سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :28

 

سجاتِي يا سجاوتي جو سور:

1.      مٿي جو سور يا اڌ مٿي جو سور، جيڪو سج اڀرڻ کان وٺي مٿي ۾ پوي ۽ منجھند کان پوءِ ڍرو ٿي وڃي، تنھن کي سجاتي جو سور چوندا آھن ۽ (لاڙ ۾ ان کي ”لوطي سور“ بھ چون) ان جو علاج ھيٺين ريت ڪندا:

2.     سج اڀرڻ کان اڳ ۾ اٿي کوھھ ۾ نھاري، پنھنجي پاڇي کي ان جا ڪڻا ھڻڻ ۽ چوڻ تھ ”سور! اچئي ٿو.“

3.     اڌ رات کان پوءِ ڪنھن چور کان سجاتي جو سڳو پڙھائي ٻڌڻ.

4.     پاڻيءَ سان ڀريل ٿالھھ ۾ سج جي پاڇولي کي پرڻ مان ڏسي ويچارا ڏيڻ.

5.     سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ويھي سج ڏي نھارن، جيسين سج اڀري.

6.     سج اڀرئي کان اڳ ۾ اٿي، وٽو، گلاس يا ڪرو پاڻي جو ڀري، سج ڏي منھن ڪري ، سجاتي جي سور وارو بيھندو. جيئن جيئن سج اڀرندو ويندو، تيئن تيئن اھو ماڻھو پنھنجي ھٿن سان پاڻي لار ڪري ھاريندو ۽ نظر سج ڏي ھونديس. ان ريت ٽي ڏينھن ڪرڻ سان اڌ مٿي جو سور ڇڏي ويندو. پاڻيءَ جي لارنڪ جي اڳيان، ٻنھي اکين جي وچ تان ھاريندو ۽ پاڻيءَ جي لار مان سج ڏي ڏسندو رھندو. [1]

7.     سج اڀرئي کان اڳ، اڪ جي ڪاٺيءَ جي ڪلي (اڌ فوٽ کن) ٺاھي، ھٿ ۾ جھلي بيھندو ۽ پنھنجي پيرن کان سج طرف پنھنجي قد جي ڊيگھھ جيتري مفاصلي تي اڪ جو پن رکي بيھندو. سج اڀرڻ شروع ٿيندو تھ اھو ماڻھو اڪ واري ڪلي، اڪ جي پن ۾ ڪھاڙيءَ جي پاھي سان کوڙيندو ويندو ۽ سج ڏي بھ ڏسندو ويندو. سڄي ڪلي زمين ۾ کوڙي پوءِ اٿندو. ان ريت ٽي ڪليون کوڙڻ سان سور ڇڏي ويندو.

8.     اڪ جي وٽائتي ڪاٺي، اڌ فوٽ جيتري ڊگھي ۽ آڱر جھڙي سنھي جي وچ وارو سوراخ جاري ڪري، ھڪ پاسي کي باھھ ڏيئي، ٻئي پاسي کان نڪ مان مٿي ساھھ کڻي. ڏينھن ۾ ٽي دفعا ۽ لاڳيتو ٽي ڏينھن ڪرڻ سان مٿي جو سور ڇڏي ويندو.

ٿڌ، زڪام ۽ سنھي تپ لاءِ لوڻ ڪرڻ:

9.     ميٽ ۽ بصر جي ڳنڍ ۽ نم جا ساوا پن ملي، سڄي بُت ۽ مٿي کي مکي، بند ٿيل ھنڌ تي، ھوا کان پٺيرو ٿي، ذرو ساعت ويھي رھجي. جڏھن ميٽ سڪي وڃي، تڏھن ننھن – سو سڙي پاڻيءَ سان تڙ ڪري ڇڏجي. ٽي ڏينھن اھا لوڻ ڪرڻ سان ٿڌ، زڪام ۽ سنھون بخار ڇڏي ويندو. لوڻ، ھوا کان لڪي، بند ٿيل گھر ۾ ڪبي آھي..

سائي (يرقان) جي بيماري:

ھن بيماريءَ ۾ اکيون سايون ٿي وينديون آھن ۽ ننھن اڇا ٿي ويندا آھن، ڄنگھون ۽ ٻانھون بھ سنھيون ٿينديون وينديون آھن. ھن بيماري جا سوڻ ساٺ ۽ علاج ھيٺين ريت ڪندا:

10. آچر ڏينھن صبح جو ٿانءُ ۾ تيل وجھي، ٽھ – واٽي تي ويھي تيل ۾ کپ جا ٽارا گھمائي، ان تيل سان بدن تي مالش ڪجي. ٽي آچر لڳو لڳ ائين ڪجي.[2]

11.  اڪ جي سنھين چوٽين (گؤنچن) کي سڳي ۾ ٻڌي ڳچيءَ ۾ پائجن، بيماري ڇڏي ويندي.

