سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :7

 

 

باب چوٿون

 

مڱڻي کان پرڻي تائين جون رسمون

 

جڏھن ڇوڪرو لائق ۽ کٽڻ ڪمائڻ جھڙو ٿيندو تھ ماءُ پيءُ کي ھورا کورا لڳندي تھ جلدي اميدون پسجن ۽ کيس ونيءَ وارو ڪجي، ڇاڪاڻ تھ ڇڙي ڇانڊ کي ھرڪو لوٺيو ڀانئي. پنھنجي گھرتڙ وارو، ڀائرن جو ڀاءُ ۽ نياڻين ۾ آڻڻ جھڙو پرڻي کان پوءِ ٿيو.

سڱاوتي ڪرڻ وقت اول ڏاڏاڻن ۾ ڏسن. جيڪڏھن چاچي جي ڌيءَ ھجي تھ پوءِ وڏي چاھھ سان کڻندا، پر جي اتي واھھ نھ ڏسن تھ پوءِ نھارين ناناڻن ڏانھن. جي اتي بھ ڪو اڪلاءَ نھ ٿئي تھ پوءِ سرڪندا شريڪن ڏي. جتي گھڻو ڪري ’بَدي‘ (ڏي وٺ) تي سڱاوتي ٿئي. بعضي اھڙا سڱ دوبدو جي بدران ڦيرائي بھ ڪن، پر جي وٽن ڪا نياڻي آڇڻ لاءِ نھ ھوندي تھ پوءِ ٽڪي ٽڪر تي سڱ ڪرڻ کان بھ ڪين گسن. جيڪڏھن ٽڪن تي بھ ڪو ڪنوارو ٻار نھ مليو تھ پوءِ ”ڦلاوندي“ يعني رن زال بھ قبول ڪندا. مطلب تھ جي گھوٽ جو ڀاڳ ھوندو تھ مٽن مائٽن مان، ڪٿان نھ ڪٿان اڏجي ويندو، نھ تھ ڌڻئون ڌڪجي وڃي ڌارين ۾ ڪرندو[1].

سڱ جي ڳولا ڪرڻ وقت ڪنوار ۾ جن ڳڻن جو ھئڻ ضروري آھي، تن لاءِ ھن ريت پسندي جو اظھار ڪيو ويندو: ويچاري گھريتڙي آھي، گھر جي ڪم مان تھ ورچي ئي ڪانھ. ڀلي مائٽن ڄائي، ڇا چئجي سندس فضيلت! ماسي، چاچي ادي ۽ سڱ جي نالن کان سواءِ ڪنھن کي سڏي ئي ڪانھ. رکي سکي تي راضي، جيڪي مليس تنھن تي خوش. ھروڀرو نڪا اجائي ٺاھھ ٺوھھ ڄاڻي ۽ نڪا وري واتراڌي يا گھڻ ڳالھائو. آھي بھ سدا سھڻي ۽ سلڇڻي، بس اھا ئي ابل جي لائق آھي.

سڱ جي گھر

گھوٽ جو ڀر جھلو مائٽ پاڻ سان ڪنواريتي طرف جو ڪو واقفڪار يا عزيز ۽ پنھنجائيءَ جا ٻھ ٽي ھمراھھ وٺي، اچي سيڻن کي سامھون ٿيندو. اتي پھچڻ سان تڏا پٿارجي ويندا. ماني ٽڪيءَ جي اون پلي پوءِ ويھي ڪچھري ڪندا ۽ خبرون چارون ۽ حال احوال ڏيڻ وٺڻ کان پوءِ ڪنواريتا راضي ھجن تھ چوندا: ”ادا شرع ۾ شرم ڪونھي، پوءِ بھ لکين جا ليک آھن، جيئن ھوندو تيئن ٿيندو. چھڙن جون ونڊيون چھڙا کڻن، ڀائر ڀائرن سان سونھن.“ جي بدي جي طلب ھوندي تھ چوندا: ”ادا! سڱ گھرندڙ پھرين گار پاڻ کي ٿو ڏي پوءِ ڪنھن ٻئي ڀاءُ ڏانھن پير ٿو ڀري.“ يا چوندا تھ : ”خدا کان سولو ٿيڻي ھوندي تھ اولي ڪانھ ٿيندي، پنھنجائيءَ ۾ وري ڪھڙو ڇيپ آھي! ابو ابي جھڙو، ڏاڏو ڏاڏي جھڙو، گھوڙي ڪن ٻئي برابر آھن.“ سڱ جي گھر ڪندڙ کي جيڪڏھن وھانءُ ٽڪن تي ڪرڻو ھوندو تھ وچ ۾ ئي چئي ڏيندا تھ: ”اِنسان جو ملھھ ڪونھي، تڏھن بھ جيڪا ڦلن مٺ پڄندي سا قربان ڪنداسون.“ انھن ڳالھين ۾ تمام گھڻي ڊيگھھ ڪندا. ڇوڪريءَ جي مائٽن طرفان وري ھن ريت جواب ملندو: ”جيءَ آيا، ڀلي آيا، ڀائر آھيون، اسان جون اکيون اوھان جون لتون، تڏي آئي تنگ نھ پئبو، سيڻ سڄڻ ٿيڻ، مائٽيون ڪرڻ دنيا جو دستور آھي، پڪيءَ ٻير ۾ سڀڪو ڀتر ھڻندو آھي، مرڻ ناھي مھڻو پرڻو ناھي گار، لکين جا ليک آھن، جيئن نياڻيءَ جي قسمت ھوندي تيئن ٿيندي، وڏا ڀاڳ تن جا جي جيئري اھي وبال سر تان لاھين (يا سرھيون ڀريون لاھين)، نياڻي شينھن ڪلھي چڙھي تھ مائٽن لک کئيا.“ يا چون تھ: ”اوھان کير جو وٽو جھليو تھ آءٌ کنڊ جو ٻڪ وجھان.“ يا چون: ”ادا! وڌم توھان جي جھولي ۾.“ پر جي سڱ نھ ڏيڻو ھوندو تھ پوءِ چوندا تھ: ” پھرين پنھنجن کي ڌوڻينداسين، پوءِ جيئن ھوندي قسمت.“ يا ”اڃا ٻارڙي آھي، پيئي روئي کائي، تيستائين خبر نھ آھي ڪير مري ڪير جيئي؟“ يا وري چون: ”ادا! ڪو ڏينھن خدا جو تھ پيا ڏسون، پوءِ جڏھوڪا پاڻي تڏھوڪيون چِڪون، في الحال اسان ۾ اھڙي ڪا اميد نھ رکو“[2].

