سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لب تاريخ سنڌ

باب؛ 2

صفحو ؛ 7

        جيئن ته ٺٽي جي جامع مسجد شريف جي تعمير جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ته شاهجهان بادشاه جي زماني ۾ ٺهي، جو خير جي ڪمن ۾ دنيا جي اڳين ۽ پوين بادشاهن اکن گوءِ کڻي ويو هو، تنهنڪري راقم الحروف کي گهرجي ته انهيءَ ذڪر خير کي اڌ ۾ ڇڏي، ٻئي ڪنهن احوال لکڻ لاءِ قلم نه هلائي ۽ جيڪي تاريخي ڪتابن مان يا مسجد شريف جي ديوارين، محراب ۽ فرش مان معلوم ٿيو هجيس، سو ذرو پُرزو بيان ڪري ته جيئن پڙهندڙن کي آگاهي حاصل ٿي.

        تاريخن مان ٿابت آهي ته حضرت ساهجهان بادشاه 1043هه مطابق 1632ع ۾ مسجد شريف جي تعمير لاءِ 9 لک رپيا شاهي خزاني مان ڏنا هئا. انهيءَ سان تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1049هه مطابق 1639ع ۾ باقاعده هلڻ لڳو. نيٺ 1054هه مطابق 1647ع ۾ باقاعده هلڻ لڳو. نيٺ 1054هه مطابق 1647ع ۾ مسجد جا ابتدائي حصا ٿيار ٿي ويا، جن جي تڪميل جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺينءَ ريت چئي آهي:

نديده چشم فلڪ مسجدي بدين خوبي،

که آمدند ملايک برائ ديدن فيض،

بجستم از خردمن چو سال تعميرش،

بَدِديه کرد اشارت که هست ”معدن فيض“. (1045)

ترجمو:

(آسمان جي اکني اهڙي خوبصورت مسجد نه ٺهي آهي. هن خير جي ڪم کي ملائڪ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. مون پنهنجي عقل کان سندس تعمير جو سال پڇيو ته هڪدم اشارو ڪيائين ته هيءَ ”معدن فيض“ (فيض جي کاڻ، اهي).

        ابجد جي حساب موجب مٿيون سال (1054هه) ”معدن فيض“ مان نڪري ٿو. باقي مسجد شريف جو ٻيو ڪم 1057هه مطابق 1650ع ۾ مڪمل ٿيو. ڪنهن شاعر سندس تاريخ هن ريت چئي آهي:

چون ز صاحبقران شاهجهان،

يافت ترتيب مسجد اعليٰ،

هاتفم گفت سال اتماش،

گشت زيبا چو مسجد اقصيٰ.

ترجمو:

(جڏهن صاحبقران شاهجهانجي پاران هيءَ اعليٰ درجي جي مسجد ٺهرائي، راس ڪرائيوئي ته، مون کي غيبي فرشتي سندس تڪميل جو سال ٻڌايو ته مسجي اقصيٰ جهڙي سهڻي مسجد ٺهي آهي).

        ابجد جي حساب موجب آخري مصرعه مان مٿي ڄاڻايل سال (1057هه) نڪري ٿو. مسجد شريف جو صحن، فرش ۽ ٻيون ضروري تعميرات 1068هه مطابق 1661ع ۾ شاهجهان بادشاه جي فرزند اورنگزيب عالمگير جي سلطنت جي اوائل ۾ پوريون ٿيون. فرش جي تاريخ ڪنهن شاعر هيٺينءَ ريت چئي آهي:

بادشاه زمان شاهجهان،

جامع تهته دلکشا پرداخت.

مرتفع جامعي که گنبذِ او،

سايه برقبهُ سما پرداخت.

خاص بهر خدائي ظل خدا،

خانهءِ رحمت خدا پرداخت.

فرش جامع بحکم شاهجهان،

زبدهء آل مصطفيٰ پرداخت.

رضوي انتساب مير جلال،

که وزارت از و صفا پرداخت.

گشت فرشي که سنگ آن زبه صفا،

رشک جام جهان نما پرداخت.

سال تعمير آن دبير خرد،

”فرش مطبوع و دلکشا“ پرداخت. (1068)

ترجمو:

(1) دنيا جي بادشاه، شاهجهان ٺٽي جي جامع مسجد ٺهرائي آهي. جا دل فرحت بخشيندڙ آهي.

