سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :10

 

شاديءَ جو سامان:

شاديءَ وقت گھوٽ توڙي ڪنوار جا مائٽ اڪثر ائين چاھيندا تھ شادي تمام ڌام ڌوم سان ٿئي. ڇو تھ انھن لاءِ پنھنجي اولاد جي شاديءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابھ خوشي ڪانھ ٿئي. تنھنڪري شاديءَ جي ھر ھڪ شيءِ اھڙي مھيا ڪن، جيئن عزيز اقارب توڙي ڄاڃي ماڃي ڏسي تعريف ڪن. تنھنڪري شاديءَ ۾ ڪم ايندڙ ھر ھڪ شيءِ، جھڙوڪ، ڳھھ، ڪپڙا وغيره اچا ۽ سٺا ٺھرائين.

 

ڳھھ:

ڳھن کان سواءِ شادي ڪھڙي! شاديءَ جي نسبت کان اڳ ڪنوار لاءِ ڳھھ ڳٽا گھڙايا ويندا. ڳھھ گھڻو ڪري گھوٽيتا ڏين، پر ڪنواريتا بھ ڪنوار کي ڏاج ۾ ٿورو گھڻو ڇِل پٽ ضرور ڏين، جن ۾ نٿ کان سواءِ ٻين ڳھن مان حيثيت سارو ڏين. ڪنواريتا عموما منڊيون، چوڙا، واليون وغيره ڏين. گھوٽيتا بھ حيثيت سارو ڳھھ ٺھرائين، جن ۾ نٿ، ٻانھين، دھري، منڊيون، پنڙا، پازيب وغيره ضرور آھن. شاھوڪار ماڻھو تھ سڄي سوني ”ساھھ ٺھرائين“ ڳھھ جيڪڏھن ميناڪاري ھجن تھ اھي وڌيڪ سھڻا ٿين.

ھريجن قوم ۾ لگن بيٺا تھ گھوٽ پيءُ بھ پنھنجي حال سارو تياريءَ کي لڳندو. پنھنجي برادري ۽ پاڙي مان اٺ گھري، ماڻھن جي مدد سان ڪاٺيون وغيره جھنگ مان گھرائي پورت ڪندو. ان جي عيوض مزوري ڪونھ ڏيندو پر ڪم وارن ماڻھن کي ماني کارائيندو. ھريجن گھڻو ڪري غريب ٿين- ھڪ تھ ٿر ۾ ايتري اپت ۽ ڌنڌا ڪونھ ٿين، جو ڪا بچٿ ٿئي- ٻيو وري شادي غميءَ جا خرچ وت کان وڌيڪ ٿين، جنھنڪري اھي سدائين قرضن ۾ ٻڏل رھن. اڪثر ماڻھو قرض کڻي پورائو ڪن. عام طرح قرض ھيٺين شرطن تي ملي: رواجي طرح ڏيڍ رپيو يا ٻھ رپيا سيڪڙي تي ملي. ڪن کي سونا يا چانديءَ جا زيور يا اٺ، ڍڳي، ٻني وغيره گروي رکڻ بعد وياج تي ملي. ڪي وري ھاري ٿي بيھن- جيسين قرض ڀري نھ ڏين تيسين قرضدار جي ٻني پوکين، جنھن ۾ کين جيڪو بھ حصو ملي اھو قرض ۾ ڏيڻو پوي، ان کان سواءِ شاھوڪار جي گھر جو ڪم ڪار مفت ۾ ڪرڻو پوي، جيڪڏھن اڳيون قرض ھجي، جيڪو وياجن تي وياج چڙھي ٻيڻو – ٽيڻو ٿي  ويو ھجي تھ اھو ڀري ڏين ۽ پوءِ نوان پئسا کڻن. قرض ڀري ڏيڻ لاءِ روڪڙا پئسا ڪٿان اچن! ڪو ٻني ٻارو ھجي، اٺ ھجي، ڍڳو ڍور ھجي تھ اھو ڏين. گھر ۾ ڪمر، ٻوري، ڪمريو، کرڙ وغيره ھجي تھ اھو بھ ڏين. مطلب تھ گھر جا ٽپڙ ٽڙا ڏيڻا پون. ھاري بيھڻو پوي. ڳرا وياج ڏجن، زيور وغيره گروي رکجن تڏھن وڃي ڪٿان چار – پنج سؤ رپين جو بِلو ٿئي. بعضي ھزار ٻارھن سؤ رپيا بھ کڻن ۽ پوءِ وياجن تي وياج- پنھنجي حياتيءَ ۾ جند ڪانھ ڇٽندي، پر مرڻ کان پوءِ بھ سندن اولاد مٺو! ڪنوار پيءُ بھ اھڙي طرح پورت ڪندو[1].

ڏينھن ٻڌجڻ کان پوءِ سڀئي ڳوٺاڻا، گھوٽ جي ڪاڄ جو ڪم ورڇي کڻن. ڪو چوي: ادا! آءٌ ڪاٺيون پھچائيندس، ڪو چوي تھ آءٌ ديڳيون ڪري ڏيندس تھ ڪو وري چوي تھ آءٌ ڪم ڪار لاءِ ٻھ ھمراھھ ڏيندس. مطلب تھ سڀني تي ڪم ورڇجيو وڃي[2].