ڪن قبيلن ۾ ڪنھن بھ شخص کي پنھنھجي لاءِ يا ٻئي ڪنھن عزيز لاءِ سڱ طلب ڪرڻو ھوندو تھ ھو جنھن وٽ سڱ ھوندو، ان وٽ ٻن ٽن ڳوٺن يا راڄ جا چڱا مڙس وٺي ويندو. اڳلا ڏاڍي شان مان سان ھنن کي ويھاري خوش خير عافيت ڪندا. پوءِ وٺندا خبرون. آيلن مان سڀئي ھڪڙي وڏي کي خبر ڏيڻ جي اجازت ڏيندا. خبرن ۾ چون: ”ادا! فلاڻو اسان وٽ آيو ۽ گڏجي ھلڻ لاءِ چيائين تھ فلاڻي رئيس سان اڳ بھ مائٽي آھي ۽ وڌيڪ مائٽي گڏڻ جو ارادو آھي، تنھنڪري تو وٽ آيا آھيون. ٻيو مڙيئي خير.“ جيڪڏھن ھن کي سڱ ڏيڻو ھوندو ۽ ان جي عيوض سڱ وٺڻو ھوند تھ چوندو: ”ادا! برابر اسان جون اڳ بھ مٽيون آھن، ڏيڻ وٺڻ ۾ ڪو مھڻو نھ آھي. پر ھن وٽ بھ سڱ ويٺل آھي، ان ڪري اٽي تي اٽو، کارو نڪو کٽو، ڏئي ۽ وٺي.“ پر جيڪڏھن سڱ وٺندڙن وٽ بدي ۾ ڏيڻ جو سڱ نھ ھوندو تھ سمجھندا تھ اڳلي کي مٽي ڪرڻ جو خيال آھي تھ وري ڪجھھ پئسا آڇين. تھ: ”ادا! ڪجھھ ’ڦلن مٺ‘، وٺ.“ پوءِ جي ھن کي سڱ وٺڻو ھوندو تھ چوندو: ”ڦلن مٺ مون کي قبول آھي پر ھيءُ بھ ”ڳڙ کائي.“ (ڳڙ کائڻ جو مطلب اھو ھوندو آھي تھ جيڪا پھرين نياڻي ٿيندي، سا ھو انھن کي ڏيندو). انھيءَ طرح جيئن بھ ڪم ٺھي ڀائر ٺاھيندا. پوءِ اھا ڳالھھ مشھور ٿيندي تھ فلاڻن ھڪٻئي سان سڱاوتي ڪئي[3].

ميڙ

سماٽ قبيلن ۾ برادريءَ جي حالت ۾ ڪڙم جا ماڻھو اچي چڱي مڙس جي اوطاق ۾ گڏ ٿيندا. پوءِ ھلنديون ڳالھيون ۽ ھڪٻئي ڏي ڏک ڏوراپا. جيڪو بھ ھڪٻئي ڏي وھنوار رھيل ھوندن، سو ڇڪي وٺڻ جو موقعو اھو ھوندو اٿن. گھوٽيتا بھ ڳالھين ۾ سڀني جي ميار مڃي، جي پاءُ پاڻيءَ جو ڏانھن ٿيو، تھ ڀري ڏيڻ جو انجام ڪندا. ان بعد گھوٽ جي پاران سندس وڏو مائٽ چوندو: ”ادا! مڙس آھيون جڏو لڏو،ججھن کنئي ڇپر کڄيو وڃي، اوھان جو ڪو پاند پلاند اڃا اسان ڏي رھيل ھجي تھ ڀلي ڇڪي وٺو. اسان کي ڀائرن جو ڀاءُ ڪريو ۽ اٿي ٻانھن ٻيلي ٿيو.“ تڏھن سڀئي گڏجي چوندا: ”نھ ڙي ادا! اسان جون اکيون ٿڌيون، تنھنجو ٻچو اسان جو پنھنجو ٻچو آھي، متان دل ھاري اٿئي. اٿي ڪاڄ ڪر، اسين مڙيئي تنھنجا ڀائر گڏ آھيون.“