12. بيمار کي ڪن جي مٿان ٿورو ٽڪو ڏجي، بيماري ڇڏي ويندي.

13. ٻٻرن جا گل ھٿن کي چڱيءَ طرح مھٽي، اھي سائيءَ واري ماڻھوءَ جي پيٽ تي گھمائبا تھ سائي ڇڏي ويندي.[3]

14. سائي پڙھڻ جو ھدو جنھن ماڻھو کي مليل ھجي، ان کان سائي پڙھائجي تھ سائي لھي ويندي.[4]

ٻرھال جي بيماري:

15. ٻرھال جي بيماريءَ وارو ماڻھوءَ کي ڪاٺ جي ڏوئي سان سيڪبو تھ ٻرھال ڇڏي ويندي.[5]

16. ڀڳڙا پڙھائي کارائڻ سان ٻرھال ڇڏي ويندي.

17. واھي جون پاڙون ڳچيءَ ۾ ٻڌبيون تھ ٻرھال ڇڏي ويندي.

جھامرو:

شروع شروع ۾ ننھن – ٿر ٿيندي آھي. ھٿ جي آڱوٺي يا ڪنھن بھ آڱر جو ننھن سور ڪندو ۽ سوڄ ڪندو، انھيءَ مان وڪار ڪري جھامرو ٿي پوندو. جھامري سبب ھٿ جو آڱوٺو يا آڱر ڪڙھندي رھندي ۽ سور سبب ننڊ نھ ايندي. پٽيءَ ٻڌڻ کان سواءِ ڦٽ کي اگھاڙو ڪري سور سھي نھ سگھبو. جھامري سبب ھٿ ۽ ڪرائي تي سوڄ ٿي پوندي. جھامري واري ماڻھو کي جھنگ جي لاڻ يا ميرائي سيرائي واري ماڻھوءَ کان پرھيز ڪرائبي آھي، نھ تھ جھامرو ڇيپجي پوندو ۽ ھٿ ڇٽندو ئي ڪين. جھامري جا ٽوڻا ۽ علاج ھيٺين ريت ڪندا آھن:

1.      جھامري تي مانڊو، بلا جي جھاڙ رکندو آھي.[6]

2.     جھامري واري ھٿ جي ڪرائيءَ ۾، ڪولھڻ جي نموري اڇت پاڻي واري دلي مان ست ٽٻيون ڏياري ٻڌندا آھن.

3.     جھامري واري ھٿ کي صبح ۽ شام گگر ۽ ريالي ڌوپ جو واس ڏيندا آھن.

4.     جھامري تي ڀنگري جون لپريون ڏينھن ۾ ٻھ دفعا ٻڌبيون آھن، ڇاڪاڻ تھ جھامري سبب ڦٽ ۾ باھھ ۽ ساڙو گھڻو ٿيندو آھي. سمجھبو آھي تھ ڦٽ تي ڪنھن ٽانڊا رکي ڇڏيا آھن. چوندا آھن تھ ڊاڪٽر جي دوا ڪبي تھ جھامرو وچڙي پوندو، تنھنڪري ڦڪي ٻڪي ۽ جھاڙ ڦيڻي سان ڇڏي ويندو.

ڄونٺِي جي بيماري:

ھٿ جي ڪنھن بھ آڱر ۾ سور ٿيندو آھي. ماٺ ماٺ ڪري آڱر ڪڙھندي ويندي آھي. علاج معالج ڪرڻ بعد جيڪڏھن آڱر چڱي ڀلي ٿي وئي تھ ٺيڪ، نھ تھ ڄونٺِي لاءِ چوڻ ھوندو آھي تھ آڱر کي سڪائي پوءِ ڇڏيندي. علاج ھيٺين ريت ڪندا آھن:

5.     ڄونٺي تان مانڊي کان ڪاري نانگ جون جھاڙون رکائبيون آھن.[7]

6.     ڪنواري ڪولھڻ جي ڪاري نموري لھرائي، اڇت پاڻي واري دلي مان ست ٽٻيون ڏياري اھا نموري ھٿ جي ڪرائي ۾ ٻڌي ڇڏبي آھي، جنھن کي صبح ۽ شام ھرمري ۽ ريالي ڌوپ جو واس ڏبو آھي.

7.     ڪارو ڀنگرو گھوٽي ان جي لپري ھڪ صبح جو چاڙھجي ۽ ٻي لپري وري ٻئي صبح جو چاڙھجي. اٺ پھر لپري ٻڌل رکجي، سور لھي ويندو.

