سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :4

 

 

باب ٻيو

ٻار جي سرجڻ کان وٺي ڄمڻ تائين

پيٽ ۾ ٻار ٿيڻ

پٽ ڌيءَ جي ابتڙ ڄمندو آھي. يعني ڌيءَ سنئين ڄمي ۽ پٽ اونڌو ڄمندو آھي. جڏھن ڪنھن عورت کي اڳئين ويم ۽ ڌيءَ ڄائي ھوندي، تڏھن ٻئي ويم کان اڳ کيس ضرور ڪنھن نر جانور يا پکيءَ جو گوشت کارائين. ڇو تھ چوندا آھن تھ ويم کان اڳ جي نر جانور جو گوشت کائيندي تھ پٽ ڄڻيندي، جي مادي جانور جو گوشت کائيندي تھ ڌيءَ ڄڻيندي. جي ڄاول ٻار ڌيءَ کي مٿي جي پوئين حصي ۾ پٽو نظر ايندو تھ چون تھ ھن ٻار کان پوءِ پٽ ڄمندو، ڇو تھ پڳ- ور ظاھر بيٺو آھي. چوندا تھ ڪارو نانگ پيٽ واريءَ زال کي ڏسندو تھ انڌو ٿي پوندو، لھر ڪرڻ بند ڪري، آھستي آھستي ڪرونڊڙو ٿي پئجي رھندو[1].  ڪکيل ماڻھوءَ وٽ حاملھ عورت ايندي تھ چرندڙ زھر ڇپي پوندو ۽ مريض وڌيڪ بيمار ٿيندو. پيٽ واري زال کي پٽ ڄمندو يا ڌيءَ ان لاءِ ھيٺيان سوڻ ڳنڍينديون آھن.

*                   جڏھن پيٽ واري عورت کي کير پوندو آھي، تڏھن ان عورت جو ٿورو کير ٺڪر جي ڪنھن ٿانو ۾ وجھي ٽھ – واٽي تي رکن. جي پھريائين ڪو ڇوڪرو يا مرد اچي ان رستي تان لنگھيو تھ پٽ ڄمندو، مگر جي ڪا ڇوڪري يا عورت لنگھي تھ ڌيءَ ڄمندي.

*                   جي پيٽ واري عورت ويھڻ کان پوءِ اٿي ھلي ۽ سڄو پير اڳ ۾ کنيائين تھ پٽ ڄڻيندي، پر جي کٻو پير اڳ ۾ کنيائين تھ ڌيءَ ڄڻيندي[2].

*                   ڄاول ٻار ڄمڻ سان روڄ راڙو ڪيو تھ مٿانس جيڪو ٻار ڄمندو سو مٽ ٿيل ھوندو، يعني پٽ ڄاول ھوندو تھ ان کان پوءِ ڌيءَ ڄمندي، ۽ جي ڌيءَ ڄاول ھوندي، ۽ انھيءَ روڄ راڙو ڪيو تھ مٿان پٽ ڄمندو.

*                   ڌيءُ کي ڪياڙيءَ کان پٽو نظر آيو تھ پٽ ڄمندو. يعني اھو پٽو ’پڳ ور‘ ليکبو.

*                   پيٽ واري عورت اِڪي مھينن ۾ نئون ڪپڙو پائي تھ پٽ ڄڻيندي، ۽ جي ٻڌي مھينن تي پائي تھ ڌيءَ ڄڻيندي.

*                   ٻڌي مھينن ۾ نئون ڪپڙو پائيندي تھ کيس ۽ ٻار کي نقصان پھچندو.

*                   ڪتيءَ لٿي عورت کي پيٽ ٿيو تھ ڌيءَ ڄمندي، ۽ ڪتيءَ اڀرندي پيٽ ٿيو تھ پٽ ڄمندو.

*                   پيٽ واري زال اونداھين ۾ ويامندي تھ ڌيءَ ڄڻيندي، جي چانڊوڪين ۾ ويامندي تھ پٽ ڄڻيندي.

*                   ٻڌي مھينن تي پيٽ واري زال رلھڪو نھ سبي، جي سبيائين تھ ڌيءَ ڄڻيندي ۽ کيس بھ نقصان رسندو.

*                   پيٽ واري عورت جي گھر ۾ جيڪڏھن ڪنھن ڌاريل جانور نر ڄڻيو تھ عورت ڌيءَ ڄڻيندي،مگر جي جانور کي مادي ڄائي تھ عورت پٽ ڄڻيندي.

*                   جنھن عورت کي ننڊ گھڻي ھوندي، اھا ڌيءَ ڄڻيندي.

*                   جنھن عورت کي ڌيءَ ڄمڻ جون نشانيون ھجن، اھا ڪڪڙ کائي تھ پٽ ڄڻيندي.

