سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :6

 

 

ٿر جي ھندن ۾ ٻار مھيني ڏيڍ جو ٿيندو تھ ڪنوار جو مڙس ڪوٺڻ ايندو. وڃڻ وقت ڪنوار کي سندس مائٽ، ’مڏ‘ يعني چني، ڪنجري ۽ گھاگھرو ڏيندا. ٻار جيڪڏھن ڌيءَ ھوندي تھ ٻھ ٽي چولا ۽ پوتاڙا ۽ پٽ ھوندو تھ ٻي ٽي ملير يا ننڍڙا انگوڇا ڏيندا. ڪن قومن ۾ وري ’ٻھيندو‘ بھ ڏيندا. ڪي ماڻھو پھرئين پيٽ وقت ئي ڏيندا تھ ڪي وري ٻھ چار سال پوءِ ڏيندا. جيڪڏھن غريب ھوندا تھ ڪونھ ڏيندا. ھن رسم کي ”سوئاٽ“ ۽ ”پاڻي پيڻي جا ڪپڙا“ بھ چون.

جڏھن ’ٻھيندو‘ ڏيڻو ھوندو تھ ڪنوار کي ٽي چار مھينا اڳ ڪوٺي اچبو ۽ ڪپڙن جي تياري ڪندا. ڪنوار لاءِ بھ مڏون، ھر ھڪ ۾ ھڪ ڪنجري، ھڪ اوڍڻ يا چني، ھڪ پڙو يعني گھاگھرو ٿئي (پيٽ جي ڪپڙي مان ٺھيل پِڙي کي گھاگھرو، ۽ کاڌيءَ جي ڪپڙي مان ٺھيل پڙي کي گھريچو چون). سس لاءِ مڏ جنھن کي ’ساسو مڏ‘ چون، جنھن ۾ گھريچو، اوڍڻ ۽ ڪنجري شامل ھوندا، ناٺيءَ لاءِ پٽڪو، ملير، قيص، ھڪ ڪمريو اوني ٻن تھن وارو (ڪي ڪمريو ھڪ تھھ وارو) ڏين. ننڍا ٻار ھوندا تھ انھن کي پتلونون، پڙا، انگوڇا، ساڙھيا، رانديڪا، منگليون يا ھنسلي چانديءَ جي ڪنڌ جا ڪنٺلا جتي وغيره ڏيندا.

ھٿ پير لھندڙ عورت جي سس لاءِ ساسو مڏ وارا ٽي ڪپڙا، سھري لاءِ ھڪ ڪمر يا ڪمريو ۽ ھڪ پٽڪو، چار چنيون، ڇھھ انگوڇا، اوڍڻ، چار ٽوال ۽ ٻھ ملير، جملي پنجويھھ ڪپڙا ’ٻھيندو‘ ۾ ڪنوار ۽ سندس ساھريجن کي ڏيندا. ٻار جي پيءُ جي ڪپڙن، ٻارڙن جي ڪپڙن ۽ عورت جي مٿين پنجويھن ڪپڙن کان سواءِ ھيٺيون سامان پڻ ھڪ پيتي ۾ وجھي ڏنو ويندو آھي: تيل جو شيشو، ھڪ سير ميٽ، ڦڻي زناڻي، پاءُ سينھڙو يا ڪنڙو، ٻارڙي لاءِ اڳڙين جا طوطا، ٻارڙيءَ لاءِ شيشي جا ڪارا ڪنگڻ، ڪنجھي جي وٽي، سينھون چار پنج ۽ وڃڻي ھڪ يا ٻھ. ھوند سارو اھو سامان گھٽ وڌ بھ ڪن. انھن لاءِ ڪو خاص مقرر انداز ڪونھي. اھي ڪپڙا تيار ڪري گھر ۾ کٽن تي پکيڙي رکندا ۽ پوءِ ڪا عورت ڳوٺ ۾ وڃي گھر گھر ۾ چئي ايندي تھ: فلاڻي کي ڪپڙا ڏيون ٿا، اچي ڏسي وڃو. پاڙي جون زالون پيون اينديون ۽ ڏسي وينديون. ائين ٻھ ٽي ڏينھن ڪپڙا پيا ھوندا، ۽ زالون ڏسڻ پيون اينديون، پوءِ بند ڪري رکن. ’ٻھيندي‘ ڏيڻ وقت ڪٽنب وارن مان ھرڪو گھر، ٻارن جي ماءُ پيءُ جي ٻھ ٽي ويلا ماني ڪندو. انھيءَ وقت پيءُ رھاڻ ڪندو. رھاڻ تي ڳوٺ جا مرد توڙي زالون اچن. زالون ڳيچ ڳائين، جن کي گھوٽ ناريل ڏيندو. جيڪي اھي ورھائي کڻنديون. مردن کي ٻيڙيون ۽ سوپاريون ڏين. اھو سمورو خرچ پيءُ کي ڪرڻو پوندو. آّخر ۾ پتاشا يا ڳڙ سڀني کي ورھائي ڏيندو، اھا رھاڻ پھر کن ھلندي. مٿيون سامان۽ ٻھ ٽي سير ’مگت‘ ڏيئي مائٽ پنھنجي ڌيءَ کي روانو ڪندا. گھر جون ۽ پاڙي واريون زالون ڳيچ ڳائي ٻاھر وينديون، جتي عورت ھر ھڪ کان روئي موڪلائيندي. ڪنوار جو ڀاءُ بھ ساڻن گڏجي ويندو[1].

