ٽيون طبقو
عباسي گهراڻي جا حاڪم
جي سنه 132هه مطابق 750ع کان سنڌ تي قابض ٿيا
اڪثر تاريخن مطابق عباسي گهراڻي جو پهريون خليفو عبدالله بن علي
بن عباس، جو ”سفاخ“ جي لقب سان مشهور هو، 132هه
مطابق 750ع ۾
[1] جڏهن خلافت جي
مسند تي جلوه افروز ٿيو، ته دائود بن عليءَ کي هڪ
وڏو لشڪر ساڻ ڏئي سنڌ ۾ موڪليائين، جنهن اچي سنڌ
مان اموي گهراڻي جي حڪمرانن ۽ سندن سڀني واسطيدار
ماڻهن کي ڪڍي، ملڪ جي وڏي حصي تي قبضو ڪيو. دائود
پورن چئن سالن تائين تمام سهڻي نموني سان حڪومت
ڪئي. 132هه مطابق 754ع ۾ ابو جعفر منصور کي سنڌ
جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. تنهن کان پوءِ هارون رشيد
جي خلافت جي زماني ۾، جنهن جي جرئت ۽ دانائي مشهور
اهي، فضل برمڪيءَ جو ڀاءُ موسيٰ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽
پوءِ فضول خرچيءَ جي ڪري کيس معزول ڪري، سندس جاءِ
تي سيد علي بن موسيٰ بن هامان کي مقرر ڪيو ويو پر
هن جي دور ۾ امن امان ختم ٿي ويو ۽ ڪيترائي سهر ۽
قلعا جهڙوڪ ڀنڀور وغيره ويران ٿي ويا. نيٺ هو شهيد
ٿي ويو. 170هه مطابق 786ع ۾ مهدي ابو العباس سنڌ
جو حاڪم ٿيو، جو تمام گهڻي عرصي تائين وڏي جرئت ۽
دانائي سان حڪومت ڪندو رهيو، جنهن ڪري ملڪ جو رقبو
سويع ٿي ويو. مهدي ابو العباس کانپوءِ دارالسلام
بغداد کان سنڌ ۾ جدا جدا حاڪم ايندا رهيا. القادر
بالله ابو العباس احمد بن اسحاق بن مقتدر جي زماني
تائين. سنڌ ۾ عباسي گهراڻي جي حڪومت اتڪل 281 يا
282 سال رهي. 416هه مطابق 1025ع تائين.
تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ آهي ته بکر ۽ اروڙ جا قاضي ثقفي
خاندان مان آهن. بني تميم سنڌ ۾ ”ٿهيم“ جي نالي
سان مشهور آهي ۽ عباسي، صديقي، فاروقي، عثماني،
پنوهار ۽ سپيا وغيره سنڌي قومون بني اميه ۽ بني
عباس جي نسل مان آهن.
راقم الحروف هن موقعي تي هيءَ ڳالهه لکڻ مناسب ٿو سمجهي ۽ ان
لاءِ پرهندرن کان معافي به گهري ٿو ته تحفة الڪرام
جي مولف لکيو آهي ته حضرت سليمان عليه السلام جنن
جي هڪ ٽولي کي روم مان چند ٻانهيون خريد ڪري اچڻ
لاءِ موڪليو هو. واپسيءَ تي رستي ۾ هڪ جن جو
”لوليا“ نالي هڪ ٻانهيءَ سان تعلق پيدا ٿي پيو جن
جو نطفو ٻانهيءَ جيپيٽ ۾ رهجي ويو. حضرت سليمان کي
اها خبر پئجي وئي ۽ اها ٻانهي انهيءَ جن کي بخشي
ڇڏيائين، جنهن مان ”لودره“ (لودرو يا لوڊو) نالي
هڪ ٻار پيدا ٿيو. ان جو اولاد گهڻي عرصي بعد عربن
سان رلي ملي ويو. سنڌ فتح ڪرڻ وقت عربن سان گڏجي
سنڌ ۾ آيو ۽ هت ئي رهي پيو ۽ مشهور ٿي پيو. اها
ڳالهه صحيح ٿي سگهي ٿي. ڇو ته هن قوم (لولي) جا
جيڪي ماڻهو پنجاب ۽ سنڌ ۾ رهن اٿ ۽ پنهنجي قديم
هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، سي پاڻ ”لوڊو“ سڏائيندا آهن ۽
پنهنجي اصليت يعني حسب نسب تي فخر ڪندا آهن.
پراڻن تاريخي ڪتابن ۾ ڏٺو ويو آهي ته بکر جي قلعي جي
تعمير جي تاريخ ”بالا حصار، مان نڪري ٿي، جنهن جا
عدد 333 آهن. اهو هجري سنه (333) عيسوي سنه 1041
جي مطابق اهي. ان مان سمجهجي ٿو ته شايد ان جو
بنياد عباسي گهراڻي جي حاڪمن جي ڏينهن ۾ پيو آهي.
جيتوڻيڪ تاريخن مان اهو به معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن
سيد مير محمد مڪي رضوي، جو سنه 606هه مطابق 1209ع
۾ بکر وٽ پهتو، جنهن جو نالو ان وقت ”فرشتو“ هو،
ته سندس خادمن کانئس پڇيو ته ”سامان اسباب ڪٿي
رکيو وڃي؟“. جواب ڏنائين ته ”جتي ڳئون جي رنڀ ٻڌڻ
۾ اچي.“ ۽ اهو به چيائين ته ”جعل الله بڪرتي في
البقعة المبارڪة“ (الله تعاليٰ منهنجو صبح برڪت
ڀرئي خطي ۾ رهڻو آهي). نيٺ هوريان هوريان انهيءَ
علائقي جو نالو ”بکر“ ٿي ويو. هن وقت سندس مزار
جيتوڻيڪ سکر ۾ آهي ۽ سندس اولاد گهڻو ڪري روهڙي ۾
۽ ڪن ٻين هنڌن تي مدفون اهي، مگر مشهور ”رصوي
البکري“ جي نالي سان آهي.
”خواجه خضر“ جي اسٿان جي تعمير جي تاريخ، جنهن کي ندو
”جند پير، يا ”زنده پير، سڏيندا آهن ۽ سنڌونديءَ
جي وچ ۾ اهي، ”درگاه عالي“ آهي، جنهن جا عدد 341
آهن، ۽ اهو هجري سنه، عيسوي سنه 952
[2] جي مطابق آهي،
غالباً اهو اسٿان به عباسي گهراڻي جي حاڪمن جي
زماني ۾ ٺهيو هوندو. گمان ڪڏهن صحيح ثابت ٿيندو
آهي ۽ ڪڏهن غلط.