*                   جيڪا عورت پنھنجي گھر ۾ رڳو ڌيئر ڄڻيندي ھجي، ان جو ويم وقت گھر مٽ ڪجي، يعني ٻئي گھر ۾ ويم ڪرائجي تھ پٽ ٿئي.

*                   جيڪا عورت صبح جي پھر ۾ ويامندي اھا پٽ ڄڻيندي.اھڙيءَ طرح پھر پھر جو وارو آھي.

*                   جڏھن ڪنھن عورت کي پيٽ ٿيندو آھي، تڏھن اھا ڪنھن جوڳيءَ وٽ (جنھن کي مرلي ۽ نانگ ھوندو) نھ آڻيندا. پر جي اتفاقا اتي آئي، ۽ مرليءَ جي وڄائڻ تي نانگ ڇٻيءَ مان ڪر کڻي لھر نھ ڪئي تھ چوندا تھ انھيءَ عورت کي پيٽ ۾ ٻار ’پٽ‘ آھي.

*                   حمل واري عورت جي ٿڃ گھاٽي ھوندي تھ پٽ، جي ڇِڊي ھوندي تھ ڌيءَ سمجھي ويندي آھي[3].

پيٽ واري عورت جا سوڻ

انھيءَ لاءِ تھ پيٽ واري ٻار کي ڪوبھ ڇيھو نھ رسي، ھيٺيان سوڻ ڪندا:

*                   ٻن جيئن واري ڪنھن عورت کي ٻيڙيءَ ۾ چڙھڻو پوي تھ پنج ٽڪا ان ۾ رکي پوءِ چڙھندي.

*                   مئي جي پٿر تي نھ ويندي.

*                   جيڪڏھن سندس ويڙھي ۾ ڪو ماڻھو فوت ٿيو تھ انھيءَ جي ڪفن جون تندون گھرائي پنھنجي ساڄي ھٿ جي چيچ ۾ ٻڌندي. جڏھن جنازو کڻي نڪرندا، تڏھن اھي تندون جنازي تان اڇلائي ڏيندي.

*                   جنھن پاسي لاش جو پاڇولو ھوندو، ان پاسي ڳور ھاري عورت کي نھ ڇڏيو ويندو.

*                   جڏھن پنجون مھينو پيٽ ٿيو تھ ان کي زالون ”اڌ ڳڀ“ چونديون، ۽ ان وقت ’ڪٽي‘ ڪنھن پير تي وڃي ورھائينديون آھن[4].  

*                   پيٽ واري عورت ٻڌي مھينن ۾ نئون ڪپڙو پائيندي تھ کيس ۽ ٻار کي نقصان پھچندو.

*                   ويم وقت جي ڌيءَ ڄمي تھ ”پٽ پٽ“ ڪجي، جي پٽ ڄمي تھ ڌيءَ ڌيءَ ڪجي[5].

ٻار نھ بچڻ جا سوڻ

جيڪڏھن ڪنھن عورت کي ٻار نھ بچندو تھ ان حالت ۾ ھيٺيان سوڻ ڪنديون آھن:

*                   پيٽ واري عورت کي پنجون مھينو پيٽ ھوندو تھ سندس ڀاءُ ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوھھ مان ڪڙي ٺھرائي ايندو، جا عورت پنھنجي ساڄي پير ۾ پائيندي. ان ڪڙيءَ ۾ لوھھ جا پنج ڇلا ھوندا، جن مان ٻھ ھڪڙي طرف ۽ ٽي وچ ۾ ٿيندا آھن. اھا ڪڙي انھيءَ حالت ۾ ٺھندي جو لوھار بھ نيرانو ھجي، عورت جو ڀاءُ بھ نيرانو ھجي ۽ عورت بھ نيراني ھجي. عورت ڪڙي پائي يڪدم اچي ماني کائيندي.

*                   ٻار نھ بچندو ھجي تھ ان عورت جا ويجھا عزيز پڄنديءَ سارو سون، چاندي يا لوھھ جون ٻھ منگليون، ٻھ پيرن جون ڪڙيون ۽ ڪن جو ھڪ والو ٺھرائي ننڍڙي ٻار کي پھرائيندا تھ جيئن اھو ٻار وٽن رھي وڏو ٿئي.

*                   عورت جي ساڄي ڪن ۾ ھڪ ’جيئندڙو‘ پائين.

*                   ويم واريءَ جي ’اور‘ پرائيءَ ديھھ ۾ پورين، اھي سوڻ جتوئي ۽ چانڊيا قومن ۾ عام آھن[6].

ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوھھ مان ڪڙي ٺھرائڻ جا سوڻ ھن طرح آھن: عورت جو ڀاءُ ڪڙي ٺھرائڻ لاءِ لوھار وٽ ويندو آھي تھ کيس سھائي ڇنڇر يا سھائي سومر تي اچڻ لاءِ چوندو. پوءِ عورت جو ڀاءُ مقرر ڏينھن تي سوا روپيو ۽ ڪٽيءَ جو وٽو ڀريل کڻي فجر مھل دڪان تي ايندو، جتي لوھار اڳ ۾ ئي دڪان ٻھاري سھاري ڏيئي پاڪ صاف ٿيو ويٺو ھوندو. جيستائين ھو ڪڙي ويٺو گھڙيندو تيسين وڏاڻي ۽ مائيءَ جي ڀاءُ کان سواءِ ڪنھن کي اچڻ نھ ڏيندو. لوھار وڏاڻي بھ وضو ڪري پوءِ ڪم تي ويھندا. جيسين ڪڙي گھڙجي راس ٿئي، تيسين مائيءَ جو ڀاءُ ھڪ پير تي بيٺو ھوندو ۽ صلوات سڳوري يا الله جو نالو وٺندو رھندو. جڏھن لوھار ڪڙي ٺاھي تيار ڪندو تھ مائيءَ جي ڀاءُ کي مبارڪ ڏيندو، ۽ پوءِ ھو ٻيو پير پٽ تي کوڙيندو ۽ ڪٽيءَ جو ڀريل وٽو ۽ سوا روپيو لوھار کي ڏيندو. لوھار وري ڪٽيءَ جي وٽي مان مٺ ڀري کيس کارائيندو ۽ پڻ اڳواٽ ئي آڻي رکيل کير بھ پياريندس. پوءِ ڪڙيءَ ڏيئي ھدايت ڪندس تھ ڪپڙي ۾ ويڙھي کڻي وڃ تھ جيئن ان کي لاڻ نھ لڳي.  

پوءِ مائيءَ جو ڀاءُ اھا ڪڙي ڪپڙي ۾ ويڙھي ڀيڻ جي ساڄي پير جي مريي ۾ پائيندو. گھر وارا سڀ مائيءَ کي مبارڪون ڏيندا ۽ دعا ڪندا تھ خدا شال کيس ڪو جيئڻ جاڳڻ جو پٽڙو ڏئي! مائيءَ کي اھا ڪڙي تيسين پير ۾ پئي ھوندي آھي، جيسين ٻار ٽن سالن جو ٿئي يا ڪڙي از خود ڪمزور ٿي ڀڄي ڀري پوي. ڀڳل ڪڙيءَ جا ٽڪر ڪپڙي ۾ ويڙھي ٻڌي رکندا. جيڪڏھن ٻئي ڪنھن ضرورتمند کي ڪنھن وقت ضرورت پئي تھ ان کي ڏيندا، جيڪو وري ڀڳل ٽڪرن مان نئين ڪڙي ٺھرائي ڪم آڻيندو[7].

ڪھائي نھ ٿيڻ جا سوڻ

پيٽ واري عورت کي ”دوپستي“ بھ چون. جنھن عورت کي پيٽ نھ ٿيندو، تنھن کي چون ”سنڍ“. انھيءَ سنڍ عورت ۾ اولاد جي اميد رکڻ آھي ’اڪن کان انب گھرڻ‘. ڪن عورتن سان وري اھا روبڪاري ٿي ويندي آھي، جو پيٽ بھ ٿئي مگر پنجين يا ڇھين مھيني ڪھاءُ اچي وڃي. اھا قدرت جي وس جي ڳالھھ آھي، مگر زالن ۾ ان جا وري ڪي ڪارج آھن. چونديون تھ ”فلاڻيءَ شيءِ تي روح سٽ کاڌي ھيس، وسڪڻيءَ آھي، تڏھن ٿي ٻار ڪيرائي.“ انھيءَ عورت جي ڪھاءُ کي روڪڻ لاءِ ھيٺان ساٺ سڳڻ ڪيا ويندا آھن:

*                   خچر جي ڳچيءَ ۽ پڇ جا وار ڪپي، ان مان سڳو ٺاھي ٻڌن.

*                   ٽامي وارا پئسا، گھٽ ۾ گھٽ نو، وڌ ۾ وڌ يارھن، سڳي، تائٿ، يا ڪنھن ڳوٿريءَ ۾ وجھي، تعويذ وانگر چيلھھ ۾ ٻڌن.

*                   گھوڙيءَ جي اڳيان ٻھ ٽويا کن ان رکنديون آھن. پوءِ جڏھن اڌ کائي ويندي، تڏھن ان کان ان پري ڪري رکنديون، ۽ وري پاڻي ڀري اچي گھوڙيءَ جي اڳيان رکنديون، جڏھن گھوڙي پاڻي پي بچائيندي، تڏھن اھو ان کڻي، گھوڙيءَ جي اوبر واري پاڻيءَ ۾ پسائي ۽ گڏائي سڪڻ رکنديون، جڏھن ان صفا سڪي ويندو، تڏھن اھوانھيءَ زال کي پيھڻو پوندو. پوءِ ڏھھ ئي مھينا اھو اٽو پيو ھلندو. ٿورو ذرو اوبر واري اٽي مان، ٻئي اٽي ۾ گڏائي ماني پچائي کائيندي تھ ڪھائي ڪانھ ٿينديس.