ڇاپاڪو:

8.     ڇاپاڪو پکي ذبح ڪري ان جي رت مان ھٿ ڳاڙھا ڪجن. ھٿن کي رت چڱيءَ طرح ملجي، جيئن ھٿن ۾ ڇپاڪي جو رت چڱيءَ طرح جذب ٿي وڃي، پوءِ جنھن ماڻھو کي ڇاپاڪو ٿئي، تنھن ماڻھوءَ جي جسم تي جيڪڏھن اھو ماڻھو، جنھن جا ھٿ ڇاپاڪي رت مان رڱيل آھن، سو ھٿ ڦيرائيندو تھ ان کي نھ فقط ڇاپاڪو ڇڏي ويندو، پر ان کي وري ڪڏھن بھ ڇاپاڪو نھ ٿيندو.

شافاقو:

شافاقي جي معنيٰ آھي ڳاڙھاڻ، يعني بت جي خارش، سرڻيءَ سوڄ وغير ه جي ڳاڙھاڻ ٿيڻ. ھن بيماري جو علاج ھيٺينءَ ريت آھي:

9.     ڇاپاڪي پکي جي رت مان رڱيل ھٿن وارو ماڻھو بيمار جي جسم تي ھٿ ڦيرائيندو يا گھمائيندو تھ بيماري ڇڏي ويندي. [8]

10. ڇاپاڪي جي رت مان رڱيل ھٿن وارو ھٿ ڌوئي، اھو پاڻي مريض کي پيارجي تھ بيماري ڇڏي ويندي.

سرڻي جي بيماري:

سرڻي جي بيماريءَ ۾ ھيٺيون يا مٿيون چپ، بعضي ٻئي چپ اوچتو سڄي پوندا آھن. ۽ اھا سوڄ چپن کان شروع ٿي ٻئي طرف پکڙندي آھي. علاج ھن ريت ڪندا آھن:

11.  تازي پرڻيل عورت جو لونگن، ڦوٽن ۽ ڪپور ڪچرين وارو ھار کڻي، سرڻي واري ماڻھو جي منھن تي ست ڦيرا ابتا ست ڦيرا سبتا ڏجن تھ سرڻو لھي ويندو.[9]

12. لوھھ جو چمٽو يا ٽڦڻي کڻي اھا منھن جي گھمائجي تھ سرڻو لھي ويندو.

تپ، ان جا قسم ۽ علاج

’تپ‘ جا ڪيترائي قسم آھن، جن مان ھرھڪ جا سوڻ ۽ علاج ھيٺ ڏجن ٿا:

سنھو تپ:

1.      سنھي تپ وارو ماڻھو جيڪڏھن ميٽ، بصر ۽ نم جا لوڻ ڪندو تھ سنھو تپ لھي ويندو. لوڻ جو طريقو ھي آھي: ميٽ ۾ بصر جي ڳنڍ ۽ نم جا ساوا پن ملي، ڪنھن بند ٿيل جاءِ ۾ ھوا کان لڪي، اھو ميٽ سڄي بدن کي مکي، ايستائين ويھي رھي، جيستائين ميٽ سڪي وڃي. پوءِ نيم گرم پاڻيءَ سان وھنجي. اھا لوڻ ٽي ڏينھن ڪجي. [10]

2.     سنھي تپ واري کي لڱن ۾ سور بھ ھجي تھ اھو ماڻھو سچي سر جون ست تيليون، ھر ھڪ ھٿ ۾ جھلي، تيلين کي ڳنڍ ڏيندو وڃي ۽ چوندو وڃي تھ ”اچئي ٿو منھنجو تپ، جھلجانس، آءٌ وڃان ٿو ٻاھر گھمڻ، موٽي اچي تنھنجي مٺائي ورھائيندس.“ ائين ڪرڻ سان تپ ۽ سور لھي ويندو.[11]

ھڪ ڌڙو تپ:

3.     جنھن ماڻھوءَ کي تپ ايندڙ ھجن، سو ڳاڙھا مرچ چلھھ جي ھيٺان پوريندو تھ کيس تپ ڇڏي ويندو.

4.     جنھن ماڻھوءَ کي تپ نھ ڇڏي، اھو سرنھن جي وڻ ھيٺ، ان جا ست ڪڻا ھڪ ھڪ ڪري پوريندو ۽ چوندو ويندو تھ ”اچئي ٿو منھنجو تپ، قابو ڪجانس“ تھ تپ ڇڏي ويندو. ائين ٽن گھمرن ڪرڻ سان تپ بلڪل ڇڏي ويندو.