(2) اهڙي بلند ترين جامع مسجد، جنهن جو گنبذ آسمان جي گنبذ سان ٿو لڳي.

(3) ظل الٰهي (شاهجهان) خاص خدا ڪارڻ خدا جي رحمت جو مرڪز تعمير ڪرايو آهي.

(4) شاهجهان جي حڪم سان جامع مسجد جو فرس آل محمد (سادات) جي هڪ برگزيده انسان ٺهرايو آهي.

(5) مير جلال، جو رضوي خاندان جو فرد آهي ۽ جنهن جي طفيل وزارت جي منصب کي جِلا ۽ ضيا عطا ٿي آهي.

(6) اهڙو فرش ٺهي تيار ٿيو آهي، جنهن جا پٿر پنهنجي صفائي جي ڪري ”جام جهان نما (1)“ جي لاءِ قابل رشڪ بڻجي پيا آهن.

(7) عقل جي منشيءَ فرش جي تعمير جو سال ”فرش مطبوع و دلکشا“ (وڻندڙ ۽ دل کي فرحت بخشيندڙ فرش) ٻڌايو آهي.

        آخري مصرعه مان ابجد جي حساب سان مٿيون سال (1068) ٿو نڪري. پڙهندڙن کي مٿئين احوال مان معلوم ٿيندو ته مسجد شريف جو ڪم پنجويهن سالن ۾ پورو ٿيو (1043هه ۾ شروع ٿيو ۽ 1068هه ۾ پورو ٿيو) ٺٽي جي جامع مسجد لمبائي ۽ ويڪرائي ۾ وڏي مسجد آهي ۽ تقريباً هڪ جريب، بلڪه ان کان به زياده زمين تي پکڙيل آهي. ٻه وڏا دروازا اٿس، ۽ هڪ هڪ قبي جي هيٺيان هڪ هڪ سؤ ماڻهو نماز ادا ڪري سگهن ٿا. اندرين ۽ ٻاهرين محرابن جي مٿان نهايت ئي نفيس ۽ رنگين ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن جي خوبصورتي ۽ صفائي ڏسي حيرت ٿي ٿئي. اندريان ۽ ٻاهريان فرش اعليٰ قسم جي پٿر جا آهن ۽ نهايت مضبوط بنايا ويا آهن. مؤذن جي جاءِ به تمام موزون ۽ خطيب جو منبر به ڏاڍو دلڪش آهي. مطلب ته اهڙي سهڻي ۽ گهڻين خوبين واري ٻي مسجد سڄي سنڌ ۾ ڪٿي ڪا نه آهي. بلڪه دهليءَ جي جامع مسجد کانسواءِ سڄي هندستان ۾ ڪا نه هوندي، جا پڻ شاهجهان جي ئي تعمير ڪرايل آهي.

        راقم الحروف کي ياد ٿو اچي ته 1672هه مطابق 1855ع ۾ مرحوم سر بارٽل فريئر صاحب بهادر سنڌ جي ٻئي ڪمشنر پنهنجي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ڪن هنڌن جي ڀَڳَ ڀُرَ جي مرمت وغيره لاءِ سرڪاري خرچ سان ۽ ڪجهه اتان جي معزز ماڻهن جي مدد سان، سيد صابر علي شاه ۽ مرحوم الله بخش شاڪراڻيءَ جي معرفت، جي ٺتي جا معزز هئا، هن مسجد شريف جي مرمت ڪرائي هئي. آخري ڀيرو 1311هه مطابق 1894ع ۾ آنريبل مسٽر ايڇ اي ايم جيمس صاحب بهادر سنڌ جي تيرهين ڪمشر 00-6500 رپيا سرڪاري خزاني مان، 00-4000 رپيا هزهائنس مير فيض محمد خان صاحب بهادر والي رياست خيرپور کان ۽ 00-40000 رپيا سنڌ جي ٻين معززن اکن وٺي خان صاحب رسول بخش ولد شير محمد مختيارڪار ٺٽي جي معرفت مرمت ڪرائي. صاحب موصوف گهڻي رقم پنهنجي کيسي مان ڏني. مون راقم الحروف جي ڪجهه رقم به ان ۾ شامل هئي ۽ جمله رقم 00-60500 رپيا جمع ڪئي وئي هئي. انهيءَ مرمت جو سال ڏاکڻ دروازي جي مٿان ٻاهرين پاسي کان لکيل آهي ۽ اميد آهي ته مرمت جو اثر هڪ سؤ سال تائين قائم رهندو.

