سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 2

باب ٻيو

سنڌ جي حڪمران گهراڻن جا طبقا

راءِ گهراڻي جو بيان، جو مٿي ڄاڻايل هند ۽ سنڌ جي علائقن تي قديم زماني کان حڪومت ڪندو هو

        جيتوڻيڪ سنڌ جي قديم تاريخن امن اهو ته معلومٿئيٿو ته هت راء گهراڻو حڪومت ڪندو هو، مگر ڪنهن به مورخ اهو نه لکيو آهي ته انهيءَ گهراڻي جي حڪومت ڪڏهن کان شروع ٿي ۽ ڪهڙو حڪمران ڪڏهن تخت تي ويٺو ۽ ڪڏهن لٿو. ڪن مورخن را3 گهراڻي جي حڪومت جو عرصو سئو ستٽيهه (137) سال لکيو آهي، مگر اهو زمانو به حضور رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي هجرت کان اڳ جو آهي، تنهنڪري رقم الحروف به اڳئين مورخن جي پيروي ڪندي، لکي رهيو آهي.

        راء گهراڻي جو پهريون حڪمران ”راء ديوانچ“ هو. ان کانپوءِ سندس پٽ ”راءِ سهارس“ تخت نشين ٿيو. ان جي مرڻ کانپوءِ ”راءِ سهاسي“ سندس جانشين ٿيو. پوءِ ”راء سهارس ٻيو“ تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ ”نيمروز“ (ايران) جي بادشاه، مڪران تي چڙهائي ڪئي، جنهن جو تعلق دارالحڪومت اروڙ سان هو (يعني مڪران سنڌ جو علائقو هو) راء سهارس وڏو لشڪر ساڻ ڪري ۽ گهربل ساز سامان کڻي، مڪران پهتو. ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جا صبح کان نيمروز (منجهند) تائين چڱي نموني ۾ هلي، پر خدا جي قدرت، جو راء سهارس لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ سندس لشڪر ڀاڄ کائي، بنا راءِ سهارس جي، سنڌ ۾ اچي پهتو. راء سهارس جيئن ته بي اولاد هو، تنهنڪري ”راء سهاسي ٻيو“ اميرن جي صلاح سان تخت نشين ٿيو ۽ پنهنجي حڪومت جو زمانو تمام چڱي نموني سان گذاريائين. رعيت جي مٿان جيڪا ڍل مقرر ٿيل هئي، سا معاف ڪيائين ۽ ان جي عيوض هن کان ”اُچ“، ”ماٿيلي، ”سيورائي، ”مئو“[1] ”اروڙ“ ۽ ”سيوهڻ“ جا قلعا مٽي سان ڀرائي ڇڏيائين. هن وقت اُچ پنجاب ۾ آهي ۽ سيورائي ۽ مٿو جو نانء نشان ظاهر ڪو نه آهي (2).

        راء سهاسي ٻيو سنه 7 هجري مطابق 628 عيوسي ۾ بي اولاد مري ويو ۽ ان جي جاءِ تي ”چچ ولد سيلائج“ برهمڻ، جو اروڙ جو باشندو هو ۽ ڏاڍو خوبصورت ۽ عقلمندهو. فوتي راجا جي راڻي ”سو هندي“ جي محبت ۽ سياڻپ سبب تخت نشين ٿيو ۽ پوءِ ساڻس شادي ڪيائين.

        هن وقت راء گهراڻي جي حڪمرانن جو اولاد سنڌ ۾ نظرنٿو اچي. شايد ملسمانن يا هندن جي ڪنهن ذات ۾ گڏجي سڏجي ويو آهي.

پهريون طبقو

برهمڻ گهراڻي جي حڪومت، جا راء گهراڻي

کانپوءِ سنڌ ۾ قائم ٿي

        جڏهن چچ ولد سيلائج برهمڻ سنه 7هه مطابق 628ع ۾ تخت نشين ٿيو، ته ”راڻو مهرت“، جو راء سهاسي جو عزيز هو، ۽ ”چتو رپور“ يا ”جوڌپور“ (راجپوتانا) جو حاڪم هو (3) لڙائي لاءِ تيار ٿي آيو، پر چچ کيس دوکي سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لشڪر کي شڪست ڏنائين. ان کانپوءِ چچ سلطنت جون سرحدون چڱي طرح مضبوط ڪريڇڏيون ۽ چاليهن سالن تائين حڪومت ڪيائين. چچ کانپوءِ سندس ڀاء چندر تخت تي ويٺو ۽ 7 سال حڪومت ڪرڻ بعد مري ويو چندر کانپوءِ چچ جو پٽ ڏاهر پنهنجي موروثي سلطنت جو حڪمران ٿيو ۽ سنه 93هه مطابق سنه 612ع ۾ [2] مسلمان غازين جي هٿان قتل ٿي ويو. سندس احوال مسلمان غازين جي احوال م بينا ڪيو ويندو. برهمڻ گهراڻي جي حڪومت اٽڪل 85 سال رهي.

سنه 43هه مطابق سنه 712ع ۾ محمد بن قاسم جي فوجن جي اچڻ کان اڳ ۾، خلفاء راشدين جي زماني ۾، سنڌ جي حڪمرانن سان ڪن عرب حڪمرانن جي جنگين ۽ سنڌ جي ڪن علائقن فتح ڪرڻ جوا حوال.

        ڪن راويتن مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور پر نور محمد مصطفيٰ احمد مرتضيٰ صلي الله عليه وسلم جو ارادو هو ته هنڌ ۽ سنڌ جا ملڪ فتح ڪيا وڃن پر ”ڪُل امر، مرهون با و قا تيها“ (هر ڪم پنهنجي وقت تي ٿيندو آهي) جي مصداق ائين نه ٿيو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين هر پيس امام، فرض نماز پرهائڻ کانپوءِ (دعا گهرن کان اڳ ۾) اتر ڏانهن منهن ڪري ويهدنو آهي. ائين حضور جن جي پيوري ۾ ڪيو ويندو آهي. حضور جن فرض نماز کانپوءِ هميشه منهن مبارڪ اتر پاسي ڪري ويهندا هئا، جو سندن دل ۾ هدن ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جي تمنا هوندي هئي.