چوٿو طبقو
نامور سلطان محمود غزنويءَ جي پاران مقرر ڪيل سنڌ جا حاڪم
سنه 416هه مطابق 1025ع کان
سنڌ جون اڪثر تاريخون هن ڳالهه تي متفق اهن ته سلطان
محمود غزنوي هندستان فته ڪرڻ کانپوءِ ملتان ۽ اُچ
۾ پهتو ۽ عباسي گهراڻي جي حاڪمن کي ڪڍي، سڄي ملڪ
تي قبصو ڪيائين ۽ پنهنجي وزير عبدالرزاق کي سنڌ
فتح ڪرڻ لا3 موڪليائين. هن پهريائين اچي بکر کي
فتح ڪيو ۽ پوءِ سڀني انتظامي ڳالهين جو مڪمل
بندوبست ڪري، پنهنجي قبضي کي چڱي طرح پختو ڪيائين
ٻه سال بکر ۾ گذارڻ بعد 418هه مطابق 1028ع ۾ سيوهڻ
ڏانهن رخ رکيائين. اتي به مڪمل فته حاصل ڪرڻ ۽
تمام سٺو انتظام رکڻ بعد، ديبل بندر (ٺٽي) ۾ داخل
ٿيو ۽ ان کي فته ڪري، عربن کي ڪڍي ڇڏيائين، جيڪي
اتي رهجي ويل هئا. باقي ڪي ٿورا عرب، جي
عيالداريءَ جي ڪري مجبور هئا (سايد سنڌين سان مٽي
مائٽي ڪرڻ سبب) يا پنهنجي فضيلت (علم ۽ هنر وغيره)
جي ڪري مشهور هئا، انهن کي مناسب عهدا ۽ وظيفا
ڏنائين، جن جو اولاد تحفة الڪرام جي قول موجب اڃا
تائين موجود آهي.
نامور غازي سلطان محمود غزنوي 432هه مطابق 1031ع ۾ هن
فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري عالم جاوداني ڏانهن راهي
ٿيو ۽ سندس جاءِ تي سندس فرزند ارجمند سلطان مسعود
تخت نشين ٿيو. هن به سنڌ جي حڪومت جو اهو ئي
انتطام برقرار رکيو، جو سندس والد بزرگوار جي وقت
۾ هو. جڏهن 432هه مطابق 1041ع ۾ هن جو اانتقال ٿيو
ته سندس فرزند مودود پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو.
جيتوڻيڪ هن، سنڌ جا اڳيان هاڪم تبديل ڪري، نوان
حاڪم مقرر ڪيا هئا، پر انهن جا نالا ڪنهن به تاريخ
۾ نٿا ملن. نيٺ هن 441هه مطابق 1049ع ۾ رحلت ڪئي.
ان کانپوءِ سلطان مسعود ثاني غزنيءَ جي تخت تي
ويٺو. هن به سنڌ جو انتظام ائين ئي قائم رکيو،
جيئن هلندو ٿي آيو. جڏهن سندس حياتي پوري ٿي ۽
لاهور ۾ وفات ڪيائين ته غزنوي گهراڻي جو هڪ شهزادو
خسرو ملڪ تخت نشين ٿيو ۽ هن به ساڳيو ئي انتظام
برقرار رکيو. نيٺ 583هه مطابق 1187ع ۾ جڏهن سندس
ڪامرانيءَ جو جام اڃا گردش ۾ ئيهو، ته غزنوي سلطنت
جو دور پورو ٿي ويو. خسرو ملڪ، غياث الدين غوريءَ
هٿان قيد ٿيو ۽ غزنيءَ جي قيد خاني ۾ گذاري ويو.
رقم الحروف جو پختو خيال آهي ته بکر جي قلعي جي تعمير،
جا ٻيو دفعو ٿي اهي ۽ جنهن جي تاريخ ” شهر گل“
مشهور آهي (جنهن مان 555 عدد نڪرن ٿا، ۽ اهو هجري
سال 1160 عيسوي سال جي مطابق ٿئي ٿو) شايد غزنوي
گهراڻي جي حاڪمن جي زماني ۾ ٿي آهي.
غزنوي گهراڻي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ گهڻي عرصي تائين هڪومت ڪئي،
تاهم سندس اولاد سنڌ ۾ نظر نٿو اچي ۽ ائين ٿو
سمجهجي ته يا ته خراسان موٽي ويا، يا هت رهندڙ
پٺاڻن يا مغلن سان گڏجي سڏجي ويا ۽ هاڻي پٺاڻ يا
مغل سڏبا هوندا.
پنجون طبقو
غوري گهراڻي
طرفان موڪليل حاڪم
(سنه 591هه مطابق سنه 1194ع کان)
اڪثر تاريخن مطابق شهاب الدين محمد بن سام
[3] جي زماني ۾ مٿي
ڄاڻايل سال ۾ قطب الدين ايبڪ کي سنڌ فته ڪرڻ لاءِ
موڪليو ويو. قطب الدين ٽن مهينن جي اندر سڄي سنڌ
تي قبصو ڪري، سيف الملوڪ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو
۽ پاڻ پٺتي موٽي ويو. جڏهن سلطان شهاب الدين 602ه
مطابق 6012ع ۾ بي اولاد رحلت ڪئي، ته سندس سلطنت
قطب الدين کي ملي، جو سلطان شهاب الدين جي حياتيءَ
۾ ئي سندس قائم مقام هو. قطب الدين سنڌ جي حڪومت
تي وري به سيف الملوڪ ئي برقرار رکيو. جڏهن سلطان
قطب الدين 607هه مطابق 1210ع ۾ لاهور ۾ چوگان
کيڏندي، گهوڙي تان ڪريو ۽ فوت ٿي ويو ته درباري
اميرن سندسپٽ آرام شاهه کي تخت تي ويهاريو. پر
جيئن ته هن ۾ لياقت ڪا نه هئي، تنهنڪري گهڻو قوت
آرام ڪري نهس گهيو ۽ سلطنت شمس الدين التمش کي
ملي. مگر مورخن جي قول موجب انهيءَ زماني ۾
هندوستان ۾ وڏو انتظار پيدا ٿيو، جنهنڪري هندوستان
جي سلطنت چئن حصن ۾ تقسيم ٿي وئي، دارالسلطنت
دهليءَ وارو علائقو سلطان التمش جي هٿ ۾ رهيو.
