چوڏهون ڪمشنر: سر چارلس اوليونٽ صاحب (ايڪٽنگ)
سال 1312هه مطابق 1895ع ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ ڪاٺياواڙ جي
معزز عهدي تان، ڪراچيءَ ۾ اچي سنڌ جي ڪمشنريءَ جو
انتظام سنڀاليائين. جيئن ته هن کان اڳ ۾ به سال
95-1294هه مطابق 81-1880ع ۾ سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر
جي معزز عهدي تي رهيو هو، تنهنڪري سنڌ جي حالتن
کان چڱي طرح واقف هو ۽ انهيءَ ڪري ئي سرڪاري ڪمن
جي سر انجامي سهڻي نموني سان ڪندو رهيو. انهن
ڏينهن ۾ سندس اسسٽنٽ مسٽر جي. سليڊن صاحب هو.
ڪمشنر صاحب اگرچه دستور موجب چڱي طرح سان ڪاروبار
هلائيندو رهيو، تاهم سندس ايامڪاريءَ ۾ جيڪي وڏا
ڪم ٿيا، يا عجيب حالات پيدا ٿيا، سي ترتيب وار هت
درج ڪيا وڃن ٿا.
(1) مٿئين سال (1312هه مطابق 1895ع) ۾ سرحد سنڌ (جيڪب آباد) جو
پوليس عملدار مسٽر پينٽن صاحب، عيسائي مذهب ترڪ
ڪري، اسلام ۾ داخل ٿيو. انصاف پسند حاڪمن کيس ڪا
به ملامت نه ڪئي، بلڪه ساڳئي ريت پوليس عملداريءَ
جي عهدي تي کيس بحال رکيائون. البت هيترو ڪيائون،
جو کيس سنڌ مان بدلي ڪري دکن موڪلي ڇڏيائون. بيشڪ،
ائين ئي ڪرڻ کپي، جو انصاف جو بهترين طريقو اهو ئي
آهي.
(2) انهيءَ سال (1312هه مطابق 1895ع ۾) کپري ۽ سانگهڙ (ضلعي
ٿرپارڪر) ۽ شهدادپور (ضلعي حيدرآباد) ۾ ”حُرن“
شورش، فساد ۽ خونريزي شروع ڪئي. اهو فرق زياده تر
”ڪنگري“ جي سجاده نشين پيرن جو مريد ۽ پوئلڳ آهي ۽
هن سچائي جي رستي تان ٿڙيل فرقي جو اعتقاد هيءُ
آهي جو گادي نشين پير کي نعوذ با الله منها ”خدا
وند علم“ سمجهندا آهن.
جنهن جا اوصاف ”الصمد لم يلدولم يولد“ آهن(1). انهيءَ ڪري ڪنهن
کي به هن جو مَٽُ ۽ شاني نه ڀائيندا آهن. هي
گمراه ”حُر“ جي نالي سان مشهور آهن. هنن حرن جو
قصور اگرچه تمام وڏو آهي، پر هت اختصار سان بيان
ڪيو ٿو وڃي. ”حُر“ عربي، بلڪه ترڪي زبان جو لفظ
آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سچو پچو پهلوان“. حر،
حضور نبي ڪريم عليه الصلواة و السلام جي جگر گوشي
حضرت امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه جي ڏينهن ۾
شهيد ٿيو هو. مگر هيءُ فرقو جيئن ته بدڪار آهي،
تنهنڪري ”لُرُ“ مشهور آهي، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾
بي بنياد ۽ بدڪار سڏيو ويندو آهي(1)
قصو ڪوتاه، جڏهن انهيءَ فرقي جي شورش ۽ فساد جو اثر رعيت ۽
انگريز سرڪار جي پوليس آفيسرن تي پيو، تڏهن سرڪار
نامدار حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ پلٽڻ، پوليس ۽ جاسوس
موڪليائين ۽ مرحوم پير علي گوهر شاه صاحب ۽ ٻين
کان مدد ورتائين جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، جو اڪثر
حر گرفتار ٿيا. ڪي مارجي ويا ۽ ڪن کي ڦاسيءَ تي
چاڙهيو ويو، جن ماڻهن هن حيرت انگيز معاملي ۾
(انگريز سرڪار جي) مدد ڪي، انهن کي انعام ڏنا ويا،
جن جو تفصيل مناسب موقعي تي بيان ڪيو ويندو.