شاديءَ لاءِ گھربل سامان گڏ ڪرڻ لاءِ راڄ جي ڇوڪرن ٻاڪرن کي پاڻ سان شامل ڪري، تياري شروع ڪن. شاديءَ لاءِ ڪٿان ڪاٺيون، ڪٿان ٻڪريون ۽ وھڙيون، ڪٿان ھنڌ بسترا تھ ڪٿان ٿانو ٺڪر گڏ ڪرڻ ۾ مشغول ٿي وڃن.

شاديءَ لاءِ ٿانو ٺڪر، ڳھھ ڳٺا يا گندي ڪپڙو بھ گھوٽ جي گھر ايندو، سو زالون ڳائي وڄائي، نچي ٽپي گڏ ڪن. انھيءَ وچ ۾ ھر رات جو در تي دس لڳندو، جنھن ۾ گھڻو ڪري ٻار ۽ زالون جھمر ھڻن. ڪي گھوٽيتا ست ئي راتيون ڏانڊين يا ڏؤنڪن سان رانديون ڪرائين. ڀائرن کي ڪوٺ ڪن، جيڪي اچي ڏانڊيا ھڻن يا ڪافيون ڪڇن ۽ گھورون گھورين. زالون بھ اھي راتيون گھر ۾ ڳيچ ۽ ڪافيون چون، ۽ سانگ مسخري ۾ رات پوري ڪن[3].

ڪوھستان ۾ شاديءَ لاءِ ڪاٺيون، ان، ديڳيون وغيره گڏ ڪرڻ، ڇنو اڏڻ، چرون کڻڻ، گھڙا مٽ ۽ ٻيا ٿانو گڏ ڪرڻ جھڙا ڪم ڪرڻا پون، تن لاءِ سڀ راڄ ۽ سنگت ساٿ وارا ازخود گھوٽيتن کي ھٿ ھمراھي ڪرائين، ڇو تھ اڄ ھن جو وارو تھ سڀاڻي سندن بھ وارو اچڻو آھي. ھڪ ڏينھن ننڍا وڏا ميڙ ڪري، جھنگ ۾ ڪاٺيون گڏ ڪري ايري ڪري رکن. وري ٻئي ڏينھن اٺ وغيره وٺي وڃي اھي ڪاٺيون کڻي اچن. اھڙي خوشيءَ جي موقعي تي اٺن جي گوڏن ۾ گھنگھريا ضرور ٻڌن. اھڙيءَ طرح گھوٽيتن جو ھر ڪم خوشيءَ مان ڪن، ان عرصي ۾ گھوٽيتن مان کين صرف ماني ملندي[4].

عام طرح ڪاڄ ۾ عزيزن قريبن ۽ لڳ لاڳاپي وارن کي سڏڻ. کارائڻ، خدمت ڪرڻ سان شاديءَ جي مشھوري ڪن. ڪاڄ ڪرڻ کي ”ڀت ڪرڻ“ بھ چون. ھرڪو پنھنجي حيثيت مطابق ڪوٺ ڪري ۽ ڀت جو انتظام ڪري. ڪاڄي جي سرانجاميءَ لاءِ عزيز قريب مدد طور ڪم ورھائي کڻن. ڪاڄ ۾ اڪثر ھي ڪم ٿين: رڌڻ، وڌڻ، کارائڻ، مھمانن کي ٿانيڪو ڪرڻ، مھمانن جي وھٽن جي سنڀال، روشنيءَ پاڻيءَ جو بندوبست وغيره. اھو سڀ ڪم نوجوان ورڇي پورائي ڪن. [5]

 

ڪنواريتن جي تياري:

ڪنوار پيءُ بھ پنھنجي تياريءَ ۾ لڳندو. ڪپڙي لٽي ۽ ڳھھ ڳٽي جو بندوبست آھستي آھستي ڪندو. مينگھواڙن ۾ شادي گھڻو ڪري ١- نومبر ۽ ٣١- مارچ جي وچ واري عرصي ۾ ڪن. اھو عرصو جيئن تھ سياري جي موسم جو ھوندو آھي، ان ڪري ڪاٺيون خاص طور تي گھڻيون گڏ ڪن تھ جيئن متان پوءِ رڌپچاءُ ۾ تڪليف ٿئي. اھي ڪاٺيون ڪنواريتن توڙي گھوٽيتن ٻنھي ڌرين کي ڪم اچن. [6]

 

ڇني جي تياري:

نيٺ ڪاڄ اچي سر تي ڪڙڪيو تھ گھوٽيتا پنھنجي ڄڃ ٽڪائڻ ۽ ڄاڃين کي کارائڻ لاءِ بندوبست ڪندا. انھيءَ ڪري ڄڃ کان ٻھ – ٽي ڏينھن اڳ انھيءَ جي تياري ڪن. جيڪڏھن ڪنواريتا پري ھجن تھ ٻھ – ٽي ڏينھن اڳ گھوٽيتن جا ڪي ھمراھھ وھٽ وانا ڪاھي، ڦنڊرن ۽ ٻئي گھربل سامان سميت ڪنواريتن ۾ پھچن، جتي سڀ کان اول ڇني اڏڻ جو انتظام ڪن، جنھن ۾ ڄڃ اچي لھي ۽ ماني ٽڪي کائي. شاديءَ جون ٻيون رسمون بھ ڇني ۾ ٿين.