اُچ، ملتان ۽ سنڌ جا علائقا ناصر الدين قباچه کي
ڏنا ويا. لکنو تي (لکنو) جو علائقو ملڪ خليج کي
مليو، لاهور ۽ ان جي اوسي پاسي وارا علائقا تاج
الدين بلدوز جي قبصي رهيا.
راقم الحروف جو چوڻ آهي ته غوري خاندان جو اولاد هن وقت
سنڌ ۾ نظر نٿو اچي، ۽ تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ
اهي ته سلطان ناصر الدين قباچه جي زماني ۾ سنڌ،
ستن راڻن جي حڪومت هيٺهئي، جي سڀئي سلطان کي ڏن
ڏيندا هئا. انهن ستن ئي راڻن جو احوال سنڌ جي
تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي لاءِ هت درج ڪيو وڃي
ٿو، ته جيئن سندن معلومات ۾ اضافو ٿئي.
سنڌ جا ست حڪمران راڻا
(سنه 610هه مطابق 1313ع کان)
(1) هڪڙو راڻو بهتر
[4] سعتو راٺور ڊڀري،
تعلقي درٻيلي جو رهاڪو هو. هي راٺور مسلمان آهن،
جي هن وقت به سنڌ جي گهڻن ئي ضلعن ۾ رهن ٿا ۽ انهن
مان گهڻا ڪاشتڪاري ڪندا آهن. هاڻي ”سعته“ جو لفظ
بدلجي ”سهتو“ ٿي پيو اهي. سهتا مسلمان آهن، جي
ڊڀري جي اوسي پاسي رهندا آهن، جنهن کي فارسيءَ ۾
”دربيله“ لکندا آهن.
(2) ٻيو راڻو سيهڙولد ڌماچ ڪوريجو هو،جو روپاه جي اوسي پاسي
”تونگ“ ۽ ”تقع“ (؟) جو رهاڪو هو. ڪوريجا مسلمان
آهن، جي هن وقت به سنڌ جي گهڻن هنڌن تي رهن ٿا ۽
ڪاشتڪاري ٿا ڪن. دوپاه هڪ علائقو آهي، جو شڪارپور
۽ جيڪب آباد جي وچ ۾ آهي، مگر تونگ ۽ تقع جي باري
۾ خبر نه آهي ته ڪهڙي هنڌ هئا (1).
(3) ٽيون راڻو جيسر ولد چهچه ڇڇ
[5] ماڇي سولنگي
”هانگتاره“ (1) جو رهاڪو هو. جيتوڻيڪ ماڇي سولنگي
گهڻو ڪري لاڙڪاڻو، قمبر، نصير آباد ۽ ڪن ٻين هنڌن
تي رهن ٿا. مسلمان آهن ۽ ڪاشتڪاري ڪندا آهن. مگر
هانگتاره جي باري ۾ خبر نه آهي ته ڪٿي هو؟
(4) چوٿون راڻو وڪيو ولد پنهون چنو هو، جو ”دره سيوي“ جو رهاڪو
هو. هن وقت سيوي ”سبي، جي نالي سان مشهور آهي ۽
سنڌ کان ٻاهر، بلوچستان ۾ شامل آهي.
(5) پنجو راڻو چنو ولد دهته ”ڀاڳ نئه“ جو رهاڪو هو پنجين راڻي
جو احوال به چوٿين راڻي جهڙو معلوم ٿو ٿئي. ڀاڳ
نئه، ”ڀاڳ ناڙي“ جي نالي سان مشهور آهي جا سبيءَ
جي ڀرن سا ۽ هن وقت سنڌ کان ٻاهر، بلوچستان ۾ شامل
آهي.
(6) ڇهون راڻو ”جيو“ ورياه هو، جو ”جهم“ يعني ”وگه ڪوٽ“ (2) جو
رهاڪو هو. ورياه اڇا تائين سنڌ ۾ رهن ٿا. مسلمان
آهن ۽ سندن ڌنڌو ڪاشتڪاري اهي. جهم يعني وگه ڪوٽ
هن وقت بدين تعلقي ۾ هڪ ويران متيءَ جو ڍير آهي.
(7) ستون راڻو جسودن (3)، جو ”مين ننگر“ تعلقي ”بانڀران واه“ جو
رهاڪو هو. هن زماني ۾ انهيءَ خطي جو سنڌ ۾ وجود ڪو
نه اهي. بانڀران واه شايد ”ٻانڀران“ هجي، جو اصل ۾
برهمڻ آباد هو. هاڻي اهو هڪ ويران ڳوٺ آهي، جو
شهدادپور تعلقي ۾ آهي.
قصوڪوتاه، 633هه مطابق 1236ع ۾ ملڪ خان خلجيءَ سيوهڻ تي ڪاهه
ڪئي ۽ سلطان ناصر الدين قباچه سندس مقابلي لاءِ
ملتان کان تڪڙو اچي پهتو. ٻنهي جي وچ ۾ سخت لڙائي
لڳي جنهن ۾ ملڪ خان خلجي مارجي ويو ۽ سلطان ناصر
الدين قباچه فتحمندي حاصل ڪرڻ بعد اچ ڏانهن ڪوچ
ڪيو سنڌ جا حاڪم ساڳيءَ ريت پنهنجين جاين تي قائم
رهيا، سنه 624هه مطابق 27-1226ع ۾ سلطان شمس الدين
التمش پنهنجي وزير نظام الملڪ کي، اچ جي محاصري
لاءِ موڪليو، جنهن 265هه مطابق 1227ع ۾ اُچ تي
قبضو ڪيو ۽ ناصر الدين قباچه بکر هليو ويو. نظام
الملڪ سندس پيڇو ڪيو. قباچه ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڀڄڻ
لڳو، مگر سندس عمر جي ٻيڙي موت جي نديءَ ۾ غرق ٿي
وئي ۽ سڄي سنڌ سلطان شمس الدين التمش جي وزير نظام
الملڪ جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ هن سنڌ جو انتظام تمام
سهڻي نموني سان رکڻ بعد 630هه مطابق 1233ع ۾ نور
الدين محمد کي سنڌ جي حڪومت هلائڻ لاءِ مقرر ڪيو.