        سنڌ جي ڪن تاريخن امن معلوم ٿئي ٿو ته مڪران ۽ ڪرمان خلفاء راشدين (رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين) جي خلافت جي زماني ۾ سندن قبضي ۾ اچي ويا هئا ۽ سندن ئي زماني ۾ ديبل بندر (ٺٽي) (1) تي ڪاهه ڪئي وئي هئي ۽ حالات معلوم ڪرڻ لا3 ماڻهو به موڪيا ويا هئا، جيئن حڪيم بن جبله جي ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هو ڪنهن خليفي جي زماين ۾ آيو هو ۽ هتان وڃن بعد سنڌ جي باري ۾ دربار خلافت ۾ رپورٽ ڪئي هئائين ته ”ماوءُ ها وشل و ثمرها دقل و ارضها جبل و اهلها بطل، ان قل الجيس بها ضاعوا و ان ڪثروا جا عوا“ (سنڌ جو پاڻي ميرو آهي، ميوو بي مزي، زمين پٿريلي ۽ ماڻهو ڏاڍا مڙس آهن، لشڪر ٿورو هوندو ته ختم ٿي ويندو ۽ گهڻو هوندو ته بک مري ويندو). راقم الحروف جو مطلب هي آهي ته ٽنهي وڏن خليفن حضرت عمر فاروق، حضرت عثمان زوالنورين ۽ حضرت علي المرتضيٰ (رضي الله تعاليٰ عنهم) ۽ انهن کانپوءِ جيڪي حضرات (خلافت جي) مسند تي جلوه افروز ٿيا، انهن حضور اڪرم صلي الله عليه و سلم جي جن مرضي مبارڪ کي عملي جامو پهرايو.

ٻيو طبقو

اموي گهراڻو

خليفي وليد بن عبدالملڪ بن مروان جي زماني

سنه 96هه مطابق سنه 11 – 710ع ۾ سنڌ ۾ اسلام جي فتح

سنڌ جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي معلوم هجي ته سنه 96هه مطابق 11 – 710ع ۾، بلڪه ان کان به اڳ م ڪن ورهين کان وٺي ڏاهر ولد چچ برهمڻ هند ۽ سنڌ جي انهن علائقن تي راڄ ڪندو هو، جن جو احوال مٿي بيان ڪيو ويو آهي. ڏاهر جي حڪمراني جي زماني ۾ سرنديپ جو هڪ قافلو جهازن ۾ يا ٻيرين جي ذريعي ديبل بندر (ٺٽي) وٽان اچي لنگهيو. قافلي ۾ خليفي لاءِ سوکريون پاکڙيون به هيون ۽ ٻانهيون به (جي سرنديپ جي راجا موڪليون هيون). اهو قافلو ديبل بندر جي عملدارن جي شرارت سبب لٽجي ويو. ٻانهيون قيد ڪيون ويون، جن ٽي دفعا ”اغثني، اغثني، اغثني يا خلفة پڪاريو، يعني اي خلفة المسلمين اسان جي فرياد ٻڌ.“ خليفة المسلمين، مڪران جي گورنر احتجاج بن يوسف ثقفي [3] جي معرفت ديبل بندر جي حاڪمن سان لکپڙهه ڪئي. هنن ۽ خاص طور تي (سنڌ جي راجا) ڏاهر ولد چچ جواب ۾ انهيءَ واقعي کان بي خبرري ڏيکاري ۽ ڪوڙا بهانا بڻايائون.

        نيٺ ڪجهه عرصي بعد خليفة المسلمين، محمد بن قاسم (بن محمد) بن (ابي) عقيل ثقفيءَ کي، جو حجاج بن يوسف جو سوٽ ۽ داماد هو ۽ اڃا ترهن سالن جو نوجوان هو، سنڌ ۽ هند فتح ڪرڻ جو حڪم ڏنو. محمد بن قاسم سوارن ۽ پيادن جو لشڪر ساڻ ڪري ۽ رسد ۽ جنگي هٿيار پنوهار کڻي، ڪرمان ۽ مڪران جي رستي بارمن بيلي (لس ٻيلي) پهتو ۽ ان کي فتح ڪري، خشڪيءَ جي رستي اچي سنڌ ۾ وارد ٿيو.

        هن موقعي تي راقم الحروف کي ڪجهه چوڻُ آهي ۽ ”تاريخ معصومي، جي مولف تي اعتراص ڪرڻو اهي، جنهن لکيو آهي ته ”اسلامي لشڪر محمد بن قاسم جي ڪمانڊ هيٺ پهريائين نيرون ڪوٽ يعني حيدرآباد ۾ آيو ۽ ان کانپوءِ ديبل بندر  ويو.“ مگر تحفتة الڪرام وارو ۽ ٻيا مورخ لکن ٿا ته ”محمد بن قاسم اول ديبل بندر تي وڃي حملو ڪيو هو.“  راقم الحروف به هيٺين سببن جي ڪري انهن مورخن سان اتفاق ٿو ڪري:

جيئن ته اسلامي لشڪر عراق عجم، مڪران ۽ لس ٻيلي جي رستي سنڌ ۾ آيو، تنهن ڪري کيس حب نبديءَ وٽان لنگهڻو پوندو هو. راقم الحروف مٿي ڄاڻايل علائقن مان گهڻا علائقا پاڻ وڃي ڏٺا آهن. انهن علائقن کي هڪ طرف کان جبلن جون قطارون آهن ۽ ٻئي طرف کان سمنڊ جڏهن صورتحال اها آهي ته پوءِ اسلامي لشڪر جا سپاهي حب نديءَ وٽان لنگهي اول ڪراچي پهتا هوندا (جيتوڻيڪ انهيءَ زماني ۾ ڪراچي شهر جو نان نشان به ڪو نه هوندو، جو هن وقت سنڌ جو دارالحڪومت آهي) ۽ پوءِ ڪراچي کان ديبل بندر ويا هوندا، جو وي ميلن کان زياده فاصلي تي نه آهي.