عقيقو

عقيقي جي رسم ٻار ڄمڻ جي ستين ڏينھن ڪن. ٻار جا وار بھ انھيءَ ڏينھن لھرائين. ڌيءَ جي عقيقي تي فقط ٻھ – ٽي ديڳڙا ڀت جا لاھي عزيزن ۾ ورھائين ۽ ٻارڙن کي کارائين، پر پٽ جو عقيقو ڌام ڌوم سان ڪن. انھيءَ موقعي تي مرد توڙي زالون اچي گڏ ٿين. گھڻو ڪري ڦنڊر ڪھن، لاچار ٻڪري يا رڍ ذبح ڪن. انھيءَ موقعي تي راڄ ۽ اوڙي پاڙي جي ماڻھن کي سڏ ڏين. عقيقي تي فقير ۽ سوالي اچن ۽ ڳائين وڄائين. ٻار جو پيءُ حيثيت آھر کين روڪڙا پئسا يا ٻڪري وغيره ڏئي خوش ڪندو[2].

ھن رسم لاءِ ڪو ڏينھن مقرر نھ آھي، ستين ڏينھن يا ڪڏھن بھ عقيقو ڪري سگھجي ٿو. ھن موقعي تي پڻ رواج مطابق ڏيڻ وٺڻ ڪن. حيثيت آھر رپيو، ٻھ، پنج ڏھھ، ويھھ مبارڪي ۾ ڏين[3].

پڙ چاڙھڻ

شادي ٿيڻ يا ٻار ڄمڻ جي مراد پوري ٿيڻ تي ڪنھن اولياءَ جي درگاھھ تي وڃي زيارت ڪرڻ ۽ ان جي مزار تي پڙ وجھن. جي باس باسيل ھوندي آھي تھ پوءِ ”پڙ“ لاءِ پنج ڇھھ ھٿ ڪپڙو مزار تي چاڙھڻ لاءِ پاڻ سان آڻين. جڏھن باس باسيندڙ مزار تي پھچن تھ پڙ چاڙھي، سھرا ڳائي، ڪٽي يا مٺائي ورھائين. پڙ باسڻ سان گڏ ڪو جانور بھ باسيل ھوندو آھي تھ اھو اتي ڪھي، ديڳيون چاڙھي، ساڻ آيل ماڻھن خواھھ درگاھھ تي رھندڙ مجاور يا ٻين ماڻھن کي پڻ کارائين. پوءِ دعا گھري، واپس ٿين ۽ ڳائيندا وڄائيندا گھر پھچن[4].

جھنڊ

ڪنھن عورت کي ٻار نھ ٿيندو ھوندو يا نھ بچندو ھوندو تھ ڪنھن پير جي درگاھھ تي ان جي جھنڊ باسين. بعضي ٻار بيمار ٿي پيو يا بيمار گذاريندو ھوندو، تھ سندس چڱي ڀلي ٿيڻ جي مراد سان پڻ جھنڊ لھرائڻ جي باس باسين.

جھنڊ ڪنھن ’پير‘ تي باسين. اھا باس تڏھن باسين، جڏھن عورت پيٽ سان ھوندي ۽ چون تھ: ”اي پير! جيڪڏھن پٽ ٿيو تھ نر جو نر ڏينداسين!“ پوءِ پٽ جي ڄمڻ تي دھلن دمامن سان ڄڃ ٺاھي درگاھھ تي وڃن، جتي پير جي فقير کان جھنڊ لھرائين. ٻار جي پير ھيٺيان پنج رپيا رکن ۽ جيڪو نر جانور باسين، سو فقير جي حوالي ڪري اھو ڪھن. ان مان ٽي حصا فقير کي ڏين ۽ باقي چوٿون حصو ”جھانڊي“ کڻن ۽ رڌي کائين. جيڪڏھن ڪو نر ننڍو يعني ڪڪڙ وغيره ھجي تھ اھو سڄو فقير کڻي. ٻار جي جھنڊ ڪنھن ڳوٿريءَ ۾ بند ڪري، پير جي قبر جي ڀر واري وڻ ۾ ٻڌن. جھنڊ لاھڻ وقت جھمر بھ ھڻن، گھور بھ پئي، جنھن مان ڪجھھ فقير کڻي ۽ ڪجھھ مڱڻھار کڻي. ڌيءَ جي جھنڊ ڪونھ لھرائين[5].

