پوليٽيڪل ڊپارٽمنٽ، نمبر 746، مورخه 26 سيپٽمبر
1876
آفيس ڪمشنر صاحب بهادر سنڌ، ڪراچي
بحوالهء مراسله نمبر 732، مؤرخه 21 سيپٽمبر 1876ع
(1291هه).
ڪمشنر صاحب بهادر رقم طراز آهي، ۽ منشي
خدا داد خان ولد راضو خان جو نالو پيش ٿو ڪري جو
سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جو وڏو منشي آهي
ته هند سرڪار جي پاران هن جي لاءِ نيڪ ناميءَ جو
پروانو صادر ڪيو وڃي. ڇو ته هيءُ منشي گهڻي عرصي
کان نهايت ئي سهڻي نموني سان خدمتون بجا آڻيندو
رهيو آهي. مثلاً سال 1858ع (1276هه) ۾ سر فريڊرڪ
گولڊ اسمڊ سان گڏجي جيسلمير ۽ پوڪران (مارواڙ)
ويو. سال 1821ع (1678هه) ۾ ساڳئي عملدار کي خاص
خدمتن جي بجا آوريءَ لاءِ مڪران (بلوچستان) جي
ساحل ڏانهن موڪليو ويو ته هيءُ منشي هن سال گڏ هو.
انهن ٻنهي خدمتن لاءِ هن کي خاص طور تي منتخب ڪيو
ويو هو. ان کانپوءِ مخصوص خدمتن جي لاءِ بار بار
منتخب ٿيندو رهيو ۽ مسٽر ايس مينسفيلڊ ڪمشنر سنڌ
سان گڏجي خليج فارس ۽ دجله درياء عبور ڪري بغداد
ويو. انهن خدمتن جي عيوض مسٽر هيولاڪ، جڏهن هو سنڌ
جو ڪمشنر هو کيس هڪ اعليٰ درجي جي ترار عطا ڪري
نوازيو هو. منشي خدا داد خان کيس هڪ اعليٰ درجي جي
ترار عطا ڪري نوازيو هو. منشي خدا داد خان ڪيترائي
ڀيرا فارسي، عربي، مڪراني ۽ بلوچي زبانن جي مترجم
جا فرائض بجا آندا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي مُمتحنن
جي جماعت جو ممبر رهيو آهي، جا تعليم کاتي جي
ماتحت آهي. اهي خدمتون خواه ٻيون ڪيتريون ئي
خدمتون، جي سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ هيون،
بجا آنديون اٿس، جن کي تفصيلوار قلمبند ڪرڻ ضروري
نظر نٿو اچي. انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي، سنڌ
جو ڪمشنر صاحب بهادر سمجهي ٿو ته منشي خدا داد خان
هن ڳالهه جو مستحق آهي ته کيس نيڪ ناميءَ جو
پروانو عطا ڪيو وڃي. انهيءَ ڪري مٿس مهربانيءَ جي
خيال کان سفارش ٿي ڪجي، ته سرڪار کيس نيڪ ناميءَ
جو پروانو عطا ڪري.
صحيح
ڪرنل سر وليم ميري ويدر صاحب بهادر
ڪمشنر سنڌ
سال 1875ع جي آخر ۾ بمبئيءَ جو گورنر سر رچرڊ
ٽيمپل صاحب بهادر جو تمام سٺو فارسي دان هو ۽ عجيب
و غريب حالات جو شائق ۽ ڳولائو، ريگستان (رن ڪڇ)
جي رستي عمرڪوٽ پهتو ۽ اتان سنڌ جي اڪثر شهرن جو
سير ڪرڻ بعد قنڌار روانو ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾
ريگل گاڏي شال ڪوٽ (ڪوئٽه) تائين هان لڳي هئي.
جيڪب آباد ۽ ڪوئٽه جي وچ ۾ ”ٽيمپل ديره“ جي نالي
سان جا ريلوي استيشن مشهور آهي، انهيءَ صاحب ڏانهن
منسوب آهي. ڇو ته اتي ٿوري دير ترسي ناشتو ڪيو
هئائين. سردار شير علي خان والي قنڌار کان هن
خاڪسار راقم الحروف کي معلوم ٿيو ته گورنر صاحب
قنڌار ۾ سردار صاحب موصوف جو مهمان هو ۽ اتي افغان
سردارن وانگر هيٺ ويهي ماني کاڌي هئائين. بيشڪ،
ائين ئي ٿيڻ کپي. هر ملڪ ۽ هر سهر ۾ اتان جي رسم
رواج مطابق هلڻ عقلمندن جو ڪم آهي. قنڌار کان
واپسيءَ تي ”نئه گاج“ جو ملاحظو ڪرڻ بعد، جا
ڪوهستان جي ڪناري تي آهي، ڪراچيءَ آيو ۽ اتي هڪ
عام جلسو ڪري، ملير کان پائيپن رستي ڪراچيءَ پاڻي
پهچائڻ جو افتتاح ڪيائين ۽ ان کانپوءِ بمبئي تشريف
فرما ٿي ويو.
(22)سال 1692هه مطابق 1877ع ۾ سر مير علي مراد خان دهليءَ ويو ۽ اتي نوابن،
اميرن ۽ راجائن جي جلسي ۾ شامل ٿيو. جتي کيس پرچم
۽ ڪي ٻيون شيون عطا ڪري نوازيو ويو.
آخر ڪار (سنڌ جو ڪمشنر) پنهنجي سهڻي ڪار
گذاريءَ جي ڪري سال 1692هه مطابق سال 1877ع جي آخر
۾ انگلينڊ جي پارليامنٽ جو ممبر مقرر ڪيو ويو ۽
ڪراچيءَ کان بمبئي روانو ٿي ويو. ان کان اڳ ۾ ڪو
به ڪمشنر برطانوي پارليامينٽ جو ممبر نه ٿيو هو.
سنڌ جي باشندن چندو گڏ ڪري، جنهن ۾ راقم الحروف جي
ڪجهه رقم به شامل هئي، بندر روڊ جي مٿان ڪراچي شهر
جي آخري ڇيڙي تي (سندس يادگار ۾) هڪ وڏو برج
ٺهرايو، جو ”ميري ويدر ٽاور، جي نالي سان مشهور
آهي ۽ اڃا تائين قائم آهي. سمنڊ جي ڪناري تي ٻيو
هڪ وڏو برج به آهي، جو ”ميري ويدر اسٽيشن“ (؟) جي
نالي سان مشهور آهي ۽ هڪ باغيچو به جو ”ڪراچيءَ جي
باغستان“ ۾ داخل ۽ سرڪار جي پاران مير صاحبن جي
رهائش لاءِ مقرر ڪيل آهي، ”ميري ويدر گارڊن“ جي
نالي سان مشهور آهي. بيشڪ، نامور سردار هميشه زنده
رهندا آهن، توڻي جو دنيا فانيء مان عالم جاودانيءَ
ڏانهن رحلت ڪري وڃن، ته به سندن نانء نشان قائم
رهندو آهي.