(2) سنڌ جي تاريخ جي سڀن يڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته محمد بن قاسم کي، قيدي آزاد ڪرائڻ ۽ واپارين کي سندن غصب ڪيل مال واپس ڏيارڻ لاءِ موڪليو ويو هو، جي ديبل بندر تي ڦريا ويا هئا پوءِ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو، جو اهڙي اهم ۽ اصلي هنڌ کي وچ تي ڇڏي، جتي اهو واقعو ٿيو هو، ٽيهه ڪوه اڳتي وڌي، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ويو هوندو؟ اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اي. تاهم ڳالهه پراڻي آهي ۽ چئي نٿو سگهجي. ته  اصل حقيقت ڇا آهي؟

مطلب ته پوين مورخن جي راءِ مطابق محمد بن قاسم لشڪر ساڻ ڪري، ديبل بندر (ٺٽي) پهتو ۽ ٻيو لشڪر ۽ ساز سامان به جو خليفة المسلمين جهازن ۾ چارهي، سنڌ روانو ڪيو هو، محمد بن قاسم وٽ پهچي ويو. ديبل جو قلعو تمام مضبوط هو. کيس منجنيق سان ٽوڙيو ويو ۽ ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪيو ويو. جيسر [4] ولد ڏاهر، جو ديبل جو حاڪم هو، نيرون ڪوٽ ڏانهن ڀڄي ويو. غنيمت جو مال هٿ ڪرڻ ۽ ”ديول“ نالي بت کي ڀڃڻ کانپوءِ مسجد تعمير ڪرائيوئي. محمد بن قاسم، قيدين کي آزاد ڪرائي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کانئن حال احوال ورتائين. قيدين ”گيلي، نالي جيل جي محافظ (يجلر) جي تعريف ڪئي ۽ چيائون ته ”جيتوڻيڪ هو مسلمان نه آهي پر انهيءَ هوندي به اسان سان مسلمانن وانگر پيش ايندو رهيو آهي.“ محمد بن قاسم قيدين کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ مال غنيمت جي حصي سميت خليفة المسلمين ڏاهن روانو ڪيو، ۽ پان اسلامي دستور مطابق انتظامي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. احمد بن وداع نجدي (2) کي ديبل جو حاڪم مقرر ڪيائين ۽ پوءِ نيرون ڪوٽ ڏانهن رخ رکيائين. ڪجهه سامان ”ساڪري، ندي جي رستي نيرون ڪوٽ موڪليائين، جنهن جو نالو هو وقت ”بگهاڙواه“ آهي. پاڻ هفتي کن ۾ نيرون ڪوٽ وڃي پهتو ۽ وڃڻ کان اڳ م گيلي (جيلر) کي جنهن اسلامي طرز زندگي اختيار ڪئي هئي، احمد بن وداع سان ديبل جي حڪومتي ڪاروبار ۾ شرڪي ڪري ويو (يعني مدد ڪرڻ  لاءِ سندس ماتحتيءَ ۾ ڏئي ويو).

جيسر ولد ڏاهر، جو ديبل کان ڀڄي، نيرون ڪوٽ پهتو هو. ديبل جي فتح ٿي وڃڻ ۽ نيرون ڪوٽ ۾ محمد بن قاسم جي پهچڻ جي ڳالهه ٻڌي، اتان برهمڻ باد (ٻانڀران) ڏانهن ڀڳو ۽ نيرون ڪوٽ جي اڳئين حاڪم ”سمنيءَ“ کي اتي ڇڏي ويو. نيرون ڪوٽ وارن قلعي جو دروازو بند ڪري، جنگ جي راهه اختيار ڪئي ۽ مسلمانن جي لاءِ پاڻي، گاه ۽ ٻي گهربل رسد بند ڪري ڇڏيائون. جنهن ڪري اسلامي لشڪر کي سخت تڪليف ٿي. پر نيٺ قلعي جو حاڪم ٿڪجي پيو ۽ مسلمانن ڏانهن گهربل رسد به موڪليائين، پاڻ به مسلمان ٿي، اطاعت قبول ڪيائين ۽ قلعي جون ڪنجيون به مسلمانن جي حوالي ڪري ڇڏيائين. مورخن اهو به لکيو آهي ته محمد بن قاسم جي دعا سان مينهن وسيو ۽ ان جي ڪري مسلمانن جي تڪليف ڍري ٿي.

آخر امير محمد بن قاسم فتحيابي ۽ سڀني انتظامي ڳالهين جي سرانجاميءَ کانپوءِ، مسلمانن جي دستور مطابق نيرون ڪوٽ ۾ هڪ شاندار مسجد تعمير ڪرائي ۽ ان لاءِ موزن (۽ امام) وغيره جو سهڻي نموني سان بدوبست ڪري، شهر جو انتظام هڪ شمنه حاڪم [5] جي سپرد ڪيائين، ۽ پوءِ پنهنجي سڄي لشڪر ۽ سامان اسباب سميت سيوهڻ ڏانهن ڪوچ ڪيائين. جڏهن سيوهڻ پهتو ته نيرون ڪوٽ جي اڳئين حاڪم سمنيءَ، جو مسلمان ٿي چڪو هو ۽ محمد بن قاسم سان گڏ هو، سيوهڻ جي حاڪم بجيراءِ ولد چندر کي لکي موڪليو ته ”عربن جي سپاه سان جنگ ڪرڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري توکي به مون وانگر اطاعت قبول ڪري، قلعي جون ڪنجيون مسلمانن جي حوالي ڪرڻ گهرجي.“ مگر هن اها صلاح نه مڃي ۽ جنگ شروع ڪري ڏنائين. اسلامي لشڪر ستن ڏينهن تائين قلعي جو محاصرو ڪيو. آخر سيوهڻ جي حاڪم لاچار ٿي، ڀاڄ کاڌي ۽ ”حصار سيسم“ (سيسم جي قلعي) (2) جي حاڪم وٽ وڃي پناه ورتائين (هن وقت اهو پتو نه ٿو پوي ته سيسم جو قلعو ڪهڙي هنڌ هو). محمد بن قاسم سيوهڻ جي قلعي ۾ داخل ٿيو. قلعي وارن کي قتل ۽ زخمي ڪيائين. جن امان گهري، انهن کي امان ڏنائين. سڀني ديني معاملن جو پورو پورو ۽ نهايت ئي سهڻو بندبوست ڪيائين. خليفة المسلمين ڏانهن سوکڙيون ۽ مال غنيمت جو پنجون حصو موڪليائين ۽ هڪ معتبرماڻهوءَ کي سيوهڻ جو حاڪم مقرر ڪي، پاڻ سيسم جي قلعي ڏانهن رخ رکيائين، جتي ”ڪاڪو ولد ڪوتل“ [6] حاڪم هو. درياء جي پرينءَ ڀر ڪن ماڻهن اسلامي سپاه تي راتاهو هنيو (يعني شبخون = رات جو لڪي غنيم تي حملو ڪرڻ). مگر حمله آور (موٽڻ وقت) رستو ڀلجي ويا ۽ پشيمان ٿي، اچي محمد بن قاسم جي پيش پيا. جنهن کين پناه ڏئي، مٿن ڍل مقرر ڪئي. ڪي ڀڄي ويا ۽ گهطور (2) سالوج ۽ قندائيل جي قلعن ڏانهن هليا ويا.