ڇنو گھڻو ڪري ڪنواريتن جي گھر کي ويجھو ٺاھين. ڇني ٺاھڻ وقت گھوٽيتيون توڙي ڪنواريتيون زالون ڳيچ چون. ڇني اڏڻ بابت جيڪي روايتون مليون آھن، سي ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

ڪلھوڙن ۾ گھوٽيتن جي ڄڃ ڪنواريتن ۾ پھچي، تنھن کان اڳ ۾ ئي جيڪي گھوٽيتا ۽ ڪم ڪار وارا ھمراھھ، جيڪي اتي ھلي ڇنو اڏين ۽ ماني لاءِ ڦنڊرون ۽ چانور توڙي ٻيو گھربل ضروري سامان موڪلي ڏين، انھن کي ”شامگري“ چون[7].

ڄاڃين جي ويھڻ، رڌ پچاءُ جي سامان رکڻ ۽ رڌ پچاءُ لاءِ منھن ۽ لانڍيون ٺاھين، جن ۾ ڪاٺيون، کٽون، ديڳيون، ٿانءُ ٺڪر، ڦنڊرون، ٻڪريون، چانور ۽ مصالحو وغيره گڏ ڪن. ٻاھرين مھمانن جي خاطرداريءَ لاءِ ڳوٺ وارا ڀائر ۽ دوست تيار ھوندا، جيڪي سڀڪنھن جي رسائي ۾ لڳي ويندا. گاھھ پٺو، ھنڌ بسترو، پاڻي پِرڀ؛ حقو ٻيڙي، تيل تماڪ وسئون موجود ڪري، خدمت ڪندا رھندا. انھيءَ ھنڌ کي شاديءَ جو ”ڇنو“ چون. اتي مرداڻي راڄ جو ويھڻ ڪرڻ ٿيندو. ان سان گڏ رڌپچاءُ جو ڪم بھ ھڪ لانڍيءَ ۾ ڪن[8].

شاديءَ جي وقت مھمانن جي رھڻ لاءِ گھڻو ڪري ”ڇنو“ ٺاھين. ھرڪو پنھنجي حيثيت مطابق ڇنو ٺاھي. غريب ماڻھو پنج اٺ ٿوڻيون کوڙي، ان تي آڏا ڦڏا آڏ- ورا ڏيئي، مٿان سر يا پن کي ڇانو ڪن. پھچ وارا ماڻھو وري وڏو ڇنو ڪن. بعضي ڇني کي ڪاغذ ۽ سٽ جي گلن ڦلن سان سينگارين. ڇني ۾ جتي خاص مجلس يا مارڪو ڪرڻو ھوندو. اھو ھنڌ ڪشادو ٺھرائين تھ جيئن خلق جھجھي ۽ آرام سان ويھي سگھي ۽ کارائڻ پيارڻ جو ڪم بھ آسان ٿئي[9].

ٿري ھندن ۾ منجھند ڌاري ڄڃ جي ٽِڪڻ لاءِ ڇنو ٺاھين، جيڪو سادي نموني جو ٿئي. ڳوٺ جي گھرن مان ڪٿان ٿوڻي، ڪٿان آڏ- وريون؛ ڪٿان ڪايا ۽ کونٽا کڻي پورت ڪن. ڄاڃين جي تعداد آھر چار، ڇھھ يا اٺ ٿوڻيون کوڙي، انھن تي آڏيون ڪاٺيون رکي، مٿان ڪايا رکي ڪجھھ ٿوريون مرٽون يا سڻ رکي ڇانو ڪن، ۽ پاسن کان ڇڊا پاڍا ڪايا ڏيئي ڇڏين. ڇنو، اتر طرف سامھون ٺاھين، يعني ڇني جو منھن اتر طرف ۽ پٺ ڏکڻ طرف ڪن تھ جيئن ڄڃ وارا ويھن تھ سندن منھن اڀرندي ۽ الھندي طرف ٿئي.

اڳي سڀڪنھن ڄڃ لاءِ گھر کان ٻاھر ٿورو پرڀرو سھولت واري ھنڌ ڇنو ٺاھبو ھو، پر ھاڻي ڪٿي ڪٿي جيڪڏھن ڀرسان سھولت وارو ڪو دکان ھوندو تھ ڄڃ اتي ئي لاھين؛ نھ تھ ڇنو ضرور ٺاھين[10].

 

وناھھ يا ونواھھ:

شاديءَ جي تٿ کان اڳ ”وناھھ“ يا ”ونواھھ“ جي رسم ٿئي، جنھن ۾ ڪنوار کي وناھھ ۾ ويھارين. ھيءَ رسم سڄيءَ سنڌ جي ھر حصي ۾ ھر قوم ۾ ٿئي. شاديءَ کان عموما ست ڏينھن اڳ گھوٽيتن جون زالون، ڄڃ ڪري، پڙو کڻي ڪنواريتن ۾ وڃن. ڪنوار جا مينڍا کولي، آکيو ٻڌي، ڪنوار کي پڙو ڏين ۽ ان بعد ڳائي وڄائي موٽي اچن. انھيءَ رسم جي ادائگي جو تفصيل ھيٺين ريت آھي:

 

ونواھھ جا ڏينھن:

ڪنوار کي شاديءَ کان اڳ عام طور ست ڏينھن وناھھ ۾ ويھارين. ڪن ھنڌن پنج ڏينھن بھ ويھارين. ونواھھ جي ڏينھن جي مقرري حالتن تي مدار رکي ٿي. جيڪڏھن موسم ۽ ٻيون حالتون ٺيڪ آھن تھ پوءِ ست ڏينھن، نھ تھ پوءِ گھٽ ۾ گھٽ جيترا ڏينھن بھ مقرر ڪجن. پر ھر حالت ۾ وناھ جي رسم ضروري آھي. وارھھ طرف تنين ۾ وناھھ، مڱڻي جي اٺين ڏينھن ڪن.

