سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :22

 

مڙدو چکيا چاڙھڻ:

ڪائي کڻڻ وقت چار ڄڻا، ڪائي کڻي ڪلھي تي رکندا، اھڙيءَ طرح جيئن مڙدي جو مٿو مساڻن ڏي ۽ پير گھر ڏي ٿين. ڳوٺ کان ٻاھر نڪرڻ تي مقرر ڪيل ويساھين (مارڳ) جي ھنڌ تي پاڻي ڇنڊو وجھي مڙدو ھيٺ رکندا. اتي ڪفن مان ٿوري اڳڙي ڦاڙي، ويساھين واري وڻ ۾ ٻڌندا. ڪائيءَ کي وري اھڙي ريت کڻندا، جيئن مڙدي جو مٿو گھر ڏانھن ۽ پير مساڻن ڏانھن ٿين. اھڙي ريت واري وٽي تي ڪلھا ڏيندا، مساڻن ۾ پھچن. مڙدي کي مساڻن تائين پھچائڻ لاءِ گھڻو ڪري ڳوٺ جا سڀ ماڻھو ھوندا، جن سڀني کي مٿي تي ڦڙڪي ٻڌل ھوندي، ڪي ماڻھو اھا ڦڙڪي مساڻن مان واپس اچڻ تي لاھيو ڇڏين، ڪي ٽن ڏينھن بعد ۽  جيڪي ويجھا عزيز ھوندا، سي ڪريا ڪرم تائين ٻڌندا. جو يارھين ڏينھن ٿيندو. مڙدي کي مساڻن تائين پھچائڻ کي ”سر“ چوندا ۽ جيڪي ماڻھو ڪانڌي ٿي ويندا، تن کي ”نھارو“ چوندا.

 

چکيا چاڙھڻ (مڙدو جلائڻ):

مساڻن ۾ پھچڻ بعد زمين تي پاڻي ڇنڊو ھڻي مڙدو ھيٺ رکندا. چکيا لاءِ جاءِ مقرر ڪري، ڪاٺين جي چکيا تيار ڪري، ان مٿان مڙدو رکي، ڪاٺيون ڏيئي، ڪائيءَ کي اڇل ڏيندا تھ مڙدو وڃي چکيا مٿان پوندو. ڪائيءَ جون ڪاٺيون ڪين جلائبيون. چکيا کان ٿورو پرڀرو ٻي باھھ ٻاريندا، جنھن مان چار ڄڻا جدا جدا ھڪ ھڪ ڏونگھي ڪاٺيءَ ۾ ٽنبي، ڪاٺين کي جلائي، ساڳئي وقت چئن پاسن کان باھھ ڏيندا، ائين ڪرڻ کي ”لانپوئا ڏيڻ“ چون. مڙدو اڌ جلڻ تي ھوندو، تڏھن وري مڙدي تي گيھھ وجھندا. جڏھن مڙدو سڙي خاڪ ٿي وڃي، تڏھن موٽي اچن.

 

انجليون ڏيڻ:

جيڪي ماڻھو مڙدي سان گڏ مساڻن تائين وڃن، تن کي ”ڪانڌي“ چون. مساڻن مان موٽڻ تي سڀ ڪانڌي ھڪ ھنڌ سنان ڪن، ۽ سنان بعد اتي ئي فوتيءَ جي نيت پنج پنج ٻڪ پاڻيءَ جا ڪنھن سائي وڻ کي ڏين. ائين ڪرڻ کي ”انجليون“ ڏيڻ چون. ان بعد گھر پھچڻ کان اڳ ۾ رستي تي ھڪ ھنڌ سڀئي ڪانڌي ويھي، ”شري“ لفظ لکن. اڻ پڙھيل وري اول اڀا ليڪا ۽ پوءِ انھن تان آڏا ليڪا ڪڍن، جن کي ”کيڙيا ۽ ڀيليا“ چون (عام طور انھيءَ اصطلاح مان ماڻھو اھو مطلب وٺن تھ ھڪڙو ڏينھن کيڙڻ يعني ڄاپڻ جو ۽ ٻيو ڏينھن ڀيلڻ يعني مرڻ جو).