(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: اهو گمان، حقيقت جي بالڪل
برخلاف آهي. انگريز سرڪار جي عملدارن ڄاڻي ٻُجهي
اها تهمت گهڙي ۽ هن ڳالهه کي مشهور ڪرڻ ۾ ڪا به
ڪسر نه ڇڏيائون. ته سنڌ جا مسلمان عام طرح ۽ سنڌ
جا (سڀ) باشندا خاص طرح حرن جون جماعت (جا حريت
پسند ۽ انگريز سرڪار جي دشمن هئي) کان بدمان آهن ۽
کين ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.
[1]
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو نوٽ: ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جي مؤلف جي
اها راءِ سندس وفاداري ۽ نمڪ خواريءَ جو دلدلي
آهي، جو هميشه انگريز سرڪار جو خدمتگذار رهيو آهي.
حُر، انگريز سامراج کي حقارتجي نظر سان ڏسندا هئا
۽ سانده ساڻس لڙائي ڪندا رهندا هئا. سنڌ ۾ حر
تحريڪ جي شروعات هن ريت ٿي، جو ارڙهين صدي عيسويءَ
۾ هندوستان جي اندر مغل سلطنت جو زوال ٿيو ۽
مسلمانن جي طاقت جو شيرازو درهم برهم ٿي ويو. غير
مسلم قومن منجهان مرهٽن مهاراشٽر ۾ ۽ سکن پنجاب ۾
پنهنجون حڪومتون قائم ڪيون. اڻويهين صدي عيسويءَ ۾
سکن سڄي پنجاب تي غلبو حاصل ڪري، اتر اولهه ڏانهن
لشڪر ڪشي ڪئي، تان جو پشاور تي ڪاهه ڪيائون ۽
امڪان هو ته پختون ۽ افغان قبيلن کي مغلوب ڪري
وجهن، جي پنهنجي شجاعت ۽ مردانگيءَ جي ڪري
هندوستان جي مسلمانن ۾ مشهور هئا.
انهيءَ صورت حال مجاهد اعظم سيد احمد بريلويءَ ۾ جوش
پيدا ڪيو ۽ هن ديني غيرت ۽ حميت جي ڪري سکن جي
برخلاف جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو ۽ هن پنهنجن ساٿين
سميت دهليءَ کان پشاور وڃڻ جو ارادو ڪيو. پر جيئن
ته پنجاب سکن جي قبضي ۾ هو انهيءَ ڪري سيد موصوف
راجپوتانا جي رستي سنڌ ۾ آيو. حيدرآباد ۾ ٽالپر
حڪمرانن، سيد صاحب جي خاطر تواضح ۾ ڪا به ڪسر نه
ڇڏي ۽ پنهنجي معزز (ڏسو ايندڙ صفحي جو حاشيو) ترين
مهمان جي پذيرائي سندس مرتبي جي مطابق ڪيائون. مگر
کيس مدد ڏيڻ کان هٻڪڻ لڳا، ته متان پنجاب جو سِک
راجا رنجيت سنگهه، سنڌ تي چڙهائي نه ڪري.
