پاکر:
پاکر، گھوٽ کي مرشد کان ملي، ان ۾ قميص ۽
سلوار ھجي يا فقط چادر ھجي. عام طور پاکر پٽ
ڄمڻ، طھر ۽ شادي کان پوءِ مريدن کي مرشد
ڏيندو. مرشد کي ان جي عيوض گھٽ ۾ گھٽ ڏھھ رپيا
نذرانو ڏين، باقي شاھوڪار يا سرنديءَ وارا تھ
ٻڪري، ڍڳي يا مينھن بھ ڏين.
ڍوئڻو:
شاديءَ کان پوءِ راڄ جا ميربحر ھڪ ٻھ پلو يا
مڇي کڻي اچي گھوٽ جي اڳيان تحفي طور رکن، جنھن
کي ”ڍوئڻو“ چون. ڍوئڻي جو ملھھ ڪونھ ڏين، پر
ان جي عيوض گھوٽ انھن کي پنج ڏھھ رپيا روڪڙا
ڏئي يا بعضي ٻڪري، ڳئون يا مينھن وغيره بھ
ڏئي. مھاڻا يا مھاڻيون ڍوئڻي ڏيڻ وقت سھرا بھ
ڳائين.
ستاواڙو:
سنڌ جي مختلف ھنڌن تي ھن رسم کي ”ستاڙو“،
”ستاوڙو“، ”ستاويڙو“ ۽ ”ستواڙو“ بھ چون.
شاديءَ جي ستين ڏينھن گھوٽ ڪنوار گڏجي
ڪنواريتن ۾ اچن، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ڏينھن ۽ ھڪ
رات يا ٻھ راتيون ڪنواريتن ۾ رھي، موٽي اچن.
ڪنوار شاديءَ رات کان پوءِ گھوٽيتن ۾ وڃي تھ
ساڻس گڏ گھڻو ڪري سندس وڏي ڀيڻ بھ گڏ ھوندي،
جيڪا ستاواڙي تائين اتي رھي. جيڪڏھن ڪنوار کي
ڀيڻ نھ ھجي تھ پوءِ سندس ماءُ، يا ٻي ڪا ويجھي
مائٽياڻي ساڻس گڏ ھلي، ۽ ستاوڙي تائين گھوٽيتن
۾ رھي.
ڪن ھنڌن ستاوڙو، شاديءَ جي چوٿين پنجين ڏينھن،
يا اڃا بھ گھٽ ڏينھن تي ڪن؛ عموما ستاوڙو ستين
ڏينھن ڪن.
سڄيءَ سنڌ ۾ جدا جدا ھنڌن تي ستاوڙي جون جدا
جدا رسمون ڪن، جيڪي ھن بعد شامل ڪيون ويون
آھن:
حيدرآباد شھر ۽ ان جي آسپاس، ھن رسم جي موقعي
تي ڪنواريتا، ڪنوار جون ويجھيون عزيزياڻيون ۽
سھيليون سڏائين ۽ سائو ميوو يا سائي ڀاڄي
ڪنوار جي جھوليءَ ۾ وجھن ۽ ڳيچ ڳائين. ان بعد
گھوٽ ۽ ڪنوار جي مھماني ڪن.
ٽنڊي الھيار طرف جي ميمڻن ۾ شاديءَ جي ٻئي يا
ٽئي ڏينھن ڪنوار پنھنجن مائٽن جي گھر ستاوڙي
تي وڃي ۽ ست ڏينھن اتي رھي.
تعلقي بدين ۾ شاديءَ جي پنجين ڏينھن ڪنوار،
پنھنجي مائٽاڻي گھر وڃي، پر ڪن ھنڌن ستاوڙو
ستين ڏينھن بھ ڪن. مائٽاڻي گھر وڃڻ واري ڏينھن
صبح جو سوير، ڪنوار پنھنجين سھيلين سان ھڪ دلو
۽ ڏونگھيون کڻي ڳوٺ جي کوھھ تي پھچي ۽ اتي
سھيلين سان گڏجي اھي ڏونگھيون کائي. ان بعد
موٽي اچي مائٽاڻي گھر وڃڻ جي تياري ڪري. اتي
پھچڻ بعد بھ ڪنوار ماني پنھنجي گھوٽ سان گڏ
کائي ۽ ھڪ رات مائٽن ۾ ٽڪي، ٻئي ڏينھن ساھرن ۾
موٽي اچي.
ڪنوار شادي کان پوءِ ستين ڏينھن پنھنجي اباڻي
گھر وڃي؛ انھيءَ مواقعي تي ستاوڙي جا لاڏا پڻ
ڳائين.
خيرپور جي سماٽن ۾ شاديءَ کان پوءِ ستين ڏينھن
گھوٽ ڪنوار، ڪنواريتي گھر وڃن. ان وقت گھوٽ جي
اجرڪ ۽ ڪنوار جي پوتيءَ کي ڳنڍ ڏيئي، ٻنھي کي
اڳيان ڪن ۽ پويان زالون ڳيچ ڳائينديون ھلنديون.
تعلقي وارھھ جي عام رسم موجب گھوٽ ۽ ڪنوار
شاديءَ کان پوءِ ستين ڏينھن، ڪنوار جي مائٽن ۾
وڃن. ڪنوار پاڻ سان مٺائي يا ڦلا وغيره کڻي
وڃي، جيڪا ڪنوار ماءُ ورھائي. جن کي اھا مٺائي
ملي، تن گھرن جون ضائفائون پاٽي پاٽي ان جي
آڻي ڪنوار کي ڏينديون. ٽئين ڏينھن گھوٽ ۽
ڪنوار واپس ٿيندا.
ماءُ پيءُ ڪنوا کي ستاوڙي جو جوڙو ۽ مٺائي
ڏين. ڪنوار اھا مٺائي آڻي ساھرن ۾ ورھائي، ۽
ضائفائون، جن کي مٺائي ملي، سي ڪنوار کي موڙو
ڏينديون.
راشدين ۾ پڻ ستاوڙي تي گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن
طرفان پتاشا ۽ ڦلا ورھائين؛ ان جي عيوض راڄ
کين ان ڏين.
ڪوھستان ۾ شاديءَ کان ٽن يا ستن ڏينھن بعد
گھوٽ، پنھنجو پکو ۽ ڪنوار وٺي پنھنجي پاڙي ۾
آڻي ۽ مٺي ماني تيار ڪرائي، دوستن کي سڏي
کارائي.
ٿرپارڪر جي مينگھواڙن ۾ شاديءَ جي پندرھن ويھن
ڏينھن بعد، ۽ بعضي مھيني کن بعد، گھوٽ ڪنوار
کي وٺي پاڻھي ساھرن ۾ ويندو. پاڻ سان گڏ
پنھنجو ننڍو ڀاءُ يا ڀائيٽيو، جنھن کي ”اڻندو“
چون، ان کي بھ ضرور وٺي ايندو. پر جيڪڏھن گھوٽ
پاڻھي ڪنواريتن ۾ نھ آيو تھ ڪنوار جو ڀاءُ کي
وٺڻ لاءِ ايندو، پوءِ سڀئي گڏجي ايندا. پر جي
گھوٽ پاڻ نھ اچي ۽ فقط ڪنوار کي موڪل ڏئي تھ
پوءِ فقط ڪنوار ئي ڀاءُ سان گڏجي وڃي. گھوٽ
پوءِ ڪڏھن بھ وڃي.