جيڪڏھن ڌارين کان سڱ وٺڻو ھوندو، تھ پھريائين گھوٽ جا وڏا ڪنوار جي وڏن وٽ ويندا ۽ دستوري کينڪر بعد خبرن چارن ۾ ئي پنھنجن من جي مدعا ڪنواريتن وٽ پيش ڪندا. ڪنواريتا بھ پنھنجو دلي مقصد خبرن ڏيڻ وقت ئي گھوٽيتن کي ٻڌائي ڇڏيندا. جيڪڏھن سڱ ڏيڻ جي مرضي ھوندي تھ چوندا: ”ادا! ڀلي آيا، جيءُ آيا، جيئن نياڻيءَ جي قسمت ھوندي ائين ٿيندي. اسين آپت (پنھنجائي) ۾ صلاح ڪري، توھان کي ورندي ڏينداسون.“ ان کان پوءِ ڪنواريتن جون پاڻ ۾ صلاحون ھلن. گھوٽ جو گھر، تڙ، ننگ نسب، لياقت، ڌنڌو، عيب صواب جاچيندا. پوءِ جيڪڏھن سڱ نھ ڏيڻو ھوندن تھ ھڪ ماڻھو گھوٽيتن وٽ وڃي کين چئي ايندو تھ: ”ادا! اسان آپت پنھنجائي ۾ صلاح ڪئي، پر اسان کي ڳالھھ نھ آئڙي، تنھنڪري معاف ڪريو، اسين پڄي نھ سگھنداسون، توھين ڀلي ٻئي پاسي ڪوشش ڪريو.“ پر جي گھوٽ جي خوشقسمتي سان راضي ٿي ويا تھ ڪنواريتن ۾ جيڪو وڏو ھوندو سو ويندو ۽ گھوٽيتن جا چار چڱا ويھندا. جتي خبرون ڏيندي چوندو تھ: ”ادا! الله سائين سڀ جو خير ڪيو آھي. اڳي اوھين قرب ڪري اسان وٽ آيا ھئا. توھان جي پرپٺ اسان پنھنجي ڀائرن سان صلاح ڪئي. سڀني چيو تھ اسان کي ڏيڻ کان حجاب ڪونھي، اسان جا ڀائر آھن. باقي اسان جا بھ شرط آھن.“ پوءِ شرطن تي سوال جواب ھلندا ۽ گھڻو ڪري ھيٺين شرطن مان ڪن بھ شرطن تي ٻيئي ڌريون ٺاھھ ڪنديون:

شرط:

وڙ: بنا ڪنھن عيوض وٺڻ جي گھوٽيتن تي احسان ڪري سڱ ڏيڻ.

بدو يا عيوض: سڱ جي عيوض ٻيو سڱ وٺڻ يا دوبدو جا سڱ ڪرڻ.

ڦلن مٺ: يعني سڱ نھ، باقي پئسا وٺڻ.

سڱ جي عيوض ’بدو‘ ۽ ’ڦلن مٺ‘ ٻئي وٺڻ.

’ڳڙ کائڻ‘: يعني مڱڻي وقت گھوٽ ۽ ان جا ٻيا ڪي عزيز ’ڳڙ کائيندا‘. ڳڙ کائڻ مان مراد انجام ڪرڻ تھ منجھانئن جنھن کي بھ اڳ ۾ ڌيءَ ڄائي اھو ڪنواريتن کي ڏيندو. انھيءَ ۾ بھ شرط ھوندا تھ ڄمڻ شرط ڪنواريتن جي حوالي ڪندو، يا ڪجھھ عرصي کان پوءِ بالغ ٿيڻ تي. ڪي وري انھيءَ ۾ ميعاد بھ رکندا ۽ پوءِ اھا ڇوڪري ميعاد اندر مري ويئي تھ وري ٻي ڇوڪري ڏيندا. ۽ اھڙي طرح ميعاد گذرڻ تي مڱڻو ڪري ڇڏيندا.

جنڊو پاڙو: گھوٽ جنڊو پاڙو لکي ڏيندو، جنھن جو مطلب تھ شاديءَ بعد گھوٽ، ڪنوار سميت اچي ڪنواريتن ۾ رھندو، جتي پنھنجي کائڻي پيئڻي رھندو، جيستائين ڪنواريتا کيس خوشيءَ سان اجازت ڏين.

اِيل يا اِيڻ: ھن شرط مطابق گھوٽ کي اتي لازمي شريڪ ٿيڻو پوندو، جتي ڪنواريتن جو پير پنڌ ھوندو ۽ جتي سندس سھرو شاديءَ غمي ۾ شريڪ ٿيندو ھوندو.

انھن شرطن مان ڪن تي بھ ٻنھي ڌرين جو ٺاھھ ٿيو تھ گھوٽيتا يڪدم مٺائي ورھائيندا.

ٿري ھندن ۾ سڱ جي ڳولا ۽ گھر (مڱڻو)

ٿري ٻوليءَ ۾ سڱ جي گھر ڪرڻ کي ”مڱڻو“ چون. ضلعي ٿرپارڪر ۾ رھندڙ ھندو قومن ۾ گھڻو ڪري مڱڻي جون جدا جدا رسمون ھلندڙ آھن، جي ھيٺ ڏجن ٿيون[4].

ٺڪرن ۾ بدي جو رواج ڪونھي. سڱاوتي گھڻو ڪري ڏيتي ليتي تي ٿئي. عام طرح سڱ جي ڳولا لاءِ ڪنھن مکيھ لاڳاپيدار ماڻھو تي ڪم رکندا. جيڪو مخفي طرح سڱ جي پڇا ڳاڇا شروع ڪندو. ان ماڻھوءَ کي ”وچوئو“ چون. سڱ ملڻ جي اميد ٿيڻ تي وچوئو ٻھ ٽي ٻيا لاڳاپيدار ماڻھو پاڻ سان ڪري ڇوڪريءَ جي مائٽن ۾ ويندو. وڃڻ سان رھاڻ ڪندو، جنھن ۾ آفيم، ٻيڙيون ۽ چانھھ وغيره جو خرچ بھ پاڻ ڪندو. رھاڻ بعد ڪنواريتن سان مائٽيءَ جون ڳالھيون ھلائيندو. پڪ ٿيڻ تي رات جو ماني کائڻ بعد ڪنوار جي پيءُ جي اوطاق يا اڱڻ تي عزيز قريب پاڙيسرين سميت ڪٺا ٿيندا. رواج موجب وچوئو ھڪ ناريل، ٻھ ڏونگھيون ڳڙ سان ڀريل، پيلي اڳڙيءَ ۾ ٻڌل پنج رپيا، ۽ ھڪ چني ڪنواريتي طرف جي مکيھ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ ڏيندو، جيڪو وري اھي شيون ٻن ٽن مکيھ ماڻھن ھٿان ڪنواريتي گھر پھچائيندو. انھيءَ رسم کي ”ڪوپرو جھلڻ“ چون. پوءِ اتي ئي زالون ڳيچ ڳائين، ۽ مھمانن ۾ ڳڙ ورھائين. صبح جو سڄي ڳوٺ ۾ حجم يا مڱڻھار رھاڻ جو سڏ ڏيئي ايندو، جنھن ۾ آفيم، چانھھ، ٻيڙين ۽ سوپارين جو خرچ گھوٽ جي پيءُ طرفان ٿئي. اھڙي طرح ڪنواريتن ۾ مڱڻو قائم ڪري وچوئو واپس ايندو ۽ اچڻ سان رھاڻ ڪندو، جنھن مان گھوٽيتن کي بھ پڪ ٿيندي تھ مڱڻو ٿي چڪو.