سيد احمد بريلوي حيدرآباد کان ڪُوچ ڪري اُتر سنڌ ۾ پهتو
۽ پير پاڳاري (دستار ۽ ڪُلاه جو مالڪ) سيد صبغت
الله بن مرشد انام (مخلوق جو مرشد) حضرت محمد راشد
رحمت الله عليه سان مليو. سيد صبغت الله شاه هڪ
حريت پسند انسان هو. هن ديني غيرت سبب سيد احمد جي
مجاهدانه عزائم سان مڪمل اتفاق ڪيو ته جهاز ڪري،
اتر هندوستان جي مسلمانن کي سکن جي غلاميءَ جي
مصيبت کان نجات ڏيارڻ گهرجي. پير صاحب سنڌ ۾ هڪ
زبردست مهم شروع ڪئي ۽ مسلمانن کي جهاد جي ترغيب
ڏياريائين. درزين جي هڪ گروه کي گهرائي، حڪم
ڪيائين ته مجاهدن لاءِ جنگي پوشاڪون تيار ڪن ۽
پنهنجن مريدن ۽ دوستن جي هڪ جماعت، سيد صاحب کي
ساڻ ڏنائين. اها ئي اُها پهرين جماعت هئي، جا
”حُرن“ يعني احرار جي نالي سان موسوم ٿي.
سيد صبغت الله شاه انهيءَ جماعت کي ساز سامان سميت سيد
احمد سان گڏ روانو ڪري، پاڻ سنڌ ۾ ترسي پيو. ڪي
علماءِ حق، جن حريت جي جذبي ۽ حق جي ڪلمي بلند ڪرڻ
کي پنهنجو نصب العين ٺهرايو هو. اُنهن سيد صبغت
الله شاه جي سڏ تي ليڪ چئي، حرن جي جماعت ۾ شرڪت
پئي ڪئي ۽ کين سيد احمد جي مدد لاءِ موڪليو ٿي
ويو. انهن مان هڪ قاضي عثمان سنڌ به هو، جو قاضي
شوڪاني رحمت الله عليه جو شاگرد ۽ محمد بن
عبدالوهاب نجديءَ جي تعليمات کان متاثر ٿي، پنهنجي
وطن سنڌ ڏانهن موٽيو هو ۽ پو؟ءِ حرن جي هڪ گروهه ۾
جهاد لاءِ شريڪ ٿيو هو. هن حقاني عالم جي هٿيارن
مان هڪ خنجر اڃا تائين سندس اولاد وٽ محفوظ اهي ۽
هن جي ڪتابن مان هڪ قلمي مجموعو امام بن تيميه جي
رسالن جو آهي، جن مان ڪي گهڻو ڪري اڃا تائين نه
ڇپيا آهن ۽ مٿن شيخ محمد بن عبدالوهاب جي فرزند
عليءَ جي مُهر لڳل آهي. اهو مجموعو سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ محفوظ آهي.
سيد احمد کي پهريائين هن جهاد ۾ فتوحات حاصل ٿيون، مگر
پوءِ حالتون بدلجي ويون ۽ هو سال 1246هه جي
ذوالقعد ۾ شهيد ٿيو سندس تاريخ وفات جو قطعو، جو
بالاڪوٽ جي قلعي ۾ سندس تربت جي مٿان لکيل آهي ۽
منهنجن دوستن ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان ۽ حضور احمد
سليم، سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جي ذريعي مون
کي مليو آهي، ان مان سيد احمد جي شهادت جي تاريخ ۽
سال جو پتو پوي ٿو:
سيد احمد بريلوي غازي هست مدفون اندرين مرقد مؤمن و متقي ولي
الله بُد مجاهد به راس سيزده صله آمد از هند با
گروه کثير بهر امداد مردم سرحد جنگ با سکهه نمود و
گشت شهيد بود راضي از و خدائ احد بيست و چارمُ بُد
ازمه ذي قعد سال غم گر بداني از ابجد کاف جو جارا
کشيد گو يوسف ”رحمت رب بود باين مرقد“ (1269-32=) 1246هه
غازي سيد احمد بريلوي هن تربت ۾ دفن ٿيل آهي.