پنهنجي حڪمرانيءَ جي زماني ۾ راقم الحروف
وٽ موجود آهن. جيڪڏهن اهي سڀئي حڪمناما ڇڏيا اٿس،
جي راقم الحروف وٽ موجود آهن. جيڪڏهن اهي سڀئي
حڪمناما ڪاغذ جي ميدان تي آندا وڃن (نقل ڪيا وڃن)
ته لازمي طور تي انهن جي لاءِ هڪ جدا داستان مرتب
ڪرڻو پوندو. مگر ”مشتي نمونهء از خرواري“ جي مصداق
انهن مان فقط ٽي حڪمناما هت درج ڪيا ٿا وڃن، جن
مان پڙهندڙن کي، راقم الحروف جي مٿان ڪمشنر صاحب
جي شفقت، مهرباني ۽ عنايتن جو پتو پوندو.
هن تاريخ جي پڙهندڙن کي نيڪ روشن هجي ته
گهڻائي اسسٽنٽ ڪمشنر، راقم الحروف جي مٿان مهربان
هئا. هنن کي جڏهن منهنجي عهدي ۽ پگهار جي باري ۾
معلوم ٿيندو هو ته هن خاڪسار جي مسڪيني حال تي رحم
ڪري سنڌ جي ڪمشنر صاحبن کي سفارشون ڪندا هئا. انهن
منجهان جيڪي سفارشون سر وليم ميري ويدر صاحب جي
خدمت ۾ ڪيون ويون. ڪجهه هت درج ڪيون ٿيون ۽ ٻين
صاحبن کي ڪيل سارشون شايد ٻئي ڪنهن موقعي تي درج
ڪيون وڃن.
اسسٽنٽ ڪمشنر صاحبن جي تحريرن تي سنڌ جي ڪمشنر سر
وليم ميري ويدر صاحب بهادر جا جواب
خدا داد خان مون کي چڱي طرح ياد آهي. ڪنهن مناسب
موقعي تي سندس بهترين خدمتگذاريءَ جي باري ۾ سوچيو
ويندو. اڃا وقت پيو آهي.
خدا داد خان کي ٻه سؤ پنجاهه رپيا ماهوار پگهار،
هڪ سؤ ويهه رپيا ماهوار الائونس ۽ سنڌ جي پوليس
انسپيڪٽريءَ جو عهدو قبول نه ڪرڻ گهرجي. مان خدا
داد خان کي سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾، پگهار جي
اضافي سان رهڻ جي صلاح ڏيندس. خدا داد خان جهڙي
هوشيار ۽ لياقت، قابليت رکڻ واري منشيءَ لاءِ اهو
عهدو (پوليس انسپيڪٽري) هڪ ڪارو داغ آهي. اسستنٽ
ڪمشنر صاحب بهادر جي تجويز مان خدا داد خان جي
لاءِ سفارش جي جراءت ڪندي، هن حقيقت جو اظهار ٿو
ڪريان ته جوانن ۽ ٻُڍن (سرڪاري ملازمن) کي ترقي
ملندي رهي ٿي ۽ خدا داد خان اڃا تائين اتي جو اتي
آهي. في الحال ٽن مهينن لاءِ کيس (عارضي) ترقي ڏيڻ
مناسب نظر اچي ٿي، ته فيص محمد جي جڳهه تي اسٽنٽ
ڪليڪٽر يعني سينئر ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي ڪم ڪري ۽ ڪمشنر
صاحب جي آفيس ۾ رهي ته سندس کيسي ۾ پئسا اچن. هو
قادر داد کان يا ڪنهن اهڙي شخص کان گهٽ ناهي، جنهن
جي جڳهه تي هو ڪم ڪندو (اهو اشارو فيض محمد ڏانهن
هو جو انهن ڏينهن ۾ زنده هو).
ڪمشنر صاحب جواب
مان خدا داد خان جي پگهار ۾ اضافي لاءِ وقت اچڻ تي
مناسب تجويز پيش ڪندس. اوهان هن جي واسطي جنهن
عهدي جي سفارش ڪئي آهي، سو ڪمشنر جي آفيس ڇڏڻ
کانسواءِ حاصل ٿي نٿو سگهي.
ڪيتريون ئي ٻيون تحريرون به موجود آهن ۽ سيپٽمبر
1877ع مطابق 1292هه ۾ روانگيءَ وقت راقم الحروف جي
هٿ ۾ جيڪا نيڪ ناميءَ جي تحرير ڏنائين ۽ پنهنجي
آفيس ۾ جيڪا تحرير ڇڏيائين سي هيٺ درج ڪيون ٿيون
وڃن (انگريزيءَ جو تحت لفظي ترجمو پيش ڪيو ٿو
وڃي):
منشي خدا داد خان تمام سٺو خدمتگذار آهي ۽ هن جي
ڪار گذاريءَ ۾ نهايت ئي همت ۽ چستي آهي. وڏي
منشيءَ جي جڳهه، جا ديوان منگهارام جي وڃڻ سبب
خالي ٿي هئي، سا اٺن سالن کان هن جي هٿ ۾ آهي. هن
فارسي زبان جي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌي لکڻ ۾
وڏو هوشيار آهي. ٻين به ڪيترن ئي زبانن کان واقف
آهي. مان ڏاڍو خوش هوس ته هن کي ڪنهن مناسب موقعي
تي ڪنهن وڏي عهدي تي رسائيندس. پر حالتن جي ناساز
گاريءَ سبب اهڙو موقعو ملي نه سگهيو. انهيءَ ڪري
اها ذمه داري پوري اعتماد سان پنهنجن جانشين جي
مٿان ٿو رکان. هو تمام جلد، فرائض جي بجا آوريءَ ۾
هن جي بهترين ڪار گذاريءَ کان واقف ٿيندا ۽ جڏهن
کي موقعو ملندو ته وڏي خوشيءَ سان هن کي ڪنهن عهدي
تي ترقي ڏئي، سرفراز ڪندا. مون کي هن وقت ۽ ههڙن
حالتن ۾ سٺو نه ٿو لڳي، هن کي ”خان بهادريءَ“ جي
لقب ڏيڻ لاءِ خصوصي درخواست ڪريان، ۽ اهو چڱو نه
ٿيندو ته سرڪار نامدار وٽان انهيءَ درخواست جو
انڪاري جواب اچي.
