الاحسان
چون فتح خان که خون ريزش
کرد بنياد ظلم را ويران
مسجد جامع از برائ ثواب
ساخته بر اميد قصر جنان
دل کشا همچو مسجد کعبه
جان فشاهمچو روضهء رضوان
تا بود گنبذ فلک برپائ
باد سالم ز آفت دوران
سال تاريخ از خرد جستم
”مسجد گه جنان گفت“ روان
ابجد جي حساب موجب آخري مصرعه مان 993هه جو سال نڪري ٿو، جو 1585ع جي
مطابق ٿو ٿئي، اهو سال نواب فتح خان جي
حڪومت جو آخري سال هو.
(نظم جو ترجمو)
(1) شهنشاه دين پناه اڪبر ۽ تخت بخشي ڇڏيندو آهي ۽ بهادر اهڙو جو ملڪ فتح
ڪندو آهي.
(2) اهڙو بادشاهه جنهن جو لشڪر ستارن جيتو (گهڻو) آهي ۽ سندس تخت آسمان
جيڏو (بلند) آهي. شريعت جو پابند ۽ زماني جو
پيشوا آهي.
(3) سندس غلام (مرتبي ۾) روم ۽ چين جي بادشاهن جهڙا آهن ۽ سندس خادم سلجوق
۽ ترڪ تاجران جهڙا آهن.
(4) جمشيد هن جو انديٰ غلام ۽ محتاج آهي.
(5) سردار، سهڻي سمجهه وارو ۽ سخي آهي. سخا جو سرچشمو ۽ نيڪيءَ جو مجموعو
آهي.
(6) فتح خان جنهن جي خونريز (ترار) ظلم جون پاڙون پٽي ڇڏيون آهن.
(7) ثواب جي خاطر ۽ بهشت جي آسري تي مسجد تعمير ڪرائي اٿس.
(8 جا ڪعبي جي مسجد وانگر دلڪشا (فرحت بخش) آهي ۽ روضهء رضوان (بهشت)
وانگر جان فزا ( زندگي بخش) آهي.
(9) جيستائين آسمان جو قبو (دنيا يا ڪائنات) قائم آهي. شال اوستائين زماني
جي آفتن کان محفوظ رهي.
(10) پنهنجي عقل کان سندس تعمير جو سال پڇيم ته منهنجي روح هيءُ جواب ڏنو
[2].
شاهي فرمان موجب ٺٽي جي حڪام مرزا جاني بيگ تي ڪاهه ڪيائين. پهريائين هن
کي عاجز ڪيائين. پوءِ بادشاه جي حڪم سان کيس
”عاجزيءَ“ کان آزاد بخشيائين. ڇو ته مرزا
جاني بيگ بادشاه جي خدمت ۾ مناسب نذرانا
موڪلي، کانئس معافي گهري هئي.
انهيءَ سال سڄي سنڌ ۾ ڏڪار پيو.
هميشه نشي ۾ مدهوش رهڻ سبب کيس برطرف ڪيو ويو.
ترجبيڪار هجڻ سبب کيس دوباره مقررڪيو ويو.
هن نواب جو مقبرو روهڙيءَ طرف درياءَ جي ڪناري تي آهي ۽ ”قاسم خاني“ جي
نالي سان مشهور آهي.
”خان اعظم“ شايد اشارو آهي خان خانان نواب عبدالرحيم خان ڏانهن.
بکر جي حالات کان واقف هجڻ سبب کيس ٻيو ڀيرو مقرر ڪيو ويو.
شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو. و الله اسلم.
انهيءَ سال اڪبر بادشاه فوت ٿيو. ”فوت اڪبر شه“ مان ابجد جي حساب سان
1014هه جو سال نڪري ٿو ۽ انهيءَ ئي سال کان
سندس فرزند جهانگير جي سلطنت جو دور شروع
ٿئي ٿو.
قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.
قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.
قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.
قنڌار جي مهم ۾ قتل ٿي ويو.