ٻيئڙ تپ:

اھو تپ ھڪ ڏينھن ڇڏي، ٻئي ڏينھن اچي. ان جا علاج ۽ ٽوڻا ھيٺين ريت آھن:

5.     ٻن نڪاحن واري مرد يا عورت کان سڳو ڪرائڻ سان تپ لھي ويندو.

6.     پنھنجي پاڇي کي بُجا ڏيڻ سان تپ لھي ويندو.

7.     تپ ٻڌرائڻ سان تپ لھي ويندو. تپ ھن ريت ٻڌندا آھن: ڊڀن جي نوڙي، پاڻيءَ ۾ پسائي، سائي وڻ کي ٻڌي، چوندا تھ ”فلاڻي جو تپ ٿو ٻڌان، تنھن کي قابو ڪجان.“

8.     مسجد جي ڪنھن ڦوڙ کي لنبڻ سان تپ لھي ويندو.

ٽيئڙ تپ:

اھو تپ جو ٻھ ڏينھن ڇڏي، ٽئين ڏينھن ٿئي. ھيءُ تپ گھٽ ۾ گھٽ ٽي مھينا ۽ وڌ ۾ وڌ سال ھلندو آھي. ھن تپ جو علاج ۽ ٽوڻا ڦيڻا ھيٺينءَ ريت آھن:

9.     اٺ تي چڙھيل ٽيلھھ کان ڏس پڇجي، جيڪو بھ ڏس ڏين، تيئن ڪجي تپ ٽٽي ويندو.[12]

10. ڪنھن سان بھ بنا صلاح جي ماني کائبي تھ ٽيئر تپ لھي ويندو.

11.  ٻئي ماڻھوءَ سان گڏ ماني کائيندي، ان کان اڳ ماني کائڻ بند ڪري ھٿ ڌوئجن تھ ٽيئڙ تپ لھي ويندو.

12. جنھن ٻڪريءَ ٽي ڦر ڏنا ھجن، تنھن جا بُج ڪتري، اھو مرد يا عورت سڳو وٽي ڏي، جنھن ٽي نڪاح ڪيا ھجن. اھو سڳو ٻڌڻ سان ٽيئڙ تپ لھي ويندو.

13. صبح جو سويل ٽھ – واٽي تي ماني رکي اچڻ سان ٽيئڙ تپ ڇڏي ويندو.

14. سج اڀرڻ کان پوءِ پنھنجي پاڇي کي نيراني ٽي لڪڻ ھڻڻ سان تپ ڇڏي ويندو.

15. ٽيئڙ تپ واري جي منھن تي کٻي پاسي ۽ سڄي پاسي ۽ نرڙ تي ٽي – ٽي – تلڪ ڪڍي کيس آرسي ڏيکارجي. ٽي ڏينھن سانده ائين ڪرڻ سان تپ ڇڏي ويندو.

16. مٽيءَ جون ڍڳڙيون ٺاھي، انھن جو پادر ھڻڻ سان تپ ڇڏي ويندو.

منجھند جو تپ:

 منجھند ٿيندي تھ تپ شروع ٿيندو ۽ سج لٿي کان پوءِ جھڪو ٿيندو. سج اڀرڻ بعد ڇڏي ويندو. ھن تپ جا ٽوڻا ڦيڻا ۽ علاج ھيٺ ڏجن ٿا:

17. مٽيءَ جا ٻھ اٺ ٺاھي، انھن تي مٽيءَ جا ٺھيل ٻھ ماڻھو وھاري، پري جھنگ ۾ ڇڏي اچجن ۽ انھن کي چئجي تھ ”فلاڻي جو تپ جھلجئو.“

18. ڪنھن واھھ جي ڪپ تي منجھند وقت وڃي پنج يا نو ٽپ ڏجن تھ تپ لھي ويندو.

19. اس ۾ ڊوڙ پائجي ۽ ڇوڪرا سندس پاڇي کي ڌڪ ھڻن. انھي سوڻ ڪرڻ سان تپ ڇڏي ويندو.

20.            تپ واري کي اوچتو ڇرڪ ڏيارڻ سان بھ تپ لھي ويندو.