*                   مڙس ۽ زال چئن مھينن کان پوءِ پاڻ ۾ نھ گڏجن.

*                   صابڻ سان نھ وھنجي ۽ نھ لٽا ڌوئي.

*                   مکڻ کي ھٿ نھ لائي ۽ نھ کائي.

*                   ڪنھن بھ عورت يا جانور جو ويم ٿيندو ھجي تھ اصل نھ ڏسي.

*                   پنجين مھيني کان پوءِ ڪوبھ ڪم ڪار نھ ڪري.

*                   گھڻو نھ گھمي.

*                   ريشمي لٽا نھ ڪري.

*                   لوھھ جي ڪڙي ٺھرائي پائي.

ٻار جي صحيح صلامت ڄمڻ لاءِ سوڻ

پيٽ واري عرصي ۾، زالن کي اڊيڙا بھ ٿيندا آھن. پوءِ ڪن کي چار ڏينھن، تھ ڪن کي اٺ ڏينھن. باقي ڪن سان تھ نسورو ويل ٿي ويندو آھي، جو اٺ يا نو مھينا ٿا ھلن. اھڙيءَ عورت کي گھٽ تڪليف ٿئي ۽ ٻار بھ سلامت ڄمي، ۽ ان لاءِ زالون ھي سوڻ ڪنديون آھن:

*                   پيٽ واري عورت لاءِ ڪوبھ نئون لٽو، ٽئين، پنجين، ستين يا نائين مھيني پائڻ چڱو آھي. ڇو تھ ائين ڪرڻ سان پٽ ڄمڻ جي سورنھن آنا پڪ آھي.

*                   سج لٿي کان پوءِ نلڪي توڙي کوھھ تان پاڻي نھ ڀري.

*                   ڪابھ مسافري (اٺ يا گھوڙي وغيرھ جي) نھ ڪري.

*                   سدائين سنئون سمھڻ گھرجي.

*                   غم ۽ ڪاوڙ ڪرڻ نھ گھرجي.

*                   بيماري ٿئي تھ جلاب نھ وٺجي.

*                   مئل ماڻھوءَ جو پاڇولو نھ پوي، نھ تھ ٻار کي ڪنگي[8] ٿي پوندي.

*                   مينديءَ کي ھٿ نھ لائي، نھ تھ ٻار گونگو ٿي پوندو.

*                   ماکي نھ کارائجي، نھ تھ ٻار کي گگ ٿي پوندي.

*                   ڏونگھي نھ کائجي، جو ٻار کي ججھري ٿي پوندي.

سھنجي ويم جا حيلا

سھنجي ويم ٿيڻ لاءِ پيٽ وارين عورتن لاءِ ھيٺيون ڳالھيون نھايت ضروري ليکيون وينديون آھن:[9]

*                   اٺين مھيني کان وٺي روزانو نيراني ٻھ نباتون کائڻ.

*                   نائين مھيني کان وٺي گيھھ کائڻ.

*                   گھٽ ۾ گھٽ ٻھ چوٿڙا ان روزانو سويري پيھڻ.

گرھڻ جي اثر کي روڪڻ

چنڊ گرھڻ يا سج گرھڻ وقت پيٽ واري عورت کي ڪوبھ ڪم ڪرڻ نھ ڏيندا، پر کيس چوندا تھ: سنيئن سڌي ٿي سمھي پوي. ڀائيندا تھ جي ھوءَ ڪم ڪار ڪندي تھ پيٽ واري ٻار کي نقصان رسندو. مثلا جي گرھڻ وقت اھا عورت ڪا ڪاٺي ڀڃيندي تھ پيٽ وارو ٻار ڀڳل ڄنگھھ يا ٻانھن سان ڄمندو. جي ھوءَ نوڙي ڪا شيءِ کڻندي تھ ٻار ڪٻو ٿي پوندو. جي سمھڻ مھل پيٽ تي ٻانھن رکندي تھ ٻار پيٽ سان لڳي پوندو، يا جي ڄنگھھ ڄنگھھ تي رکندي تھ ٻار ٻيڻين ڄنگھن سان ٿي ڄمندو. مطلب تھ اھا عورت انھن ڳالھين جو خيال نھ ڪندي تھ پوءِ پيٽ وارو ٻار اونڌو، منڊو، ڪاڻو يا ٻين عيبن وارو ڄمندو[10].