صحيح
ڊبليو ايل سر وليم ميري ويدر
صاحب بهادر ڪمشنر سنڌ
اُنهيءَ تحرير جو مختصر ترجمو، جا پنهنجي آفيس ۾
رڪارڊ تي ڇڏي ويو:
منشي خدا داد خان، سٺو منشي، چڱو تعليم يافتو ۽
لياقت وارو آهي.
اهڙيءَ ريت وڃڻ وقت هڪ ولايتي ترار، جنهن جي قيمت
ٽي سؤ رپيا هئي، پنهنجي جانشين مسٽر ايف ڊي ميلول
صاحب بهادر جي روبرو پنهنجي هٿ سان ڏنائين ۽ هن کي
انگريزيءَ ۾ منهنجي لاءِ تمام سٺي سفارش ڪيائين.
پوءِ مون کي اردوءَ ۾، جا نهايت ئي فصاحت سان
ڳالهائيندو هو، فرمايائين ته ”تنهنجي لاءِ منهنجي
سٺي صلاح اها آهي ته ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس کي
جلد ڇڏڻ چڱو نه ٿيندو ڇو ته آخر توکي هتان ئي
فائدو رسندو.“ بيشڪ، ائين ئي آهي، جو بادشاه جو
سخن، سخنن جو بادشاهه هوندو آهي.
هيٺين تحرير ترجمو آهي مسٽر جان مور صاحب
بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي تحرير جو، جنهن جو وعدو
مٿي فقري نمبر پنجين ۾ ڪيو ويو هو جتي سر وليم
ميري ويدر صاحب بهادر جون ڪار گذاريون درج ڪيون
ويون هيون. هيءَ تحرير هن ڪتاب جي پڙهندڙن لاءِ
درج ڪئي ٿي وڃي:
”مان منشي خدا داد خان کي اٺن سالن جي عرصي کان
چڱي طرح سان سڃاڻان. ڇو ته مان اهو سڄو عرصو سنڌ ۾
رهيو آهيان. انهيءَ عرصي ۾ هنن پاڻ کي سنڌ جي
ڪمشنر جي آفيس ۾ وڏي منشيءَ جي ذمه داريءَ جهڙي
جڳهه تي نهايت ئي محنت، لياقت ۽ وڏي ڪوشش سان
پهچايو آهي. خدا داد خان مسافريءَ جي زماني ۾ جڏهن
ڊگهيون ۽ ڏکيون منزلون درپيش اينديون آهن، انهن
ڊگهين منزلن جي ڏکيائي برداشت ڪري سگهڻ وارو آهي ۽
اهڙن موقعن تي هن سرڪاري ملازم جو قدم
[1] حد کان زياده
قيمتي آهي، جو سندس فارسي داني ۽ عربي داني بي حد
فائدي مند ثابت ٿي هئي، جنهن وقت اسين خليج فارس
وٽان لنگهي ۽ دجله ۽ فرات عبور ڪري، بغداد ويا
هئاسين. هيءُ شخص اسان سان دارهاره جبل ڏانهن به
هليو هو. اتي اسان کي جيڪا به ضرورت پيش آئي ٿي،
سا وڏي خوشيءَ سان پوري ٿي ڪيائين. از انسواءِ سنڌ
جي سفر ۾ جڏهن مون کي سنڌ جي اسڪولن جي امتحانن
وٺڻ لاءِ وڃڻو پيو ته هن وٽان تمام چڱي مدد ملي.
مان ڏاڍو خوش ٿيندس. جيڪڏهن هن کي پنهنجي حياتي4 ۾
هاڻوڪي عهدي کان، ڪنهن وڏي عهدي تي فائز ڏسندس ۽
جا ڳالهه مون کان لکڻ وسري وئي آهي، سا هاڻي ٿو
لکان، ته ”خدا داد خان انسپيڪٽر جنرل صاحب بهادر
جي برانچ ۾ رجسٽريشن جي معاملن ۾ سڄو سال وڏي مدد
ڏني آهي.“
صحيح
جان مور صاحب بهادر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ،
سنڌ جي اسڪولن ۽ انسپيڪٽر صاحب بهادر جي برانچ جو
ناظم.
نائون ڪمشنر: مسٽر ايف ڊي ميلول صاحب بهادر ايڪٽنگ
سال 1292هه مطابق 1877ع جي آخر ۾ جانشين ۽
ايڪٽنگ ڪمشنر ٿيو. سندس اسستنٽ مسٽر ڊبليو بي
وارنر صاحب بهادر هو. ميلول صاحب ان کان اڳ ۾ سنڌ
جو جڊيسنل ڪمشنر ۽ سنڌ جي چيف ڪورٽ جو جج هو. سندس
ڪمشنريءَ جي زماني ۾ اگرچه چند معمولي ڳالهيون سر
انجام ٿيون، پر ڪيترائي عدالتي معاملا، جن کان هو
چڱيءَ طرح واقف هو، اصلاح پذير ٿيا ۽ چڱي طرح سان
هلڻ لڳا.
انهيءَ زماني ۾ افغانستان ۾ ٽين جنگ هلي
پوري ٿي هئي ۽ سنڌ ۾ گهوڙن، ڍڳن، خچرن ۽ گڏهن جي
خريد و فروخت ۽ ڏيساورن ۾ سندن موڪلڻ سخت مشڪل ٿي
پيو هو ۽ ڪڙٻ (جوئر جو گاه) جي تڪليف تمام وڌي وئي
هئي. انهن مشڪلاتن کي ميلول صاحب ڏاڍي سهڻي نموني
سان حل ڪيو.
ڏهون ڪمشنر: مسٽر ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر
سال 1293ع مطابق 1879ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وارد
ٿي، ڪمشنريءَ جو عهدو سنڀاليائين. ان کان اڳ ۾ سنڌ
جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر جي عهدي تي
رهي چڪو هو. پهريائين سر چارلس ايلونٽ صاحب بهادر،
پوءِ ڊاڪٽر جان پالن صاحب بهادر ۽ ان کانپوءِ مسٽر
ايجرلي صاحب بهادر درجي بدر جي سندس اسسٽنٽ ٿي
رهيا. سندس ايامڪاريءَ ۾ اڪثر سرڪاري معاملا سهڻي
نموني سان سر انجام ٿيندا رهيا. هت انهن مان ڪي
ڳالهيون ”يک مشت نمونهء خرواري“
[2] جي طور تي درج
ڪيون ٿيون وڃن. ڪي عجيب و غريب ڳالهيون جي سندس
حڪمرانيءَ جي زماني ۾ ٿيون، سي لکيون وڃن ٿيون،
مان پڙهندڙن کي پتو پوندو ته هو صاحب ڪهڙيءَ ريت
سرڪاري ڪاروبار هلائيندو هو.