رات جو تپ يا چور تپ:

اھو تپ جو فقط رات جو اچي ۽ سج اڀرئي کان اڳ ڇڏي وڃي. انھي تپ جا علاج ھيٺين ريت آھن:

21. بيمار ماڻھوءَ جي کٽ جي واڻ ۾ سيرانديءَ واري پاسي، ھيٺان واڻ ۾ اھڙي طرح تالو ھڻجي جو مريض کي خبر نھ پوي. تپ لھي ويندو.[13]

22.            ڪنھن چور کان ڌاڳو وٽائي، تپيل جي ڳچيءَ ۾ ٻڌڻ سان تپ لھي ويندو.[14]

تپاولي:

23.            تپاولي جي موسم ۾ جيڪڏھن بوندون وسن تھ تپاولي جي بيماري ختم ٿي ويندي.[15]

ماتا جي بيماري:

ھن بيماريءَ جي شروعات چيلھھ، عضون جي سور ۽ تپ سان ٿيندي آھي. ٽن ڏينھن جي بخار کان پوءِ جسم تي سنھي داڻ داڻ نڪرندي آھي، جا ڏينھون ڏينھن وڏي ٿيندي ويندي آھي. پنجين ڏينھن ماتا جي داڻن ۾ پاڻي ڀرجڻ شروع ٿيندو آھي. ڏھين ڏينھن داڻا ڀرجي موٽ کائيندا آھن، پندرھين ڏينھن داڻا ۽ ڦٽ ڪڙيون ٻڌيو وڃن، جنھن بعد مريض کي ڇنڊو ڏيندا آھن. غسل ڪرڻ بعد مريض جو ڇِلو پورو ٿيو. ھيءَ وچرندڙ بيماري آھي، تنھنڪري مريض جي حفاظت ۽ مرض کي پکرڻ کان روڪڻ لاءِ ھيٺيان سوڻ ۽ اپاءُ ڪندا آھن:

1.      ڳوٺ ۾ سھو اچي نڪري تھ ڳوٺ ۾ ماتا جي بيماري پوڻ جو انديشو سمجھندا.[16]

2.     پندرھين ڏينھن جي عرصي ۾ گھر ۾ مڇي، پلو ۽ گوشت ڪونھ رڌيندا.

3.     ڇِلي واري عرصي ۾ ٻوڙ يا ڀت کي داغ نھ ڏيندا.

4.     ڏينھن ۾ ٽي دفعا مريض کي مسريا مسرياڻي لولي ڏيندا.

5.     ميري مٿي واري، يا ڪولھي ڀيل يا ڪنھن اڇوت کي مريض وٽ اچڻ نھ ڏيندا.

ڇنڊو ھڻڻ:

6.     ڇنڊي ڏيڻ واري ڏينھن ۾ ڪھر رڌي ننڍڙن ٻارن ۾ ورھائيندا ۽ ننڍڙن ٻارن کي ڪاٺ جا ننڍا لڪڻ وڍي ڏيندا، جيڪي گھوڙا ڪري لڪڻن تي چڙھندا ۽ گھوڙن کي ڊوڙائي ٿورو پرڀرو وڃي وري واپس گھوڙن جون ھڻڪارون ڪندا ڪھر ورھائيندڙ وٽ ايندا، ۽ ڪھر کائي وري گھوڙا ڊوڙائيندا واپس ايندا. ان ريت ڇنڊي جي رسم پوري ٿي.

7.     ماتا واري مريض کي ڦٽن تي ۽ اکين ۾ سرمو گھڻو پارائيندا آھن.[17]

سيتلا ماتا جي سواري وارڻ:

8.     جنھن ٻار کي ماتا نڪرندي، تنھن ٻار جي ماءُ يا پيءُ جيڪڏھن سيتلا ماتا جي سواري واريندو يعني سھو نھ کائيندو، تنھن ٻار کي ماتا ھلڪي نڪرندي ۽ ڪابھ تڪليف ڪانھ ٿينديس.[18]

ڪوڙي ماتا جو علاج:

9.     ماتا نڪتل ماڻھو کي گوھڙ پکيءَ جو ڪچو آنو کارائبو تھ ڪھڙي بھ ڪوڙي ٿيل ماتا سچي ٿي پوندي ۽ ماتا ڀرجي ايندي.[19]

ڳجھي ماتا ظاھر ڪرڻ:

10. جيڪڏھن ماتا ظاھر نھ ٿئي تھ مريض کي ريڍو کير پيارجي تھ ماتا يڪدم ظاھر ٿيندي.[20]

ماتا جا قسم:

11.  ماتا ٽن قسمن جي ٿيندي آھي:[21]

1.                  موتين جي داڻن واري ماتا، جنھن ۾ داڻا پاڻيءَ سان ڀرجڻ بعد موتين وانگر جرڪندا آھن.

2.                 ڳل ماتا، جنھن ۾ نڙي سڄي پوندي آھي ۽ زبان ڦاٽي پوندي آھي. بعضي رت جا دست بھ ٿي پوندا آھن ۽ بدن تي بخار تمام گھڻو ٿيندو آھي.