هو تيرهين صديءَ جي اوائل جو هڪ مؤمن، متقي، ولي الله ۽ مجاهد
هو.
صوبه سرحد جي ماڻهن جي امداد لاءِ هندوستان کان وڏي جماعت سان
آيو.
سکن سان جنگڪندي، شهيد ٿي ويو. الله واحد هن کان راضي هو.
اُها ذوالقعد جي چوويهين تاريخ هئي. جيڪڏهن غم وارو سال ابجد جي
ذريعي معلوم ڪرڻ چاهين ته...
يوسف، ڪاف ۽ جيم (جي عددن کي مادهء تاريخ مان) ڪڍيو آهي (جو
هيءُ آهي ته) ”رحمت رب بود باين مرقد“ (يعني هن
رتبت تي پروردگار جي رحمت هجي) 1269-23=
1246هه (”يوسف“ شايد قطعئه تاريخ لکڻ واري شاعر جو
نالو هو. مادهء تاريخ جا عدد 1269 آهن. انهن مان ڪ
(20) ۽ ج (3) جا عدد (23) ڪڍڀا، ته 1246 بچندا
(مترجم)).
سيد احمد جي شڪست جي سببن مان هڪڙو سبب هيء هو جو سيد صبغت الله
شاه سنڌ ۾ پهرين رمضان 1246هه تي وفات ڪئي، ۽ حر
مجاهد جماعتن ۽ ساز سامان جي امداد، جا سيد صبغت
الله شاه جي طرفان هڪ ٻئي پٺيان سيد احمد کي
پهچندي پئي رهي، سا بند ٿي وئي. بلڪه سيد صبغت
الله شاه جي وفات سبب سيد احمد جو هڪ بازو ڀڄي
پيو. ڇو ته سيد احمد، سيد صبغت الله شاه کي سنڌ ۾
پنهنجو قائم مقام ٿي سمجهيو ۽ پنهنجي اهل عيال کي
ه سندس حفاظت ۾ ڇڏي ويو هو. جيئن سندس خط مان ظاهر
آهي، جو سيد صبغت الله شاه کي لکيو اٿس:
”بسم الله الرحمٰن الرحيم. امير المؤمنين سيد احمد جي طرفان
ارشاد ۽ تلقين جي محفلن جي سجاده نشين جي خدمت با
برڪت ۾ جو صدق ۽ يقين وارن جو رهنما، استفادو
ڪندرن جو مرڪز، هدايت حاصل ڪندڙن جي پناه گاه ۽
الله جي واٽ ڏانهن رهبري ڪندڙ آهي، منهنجو مخدوم
شاه صبغت الله صاحب، الله تعاليٰ سندس هدايت جو
سايو قيامت تائين مريدن جي سرن تي قائم رکي. سلام
مسنون ۽ دعاءِ مقبول کانپوءِ واضح هجي، ته اوهان
جا مبارڪ خط مليا، جي ملت مسلمه کي بيدار ڪرڻ، سنت
محمديءَ کي جيارڻ، جهاد کي قائم رکڻ ۽ ڪفر ۽
دشمنيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ انتها درجه جي اشتياق،
بلند همتي ۽ اراده جي پختگيء تي مشتمل هئا. منجهن
درج ٿيل احوال خطن جي بليغ بعادت مان اخصار سان، ۽
ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي واتان تفصيل سان معلوم ٿيو.