حاڪم يانواب جو نالو

سنڌ ۾ اچڻ جو سال

ضروري احوال

9- مظفر خان عرف مير عبدالرزاق خان معموري

 

10- سيد ابراهيم خان ولد بايزيد بخاري

11- لعل خان

12- ظفر خان

 

 

 

 

 

 

13- قباد خان

 

 

 

14- لشڪر خان

15- غضنفر خان

16- سيد عزت خان عرف عزت خان (؟)

 

 

 

17- ابو نصرت خان

 

18- سعادت خان

 

 

 

 

 

 

19- سيد عزت خان

20- خان زاد خان

21- سرور خان

22- مُزيد خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

23- زبردست خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

24- نصرت خان

25- حفيظ الله خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

26- سعد خان

 

27- سيد مير امين الدين خان حسين ولد سيد ابوالمڪارم بن مير ابو البقا الملقب به امير خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

28- يوسف خان تبري

29- احمد يار خان ولد الله يار خان، جو لاهور، ملتان ۽ غزنيءَ جي حڪومتن جو به نواب هو.

 

 

 

 

30- سعيد خان عرف عطر خان

31- ميهن خان

32- اڪر خان

33- مهين خان

 

 

 

 

 

 

 

34- خواجه محمد خليل

 

 

35- عطر خان

 

 

 

 

36-نواب مير لطف علي خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

37- اعظم خان

 

 

38- بهائي خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

39- سلطان محمود خان

 

 

 

40 سيف الله خان

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

41- نواب دلير دل خان

 

42- همت دل

 

 

43- صادق علي خان

1049هه مطابق 1639ع

 

 

1055هه مطابق 1645ع

 

1057هه مطابق 1647ع

1063هه مطابق 1652ع

 

 

 

 

 

 

1069هه مطابق 1658ع

 

 

 

1071هه مطابق 1660ع

1075هه مطابق 1667ع

1078هه مطابق 1664ع

 

 

 

 

1671ع مطابق 1671ع

 

1084هه مطابق 1673ع

 

 

 

 

 

 

1086هه مطابق 1675ع

1090هه مطابق 1679ع

1095هه مطابق 1683ع

1099هه مطابق 1687ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1101هه مطابق 1689ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1101هه مطابق 1689ع

1103هه مطابق 1691ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1113هه مطابق 1701ع

 

1114 هه مطابق 1702ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1115هه مطابق 1703ع

1115هه مطابق 1703ع

 

 

 

 

 

 

 

1120هه مطابق 1708ع

 

1121هه مطابق 1709ع

1123هه مطابق 1711ع

1123هه مطابق 1711ع

 

 

 

 

 

 

 

1124هه مطابق 1713ع

 

 

1125هه مطابق 1713ع

 

 

 

 

1125هه مطابق 1713ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1128هه مطابق 1715ع

 

 

1136هه مطابق 1719ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1135هه مطابق 1722ع

 

 

 

1137هه مطابق 1723ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

1143هه مطابق 1730ع

 

1145هه مطابق 1732ع

 

 

1149هه مطابق 1732ع

مشهور نواب هو. ٺٽي جيڪودري بازار سندس تعمير ڪرايل آهي.

.. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

 

.. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

مشهور ناظم هو. شهزاده داراشڪوه کيس هفت هزاري منصب تي رسايو ۽ انهن ڏينهن ۾ شهزاده جو نائب ٿيو هو. هيءَ، شاهجهان بادشاه جي دور جو آخري ناظم هو.

شاهجهان بادشاه جي وڏي فرزند اورنگزيب عالمگير جي حڪم سان آيل هو.

.. .. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

.. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

پهريائين بکر جي قلعي جو فوجدار هو. (مهرباني ڪري بکر جي نوابن جي لسٽ ۾ 64 نمبر تي نظرڪريو).

هيءَ نواب، اورنگزيب عالمگير جو مامون هو.

مڪليءَ جي مقام ۾ مدفعون ٿيو. سندس تربت جي مٿان هيٺيون ڪتبو لڳل آهي: بگفتا بي حجاب از غيب هاتف سعادت جا وداني يافت پي پي.