گھوٽ ساھرن ۾ وڃڻ جي تياري ڪندو تھ ماڻس ٻھ
اڍائي سير مگت تيار ڪري ساھرن لاءِ ڏيندس. پاڻ
سان گڏ ويھھ پنجويھھ ناريل، پنج ڇھھ سير جوئر
يا مڪائي جا ڦلا، ست اٺ سير کن کارڪون ۽ چار
پنج سير کن ڀڳڙا بھ کڻي ويندو.
مسافري اھڙي وقت شروع ڪندا، جيئن ساھرن ۾ سج
لٿي کان پوءِ پھچن. جيڪڏھن سج بيٺي پھتا، تھ
بھ ڳوٺ جي ٻاھران ترسي، سج لاھي پوءِ ڳوٺ ۾
ايندا. ڳوٺ ۾ اول ڪاڪي، سھري يا ٻئي ڪنھن
عزازت واري جي گھر وڃي لھندا، جتي ماني بھ اھي
کارائيندا. گھوٽ ماني کائي، ان ٿانءُ ۾ ناريل
۽ ھڪ رپيو وجھي موڪليندو آھي، وري ناريل پاڻ
وٽ رکي، رپيو گھوٽ کي واپس ڪندا. پوءِ پنھنجن
ڏاڏي پيٽ وارن کي ڄاڻ ڪندا؛ انھن جون زالون
اينديون، جيڪي گھوٽ ۽ ڪنوار کي گڏ ويھاري، پلؤ
ٻڌي اٿارينديون. پوءِ اڳيان گھوٽ پٺيان ڪنوار
۽ ان سان گڏ ٻيون زالون ڳيچ ڳائينديون
ھلنديون. ڪنوار جي مائٽاڻي گھر گھوٽ ڪنوار کي
پھرين ڏينگھڻ جي اڳيان ڪپڙو وڇائي ويھاريندا.
اتي ٻاجھريءَ جي اٽي جو ھڪ چؤنڪ (جنھن ۾ نو
خانا ھوندا) ۾ مصري، ڳڙ، ٻھ کارڪون، ٻھ
سوپاريون، ٻھ پتاشا، ھڪ رپيو، ھڪ چني (جيڪا
گھوٽ آڻي)، ھڪ ناريل ۽ ڏونگھيءَ جي کوپي جو
ٽڪر رکندا. ڏينگھڻ جي اڳيان بھ ٻھ ستا (١٤)
کارڪون رکن، ۽ ان وقت زالون ڳيچ ڳائين. گھوٽ ۽
ڪنوار کي موڙ بھ ٻڌل ھوندا. پوءِ پلاند ڇوڙي
موڙ لاھيندا، ۽ چؤنڪ مان گھوٽ جي آندل چني کڻي
ڪنوار کي اوڍائين. رپيو ۽ ناريل سس کڻي، باقي
شيون اتي بيٺل ڇوڪريون ورھائي کڻن. پوءِ ڪنوار
کي اوڍائين. رپيو ۽ ناريل سس کڻي، باقي شيون
اتي بيٺل ڇوڪريون ورھائي کڻن. پوءِ ڪنوار کي
اتان اٿاري، گھر وٺي وڃن، ۽ گھوٽ دکاڻ ۾ ھليو
وڃي. ڪنوار جي ڏينگھڻ گھر ۾ جاءِ اندر ڪن ۽
گھوٽ جو جاءِ کان ٻاھر اڱڻ يا ٿان ۾ ڪن.
”ٻھيندي“ تي ناٺي ڏھھ ٻارھن يا ويھھ ڏينھن يا
اڃا بھ وڌيڪ ڏينھن ساھرن ۾ رھي. روزانو کيس
چار وقت ماني کارائين، پر ھر ويلي تي ماني
کائڻ بعد گھوٽ، ھڪ ناريل ۽ رپيو ٿانءَ ۾ وجھي
رکي، جيڪو سالو کڻي وڃي گھر ڏئي؛ جتان سس اھو
رپيو ۽ ناريل وري واپس گھوٽ کي ڏياري موڪلي.
رات جو روزانو زالون، ڪنوار وٽ اچي ڳيچ ڳائين
۽ مرد گھوٽ وٽ رھاڻ تي اچن. گھوٽ روزانو ھڪ
ناريل ۽ رپيو زالن کي ڏياري موڪلي، جيڪي ناريل
کي ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري پاڻ ۾ ورھائي کڻن ۽ رپيو
واپس گھوٽ کي ڏياري موڪلين.
گھوٽ موٽڻ جي تياري ڪندو تھ سندس روانگيءَ کان
پنج ڇھھ ڏينھن اڳ، ڪنوار جي برادري وارا يعني
ڀائر ۽ چاچا وغيره گھوٽ ڪنوار جي ماني ڪندا.
ھرڪو صبح شام ٻھ ويلا ماني ڪري؛ اگر ڪنھن خاص
سبب ڪري گھوٽ کي جلد موٽڻو ھجي تھ پوءِ ھڪ
ويلو ماني ڪندا، نھ تھ سڀڪو ٻھ ويلا ڪندو.
پھريائين گھوٽ کي ماني ڏين، ۽ پوءِ ڪنوار کي.
گھوٽ سان گڏ سندس ڀاءُ، سالو ۽ جيڪو ماني
ڪندو، ان گھر جو ھڪ ماڻھو گڏجي ماني کائيندو.
ڪنوار سان وري سندس ڀيڻ ۽ جيڪو ماني ڪري، ان
گھر جي ھڪ زال گڏجي ماني کائيندي، گھوٽ ماني
کائي بس ڪندو تھ ھر ھڪ ويلي تي، ناريل ۽ رپيو
وجھي ٿانءَ ۾ رکندو؛ ٿانءُ گھر ويندو تھ زالون
صبح جو نيرن وارو ناريل رکي ڇڏين، جيڪو بھ
گھوٽ ڪنوار جي ماني ڪندو، انھن جي ڇوڪري ان
ڏينھن وڃي پاڙي ۾ اطلاع ڏئي، ڳيچن چوڻ لاءِ
چئي ايندي. پوءِ زالون اچي اتي گڏ ٿين ۽ ڳيچ
ڳائين. گھوٽ انھن کي بھ ناريل ۽ رپيو موڪلي،
پر زالون رپيو کيس واپس موڪلين، باقي ناريل
ڀڃي، ٽڪر ٽڪر ڪري سڀئي پاڻ ۾ ورھائي کڻن.