 

ڪنوار جا مينڍا ويڙھڻ:

ونواھھ واري ڏينھن کان ھڪ – ٻھ ڏينھن اڳ ڪنوار جون مائيٽياڻيون، ڪنوار جا وار ڳتي (مينڍا ويڙھي) ڇڏين، جيڪي پوءِ وناھھ واري ڏينھن تي گھوٽيتن جون زالون اچي کولين.

 

پِڙو يا ونواھھ جو سامان:

ونواھھ ۾ عام طرح ڪنوار لاءِ کاڌي ۽ سينگار جو سامان ڏين. اھو ايتري انداز ۾ ھوندو، جو ڪنوار کي شاديءَ جي ڏينھن تائين ھلي سگھي. کاڌي جي سامان ۾ مکڻ يا گيھھ، مصري، مٺاڻ، حلوو، سوجي ۽ ڀوڳھڙو يعني خوراڪ ٿئي، ۽ سينگار جي سامان ۾ تيل، اٽو، ميندي، جون جو اٽو، ڪيسوڦل، مساڳ، ڪجل ۽ سرمو وغيره ڏين. ان کان سواءِ ڪنوار جي پاسي ٿڃ بخشاڻيءَ طور گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا ۽ وڌ ۾ وڌ جيتري پھچ ھجي، اوترو ڏين. وناھھ جي سامان ۾ اکيو بھ ٿئي. جيڪو ڪنوار جي اکين تي ٻڌن.

اھو سمورو سامان ڪاغذ جي پڙن ۽ ٺڪر جي ننڍڙن ڪنن ۾ بند ڪري، وري وڏي کاري ۾ وجھن، انھيءَ کاري کي ”پِڙو“ چون.

 

ڄڃ:

ونواھھ جي رسم ۾ گھوٽيتن توڙي ڪنواريتن طرفان فقط زالون حصو وٺن ۽ وناھھ جي تاريخ بھ اھي مقرر ڪن. ونواھھ واري ڏينھن تي گھوٽيتن جون زالون، گھوٽ جي گھر گڏ ٿين، ۽ شام جو مارڪو ڪري، پِڙو کڻي، دھلن دمامن سان ڪنواريتن ڏانھن وڃن. پڙي کي ڳاڙھي حلواڻ جي ڪپڙي سان ٻڌي، دائي يا حجامڻ جي مٿي تي کڻائين، جيڪا ڄڃ جي وچ تي پئي ھلندي. ڄڃ ڪنواريتن ۾ پھچي تي ڪنوار گھونگھٽ ڪري ويھي؛ ۽ ماءُ يا ڪا ٻي ويجھي مائٽياڻي کيس پلؤ ڏيئي ويھي. گھوٽيتن مان ست سھاڳڻيون اٿي ڪنوار جا مينڍا کولين ۽ وارن ۾ تيل مکڻ وجھي، ٿورو مٺاڻ کارائي، ساڄي ٻانھن ۾ ڳانو ٻڌن ۽ آخر ۾ ڪنوار کي اکيو ٻڌن، ۽ ان بعد مٺائي ورھائي موٽي اچن.

 

ونواھھ جا ڳانا:

ونواھھ جي رسم ۾ گھوٽيتا پنج ڳانا لاک جا ٺاھين، جن مان ھڪڙو ڪنوار کي ٻڌن ۽ ھڪڙو گھوٽ کي، باقي ٽن ڳانن مان ھڪ گنديءَ لاءِ، ھڪ جنڊ لاءِ ۽ مٺائي واري پاري کي ٻڌڻ لاءِ ٺاھين. جيڪي ڳانا گھوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ٺاھين، انھن ۾ ڳاڙھي اڳڙيءَ مان ٺاھيل ڳوٿري ٻڌن، جنھن ۾ ستن جنڊن جو ڳارو، جون جا ست ڪڻا، سرنھن جا داڻا ۽ ھڪ روپو پلو وجھن، باقي ٽي ڳانا خالي ٿين. جيڪڏھن ڪنوار، گھوٽ کان تمام پري ھجي تھ پوءِ ان لاءِ ڳانو ڪنواريتا ٺاھين.

 

اکيو:

ڪنوار کي ونواھھ ۾ ويھارڻ وقت اکيو ضرور ٻڌن. اکيو ڳاڙھي حلواڻ جي ڪپڙي مان ٺاھين. بعضي ريشمي يا ٽسر جي ڪپڙي مان بھ ٺاھين. ڪي سادو اکيو ٺاھين تھ ڪي واري ان تي چوڌاري پٽيون پانڪون ھڻن، يا ڀرت ڀرين ۽ موتي ستارا بھ ٽاڪين. اکيي جو ڪپڙو ايترو رکن، جيڪو نقاب وانگر منھن ۽ ڳچيءَ کي ڍڪي، اکين واري جاءِ تي ٻھ سوراخ ڪن، جن مان ڪنوار ڏسي سگھي.