سوٽھڙن، چارڻن، بجير، سامين (ٻاوا)، گرڙن وغيره ۾ مڱڻي ۾ ”ڪوپرو جھلڻ“ جي ساڳي رسم آھي. اھڙي طرح ڏين وٺن، ۽ رھاڻ جو رواج بھ ساڳيو اٿن.

مھيشرين (ڪراڙ) ۽ برھمڻن ۾ عيوضي جو رواج آھي. سواءِ بدي جي سڱ ملڻ تمام مشڪل آھي. جڏھن ٻئي ڌريون آمھون سامھون سڱ ڏيڻ جي ڳالھين ۾ ٺھي وڃن، تڏھن مٽن مائٽن ۾ ڪن خاص ماڻھن کي سڏي، بنديءَ يا پني تي قبوليت لکن، جنھن کي ’اکر لکڻ‘ چون. انھي مھل گھوٽ جو پيءُ حاضرين مان ھر ھڪ کي ناريل ۽ خاص عزازت جي حالت ۾ ناريل سان گڏ ھڪ رپيو بھ ڏئي. اکر لکڻ بعد ساڳئي ڏينھن يا ٻئي ڏينھن ڪنواريتا گھوٽيتي گھر کير کنڊ موڪلين. ٻھ ٽي خاص ويجھي عزازت واريون سھاڳڻ زالون، کير ۽ کنڊ ڪنواريتن مان کڻي گھوٽ جي گھر وڃي ڏينديون. گھوٽيتا خوشامد ڪري انھن کي ماني کارائين، ۽ موٽ ۾ ناريل بھ ڏين. انھيءَ رواج کي ”ڏڌ موڪلڻ“ چون. کير پھچڻ تي ڄڻ تھ مڱڻو پڪو ٿي چڪو، ان بعد عام ماڻھن ۾ پنھنجي سرنديءَ آھر خرچ ڪندا. رھاڻ ۾ آفيم، چانھھ ۽ ٻيڙين کان سواءِ پتاشا ۽ ناريل بھ ورھائين.

لھاڻن ۾ اڳي بدي جو رواج ڪونھ ھو، پر ھينئر ڪن ھنڌن تي بدي جا سڱ بھ ڪن. مڱڻي لاءِ ٻئي ڌريون آمھون سامھون سڱ ڏيڻ وٺڻ جون ڳالھيون ڪنديون. ڳالھين ۾ ٺھي وڃڻ تي ڪنوار جا مائٽ دستور موجب برھمڻ کي موڪلين، جيڪو وڃي گھوٽ پيءُ جي گھر ”کير“ (وڌائي) ڏيئي اچي. رواج موجب ان مھل ئي دھل وڄارائين.عزيزن کي سڏين، ۽ سڀني کي مٺائي کارائين. صبح جو رھاڻ ٿئي ۽ ماڻھو مبارڪون ڏيڻ اچن، جن کي وري ناريل کنڊ سان ڀري ڏين.

ڀيلن ۾ بھ ھڪ وچوئو ڳالھھ ٻولھھ شروع ڪندو. جڏھن ڪنوار جا مائٽ ڳالھين ۾ ٺھي وڃن تھ پوءِ رات جو ڪنواريتي اڱڻ تي پاڙيسري ۽ مائٽ گڏ ٿين. وچوئو ويھھ رپيا کڻي ڪنھن مکيھ ماڻھوءَ جي ھٿ ۾ ڏئي، جو ان مھل پاڻ وٽ وٺي رکي ۽ ٻئي ڏينھن مڱ جي پيءُ کي ڏئي. ان بعد حاضرين ۾ ڳڙ ورھائين ۽ زالون ڳيچ ڳائين. ٻئي ڏينھن وچوئو موٽي وڃي گھوٽيتن کي اطلاع ڪندو، جي بر وقت خوشيءَ جو دھل وڄارائين.