جڏھن اھڙيءَ طرح سڀ ماني ڪري رھندا، تڏھن
آّخري ڏينھن تي گھوٽ، سھري جي گھر رھاڻ ڪري،
پوءِ ڪنوار کي وٺي پنھنجي گھر موٽندو.
ٿر، لاڙ ۽ وچولي جي ڪنڀارن جون رسمون[10]
ھر قبيلي جون پنھنجون پنھنجون رسمون آھن.
بلوچن جون رسمون سماٽن کان قدري مختلف ٿين، پر
ڪي رسمون ٻنھي ۾ ساڳيون آھن. سماٽن ۾ جدا جدا
ھنڌن تي قدري ڦير گھير سان رسمون ساڳيون آھن.
پر ان ھوندي بھ ھرڪنھن قبيلي جي ريت نيت ۾
ٿورو گھڻو فرق ضرور آھي. سومرا، سما، انڙ،
سميجا، ڪونريجا، ڪنڀار، پنھور، پھوڙ، ابڙا،
چنا، جوڻا، جوڻيجا، آريسر، دل، درس، کھڙا،
کيڙا، ڀٽي، ڀٽا، راحما، نھڙيا، ھاليپوٽا،
ھالا، جکرا، جھيجا، جھنجھي وغيره سماٽن جا
مکيھ پاڙا آھن. انھن سڀني ۾ ”ڪنڀار“ ھڪ ھنرمند
قبيلو آھي، جنھن ۾ ڪيتريون ذاتيون شامل آھن:
اتر ۾ گھڻو ڪري چنا ڪنڀار آھن. وچولي۽ دادو
طرف چنا، پنھور ۽ سميجا ڪنڀارڪي ھنر ۾ آھن.
لاءَ ۽ ٿر ڏانھن سومرا، جوکيا، راٺوڙ، پنھور،
آريسر ۽ ٻيون ڪيتريون ذاتيون ھن برادري ۾ شامل
آھن؛ جيڪي ھاڻي پاڻ کي صرف ڪنڀار چوائين. سنڌ
جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪنڀارن جا چار ڇنا مشھور آھن:
١. مھراڻو.
ھي ڇنو عمرڪوٽ، ڇاڇري، ساماري، نبي سر، مٺي ۽
ميرپورخاص جي ھيٺئين حصي وارن تعلقن تي مشتمل
آھي.
٢. ڪاپاھي.
ماتلي جو ڳچ حصو، ٽنڊي الھيار جو ھيٺيون حصو،
ميرپور خاص ۽ جيمس آباد تعلقن جو باقي حصو.
٣. ڪنڊ.
ڊگھڙي ۽ ساماري جو ڪجھھ حصو ۽ جھڏي جو تر
وغيره ھن ۾ اچي وڃن ٿا.
٤. سنجھورو.
ھن ۾ بدين، ٽنڊوباگو، ماتلي، ٽنڊو محمدخان
وغيره اچي وڃن ٿا. اھا برادري ڪڇي ڪنڀارن،
پنجابي ڪنڀارن، نيڙن کان علاوه نج سنڌي ڪنڀارن
جي آھي. انھن چئني ڇنن جا ڪنڀار بھ سنڌي آھن،
پر مخصوص رسم رواج ۽ ٿر سان واسطيداري ڪري کين
”ڍاٽي سنڌي“ ۽ ”لاڙي سنڌي“ ڪنڀار پڻ چون. انھن
چئني ڇنن جي ڪنڀارن ۽ ٻين ڪنڀارن ۾ ڪپڙي لٽي
توڙي رسم رواج ۾ اڃا تائين فرق قائم آھي. مٿان
چارئي ڇنا ھڪٻئي کي ڪوٺ ڪن، پاڻ ۾ سڱ سڱاوتي
ڪن ۽ ٻئي ڪنھن بھ ڌارئي ڪنڀار کي سڱ ڪونھ ڏين،
پاڻان ٻين کي سياءُ ڪوٺين. انھن کان سڱ وٺندا
پر ڏيندا بنھھ ڪونھ. مٿين ڇنن جي ڪنڀارن جو
خاص ڀان آھي، جو ھر ڪنڀار جي ۽ ان جي حسب نسب
کي محفوظ رکندو اچي ۽ انھن جو سلسلو حضرت حارث
سان وڃي ملائيندو آھي. انھن ڇنن جي ڪنڀارن جون
وکون گھڻو ڪري ھي آھن: ڌڪر، ھاڪڙا، پِپر، بُج،
لوھار، ڪولھيا، آڻند، آگھٽ، انڌا، جوکيا،
مھينگ، سوه، لولا، ٽويا، ھلا، ڪنڊيا، نصر،
مھيڻ، چمڙا، ماڪوڙا، چورڙا.
سڱ سڱاوتي ڪرڻ:
ڪي بھ ٻھ ڌريون پاڻ ۾ سڱ سڱاوتي ڪنديون، تھ وچ
۾ ڪونھ ڪو برادري جو ماڻھو ٽياڪر جا فرض
سرانجام ڏيندو ۽ سڱ ڪندڙ پنھنجي ھڙ (نياڻي) ان
جي جھولي ۾ وجھندو. ڌرين ۾ پڪ ٿيڻ بعد مٺائي
ورھائڻ يا پڌري جي تاريخ مقرر ٿيندي. گھوٽيتن
جا ٻھ چار ماڻھو ڪنواريتن ۾ اچي لھندا. رات جو
اوڙي پاڙي کي سڏ ڏيندا، ۽ کينڪر کان پوءِ خبرن
ڏيڻ جو وارو ايندو. منجھانئن ھڪڙو ڄڻو وڏو ٿي
خبرون چارون ڏيندو ۽ سڄي ڳالھھ پڌري ڪندو،
جنھن کي سڀ پسند ڪري آمين چوندا، ۽ چوندا تھ:
”ادا! شڪرانو رب جو، جو ٻھ گھر پاڻ ۾ گڏيا.
ادا! پنھنجا آھن، ھڪٻئي جو ننگ آھن. ڀائرن جي
ونڊي ڀائر کائيندا. ادا! ڀلو ڪم ٿيو ٽٽل گس
جڙي پيو.“ مطلب تھ ويٺل چڱي ٻوليندا، پاڙي جو
پريو مڙس گھوٽيتن جي آندل مٺائي ڀائرن ۾
ورھائيندو. ان بعد ھڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا.
پوتي وجھڻ ۽ ڏينھن چٽا ڪرڻ:
پوتي جي رسم ۾ گھوٽيتا ڪنوار لاءِ ڪپڙن جو
وڳو، ھار، ڦڻي، سڳي، جتي ۽ ڳھن ۾ ڇير، ھسي،
چوڙيون، منڊي، کيرول ۽ ورڻو آڻيندا. جيڪڏھن ڪو
وڌيڪ ڳھھ آڻي تھ ان جي منع ناھي. ڀڳي جون چار
لوٽيون ۽ ساليءَ لاءِ گندي، جتي ۽ سڳي پڻ
ڏيندا. سڀ کان اول آيل گھوٽيتن کي ڪنواريتا
کير پياريندا ۽ پوتي واري رات کي ”کير پيارڻ
جي رات“ چون. گھوٽيتا کير واري ٿانو توڙي ماني
وارن ٿانون کي کارڪن سان ڀري ان تي گھٽ ۾ گھٽ
پنج يا ڏھھ رپيا نقد ڪنواريتن ڏانھن موڪليندا.