راقم الحروف کي چڱي طرح خبر آهي ته هن وقت ٽنهي قلعن جو ڪو نانءُ نشان ڪو نه آهي ۽ نه اهو معلوم آهي ته اهي قلعا ڪهڙي هنڌ هئا. محمد بن قاسم وڏي خونريزيءَ کانپوءِ انهن قلعن کي فتح ڪيو. جدا جدا قومن کي امان ڏنائين ۽ مٿن ڍل مقرر ڪيائين. ان کانپوءِ حجاج بن يوسف جي حڪم سان نيرونڪوٽ جي قلعي ڏانهن وڃڻ لاءِ سنبريو ته ايتري ۾ چنا قوم جو هڪ مخبر اچي سهڙيو.

انهيءَ وقت ظهر (بن پهرن جي نماز) جي اذان ٿي هئي ۽ محمد بن قاسم جماعت جون صفون سڌيون ڪرائي، نماز پڙهائي رهيو هو ۽ جماعت، نمازجا سڀئي ارڪان قيام، رڪوع، قعود، سجود ۽ ٻيون حرڪات ۽ سڪنات سندس امامت ۾ ادا ڪري رهي هئي. اهو مخبر، اهي حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڏسڻ بعد موٽي ويو ۽ پنهنجي قوم کي وڃي چيائين ته ”مان هن سپاه ۾ اهڙي ٻڌي ڏٺي اهي، جو هو جنهن مقصيد پوري ڪرڻ جو ارادو ڪندا، ان کي ضرور پورو ڪندا.“ ۽ پوءِ هنن امامت ۽ جماعتجو احوال، جيئن ڏٺو هئائين، تيئن بيان ڪري بڌايائين. اهو عجيب ۽ حيرت انگيز احوال ٻڌي، هنن جي دلين م سخت خوف پيداٿيو ۽ هو نذرانو کڻي، محمد بن قاسم جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا. هو اهڙي وقت آيا، جڏهن مسلمانن جي اڳيان دستخوان وڇايل هو ۽ ماني کائي رهيا هئا. جنهن ڪري محمد بن قاسم کين ”مر زوق“ (رزق وارا) سڏيو [7]. چنا اسلام قبول ڪري ۽ پنهنجي مٿان عشر  مقرر ڪرائي، واپس ويا. انهي واقعي جي ڪري اڃا تائين به چنن کي ڪڏهن ڪڏهن ”مر زوق“ سڏيو ويندو آهي. چنا هن وقت دادو ۽ جوهي تعلقن ۾ ڪاشتڪاري زمينداريڪندا آهن. چنن جو سردار وڏيرو خدا بخش خان ولد محروم پنهون خان آهي، جو سرڪار جو درباري يعني ڪرسي نشين آهي.

        امير محمد بن قاسم انهن قلعن فته ڪرڻ بعد ”چچنامي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ مطابق نيرون (حيدرآباد) جي قلعي ۾ آيو مگر ”تاريخ معصومي“ مطابق ٽلٽي وٽان، جو اڇا تائين سنڌو ندي جي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، درياءَ اُڪاري، سنڌ جي دارالسلطنت اروڙ ڏانهن روانو ٿي ويو.

        راقم الحروف جيئن ته اختصار کان ڪم وٺي دارالسلطنت اروڙ جي فتح جو بيان ڪرڻ گهري ٿو، تنهنڪري مٿي ڄاڻايل مورخن جي اقوالن کي نظر انداز ڪندي، لکي ٿو.

        بهرحال امير محمد بن قاسم سنڌونديءَ منجهان انهي پل جي ذريعي اڪريو، جا بيرين مان ٺاهي هئائون، پرين ڀر پهتو. درياءَ جي ڪناري تي ڪافرن تمام وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي، لڙائي شروع ڪري ڏني پر مسلمانن جو جهنڊو فتح ۽ نصرت جي هير سان ڦڙڪڻ لڳو ۽ هو راور [8] جي ڀرسان وڃي پهتا. مگر قلعو تمام مضبوط هو، جنهن ڪري هنن منجنيقون، باه جا گولا ۽ ٻيا هٿيار استعمال ڪرڻ شروع ڪيا، جي روم ۽ ايران وارن کي استعمال ڪندي، ڏٺا هئائون. اهڙي ريت ڏهن ڏينهن تائين جنگ جاري رهي. تانجو رمضان سريف سنه 93هه مطابق سنه 712ع جي ڏهين تاريخ راجا ڏاهر زره پهري، وڏي جوش خروش سان سفيد هاٿيءَ تي سوني پالڪي ۾ چرهي، ڪافرن جو وڏو لشڪر ساڻ ڪري، قلعي کان ٻاهر نڪتو. مٿي تي جڙاءَ دار تاج ۽ بدين تي شاهي پوشاڪ ٻه خوبصورت ٻانهون ساڻ. هڪڙي شراب جو پيالو ڀري ٿي پيارس ۽ ٻي پان پئي کارايس.