اکيو ٻڌي، ڪنوار کي سندس ئي گھر جي ساڄي ڪنڊ ۾ ويھارين ۽ آڏو ڪپڙو يا چادر ٽنگي ڇڏين، جيئن ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ جي نظر ڪنوار تي نھ پئي. وناھھ واري عرصي ۾ ڪنوار کي گھر جو ڪم ڪار بھ ڪونھ ڪرڻ ڏين.

 

اٻٽڻ يا پيٺِي لائڻ:

ونواھھ ۾ ويٺل ڪنوار کي روزانو اٻٽڻ لڳائين. اٽو ۽ تيل ملائي اٻٽڻ ٺاھين. ڪن ھنڌن تي اٻٽڻ ۾ ڪي خوشبودار شيون بھ ملائين. اٻٽڻ کي ”ٻاٽڻ“ بھ چون. عام طور مڱن جو اٽو، مٺو تيل ۽ ھيٺ گڏي اٻٽڻ ٺاھين. اٻٽڻ گھڻو ڪري رات جو، پر ڪي صبح شام بھ لائين.

 

سانجھي يا سانجھڙي ڏيڻ:

ونواھھ کان پوءِ ھر رات سج لٿي مھل، ڪنواريتن جي گھر ۾ پنج ست زالون گڏ ٿي سانجھڙي ڏين. اھو ھن طرح، جو ٻھ – ٽي گڏجي ڪنوار واري ڪوٺيءَ جي دروازي تي بيھي، دروازي جي سردري ۾ ھٿ وجھي ”سانجھي ڳيو“ چون، جنھن ۾ ڪنوار کي ساھرين وڃڻ کان پوءِ انھن جي فرمانبردار ٿي رھڻ جي نصيحت ھوندو آھي.

 

ونواھھ ۾ کاڌو ۽ پرھيز:

ڪنوار کي وناھھ واري عرصي ۾ ڪوبھ ڪم ڪار ڪرڻ ڪونھ ڏين. ”ڪاتيءَ وڍيو“ (گوشت، مڇي، پلو وغيره) ڪونھ کارائين، صرف گيھھ ۽ کنڊ واري ماني يا ڪٽي ۽ ٻي سڻڀي خوراڪ کارائين. ونواھھ جا ڪپڙا ڪونھ بدلائين ۽ نھ وري ڌوئن. ڪني ۾ رڌل شيءِ بھ ڪانھ کارائين. مرد ماڻھو ۽ زالن مان ويجھين مائيٽياڻين کان سواءِ ٻي عورت منھن نھ لائين. ڪنوار کي کلڻ، ڏاڍي ڳالھائڻ، اکيو مٿي کڻڻ، ڪاوڙجڻ، روئڻ يا چرچو ڀوڳ ڪرڻ کان بھ منع ھوندي آھي.

 

مارڪو (گھوٽيتن ۾):

ونواھھ واري ڏينھن کان وٺي شاديءَ تائين گھوٽيتن جي گھر ۾ روز رات جو  زالون گڏجي خوشيءَ جا ڳيچ ڳائين ۽ مارڪو ڪن. صبح سانجھيءَ گھوٽ جي در تي دھلن جو دس وڄي.

انھن جملي رسمن بابت سڄيءَ سنڌ جي ھر حصي مان ھر ذات ۽ پاڙي جو تفصيلوار احوال مليو آھي، جيڪو ھن بعد شامل ڪجي ٿو:

سماٽن ۾ شادي کان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ھفتو اڳ ڪنوار کي ونواھھ ۾ ويھارين، جنھن ۾ کيس اکيو ٻڌي گھر جي ھڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويھاري ڇڏين. ونواھھ جو مقصد اھو بھ ٿي سگھي ٿو تھ ڪنوار ھڪ ھنڌ ويھي چڱو کاڌو خوراڪ کائي، صفائي ۽ تندرستيءَ لاءِ بدن جي حفاظت ڪري. گھوٽ بھ انھيءَ مدت ۾ پنھنجي کاڌي خوراڪ جو خاص خيال رکندو. نئون رت ۽ خوشي، صحت جي سنڀال ۽ خورش جو خيال، سو شاديءَ تائين جوڙو ئي (گھوٽ ڪنوار) گل بنجيو وڃي.

ونواھھ جي ڏينھن ۾ ڪنوار کي خوش رکڻ جي ھر ممڪن ڪوشس ڪن. پِڙي ۾ آيل جون جي اٽي سان ڪيسوڦل ملائي ڪنوار جي سڄي جسم جي مالش ڪن، ۽ تيل جي مالش پڻ روز ڪن، جنھنڪري بدن جو رنگ کلي ۽ سونھن سوائي ٿئي.

سماٽڪي شاديءَ ۾ پِڙي جو رواج ھر ھنڌ ٿئي، پر ڪن ھنڌن تي انھيءَ رسم جي ادائگي ۾ ٿورو اختلاف بھ ٿئي. پِڙي ۾ اڪثر وناھھ ۾ ويٺل ڪنوار لاءِ کاڌي پيتي جو ۽ سينگار جو سامان ڏين، جيڪو ايتري انداز ۾ ڏين جو شاديءَ جي ڏينھن تائين ھلي سگھي. ونواھھ جو مدو گھٽ ۾ گھٽ ھفتو ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي ھفتا يا اڃا ڪجھھ وڌيڪ وقت رکن.