ڪنھن ٻار کي ڄمڻ وقت ڪو نشان ھوندو يا ڪو عضوو کريل ھوندس، مثلا ڪاڻو يا چيچون ڳنڍيل ڄائو تھ چوندا تھ چنڊ گرھڻ جو حساب آھي. انھيءَ ڪري جڏھن چنڊ يا سج وٺجي، تڏھن ’ڳورھاري زال‘ ۽ ان جو مڙس آرام سان سمھي پون يا ويھي رھن. ڪوبھ ڪم نھ ڪن، جيتر چنڊ يا سج آزاد ٿين. جي اکيون ٻوٽيندا تھ ٻار انڌو يا ڪاڻو ڄمندو. جي عورت ليپو ڏيندي يا سبڻ جو ڪم ڪندي تھ ٻار گونگو يا ٻوڙو ڄمندو[11].

پھريون ويم يا پھريون سوانجو

ڪنوار جو پھريون ويم ھميشھ پيڪا ڪرائيندا آھن ۽ ان جي کاڌي خوراڪ جو خرچ بھ پيڪا ڏين، باقي خرچ ساھرا ڪن[12].

ٿري ھندن ۽ ھريجنن ۾ ڪنوار کي پھرئين پيٽ تي مائٽ وٺي ويندا آھن. جڏھن ستون مھينو ھلندو آھي، تڏھن ڪنوار جو ڀاءُ ساھرن کان موڪل وٺي کيس وٺي ويندو آھي. اٺين مھيني ۾ ڪونھ ڪوٺين، ڇو تھ اٺون مھينو نڀاڳو سمجھن ۽ چون تھ: ”اٺو، مٺو“. پوءِ وري نائين مھيني ۾ وٺي ويندا آھن. جيڪڏھن گھڻو وقت ٽڪائڻو ھوندو اٿن تھ پنجين مھيني بھ وٺي ويندا آھن[13].

عام طرح ٻار نائين يا ڏھين مھيني ڄمندو آھي، پر بعضي ستين ۽ اٺين مھيني بھ ويمي ٿئي. ستين مھيني ۾ ڄاول ٻار کي ”ستڙيو“ ۽ اٺين مھيني ۾ ڄاول کي ”اٺڙيو“ چون.

حمل واري عورت کي جڏھن نائون مھينو ٿيندو آھي، تڏھن ٻيون عورتون چونديون تھ: ”نائون بھ پنھنجو اٿس ۽ ڏھون بھ پنھنجو“ (يعني ”ھٿ پير لھڻ“ جا ڏينھن ھاڻي ڀريا بيٺا اٿس، وڻيس تھ نائين مھيني ۾ ھٿ پير لھي، وڻيس تھ ڏھين مھيني ۾)” ٻار ڄڻڻ کي ”ھٿ پير لھڻ“ بھ چيو ويندو آھي.

ھٿ پير لھندڙن لاءِ کائڻ جون شيون ۽ ھٿ پير لھڻ کان پوءِ استعمال جون شيون (جنھن کي ”سورن جو وکر يا سؤدو“ بھ چون) اڳواٽ وٺي رکيون وينديون آھن ۽ دائي کي پڻ چتاءُ ڏئي ڇڏبو آھي، ڇو تھ چوڻي آھي تھ: ”اک اٿندي ۽ ضاعفان جي ھٿ پير لھندي ڪا دير نھ لڳندي آھي.“

حمل واري عورت کي ھڪ ”ڪوڙا سور“ ۽ ٻيا ”سچا سور” ٿين. ”سچا سور“ ھٿ پير لھڻ وارن سورن کي سڏين[14].

ڏکيو ويم ۽ ان جا سوڻ

ڏکيو ويم عورت لاءِ سڪرات برابر سمجھيو ويندو آھي. بعضي ڏکيي ويم سبب عورتون مري بھ وينديون آھن. تنھنڪري عورتون ڏکيي ويم کان بچڻ لاءِ ڪي ساٺ سون ۽ حيلا ڪنديون آھن، جيڪي ھن طرح ڪن:

*                   عورت کي ھٿ پير لھڻ وقت تڪليف وڌيڪ ٿيندي تھ ڪا ساھھ ڀري شيءِ، يعني ٻڪري، گابو وغيره ڪھي خيرات ڪن، ۽ دائي ان جانور جي سير وارو رت پھرين گھر جي دروازي تي، پوءِ ھٿ پير لھندڙ عورت جي نراڙ تي لڳائي چوندي: ڪل پيرن جو خير! اسين طالبو خير جا. جيئن پٽڙا ڏنا تو، تيئن خير ڪر پٽ سندي ماءُ جو!

*                   جنھن گھر ۾ ويم ٿيندو آھي، دائي ان گھر جي چوڌاري ڪنڊن ۾ ڪارا مرچ ڇٽيندي ۽ در جي اڳيان پڻ کڏ کوٽي، ان ۾ پاڻي وجھي، ٿورا ڪارا مرچ ڇٽيندي[15].

*                   گھر جا سڀ ڪلف کولي دروازي جو ڪڙو لاھي ڇڏينديون.

*                   نڻان پنھنجي ڪن جو زيور ٻيءَ ڪنھن عورت سان مٽائيندي.