3.                 ٿر ماتا، جنھن ۾ ڳالھائڻ بند، دل ٻوسٽ ۽ ماند ڪائي، بخار جي سختي، کل جي اندران ڳاڙھا ۽ ڦٽ ٿي پوندا آھن، مگر ظاھر ۾ ڪوبھ نشان ڪونھ ھوندو اٿس.

بيماريءَ جو علاج:

1.      ڪولھين ۾ جيڪڏھن ڪو بيمار ٿيو تھ ان جي علاج لاءِ ڀوپو ڌوڻائيندا، پوءِ اھو جيڪو بھ علاج ٻڌائيندو ان مطابق ڏس ڪرڻ سان مريض چڱو ڀلو ٿيندو. ڀوپو ھن طرح ڪندو ڀوپو پاڻ سان ڏاڪ وڄائڻ وارو بھ وٺي ايندو. اڪثر ڪري اھو ڌنڌو رات جي ماني کائڻ کان پوءِ يا صبح سويلي ڪندا آھن. پٽ تي ھنڌ وڇائي، بيمار کي ان تي سمھاري مٿانئس ڪپڙو وجھي ڇڏيندا. بيمار جي سيرانديءَ کان ڀوپو ۽ ڏاڪ وارو ٿي ويھندا. ڀرپاسي ۾ ٻيا بھ مڙي اچي وھندا. ڏاڪ وارو ڏاڪ کي چاڙھي، سر ملائي تيار ڪري، وڄائڻ شروع ڪندو. واڄي کي وڄائي ”ڏؤنا“ ڏيڻ شروع ڪندو. ڏؤنا، ھندي يا ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ھوندا آھن. ڏؤئا ڏيندو ويندو ۽ ڏاڪ کي زور وٺائيندو ويندو، تان جو ڀوپو ڪنڌ ڌوئڻ شروع ڪندو. پوءِ جڏھن موج ۾ ايندو، تڏھن ھڪلون ڪندو ۽ اٿندو وھندو، وري ھڪلون ڪندو بيمار جي چؤگرد ڦرندو. بيمار جا مائٽ، ڀوپي کان پڇندا تھ بيمار کي ڇا ٿيو آھي ۽ علاج ڪھڙو ڪجي؟ ڀوپو ڪنڌ ۾ ڌوڻيندو ويندو ۽ ھڪلون بھ ڪندو ويندو ۽ بيماريءَ جو سبب پڻ ٻڌائيندو ويندو. ڏسيل علاج مان جيڪڏھن فائدو نھ ٿيو تھ ٻيھر ڀوپو مريض کي کٽ يا ڏاڪڻ تي کڻائي، ڪنھن مقرر ڪيل حد تائين، ست گھمرا اچ وڃ ڪرائيندو ۽ ان بعد ڇيلو يا گھيٽو خيرات ڪرائيندو.[22]

زھريلن جيتن ۽ جانورن جو چڪ ۽ ان جا علاج:

1.      ڏينڀو ۽ ککر جو ڏنگ لڳي تھ ٻيءَ ذات واري کان ٽنگ تي ڦيڻ ھڻائجي.[23]

2.     ڏنگ واري ھنڌ تي اڳٺ گھمائڻ سان ايذاءُ لھي ويندو.

3.     ڏنگ واري ھنڌ تي ٽاڪور ڪرڻ سان سور گھٽجي ويندو.

وڇونءَ جي ڏنگ جو علاج:

4.     وڇونءَ جي کاڌل تي جھاڙ رکائجي تھ زھر لھي ويندو.

5.     وڇون ساڙي ڏنگ واري جاءِ تي سيڪ ڏيڻ سان ايذاءُ لھي ويندو.

6.     ڏنگ واري جاءِ تي نم جو سائو ٽارو گھمائجي.

7.     وڇونءَ جي ڏنگ تي ڏسڻي آڱر رکي، ويھن کان ھڪ تائين يڪي ساھي انگ ڳڻي، ست دفعا ڏنگ تي دم ڪجي تھ سور لھي ويندو.

8.     جنھن وڇونءَ ڏنگ ھنيو ھوندو، ان کي ماربو تھ سور نھ ٿيندو.

9.     جنھن پاسي وڇون ڏنگي، ان جي ابتڙ پاسي تي سمھجي تھ سور لھي ويندو.

10. ٻيءَ ذات واري جي ڦيڻ ۽ انجي پير جي مٽي وڇونءَ جي ڏنگيل ھنڌ تي لائبي تھ سور ڇڏي ويندو.

11.  مور جي کنڀ جي رنگين ٽڪي، حقي يا ٻيڙيءَ ۾ پيارجي تھ وڇونءَ جو سور لھي ويندو.