مينگھواڙن ۾ وچوئو مڱڻي جون ڳالھيون شروع ڪندو. اميد ٿيڻ تي يڪدم ڪنوار جي ناناڻن، ڏاڏاڻن ۽ سڀني عزازت وارن کي ڪوٺائين، انھي رواج کي ”ڳالھيون ڪوٺائڻ“ چون. جڏھن سڀ لاڳاپيدار اچي گڏ ٿيندا، تڏھن رات جو ماني کائڻ بعد ڪنوار پيءُ جي اڱڻ تي گڏ ٿيندا. ”وچوئو“ ھڪ کارڪ کڻي ڪنواريتي طرف جي مکيھ ماڻھو کي ڏئي ۽ اھو وري اھا سڀني ۾ ھلائڻ شروع ڪري. اھڙيءَ طرح کارڪ سڀني کان واپس ٿي وچوئي کي پھتي تھ چئبو تھ سڱ جي قبوليت ٿي چڪي. جيڪڏھن حاضرين مان ڪنھن کي بھ اعتراض ھوندو تھ اھو کارڪ ملڻ تي پاڻ وٽ روڪي ڇڏيندو ۽ اڳتي نھ ھلائيندو. ائين ڪرڻ مان سمجھندا تھ فلاڻي کي اعتراض آھي. ان وقت ٻيا عزيز ھن جي اعتراض جو سبب ٻڌي، جڏھن کيس منٿ سان مڃائيندا، تڏھن ھو کارڪ کي اڳتي ھلائيندو. کارڪ وچوئي وٽ پھتي تھ ھو ان وقت ئي ٽن رپين جي مٺائي (مصري يا ڳڙ) حاضرين ۾ ورھائيندو ۽ ھڪ ناريل ۽ ڏھھ رپيا، ڪنوار جي مائٽن کي ڏيندو. پوءِ زالون يڪدم ڳيچ ڳائڻ شروع ڪنديون. صبح ٿيڻ تي اول پنج مانيون گيھھ مکيل، ھڪ گڏون پاڻيءَ سان ڀريل آڻيندا. گڏونءَ ۾ ھڪ ٽڪو ۽ ٻاجھري جا داڻا (اکا) وجھندا، جنھن کي ”پٿوري جو ڪرش“ چوندا. پٿوري پير جي نالي ڌوپ ڪرڻ بعد اھي مانيون ٽڪر ٽڪر ڪري حاضرين ۾ ورھائين ۽ ڳڙ جو شربت بھ پيارين. ان بعد ھڪڙي ٿالھيءَ ۾ اکا ۽ ٿورو ڳڙ وجھي آڻين ۽ پوءِ ٿالھيءَ ۾ ھڪ ناريل ۽ ھڪ ملير رکن. وچوئو اھو ناريل ۽ ملير کڻي گھوٽ ڏانھن روانو ٿيندو.

ھريجن پنھنجي مائٽن مان ڪڏھن بھ شادي ڪونھ ڪن. جيڪڏھن ٿوري بھ مائٽي ھوندي تھ شادي نھ ڪندا ۽ وري جتان بھ مڱڻو ڪندا، اھو ڪڏھن بھ نھ ٽوڙيندا. شاديءَ لاءِ اڳي ڪوبھ بدو ڪونھ وٺن ۽ اھو عيب سمجھن. سڱ گھرڻ کان اڳ پھرين اِھا ڳالھھ خيال ۾ آڻيندا تھ ڪھڙي گھر مان سڱ وٺجي، پوءِ پڇا ڳاڇا ڪندا تھ انھن جا ناناڻا ڪٿي آھن، ٻيو تھ ڪو سڱ قوم ۾ ڪونھي؟ جڏھن سڀ ڳالھيون مڪمل طرح سان معلوم ڪري وٺندا تھ انھيءَ گھر سان ھنن جي ڪابھ مٽي مائٽي ڪانھي، تڏھن اِھو ويچاريندا تھ اِھو سڱ ڪنھن جي معرفت گھرن؟ مثلا جي چاچي جي ساھرن ۾ سڱ ھجي تھ ان کي چون، جي مامي يا وڏي ڀاءُ جي ساھرن مان ھوندو تھ انھن کي چوندا. اھڙيءَ طرح برادريءَ مان جنھن سان بھ گھر جي مٽي مائٽي ھوندي تنھن کي چوندا تھ اھو ڪنواريتن سان اھڙي خبر چار ڪري[5].

سڱ جي گھر

گھوٽيتا ھر طرح سان خاطري ڪرڻ کان پوءِ گھوٽ جي ’ڏاڏي پوٽن‘ کي گڏ ڪن. وقتي ڳوٺ جا چڱا مڙس بھ انھيءَ ميڙ ۾ شامل ٿين، پوءِ فيصلو ڪري ھڪڙي ماڻھو کي سڱ گھرڻ لاءِ موڪلين، جنھن کي ”مانگو“ يعني ”گھرندڙ“ چون. مانگو وري ڪنواريتي ڳوٺ جي چئن چڱن سان وڃي ملندو ۽ پنھنجو مطلب ٻڌائي کانئن مدد گھرندو. جي چڱن کي اھا ڳالھھ وڻي تھ پوءِ مانگي جي مدد ڪندا ۽ ڪنواريتي گھر سان خبرچار ڪندا. انھيءَ تي ڪافي ڇڪتاڻ ھلندي، جي ڪنوار جي ماءُ راضي ٿيندي تھ پيءُ انڪار ڪندو. جي ماءُ پيءُ مڃيندا تھ چاچا ماما پيا انڪار ڪندا. انھيءَ موقعي تي ”مانگي“ کي چوندا تھ: ھينئر ھليو وڃ، ٻئي ڀيري اچج تھ پوءِ توکي جواب ڏينداسين. ٿوري گھڻي ڏينھن ”مانگو“ وري ايندو. جيڪڏھن ڪنواريتا راضي ٿيا تھ واھھ، نھ تھ ”مانگي“ کي چوندا تھ: انھيءَ معاملي ۾ وڌيڪ ڊيگھھ نھ ڪر، ۽ چڱا مڙس بھ ”مانگي“ کي چوندا تھ: ھاڻي قصي کي ڇڏي ڏي. پوءِ جي مانگو پڪو ھوندو تھ ٺھھ پھھ چئي ڏيندو تھ: توھين جواب ڀلي ڏيو، پر آءٌ جواب ڪونھ ٻڌندس. وري جي مانگو انھيءَ گھر جو نياڻو ھوندو تھ اھو ۽ ان جي زال چوندا تھ: جيڪڏھن سڱ نھ ڏيندا تھ اسين مري وينداسين پر اوھان جي اڱڻ ۾ پير نھ پائينداسين. پوءِ تھ ڪنواريتن کي بھ انھن سمورين ڳالھين جو خيال رکي مانگي سان ھائوڪار ڪرڻي پوندي. ھريجن ۾ اھو رواج آھي تھ جيڪڏھن ڪنھن گھر مان ڪو ”مانگو“ سڱ گھري رھيو ھوندو تھ اتي ٻيو ”مانگو“ نھ ايندو. پر جي ڏسندا تھ پھرئين ”مانگي“ کي سڱ ڏيڻ کان نابري واري ويٺا تھ پوءِ اچي ٻيو مانگو سڱ گھرندو. پوءِ جي چار چڱا ھن نئين مانگي سان شامل ٿيندا تھ واھھ، نھ تھ چوندا تھ: اسين توکي ڪابھ مدد ڪونھ ڪنداسين، جو انھيءَ سڱ لاءِ اڳتي گھر ٿيل آھي. انھيءَ حالت ۾ نئون ”مانگو“ ڪجھھ بھ ڪري ڪونھ سگھندو. بعضي تھ ھڪ ھڪ سڱ لاءِ ٽي ٽي ”مانگا“ بھ اچن[6].