633هه مطابق 1236ع ۾ سلطان شمس الدين التمش دارالسلطنت دهليءَ ۾
وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي سلطان مسعود شاه ولد رڪن
الدين فيروز شاهه ولد سلطان شمس الدين التمش
پنهنجي موروثي تخت تي جلوه افروز ٿيو ۽ سنڌ جي
حاڪمن کي جي سندس ڏاڏي جا مقرر ڪيل هئا، برقرار
رکيائين. 643هه مطابق 1245ع ۾ مغلن (تتاري منگولن)
جو لشڪر سنڌوندي اڪري اچ پهتو، ته سلطان مسعود شاه
به دهليءَ کان اچ ڏانهن روانو ٿيو. مغلن جو لشڪر
اتان ڀڄي بکر ۾ آيو. سلطان مسعود شاه، سنڌ جي حاڪم
معز الدين کي سندس ڪوتاهين سبب معزول ڪري، سندس
جاءِ تي ملڪ جلال الدين کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ۽
پاڻ دارالسلطنت دهليءَ ڏانهن موٽي ويو. مگر واپس
وڃڻ وقت ملتان ۾ گهڻي شراب پيئڻ سبب، جا سندس عادت
هئي، سلطنت جي ڪاروبار کان غافل ٿي ويو. هن جي پر
پٺ اميرن هن جي چاچي ناصر الدين محمود کي بهرائچ
مان گهرائي، 644هه مطابق 1246ع ۾ دهليءَ جي تخت تي
ويهاريو ۽ سلطان مسعود شاه کي قيد ڪيائون. جو قيد
م ئي حياتيءَ جا باقي ڏينهن گذاري فوت ٿي ويو.
سلطان ناصر الدين محمود 649هه مطابق 1251ع ۾
دارالسلطنت دهليءَ کان لاهور، ملتان ۽ اُچ جي رستي
بکر پهتو، جو سندس دارالحڪومت هو. مگر هاڻي ان کي
به بدلائي، سيوهڻ کي منتخب ڪيائين ۽ ملڪ جلال
الدين حسن ”قلغ خان“ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري،
دهليءَ واپس هليو ويو.
سلطان ناصر الدين اسم باسميٰ هو ۽ پنهنجين سهڻين وصفن سبب ڪنهن
به اڳئين خواه پوئين بادشاه کان گهٽ نه هو. هڪ سال
۾ به قرآن شريف لکندو هو ۽ انهن جي ڪتابت جي واجبي
رقم مان پنهنجو گذارو ڪندو هو. هڪ دفعي ڪنهن امير،
بادشاه جو لکيل قران شريف زياده رقم ڏئي خريد ڪيو.
بادشاه کي خبر پئي، ته کيس اها ڳالهه نه وڻي ۽
چيائين ته ”آئنده قرآن شريف مخفيءَ ريت فروخت ڪيا
وڃن.“ از انسواءِ بادشاهه جي گهر ۾ ڪا ٻانهي يا
نوڪرياڻي به ڪا نه هوندي هئي. بادشاه جي اهليه
محترمه پاڻ ماني پچائيندي هئي. هڪ ڏينهن بادشاه کي
چيائين ته ”ماني پچائڻ ۾ هٿن کي تڪليف ٿي ٿئي.
جيڪڏهن رڳو ماني پچائڻ لاءِ ڪا ٻانهي خريد ڪري ڏيو
ته ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟“ جواب ڏنائينس ته ”بادساه
جي لاءِ ضرورت کان زياده ڪا شئي خريد ڪرڻ مناسب نه
آهي، صبر ڪر. الله تعاليٰ آخرت ۾ توکي انهيءَ صبر
جو مٺو اجر ڏيندو.“ سچ پچ اهڙو بي ريا ۽ حق پرست
بادشاه دنيا ۾ ڪنهن به نه ڏٺو هوندو.
نيٺ اهو بي رياءُ ۽ حق پرست بادشاه 664هه مطابق 1266ع ۾ هن فاني
دنيا مان علام جاودانيءَ ڏانهن رحلت ڪري ويو ۽
دهليءَ جي تخت تي سلطان غياث الدين بلبن کي
ويهاريو ويو، جو سلطان شمس الدين التمش جي زر خريد
غلامن مان هو. سلطان غياث الدين سنڌ، ملتان ۽
لاهور جي حڪومت پنهنجي فرزند ارجمند سلطان محمد جي
حوالي ڪئي، جنهن سنڌ جي حاڪم قلغ خان کي سنڌ ۾
ساڳئي ريت قائم رکيو. سلطان محمد سهڻن گڻن وارو
هو. درويش سان عقدت رکندو هو ۽ گهڻو وقت حضرت بهاء
الدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت فريد الدين گنج شڪر پاڪ
پٽڻ واريجي صحبت ۾ گذاريندو هو. وڏو بهادر، سخي ۽
علم دوست هو. امير خسرو ۽ امير حسن (دهلوي) سندس
ملازم ۽ باقاعده وظيفه خوار هئا. کيس امير خسرو ۽
امير حسن جي نثر ۽ نظم پسند هوندي هئي. سلطان محمد
ايڏو مهذب هو، جو کيس دربار ۾ سڄو ڏينهن ۽ (ڪڏهن
ڪڏهن) سڄي رات ويهڻو پوندو هو ته به گوڏ مٿي نه
ڪندو هو يعني هميشه گوڏا ڀڃي ويهندو هو ۽ جنهن
حالت ۾ هوندو هو، انهيءَ ئي حالت ۾ رهندو هو ۽ قسم
کڻندو هو ته فقط ”حقا“ (يعني خدا جو قسم، يا سچ
آهي) چوندو هو.
روايت آهي ته حضرت عثمان مروندي (ميمندي) يعني قلندر شهباز، جو
سنڌ جي وڏن اوليائن مان آهي، هڪ دفعي ملتان ويو،
ته شهزاده محمد تمام وڏي عزت ڪيس. سندس خدمت ۾
نذرانا پيش ڪيائين ۽ ملتان ۾ رهائش اختيار ڪرڻ
لاءِ عرض ڪيائينس.مگر حضرت عثمان مروندي نه مڃيو ۽
ملتان مان هليو ويو. چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعي حضرت
عثمان مروندي ۽ حضرت بهاء الدين ذڪريا جو فرزند
صدر الدين شهزاده محمد جي مجلس ۾ موجود هئا. سماع
۾ يعني ڪن شعرن ۽ غزلن ٻڌڻ سان کين به ۽ ٻين
درويشن کي به وجد اچي ويو ۽ رقص ڪرڻ لڳا. شهزادو
محمد سيني تي هٿ ٻڌيو، ادب سان هنن جي اڳيان بيٺو
هو ۽ زاروزار روئي رهيو هو. اهو به چيووڃي ٿو ته
شهزاده محمد ٻه دفعا پنهنجا خاص ماڻهو موڪلي شيخ
مصلح الدين سعدي شيرازي کي ملتان اچڻ جي دعوت ڏني
۽ ڪجهه رقم به موڪليائينس. شهزاده محمد جو ارادو
هو ته شيخ سعدي لاءِ ملتان ۾ خانقاه ٺهرائي ۽ هڪ
ديهه خريد ڪري سندس نالي وقف ڪري ڇڏي. مگر شيخ
سعدي انهن ڏينهن ۾ بالڪل پوڙهيو ۽ ڪمزور ٿي ويو
هو، جنهن ڪري ملتان اچي نه سگهيو، پر ٻئي دفعا
پنهنجو ڪلام پنهنجي هٿ سان لکي، شهزاده ڏانهن
موڪلي ڏنائين ۽ امير خسرو جي پارت به ڪيائينس (سچ
پچ، اهڙي زندگي ئي سڀ کان بهتر آهي، جنهن ۾ اميري
به ميسر هجي ۽ فقيري به). شهزادو محمد 683هه مطابق
1284ع ۾ لاهور ۾ چينگيز خاني جنگ ۾ سهيد ٿي ويو.