تنيا ذات ۾ پٽ جي جھنڊ پنجين مھيني لھرائين. گھڻو ڪري مسجد جي در تي حجم کان لھرائين. پر پھريائين ٻار جي مامي کان چتي وجھائين. جھنڊ لھرائڻ وقت مٺائي ورھائين، سھرا چوائين ۽ دھل وڄارائين. پوءِ پنج چؤنڪ ڪوڏيون مسجد جي در وٽ پورين. جھنڊ لھڻ کان پوءِ حجم وٽي جھليندو ۽ ٻار جي پيءُ کان ھڪ روپيو ۽ ٻين کان بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ وٺندو. ان کان سواءِ ٻار جا ڪپڙا بھ حجم کڻي ۽ جھنڊ لھرائڻ وقت ٻار جي پير ھيٺيان جيڪي رکن اھو پڻ حجم کڻي. جھنڊ جي مٺائي چڱي مڙس جي زال ورھائيندي. جنھن کي ’رئو‘ ڏيندا. جھنڊ تي جيڪي ضاعفائون اچن. اھي پاڻ سان ’ٻڪي‘ آڻين، جيڪو ان حجم جي اڳيان آڻي ڪٺو ڪن. ڌيءَ جي جھنڊ اڍائي مھيني گھر ۾ ئي لھرائين، ۽ ان موقعي تي اھڙو شغل ڪونھ ڪن[6].

جھنڊ لھرائڻ جي موقعي تي ڪي ذاتيون ڀت رڌين ۽ ڪي ڪٽي ڪن. سيد، ٽالپور، تنيا، کوکر، مري بلوچ، راڄپر ۽ ڪلھوڙا ذاتين ۾ ڀت جو رواج آھي، ۽ ڦرڙا، قريشي (ڪوري، دايا)، پيرزادا (سونارا، شيخ)، ۽ سومرا (کٽي، ڊکڻ) ذاتين ۾ ڪٽي ڪرڻ جو رواج آھي. ڪن ھنڌن جھنڊ لھرائڻ وقت ڀت يا ڪٽي جي بدران ڦلا ورھائين[7].

ڪلھوڙن ۾ بھ تنين وانگر جھنڊ لھرائڻ جو ساڳيو رواج آھي، البت جھنڊ وارا وار ڪنھن ڪپڙي ۾ ٻڌي مسجد جي اڳيان پورين ۽ ٻار کي ميندي لائي نوان ڪپڙا پارائين[8].

مير بحرن ۾ جھنڊ پنجن يا ستن مھينن کان پوءِ لھرائين، پر ڌيءَ جي جھنڊ ڪونھ لھرائين. جھنڊ مسجد جي اڳيان بھ لھرائين تھ ڪي وري پير جي درگاھھ تي بھ وڃن. جھنڊ لاھيندڙ، ٻار جي پير ھيٺان رکيل رقم کڻندو ۽ زالن طرفان آندل ان ۽ ٻار جا ڪپڙا راڄ وارو فقير کڻندو. ٻار جي مٿي تي ٽي ڏينھن ميندي بھ ٿڦين پير تي باسيل جھنڊ اتي وڃي لھرائين، پر جي ڪنھن سبب جي ڪري وڃي نھ سگھن تھ پوءِ ٻار جي مٿي جا ٻيا سڀ وار لھرائي باقي ھڪ چڳ ڇڏي ڏين، جيڪا پوءِ ڪنھن موقعي تي پير جي درگاھھ تي وڃي لھرائي اچن. شاھھ گودڙيي ۽ گاجي شاھھ جا عقيدتمند انھيءَ چڳ ”شاھھ گودڙيي يا گاجي شاھھ جي چوٽي“ سڏين.

درگاھھ تي وڃڻ کان ھڪ ڏينھن اڳ باسيل ڦنڊر کي ڳانا وغيره بھ ٻڌن، ۽ پوءِ دھلن دمامن سان ڳيچ ڳائي درگاھھ تي روانا ٿين. ڦنڊر کي ڳانا ٻڌڻ مھل ھيٺين ريت ڳيچ ڳائين:

وراڻي: ڪر سينگار ڀٽارا توکي الله اگھايو،
        سونھن ڀريا سوڀارا، توکي قادر قبول ڪيو.
١.  بينسر جوڙائج نھري، سرتيون ڪري سينگار،
                        ھي پيرن کي پڄايو...
٢.  ٻانھين جوڙائج نھري، ھاڻي ھلي ھڪوار،
                        سرتيون ڳيچ ڳايو...
٣.  پٽن ماءُ! تنھنجي الله پڄائي، ڪر قربان ھزار،
                        ٻچن تان گھوري گھمايو...