ٻيو ڀيرو نواب ٿيو

.. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

.. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

هڪ هندو راجا جو پٽ هو. پوءِ مسلمان ٿيو ۽ مريد خان جي نالي سان مشهور ٿيو. مؤرخن لکيو آهي ته جڏهن نئون نئون آيو ۽ ٺٽي شهر جي ٻاهران پهتو، ته کيس معلوم ٿيو ته وڏَ ڪاسائن (ڳئون ڪهيندڙن) جي بازار مان لنگهڻو پوندو. انهيءَ ڪري سهرجي قاضيءَ ڏانهن لکيائين ته سڀاڻي وڏي گوشت جي بازار بند ڪرائي وڃي. ڇو ته مون سان ڪي راجپوت ساڻ آهن. متان انهن کي اها ڳالهه نه وڻي قاضيءَ ان جي برعڪس هڪ تاڪيدي حڪم جاري ڪيو ته جيتريون ڳئون روزانو ذبح ڪندا آهيو، سڀاڻي انهن کان زياده ذبح ڪجو. مسلمان بادشاه جي حڪومت هجڻ سبب قاضيءَ جو نالو ته ڪو به وٺي نه سگهيو، مگر راجپوت ٻين مسلمانن کي ايذائڻ لڳا، جنهنڪري سڀني مسلمانن گڏجي بادشاه جي خدمت ۾ هڪ عريضو موڪلي، حقيقت پيش ڪئي. اتان جواب آيو ته سندس نالي (مريد) جي حرفن جا نقطا هيٺان ڪڍي، مٿان رکو (مُرتد) ۽ کيس موقوف ڪري ڇڏيو.

ٺٽي ۾ فوت ٿيو. هڪ شاعر سندس تاريخ وفات تي اهڙو شعر چيو اهي، جو تقدير تدبير جي مٿان کلي ٿي.

سبوئ زندگي خان زبردست قضابين از کجا آورده بيشکست [1]

ترجمو

زبردست خان جي عمر جو گهڙو، ڏس ته تقدير ڪٿان کڻي اچي ڪٿي ڀڳو.

ٻيو دفعو نواب ٿيو.

هيءُ نواب، شاهجهان بادشاه جي وزير نواب سعد الله خان جو فرزند هو. سيوهڻ ۾ جهولي جي جهڙپ اچڻ (لُڪ لڳڻ) سبب فوت ٿي ويو. هڪ شاعر سندس وفات جو سال قرآن مجيد جي هن آيت شريف مان ڪڍيو اهي ”فلهم جنت الماويٰ نرلاً بما ڪانوا يعملون“. جنهن مان سال 1112هه ٿو نڪري، جو سال 1700ع جي مطابق آهي.

عرف خان زاد خان، سعيد خاني ۽ چنگيز خاني هو.

هيءُ نواب به امير خاني، خاندان مان هو. هن جو ذڪر مٿي ٻه دفعا ٿي چڪو آهي. نمبر 8 ۾ ٺٽي جي نوابن جي سلسلي ۾ ۽ نمبر 11 ۾ بکر جي نوابن جي سلسلي ۾ مڪليءَ ۾ سندس تربت تي قرآن مجيد جي آيتن ۽ حديثن کانپوءِ هيٺيون قطعو لکيل آهي:

خان باتمکين امير الدين امير عالي از حسن عمل درجات او چون سفر کرداز جهان بي ثبات سال فوتش ”داخل الجنات او“ ابجد جي حساب موجب ان مان سال 1167هه ٿو نڪري، جو 1715ع جي مطابق آهي.

.. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

هن نواب جي زماني ۾ بادشاه اورنگزيب عالمگير 1118هه مطابق 1707ع ۾ هن فاني دنيا مان عالم جاودانيءَ ڏانهن انتقال ڪيو ۽ سندس فرزند ارجمند بهادر شاه پنهنجي موروثي تخت تي ويٺو.

بهادر شاه جي حڪم سان مقرر ٿيو.

.. .. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

.. .. .. .. .. .. .. .. .. .. ..

ٻيو دفعو نواب مقرر ٿيو. جڏهن 1124هه مطابق 1712ع ۾ بهادر شاه بادشاه وات ڪئي ۽ سندس فرزند معز الدين جهانداد شاه تخت نشين ٿيو، ته هن نواب کي برطرف ڪري ڇڏيائين.

معز الدين جهاندار شاه جي حڪم سان نواب مقرر ٿيو.

29 نمبر نواب (احمد يار خان) جو فرزند هو. نوجوان ۽ بي تجربه ڪارهو. آخر نواب لطف علي خان جي هٿان قتل ٿيو.