سلطان غياث الدين شهزاده جي حڪومت سندس فرزند
ڪيخسرو خان جي سپرد ڪئي جنهن سنڌ جي اڳئين حاڪمن
کي پنهنجي والد ماجد جي دستور موجب قائم رکيو. نيٺ
مشيت ايزدي سان سلطان غياث الدين بلبن پنهنجي
فرزند ارجمند شهزده محمد جي غم ۾ 686هه مطابق
1286ع ۾ انتقال ڪيو ۽ دهليءَ جي تخت تي سلطان جلال
الدين خلجي، جو سلطان غيث الدين بلبن جي ملازمن
مان هو، پنهنجي طاقت ۽ عقلمندي سان قبضو ڪيو
[6]. تاريخن مان
معلوم ٿو ٿئي ته خلجي، چينگيز خان جي داماد ”خليج
خان“ جو اولاد آهن.
سلطان جلال الدين خلجيءَ 693هه مطابق 1293ع ۾ نصرت خان کي سنڌ
جو خاڪو مقررڪيو. 695هه مطابق 1296ع ۾ جڏهن سلطان
جلال الدين پنهنجي ڀائيٽي ۽ نالي سلطان علاء الدين
خلجيءَ جي هٿان شهيد ٿيو، تڏهن به سنڌ جو حاڪم
نصرت خان ئي هو. پاڻ دهليءَ جي بادشاهه سلطان علاء
الدين کيس هڪ هزار سوار زياده ڏنا، ۽ بکر، سويهڻ ۽
ديبل جو معقول بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏنائينس ۽ اهو
حڪم به ڏنائينس ته ”ملتان ۾ رهائش اختيار ڪر“.
جيتوڻيڪ 697هه ۾ مطابق 1297ع ۾ مغلن جو لشڪر
سيستان کان سيوستان (سيوهڻ) جي مٿان اچي ڪڙڪيو ۽
قلعي جو محاصرو ڪري، مٿس قبضو ڪيائين. مگر نصرت
خان ملتان کان زبردست لشڪر وٺي آيو ۽ مغلن کي شڪست
ڏئي قلعو هٿ ڪيائين ۽ اڳوڻو بندوبست برقرار رکي
پٺتي موٽي ويو. 716هه مطابق 1316ع ۾ سلطان علاء
الدين هيءَ فاني دنيا ڇڏي عالم جا ودانيءَ راهي
ٿيو.
سلطان علاء الدين جي رحلت کانپوءِ هندوستان جي اڪثر علائقن ۾
سورش برپا ٿي ۽ دهليءَ جي تخت تي خسرو خان قبضو
ڪيو
[7]. ڳچ عرصي کانپوءِ
غازي ملڪ ملتان ۽ سنڌ مان لشڪر وٺي دهليءَ ويو ۽
زبردست جنگ ۽ خونريزيءَ بعد، خدا جي فضل سان
فتحياب ٿيو ۽ 620هه ۾ ”غياث الدين تغلق“ جي لقب
سان هندوستان جو مستقل بادشاهه بڻيو. جيتوڻيڪ ملڪ
غازي (غياث الدين تغلق) دهليءَ وڃن وقت پنهنجي غير
حاضريءَ ۾ خواجه خطير کي بکر ۾ ۽ ملڪ علي شير کي
سيوهڻ ۾ مقرر ڪري ويو هو، مگر سومرا قوم، جا ٺٽي
جي اوسي پاسي رهندي هئي، بغاوت ڪئي ۽ ٺٽي ۽ ان جي
ويجهن علائقن تي قبصو ڪيائين. جڏهن غياث الدين
تغلق جي زندگيءَ جو چراغ 725هه مطابق 1326ع ۾ موت
جي هوا سان اجهاميويو، تڏهن سندس فرزند سلطان محمد
ساه تخت نشين ٿيو. جنهن 727هه مطابق 27-1326ع ۾
”ڪشلو خان“ يا ”خسرو خان“ کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو
پر هو جلد ئي پنهنجي سلطان جو نافرمان ۽ باغي ٿي
پيو ۽ ان جي عيوض قتل ٿي ويو. سندس جاءِ تي ٻيو هڪ
نواب مقرر ڪيو ويو، مگر ڪنهن به تاريخي ڪتاب مان
ان جو نالو معلوم نه ٿو ٿئي. نيٺ سلطان محمد شاه
کي ”بغي“ نالي هڪ غلام جي بغاوت، گجرات جي حاڪم جي
نافرماني ۽ سومرن جي سرڪشيءَ سبب کين سر زنش ڪرڻ
لاءِ پاڻ دهليءَ کان گجرات جي رستي ٺٽي ۾ اچڻو
پيو، جو بغي به اتي هو ۽ سومرا به اتي ئي هئا، پر
مشيت ايزدي ائين هئي، جنهنڪري 752هه مطابق 1351ع ۾
دارالفنا ڇڏي، دارالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو.
راقم الحروف هن ديندار بادشاه جا چند اوصاف حميده بيان ٿو ڪري.
چيو وڃي ٿو ته سلطان محمد شاه جمعي نماز هميشه
جامع مسجد ۾ ادا ڪندو هو ۽ ائين سمجهندو هو ته
بادشاهي يا صوبه داري (علائقائي حڪومت) وقت جي
خليفي جي اجازت کان سواءِ نه ڪرڻ گهرجي. انهيءَ
ڪري انهيءَ دور جي خليفي ڏانهن قيمتي تحفا مصر
موڪلي، کانئس حڪمرانيءَ جي اجازت ورتائين ۽ خطبي ۾
خليفي جي نالي کانپوءِ پنهنجو نالو شامل ڪرايائين.