 

ڳيچ چوڻ کان پوءِ پير جو شادمانو ورھائين. اھو شادمانو گھڻو ڪري ٻار جي ناني باسيندي ۽ دائي ورھائيندي. شادماني ورھائڻ مھل وري ھن ريت ڳيچ چون:

وراڻي:  ورھائي شادمانو ٿيون شاد  سرتيون،

           ونڊي قرب پاڻ ۾ سھيليون پرتيون.

١. ادي! خوشيءَ جي رات آ، ڀلي خوشي ڪريو سرتيون.
٢. ويا سڀ غمڙا ميٽجي، پيرن پٽڙا ڏنا، ڳايو ڳيچ سرتيون.
٣. اميدون اسان جون الله پڄايون، کلي سڀ کائو، شادمانو سرتيون.

 

روانگي کان اڳ واري اھا سڄي رات ڳائيندي، کلندي ۽ نچندي گذارين ۽ صبح جو سويل ڦنڊر ڪاھي، دھلن دمامن سان روانا ٿين. روانگي وقت چون تھ:

وراڻي:  ھل گھوٽ پٽن جا پيء، الله پنھنجي پڄائي.
        ١. سرتيون شڪرانا سڻي اسان جي التجائي،
        آسون پير پڄايون، ڪئي ڀلائي ڀٽائي.
        ٢. ھڪلي ھل ڦنڊر کي، ڪئي آ سيد سڻائي،
        انھيءَ خوشيءَ ۾ آ پيءُ ماءُ مڃتا مڃائي.

 

اھڙي طرح سڄي واٽ ڳيچ ڳائينديون ھلنديون. جڏھن پير کي ڄڃ ويجھو ايندي ۽ روضي تي نظر پوندين، تڏھن ھي ڳيچ چونديون:

وراڻي: ڪرشما تنھنجا سيد، اسان کي الله ڏيکاريا،
        ٿيون خوشيون سيد، گوندر غم تو وساريا.
١.  بينسر جوڙايم نھري،  برڪت روضي واري پير جي،
                                        جنھن غم اتاريا.
٢.  دھري جوڙايم نھري، پيرن ۾ پير پڌرو، جنھن روئندڙ
                                        خوشيءَ منجھھ کلايا.
٣.  ٻانھين جوڙائج عاج جي، سرتيون صفت تنھن سيد جي،
                                        جنھن پٽڙا ڏيکاريا.

 

روضي جي دروازي تي ڄڃ پھچندي تھ زالون ھيٺين وراڻي وارو ڳيچ چونديون:

وراڻي: خليفا لاھھ دريون دروازا، اسين سوالي سيد جا،
        پڄائي جنھن پياري سيد، اسين زيارتي تنھن سيد جا.

 

پوءِ ادب سان سڄي ڄڃ جھڪي روضي ۾ ايندي، اتان زيارت ڪري ڄڃ خليفي وٽ ايندي، جيڪو قينچي کڻي سوڻ طور ٻار جي وارن جي ھڪڙي چڳ وڍيندو. باقي وار حجام کان لھرائيندا. خليفي واري وڍيل چڳ، ڪپڙي جي ننڍڙي ڳوٿري ۾ وجھي، درگاھھ جي ڪنھن وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا. جھنڊ لھرائڻ جي گھور وغيره جا پئسا خليفي کي ملندا. ان بعد ڄڃ واپس ٿيندي، ان موقعي تي زالون ھي ڳيچ چونديون:

وراڻي: اديون! آسون اميدون منھنجون پڄايون پيرن،
         سرتيون خوش ٿيان، مون کي ڏنا پٽ خدا.
١. منھنجون موليٰ مڃتائون مڃيون،
         ٿي پوري آس منھنجي، منھنجا ٻٽيھھ نيڻ کلن.
٢. سرتيون ڏنا جنھن، سوئي بخشيندو،
        لاھي جھنڊا واپس وڃان ٿي، لايو رنگ ڳيچن.

 

گھر پھچي زالون وري بھ شادمانو ڪنديون ۽ ھڪٻئي کي مبارڪون ڏينديون. پوءِ ٻار جي ڏاڏي مٺائي ورھائيندي[9].

جھنڊ لھرائڻ جا ڏينھن

ڪن قبيلن ۾ ٻار جي جھنڊ ڄمڻ وقت ئي لھرائين ۽ ان کان پوءِ ٻار کي وھنجاري ماءُ کي ڏين، جيڪا ٻار کي ٿڃ ڏئي. ڪن قبيلن ۾ يارھين مھيني جھنڊ لھرائڻ جو رواج آھي تھ ڪي ماڻھو وري تڏھن ٻار جي جھنڊ لھرائين جڏھن کيس ڏند ڄمن. جھنڊ لھرائڻ لاءِ ڪن قبيلن جا ڌار ڌار ڏينھن مقرر آھن. بلوچ اڱاري جي ڏينھن ۽ سماٽ سومر ڏينھن ڪي سماٽ قبيلا اربعا ڏينھن بھ جھنڊ لھرائين.