پِڙي ۾ گھڻو ڪري ھيٺ ڄاڻايل شيون ڏين: گيھھ پنج سير، مٺاڻ پنج سير، حلوو اڍائي سير، خوراڪ پنج سير، تيل اڍائي سير، اٽو ڏھھ سير، ميندي سوا سير، جون جو اٽو سوا سير، ڪسيوڦل سوا پاءُ، مساڳ، ڪجل، سرمو وغيره، ۽ گھوٽيتن طرفان ڪنوار جي پاسي ٿڃ بخشاڻي گھٽ ۾ گھٽ پنج رپيا، گھڻو جيترو ڪير پڄي سگھي، اوترو ڏين.

ھيڊي رنگ جو ھڪ نئون يا پراڻو ڪپڙي جو ٽڪر کڻي، ان کي اکين واري جاءِ کان ٻھ سوراخ ڪن، جن مان ڏسي سگھجي، باقي سڄو منھن ڍڪجي وڃي. ان ڪپڙي کي ”اکيو“ چون. وناھھ ۾ ويھڻ يا اکيي ٻڌڻ کان پوءِ ويجھين عزيزياڻين کان سواءِ ڪنوار ٻئي ڪنھن جي منھن نھ لڳندي. وناھھ ۾ ويھڻ وقت ڪنوار جي ماءُ يا ماسي وغيره ڪنوار جا مينڍا ويڙھيندي[11].

ونواھھ ۾ ويھڻ بعد ست سھاڳڻيون، ماکي ۽ مکڻ سان ڪنوار کي ساٺ ڪنديون. اھو ھن طرح جو ماکي ۽ مکڻ ساڄي ھٿ تي رکي، آڱر ڀري ڪنوار کي چٽائينديون. ڪنوار شرم حياءَ کان ماکي ڪانھ چٽيندي ۽ وات بند ڪري ڇڏيندي. پر ھو الله سنواريون ذڙ:٤ کيس چٽائينديون، نھ تھ آڱريون ڀري سندس ڳلن ۽ منھن تي ٿڦي ڇڏينديون ۽ رونشا ڪنديون. ان سنوڻ بعد ڪنوار جا ويڙھيل مينڍا ڇوري ڇڏيونديون.[12]

شاديءَ کان ست ڏينھن اڳ ”ونھھ“ (وناھھ، ونواھھ) جي رسم ٿئي. ڪپڙي کي ٻھ اکيون ڪڍي، ان تي زري وغيره جو ڀرت ڀرين. ان سان گڏ پِڙو بھ کڻن. پِڙي ۾ ھڪ وڏي کاري کڻن، جنھن ۾ ونواھھ سان گڏ ڪنوار جي ضرورت جو ٻيو سامان بھ کڻن. جيئن تھ: سينگار جو سامان، پيٺي، ستيون ڦڪيون، مٺو، ڪڙو ۽ سرھو تيل، ڪنوار جي کاڌي لاءِ ڀوڳاڙو، حلوو، مٺائي، گيھھ ۽ ماکي وغيره. پوءِ اھڙو پڙو، دھلن دمامن سان گھمائي ڪنوار جي گھر کڻي اچن.

اکيون ٻڌڻ کان پوءِ ڪنوار کي گھر جي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھاري ڇڏين ۽ کيس ڪوبھ ڪم ڪار ڪرڻ ڪونھ ڏين. اھڙيءَ طرح پنج، ست يا جيڪي بھ ڏينھن وناھھ ۾ ويٺل ھوندي، کيس ڪاتيءَ وڍيو (گوشت، مڇي، پلو وغيره) ڪونھ کارائين، صرف گيھھ کنڊ واري ماني يا ڪٽي ۽ ٻيا مال مليدا کارائين. وناھھ جي ڏينھن ۾ کيس پيٺي بھ لڳائين. پيٺيءَ ۾ ميدو، مردا سنگ، مڃٺ، ڪيسوڦل ۽ ٻيون خوشبودار شيون گڏائين. پيٺي گھڻو ڪري رات جو لائين، پر ڪي صبح ۽ شام جو بھ لائين. انھيءَ لاءِ خاص حجامڻ مقرر ٿيندي، جيڪا وناھھ جي ڏينھن ۾ ڪنوار جي ھر طرح سان پرگھور پئي لھندي. ان ڪري انھن ڏينھن ۾، سڻڀن کاڌن ۽ خدمت چاڪريءَ جي ڪري ڪنوار ڪافي تندرست ٿي ويندي ۽ پيٺي ملڻ جي ڪري رنگ بھ کلي پوندو اٿس، جنھنڪري ھوءَ ڪافي سھڻي پئي لڳندي[13].