انهيءَ سال افغانستان جو والي مرحوم امير شير علي
خان صاحب وات ڪري ويو. سندس سجع هيءَ هئي:
امير دوست محمد خان که مقل ازلي است،
نظام مملکتش از انتظام شير علي است.1
جاگيرون، جي اڳين بادشاهن جون ڏنل هيون، يا چڱين
خدمتن سبب نئين سرڪار جون عطا ڪيل هيون، انهن جا
معاملا اڪثر اڻ رٿيا ۽ اڻ پورا هئا، جنهنڪري بمبئي
جي سرڪار وٽان وقت بوقت انهن جي تصفيه لاءِ احڪام
ايندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري هن سلسلي ۾ سرڪار کي
هڪ رپورٽ ڪيائين، جنهن جو ترجمو درج ڪيو ٿو وڃي.
جنهن مان پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو ته انهيءَ رپورٽ
جو نتيجو راقم الحروف جي فائدي ۾ آهي.
بامبي سرڪار کي موڪليل رپورٽ 10 آڪٽوبر 1880ع
مطابق 1694هه جو تصديق شده ترجمو
منهنجا سائين!
هيءَ ڳالهه اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ تي
آڻن گهران ٿو ته سنڌ جي ايڪسٽر اسسٽنٽ ڪليڪٽرن
(عارضي) منجهان هڪ ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر جو عهدو
خالي آهي. جنهن ڪري عرضگذار آهيان ته اوهان صاحب
انهيءَ عهدي تي هڪ سرڪاري ملازم مقرر ڪرڻ فرمايو
ته مان تعميل ڪريان (اوهان جي مقرر ڪيل ماڻهوء کي
رکان). پنهنجن پيش رَوَن جي راءِ سان اتفاق ڪندي،
اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ کي خان صاحب خدا داد
خان ولد راضو خان ڏانهن موڙڻ ٿو گهران. هيءُ ماڻهو
ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس جو وڏو
منشي ٿي رهيو آهي ۽ اڃا تائين آهي.
خان صاحب خدا داد خان سال 1854ع (1270هه)
جي شروع کان سرڪاري ملازمت ۾ آهي (اڳين) سڀني
عملدارن، جن جي هٿ هيٺ هن ڪم ڪيو آهي. هن جي لاءِ
وڏي عزت سان شاندار ۽ عزت افزائي جا الفاظ استعمال
ڪيا آهن. سال 1855ع (1271هه) ۾ هو جاگيري ۽ سياسي
شعبي ۾ سر فريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب بهادر جي ماتحت
رهيو آهي. ان کانپوءِ هو ساڳئي عملدار سان هڪ خاص
ڊيوٽي تي مڪران (بلوچستان ۽ جيسلمير (مارواڙ) ويو.
سرفريڊرڪ گولڊ اسمڊ صاحب، سر ليوئس بيلي صاحب سر
هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر ميلول
صاحب سر هنري گرين صاحب، مسٽر هيولاڪ صاحب، مسٽر
ميلول صاحب ۽ سر وليم ميري ويدر صاحب سڀني هن جي
بهترين خدمات ۽ وڏي لياقت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس
پگهار ۾ اضافي جي سفارش ڪئي اٿن. سال 1867ع
(1283هه ۾ سندس سهڻين خدمتن جي عيوض کيس هڪ سوني
ترار عطا ڪري، ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي سڀني
اهلڪارن جي درميان اعزاز ۽ امتياز بخشيو ويو. سر
وليم ميري ويدر صاحب بهادر سنڌ مان روانگيءَ وقت
هن ريت لکيو.
”مان ڏاڍو خوش ٿيا ها، جيڪڏهن ڪنهن مناسب موقعي تي
هن جو عهدو ۽ پگهار وڌائي، هن کي سرفراز ڪريان ها.
پر وقت جي ناسازگاريءَ سبب مون کي اهرو مناسب
موقعو ميسر نه ٿيو. انهيءَ جي باوجود مان پوري
اعتماد سان هن کي پنهنجن جانشينن جي حوالي ڪري ٿو
وڃان.“
مون کي خدا داد خان جي حالت ۽ لياقت جي
باري ۾ زياده لکڻ جي ضرورت نه آهي. مان هن جي ڪار
گذاريءَ جي باري ۾ پنهنجي هڪ سال جي ذاتي تجربي جي
آڌار تي فقط هيترو چوندس ته منهنجي راءِ به پنهنجن
پيش رَوَن جي راءِ سان شامل آهي، جا هن بابت ڏني
اٿن. مان پوري يقين سان چوان ٿو ته هو پگهار ۾
اضافي جو لائق آهي، جنهن لاءِ مان اوهان صاحبن جي
خدمت ۾ سفارش ٿو ڪريان.
هن وقت هڪ سبب آهي، جو مان خان صاحب خدا
داد خان جو انتخاب ٿو ڪريان ته هو هن خالي عهدي تي
عارضي طور ڪم ڪري، جنهن لاءِ اوهان جي ڌيان مبارڪ
تي آڻيان ٿو ۽ اوهان صاحبن کي ياد ٿو ڏياريان ته
ڪجهه عرصي کان سرڪار جي اها خواهش پئي رهي آهي ته
سنڌ جي زمينن جي معافيءَ جو مسئلو هٿ ۾ کنيو وڃي ۽
ان باري ۾ رپورٽ ڪئي وڃي. مگر انهيءَ معاملي ڏانهن
توجهه ڏيڻ ۽ رپورٽ ڪرڻ ۾ وڏيون مشڪلاتون پيش ٿيون
اچن. جنهنڪري ناممڪن آهي ته سمورين زمينن يا ڪن
ٽڪرن جي باري ۾ صحيح يادداشت هٿ اچي سگهي. مگر
انهيءَ جي باوجود هن معاملي کي نظر انداز نه ڪيو
ويو آهي ۽ هن باري ۾ ضروري معلومات حاصل ڪرڻ جو ڪم
جاري اهي. تاهم اهو امڪان آهي ته اها جاچ (سروي)
جلد پوري ٿي نه سگهي؛ تنهنڪري بهتر ائين نظر ٿو
اچي ته هن معاملي جي لاءِ هڪ خاص آفيسر مقرر
ڪريان، ۽ منهنجي خيال ۾ ائين ٿو اچي ته انهيءَ
عهدي تي، جو خالي آهي، هڪ آفيسر (جلد ۽ ضروري)
مقرر ڪيو وڃي ۽ مون کي چڱي طرح معلوم آهي ته سنڌ ۾
ٻيو اهڙو ماڻهو ڪونهي، جو هن ملازمت جي لاءِ گهربل
هوشياري، قابليت ۽ لياقت رکندڙ هجي، سواءِ انهيءَ
معزز ماڻهوءَ جي، جنهن جو نالو اوهان صاحبن جي
خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هو جاگيري شعبي ۾ پنهنجي
پهرئين تجربي کي چڱي طرح استعمال ڪري سگهندو.