جھنڊ لھرائڻ جا سوڻ

*                 جھنڊ لھرائڻ وقت ٻار کي الھندي طرف منھن ڪري ويھارين، مٿانئس ڪوڏيون گھوري اڇلائين، ۽ ٻار جو چولو حجم کي ڏين.

*                 ٻار جا ماءُ پيءُ جھنڊ واري ڪٽي ڪونھ کائين، ۽ چون تھ: ماءُ پيءُ ڪٽي کائيندا تھ ٻار گونگو ٿيندو.

*                 ڪن قبيلن ۾ ٻار جا ماءُ پيءُ ۽ حجم، جھنڊ لھڻ تائين روزو رکن[10].

*                 ٻار جي جھنڊ لھڻ تائين سندس مٿي جي جونءَ نھ مارجي، بلڪ اھا ٻار جي ماءُ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏجي، ۽ پوءِ ٻئي ڏينھن ڪڍي مارجي.

*                 جھنڊ واري ٻار کي گھر ۾ اڪيلو نھ ڇڏجي. ڪونھ ڪو گھر جو ڀاتي سندس ڀر ۾ ويٺو رھي.

*                 جھنڊ نھ لٿل ٻار کي گھر مان ٻاھر نھ ڪڍجي، بلڪ رات جو تھ اصل گھر کان ٻاھر نھ ڪڍجي.

*                 جھنڊ واري ٻار کي درياءَ، واھھ يا پاڻي تان نھ ٽپائجي.

*                 جھنڊ واري ٻار کي مسجد، مقام يا ڳري جاءِ وٽان کڻي نھ لنگھجي.

*                 ٻار جي موجودگيءَ ۾ ”جن“ جو نالو نھ وٺجي.

*                 ٻار جي جھنڊ لھرائڻ لاءِ ڪنھن بھ وليءَ تي بنا باس باسڻ جي نھ وڃجي، نھ تھ ٻار کي نقصان رسندو.

ڏاوڻ وڍڻ

ٻار جڏھن پنڌ ڪندو، تڏھن ”ڏاوڻ وڍڻ“ جي رسم ڪندا. ان موقعي تي ڪٽي (ڀوري) ورھائين، ۽ مٺائي آڻي ڏاڏي پوٽين ۽ ٻئي راڄ ۾ ورھائين. ڏاوڻ وڏي مامي کان وڍرائين، ۽ پوءِ اھي بُسريون مامي کي کارائين. ڏاوڻ وڍڻ جي رسم ھن طرح ڪندا: ٿالھيءَ ۾ بُسريون وجھي، انھن جي مٿان ٿالھھ ڏئي، ان جي مٿان ٻار کي بيھاريندا. پوءِ ٻار جي ڄنگھن ۾ ڌاڳو ٻڌي، ڇوڪري جو مامو ڪاتيءَ سان ڌاڳا ڪپيندا ويندو، ۽ ٽي ڀيرا چوندو تھ: ”ڏاوڻ وڍيان يا ڏاوڻ ڪپيان؟“ جنھن تي ٻار جي ماءُ چوندي: وڍينس، ڪپينس.

ٻار عام طرح سورھين يا ارڙھين مھيني پنڌ ڪندو. شروع شروع ۾ سولو ھلي نھ سگھندو. ٽنگون پيون وچڙندس ۽ ڌڪا پيو کائيندو، ان ڪري ڏاوڻ وڍڻ جو سوڻ ڪن. ڪنھن سائي سومار تي پھرين پھر، ٻار جو مامو غسل ڪري، ڌوتل ڪپڙا پائي ايندو. ٻار کي بھ ان وقت ڌوتل ڪپڙا پارائيندا. ٻار جي ماءُ ان موقعي تي ڪٽي ٺاھي، وٽو ڀري رکندي. پوءِ ٻار جو مامو، ٻار کي گھر جي منھنگھڙي وٽ چانئٺ تي ھڪ پير اندر ھڪ ٻاھر ڪري بيھاريندو. پوءِ ماءُ اتي اچي ٻار جي ٽنگن ۾ ڪچي سٽ جو ڏاوڻ ٻڌندي، جيڪو ٻار جو مامو قينچي سان ڪپيندو ۽ چوندو ويندو ”ڏاوڻ ڪپيان“ ۽ ماءُ چوندي رھندي تھ ”ڀلي ڪپ“. ان ريت ڏاوڻ ڪپڻ جي رسم پوري ڪن[11].