12. گدامڙيءَ جو ٻج گھي ڏنگيل ھنڌ تي رکجي تھ سور لھي ويندو.

13. ستن کوھن جي پاڻي کي نيم گرم ڪري، ان ۾ پير وجھجي تھ وڇونءَ جي ڏنگ جو سور لھي ويندو.

14. ھٿن پيرن جي ننھن جي سڙيل رک وڇونءَ جي ڏنگيل ھنڌ تي رکجي تھ سور لھي ويندو.

ڇتي ڪتي جو چڪ:

15. ڇتو ڪتو چڪ پائي تھ ڪنھن قريشي پير کان پاڻي پڙھائي چڪ پاتل کي پيارجي تھ ٺيڪ ٿي ويندو. قريشي پيرن کي ڇتي ڪتي جي چڪ لاءِ پاڻي پڙھي ڏيڻ جو ھدو مليل آھي. [24]

جانورن جون بيماريون ۽ ان جا علاج:

1.      جنھن گھوڙي کي ”سرڻيون“ (گھوڙي جو ھڪ مرض، جنھن سبب گھوڙي جي چيلھھ ڏڪندي آھي) ھجن، تنھن کي گدڙ رڌي کارائجي تھ اھو مرض ڇڏي ويندس.[25]

2.     ڪتي کي زبان ۾ ڪنڊي جي بيماري ٿيندي آھي، جنھنڪري ڪتو کائي پي نھ سگھندو آھي، تنھنڪري ان کي لوھھ جي ٿانءَ ۾ کاڌو کارائبو تھ ڪتي جي زبان ٺيڪ ٿي ويندي.

3.     ڇتي ڪتي تي ٻير جي ڊنگھري رکبي تھ جلد مري ويندو.

عضون ۾ کھھ ٿيڻ:

اڪثر جسم جي ھٿن ۽ پيرن جي ترين ۽ نڪ ۾ کھھ ٿيڻ سان سوڻ ڳنڍين، جيڪي عام طور سڄيءَ سنڌ ۾ رائج آھن. جيئن تھ: ھٿن ۽ پيرن جي ترين ۾ کھھ ٿيڻ سان پئسا ملندا يا خرچ ٿيندو، ۽ نڪ کھھ ٿي تھ بيماري ڏسڻي پوندي. پر ملڪ جي ھڪ ڀاڱي ۾ جيڪو سوڻ سڀاڳ سمجھيو وڃي ٿو، سو ٻئي ڀاڱي ۾ نڀاڳ شمار ٿئي ٿو. عضون ۾ کھھ ٿيڻ بابت سنڌ جي جدا جدا حصن مان مليل سوڻن جون روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

ھٿ جي تريءَ ۾ کھھ ٿيڻ:

1.      ھٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي تھ ڪٿان نھ ڪٿان پئسا ملندا.[26]

2.     ھٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي تھ ڪنھن سان ھٿ ملائبو يعني ملاقات ٿيندي. [27]

کاٻي ھٿ جي تريءَ ۾ کھھ ٿيڻ:

3.     کاٻي ھٿ جي تريءَ ۾ کھھ ٿي تھ پئسا ملندا.

ساڄي ھٿ جي تريءَ ۾ کھھ ٿيڻ:

4.     ساڄي ھٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي تھ پئسا ملندا.

5.     ساڄي ھٿ جي تريءَ ۾ خارش ٿي تھ پئسا خرچ ڪبا.

پير ۾ کھھ ٿيڻ:

6.     پير جي کڙي ۾ کھھ ٿئي تھ پئسا خرچ ڪرڻا پوندا.

7.     جنھن عورت جي پير جي تريءَ يا کڙيءَ ۾ کھھ ٿئي، تنھن جي ان وقت ٻئي ڪنھن ھنڌ گلا ٿيندي ھوندي.

نڪ ۾ کھھ ٿيڻ:

8.     نڪ ۾ کھھ ٿيڻ سان بيماري ڏسڻي پوندي.

عضون جو ڦرڻ:

بدن جي عضون ڦرڻ (ڏڪڻ) مان سڀاڳ ۽ نڀاڳ جا اھڃاڻ ڪڍندا آھن. عام طور جسم جا سڀ عضوا ڦرن ٿا، پر اکين ۾ ڪلھن جي ڦرڻ مان سنڌ جي مختلف حصن ۾ جدا جدا سوڻ ڳنڍيندا آھن، جي ھيٺ ڏجن ٿا:

عورت جي ساڄي اک ڦرڻ:

1.      عورت جي ساڄي اک ڦري تھ سڀاڳ.[28]

2.     عورت جي ساڄي اک ڦري تھ مائٽ ملنس يا ڪنھن شاديءَ جي دعوت ملي.