آڪٽوبر 1880 (1294هه) ڪراچي
مان آهيان اوهان صاحبن جو
تابعدار ايڇ اين بي ارسڪين
ڪمشنر سنڌ
انهيءَ سفارش تي بمبئيءَ سرڪار وٽان جيڪو
حڪمنامو (انگريزيءَ ۾ (آيو، ان جو ترجمو هيٺينءَ
ريت آهي:
نمبر 8771، سال 1880ع (1294هه)
روينو کاتو، بمبئي ڪائونسل، تاريخ 03 آڪٽوبر
1880ع (1294هه) سرڪاري حڪمنامو
جناب گورنر صاحب بهادر نهايت ئي خوشيءَ
سان مقرر ٿو فرمائي خان صاحب خدا داد خان ولد راضو
خان، سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي آفيس جي وڏي
منشيءَ کي سندس ڪار گذاريءَ سبب ”سيڪنڊ ڪلاس
ايڪسٽرا اسسٽنٽ ڪليڪٽر سنڌ“، خان بهادر مير ولي
داد خان جي جاءِ تي، ته هو سنڌ ۾ ايڪسٽرا اسستنٽ
فرسٽ ڪلاس جا فرائض بجا آڻي.
صحيح
جان نيو جنٽ صاحب بهادر
ايڪٽنگ سيڪريٽري
اها يارهين مقرري آهي، جا راقم الحروف جي
لاءِ خصوصي خدمت جي واسطي ڪئي وئي آهي.
(3) سال 1295هه مطابق 1881ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽرن ۽
مختيارڪارن جي عهدن لاءِ وڌايل پگهارن جي باري ۾
هڪ نئين رٿ عمل ۾ آئي ۽ ضلعن جا آفيسر، جي ”ڊپٽي
ڪليڪٽرن“ جي نالن سان مشهور هئا، سي هاڻي چڱن عهدن
۽ وڏين پگهارن سان ”اسستنٽ ڪليڪٽرن“ جي نالي سان
سڏجڻ لڳا ۽ اهڙن عهدن حاصل ڪرڻ لاءِ قاعدا مقرر
ڪيا ويا، جي اڃا تائين جاري آهن ۽ انهن عهدن لاءِ
اميدوار آفيسر انهن جي پابندي ڪندا آهن.
(4) انهيءَ سال (1881ع ۾) مالي معاملن جي باري ۾
چند قاعدا جاري ڪيا ويا ۽ سڀني زميندارن ۽
آبادگارن کي انهن کان اگاه ڪيو ويو. مثلاً ڍلن جي
وصولي، آباد ۽ غير آباد زمينن جي ورهاست (کڻت)،
مالڪاڻو وٺڻ، معافي ڏيڻ شفعه جو حق، لاڳيتيون
زمينون، زمين جي حدن تي پٿر کوڙي نشان لڳائڻ، هوڙي
[3]، ڪوڇن
[4]، دريا بُردي،
دريا خوردي (پائيندڙ سبب لُڙهي ويل زمين) ۽ درياء
جي ڇڏي ويل زمين (ڪَچي) جي باري ۾ اهڙا سٺا قاعدا
مقرر ڪيا ويا جن مان اڪثر قاعدا اڃا تائين ساڳيءَ
ريت جاري آهن ۽ ”ائين اڪبريءَ“ وانگر مشهور آهن.
(5) انهيءَ ئي سال (1881ع ۾) مرحوم سردار شير علي
خان صاحب واليء قنڌار پنهنجن واسطيدار ماڻهن سميت
ڪراچيءَ ۾ آيو. کيس رهائش لاءِ جاءِ ۽ گذاري لاءِ
مناسب امداد ڏني وئي، جنهنڪري سڄي حياتي آرام ۽
آسائش سان وقت گذاريندو رهيو.
(6) سال 1297هه مطابق 1883ع ۾ سر مير علي مراد خان
واليء رياست خيرپور کي سلامتيءَ لاءِ ٻه توبون
وڌيڪ عطا ڪيون ويون.
(7) انهيءَ ئي سال (1883ع ۾) راقم الحروف جي لاءِ
وري سفارش ڪئي وئي ته خدا داد خان کي اصلي پگهار
کان زياده هڪ سؤ رپيا اضافو، روزانو ڀتو ۽ ٻه
ڪلارڪ ڏناوڃن، جي انگريزي ڄاڻندڙ هجن (1) حشمت
راءِ (جوهن وقت ڊپٽي ڪليڪٽر آهي ) ۽ (2) سندس پٽ
آڌا رام مترجم. اهي بئي ڪلارڪ خط و ڪتابت لاءِ
سندس ماتحتيءَ ۾ رهڻ گهرجن.
انهيءَ سفارش جو اظهار انگريزي مراسلي
نمبر 2251، مؤرخه 5 جون 1883ع (1297هه) جي آخري
فقري مان ظاهر آهي. اهو مراسلو سنڌ جي ڪمشنر مسٽر
ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر، بمبئي جي گورنر ۽
ڪائونسل جي صدر جيمس فرگرسن صاحب بهادر جي خدمت ۾
موڪليو، جنهن جو ترجمو هيءُ آهي:
فقرو نمبر 55 انهيءَ ڪري اها تجويز پيش ٿو
ڪريان ته اهي معاملا، سنڌ جي ڪمشنر صاحب جي سياسي
شعبي جي وڏي منشي مسٽر خدا داد خان جي هٿان،
اسستنٽ ڪمشنر جي نظرداريءَ هيٺ سر انجام ٿيڻ
گرهجن. ڇو ته مسٽر خدا داد فارسيءَ جي لپڙهه ۽
جاگيرن جي نقش وغيره کان چڱي طرح واقف آهي ۽ وڏو
تجربيڪار آهي. سندس خدمتون شروع کان وٺي سرڪار کي
پسند آهن؛ تنهنڪري اها سفارش ٿو ڪريان ته هو
انهيءَ خصوصي خدمت تي مقرر رهي. کيس هڪ سؤ رپيا
ذاتي پگهار کان زياده ڏنو وڃي ۽ روزانو لوازمو
(ڀتو) به. از انسواءِ هن ڪم لاءِ به انگريز يدان
هڪ ستر رپيا ماهوار پگهار سان ۽ ٻيو چاليهه رپيا
ماهوار پگهار سان هن جي ماتحتيءَ ۾ ڏنا وڃن ۽
دستور موجب هنن کي به مسافريءَ جو ڀتو ڏنو وڃي.