صبح کان وٺي سام تائين ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ ايڏي سخت لڙائي لڳي، جو ان جو بيان ڪري نه سگهبو. چيو وڃي ٿو ته ڏاهر جي هٿ ۾ اهڙي عجيب و غريب چرخي ۽لوهي سرڪڻ ڦاهي هئي، جو جيڪو به ويجهو ٿي آيس، اک ڇنڀ ۾ ان جي سس وڍي، پاڻ ڏانهن ڇڪجي ٿي ورتائينس. انهيءَ تباه ڪن صورت حال مسلمانن جو دماغ پريسان ڪري ڇڏيو. محمد بن قاسم پاڻ به حيران ۽ پريسان ٿيويو. چپ خشڪ ٿي ويس ۽ ”اطعمني الماءَ“ (مونکي پاڻي پياريو) ٿي چيائين. آخر اسلامي جهنڊو هٿ ۾ کڻي، راجا ڏاهر جي هاٿيءَ وٽ وڃي پهتو ۽ زور شور سان نعره تڪبير ”الله اڪبر، الله اڪبر“ هڻڻ شروع ڪيائين. مسلمان سپاهين تيرن وسائڻ، ترارن هلائڻ، نيزن اڇلائڻ ۽ آتسي هٿيارن استعمال ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. ٻنهي لشڪرن جا هزارين سپاهي قتل ٿي ويا. نيٺ الله مرضي پوري ٿي، جو اتفاقاً يا ڄاڻي واڻي باه جو هڪ شعلو راجا ڏاهر جي پالڪئي ۾ وڃي پيو جنهن ڪري هاٿيءَ ٽاه کاڌو ۽ پاڻي جي طرف وٺي ڀڳو، جو ميدان جنگ جي ويجهو هو. جنگ جاري هئي ۽ تيرن جو وسڪارو ٿي رهيو هو ته هڪ تير راجا ڏاهر جي گلي ۾ وڃي لڳو ۽ سندس روح جو پکي بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو. اهو عجيب واقعو اهڙي وقت ٿيو، جڏهن سج لهڻ وارو هو. برهمڻ اهو حيرت انگيز حادثو ڏٺو، ته انهن مان گهڻن ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ ڪن راجا ڏاهر جو لاش پالڪيءَ مان ڪڍي، درياءَ جي ڪناري تي گپ ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ پوءِ قلعي ڏانهن ڀڳا، ته مسلمانن جي ور چرهي ويا، جي سندن لنگهه روڪيو ۽ دروازو بند ڪيو بيٺا هئا. انهيءَ وقت انهن مسلمانن جو سرڪردو قيس هو، جنهن برهمڻ کي قتل ڪرڻ ٿي چاهيو. مگر برهمڻ امان گهري ۽ راجاڏاهر جي قتل ٿي وڃڻ جي خبر ٻڌايائون. اهي به خوبصورت ٻانهيون به گرفتار ڪيون ويون، جي راجا ڏاهر سان گڏ سفيد هاٿي تي پاڪي ۾ ويٺل هيون.

برهمڻ جي ڏس تي راجا ڏاهر جو سر، ڌڙ کان ڌار ڪري محمد بن قاسم وٽ پيش ڪيو ويو. ٻانهين راجا جو سر سڃاڻي، تصديق ڪئي. مسلمان ڏاڍو خوش ٿيا. اها جمعي رات هئي، جا فتح جي خوشي ۾ ۽ پنهنجي پروردگار جي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريائيون.

        محمد بن قاسم جمعي ڏينهن صبه جو سوير راجا ڏرهي جي سسي برهمڻن ۽ ٻانهين جي هٿ قلعي جي دروازي تي ڏياري موڪلي. اها رمضان شريف سنه 93هجري (مطابق پهرين ولاءِ 712ع) جي يارهين تاريخ هئي. [9]. قلعي وارن کي راجا ڏاهر جي  قتل ٿي وڃڻ تي اعتبار نٿي آيو. جڏهن اها ڳالهه راڻي لاڏي ٻڌي، ته هڪدم محلات مان نڪري، قلعي جي دروازي تي آئي ۽ ٻانهين جي واتان به ساڳي ڳالهه ٻڌائين، جي روئي رهيون هيون ۽ پاڻ به راجا ڏاهر جو سر سڃاتائين. پوءِ هڪدم پاڻ کي قلعي جي فصيل تان هيٺ اڇلايائين، جنهن ڪري قلعي ۽ سهر ۾ وڏو شور مچي ويو. قلعي جو دروازو کوليو ويو ۽ سملمان اندر گهڙي پيا. بت ڀڃي ڇڏيائيون ۽ مسجدون تعمير ڪيائون. جمعي نماز کانپوءِ خزانوهٿ ڪيائون، جنهن ۾ هيرا جواهر ۽ قيمتي ڪپڙا هئا. سڀني شين جي فهرست تياري ڪري، راجا ڏاهر جون ٻه ڌيئر ”نرمل ديوي، ۽ ”سورج ديوي“، راجا ڏاهر ۽ ٻين برهمڻ اميرن جا سر، قيس جي هٿ، جنهن سان هڪ سئو سوار ساڻ هئا، دارالحڪومت (دمشق) ڏياري موڪليائيون. محمد بن قاسم مڪمل بندوبست ۽ نظم نسق قائم ڪرڻ، شرعي احڪام نافذ ڪرڻ ۽ برهمڻ آباد (ٻانڀران) وغيره جا قلعا فتح ڪرڻ بعدخليفة المسلمين کان اجازت وٺي راجا ڏاهر جي ڀيڻ سان نڪاح ڪيو.

راقم الحروف (لب تاريخ جو مولف) هن احوال لکڻ جي جرات ٿو ڪري، جيتوڻيڪ پڙهندڙن کي طوالت جي ڪري اها ڳالهه نه وڻندي، پر جيئن ته هن ڪتاب جي ديباچه مطابق ضروري ڳالهين بيان ڪرڻ ۾ ڪو هرج نه اهي، تنهنڪري لکڻو ٿو پوي، ته راجا ڏاهر جي اها ڀيڻ اها ئي هئي جنهن جي باري ۾ برهمڻن ڏاهر کي اڳواٽ ئي ٻڌايو هو ته هن جو نڪاح انهيءَ شخص سان ٿيندو جو سنڌ جي سلطنت جو والي هودو ۽ انهيءَ ڪري ئي ڏاهر هن سان شادي ڪئي هئي. مگر برهمڻن جو چوڻ نٺ صحيح ثابت ٿيو، جو سنڌ جي سلطنت جي والي محمد بن قاسم جي نڪاح ۾ اچي وئي.