سلطان محمد شاهه جي رحلت ٺٽي ۾ ٿي. هن کانپوءِ هن جو سوٽ سلطان
فيروز شاه، جو ٺٽي ۾ هن سال گڏ هو، تخت نشين ٿيو.
جنهن شاه دين پناهه سلطان محمد شاه جي خواهش موجب
سومرن، سمن ۽ جاريجن کي سر زنش ڪئي، ۽ ڄام خير
الدين سمي
[8] کي ٺٽي جو حاڪم ۽
”نصر“ کي هڪ هزار سوار ڏئي، ”سنڌ جو فوجدار“مقرر
ڪيائين. ”نصرپور“ شهر جو بنياد انهيءَ نصر جو وڌل
آهيل. سلطان فيروز شاه 753هه مطابق 1356ع ۾ سيوهڻ
ويو ۽ حضرت قلندر شهباز ۽ ٻين مشائخن جي زيارت جو
شرف حاصل ڪيائين. ملڪ علي شير خان ۽ مڪ تاج الدين
ڪافوريءَ کي اتان جو هاڪم مقرر ڪري، پاڻ بکر ۾ اچي
وارد ٿيو (حضرت قلندر شهباز جي روضي جي تعمير جو
ڪم انهيءَ بادشاهه شروع ڪرايو هو، جنهن جو احوال
مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ويهه ڏينهن بکر ۾ رونق
افروز رهيو. ملڪ رڪن الدين کي ”اخلاص خاني، جو
خطاب عطا ڪيائين. ملڪ عبدالعزيز کي بکر جو ديوان
مقرر ڪيائين ۽ قلعي جي حفاظت لاءِ 80 سپاهي سندس
سپرد ڪرڻ بعد، سنڌ جي سڀني معاملن جي انتظام جي
زمه داري مٿس رکيائين. معلوم ٿئي ٿو ته 442هه
مطابق 1370ع ۾ بادشاهه جهان پناهه، ڄام خير الدين
سمي جي بغاوت کي دٻائڻ لاءِ ننگر ڪوٽ (گجرات) جي
رستي دوباره سنڌ ۾ تشريف فرما ٿيو ۽ ڄام خير الدين
کي ۽ سندس عزيزن ۽ ٺٽي جي ڪن نامور زميندارن کي
گرفتار ڪري، دهليءَ وٺي ويو. جيتوڻيڪ ڄام خير
الدين سيوهڻ جي ڀرسان رستي مان ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش
ڪئي، پر کيس زنجير وجهي، دهليءَ نيو ويو، جتي قيد
۾ مري ويو. سندس فوت ٿي وڃڻ بعد 781هه منطابق
1379ع ۾ سندس فرزند ڄام جوڻي کي شاهي سروپاء
پهرائي، ٺٽي جي حڪومت سپرد ڪئي وئي. انهيءَ عرصي ۾
سنڌ جي حڪومت تن علاقائي حڪومتن بکر، سيوهڻ ۽ ٺٽي
۾ تقسيم ٿي چڪي هئي. سلطان فيروز شاه 790هه مطابق
1388ع ۾ انتقال ڪيو ۽ سلطان تغلق شاه دهليءَ جي
تاج ۽ تخت جو وارث ٿيو. پوءِ سلطان ابوبڪر شاه
سندس قائم مقام بڻيو. ان کان پوءِ سلطان محمد شاه،
پوءِ سلطان سڪندر شاه ۽ سڀ کان پوءِ سلطان نصرت
شاه
[9] هن خاندان مان
دهليءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيندا رهيا.
جيئن ته انهيءَ دور جي بادشاهن جي باري ۾، جن جو سنڌ جي حڪومت
سان تعلق رهيو آهي، تفصيلي احوال معلوم نه ٿو ٿئي،
تنهنڪري رقم الحروف کي ڪهڙي ضرورت پئي اهي، جو
سندن تخت نشيني، سلطان جي خاتمي ۽ سندن حياتي ۽
موت جي متعلق تفصيل هٿ ڪري پنهنجي مٿي ۾ سور وجهي.
انهيءَ صورت ۾ مان غير ضروري حالات کي نظر انداز
ڪري، اصلي مقصد تي ٿو اچان. تاريخ جي مطالعي مان
معلوم ٿو ٿئي ته جڏهن مٿي ڄاڻايل سلطنت ۾ ڪمزوري
پيدا ٿي ۽ جهڳرن ۽ تفرقي بازي منهن ڪڍيو ته
ڪيترائي ڏورانهان ۽ خصوصاً سرحدي علائقي نا فرمان
ٿيا ۽ مرڪز جي اطاعت کان منهن موڙي، خودمختار ٿي
ويا. تان جو اهڙين حالتن کان پوءِ 800هه مطابق
1397ع ۾ صاحبقران امير تيمور جو ڏهٽو مرزق پير
محمد پنجاب کان سنڌ ۾ آيو ۽ ڪن علائقن تي قبضو
ڪيائين. مگر ائين ڪرڻ سبب وڏو انتشار پيدا ٿيو.
راقم الحروف جو پختو خيال آهي ته ”غوري قوم“ جا
ماڻهو شايد انهن بادشاهن جي نسل مان اهن، جي هاڻي
باقي وڃي بچيا آهن ۽ شايد انهن مان زياده تر
افغانستان موٽي ويل ٿا ڏسجن.
طبقو ڇهون
سومرا گهراڻي جي حڪومت جو قيام
سال 801هه مطابق سال 1398ع کان
سنڌ جون ڪي تاريخون جهڙوڪ ”طاهري نسياني“ ۽ ”مختصر
هندي“ لکن ٿيون ته سومرا هندو هئا. تحفة الڪرام جو
مولف لکيٿو ته ”هندو آهن يا مسلمان، مگر دراصل
”سامراه“
[10] جي عربن مان
آهن، ۽ اها به قيقي ڳالهه آهي ته قديم سنڌ جا
رهاڪو آهن ۽ ڪاشتڪاري ۽ زمينداري ڪندا آهن.