مان سمجهان ٿو ته اهو ڪم پوري هڪ سال جي عرصي ۾
پورو ٿيندو. جنهن وقت هيء ڪتاب (تواريخ جاگيرات)
تيار ٿي ويندو، ته پوءِ هميشه لاءِ فائديمند ثابت
ٿيندو ۽ جيڪا غير ضروري لکپڙهه ٿيندي رهي ٿي، سا
هڪدم بند ٿي ويندي. ان کانپوءِ ڪا به غلطي نه
ٿيندي ۽ جاگيري زمينن جي باري ۾ سنڌ جي اندر
هروڀرو جيڪي شڪ شبها ۽ مشڪالتون پيدا ٿينديون رهن
ٿيون، سي يڪدم بند ٿي وينديون.
انهيءَ سفارش تي بمبئي سرڪار جي پاران
انگريزيءَ ۾ جيڪو حڪم نمبر 9496، مورخه 12 ڊسمبر
1883ع مطابق 1287هه پهتو، ان جي آخري فقري جو
ترجمو پڙهندرن جي واقفيت لاءِ هت درج ڪجي ٿو:
ڪمشنر صاحب جاگيرن جي معاملن، سَنَدَن عطا ڪرڻ ۽
نقش جي تياريءَ جي باري ۾ جيڪا تجويز پيش ڪئي آهي،
اها وڏي خوشيءَ سان بامبي ڪائونسل جي اجلاس ۾
منظور ڪئي ٿي وڃي. مگر معلوم ٿو ٿئي ته وڏي منشي
(خدا داد خان) کي ماهوار هڪ سؤ رپيا اصلي پگهار
ملي ٿي ۽ ان کانسواءِ به رجسٽريشن جي شعبي مان
ٽيهه رپيا ماهوار کڻي ٿو. هاڻي جڏهن هو هن خاص
ڊيوٽيءَ تي رهندو ته کيس فقط هڪ سؤ رپيا اصلي
پگهار مقرر ڪيل ماهوار الاونس سميت وٺڻ گهرجي، ته
اُهي ٽيهه رپيا، جيڪي کيس رجسٽريشن شعبي مان ملندا
آهن. ڇو ته اها دائمي پگهار نه آهي.
صحيح
چيف سيڪريٽري بمبئي سرڪار
جڏهن سال 1886ع (1299هه) ۾ ”تواريخ
جاگيرات“ مڪمل ٿي ۽ ڇپجي وئي ته انهيءَ وقت ڊاڪٽر
جان پالن صاحب نائب ڪمشنر سنڌ ان جي پهرئين جلد جي
صفحي نمبر 4 تي لکيو ته ”خان صاحب خدا داد خان هن
تواريخ مڪمل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي، جنهنڪري سندس
شڪر گذاري ڪئي ٿي وڃي. راقم الحروف جي پاران اها
ٻارهين خصوصي خدمت آهي.
(8) مٿين سالن (1297هه مطابق 1883ع) ۾ مرحوم خان
بهادر محمد مراد خان افغان جي ڪراچيءَ ۾ وفات حسرت
آيات ٿي. مرحوم وڏو نامور انسان هو. اصل ۾ قلاتي
هو. پوءِ ڪراچي ۾ اچي سڪونت پذيرٿيو. سندس لاش
ڪراچيءَ مان کڻائي، حب نديءَ جي علائقي ۾ دفنايو
ويو. جتي سندس جاگير هئي.
(9) سال 1298هه مطابق 1884ع ۾ آنريبل سيد امير علي
شاهه
[5] باجارن (تعلقي
سيوهڻ) جي سيدن جي گهرائڻ تي ڪلڪتي کان ڪراچيءَ
تشريف آور ٿيو. باجارائي سيد قتل جي تهمت ۾ گرفتار
هئا. سيد امير علي، آنريبل خان بهادر محمد حسن علي
صاحب
[6] سان گڏجي سيدن جي
وڪالت ڪئي ۽ کين، خون جي ناحقي تهمت کان آزاد
ڪرائي ثواب کٽائين.
(10) سال 1299هه مطابق 1885ع ۾ مدرسة الاسلام ۽
ڏيارام ڪاليج
[7] قائم ٿيا، جن مان
اڃا تائين پبلڪ فائدو وٺي رهي آهي.
(11) سال 1300هه جي آخر (۽ ان جي مطابق) مان 1887ع
جي شروع ۾ سنڌ جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۽ خوشيءَ
جون محفلون ۽ مجلسون منعقد ٿيون. چراغان ڪيا ويا ۽
عجيب و غريب تماشا ٿيا، جو انگلستان جي ملڪه معظمه
۽ هندوستان جي قيصره جي بلند شوڪت سلطنت جا پنجاه
سال پورا ٿيا. سنڌ جا ڪيترائي امير، سردار ۽ معزز
ماڻهو فريئر هال ڪراچي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ سنڌ جي
ڪمشنر صاحب بهادر سان ملاقات جو شرف حاصل ڪيائون.
اها دَربار دُربار ايتريقدر شاندار هئي، جو خاڪسار
راقم الحروف جي ڪوششن سان اگرچه سوين دربارون
منعقد ٿي چڪيون آهن ۽ هميشه دربارن منعقد ڪرائڻ جي
انتظام جو تعلق راقم الحروف سان ئي رهيو آهي، مگر
مون اهڙي دربار اڳ ۾ ڪڏهن به اکين سان نه ڏٺي هئي.
بيشڪ ائين، ڇو نه هجي، جو هيءَ دربار دُربار سڀني
دربارين ۾ ممتاز هئي.
(12) مٿئين سال ۾ راقم الحروف کي ”خانصاحبي“ جي
خطاب عطا ڪرڻ جي سفارش ڪئيوئي، جا هيٺين تحرير مان
ظاهر آهي:
انگريزي مراسلي جي فقري 7 ۽ 8 جو ترجمو
نمبر 25، مؤرخه 30 جنوري 1887ع (1300هه)
جو بمبئي سرڪار کي موڪليو وي
(ستون فقرو) ٻيو، هيء منهنجي خواهش آهي،
جا مان اوهان صاحبن جي ڌيان مبارڪ تي ٿو آڻيان، ۽
خداداد خان ولد راضو خان کي ”خان صاحب“ جو لقب عطا
ڪرڻ جي سفارش ٿو ڪريان ته اهو لقب هن جي لاءِ
”ذاتي لقب“ جي طور تي مقرر ڪيو وڃي.