جيڪو ٻار پنڌ نھ ڪري، ان لاءِ جنھن زال ٽي مڙس چوڙيا ھجن، ان جي رليءَ مان سڳو ڪڍي، ٻار جي چيلھھ ۾ ٻڌڻ جو سوڻ ڪن تھ جيئن ٻار پنڌ ڪري.

ڪن قبيلن ۾ ٻار کي ٽنگن ۾ آڱر جھڙي ٿلھي سٽ جي رسي وجھي ڇڏين ۽ چون تھ اھي ڏاوڻ اٿس. اھي ڏاوڻ ٻار جو مامو بُسري ۽ اڌ پاءُ گيھھ کائي، پوءِ ڏاٽي يا ڪپ سان ڪپي وٺي تڪڙو ڀڄندو، ۽ ٻار بھ پويان ڊڪ پائي ڀڄڻ جي ڪندو، انھيءَ ڊوڙ ۾ مامي کي پوئتي نھارڻ جي منع آھي. جي پوئتي نھاريندو تھ ٻار ڊڄڻو ٿيندو. جي مامي ڀڄڻ ۾ ٿاٻا کاڌا تھ ٻار بھ پيو ڌڪا کائيندو. جي مامو تڪڙو ڀڄي ھليو ويو تھ ٻار بھ ڀڄڻ جو تکو ٿيندو[12].

ھميشھ پٽ جا ڏاوڻ وڍيندا آھن سي بھ سندس مامو وڍيندو. ڌيءَ کي ستين مھيني ڪڇ تي کڻن، ڌيءَ جا ڏاوڻ بھ ڪونھ وڍين.

تنين ۽ ڪلھوڙن ۾ رواج آھي تھ: بسري پاٽ جي ھيٺان رکي، ان تي ٻار کي بيھاري، سندس ڄنگھن ۾ سٽ جي رسي وجھي، مامي کي گھرائين، جيڪو چوندو: ڏاوڻ ڪپيان؟ ٻار جي ماءُ جواب ڏيندي: ڀلي ڪپ. پوءِ مامو ڇري سان اھا رسي ڪپي، ٿورو ڊوڙي وري اچي بُسري ڪڍي کائيندو[13].

طھر

طھر، ڇٺي کان وٺي بالغ ٿيڻ واري عمر تائين ڪرائين پر گھڻو ڪري پنجن سالن کان ڏھن سالن جي عمر ۾ ڪرائين. ان موقعي تي عام طرح راڄ کي سڏ ڏيئي، ڀت ڪري، طھر وڏي ٺٺ ٺانگر سان ڪرائين. البت ڪي غريب ماڻھو اھڙي موقعي تي صرف کارڪون ورھائي رسم پوري ڪن.

طھر جي تاريخ مقرر ڪرڻ کي ”تٿ“ بھ سڏين. مھينو کن اڳ تٿ مقرر ڪري راڄ ۾ ميراثين (زالن ۽ مردن) کي گھرائين، جيڪي پوءِ دھل وڄائڻ، نچڻ ۽ ڳائڻ سان گڏ سڏ تي ايندڙ راڄ لاءِ ٿيندڙ تيارين ۽ راڄ کي سڏ ڏيڻ ۾ مدد بھ ڪن[14].

جڏھن مقرر ڏينھن تي عزيز، پاڙيسري ۽ دوست اچي گڏ ٿين تھ انھن لاءِ ”ڀت“ جو انتظام ڪن. اھڙي ويل ڪا ڦنڊر ڪھي ڀت رڌين، جيڪو راڄ کي کارائين. جڏھن راڄ کائي پي واندو ٿئي تڏھن طھر جون تياريون ڪن.

طھر جو وڳو

طھرجندڙ ٻار کي ان وقت نوان ڪپڙا پارائين، جنھن ۾ قميص، پھراڻ يا چولو، پٽڪو ۽ نئين جتيءَ سان گڏ ڳاڙھي ريٽي جي گوڏ بھ ٿئي. ڪن ذاتين ۾ ڇوڪر ٻين ڪپڙن سان گڏ نئين سلوار بھ پارائين ۽ پوءِ طھرجڻ واري وقت شلوار جي بدران گوڏ ٻڌرائين[15].

ڳانو

طھرجندڙ ڇوڪر جي ساڄي ٻانھن ۾ ڳانو ٻڌن. زالون ڪاري سٽ جي تندن کي ٻيڻو چئوڻو ڪري، ان ۾ ھڪ ڳنڍڙي ٺاھي ٻڌن، جنھن کي ڳانو بھ چون. ڪن قبيلن ۾ ڇوڪر جي ساڄي پير ۾ ستن رنگن جو وٽيل ڌاڳو بھ ٻڌن، جنھن ۾ ٻھ ٽي لؤنگ، ڦوٽا، ڪڻڪ ۽ جون جا داڻا ۽ ڪنوارين ڇوڪرين جي پوتين جي ڪنڊن جون تندون وجھن. ان سان گڏ ھڪ ڇلو ويڙھھ چانديءَ جو بھ ڌاڳي ۾ ٻڌن، جنھن ۾ چانديءَ جو ڇلو ۽ ھڪ اڳڙيءَ ۾ ڪڻڪ جا ست داڻا بھ ٻڌن[16].