پوتي جي ڪپڙن ۾ لوٽين سان گندي جي پلؤ ۾ گھٽ ۾
گھٽ ٽيھھ رپيا ٻڌن، جن مان ڏھھ رپيا وري واپس
ايندا. انھن ڪپڙن، ڳھن ۽ لوٽين کي ۽ کارڪن
وارن ٿانون کي گھر ڏانھن کڻي وڃن جو فرض
ڪنواريتن جا ناٺي ۽ سيڻ سرانجام ڏيندا. واپسي
۾ وري ڪنواريتا ٿالھي ۾ چار اجرڪون گھوٽيتن کي
ڏيندا، جي بروقت ڀائرن آڏو گھوٽيتا پنھنجن
ماڻھن کي ڪلھن ۾ وجھندا. ھڪڙي اجرڪ ڏاڏاڻن جي،
ٻي ناناڻن جي، ٽين سيڻن جي ۽ چوٿين برادري جي.
جنھن ٿالھي ۾ اجرڪون اينديون، اھا ۽ ٻيا ٽي
ٿانو گھوٽيتا گھمائي، مختلف شين جھڙوڪ مصري،
مٺائي، پتاشن، کٽمٺن، بادامين، ڊاکن، کارڪن،
ڏونگھين، ٽڪين ڦوٽن وغيره سان ڀريندا. انھيءَ
کي ”ڏوميندو“ ڪري چون. پوءِ اھي ٿالھيون
ڪنواريتن جي اڳيان ناٺي يا سيڻ کڻي ويندا جيڪي
اندر زالون کانئن وٺنديون ۽ ھو وري ھڪ ھڪ مٺ
ان مان ڀريندا. بعد ۾ شادي جا ڏينھن چٽا ڪيا
ويندا. جنھن کي ”ڏينھن چٽا ڪرڻ يا ڏورو ٻڌڻ“
چون. ڦڪو ڪچو سٽ وٺي، ان کي چنڊ ۽ تاريخن جون
ڳنڍيون ڏيئي، پريا مڙس ڪنواريتن ۽ گھوٽيتن کي
ڏيندا ۽ اھي وري اھو ’ڏورو‘ پنھنجن ٻين
گھڻگھرن کي ڏيندا. اھا ھڪڙي عزت افزائي جي رسم
آھي. پوتي جا ڪپڙا ڪنوار کي سھاڳڻيون
پارائينديون، جنھن کي راڄ ڀاڳ ۽ برادر جون
نياڻيون سياڻيون ڏسنديون. اھا رسم اڪثر رات جو
ٿيندي.
اجرڪ يا ملير اوڍائڻ:
پوتي پوڻ بعد رواج آھي تھ گھوٽ ساھرن ۾ ٻن ٽن
عزيزن سان گڏ اچي، جنھن کي پھرئين رات کير
پيارڻ جي رسم ادا ڪن، ۽ صبح جو ملير يا اجرڪ
گھوٽ جي ڪلھن ۾ وجھن. گھوٽيتا ماني جي ٿانون ۾
اجرڪ واري ٿالھي کي کارڪن سان ڀريندا، ۽ انھن
جي مٿان ڏھھ رپيا رکندا. ان بعد گھوٽ جون
ساليون کيس پائڻ لاءِ سرمو، تيل ۽ سوپاريون،
ڦوٽا ۽ ڀڳو يا ڪٽي کائڻ لاءِ پيش ڪنديون.
انھيءَ موقعي تي ڳيچ ڳائي گھوٽيتن جي آجيان
ڪنديون.
ٻڪي وجھڻ:
شاديءَ کان اڳ ٻڪي وجھڻ جو رواج ھر ھنڌ آھي،
پر ڪنڀار ٻھ چنڊي ٻڪي يا سھائي جو سوڻ ڪونھ
ڳنڍين. شاديءَ جا ڪھڙا بھ ڏينھن مقرر ھجن، ان
کان ھفتو يا نو ڏينھن کن اڳ ٻڪي وجھن. زمين ۾
ننگھھ ٺاھي يا ننگھھ کي ڌاھھ سان گول نشان
ڏيئي، چانورن ۽ کارڪون ان ۾ رکي، ستن مھرين
سان سھاڳڻيون سوڻ ڪن. مھرين کي بھ ڌاھھ جا
ليڪا ڪڍن. ان موقعي تي ھيٺيون ڳيچ ڳائين:
ٻانھين گھڙائي سھڻي، اميد پنڙيم، ھي ويل گھوڙيم،
سچڙي صاحب ڪنان، ڳاڙھا ونان، آءٌ گھوري وڃان،
سرھا ڇنان.
توکي سڀڪي سريو، توکي سرھن سيڻن ڏنان،
لاڏي جي اما، آءٌ سيڻن وڃان، آءٌ گھوري وڃان،
سرھا ڇنان.
شادي کان علاوه طھر جي ڪاڄ ۾ پڻ ساڳي ريت ٻڪي
وجھن.
ڇنو ٺاھڻ:
ڇني ٺاھڻ واري ڏينھن تي ڇني جا ڳيچ چون، ۽ ست
لولا گيھھ ۾ تري ڌاڳي ۾ پوئي، ڳيچ ڳائي، ڇني ۾
ٻڌن، جنھن کي ”ڇنو وڌائڻ“ چوندا. ڇني جي تياري
۾ ”ڇني جي ديڳ“ پڻ لاھين.
ونھن ويھارڻ:
سنڌ ۾ عام طرح گھوٽيتا اچي ڪنوار کي ونھن ۾
ويھارين، پر ڪنڀارن ۾ ڪنواريتا پاڻ شادي کان
چار يا پنج راتيون اڳ ڪنوار کي ونھن ۾
ويھارين، سھاڳڻيون ۽ سرتيون ڪنوار کي ماکي،
ميٽ ۽ ھد گڏيل اٽي سان ونھن جو سوڻ ڪنديون، ۽
کيس پيرن، ھٿن ۽ مٿي کي لائينديون. کيس ونھن
جي گندي اوڍائي، اکين تي ڦڪي ڪپڙي مان اکيو
ٺاھي ٻڌن، ۽ ان وقت ھي خاص ڳيچ چون:
ساوا ٿا سونھن، اکئي مٿي اکيو،
ڌيئل ٻائي! تون مينڍا ڇوڙڻ ڏي،
تنھنجا جيجل ويڙھا آھن ڪوڏ منجھان،
ڌيئل ٻائي! تون مينڍا ڇوڙڻ ڏي...الخ
ونھن وارو وقت ڪنوار کي ھڪ ھنڌ گھر ۾ ڪنھن خاص
مقرر جاءِ تي ويھڻو پوندو. جيڏيون سرتيون کيس
بنھھ اڪيلو ڪونھ ڇڏين، ۽ انھتائي احترام ڪن.