ناناڻن جو حق

پھريون ٻار ھميشھ ناناڻن کي ڏيندا. پوءِ جي ناناڻن وٽ ڪو سڱ ھوندو تھ انھيءَ ٻار جي نالي ڪري ڇڏيندا. بعضي وري پھريون سڱ ناناڻن گھريو ۽ مائٽن ڏنو، تھ پوءِ ٻيا سڱ مائٽ پنھنجي مرضيءَ تي ڪندا ۽ ناناڻا بھ انھيءَ ڳالھھ ۾ ساڻن شريڪ ٿيندا ۽ اجائي گھر ڪونھ ڪندا، يعني ٻئي سڱ تي ناناڻن جو حق ڪونھ ٿيندو. پھريون ٻار لائق ٿيو پر ناناڻن وٽ سڱ ڪونھ ھوندو تڏھن بھ ناناڻن کي سڱ جي آڇ ضرور ٿيندي. ناناڻن مجبوري ظاھر ڪئي تھ انھيءَ صورت ۾ وري ٻيو يا ٽيون سڱ گھري سگھندا[7].

سڱ جي پڪ

نياڻو پنھنجي سھري جي گھر مان پنھنجيءَ ساليءَ جو سڱ پنھنجي ڀاءُ، سؤٽ، ماسات يا ڪنھن ٻئي عزيز لاءِ گھري سگھي ٿو. جيڪڏھن سھري وٽ سڱ نھ ھوندو پر سندس ڀاءُ وٽ يا پاڙي ۾ ڪنھن وٽ ھوندو تھ سھرو اتان بھ وھانءُ ڪرائي ڏيندو، يعني ”مانگو“ خود نياڻو ٿيندو. ڀاءُ پنھنجي ڀاءُ جي گھران سڱ گھري سگھي ٿو يا ڪوبھ ماڻھو پاڙي مان بھ ڪنھن جي گھران وھانءُ گھري سگھي ٿو. پنھنجي ناناڻن يا مٽي مائٽيءَ وارن ۾ سڱ ھوندو تھ پاڻ مانگو ٿيندو. پر جي انھن  جي برادري يا پاڙي ۾ سڱ ھوندو تھ مٽي مائٽي وارا مانگا ٿيندا. ڪن حالتن ۾ مانگا ٻئي ڪنھن سان ڳالھھ ڪونھ ڪندا، سنئون سڌو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ سان ڳالھھ ڪندا، يا ڪنھن مٽ مائٽ  يا ويجھي عزيز جي معرفت ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ تي زوربار وجھندا. يا وري اتي جي پيرسن ماڻھو سان ڳالھھ ھلندي، اتي ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ شريڪ ڪونھ ٿيندا. اھڙيءَ طرح ڳالھيون ٻولھيون ھلنديون. جي راضي ٿيا تھ واھھ، نھ تھ وري ٻئي ٽئين ڀيري گڏجاڻي ٿيندي. اھڙين حالتن ۾ مرد زالن کان صلاحون وٺن ۽ ڪڏھن ڪڏھن تھ گھڻي مرضي زالن جي ھلي. جڏھن سڀ پاڻ ۾ راضي ٿين تڏھن ڇوڪريءَ جي ماءُ کان سندن مٽ مائٽ پڇڻ ويندا تھ سندس ڪھڙو خيال آھي. جي ھائوڪار ڪري تھ موٽي مجلس ۾ اچي ٻڌائيندا. ان بعد وري ڀرپاسي وارن يا لڳ لاڳاپي وارن ڳوٺن جي چڱن مڙسن کي گھرائين، ۽ انھن کان بھ صلاح وٺن. انھيءَ رسم کي چون ”ٻانھون گھرائڻ“ ٻانھون گھرايون تھ ڄڻ وھانءُ ٿي ويو. ٻانھن گھرائڻ بعد ورلي ڪو وھانءُ ڦٽندو، جي ائين ڪير ڪندو تھ بدنامي ٿيندس. ڪي ٻانھون وري واندڪائي نھ ھئڻ ڪري ”اِھناڻ“ (اھڃاڻ) يعني نشانيون موڪلين، جي پڻ قبول ڪن. جڏھن سڀ ڪوٺايل ٻانھون اچي گڏ ٿين، تڏھن ڪنواريتن مان پريو- مڙس اٿي پڇندو تھ: توھين ھنن سان شامل آھيو؟ جنھن تي اھي ’ھائو‘ چون، پوءِ ڇوڪريءَ جا مائٽ چوندا تھ: ڇوڪري اسان جي جھوليءَ ۾ آھي ۽ اسين ڇوڪري پاڙي کي ڏيون ٿا. تنھن تي آيل چوندا تھ: توھان کي جس ھجي، جو اوھان اسان کي ڇوڪري ڏني، اسين ڇوڪري فلاڻي مانگي کي ڏيون ٿا[8].