طھر ٿيڻ

طھرجڻ واري ٻار کي وڳو پھرائي، گھر مان سھرن ۽ لاڏن، ڳائڻ ۽ دھلن سان طھرجڻ واري جاءِ يعني ڇني ۾ آڻين. عام طرح ٻار کي ٺڪر جي ڪونڊي يا پاٽوڙي تي حجم جي اڳيان آڻي ويھارين. پھريائين ڇوڪر جو وارث ٻھ ٽي رپيا ڇوڪر جي پير ھيٺان رکي، پوءِ ٻيا راڄ وارا ڀائر بھ رواج موجب ٻھ ٻھ، چار چار رپيا ڇوڪر جي پير ھيٺان رکن، جي طھر ڪرڻ بعد حجم کڻي. ان بعد گھڻو ڪري مامو، چاچو يا ٻيو ڪو ويجھو مائٽ ڇوڪر کي جھلي ويھي. سندس وات ۾ مصري کڻي وجھي. پوءِ حجم دعا گھري تھ ”بسم الله، منت حضرت ابراھيم عليھ السلام خليل جي“۽ ڪلمو پاڪ پڙھي طھر ڪري ۽ مبارڪون ڏئي. ان وقت ٻار کي ايذاءُ ٿيندو، تنھنڪري سندس خيال بدلائن لاءِ ماڻھو چوندس تھ حجم کي چماٽ ھڻ، جيڪڏھن ٻار چماٽ ھنئي تھ حجم جو ڀلو ٿيندو، ڇاڪاڻ تھ ان ڪري ٻار جا مائٽ کيس سوئا ڳئون يا مينھن ڏين. حجم کي چماٽ ھڻڻ جو رواج گھڻو ڪري سڀني قبيلن ۾ آھي. ڇوڪر چماٽ ھڻندو تھ حجم گيگ ڪري ڪري پوندو. جڏھن ٻڪري، ڳئون يا مينھن آڇبس تڏھن اٿي کڙو ٿيندو[17].

طھر کان پوءِ اھو پاٽوڙو، جنھن تي طھر ٿيو ھوندو، سو بھ حجم کي ملندو. بعد ۾ مٺائي ورھائبي. جنھن کي مٺائي ملندي ويندي، اھو بھ حجم کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ضرور ڏيندو. طھر مھل ڇوڪري لاءِ جنھن ٿانءُ ۾ مصري يا کنڊ آڻين بعد ۾ اھو ٿانءُ بھ حجم کي ڏين[18].

مبارڪ

جڏھن ٻار طھرجڻ لاءِ حجم جي اڳيان ويھي ان مھل گھر ۾ زالون وري ٻار جي ماءُ جي مٿي تي جنڊ جو مٿيون پڙ رکي جھلي بيھن. ٻار طھريو ۽ حجم جي ”مبارڪ“ جو آواز زالن جي ڪن پيو تھ سيارو ھجي تھ بھ پاڻي جو دلو ڇوڪر جي ماءُ مٿان نائين. انھيءَ لاءِ تھ ڇوڪر جي ماءُ ٺري تھ ٻار ٺرندو ۽ جلد خوش ٿيندو. پوءِ ”مبارڪ مبارڪ“ ٿي ويندي ۽ طھريل ٻار کي ٻانھن تي کڻي آڻي گھر ڀيڙو ڪندا ۽ کٽ تي آڻي سمھاريندس[19].

ڪن قبيلن ۾ رواج آھي تھ طھرجندڙ ٻار جي ماءُ جيئري ھجي تھ اھا، نھ تھ پوءِ ماسي يا ڀيڻ کي مٿي تي جنڊ کڻي بيھارين. جنڊ جو فقط مٿيون پڙ کڻن. جڏھن طھر ٿي وڃي، تڏھن جنڊ جي مٿان پاڻي، جا اڍائي گھڙا وجھن. جنڊ کي بھ ڳانو ٻڌن. پوءِ اھو جنڊ لھرائي، مائيءَ جا لٽا بدلائين. ائين ڪرڻ سان طھر واري ڇوڪر کي تڪليف ڪانھ ٿيندي. جيستائين جنڊ مائيءَ جي مٿي تي ھوندو تيستائين اھا مائي صلواة سڳوري پئي پڙھندي. ڳانو تڏھن ڇوڙين، جڏھن طھريل ٻار چاق ٿي ڪپڙا مٽائي. پوءِ اھا طھر واري گوڏ، حجم کي ڏين[20].