گھوٽ کي ونھن ويھارڻ جو خالي سوڻ ڪن. سھاڳڻيون
ٻنھي ھٿن سان گھوٽ جي پيرن، گوڏن، ڪلھن ۽ مٿي
کي ٻئي ھٿ گڏي، مٿئين قسم جي ٺاھيل پيٺي جو
سوڻ ڪن. ان وقت ھي ڳيچ جھيل ۽ ڍار سان چون:
ميٽ سان مٿو ڌوئي، ھريا تھ بنا،
جيئن ڪيسريا لاڏا، ميٽ سان... الخ
ونھن ۾ ويھارڻ کان پوءِ، ھر روز شام جو
ڪنواريتن توڙي گھوٽيتن ۾ لازمي طرح ھيٺيون
”سانجھي ڳيچ“ چون:
سانجھپ سانجھڙي، جنھن گھر ڏجي، سو گھر وسي،
ٻھاري سھاري ڪنڊ ۾ رکجي،
سس سھري جي سيوا ڪجي،
سانجھپ
سانجھڙي...
١. ماءُ پيءُ جي ساڃھھ ڪجي، سانجھپ
سانجھڙي...
٢. ڏير ڏيراڻي کي مان ڏجي، سانجھپ
سانجھڙي...
٣. نڻان ۽ نڻند کي جورو ڏجي، سانجھپ
سانجھڙي...
٤. جھرڪين آکيرو نھ اکوڙجي، سانجھپ
سانجھڙي...
٥. ڪيڙين ننگرو نھ اورانگھجي، سانجھپ
سانجھڙي...
٦. ھرڻي جو ٻچڙو نھ ٽوڙجي، سانجھپ
سانجھڙي...
گھڙي کڻڻ:
ويجھن عزيزن کي گھڙيءَ جي دعوت ڏين. گھڙي کڻڻ
کان اڳ ڏينھن جو گھوٽ يا ڪنوار جا مائٽ ڪوري
گھاگھر ڀري، ڪنھن ويجھي عزيز جي گھر رکي ايندا
۽ رات جو گھڙي کڻڻ جي رسم ھن طرح ادا ڪندا: ھڪ
ڇوڪر مڱيل ۽ ٻيون اڻ مڱيل ھوندو. انھن مان ھڪ
کي ڪاتي ۽ ٻئي کي کير ولوڙڻ جو جھرڻو ھٿ ۾
ڏيندا، جيڪي گندي کھنبي جي اريب ڪنڊن جي ڳنڍين
۾ ڦاسائي جھليندا ۽ ننڍي نينگري جي مٿي تي
گھڙي رکائيندا. مٿي تي سينھون جي عيوض ڪاري
رسي جي ٺھيل سينھون رکي، ان تي گھڙي رکندا ۽
مٿان گنديءَ جو پوش ڪندا. پوءِ دھل وڄائي ۽
ڳيچ ڳائي مايون اينديون ۽ نينگر کي گھڙي مٿي
تي کڻائي، وري واپس ڳيچ ڳائي گھوٽ يا ڪنوار جي
گھر وينديون ۽ جنھن گھر ۾ گھڙي رکيل ھوندي،
اھي گھر وارا بھ گھڙي سان گڏ گندي، چانور،
کارڪون ۽ ڪجھھ رپيا پاڻ ڏيندا. پوءِ گھوٽ يا
ڪنوار کي انھيءَ پاڻيءَ سان وھنجارين.
ميندي لائڻ:
ميندي جي رات کي جاڳي جي رات بھ چون. انھي رات
کل خوشي ۽ سانگ بھ ڪن. ڏينھن جو سھاڳڻيون ڳيچ
ڳائي، ميندي پيھن ۽ شام جو ڳيچ ڳائي ميندي
پسائينديون. ميندي پسائڻ وقت احتياط ڪن تھ
ڪنھن جي بدنظر نھ پوي. رات جو ڪنواريتيون
ڪنوار کي گھوٽيتيون گھوٽ کي ميندي ھڻن، ان وقت
سھاڳڻيون ھيٺيون ڳيچ ڳائين:
ميندي ادل جي رنگ لايو، منھنجا راڻل ڙي،
سوڍل ڙي.
توکي رات ڏاڏي پوٽين رانيو، توکي چوڙيلين
رانيو،
سوڍل ڙي.
سونھين
ساھرن ۾، وسين ڀائرن ۾، لاڏو ڪڪر ملھار ڪري
آيو،
سوڍل ڙي.
نورو يا نوري ڏيڻ:
ڄڃ جي روانگي کان اڳ گھوٽ جو پيءُ سڀ سامان
پنھنجي سيڻن جي حوالي ڪندو ۽ واٽ جي خرچ پکي ۽
ڄاڃين جي خدمت لاءِ ڪجھھ رقم پرين مڙسن جي
حوالي ڪندو، جي ان رقم جا چار حصا ڪري ڄڃ ۾
ويندڙ ماڻھن جي حوالي ڪندا. انھن پئسن ڏيڻ کي
نوري ٻڌائڻ چون. ھڪ نوري گھوٽ جي ڏاڏاڻي ڪڙم
کي، ٻي گھوٽ جي ناناڻي ڪٽنب کي، ٽين ڪاڄ ڪندڙ
جي ناٺي سيڻن مان ڪنھن کي، ۽ چوٿين نوري سڀني
جي گھڻگھري ۽ برادري جي چڱي مڙس جي حوالي
ڪندا. ڄاڃين جي عزت ۽ مان مھت جو گھڻو خيال
ڪندا.
موڙ ٻڌائڻ:
ڄڃ جي روانگي کان اڳ ڄاڃي گھوٽ کي وھنجاريندا،
ان کي ’تيلاءِ وجھڻ‘ جي مھل چون. ڳيچ ڳائي
گھوٽ کي وھنجارين. وھنجارڻ جو ڪم حجام ڪري.
پوءِ ڪپڙا پھرائي گھوٽ کي اڱڻ ۾ وڇايل کٽ تي
ويھاريندا. کيس پٽڪي جو پھريون ور پيءُ ڏيندو
۽ ڀيڻ اچي موڙ ٻڌندي. موڙ گھڻو ڪري موتي، ڪچ
ڪوڏين ۽ مقيس سان ٺھيل ھوندا. موڙن جي مھل کي
”ڏک جي مھل“ بھ چون. موڙن ٻڌڻ مھل گھورون
گھورين.
پاٽ اٿيارڻي:
سرگس کان اڳ گھوٽ کي پيءُ اچي اٿاريندو ۽
چوندو تھ ”مون پٽ کي پاٽ اٿيارڻي ۾ ھيءُ ھيءُ
ڏنو“. جنھن ۾ ھو گھر ۽ مال مان ڏيڻ جو اعلان
ڪندو.