مطلب ته مٿي ڄاڻايل عرصي ۾ (جڏهن ملڪ جي اندر انتشار
هو) سومرن ”ٺري“ شهر جي اوسي پاسي کان، جنهن جو
وجود اڄڪلهه ڏسڻ ۾ وڪنه ٿو اچي
[11] ماڻهو گڏ ڪري ۽
هندوستان جي مختلف هنڌن تي برپا ٿيل فسادجو موقعو
وٺي ”سومري“ نالي هڪ شخص کي ٺٽي جي ويجهڙائي ۾ تخت
تي ويهاريو. سومرو تمام سهڻي نموني سان هڪومت ڪري،
فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ سندس فرزند ”ڀونگر“، جو
”صاد“ نالي هڪ زميندار جي نياڻيءَ مان هو پيءُ جي
جاءِ تي تخت نشين ٿيو. هن پنهنجي پيءَ جي بنسبت
پنهنجي حڪومت کي وسيع ڪيو. ڀونگر کانپوءِ سندس
فرزند ”دودو“ تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي حڪومت نصرپور
تائين وڌايائين. مگرجوانيءَ ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽
پنهنجي پٺيان ”سنگهار“ نالي هڪ پٽ ۽ ”تاري“ يا
”پاري“ نالي هڪ نياڻي ڇڏي ويو. سنگهار ننڍو هو،
انهيءَ ڪري سندس ڀيڻ تاري (يا پاري) حڪومت هلائڻ
لڳي. جڏهن سنگهار وڏو ٿيو ته پاڻ حڪومت هلائڻ شروع
ڪيائين ۽ تمام سهڻي نموني سان ملڪ کي به وڌايائين
۽ بغاوتون به ختم ڪيائين. سنگهار کي اولاد ڪو نه
هو، ان ڪري سندس گهر واري ”هيمون“ ۽ سندس ڀائر
حڪومتهلائڻ لڳا. نيٺ ”ڀٽو“، جو دودي جي اولاد مان
هو، تخت نشين ٿيو، ۽ چند سال چڱي نموني حڪومت
هلائي، فوت ٿيويو، ان کانپوءِ ”خيرو“ نالي سومرو
ملڪ جو والي ٿيو. جڏهن سندس حڪومت جو سج موت جي
اُفق ۾ غروب ٿي ويو، ته ”ارميل“ نالي سومرو گادي
نشين ٿيو، جو ظالم ۽ بدمزاج هو. رعيت کي ايذائڻ
لڳو، جا خالق اڪبر جي مخلوق آهي. جنهن ڪري ماڻهو
ڇڙ وڇڙ ٿي، هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا. هو پاڻ
به قتل ٿي ويو ۽ سومرا گهراڻي جي حڪمراني به ختم
ٿي وئي.
مٿيون احوال ”تاريخ معصومي“ مان، جا نهايت ئي معتبر
تاريخ آهي ۽ تحفة الڪرام مان، جا بالڪل مفصل تاريخ
آهي، ورتو ويو آهي. مگر تحفة الڪرام جي مورخ سومرا
گهراني جيحڪمرانن جوا حوال سندن حڪمرانيءَجي عرصي
سميت لکيو آهي. جيڪڏهن تحفة الڪرام جي لکڻ موجب
اهو عرصو لکيو ويندو ته ڪو به مورخ ان تي اعتبار
نه ڪندو تنهنڪري راقم الحروف سندن حڪمرانيءَ جي
عرصي کي ڇڏي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جي معلومات
لاءِ صرف سندن ترتيب وار نالن لکڻ تي اڪتفا ٿو
ڪري:
پهريون حاڪم سومرو هو. ٻيو سندس پٽ ڀونگر، جو صاد نالي
هڪ زميندار جي نياڻيءَ مان هو ۽ پندرهن سالن جي
عمر ۾ تخت نشين ٿيو هو. ٽيون دودو. چوٿون سنگهار.
پنجون خفيف، ڇهون عمر. ستون ”دودو ٻيو“. اٺون ڀتو.
نائون خيرو (يا کيرو). ڏهون محمد طور. يارهون
”خيرو (يا کيرو) ٻيو“. ٻارهون ”دودو ٽيون“. تيرهون
طائي. چوڏهون چنيسر. پندرهون”ڀونگر ٻيو“. سورهون
”خفيف ٻيو“. سترهون ”دودو چوٿون“. ارڙهون ”عمر
ٻيو“. اڻويهون ”ڀونگر ٽيون“. ويهون حمير، جو ظالم،
چيڙاڪ ۽ رنگيلو هو ۽ انهيءَ ئي نا اهل جي زماني ۾
حڪومت سومرا گهراڻي مان نڪري، سما گهراڻي ۾ هلي
وئي.
راقم الحروف سومرا قوم جون ڪي عجيب و غريب ڳالهيون بيان
ڪري ٿو، جي پڙهندرن جي دلچسپيءَ جو سبب ٿينديون.
سومرا قوم جو ”حمير“ نالي هڪ امير، هڪ خوبصورت ۽
پاڪدامن عورت ڏانهن مائل هو. جيتوڻيڪ عورت پنهنجي
عفت ۽ عصمت جي پوري حفاظت ڪندي هئي، مگر حمير
پنهنجي بري ارادي تان دست بردار نه ٿيندو هو. هڪ
ڏينهن ڪو بهانو ڪري، انهيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو ۽
ساڻس دست درازي ڪرڻ لڳو. عورت چيس ته ”ترس هن ڪم ۾
تڪڙ ڪرڻ مناسب نه آهي. پهريائين منهنجن سوالن جا
جواب ڏي، پوءِ ٻي ڳالهه ڪر“. عورت پڇيس ته ”مشهور
آهي ته عقل کي چاليهن حصن ۾ ورهايو ويو.
اُڻيتاليهه حصا مرد کي ڏنا ويا ۽ فقط هڪ حصو عورت
کي، ڇا اهو صحيح آهي؟ حمير چيو ته ”ها، صحيح آهي“.
وري پڇيائين ته ”چوندا آهن ته ”شهوت کي چاليهه حصا
ڪيو ويو. اُڻيتاليهه حصا عورت کي ڏنا ويا ۽ فقط هڪ
حصو مرد کي.“ ڇا اهو صحيح آهي؟“ حمير جواب ڏنو ته
”ها، صحيح آهي“. تنهن تي عورت چيس ته جڏهن اهي
ڳالهيون توکي معلوم آهن، ته پوءِ تعجب آهي جو تون
شهوت جي فقط هڪڙي حصي ۽ عقل جي اُڻيتاليهن حصن
هوندي به پنهنجي وس کان ٻاهر نڪري ٿو وڃي ۽ پنهنجي
مٿان ضابطو رکي نٿو سگهين. جڏهن ته مان عقل جي ڪمي
۽ شهوت جي ڪثرت جي باوجود پاڻ تي ضابطو رکان ٿي“.