محمد بن قاسم سڄو سال دارالسلطنت (اروڙ) ۾ رهي، ان جي اوسي پاسي وارن قلعن فته ڪرڻ ۾ گذاريو. انهيءَ وچ ۾ راجا ڏاهر جي پٽن ۽ مٽن مائٽن جي برپا ڪيل شورشن سبب ڪي ننڍيون وڏيون جنگيون به ٿيون، مگر خدا جي فضل ۽ دين اسلام جي برڪت سان هو سڀني ۾ ڪامياب ٿيو. انهن ڪاميابين کانپوءِ ”ساوندي ري“ [10] ۽ ان جي اوسي پاسي رهندر سما قوم جا ماڻهو، جي اڃا تائين سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي رهن ٿا سي (مگر ”ساوندري“ جو شهر هن وقت ناپيد اهي) دهل دماما وڄائيندا ۽ ناچ ڪندا مٿي اگهاڙا محمد بن قاسم وٽ اچي حاضر ٿيا. محمد بن قاسم ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”هيءَ ڪير اهن؟“ ٻڏايائونس ته ”جڏهن ڪو بادشاهه فتحياب ٿيندو آهي ته هي ماڻهو انهي نموني خوشيءَ جو اطهار ڪندا ۽ مبارڪباد چُڻ ايندا آهن.“ محمد بن قاسم هنن جي اها خلوص ڀري روش ڏسي کين، ڍل معاف ڪريڇڏي. اهڙي ريت لوهاڻا، سهتا، چندر، ماڇي ۽ ڪوريجا به جي سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ رهن ٿا ۽ ڪاشتڪاري ڪن ٿا، محمد بن قاسم وٽ آيا، جن جي مٿان ڍل وجهڻ بدران“ ”سونهين“ جو ڪم رکيو ويو يعني جيڪي ماڻهو دارالسلام (1) کان دارالسلطنت (اروڙ) اچن، يا دارالسلطنت کان دارالسلام وڃن ته انهن جا سونها ٿين ۽ کين رستو ڏيکارين.

محمد بن قاسم سڄو سال اروڙ ۾ گزارن ۽ اروڙ جي رهاڪن کي نصيحت ۽ هدايت ڪرڻ بعد حڪومت جو انتظام اسلامي شريعت موجب رکيو ۽ اضف بن قيس جي ڏهتي رواح اسدي کي اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيائين. قضا جو عهدو موسيٰ بن يعقوب بن طائي (بن محمد بن موسيٰ) بن شيبان بن عثمان ثقفيءَ جي حواليڪري، کيس ”قاضي القضاة“ (چيف جج) جو اعزاز عطا ڪيائين (راقم الهروف جو خيال آهي ته اهو موسيٰ بن يعقوب ”وقائع سند“ يا ”چچنامي، (فتحنامي) جو مولف  آهي). برهمڻ آباد ۾ وداع بن حميد البحري [11] کي حاڪم ڪري رکيائين ۽ ٻين قلعن ۽ ننڍن سهرن جو مناسب انتظام ڪرڻ بعد پاڻ ربيع الاول 94هه مطابق ڊسمبر 712ع (1) ۾ اُچ ۽ ملتان فتح ڪرڻ لاءِ ڪوچ ڪيائين.

انهيءَ وقت محمد بن قاسم جي جهنڊي هيٺ پنجاهه هزار سوارن ۽ پيادن جو لشڪر هو. واٽ تي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جيڪي سرڪش باغ ڏٺائين ٿي، انهن کي دڙڪو داب ڪري ۽ جزيه مقرر ڪري ڇڏي ٿي ڏنائين. ”باتيه“ ۽ ”سڪه“ جي قلعن فتح ڪرڻ بعد ملتان فتح ڪيائين. ملتان جا سرڪردا ماڻهو استقبال لاءِ آيا ۽ (اطاعت گذاري ۽ وفاداريءَ جا) انجام اقرار ڪيائون. ملتان ۾ ”دائود بن نصر بن وليد عماني“ (2) کي امير مقرر ڪيائين. ”خريم بن عبدالملڪ تميمي“ کي ”برهمپور“ جي قلعي جو والي ڪري رکيائين، جوجهلم (پنجاب) ۾ هو (3). پوءِ پاڻ ديبالپور (پنجاب) روانو ٿيو. ديبالپور فتح ڪرڻ بعد قنوج ۽ ڪشمير ويو. اتان جي راجا ۽ حڪمرانن به اسلام جي اطاعت قبول ڪئي ۽ ڍل به دارالخلافت موڪلڻ جو اقرار ڪيائون.