گھوڙي جي واڳ جھلڻ:
سرگس کان موٽي اچڻ تي گھوٽ جي ڀيڻ ڊوڙي اچي
گھوڙي جي واڳ جھليندي، جنھن کي ڀاءُ ڪنھن سوني
زيور يا کير پيارڻ جو اعلان ڪندو ۽ پوءِ ھوءَ
واڳ ڇڏيندي ۽ گھوٽ گھوڙي تان لھندو. موڙ ٻڌڻ
کان وٺي شادي جي خاتمي تائين گھوٽ کي اڪيلو
اصل ڪونھ ڇڏين ۽ نڪي اجايو ڳالھائڻ ڏين.
گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن وٽ اچڻ:
شادي واري رات ڄڃ، ڪنواريتن جي ڳوٺ يا شھر
ڀيڙي اچي ٿيندي. ان کان اڳ چوندا تھ ’ادا، ڄڃ
سيم ۾ اچي پھتي آھي‘. ڄڃ جي پھچڻ تي گھوٽ ۽
سندس خاص ساٿين جي ڇني کان ٻاھر ويھاريندا،
باقي ڄاڃي ڇني ڀيڙا اچي ٿيندا. ڄاڃين لاءِ ڇني
۾ اترئين ڪنڊ مخصوص ھوندي، جتي ڇني کان ٻاھر
لاھيندا، ۽ ان لاءِ ڪو نشان مقرر ڪندا، جتي
جتي لاھين. ڇني کي ’سياڪا ڪک‘ ڪري چون. ڇني ۾
اندر جتي پائي ايندڙ تي برادر جو ڏنڊ وجھن.
ھٿ ڏيڻ:
آيل مھمان ويجھا توڙي پري جا جيئن آيو تيئن
ھڪٻئي کي ھٿ ڪونھ ڏين، پر ماني کان اڳ پريو
مڙس اعلان ڪندو تھ ”سڀ کان اندريان ٻاھريان
ڇني ڀيڙا اچي ٿيو تھ ڀائر ھٿ ڏين.“ جنھن تي
سڀئي اچي ڇني ڀيڙا ٿيندا، ۽ ويٺل آيلن کي ھٿ
ڏيڻ شروع ڪندا.
کير پيارڻ:
ماني کان اڳ گھوٽ کي ڪنواريتي گھر کير پيارڻ
وٺي ويندا. گھوٽ کي ڪنوار جي اڱڻ يا اوٽي تي
آڻين، ساڻس ھڪ ٻھ ڄاڃي گڏ ھوندو ۽ اندران
ڪنوار کي آندو ويندو ۽ ٻنھي جي وچ ۾ ڪپڙو
جھليندا. ڪنوار سرتين ۽ سھاڳڻين جي ميڙ ۾
ھوندي، زالون ان مھل ڳيچ ڳائينديون. پھريائين
اھو کير ڪنوار کي پياري، پوءِ گھوٽ کي پيارين.
پوءِ انھيءَ ٿانو کي کارڪن سان ڀري ان تي کير
پيارڻي جا ڏھھ پندرھن رپيا رکندا.
آکا ھڻڻ:
کير پيئڻ کان پوءِ واپسي ۾ ڪنواريتيون ڪنوار
کي کير ٻڏل چانور ڏينديون، جي ھوءَ گھوٽ کي
اڇلي ھڻندي ۽ گھوٽيتا انھن کي بچائڻ لاءِ ڪپڙو
مٿي جھليندا. انھيءَ سڄي رسم ۾ ٻنھي طرفن
زالون ڳيچ چونديون.
ماني کارائڻ:
ماني کارائڻ کان اڳ پرين مڙسن کان ڪنواريتا
اجازت وٺندا تھ ”ھاڻي ماني ھلايون؟“ اجازت بعد
ھٿ ڌئاريا ويندا. رات جو ڇني ۾ ھڪ پاسي کان
صبح جو وري ٻئي پاسي کان ھٿ ڌئارين. ھٿ ڌئارڻ
بعد ماني شروع ٿيندي؛ ۽ ھڪٻئي کي ڪوٺي پنھنجي
پاٿاريءَ تي اچي کارائين، اھو عزت وارو ورتاءُ
سمجھن.
سونھري:
گھوٽ جي ٻاري لاءِ ڇني واري ماني سان گڏ ٻي
ماني بھ آڻيندا، جنھن ۾ خالي چانور ھوندا، ۽
انھن جي مٿان گيھھ ۽ کير جي اوت ڪري، مٿان کنڊ
وجھن، جنھن کي ”سونھري“ ڪري چون. گھوٽ سان گڏ
چڱا خاصا ماڻھو ڪوٺي ماني تي ويھارين. گيھھ،
کنڊ ۽ کير جي اوت کي منھار يا منھر چون. ان
لاءِ اڳيان ”جيءُ ڪارو“ ڏيڻ لازمي آھي تھ جيءُ
گھڻو، جيءُ گھڻو؛ جنھن تي منھر ڪندڙ بس بس
ڪندو، نھ تھ ڀلي پيو اوت ڪري. سونھري وارا
ٿانو گھوٽيتن کي کائي خالي ڪرڻا آھن ۽ انھن کي
ٺلھو نھ ڇڏڻو آھي. ماني بعد ٿانو کارڪن سان
ڀرين ۽ انھن تي گھٽ ۾ گھٽ پندرھن ويھھ رپيا
رکن.
پڳ يا پاکر پيش ڪرڻ:
ساھرن طرفان گھوٽ کي پٽڪو ۽ اجرڪ ڏين، جيڪو
ٿالھيءَ ۾ رکي، ھڪ پريو مڙس ۽ ڪنواريتن جو سيڻ
ڇني ۾ کڻي ايندو، جنھن جي اڳيان دھلاري دھل
وڄائيندو. آيل ڇني جي ڀر تي بيھي زو سان سلام
ورائيندا ۽ چوندا تھ ”گھوٽ جي پاکر اچي ويئي“،
گھوٽ جو ڪو وڏو عزيز پٽڪي جو پھريون ور ڏيئي
شروعات ڪندو ۽ پوءِ گھوٽ پاڻھي ٻڌندو، ۽ پوءِ
کيس اجرڪ ڪلھن ۾ وجھندا. آيل ٿالھھ کي کارڪن
سان ڀري مٿان پنج يا ڏھھ رپيا رکندا. صبح جو
سوير نڪاح ٿيندو، جنھن بعد لانئن ڏيڻ جي رسم
ادا ڪندا.
پِڙو يا ڪنوار لاءِ گھوٽيتن پاران ڪپڙا ڏيڻ:
ڪنوار لاءِ آندل ڪپڙا، جي گھٽ ۾ گھٽ پنج جوڙ
اھوندا، جن ۾ پرڻي جو خاص جوڙو بھ شامل ھوندو.