حمير لاجواب ٿي پيو ۽ انهيءَ پاڪدامن عورت کان
معافي وٺي، سندس گهر مان نڪري ويو.
عمر سومري ۽ تميم قوم جي هڪ ڇوڪريءَ گنگا جو قصو، حمير
سومري جو قصو، مومل مينڌري جو قصو، چنيسر ۽ ليلان
جو قصو ۽ ٻيا به ڪيترائي قصا آهن، جي مشهور آهن ۽
سومرا قوم ڏانهن منسوب، مگر طوالت سبب لکي نٿا
سگهجن. هن قوم ۾ جيڪي عجيب و غريب عادتون هيون،
انهن مان ڪي هت بيان ڪجن ٿيون.
سومرا حڪمران پنهنجي رعيت کي، حتيٰ ڪ پنهنجن ڀائرن کي
به ڏنڀ ڏيندا هئا. پڳ فقط سردار ٻڌندا هئا. هٿن جا
ننهن به نه ڪاٽيندا هئا. اها هڪ علامت هئي،
حڪمرانن ۽ ٻين ماڻهن جي وچ ۾ امتياز ڪرڻ خاطر
ضروري سمجهي ويندي هئي. سڀئي سومرا فقط نوان ڪپڙا
پائيندا هئا. ڌوتل ڪپڙن پائڻ ۾ عار سمجهندا هئا.
اهڙيءَ ريت جيڪا عورت ٻار ڄڻيندي هئي، ٻيهر ان جي
ويجهو نه ويندا هئا. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ قوم جي
هڪ عورت کي پنهنجي مرد سان غير معمولي محبت هئي.
جڏهن حامله ٿي، ته ڳڻتي وٺي ويس ته جڏهن ويم
ڪنديس، ته مڙس مونکي نظر انداز ڪري ڇڏيندو. اهو
خيال ڪري سوچ ۾ پئجيوئي. عقلمند عورت هئي. نيٺ
هيءُ رستو ڳولي ڪڍيائين، جو پنهنجي گهر جون چادرون
جي ميريون هيون ۽ ردي سمجهي، هڪ پاسي اڇلايون ويون
هيون، سي ڌوٻيءَ کان ڌوئاري، صاف ڪرائي رکيائين.
هڪ دفعي جڏهن سندس مڙس وهنجڻ بعد لڱن اُگهڻ لاءِ
ڪپڙو گهريس ته هڪ ڌوتل چادر آڻي ڏنائينس، جا بالڪل
نرم هئي. مڙس پڇيس ته ”هيءَ چادرڪهڙي قسم جي
آهي؟“. چيائينس ته ”هيءَ اها ئي چادر آهي، جا تو
بيڪار سمجهي، اڇلائي ڇڏي هئي. الله تعاليٰ توهان
ماڻهن کي تنگ نظر بڻايو آهي، جو ههڙن نرم ۽ صاف
ڪپڙن کان محروم آهيو“. مڙس کي زال جي ڳالهه معقول
نظر آئي ۽ ڌوتل ڪپڙن استعمال نه ڪرڻ جي عادت
ڇڏيڏنائين. ٻين ماڻهن ٻڌو ته انهن کي به اها ڳالهه
دل سان لڳي ۽ هنن به اها عادت ترڪ ڪري ڇڏي. زال
جڏهن ڏٺو ته سندس ڳالهه مڙس جي دل اثر ڪيو آهي،
تڏهن وجهه وٺي چيائين ته ”عورت ٻار ڄڻڻ کانپوءِ به
اهڙي ئي پاڪ صاف هوندي آهي، جهڙو ڌوتل ڪپڙو“. مڙس
جيئن ته زال جي معقوليت جو قائل ٿي چڪو هو،
تنهنڪري وقت اچڻ تي اها ڳالهه به آزمائي ڏٺائين ۽
ان کي پسند ڪيائين. ٻين مردن به جڏهن اهاڳالهه ٻڌي
ته انهن کي به آزمائڻ کانپوءِ پسند آئي ۽ اهڙي ريت
آهستي آهستي سومرن مان انهيءَ بري رسم جي پاڙ پٽجي
وئي.
اصل ۾ سال 137هه مطابق
سال 754ع. (ن ب).
شهاب الدين بن قاسم (ن ب).
تحفة الڪرام مطابق بهونر (1) مولف جو ماخذ
تحفة الڪرام آهي، پر عبارت نقل ڪرڻ ۽ ان جي
وضاحت ڪرڻ ۾ ڪي غلطيون ڪيون اٿس. تحفة الڪرام
فقط ”تونگ“ لکيو اهي، جوهن وقت ڪوٽڙي تعلقي ۾
آهي. مولف ”تقع“ جو لفظ وڌايو آهي ۽ هونئن به
هي لفظ مبهم آهي.
تحفة الڪرام مطابق ”ججه“
(1) تحفة الڪرام مطابق ”مانگتاره“. (ن ب).
(2) مولف جي اها وضاحت صحيح نه آهي. ”و گه
ڪوٽ“ هڪ پراڻو شهر هو، جنهن جي کنڊرن جا نشان
بدين جي ڏکڻ (هيٺين سنڌ) ۾ اڃا تائين موجود
آهن. باقي جهم هڪ خطي جو نالو آهي، جو ڪوٽڙي ۽
ٺٽي جي وچ ۾ آهي. تحفة الڪرام وگه ڪوٽ جي
بجاءِ ”هيمه ڪوٽ“ لکيو آهي. مگر مولف عبارت
نقل ڪرڻ وقت خلط ملط ڪيو آهي. (ن .ب).
(3) تحفة الڪرام مطابق معبود بن آگره (ن . ب).
سلطان غياث الدين جي وفات کانپوءِ سندس ڏهتو
سلطان معز الدين ڪيقباد تخت نشين ٿيو ۽ 689هه
مطابق 1290ع تائين هڪومت ڪيائين. ان کانپوءِ
سلطان جلال الدين خلجي حڪومت تي قبضو ڪيو (ن
.ب).
سلطان علاء الدين جي وفات کانپوءِ سندس فرزند
شهاب الدين عمر 715هه ۾ ۽ ان کانپوءِ ان جو
فرزند قطب الدين مبارڪ (720-716هه ۾) تخت نشين
ٿيا. انهن کانپوءِ 720هه ۾ ناصر الدين خسروجو
تسلط ٿيو (ن .ب).
سلطان ناصر الدين (ن . ب).
هن پراڻي شهر جا کنڊر ماتلي، ضلعي حيدرآباد جي اوڀر ۾ اڃان
تائين موجود آهن (ن. ب).
|