پڌري

جڏھن ڪنواريتا، گھوٽيتن جو گھر تڙ، ننگ نسب، ڌنڌو ڌاڙي ۽ عيب صواب جاچڻ بعد سڱ ڏيڻ تي رضامند ٿيندا، تڏھن گھوٽيتن کي اجازت ملندي تھ ڀلي مٺائي ورھائي ڳالھھ پڪي ڪن. پوءِ گھوٽيتن طرفان ڪجھھ مرد ۽ زالون گڏجي ڪنواريتن ۾ اچن ۽ مٺائي ورھائي ڳالھھ چٽي ڪن. ان موقعي تي سرنديءَ وارا گھوٽيتا ڪنواريتن کي ڪپڙن جو وڳو بھ ڏين[9].

ڳالھين پڪين ٿيڻ کان پوءِ پڌريءَ جي رسم ادا ڪن. ھن رسم تي گھوٽيتن جا چند ماڻھو ۽ زالون گڏجي ڪنواريتن جي گھر اچن ۽ ڪنوار کي ھڪ پوتي ۽ منڊي ڏين. گھوٽ بھ اتي ھوندو، جنھن کي وري ڪنواريتا ملير ڍڪائين. پڌري تي مٺائي ضرور ورھائين. گھوٽيتا پنھنجي برادريءَ ۾ جدا مٺائي ورھائين[10].

باس يا نياز

جڏھن گھوٽيتا پڌريءَ لاءِ روانا ٿيندا، تنھن کان اڳ گھوٽ جون مائيٽياڻيون باسون باسينديون جي پوءِ ڳالھھ پڪي ٿيڻ يعني پڌري ٿيڻ کان پوءِ ڏينديون. نذرانو، مٺائي، ڦنڊر، پڙ ۽ ميندي جي صورت ۾ ڏين. باس باسڻ وقت ھي لفظ چونديون: ”سچا شاھھ! تون ڪنواريتن کي من ۾ وجھھ تھ اسان کي سڱ ڏين. جي اسان جي ڇوڪري کي اھا ڪنوار ملي تھ چانديءَ جي گھنگھرن، پٽ جي جھل ۽ ريشمي واڳن سان ڪاري ڦنڊر وٺي، راڄ جي نياڻين ۽ دھلن دمامن سان سرگس ڪري، سڄي ڄڃ گھوٽ ڪنوار سميت تنھنجي پِڙ تي وٺي اينديس ۽ سيري جي ديڳ، ريشمي پڙ ۽ سائو چتون (يا اھڙي نموني جي ٻي ڪا شيءِ) آڻي نذرانو ڏينديس.“ بعضي سرور جي ميندي باسين. ھن حالت ۾ فقط راڄ جون زالون ۽ نياڻيون سڏي، ھڪڙيءَ رات ميندي ورھائين ۽ پھر ٻھ ويھي ”سرور جا ڳيچ“ ڳائين[11].

مٺائي ورھائڻ

ٿر ۾ ھن رسم کي ”مڱڻو“ (گھرڻ) چون. ’مانگي‘ کي ڇوڪري ملي، معنيٰ تھ وھانءُ جي ڳالھھ پڪي ٿي، پوءِ يڪدم دستور موجب ڳڙ پتاشا ورھائين ۽ ان لاءِ مانگي کان پئسا گھرن. ان کان سواءِ پنج – ڇھھ سير ڳڙ، مٺائي يا پتاشا وڌيڪ گھرائين، جي ڳوٺ جي گھرن ۾ ورھائين. اڌ سير مٺائيءَ جو مانگي کي ڏين تھ گھوٽيتن کي وڃي ڏئي. ھڪ ناريل نينگريءَ جي پيءُ پاران مانگي کي ملندو، انھيءَ کان سواءِ ھڪ ڳوٿري، جنھن ۾ لؤنگ، ڦوٽا، دالچيني، سوپاريون ۽ ڦودني جون ٽڪيون پيل ھونديون، مانگي کي ڏيندا. ڇوڪريءَ جو پيءُ ديڳ چانورن جي رڌي، ڳوٺ جي چڱن مڙس۽ مزمانن کي کارائيندو. ڪي وري انھيءَ موقعي تي ڪڻڪ جون مانيون پچائي کنڊ وجھي کارائين. ان وقت زالون ڳيچ بھ ڳائينديون. جنھن کان پوءِ سڀ آيل ٻانھون موٽي گھر وينديون. مانگو جڏھن گھوٽيتي گھر شاديءَ جي خبر وڃي ٻڌائيندو، تڏھن پھرين سندس وات ۾ لپ کنڊ جي وجھي وات مٺو ڪرائيندا ۽ پوءِ سڄي ڳوٺ جي مردن توڙي زالن کي ڪوٺ ڏيئي گڏ ڪندا. جتي زالون ڳيچ وغيره ڳائين. پتاشا، مصري سڀني ۾ ورھائين، باقي جيڪي ڪنوار جي گھران مانگي کي ملي، سو فقط ڏاڏي پوٽن ۾ ورھائين. انھيءَ موقعي تي مڱڻھار دھل بھ اچي وڄائين. پوءِ ديڳ جي رڌي ڏاڏي پوٽن ۽ چڱن مڙسن ۾ ورھائين يا وري ڪڻڪ جون مانيون ۽ گيھھ کارائين. ان موقعي تي مائٽن کي جيڪي لاڳ ملي سو مانگي کي ڏين. مانگي کي ’ڪمر‘ يا ’ڪمريو‘ يا ’مليريو‘ ڏيندا. جي مانگو ڳوٺ جو يا عزيز ھوندو تھ ان جي زال کي چني ۽ ٻارن کي ڪپڙا ڏيندا. مڱڻھار کي دھل لاءِ ڪپڙو، ڇڄ داڻن سان ڀريل ۽ ڪجھھ روڪڙا پئسا ڏيندا. ٿر ۾ انھي سموري رسم کي ”مڱڻو“ چون. ھڪ ڀيرو مڱڻو ٿيو تھ وري ڪھڙي بھ حالت ۾ نھ ٽوڙيندا. جيڪڏھن اھڙو ڪم ٿيو تھ نيات وارا انھيءَ سان ”نيات کان ڇيھھ“ ڪري ڇڏيندا، يعني ڪڍي ڇڏيندا، جنھنڪري مٽ مائٽ، سنگت ساٿ انھيءَ گھر سان اٿڻ ويھڻ کان بس ڪري ڇڏيندا[12].