جوڙي ۾ ڪنجرو، پٽ ۽ ٽِڪن سان ڀريل مقيس سان
ڀري، اچو ريشمي کھنبو، بوڇڻي (اچي ڪپڙي تي ڀرت
ڀريل) ۽ سلوار شامل ھوندي. ٿر پاسي پڙو يا
گھاگھرو ھوندو. ڪاپاھي، ڪنڊ ۽ سنجھوري ۾ پڙي
پائڻ جو رواج ڪونھي. ڳھن ۾ ڪڙڪون يا ايرينگ،
دھري، ھسي، ڪٺمال، بولو، والا، نسبيون، ڪنگڻ
(سونا يا روپا)، بازوبند، چوڙيون (سونيون يا
چاندي جون)، پازيب، ڇير يا ٽوڙھا، نورا، چندن
ھار، سڳي (چاندي جي)، مطلب تھ عام دستور جا
سون ۽ چاندي جا ڳھھ ھرڪو پنھنجي حال سارو
ڏيندو.
سينگار جو سامان:
سينگار جي سامان ۾ چندن جو ٻورو، عطر، زعفران،
سرمو، سينڌر، ڪجل، ڪنڙو، مساڳ، مھلب وغيره
ڏين. ڪنوار جي پڙي سان گڏ گھوٽ جي سالين لاءِ
ھڪ ھڪ جوڙو ڪپڙن جو، سڳي، جتي، ھار ۽ ٻيو سنھو
ٿلھو سامان پڻ ڏيندا. پِڙو گھوٽيتن جو ناٺي
کڻي ايندو. اھو سامان ڇني کان ڪنوار جي گھر
ڏانھن دھلن سان کڻي ايندا، ۽ اچي ڪنوار جي
اوٽي تي بيھندا. ڪنواريتيون سندن آجيان ڪري
اھو سامان ساري سنڀالي وٺنديون. آخر ۾ پڙو
آڻيندڙ جو منھن مٺو ڪرائين يعني ان جي وات ۾
کنڊ يا مٺائي وجھن. ڪنواريتيون اھو سامان وري
راڄ ۽ برادر جي زالن کي ڏيکارين.
ڏانوڻ ڏائڻ:
لانئن ڏيڻ لاءِ جڏھن گھوٽ کي گھر آڻيندا، تھ
پھريائين اوٽي تي پھچڻ سان گھوٽ جي سس ڦڪو
ڌاڳو کڻي ايندي. گھوٽ پنھنجو ساڄو ھٿ مٿي ڪندو
تھ سس سندس چيچ ۾ ڌاڳو وجھي وري پير جي آڱوٺي
۾ ڌاڳو وجھي، ٽي يا ست ور ڏيندي، جنھن بعد
گھوٽ کي اڱڻ ۾ سينگاريل سيج تي اچي ويھارين ۽
وري سس ڦڪي ڪچي سٽ جي ڌاڳي سان گھوٽ جي مٿي
تان ڌاڳا ورائي، کٽ جي پاڳن (پاون) تي رکندي،
جنھن کي چار ننڍيون ڇوڪريون جھلينديون ۽ ان جا
ور وري گھوٽ جي ساڄي ھٿ جي چيچ ۾ وڌا ويندا.
انھيءَ کي ”ڏانوڻ ڏائڻ“ چون. ان وقت زالون خاص
ڳيچ چون. ان بعد گھوٽ کي لانئن لاءِ آڻين. اٿڻ
مھل گھوٽ کٽ جي اڳيان رکيل ڍڪڻ يا ٺڪر جي
ٿالھي کي ساڄي پير جي زور سان ڀڃندو.
نڪ جھلڻ:
لانئن کان اڳ ڏانوڻ ڏائڻ کان پوءِ گھوٽ جي
سالي، گھوٽ جو نڪ اچي جھليندي، جنھن کي گھوٽ
سان گڏ آيل ماڻھو ھڪدم پنج يا ڏھھ رپيا ڏيندو
تھ جيئن سالي نھ جھلي سگھي.
لانئون ڏيڻ:
گھوٽ جي ڀيڻ گھوٽ کي پلؤ ڏيئي کيس زالن جي سٿ
۾ سيج تي ويٺل ڪنوار جي سامھون اچي ويھاريندي.
ڳيچ ڳائي گھوٽ ڪنوار کي لانئون ڏين، جي ست
سھاڳڻيون ڏينديون.
تِر ڀرڻ ۽ ڦل چونڊڻ:
ھن رسم ۾ ٿالھي ۾ چانور ۽ کارڪون وجھي گھوٽ
ڪنوار جي آڏو رکن. اول گھوٽ ٻڪ ڀري ڪنوار کي
ڏيندو ۽ ڪنواري وري ٻڪ ڀري گھوٽ کي ڏيندي.
ائين ست ڀيرا ڪن. آخر ۾ ڪنوار کي ھٿ ۾ کارڪ
ڏيئي، مٺ ڀيڙائين، جا گھوٽ ھڪ ھٿ سان کوليندو،
جا گھڻو ڪري نھ کلندي ۽ ويٺل سھاڳڻيون ڪنوار
جي مٺ کولائڻ جي رسم ادا ڪنديون، ۽ گھوٽ ڪونھ
ڪو ڳھھ ڏيڻ جو واعدو ڪندو. ان وقت زالون تِر
ڀرڻ جو ڳيچ ڳائينديون.
پلؤ ٻڌڻ:
سھاڳڻيون گھوٽ ۽ ڪنوار جو پلؤ ٻڌنديون، جو
گھوٽ چيچ سان کوليندو.
منڊين راند:
گھوٽ ۽ ڪنوار جون منڊيون لھرائي کير ۾ وجھن،
جيڪي گھوٽ ۽ ڪنوار کان ڳولارائين.
کير پيارڻ:
لانئن جي انھن رسمن بعد کير جو وٽو آڻين،
پھرين ان مان ڪنوار کي ھڪ ٻھ ڍڪ ڀرائين، پوءِ
گھوٽ کي پيارين ۽ اٿڻ کان اڳ ڪنوار جي ماءُ
مصحف جي ڇانو ڪندي ۽ دعا ڪندي تھ ”شل ان سڳوري
جو سايو (پاڇو) انھن ٻنھي تي ھجي ۽ ھيءُ جوڙو
جيئي ۽ وڌي.“ جنھن بعد گھوٽ کي ڇني ڏانھن وڃڻ
جي رخصت ڏين.
ڏيج ڏيڻ:
ڪنڀارن ۾ ڌيءُ جو پاسو بلڪل ڳرو ٿئي. ڌيءُ کي
جيڪي ڏجي، اھو ٿورو ڪري ليکجي. گھٽ ۾ گھٽ ست
جوڙا ڪپڙن جا ڏين، جن ۾ ڀريل ڪنجريون، سٿڻون ۽
گنديون ھونديون. ھن وقت اڄڪلھھ جي چلامان
مطابق بھ ڪپڙا ڏين. پر ھڪ ٻھ جوڙو اصل ضرور
ھوندو.
ڳھھ:
چوڙيون، پازيب يا ڪڙيون يا ڇير، سونا والا، ڦل
۽ منڊي، ايرينگ يا ٻيو ڪو ڳھھ ڪنوار کي مائٽن
طرفان ڏنا وڃن.