3.     عورت جي کاٻي اک ڦري نھ نڀاڳ.[29]

مرد جي ساڄي اک ڦرڻ:

4.     مرد جي ساڄي اک ڦري تھ نقصانڪار.[30]

5.     سفر تي اسھڻ وقت مرد جي ساڄي اک ڦري تھ نڀاڳ، سفر ملتوي ڪرڻ گھرجي.

6.     مرد جي کاٻي اک ڦري تھ سڀاڳ.[31]

عورت جي کاٻي اک ڦرڻ:

7.     عورت جي کاٻي اک ڦري تھ نقصانڪار.[32]

8.     عورت جي کاٻي اک ڦري تھ سڀاڳ.[33]

مرد جي کاٻي اک ڦرڻ:

9.     مرد جي کاٻي اک ڦري تھ سڀاڳ.[34]

10. مرد کي کاٻي اک ڦري تھ پري جا دوست ڏسي، عزيزن جي خوشي حاصل ٿئي، شاديءَ جي دعوت ملي.

11.  مرد جي کاٻي اک ڦري تھ نڀاڳ.[35]

نڀاڳ واري اک جو ڦرڻ بند ڪرڻ لاءِ علاج:

12. ڦرندڙ اک تي ڄار جو ڪچڙو پن، ڏندن سان چٿي رکبو تھ ان جي کاري رس سبب اک جو پڌر سڙندو ۽ اک ڦرڻ بند ٿيندي.[36]

13. ڦرندڙ اک جي پڏر تي لوھھ جي ڪابھ شيءِ مثلا چمٽو، وراڻي وغيره گھمائڻ سان اک جو ڦرڪو بند ٿي ويندو.

14. اک ڦرڪڻ بند نھ ڪري تھ جتيءَ جي پادر جي کڙي اک جي پڏر تي مھٽبي تھ اک جو ڦرڪڻ بند ٿي ويندو.

15. ڦرندڙ اک جي پڏر تي ڪڙي تيل مان آڱري ڀري لائبي تھ تيل جي پوسراڻ تي اک جو ڦرڻ بند ٿي ويندو.

16. مسجد جو ڪک کڻي اک تھ گھمائجي تھ اک جو ڦرڻ بند ٿي ويندو.[37]

ڪلھو ڦرڻ:

17. ڪلھو ڦڙڪندو تھ ڪنھن سان ڀاڪر پائي ملبو.[38]

18. ڪلھو ڦريو تھ ڪنھن دوست سان ملاقات ٿيندي.[39]


 

[1]   ٦٨.  کان  ٧١.  محمد طالب لوھار.

[2]   ٧٢.  کان  ٧٤.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[3]   محمد طالب لوھار.

[4]   تعلقو حيدرآباد.

[5]   ٧٧.  کان  ٧٩.  محمد طالب لوھار.

[6]   ١.  کان  ٤.  محمد طالب لوھار.

[7]   ٥.  کان  ٨.  محمد طالب لوھار.

[8]   ٩.  ۽  ١٠.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[9]   ١١. ۽  ١٢.  محمد طالب لوھار.

[10]   محمد طالب لوھار.

[11]   ٢.  کان  ٨.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[12]   ٩.  کان  ٢٠.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[13]   تعلقو حيدرآباد.

[14]   محمد طالب لوھار.

[15]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[16]   محمد طالب لوھار.

[17]   ٢.  کان  ٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[18]   محمد طالب لوھار.

[19]   محمد طالب لوھار.

[20]   تعلقو حيدرآباد.

[21]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[22]   محمد طالب لوھار.

[23]   ١.  کان  ١٤.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[24]   محمد طالب لوھار.

[25]   ١.  کان  ٣.  محمد طالب لوھار.

[26]   الھڏنو فقير ماڇي.

[27]   ٢.  کان  ٨.  محمد طالب لوھار.

[28]   ١.  ۽  ٢.  محمد طالب لوھار.

[29]   محمد پناھھ ڦرڙو ۽ الھڏنو ماڇي.

[30]   ٤.  ۽  ٥.  محمد طالب لوھار.

[31]   محمد پناھھ ڦرڙو ۽ الھڏنو ماڇي.

[32]   محمد طالب لوھار ۽ الھڏنو ماڇي.

[33]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[34]   ٩.  ۽  ١٠  محمد طالب لوھار ۽ محمد پناھھ ڦرڙو.

[35]   الھڏنو فقير.

[36]   ١٢.  کان  ١٥.  محمد طالب لوھار.

[37]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[38]   تعلقو حيدرآباد.

[39]   الھڏنو فقير.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org