شاديءَ کان اڳ ۾ گھٽ ۾ گھٽ پنج، وڌ ۾ وڌ ست ڏينھن ونواھھ جي رسم ادا ڪن، جنھن ۾ ھيٺيون سامان ڏين: گيھھ سوا سير، اڍائي پاءُ ۽ مٺائي اڍائي پاءُ. ان موقعي تي اول گھوٽ جون مائيٽياڻيون، سڀني عزيزن جي گھر وڃي زالن کي سڏ ڏيئي اچن. جڏھن زالون گھوٽ جي گھر اچي گڏ ٿين، تڏھن مٿي ذڪر ڪيل شيون کڻي سھرا ڳائينديون ڪنواريتن ڏانھن وڃن. جڏھن ڄڃ اتي پھچي، ان وقت ڪنوار کي گھونگھٽ ڪرائي ويھارين ۽ ماءُ يا ڪا ٻي ويجھي مائيٽياڻي کيس پلؤ ڏيئي ويھي. آيل زالن مان ست ڄڻيون، جيڪي نھ دويستيون (پيٽ واريون)، نھ ٻن نڪاحن واريون (ٻيو ڀيرو پرڻيل)، نھ ڪنواريون ۽ نھ رنڙ ھجن- پر سھاڳڻيون ھجن. اھي ڪنوار جو مٿو اکيلين، ۽ ان وقت انھن زالن مان ھر ھڪ زال واري سان مٺائيءَ جي ڳڙي گيھھ ۾ ٻوڙي ڪنوار کي کارائيندي: ان بعد ڪنوار جي مٿان عطر ڇٽڪارين تھ جيئن ڪنوار جي نيڪي عطر جي خوشبوءِ وانگر پکڙي. ٻيون زالون تيسين ويٺيون سھرا ڳائينديون. انھيءَ رسم پوري ٿين بعد، چڱي مڙس جي زال، گھوٽ ماءُ کان مٺائي وٺي آيل زالن ۾ ورھائيندي. مٺائيءَ وارو ٿانءُ پاڻ کڻي ويندي ۽ ٻيون زالون پنھنجي پنھنجي گھر روانيون ٿينديون. ان بعد شاديءَ جي ڏينھن تائين ڪنوار ڏينھن جو بھ ٻاھر نھ نڪرندي. ٻاھر نڪرندي تھ گلاري ڪوٺبي. وناھھ واري وقت ۾ حجامڻ ايندي رھندي، جيڪا روزانو ڪنوار کي ھيٺ ڄاڻايل شين سان مالش ڪندي: ڪيسوڦل، اٺ ڪچور، ھيڊ، ڪڻڪ جو اٽو ۽ تيل. ان خدمت جي عيوض حجامڻ کي ڪنوار جا پراڻا لٽا، ٻڪيءَ جو ان ٻڪيءَ واري گھور ملندي[14].

ونواھھ کان وٺي، گھوٽ جي گھر تي دھلن جو دٻڪو ضرور ٻڌبو. جيڪي ذاتيون دھل وڄارائين. سي ھي آھن: سيد، نانگور، حاجي، آمر (راڄپر)، تنيا، ڦرڙا، ڪلھوڙا، ميمڻ، جروار، مري بلوچ، گاڏھي بلوچ، مڱريا، سومرا، وڌڻ پوٽا (سامٽيا)، انڙ، رند، سيال ۽ ٽالپر. جيڪي ذاتيون دھل ڪونھ وڄارائين، سي ھي آھن: ڪونڌر، سومرا، قاضي (چنا) دايا، پيرزادا ۽ ڪي سھتا. ڪن ھنڌن تي دھلن جو ايتريقدر رواج آھي جو شاديءَ تي دھل نھ ھوندو تھ چون تھ: ”شادي آھي يا غميءَ جو ڀت! شادي  دھل سان ٿي ٺھي. تنھنڪري مڱڻھار وناھھ ٻڌجڻ کان ويندي شادي تائين دھل وڄائين.

ڪن ھنڌن مڱڻھار کان مھمانن جي ھٿن ڌئارڻ ۽ انھن کي پاڻي پيارڻ جو بھ ڪم وٺن. جھڙوڪ: سيد، بلوچ، راڄپر، ٽالپر، سھتا ۽ گھانگھرا.

ونواھھ گھڻو ڪري گھوٽ جي پيءُ، ڪاڪو يا وڏو ڀاءُ کڻي ڪنواريتن ۾ ڏيڻ ويندو. اتي جون عورتون آڻيندڙ تي رنگ ھارين ۽ جيڪڏھن ھو ڪنھن وھٽ تي چڙھي آيو ھوندو تھ ان وھٽ جي ٻر کي ٽن ٽن ڳتين ۾ ڪري ويڙھين ۽ اھڙيءَ ريت سڄي ٻر ويڙھي ڇڏين. وھٽ جي ڪنن جي چوٽين ۾ ڳاڙھا، ڦڪا ۽ ساوا ٽؤنر ٽانڪي ڇڏين، تھ جيئن ڏسندڙن کي خبر پوي تھ ان وھٽ تي ونواھھ کڄي ويل ھو[15].

لغارين ۾، ڪنوار کي گھر جي ھڪڙي ڪنڊ ۾ کٽ جي اوٽ ڏيئي ويھارين، ۽ سندس منھن تي سائو اکيو ٻڌن. ڪنوار کي روزانو اٽو ۽ تيل گڏي ھڻن، جنھن کي ”ٻاٽڻ“ چون. ڪنوار کي ڪجھھ روڪڙ بھ ڏيئي ڇڏين تھ جيئن ونواھھ ۾ ويٺي راند ڪري. ان جو مطلب تھ جيئن ھتي پئسن سان پئي راند ڪري، تيئن ساھرين گھر بھ پئسا جام ھجنس[16].