ھنڌ ۽ ٿانو:
ديڳڙو، چؤنري، گلاس، ٿالھي، وٽو، سرميداڻي،
آرسي ۽ ٻيو سنھو ٿلھو سامان ڏين. سوڙ، پٿراڻي،
فراسي، وھاڻو، چادر، ٽوال، پيٽي وغيره بھ ڏنا
وڃن. ڪنوار کي ماماڻن جي طرفان بھ ھنڌ وغيره
ڏيندا. مائٽاڻي طرف جي انھيءَ ڏنل سامان کي
”ڪوٺو“ ڪري چون، ۽ انھيءَ سان گڏ ڪنوار جي کير
پيئڻ لاءِ پيءُ ڳئون يا مينھن پڻ ڏيندو. اھا
ڳالھھ سرنديءَ تي آھي. ڪنواريتا اھو سڀ سامان
پھريائين ڀائر گھر ڪوٺي انھن آڏو ڏيکارين، ۽
پوءِ اھو سامان گھوٽيتن جي ناٺي جي حوالي ڪن.
ريت وھنوار:
ڏيج يا ڪوٺي جي سامان ڏيکارڻ بعد گھوٽيتن جو
ناٺي سيڻ يا پريو مڙس، ڪنواريتن جي ڪنھن وڏي
ريت وھنوار جا پئسا ڏيندو، جيڪي سٺ (٦٠) رپيا
ھوندا، پر اھڙي ريت ڏيندا جو ھڪٻئي سان مٽ سٽ
ڪئي وڃي. مثلا: پھرين اسي رپيا ڏيندا، ۽ ھو
وري چاليھھ واپس ڪندو ۽ ڏيندڙ وري ويھھ رپيا
رکي ويھھ ڪنواريتن کي موٽائيندو. ان جو مطلب
اھو ٿيو تھ ڏيندڙ جو ھٿ خالي نھ رھي. ان ڏيڻ
وٺڻ ۾ چرچو ڀوڳ ۽ کل خوشي ڪن. ريت وھنوار ڇني
۾ ئي ڪن.
پوئو يا پھت:
شاديءَ ۾ پوئي يا پھت جو رواج بھ ضروري آھي.
پوئي جي شروع ٿيڻ کان اڳ ٿالھي ۾ چانور، ڳاڙھي
اڳڙي، کارڪون ۽ ھڪ رپيو وجھي، دھل وڄائي ٿالھي
ڇني ۾ آڻيندا. ٿالھي اچڻ بعد ڪوبھ فرد ڇني ۾
ڪانڀ نھ ڪڍندو، جي ڪڍندو تھ سوا رپيو ڏنڊ
وجھندس. پھت جي وصولي لاءِ ھڪ ڄاڻو ماڻھو
ٿالھيءَ تي ويھاريندا، جو ملندڙ پھت جو انگ،
ڏيندڙ جو نالو پيءُ جي نالي ۽ نک سميت
پڪاريندو ۽ ويجھا عزيز نينڍ سان گڏ اھندر
وغيره (ڪپڙا) پڻ ڏيندا، جي پڻ ڳڻايا ويندا.
نيسار يا رخصتي:
موڪلاڻيءَ کان اڳ گھوٽيتن جو اڳواڻ گھوٽ جي
سھري کان وڃڻ جي اجازت وٺندو ۽ پوءِ گھر ۾
”نيسار“ جو ڄاڻ ڪيو ويندو ۽ ان جي تياري ڪئي
ويندي. وڃڻ وقت ڪنوار کي مائٽن جا ڏنل ڪپڙا
پارايا ويندا ۽ کيس وري بھ ھار سينگار ڪرائي
رخصت لاءِ تيار ڪيو ويندو. گھوٽيتن مان صرف
گھوٽ جو ويجھو عزيز ۽ گھوٽيتيون، گھوٽ کي
ڪنوار جي اڱڻ تي آڻينديون ۽ ٻئي طرف
ڪنواريتيون ڪنوار کي ٻاھر آڻي گھوٽ جي ڀرسان
بيھاري پنھنجي کھنبي ۽ اجرڪ جو پلئھ ٻڌنديون ۽
ڪنوار جو پيءُ، گھوٽيتن جي پاڙي مان يا ويجھي
ڪنھن عزيز جي ڌيءَ ’کوڙي‘ ۾ وجھندو يعني حوالي
ڪندو ۽ اھو رسمي يعني ’دين جو پيءُ‘ تصور ڪيو
ويندو، پوءِ اھو چانور ۽ کارڪن جو ٻڪ ڀري گھوٽ
۽ ڪنوار ٻنھي کي ٻڪن ۾ ڏيندو، ۽ اھي ھڪٻئي کي
ڏئي ھٿن ۾ جھلي واپس ڪندا، ۽ پوءِ ڪنوار کان
مائٽن جي موڪلاڻي ٿيندي. اھو وقت نھايت ئي ڏک
وارو ٿيندو آھي. ان وقت زالون خاص ڳيچ ’ڍورو‘
۽ ’ڏورو‘ چونديون:
ٻيون سڀ اوڏڙيون، منھنجي ڌيئل ٻائي ڏور،
ڍوري ڪپ سون جا.
نکيٽي:
گھوٽ جي گھر پھچي وري بھ رات جو نکيٽي جي رسم
ڪندا، جنھن ۾ اھي سڀ سوڻ ساٺ ڪندا، جيڪي لانئن
تي ڪيا ھوندائون. وڌيڪ صرف ڪپھھ جا ذرڙا ڪنوار
تي ڦٽا ڪندا، جيڪي گھوٽ چونڊيندو، ۽ چوندا تھ
’جيترا ڦل چونڊيندو اوترا پٽ ڄمندس‘. نکيٽي
کان اڳ ڪنوار کي پاڙي ۾ ويجھي عزيز جي گھر
لاھين. نکيٽيءَ جي رسم لاءِ ٻنھي کي پلئھ ٻڌن.
گھوٽ کي سندس ڀيڻ پلئھ ڏيندي؛ ۽ ڪنوار کي سندس
ويجھي عزيزياڻي يا اھا جنھن جي گھر کيس لاٿو
ويندو.
ڪاڄ ڪرڻ:
ڪنڀارن ۾ ڪاڄ ڪرڻ جو رواج ٻين کان الڳ آھي، ڇو
تھ ٻين ۾ ڀت گھوٽيتا ڪنواريتن ۾ وڃي ڪندا، پر
ڪنڀارن ۾ وري ڪاڄ جو سمورو خرچ ڪنواريتن کي
سھڻو پوندو. ڪاڄ جا چار ويلا ڪن. پويون ويلو
ٻٽي مانيءَ جو ھوندو، ۽ ٻھ وقت چانھھ ھوندي.
مھراڻي ۽ ڪاپاھيءَ ۾ ھن وقت ٻن ويلن ڪرڻ جو
رواج پئجي چڪو آھي، ۽ ماني جي سٺي ھئڻ تي خاص
زور ھوندو آھي.