*                   ھٿ پير لھندڙ عورت جي ھٿ ۾ ڪو ڇلو يا منڊي وغيره ھوندو تھ اھو لاھي ڇڏين.

*                   ٻيءَ ڪنھن پيٽ واري عورت کي، ھٿ پير لھندڙ عورت جي خبر نھ ٻڌائينديون.

*                   تڪليف گھڻي وڌي ويندي تھ پوءِ ھٿ پير لھندڙ عورت کي ٻئي ڪنھن گھر ۾ وٺي وينديون.

*                   ھٿ پير لھندڙ عورت تان ٻھ ساوا پن، ھڪ سبتو ۽ ٻيو ابتو گھورينديون[16].

*                   تڪليف جي حالت ۾ ھٿ پير لھندڙ عورت کي ”مريم گل“ بھ سونگھائين؛ ۽ ڪي عورتون وري سورت ’مريم‘ جو دؤر ڪن[17].

ويم جا سوڻ

*                   ھٿ پير لھڻ وقت، دائي سچي سڳوريءَ جو روٽ ۽ بادشاھھ پير جي مٺائي باسي، پوتيءَ کي ڳنڍ ڏيئي پوءِ ويم ڪرائيندي. سچي سڳوريءَ جو روٽ پچائڻ لاءِ پھرين ڪنواريون ڇوڪريون جنڊ صاف ڪري اٽو پيھنديون. انھن ڇوڪرين ڏي ڪوبھ مرد ماڻھو ڪونھ ويندو. بلڪ سچي سڳوريءَ جي مانيءَ تي ڪنھن بھ مرد جي نظر پوڻ نھ ڏينديون. ماني پچائي، گيھھ ۽ کنڊ وجھي ڪٽي ٺاھينديون. پوءِ وضو ڪري گھر جي ڪنڊ ۾ حلقو ٻڌي، گوڏو گوڏي سان ملائي ويھي سچي سڳوريءَ جي ڪٽي کائي ختمو ڏينديون.

*                   زالون چونديون آھن تھ: جنھن گھر ۾ سچيون ڪوڏيون، وڏا ڪوڏ، سنک ۽ نفيل پيل ھوندا، ان گھر ۾ عورت کي ھٿ پير لھڻ ۾ تڪليف ٿيندي، تنھنڪري مٿيون شيون جيڪڏھن گھر ۾ ھونديون تھ اھي کڏ کڻي پوري ڇڏينديون، ۽ ھٿ پير لھڻ کان ايڪيتاليھھ (٤١) ڏينھن پوءِ انھن کي ڪڍي، کير ۾ ڌوئي رکنديون.

*                   جنھن گھر ۾ عورت ھٿ پير لھندي آھي، ان جون ٻيون عورتون تيستائين نھ وھنجنديون، جيستائين ھٿ پير لھندڙ عورت جو چِلو پورو نھ ٿئي.

*                   ھٿ پير لھڻ وقت ٻي ڪنھن پيٽ واري عورت کي ان گھر ۾ اچڻ نھ ڏينديون، ڇاڪاڻ تھ جي اھا عورت گھر ۾ آئي تھ پوءِ ھٿ پير لھندڙ عورت کي پيٽ ۾ پٽ ھوندو تھ ڌيءَ ڄڻيندي ۽ ايندڙ عورت کي ڌيءَ ھوندي تھ اھا پٽ ڄڻيندي.

*                   ھٿ پير لھندڙ عورت سورن ۾ ھوندي تھ ان ڳوٺ مان ڪوبھ ماڻھو مسافري تي نھ ويندو.

*                   ھٿ پير لھڻ وقت گھر ۾ پاڻي جا ٿانو سڀ خالي ڪري ڇڏينديون.

*                   ھٿ پير لھڻ جي خبر ماءُ، ڀيڻ ۽ دائيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي ڪونھ ٻڌائين، تھ متان پکڙجڻ جي ڪري ھٿ پير لھڻ ۾ تڪليف ٿئي.

*                   گھر ۾ ڪنھن بھ مرد ماڻھو کي نھ ڇڏينديون.

*                   گھر جي دروازي تي نم جا ساوا پن ۽ بصر جون ڳنڍيون ٻڌي، موڙي ڪري ٽنگي ڇڏينديون تھ جيئن عورت ۽ سندس ٻار کي ’لاڻ‘ نھ لڳي. گھر ۾ ھريالي ۽ ڌوپ جو واس بھ ڪنديون.

ٻار ڄمڻ

ھٿ پير لھڻ وقت پھرين ٻار جو مٿو ۽ پوءِ پير نڪرندا آھن، پر ڪي ٻار پھرين پير ظاھر ڪن، اھڙي ٻار کي ”پيرڙيو“ چون.