بيشڪ، ههڙي عظيم ڪم جي سر انجامي ۽ ايڏي اهم ترين
مُهم جي تڪميل ڏانهن توجه ڏيڻ اوهان جهڙن هدايت
يافتن، معززن ترين ۽ مقبول انسانن، بي مثال
رهنمائن ۽ همت ۽ حوصلي جي صاحبن کي سونهي ٿو. اين
کار از تو آيدو مردان چنين کنند“ (اهو ڪم توکان
پڇي سگهندو ۽ مرد ائين ئي ڪندا آهن). جيڪڏهن جنگ
جهر لتاڙي هيڏانهن تشريف اور ٿيڻ چاهيو ۽ اسان
فقيرن
جي محفل کي پنهنجي شاهانه تشريف آوريءَ سان بهشت
جي باغيچن ۽ گل ياسمين ۽ ريحان کان به زياده
رونقدار بنائڻ چاهيو، ته اها ڳالهه اوهان جي بلند
همتي ۽ بلند حوصلگيءَ کان بعيد ناهي. مگر وقت جي
مصلحت انهيءَ ۾ نظر ٿي اچي ته پنهنجن مخلص دوستن
کي خاص طرح ۽ ٻين سچن مؤمنن کي عام طرح ترغيب
ڏياري ۽ اتان جي مشهور ماڻهن، بلڪه اتان جي عوام
کي ساٿي بڻائي (ساڻ ڪري) اهڙي جڳهه تي اچي رهو ۽
هن فقير جي اهل عيال کي به پنهنجي دشمنن جي ايذاء
رساني ۽ سندن پهچ کان محفوظ هجي ۽ سک ڪافرن جي حد
کي ويجهي مگر انهن ظالمن جي رسائيءَ کان پري هجي
يعني دشمنن جي قلمرو جي اندر نه هجي. اتي رهي پَر
پَرُ واز کوليو، ڪافرن ۽ فتنه انگيزن جي خلاف
دانائي ۽ شجاعت سان جهاد جو ميدان تيار ڪريو ۽
اوسي پاسي وارن علائقن ڏانهن همت جو هٿ وڌايو ۽
ڪافرن جي شهرن کي مجاهدن جي قدمن ۽ دين متين جي
جلوه افروزين سان مشرف فرمايو ۽ جيتريقدر ٿي سگهي،
جهاد جو نالو بلند ڪريو ۽ ڪفر ۽ فساد جو شورو شر
ختم ڪريو (بحوالئه ”سوانح احمدي“ از مولانا محمد
جعفر ٿانيسري صفحه 282- 219).
هن خط مان ظاهر آهي ته مجاهد اعظم سيد احمد جي دل ۾،
سيد صبغت الله شاه جي لاءِ ڪيڏا نه غير معمولي
احترام جا جذبا هئا ۽ هو ڪيئن نه کيس ميدان جهاد ۾
پنهنجو همدم ۽ همقدم سمجهندو هو.
”حُر تحريڪ“، جيئن مٿي ڄاڻايل احُلا مان ظاهر ٿيو، هن
برصغير جي مسلمانن پنهنجي وڃايل آزاديءَ کي دوباره
حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون، انهن ۾ پهرين
ڪوشش هئي، ان کانپوءِ سيد صبغت الله جي جانشينين،
”پير پاڳاري“ جي لقب سان مشهور آهي ۽ سندن مريدن ۽
معتقدن هميشه پنهنجون دليون جهاد ۽ حريت پسنديءَ
جي جذبي سان سرسار رکيون، جنهن جو نتيجو نيٺ حرن
96-1895ع ۾ سنڌ تي انگريزن جي غاصبانه قبضي جي
کانپوءِ سامراج جي خلاف کنيو ويو. انهيءَ صورت ۾
اها فطري ڳالهه آهي. جو هن تاريخ جو مولف، ”حُر
تحريڪ“ کي حقارت سان ڏسي ۽ ان جي مذمت ڪري. ڇو ته
هو (انگريز سرڪار جو) نمڪ خوار ۽ وفادار نوڪر آهي.