اھا رسم ڦرڙا، ڪلھوڙا، ميمڻ، سھتا، تنيا، دايا، جلباڻي، گوندل، مري، نوح پوٽا، لانگاھھ، ھيسباڻي ۽ راڄپر وغيره قبيلن ۾ آھي.

پھت

طھر ٿي ويندو تھ ڀائر، دوست ۽ مھمان، وھانءَ جو پھت ڏيڻ لڳندا، پوءِ ھر ڪو ڪاڄ واري کان موڪلائي روانو ٿيندو. موڪلائڻ مھل ڪاڄ وارو، جنھن کي گھرندو تنھن کي اجرڪ يا وري آيل عورتن کي رئو يا چولو ڏئي موڪل ڏيندو. ان کان سواءِ انھيءَ مھل تي حجم، لنگھو، ڪنڀر، ميربحر وغيره بھ ٻنڌاڻ وٺي خوش ٿي گھر ويندا[21].

ڪپڙا بدلائڻ

اٺين ڏينھن طھريل ٻار جا ڪپڙا بدلائين ۽ ٻيا پارائين. ڪپڙن سان گڏ تعويذ، منڊي، زنجير (سوني) بھ ٻار کي وجھن، ان مھل تي ڪپڙن مٽائڻ جي ٻڪي بھ ڪن، ۽ سھرا چورائين. ٻار جا لاٿل ڪپڙا حجم کي ڏين[22].

طھر جون رسمون ۽ سوڻ

*                 طھر واري ڏينھن طھرجندڙ کي ڀيڻ کان ميندي لڳرائين ۽ ھوءَ عيوض ۾ رپيو وٺي، سندس ھٿن پيرن کي ميندي لائيندي.

*                 لاک سان رڱيل پشم ۾ چانديءَ جو ڇلو وجھي طھرجندڙ کي پيءُ يا ٻيو ڪو عزيز ساڄي ڄنگھھ جي مرئي ۾ ٻڌندو.

*                 طھر شام جو ڪرائين.

*                 طھر ٿيڻ وقت ڇوڪر جي ماءُ يا ٻي ڪا مائيٽياڻي جنڊ جو مٿيون پڙ مٿي تي کڻي بيھندي، طھر ٿيڻ بعد جنڊ کنيل عورت تي دلو يا مٽ پاڻيءَ جو نائينديون.

*                 طھر وقت بار کي ڳاڙھي گوڏ، قميص ۽ ڪابھ اڇي پڳ، جنھن ۾ ھڪ ٻھ انچ کن چورس ڪاون (ٽِڪن) سان ڀريل ڳاڙھي ڳوٿري مٿئين سري ۾ ٻڌن، ڳوٿريءَ ۾ ڪجھھ پئسا بھ وجھن.

*                 طھر کان واندو ٿي حجم وٽو کڻي گھور وٺي، پوءِ اھو وٽو بھ پاڻ کڻي.

*                 طھر کان پوءِ مٽ مائٽ ڇوڪر لاءِ گيھھ ڳڙنديون بُسريون ڏين.

*                 ٻار کي طھر کان اڳ ڪپڙا پارائڻ کان پوءِ ھٿِ ۾ ڪاتي بھ ڏين.

*                 مٺائي، وڏيري مائيءَ ھٿان ورھائين ۽ ان عيوض کيس رئو ڏين.

*                 طھريل ٻار کي بُسرين جا ڪنا کائڻ ڪونھ ڏين.

*                 سڏ تي ايندڙ مائٽ مبارڪي جا پئسا ڪاڄ وارن کي ڏين، باقي ٻي گھور حجم کڻي.

*                 ڪن ذاتين ۾ طھر واري موقعي تي تيل، مساڳ ۽ ڪنڙو پاڙي ۾ ورھائين.


 

[1]   ضلعي ٿرپاڪر جي ھندن ۽ ھريجنن جا رواج: رائچند ھريجن، تعلقو ڇاڇرو.

[2]   الھڏتو بلوچ، تعلقو شھدادپور.

[3]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[4]   سماٽ قوم جا رواج: رحمت الله فقير ونڊير، تعلقو خيرپور.

[5]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[6]   ايضا.

[7]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[8]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[9]   الھڏتو بلوچ، تعلقو شھدادپور.

[10]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[11]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊوباگو.

[12]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[13]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[14]   رحمت الله ونڊير تعلقو خيرپور ۽ محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[15]   رحمت الله ونڊير.

[16]   رحمت الله ونڊير تعلقو خيرپور.

[17]   رحمت الله ونڊير تعلقو خيرپور.

[18]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[19]   رحمت الله ونڊير تعلقو خيرپور.

[20]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[21]   رحمت الله ونڊير تعلقو خيرپور.

[22]   راشدي سيدن جا رواج: غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org