ونواھھ وارا ست ڏينھن ۽ ست راتيون ڪنوار کي ٻاھر نڪرڻ نھ ڏين، نھ ئي ڪنھن جي منھن لڳڻ ڏين. سندس خدمت لاءِ ھڪ عورت خاص وٽس ڇڏين، ۽ انھن ڏينھن ۾ کيس گيھھ، ڳڙ، کنڊ ۽ ٻيو دل وڻندڙ سڻڀو کاڌو کارائين، ۽ سندس جسم کي ھڪ خاص ڳوھيل اٽي سان مالش ڪن. ڪن ھنڌن ميندي يا صابڻ ڪم آڻين تھ ڪن ھنڌن چندن جي مالش ڪن ۽ ان جو دونھون ڏين. مگر اڪثر رواج اٽي سان مالش جو آھي. انھيءَ اٽي لائڻ کي ”چِيڪون“ چون ۽ اھا رسم ڪنواريتن ۾ ادا ٿئي[17].

ونواھھ لاءِ پھريائين گھوٽيتن جون زالون پنھنجي راڄ ۾ سڏ ڏيئي اچن تھ شام جو ونواھھ ڏبو. اھو سڏ ڏين بھ زالون ۽ شريڪ بھ صرف زالون ٿين. جڏھن راڄ جون سڀ زالون اچي گڏ ٿين، تڏھن ڪنوار لاءِ پنج رپيا روڪڙا، پاءُ ميندي، پنج سير ڪڻڪ، شيشو تيل جو ۽ چيڪوءَ جو پاءُ کن ساڻ کڻي، ڄڃ ڪري گاڏين ۾ چڙھي، سھرا ڳائيندي ڪنواريتن ۾ اچن. ھوڏانھن ڪنواريتا بھ ڪنوار کي اڳواٽ ئي گھر جي ھڪڙي ڪنڊ ۾ ڪري ويھارين. ان بعد گھوٽيتيون اچي ڪنوار کي اکيي ٻڌڻ ۽ مينڍا ڇوڙڻ جي رسم پوري ڪن[18].

ونواھھ تي اڍائي پاءُ ميندي، اڍائي پاءُ مکڻ، اڍائي پاءُ ڳڙ ۽ ٻھ رپيا روڪڙا ڪنوار کي ڏين. ان موقعي تي راڄ سڏائين ۽ انھن ۾ مٺائي ورھائين. ونواھھ تي گھوٽ کي ڪونھ نين، باقي نياڻيون سياڻيون وٺي وڃن. ونواھھ گھڻو ڪري شام جو ڏين، پر ڪن ھنڌن تي صبح جي پھرئين پھر ۾ بھ ڏين. پوءِ ست سھاڳڻيون ميندي کڻي ڪنوار وٽ وڃن ۽ ميندي مان ھٿ ڀري ڪنوار جي وارن ۾ وجھن ۽ مينڍيون ڇوڙين. ان وقت سھرا بھ ڳائين. ان بعد حجامڻ، ڪڻڪ جو اٽو مينديءَ جي پاڻيءَ ۾ ڳوھي، ان ۾ تيل ملائي ڪنوار کي ھڻندي. ونواھھ جا ڪپڙا نڪي بدلائين ۽ نڪي ڌوئين. ڪنوار کي ساھواري شيءِ ۽ ڪني ۾ رڌل چيز ڪونھ کارائين، ۽ کيس مرد ماڻھو بھ منھن ڪونھ لائين. چون تھ ائين ڪرڻ سان اھا عورت حسن نھ ڪڍندي. ونواھھ ڇھھ ست ڏينھن ڪن، پر گھڻو ڪري ٻڌي ڏينھن رکن. ڪنوار کي ونواھھ ۾ جيڪو اٽو ھڻن سو حفاظت سان لاھي، پاڻيءَ جي حوالي ڪن[19].

ونواھھ تي ڪنوار کي ”ڀاڳاھو” ڏين. اھو ”ڀاڳاھو“ ڪنھن پاري ۾ وجھي، ان جو ٻوٿ ٻڌن ۽ ھڪ دٻلي ڏيڍ سير کنڊ جو بھ آڻين. ڪنوار جي پٺيءَ کي چِيڪو ۽ ميندي بھ لائين. چيڪو ۽ ميندي ست سھاڳڻيون لائين. ڪنوار کي خرچ لاءِ ڏھھ رپيا روڪ، اڍائي پاءُ ڪڻڪ جو اٽو ۽ ان سان گڏ اٺ ڪچور، ڪپ ڪچور ۽ ھيڊ بھ ڏين. چيڪو ٺھيل جدا ڏين. ڪنوار کي اڳ ۾ ئي وائل ڳاڙھو رئو ڪرائي ونواھھ ۾ ويھارين[20].


 

[1]   رائچند ھريجن، (تعلقو ڇاڇرو).

[2]   ماھوار شاعر، ”رفيق حيات“ نمبر، سال ١٩٥٧ع تان ورتل.

[3]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[4]   عبدالعزيز جوکيو: ماھوار ”نئين زندگي“ اپريل ١٩٥١ع تان ورتل.

[5] محمد عمر ”معموريوسفاڻي“ (تعلقو عمرڪوٽ).

[6] رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[9]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[10]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[11]   سماٽن جون رسمون: ماھوار شاعر ”رفيق حيات نمبر“، سن ١٩٥٧ع.

[12] ماھوار ”شاعر“، رفيق حيات نمبر، سن ١٩٥٧ع تان ورتل.

[13]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقي ٽنڊي الھيار) کان مليل.

[14]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[15]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[16]   اڪبر علي لغاري (تعلقو سنجھورو).

[17]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[18]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[19]  غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[20]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org