بکر جي ساداتن مان هو. پنهنجي شجاعت جي ڪري ”شجاعت علي خان“ جي لقب سان ملقب ٿيو. هن جي وفات کانپوءِ هڪڙي شاعر هن جو سال وات 1145هه ”اد خلقه في الجنات“ مان ڪڍيو، 1732ع جي مطابق آهي (1) اها تاريخ مڪليءَ تي سندس قبر جي مٿان لکيل آهي. وڏن کان ٻڌو ويو آهي ته هن نواب جو فرزند سيد مير ذوالفقار علي شاهه حيدرآباد جي ٽالپر ميرن جي زماني ۾ مختيارڪار هو. ان جو فرزند سيد حاجي روشن علي شاه منهنجي ملازمت جي ڏينهن ۾ پهريائين ڪراچيءَ جي ڪورٽ ۾ ناظر هو. پوءِ جهرڪن جو مختيارڪار ٿيو. سندس فرزند سيد غلام مرتضيٰ شاه زميندار آهي. شعر ۾ درڪ اٿس ۽ ”مرتضوي“ تخلق. راقم الحروف جو دوست آهي ۽ تمام سٺو ماڻهو آهي.

بادشاه محمد شاه غازيءَ جي حڪم سان برطرف ٿيو.

وزير اعظم عبدالرحيم خان الملقب به ”خان خانان“ جو فرزند هو. بادشاه محمد شاه غازيءَ جي حڪم سان مقرر ٿيو. جڏهن 1125هه مطابق 1722ع ۾ فوت ٿيو ته سندس لاش لاهور نيو ويو ۽ سندس پٽ کي ننڍپڻ ۾ سندس جانشين بنايو ويو.

هيءُ نواب بهائي خان (نمبر 38) جو فرزند هو، جو ننڍي عمر ۾ نواب مقرر ڪيو ويو.

هيءُ نواب شيو هو. شيعه مذهب کي فروغ ڏنائين ۽ هر قسم جي نشي تي بندش وڌائين. چيو وڃي ٿو ته هڪ ڏينهن هڪ نشئي وٽس آيو ۽ عرض ڪيائين ته نواب صاحب! منهنجي محبوبه (ڀنگ) کي مون کان ڇو جدا ڪيو اٿئي. مان هن جي جدائي ۾ سخت پريشان ٿي پيو آهيان. جواب ڏنائينس ته تنهنجي مهبوبه بدراه ٿي پئي هئي، انهيءَ ڪري پردي ۾ ويهاريو اٿمانس. آخر 1143هه مطابق 1730ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس مڪليءَ تي امامن سڳورن جي جلوه گاه م دفن ڪيو ويو، جو 1140هه مطابق 1727ع ۾ پاڻ تعمير ڪرايو هئائين. سندس تربت تي هڪ دلڪش مصرعه لکيل آهي: ”دست وي با دامن آل عيا است“ جنهن مان سنه 1143هه ٿو نڪري، جو سنه 1730ع جي مطابق آهي.

وڏو پهلوان هو، يعني اسم باسميٰ.

مٿي ڄاڻايل نمبر 40 نواب (سيف الله خان) جو فرزند هو.

مٿي ڄاڻايل نمبر 39 نواب (سلطان محمود خان) جو فرزندهو. هيءُ هندوستان جي بادشاهن جو آخر نواب هو.

        پڙهندرن کي نيڪ روشن هجي ته نواب صادق علي خان جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ جو وڏو حصو محمد شاه بادشاه جي حڪم سان ٺيڪي جي طريقي سان مينا نور محمد ڪلهوڙي جي تصرف ۾ هو. انهيءَ ڪري دهليءَ جي بادشاهن طرفان ٺتي ۽ بکر ۾ حاڪمن ۽نوابن جو اچڻ بند ٿي ويو. جيتوڻيڪ ميان نور محمد جي گادي ٺٽي يا بکر ۾ نه هئي ۽ هن جي طرفان به سرڪاري ڪاروبار جي سر انجاميءَ لاءِ عملدار مقرر ڪيل هئا، پر جيئن ته انهن کي ايتريون اختياريون نه هيون، تنهنڪري انهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري نه آهي.


 


[1]  هيءُ شعر مادهء تاريخ نه آهي، بلڪه قطعهء جو ڪو ٻيو شعر آهي. ڇو ته هن جا عدد 3486 آهن، جڏهن ته زبردست خان جي وفات جو سال 1101هه جي لڳ ڀڳ آهي (مترجم).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org