*                   ٻار ’امھڙو‘ ٿي وڃي تھ دائي، عورت کي اونڌو ڪري ٽنگيندي ۽ کيس ڇاڇول ڏيندي، جنھنڪري امھڙو ٻار ’سمھڙو‘ ٿي پوندو ۽ ويم پڻ سولو ٿيندو.

*                   ھٿ پير لھڻ وقت دائيءَ کان سواءِ ٻيون ويجھيون مائٽياڻيون بھ ميڙ ڪري اچي بيھنديون ۽ ٻار ظاھر ٿيڻ وقت ’ڪڙو ٻڌڻ‘ جو سوڻ ڪنديون ۽ ڪي زالون وري دعائون پڙھنديون.

*                   ٻار ڄمڻ تي دائي يڪدم دانھن ڪندي تھ ’ڌيءَ ڙي ڌيءَ‘. اھو ان ڪري تھ متان پٽ جو ٻڌي ھٿ پير لھندڙ عورت خوشي محسوس ڪري ۽ ’اور‘ مٿي چڙھي وڃي ۽ زال بيمار ٿي پوي[18]. پوءِ دائي ڄاول ٻار کي ڪپڙي ۾ ويڙھي عزيزن کي مبارڪون ڏيندي، ۽ پيءَ يا ڏاڏي کي تڏھن ڏيکاريندي جڏھن کانئن ’موکا‘ وٺندي.

*                   جيڪڏھن ٻار سڪيلڌو ھوندو (يعني ٻار سڪي پِني ٿيو ھوندو يا اولاد نھ بچندو ھوندو) تھ دائي لڪ ڪندي ۽ ان سان گڏ گھر واريون عورتون بھ لڪ ڪنديون، يعني پٽ ھوندو تھ ڌيءَ ڪري مشھور ڪنديون تھ جيئن پڇا ڪرڻ وارن جي ٻار تي ھوس نھ ٿئي، پر جيڪڏھن ٻار سڪيلڌو نھ ھوندو تھ دائي ’مبارڪ‘ چوندي ۽ پوءِ سڀئي ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا. سڪيلڌي ٻار کي ’سوختو‘ بھ چون[19].

*                   ڪن ھنڌن تي ڄمڻ کان پوءِ ٻار کي کڻي ھڪ پاٽ ۾ وجھنديون ۽ پٽ جي حالت ۾ چونديون: ”پاٽڙو ڄائو، پاٽڙو ڄائو”، پر ڌيءَ جي حالت ۾ چونديون: ”ڪانھ ويائي – ڌوڙ وجھي ڇڏيوس“[20].

پٽ ڄمڻ جي خبر ملڻ شرط دھلاري اچي ويندا ۽ ٽنگس شروع ٿي ويندا. پر ڌيءَ ڄمڻ تي ايتري خوشي ڪونھ ڪن.

ٻار ڄمڻ کان پوءِ جا سوڻ

*                   ٻار جي ڄمڻ وقت ڇلو يا منڊي کڻي ٻار جي وات تي رکنديون تھ وات ننڍو ٿئيس. بعضي پٽ جي حالت ۾ ڇلي سان ۽ ڌيءَ جي حالت منڊيءَ سان وات ڪڇينديون. انھيءَ لاءِ تھ جيڪڏھن ٻار جي روئڻ کان اڳ ڇلي يا منڊيءَ سان وات ڪڇبو تھ ان ٻار جو وات وڏو نھ ٿيندو.

*                   پرڻ کڻي ان مان اڳ ڄاول ٻار کي، نئون ڄاول ٻار ڏيکارين ۽ چون تھ ائين ڪرڻ سان ھڪٻئي سان ساڙ ۽ حسد نھ ڪندا.

*                   ٻار ڄمڻ کان پوءِ خاص ڪري پٽ لاءِ، دائي چوندي تھ: ھيءُ ٻار آءٌ وڪڻان ٿي ڪو وٺندو؟ تنھن تي پڇندس تھ: ملھھ ڇا اٿس؟ دائي چوندي تھ ”لوڻ جي ڍڪڻي“. تنھن تي ٻار جو پيءُ لوڻ جي ڍڪڻي کڻي دائيءَ کي ڏيئي، اھو ٻار دائيءَ کان وٺندو. بعضي دائي مرچن جي لپ ۽ ڪڻڪ يا جوئر جي ھڪ چوٿڙي تي ٻار ڏيندي. اھو سوڻ ان لاءِ ڪن تھ جيئن ٻار چڱو ڀلو رھي[21].

*                   ٻار کي صاف ڪپڙي ۾ ويڙھي، ان جي ٻنھي ڪنن ۾ ٻانگ ڏين.

*                   ان بعد سخياڻي زال ٻار جو تارون کڻندي، جيڪو ھن طرح کڻن: آڱر تي ڳڙ يا ماکيءَ جو ذرو مکي، ٻار جي ڪاڪڙي وٽ آڱر رکي مٿي زور ڏين. تارون کڻڻ جو ڪم جيڪڏھن ڪنھن مؤذياڻي (ڪنجوس) کان ورتو ويو تھ پوءِ چون تھ ٻار مؤذي (ڪنجوس) ٿيندو.