(اٺون فقرو) مونکي انهيءَ ڳالهه جي گهڻي
ضرور محسوس نه ٿي ٿئي ته هن قديم ملازم جي باري ۾
زياده چوان. مگر هيترو ڪري سگهان ٿو ته هن پنهنجين
خدمتن جي تاريخ جا سال 1882ع (1298هه) ۾ منهنجي
واقفيت لاءِ تيار ڪئي هئي، ان جي باري ۾ ڪجهه
لکان. مان اهو به ضروري نٿو سمجهان ته اڳين حاڪمن،
هن جي باري ۾ جيڪي لکيو آهي، ان جو اظهار ڪريان.
البت اهو لکڻ چاهيان ٿو ته خدا داد خان جيڪو عهدو
چند سالن کان وٺي پنهنجي تصورف ۾ رکندو ٿو اچي،
سنڌ ڪميشن جي حالات ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي يادداشت ۾
ڦير گهير سبب تخفيف ۾ اچي ويندو. انهيءَ ڪري بهتر
نظر ٿو اچي ته کيس ”خان صاحب“ جو لقب عطا ڪيو وڃي.
هونءَ به اهو لقب رواج ۽ سندس عزت جي ڪري ڪيترن ئي
سالن کان وٺي هن جي لاءِ استعمال ٿيندو ٿو رهي.
اوهان صاحبن جو تابعداد
صحيح: مسٽر ايڇ اين بي ارسڪين صاحب بهادر
ڪمشنر سنڌ
(13) سال 13000هه مطابق 1887ع ۾ جناب لارڊ ري صاحب
بهادر گورنر بمبئي، ۽ سر مير علي مراد خان صاحب
بهادر واليء خيرپور، شڪارپور ۾ گهوڙن جي ميلي جي
موقعي تي رونق افروز ٿيا، سنڌ ۽ ان جي اوسيپاسي جا
اڪثر معزز مانهو ۽ واپاري به انهيءَ موقعي تي اچي
گڏ ٿيا. انهيءَ دَربار دُربار جو تمام سهڻو
بندوبست ڪيو ويو هو ۽ اها دربار سنڌ جي اڪثر
دربارن کان بهتر هئي، جا راقم الحروف جي ڪوشش سان
منعقد ٿي هئي. انهيءَ ڳالهه جو ثبوت انگريزي خط
جي هيٺين ترجمي مان ملندو. ٻيون ڪيتريون ئي
تحريرون، جي هن دربار جي حالات تي مشتمل هيون، نظر
انداز ڪيون وين آهن.
خان صاحب خدا داد خان ڏانهن،
مان نهايت ئي شڪر گذاري ۽ احسانمنديءَ سان
اوهان جي اُنهيءَ مدد جي باري ۾ لکان ٿو، جا
هزهائينس مير واليء رياست خيرپور ۽ هزايڪسيلينسي
گورنر بمبئي جي تشريف آوريءَ جي موقعي تي اوهان
مون سان ڪئي. اوهان کان سواءِ مون کي اها خبر نه
پوي ها، ته مان هن باري ۾ ڇا ڪريان. ڇو ته مان
ايترو عرصو رڳو آفيس جو ڪم ڪندو رهيو آهيان.
انهيءَ ڪري مان اوهان جو وڏو احسانمند آهيان ۽
منهنجي دلي خوشي جو ثبوت هيءُ آهي جو مان اوهان جي
مدد جو اعتراف ٿو ڪريان. جا اوهان مون سان ڪئي
آهي.
فقط. تاريخ 14 جنوري 1887ع (1300هه)
اوهان جو مخلص دوست
ڪرنل مير صاحب بهادر پوليٽيڪل ايجنٽ
اسسٽنٽ خيرپور ۽ ڪليڪٽر ضلع شڪارپور
(14) نيٺ انهيءَ سال (1887ع ۾) مسٽر ارسڪين صاحب
بي شمار ڪار گذارين بعد ولايت (انگلينڊ) روانو ٿي
ويو ۽ اتي سرڪاري نوڪريءَ کان رٽائر ڪري، پينشن
وٺي، آرام سان گذارڻ لڳو. سندس سهڻين خدمتن سبب
ڪراچي شهر ۾ ۽ ڪراچي بندر تي هڪ باغيچو ۽ هڪ بندر
”باغيچهء ارسڪين“ ۽ ”بندر ارسڪين“ جي نالن سان
تعمير ڪيا ويا. بيشڪ، نيڪ سردارن ۽ حاڪمن جي نيڪين
۽ نيڪ ڪار گذارين جو يادگار زماني ۾ هميشه قائم ٿو
رهي. چيو اٿن ته ”نوشير وان نه مرد که نام نکو
گذاشت“ (نوشيروان مُئو نه آهي، جو چڱو نالو ڇڏي
ويو آهي). وڃڻ وقت راقم الحرو جي باري ۾ سر چارلس
پرچرڊ صاحب کي سفارس ڪندي، چيائين ته ”هيء شخص
هميشه ڪمشنر صاحبن سان گڏ هوندو آهي ۽ جيئن چوندو
آهي، ڪمشنر صاحب گهڻو ڪري اُونئين ڪندا آهن. ڇو ته
صحيح چوندو آهي.“
يارهون ڪمشنر: سر چارلس پرچرڊ صاحب بهادر
سال 1301هه مطابق 1888ع جي شروع ۾ بمبئيءَ
کان ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ جي ڪمشنري جي چارج وٺي، ڪم
شروع ڪيائين. پهريائين ڊاڪٽر پالن صاحب بهادر،
پوءِ مسٽر ميولس صاحب بهادر ۽ ان کانسواءِ مسٽر
ايجرلي صاحب بهادر واري واري سان سندس اسسٽنٽ هئا.
دستوري ڪاروبار سهڻي نموني سان سر انجام ڪندو
رهيو. مگر اهڙا (وڏا) ڪم، جن جو نتيجو اڃا تائين
ظاهر آهي، يا ڪي عجيب ڳالهيون، جي سندس ايامڪاريءَ
۾ ٿيون، نموني طور هت قلمبند ڪجن ٿيون:
سال 1301هه مطابق 1888ع ۾ هندوستان جو حڪمران ۽
گورنر جنرل جناب لارڊ ڊفرن صاحب بهادر سنڌ ۾ رونق
افروز ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽي ڏينهن ترسي دربار ۽ خاص
ملاقاتون وغيره ڪري ۽ سنڌ مدرسة السلام ۽ ڏيارام
ڪاليج جو سنگ بنياد رکي، جهاز رستي بمبئي روانو ٿي
ويو.