جڏهن محمد بن قاسم راجا ڏاهر جي سلطنت جي سڀني علائقن تي فتح حاصل ڪئي ۽ سندس دل هر قسم جي انديشي ۽ وسوسي کان مطمئن ٿي ۽ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته اوچتو خليفي وليد وٽان معزوليءَ جو حڪم پهتو، جنهن جو تفصيل هن ريت اهي ته محمد بن قاسم اروڙ فته ڪرڻ بعد راجا ڏاهر جي بن ڌيئرن کي هيرن جواهرن جي تحفن ۽ نذرانن سميت خليفة المسلمين جي خدمت ۾ موڪليو هو. هڪ رات خليفي ٻنهي ڀينرن کي پاڻ وٽ گهرايو. جڏهن ٻنهي شهزادين جي منهن تان نقاب هٽايائون ته خليفو سندن حسن ۽ جمال ڏسي، پهرين نظر ۾ ئي مٿان فدا ٿي پيو. پهريائين ترجمان جي معرفت هنن کان نالا پڇيائين. پوءِ هڪڙيءَ کي پنهنجي بستري تي اچڻ جو حڪم ڏنائين. ٻنهي ڄڻين عرض ڪيو ته ”اسين شاهي خلوت گاه جي لائق نه آهيون. ڇو ته محمد بن قاسم اسان کي ٽي ڏينهن پاڻ وٽ رکي چڪو آهي.“ شهزادين جو اهو بيان سنڌيءَ ۾ هو، جو ترجمان عربيءَ ۾ خليفي جي خدمت ۾ عرض ڪيو. خليفتة المسلمين اهاڳالهه ٻڌڻ شرط غصي ۽ غيرت جي جوش کان تپي باه ٿي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته ”محمد بن قاسم، هن بي ادبيءَ جي ڪري پاڻ کي ڳئون جي ڪچيءَ کل ۾ وجهرائي، دارالخلافت ۾ حاضر ٿئي.“ ۽ شاهي فرمان جي حاشيه تي پنهنجي هٿ سان ڪاوڙ ۾ ۽ تاڪيد خاطر هيءُ الفاظ لکيائين ته ”محمد بن قاسم جتي به هجي، هن حڪم جي تعميل ڪري.“ امير محمد بن قاسم کي جڏهن هي غضبناڪ فرمان مليو، تڏهن هو ”اڌي پور“ (هندوستان) ۾ هو. فرمان پهچڻ شرط سندس تعميل ڪيائين. ٽن ڏينهن کانپوءِ سندس روح پرواز ڪريويو. دربان، سندس لاش، جو صندوق ۾ رکيل هو، دربار خلافت ۾ پهچايو. انهيءَ ڏينهن دربار عام هئي، لاش واري صندوق خليفي جي حضور ۾ پيش ڪئي وئي. خليفي پڇيو ته ”ڇا، محمد بن قاسم جيئرو آهي؟“ دربان عرض ڪيو ته ”تن ڏينهن بعد انهيءَ کل جي اندر فوت ٿي ويو.“ پوءِ خليفي جي حڪم موجب صندوق حرم سراءِ ۾ موڪلي وئي ۽ ٻنهي شهزادين کي گهرائي، سندن روبرو کولي وئي. خليفي چين ته ”سڃاڻو، اهو آهي يا ڪو ٻيو ڏسو، منهنجو ڪم ڪيئن ٿو هلي؟“ ٻنهي ڀينرن خليفي جي تعريف ڪئي ۽ کيس هٿ کڻي دعائن ڪرڻ بعد چيائون ته ”منصف مزاج بادشاهه کي ڪنهن به اهم ڪم ۾ تڪڙ ڪرڻ نه گهرجي. اسان محمد بن قاسم جي مٿان اها تهمت دشمنيءَ جي ڪري رکي هئي. ڇو ته اسان جو پيءُ هن جي هٿان قتل ٿيو. بادشاهي اسان جي خاندان مان هلي وئي ۽ اسان کي قيدي ۽ مجبور بڻجي، پرديس ۾ اچڻو پيو. بادشاهه (خليفي) جوش سبب اسان جي الزام جي تحقيق نه ڪئي، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ امتياز ڪرن کانسواءِ ئي اهڙو حڪم صادر ڪيائين. حالانڪه محمد بن قاسم اسان جيلاءِ اسان جي پءَ ۽ ڀاءُ جي برابر هو ۽ هن جو هٿ اسان جي عصمت جي دامن تائين ڪين پهتو هو. جيتوڻيڪ اسان جو مطلب پورو ٿي ويو. يعني پنهنجي پيءَ جو انتقام وٺڻ، مگر خليفي جو انصاف داغدار ٿي پيو.“ خليفي جڏهن ترجمان جي معرفت اها ڳالهه ٻڌي ته پهريائين شرمساريءَ کان ڪنڌ هيٺ ڪيائين پر پوءِ سخت جوش ۽ غصي ۾ حڪم ڏنائين ته ”ٻنهي ڀينرن کي گهوڙن جي پڇن سان ٻڌي، شهر (دمشق) جي چوگرد ڦيرائي، درياءَ ۾ اڇلايو وڃي.“ ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته کين ديوارين ۾ پورائي مٿان اوساري ڪرائي ڇڏيائون ۽ محمد بن قاسم جو لاش دمشق جي قبرستان ۾ دفنايائون. جيتوڻيڪ ڳالهه وڏي اهي پر رقم الحروف ان کي اختصار سان قلمبند ڪيو آهي. محض پرهندڙن جي عبرت لاءِ ته ڪيئن نه اهڙي بهادر ۽ هڪ ڪافرانه سلطنت جي فاتح جي خلاف وقت جي خليفي نفساني خواهش جي جوش ۾ اهڙو ناجائز ۽ نامناسب حڪم صادر ڪيو. [12]. اهو واقعو 94هه مطابق 715ع ۾ ٿيو (1).

محمد بن قاسم جي رحلت کان ٻه سال پوءِ (133-132هه مطابق 80-749ع ۾) سنڌ جو ملڪ لاوارث ٿي پيو (2) ۽ سنڌ وارن بغاوت ۽ نافرمانيڪئي ۽ خود مختار بنجڻ جي ڪيائون. برهمڻ آباد تي ڏاهر جي پٽ جيسر قبصو ڪيو ۽ ملڪ جا ٻيا به ڪيترائي علائقا برهمڻ جي قبضي ۾ اچي ويا. فقط هيٺين سنڌ جو ڪجهه علائقو، جو سمنڊ کي ويجهو هو، اموي حڪومت جي ماتحت رهيو. مگر انهيءَ علائقي ۾ به اموي گهراڻي جي حڪمراني نالي ماتر هئي.

        جڏهن 134هه مطابق 751ع ۾ خليفو وليد تو ٿيو [13] ۽ سليمان بن عبدالملڪ خلافت جي مسند تي ويٺو، ته عامر بن عبدالله کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيائين (1). هن سنڌ ۾ پهچندي ئي جيسر ولد ڏاهر سان برهمڻ آباد جي ڀرسان جنگ ڪري، قلعي تي قبصو ڪيو ۽ ڪن ٻين علائقن تي به قبضو ڪيائين. راقم الهروف جو پختو خيال آهي ته سنڌو نديءَ جي ڪناري تي (هيٺين سنڌ ۾) ”عامريءَ“ نالي جيڪو ڳوٺ آهي ۽ جتي هڪ پراڻي قلعي جو وڏو دڙو آهي، شايد اهو قلعو سنڌ جي انهيءَ حاڪم عامر جو هوندو.