هت هن ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته حرن جي جدوجهد
هميشه جاري رهندي آئي ۽ ڪنهن به وقت بالڪل بند نه
ٿي، 1942ع ۾ سيد صبغت الله شاه ٿاني (ولد سيد شاه
مردان شاه ولد سيد حزب الله شاه ولد سيد علي گوهر
شاه ولد سيد صبغت الله شاه اول رحمهم الله) پي
پاڳاري نمبر پنجين جي هٿان ٿيو. اها پهرين بغاوت
هئي، جا ٻي انهيِ زماني ۾ هندوستان ۽ پاڪستان
(متحده هندوستان) جي اندر ۾ آزاديءَ جي تحريڪ هلي
رهي هئي. انهيءَ بغاوت جي نتيجي ۾ سنڌ سان ”مارشل
لا“ لاڳو ڪيو ويو ۽ پورن ٻارهن مهينن تائين جاري
رهيو، غازي ۽ مجاهد سيد صبغت الله شاه ثانيءَ کي
ظالم انگريزن مارچ 1943ع ۾ ڦاسيءَ جي تختي تي
چاڙهي شهيد ڪيو. فوجي ڪورٽ (جنهن ۾ سڀ فوجي آفيسر
هئا) پنهنجي فتويٰ ۾ لکيو هو ته ”سيد موصوف“
شهنشاه جارج ڇهين جي خلاف هڪ فوج تيار ڪئي هئي.“
مگر بهادر ۽ مجاهد حرن انگريزن جي خلاف هميشه ۽
مسلسل جنگ جاري رکي ۽ ڪنهن به قوت آڻ نه مڃيائون،
تان جو آگسٽ 1947ع ۾ انگريزن کي متحده هندوستنا
ڇڏڻو پيو ۽ پاڪستان جي مملڪت قائم ٿي. پاڪستان جي
حڪومت اهڙي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو بنياد حرن
دوستيءَ تي رکيل هو، ۽ سيد صبغت الله شاه شهيد
(رحمت الله عليه) جو فرزند سيد سڪندر شاه، جو هاڻي
”پير پاڳارو“ آهي، پنهنجي سموري قوت ملڪ ۽ ملت جي
استحڪام لاءِ صرف ڪري رهيو آهي.“
(3) سال 1312هه مطابق 1895ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر لارد سينڊ هرسٽ
صاحب بهادر، مرحوم مسٽر ايس. مينسفيلڊ صاحب سابق
ڪمشنر سنڌ جو ڀائٽيو هو. پهرئين ئي ڏينهن، سرچرلس
اليونٽ صاحب ڪمشنر سنڌ جي اطلاع ڏيڻ تي، گورنر سان
راقم الحروف جي ملاقات ٿي. سندس چاچي جي جيڪا
تحرير مون وٽ موجود هئي (جنهن جو ترجمو هيٺ درج
ڪجي ٿو) سا کيس ڏيکاريم. ان کي ڏسي اکين ۾ پاڻي
اچي ويس ۽ فرمايائين ته توکي خبر آهي ته منهنجو
چاچو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. جواب ۾ عرض
ڪيومانس ته ”ها، مون کي معلوم آهي“. پوءِ
فرمايائين ته ”جيڪڏهن چاچو زنده هجي ها ته کيس لکي
موڪليان ها، ته مان اوهان جو وڏو منشي ڏٺو ڏاڍو
تندرست ۽ خوش و خرم آهي.“ بيشڪ، عزازت قرابت جي
ڪري حسن سلوڪ ڪرڻو پوي ٿو.
مسٽر مينسفيلڊ سابق ڪمشنر سنڌ جي تحرير جو ترجمو جو مٿي
به سندس ڪار گذارين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، دوباره عام
واقفيت لاءِ هت پيش ڪيو ٿو وڃي:
هيءَ تحرير سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جي منشي خداداد خان جي
شناخت لاءِ آهي. هو وڏو محنتي ۽ هر ڳالهه تي ڌيان
ڏيڻ وارو آهي. گذريل پنجن سالن ۾ هن شخص سرڪاري
ڪمن ڪارين کي سگهڻي نموني سان سرانجام ڪيو آهي.
تاريخ 18 فيبروري 1897ع
صحيح
مسٽر ايس مينسفيلڊ صاحب
ڪمشنر سنڌ |