سال 1301هه مطابق 1888ع ۾ سردار محمد ايوب خان،
مرحوم امير شير علي خان صاحب افغانستان جو ٻيو
نمبر فرزند، ٻين سردارن ۽ واسطيدارن سميت، جن ۾
مرد به هئا ۽ عورتون به ۽ ٻارهن سون کان زياده
ماڻهو هئا، ايران کان گهوڙن سميت ڪراچيءَ آيو.
ڪرنل رينالڊس صاحب بهادر پوليتيڪل ايجنٽ اولهه
بلوچستان جي خواهش مطابق، رام الحروف، ڪمشنر صاحب
بهادر جي حڪم سان سندن ڪم ڪار ۽ مهمانداريءَ وغيره
لاءِ مقرر ٿيو. گويا اها تيرهين خصوصي خدمت هئي،
جا راقم الحروف جي سپرد ڪئي وئي. مهمانداريءَ جو
اهو معاملو بي حد نازڪ ۽ تمام مشڪل هو. ڇو ته اڪثر
پٺاڻ جي سردار صاحب جي عملي جا ماڻهو هئا، ڏاڍا
تيز، تند ۽ سخت سرڪش هئا. بهرحال خداءِ ذوالجلال
جي فضل ۽ برطانوي باشندن جي دائمي بخت جي صدقي اهو
اهم ڪم خير خوبيءَ سان نبهي ويو. مهمانن جو
بندوبست ڪراچيءَ کان وٺي ريتي اسٽيشن تائين جا سنڌ
جي سيد تي آهي، راقم الحروف جي ذمي هو. انهيءَ
بندوبست ۾ خراسان، هندوستان ۽ سنڌ جي رسمن رواجن
مطابق اعليٰ درجي ۽ ميوا وغيره به جي سردارن جي
ضروريات زندگيءَ ۾ داخل آهن. سڀئي مهمان ريل
گاڏيءَ جي فرسٽ ڪلاس ڪمپارٽمنٽ ۾ سوار هئا، راقم
الحروف هڪ هفتي جي اندر ڪراچيءَ کان رضيءَ تائين
پنج دفعا ويو ۽ واپس آيو. اگرچه سردارن جي خواهش
مطابق اعليٰ قسم جا طعام هر وقت ريل گاڏيءَ ۾
پهچايا ٿي ويا، مگر سندن کائڻ جا وقت ڪوٽڙي سکر ۽
ريتي ۾ مقرر ٿيل هئا، جتي کين تمام سهڻي نموني سان
کاڌو کارايو ٿي ويو.
انهيءَ نازڪ ڪم ۽ خوش اسلوبيءَ سان ان جي تعميل ۽
تڪميل جو احوال، هيٺين انگريزي تحرير جي ترجمي مان
پڙهندڙن کي معلوم ٿيندو:
انگريزي مراسلي مؤرخه 12 مئي 1888ع (1302هه) جي
فقري پهرئين ۽ ٻئي جو ترجمو (ڪراچيءَ کان)
منهنجا پيارا ميهو صاحب!
سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر ڪمال مهربانيءَ سان خان
صاحب خدا داد خان کي منهنجن حڪمن جي تعميل لاءِ
منهنجي ماتحت مقرر ڪيو آهي، ته جڏهن سردار ايوب
خان ۽ سندس ماڻهو سنڌ مان لنگهن ته هو سندن طعام
وغيره جو بندوبست ڪري.
اميد آهي ته مهرباني ڪري اوهين پنهنجن ماتحت
آفيسرن کي هدايت ڪندا ته هو خدا داد خان جي هر طرح
سان مدد ڪن. جيئن ته سکر ۽ ريتيءَ ۾ کاڌي جو
انتظام ٽن ريل گاڏين جي اندر ڪيو ويندو ۽ ٽئي ريل
گاڏيون ٽن ڏينهن ۾ پهچنديون ۽ هر هڪ ريل گاڏيءَ ۾
ٽن سون کان گهٽ ۽ پنجن سون کان زياده ماڻهو نه
هوندا.
صحيح
ٽي ٽو المين رينالڊس صاحب بهادر
پوليٽيڪل ايجنٽ اولهه بلوچستان
ساڳي ڳالهه ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ڪرنل ڪرافورڊ ڏانهن
لکيل مراسلي ۾ به هئي، پر جيئن ته ٻنهي جو مطلب هڪ
جهڙو هو، تنهنڪري فقط هڪ مراسلي تي اڪتفا ڪئي وئي.
ريتي (تعلقو اوٻاوڙو کان 12 مئي 1888ع (1302هه)
سنڌ جي ڪمشنر صاحب بهادر جي پاران خدا داد خان کي
مقرر ڪيو ويو هو سردار محمد ايوب خان ۽ سندس ساٿين
کي کاڌو پهچائڻ لاءِ جڏهن هنن ڪراچيءَ کان مٿين
ملڪن ڏانهن سفر ڪيو. هو جنهن خدمت لاءِ مقرر ڪيو
ويو، اها تمام سهڻي نموني سان بجا آندائين. کيس ٽن
کان زياده ڏينهن لاءِ کاڌي جو بندوبست ڪرڻو هو ٽن
جدا جدا جڳهن تي ۽ کائڻ وارا هڪ هزار کان زياده
هئا. سردار صاحب موصوف ۽ سندس ساٿين نهايت ئي مسرت
۽ احسانمنديءَ جو اظهار ڪيو ۽ تمام راضي هئا، جو
هنن جي خاطر ايتري تڪليف ورتي وئي. انهيءَ لاءِ
مان خدا داد خان جو بي حد شڪر گذار آهيان جو چڱي
مدد ڪئي اٿس ۽ وڏي محنت کان ڪم ورتو اٿس.
صحيح
ايوانس گارڊن صاحب
نائب پوليٽيڪل ايجنٽ
ريتي 16 مئي 1888ع مطابق 1302هه
منهنجا پيارا ڪرنل رينڊال صاحب!
خدا داد خان ٽنهي اسٽيشن تي کاڌي جو
انتظام چڱي نموني ڪيو هو ۽ مان هن کان ڏاڍو خوش
آهيان.
صحيح
ايوانس گارڊن صاحب
نائب پوليٽيڪل ايجنٽ
ڪراچي 24 مئي 1888ع مطابق 1302هه
|