هيءُ نواب ”خان جهان“ جو خواجه سرا هو.
هيءَ نور جهان بيگم جي طرفان هاڪم مقرر ٿيو هو. ڇو ته بکر جوعلائقو
نورجهان بيگم جيجاگير هو.
هيءُ، آصف جاهي خاندان جي پاران ”بکر جي فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو. جو
بکر انهيءَ خاندان جي جاگير هو. انهيءَ سال
جهانگير بادشاهه وفات ڪئي ۽ سندس فرزند
شاهجهان تخت نشين ٿيو. جهانگير جو مقبرول
لاهور ۾ آهي.
[3]
بيگ محمد ولد زنده علي بيگ جي تحرير موجب، جا ”تاريخ معصوميءَ“ سان لاحق
ڪئي اٿس، بکر، گنجابه (گندا واه) ۽ سبي مرزا
حسينيءَ جي جاگير هئا. مگر شيرخان ترين،
”پشنگ“ کان ڪاهه ڪري، گندا واه تي قبضو ڪيو
۽ اهو شير خان راقم الحروف يعني ”لُب تاريخ“
جي مولف خان بهادر خداداد خان جو پڙ ڏاڏو
هو.
هيءُ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.
هيءُ به ”فوجدار، جي لقب سان مشهور ٿيو.
هيءُ پنهنجن پٽن سميت حڪمراني ڪندو هو. وٽس جاگيرون هيون.
بهادر مڙس هو
... ... ... ... ... ... ...
پرهيزگار انسان هو. سومر رات ۽ جمعي رات (مسڪينن کي ماني کارائيندو هو.)
وڏو بهادر ۽ شمشير زنيءَ جو ماهر هو.
هيءُ مشهور حاڪم هو.
شهزاده مراد بخش جو ملازم هو ۽ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.
شايد هيءُ اهو ئي سعد خان آهي، جنهن جو احوال مٿي (نمبر 14 ۾) بيان ڪيو
ويو آهي ۽ شايد ٻيو دفعو سنڌ ۾ آيو آهي.
پهريون فوجدار هو ۽ پويون ديوان. ٻئي ڄڻا شهزاده محمد دارا شڪوه جا ملازم
هئا.
شهزاده محمد داراشڪوه جو ملازم هو.
مشهور حاڪم هو.
هيءَ ”فوجدار“ جي لقب سان مشهور هو.
هن کي ”حاڪم“ سڏيو ويندو هو ۽ وڏو ٻٽاڪي هو.
هي ٻيو ڀيرو حاڪم ٿي آيو.
انهن ڏينهن ۾ شهزاده داراشڪوه جي ڪري وڏو فساد برپا ٿيو.
هن کي ”فوجدار“ جو لقب مليل هو. انهيءَ سال شاهجهان بادشاه وفات ڪئي ۽
سندس وڏو فرزند اورنگزيب عالمگير تخت نشين
ٿيو.
هيءَ ”قلعدار“ جي لقب سان مقلب هو ۽ چئن مهينن بعد کيس تبديل ڪيو ويو.
هن جو لقب ”فوجدار“ هو.
هن جو لقب ”قلعدار“ هو.
اڪثر معاملا ”گوپي ناٿ“ پيشڪار جي معرفت سر انجام ڪندو هو.
شايد روهڙيءَ جي سيدن مان هو.
هن جو اولاد اڃا تائين روهڙيءَ جي ڀرسان رهي ٿو ۽ ڪوٽ ۾ رهائش ٿو رکي، جو
سندس نالي سان مشهور آهي. هن وقت هن خاندان
جو سرڪردو سيد مير يعقوب خان پويون آهي.
افسوس آهي جو غريب آهي، پر سرڪاري دربار ۾
ڪرسي نشين ۽ عزت وارو آهي.
پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ بکر جو نواب ٿيو.
... ... ... ... ... ...
روهڙيءَ جي قاضين مان هو. سندس اولاد اڃا تائين قاضين جي محلي ۾ رهائش
پذير آهي. |