سليمان کانپوءِ مروان بن محمد، جو ”القادر بالله“ جي لقب سان ملقب هو، خليفو ٿيو ۽ هن ابو طالب کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو ۽ اهو اموي گهراڻي جو آخري حاڪم هو ۽ پوءِ (سنڌ ۾) اموي گهراڻي جي حڪومت ختم ٿي وئي (2). سنڌ جي تاريخن مطابق سنڌ تي اموي گهراڻي جو قبضو چاليهه سال مس رهيو. سنه 92هه مطابق 711ع کان وٺي سنه 134هه مطابق 751ع تائين. ان کان ٻه ٽي سال پوءِ سنڌ ۾ انتشار پيد اٿيو. تحفة الڪرام جي مولف جو چوڻ آهي ته ”سسئي – پنهون“ وارو واقعو، جنهن جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي، انهي زماني ۾ ٿيو هو.


[1]   اصل ۾ ”مود“ اهي (2) ”سيوراهي“ (سيورائي) رياست بهاولپور جي حدن ۾ موجود آهن (3) هي لفظ ”فتحنامي، موجب ”چترور (چتوڙ) آهي، جو هاڻي به راجپوتانا (هندوستان) ۾ موجود آهي.

[2]  راجا ڏاهر ”فتحنامي، موجب سنه 92هه مطابق سنه 710 يا 711ع ۾ قتل ٿيو (نبي بخش بلوچ).

(1) مولف خواه مخواه ديبل بندر کي ٺٽي سان ملايو آهي، جا ڳالهه غلط اهي. ٺتي جو بنياد سمن جي دور ۾ اٺين صدي هجريءَ ۾ پيو هو. ديبل هڪ قديم شهر هو، جو سمنڊ جي ڪناري تي هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مضمون ”ديبل جو امڪاني محل وقوع“، جو حيدرآباد دکن جي هڪ رسالي ”اسلامڪ ڪلچر“جولاءِ 1956ع ۾ شايع ٿيو.

 

[3]   حجاج بن يوسف عراق جو گورنر هو ۽ مڪران به سندس عملداريءَ ۾ هو (ن ب).

[4] فتحنامي مطابق ”جيسينه“ (2) فتحنامي مطابق حميد بن وداع (ن ب).

[5]  دراصل هن جو نالو ئي شمنه هو. (2) فتحنامي موجب سڀني مورخن ”سم“ لکيو آهي.

[6] فتحنامي موجب ٻڍو ولد ڪاڪو ولد ڪوتڪ. (2) اصل ۾ ”محصل“ (ن ب).

[7]  هن خطاب مان ائين ٿو ڀانئجي ته کين پاڻ سان گڏ دسترخوان تي ويهاري، ماني کارائي هوندائين (مترجم).

[8]  فتحنامي موجب ”الور“ (اروڙ) (ن ب).

[9]  سنه 92هجري مطابق 711 عيسوي (ن .ب)

[10]  فتحنامي مطابق ”ٺري“.

(1) ”دارالسلام بغداد شريف“ (ن ب).

[11]  فتحنامي مطابق”وداع بن حميد نجدي“ (سنڌي ترجمو حاشين ۽ تعليقات سان. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1954ع)

(1) آڪٽوبر 711ع (2) عثماني (3) حريمن بن عبدالملڪ بن تميم کي ”حصار پوره“ (پنجاب) ۾ رکيائين جو درياءَ ڪمال جي ڪناري تي هو (ن ب).

[12]  هي هڪ بيهودو ۽ بالڪل ڪوڙو قصو آهي ۽ ان لاءِ تاريخي ثبوت ڪو نه آهي. محمد بن قاسم جي معزولي ۽ موت جو سبب سياسي حالات هئا، جي خليفي وليد جي پوئين وقت ۾ پيدا ٿيا. خليفي وليد چاهيو ٿي ته پنهنجي ڀاءُ سليمان جي بدران، پنهنجي پٽ کي ولي عهد مقرر ڪري. حجاج ان يوسف انهيءَ ڳالهه ۾ هن جو پورو پورو ساٿ ڏنو، جنهنڪري سليمان ۽ حجاج جي وچ ۾ دشمني پيدا ٿي پئي. وليد جي فوت ٿيڻ کانپوءِ سليمان خليفو ٿيو ۽ محمد بن قاسم کي جو حجاج جو ڀائٽيو هو، معزول ڪيائين. محمد بن قاسم بي وقوف ۽ احمق حاڪمن جي ور چڙهي ويو ۽ صالح بن عبدالرحمٰن جي قيد ۾ فوت ٿي ويو (ن ب).

(1) سنه 131هه مطابق سنه 748ع غلط آهي. ڇو ته وليد جمادي الاخر 92هه مطابق فيبروري 748ع ۾ فوت ٿيو (ڏسو تاريخ طبري، ڇاپو لنڊن 2x1629) ۽ سليمان، وليد جي جاءِ تي خليفو ٿيو. محمد بن قاسم جي معزولي ۽ موت گهڻو ڪري انهيءَ ئي سال ٿيو (ن .ب).

(2) اهو ”لب تاريخ“ جي مولف جو رڳو خيال آهي (ن. ب).

[13]   خليفو وليد سڀني مورخن جي قول مطابق وچ جمادي الاخر 96هه ڇنڇر ڏينهن فوت ٿيو. (ڏسو تاريخ طبري 2x1629). (ن ب).

(1) خليفي سليمان، يزيد بن ابي ڪبشته السڪسي کي سنڌ جو حاڪم ڪري موڪليو (ڏسو بلاذري، فتوح الدين، ڇاپو ليدن صفحه 144). (ن .ب).

(2) اهو رڳو مولف جو خيال آهي. ان جي ڪا تاريخي ثابتي ڪانهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org