مڱ لاءِ ڪپڙا ۽ زيور

ٿرپارڪر جي ھندن ۾ پڌري (مڱڻي) بعد مڱ لاءِ زيور ۽ ڪپڙا ڏيڻ جو رواج آھي. اھا رسم گھڻو ڪري جدا جدا نالن سان ھلندڙ آھي. ٺڪر ان کي ’ڳوٿري‘ چون. مھيشري ”ساڪريو“ چون. سوٽھڙ، درزي ۽ ٻيون ذاتيون چون ”مڏ چاڙھڻ“، ۽ مارواڙ سان تعلق وارا ”شوت چاڙھڻ“ چون. ھتي ڪن خاص ذاتين جي رواجن جو بيان ڏجي ٿو.

ٺڪرن ۾ پڌري (مڱڻي) ٿيڻ بعد ”ڳوٿري“ ڏيڻ جو رواج آھي. وچوئو ٻن – ٽن چڱن مڙسن کي ساڻ ڪري گھوٽ جي پيءُ کان مڱ لاءِ ريشمي ڪپڙا، ھڪ پڙو، ھڪ انگرکو، ھڪ چني ۽ زيور، شاھوڪار جي حالت ۾ الي، ٻورلو (سونيون) پنڙيون، درگل (سونا ڪنن لاءِ)، ڪڙيون، ساٽيون، نيورا (نورا) وٺندو ۽ غريب جي حالت ۾ فقط پيرن جا ڳھھ ۽ ڳچيءَ جي ھسي وٺندو، ان کان سواءِ نئين بافتي مان ٺھيل پيلي رنگ جي ڳوٿري بھ کڻندو. جنھن ۾ ڏھھ سير کن ڪڻڪ، پنج سير ڳڙ، ست ناريل يا چوڏھن ڏونگھيون، سير ٻھ کارڪون، چار پڙيون (ھڪ ۾ گلال، ٻيءَ ۾ ميندي، ٽيءَ ۾ مصري، ۽ چوٿينءَ ۾ ڊاکون) پيل ھونديون. اِھو سڀ سامان مڱيندي جي گھران کڻي ڪنواريتن ۾ ويندو ۽ رات جو مکيھ ماڻھن کي گڏ ڪري، انھن جو روبرو ڪنواريتن کي ڏيندو. صبح جو وچوئو رھاڻ ڪندو ۽ فيصلي موجب (ھڪ سؤ کان ھزار تائين بلڪ وڌيڪ) روڪ پئسا بھ ڏيندو. ڳوٿريءَ وقت مليل رقم مان آيل سامان ۽ مڱيندي جي اوڍاڻين جا پئسا موٽ ۾ ڏيندا، باقي ڪنوار جو پيءُ رکندو، جنھن جي مجرائي نھ ٿيندي. رھاڻ بعد مڱ جي طرف وارن آيل مھمانن کي خاص ماني کارائيندا، ان وقت وچوئو ٿالھيءَ ۾ پنج، ڏھھ يا وڌيڪ رپيا رکندو. مانيءَ کائڻ بعد آيل ڄاڃين کي پنج – پنج رپيا اوڍڻي جا ۽ گھوٽ لاءِ خاص ڪپڙو موٽ ۾ ڏيندا. موٽي اچڻ تي مڱيندي جي گھر رھاڻ ٿيندي، جنھن ۾ وچوئو ڏيتي ليتيءَ جو حساب ظاھر ڪندو، پوءِ مڱيندي جي گھران ماني کارائي ويندي.

چارڻ ۽ بجير وغيره ڳوٿريءَ وقت مٽي واري رقم ڪونھ ڏين. ماني کائڻ وقت ٿالھيءَ ۾ فقط ايترا پئسا وجھندا، جيتري موٽ ۾ اوڍاڻي وغيره تي ملندا، ڇاڪاڻ تھ اھي گھڻو ڪري بَدي جا سڱ ڪن.


 

[1]   ولي محمد طاھر زادو، تعلقو ٽنڊوالھيار.

[2]   ولي محمد طاھر زادو، تعلقو ٽنڊوالھيار.

[3]   محمد سومر خان لغاري، تعلقو سنجھورو.

[4]   ڪيشو لال، ضلعو ٿرپارڪر.

[5]  ھريجنن جا رواج: رائچند ھريجن، تعلقو ڇاڇرو.

[6]   ايضا.

[7]   ھريجنن جا رواج: رائچند ھريجن، تعلقو ڇاڇرو.

[8]   ھريجن جا رواج: رائچند ھريجن، تعلقو ڇاڇرو.

[9]   سرمر خان لغاري، تعلقو سنجھورو.

[10]   ولي محمد طاھرزادو، تعلقو ٽندوالھيار.

[11]   سرمر خان لغاري، تعلقو سنجھورو.

[12]   ھريجنن جا رواج: رائچند ھريجن، تعلقو ڇاڇرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org