*                   ٻار جي سيرانديءَ کان ڪاتي، ڏاٽو، ڪپ يا لوھھ جو ٽڪر رکن ۽ چون تھ ائين ڪرڻ سان ٻار کي جن، ڀوت، ديو يا پري ڊيڄاري نھ سگھندا ۽ سندن پاڇو ٻار تي نھ پوندو، جنھنڪري ٻار ننڊ ۾ ڇرڪ بھ نھ ڀريندو[22].

*                   ٻار ڄمڻ کان پوءِ ڌيءَ جي حالت ۾ ’اور‘ گھر ۾ پورين تھ جيئن ڌيءَ ھميشھ انھيءَ گھر ۾ رھي، ۽ پٽ جي حالت ۾ ’اور‘ ٻاھر ڪنھن ھنڌ پورين تھ جيئن پٽ ڀلي وڏو ٿي ٻاھر گھمي ڦري.

*                   جيڪڏھن ماءُ کي اڳ ۾ ٻار نھ بچندو ھوندو تھ اھڙي حالت ۾ ھڪ چورس پني تي سورت ’ياسين‘ لکي، پني کي وچ ۾ سوراخ ڪري، ٻار کي ان خال مان لنگھائين ۽ پوءِ اھو پنو مڙھائي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن، ۽ ’اور‘ ڪچي لوٽي ۾ وجھي ٻاھر ٻيءَ ديھھ ۾ پوري اچن[23].

*                   ڪن ھنڌن تي ٻار ڄمڻ کان پوءِ گڏھھ جي لڏ گھرائي، پاڻيءَ ۾ ملائي، ان پاڻي سان ٻار کي وھنجارين.

*                   سون پاڻيءَ ۾ ڌوئيءَ، اھو پاڻي ٻار تي ھارين ۽ ان کان پوءِ سٺي پاڻي سان وھنجاري، ٻار جي ڪن ۾ ٻانگ ڏيارين، ٻانگ ڏيڻ جو اجورو بھ مصري جي صورت ۾ ڏنو ويندو آھي[24].

ناڙو ڪپڻ

ٻار ڄمڻ سان ئي دائي، پاڪي کڻي ٻار جي ناڙي کي ڏھي، سڳو ٻڌي، پوءِ ڪپيندي آھي. ناڙي جي ڦٽ جي ڪڙي لھندي تھ دائي اھا کڻي پاڻي ۾ اڇلائي ايندي، ۽ ان جو بھ لاڳ وٺندي. پٽ ھوندو تھ پنج رپيا ۽ ڌيءَ ھوندي تھ ٻھ روپيا وٺندي.


 

[1]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[2]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[3]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[4]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[5]   ۽

[6]   غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[7]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[8]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[9]   راڄپرن ۽ پلھن جا رواج، رحمت الله فقير ونڊير، تعلقو خيرپور.

[10]   ڳوٺ علي محمد ڦرڙو ۾ محمد يعقوب ڦرڙو شرڪ کان ڀڄندڙ ھو، تنھن کي چيو ويو تھ اڄ سج گرھڻ آھي. تنھنجي گھر ۾ اميدواري آھي، تنھنڪري ڪوبھ ڪم نھ ڪر، نھ تھ ٻار کي نقصان پھچندو. تنھن کي محمد يعقوب شرڪ سمجھي، ڪھاڙي کڻي وڻ کي ڇانگڻ لڳو. قدرت خدا جي، جڏھن سندس گھر واريءَ کي ٻار ڄائو تھ مٿو سڄو وڍيل ھوس ۽ ٻارڙو ٿورو وقت جيئرو ھو.

[11]   وري ھڪ مائيءَ سج گرھڻ وقت گنديءَ جو ليڙو لتو ھو. جڏھن ٻار ڄايس تڏھن ٻار کي پائخاني جي نيڪال لاءِ جاءِ ڪانھ ھئي. (محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو).

[12]  غلام رسول جتوئي، تعلقو وارھھ.

[13]   رائچند ھريجن، تعلقو مٺي.

[14]   رحمت الله وندير، تعلقو خيرپور.

[15]   الھڏتو بلوچ، تعلقو شھدادپور.

[16]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[17]   محمد طالب لوھار تعلقو ٽنڊو باگو.

[18]   محمد طالب لوھار، تعلقو ٽنڊو باگو.

[19]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[20]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[21]   محبت پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

[22]   رحمت الله ونڊير، تعلقو خيرپور.

[23]   ڪلھوڙا قوم جا رواج: غلام رسول جتوئي تعلقو وارھھ کان مليل.

[24]   محمد پناھھ ڦرڙو، تعلقو ڪنڊيارو.

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org