 

ڪانڌيپو:

جيڪڏھن مرڻو وڏو ھوندو ۽ فوتيءَ جي پٺيان خرچ بھ ڪرڻو اٿن تھ پوءِ ڪانڌين جي موٽي اچڻ تي يڪدم ديڳ ڀت يا سيري جي لاھي ڪانڌين کي کارائين، جنھن کي ”ڪانڌيپو“ چون. اھو رواج ٻھراڙين جي ذاتين ۾ آھي، پر شھري ذاتيون جھڙوڪ برھمڻن، مھيشورين ۽ لھاڻن ۾ ڪونھي.

 

ڏيئو يا ڏيو:

ڏيئي جي رسم سڀني ھندو ذاتين ۾ آھي، پر مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ ٻيءَ ريت آھي. انھن ذاتين ۾ جڏھن ڪو ماڻھو مرڻ جي ويجھو ھوندو، تڏھن گيھھ جو ڏيو ٻاريندا، جو يارھن (١١) ڏينھن، رات ڏينھن ٻرندو رھندو. فوتيءَ جي ٽن ڏينھن بعد ھڪ خاص ماڻھو ڏيئي جي ڪريا ڪرم لاءِ ويھاريندا، جنھن کي ”ڏيئي ويٺل“ چون، جيڪو ھر روز صبح جو کوھھ يا تلاءَ تي وڃي ڪريا ڪرم (انجليون ۽ ڪتن لاءِ ڪڻڪ جو اٽو) ڪري ايندو. ھو ائين يارھن ڏينھن ڪندو، جيسين ڪريا ڪرم ٿئي. ٻھراڙيءَ جي قومن جھڙوڪ ٺڪرن، سوٽھڙن، بجيرن، درزين، چارڻن وغيره ۾ فقط پڇاڙيءَ جي ھڪڙي رات ”ڏيئو“ ڪن.

 

ٽئيو (ٽيون ڏينھن):

قضيي جي ٽئين ڏينھن صبح جو فوتيءَ جا ٻھ عزيز، ڪريا ڪرم لاءِ پاڻي کڻي مساڻن ۾ ويندا. اتي سڙيل چکيا جي رک پاڻي سان ٺاري گڏ ڪندا ۽ فوتيءَ جون ٻھ – ٽي ھڏيون، جن کي ”ڦل“ چون، چونڊي موڙي ٻڌي کڻي ايندا، پوءِ اھي گنگا نديءَ ۾ اڇلڻ لاءِ موڪلي ڏين. مھيشورين ۾ ڦل چونڊڻ برھمڻ ويندو. مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ ٽيجھي جي ڏينھن کوھھ يا تلاءَ تي مٿو ڌوئڻ وڃن، جن ۾ اڪثر اھي ھوندا، جن فوتيءَ جي پٺيان ڦڙڪي ٻڌي ھوندي. اتي پھچڻ سان (انجلين وغيره جو) ڪريا ڪرم ڪري، ميٽ مٿي ۾ وجھي سنان ڪندا. سنان ڪرڻ بعد ھڪ ھڪ کي ”امڙو“ ڏيندا، پوءِ واپس گھر ايندا. ۽ ٿورو وقت رکي پوءِ پنھنجي گھر ويندا. پوءِ جنھن کي ڦڙڪي لاھي پٽڪو ٻڌڻو ھوندو، سو پٽڪو وٺي فوتي جي گھر اچي ٻڌندو ۽ ٻين کي ڦڙڪي اٽڪل يارھن ڏينھن کن ٻڌل ھوندي، جيڪي ڪريا ڪرم بعد پٽڪو ٻڌندا. ٽيئي جي ڏينھن برھمڻن ۽ عزيزن کي فوتيءَ جي گھر کارائيندا.

 

سٿراڙو:

جيڪڏھن فوتي شاھوڪار ھوندو ۽ پٺيان مارڪي يا اوسر جي خرچ ۽ مٺا:ءَ جو خيال ھوندو اٿن تھ پوءِ پنھنجي نيڪي لاءِ ايندڙ ماڻھن کي ڪريا ڪرم تائين ھر روز سيرو کارائين ۽ رات جو اھي ماڻھو پنھنجا ھنڌ بسترا وٺي، ڪريا ڪرم تائين فوتيءَ جي گھر پٽ تي سمھن، انھن کي سٿراڙو چون. ٻيو آھي ”سٿراڙو ڪرائڻ“، جيڪو ٻھراڙيءَ جي قومن ۾ ٿئي ۽ خاص وڏي مرڻي تي ڪن، جنھن ۾ آيل ماڻھن کي ڪريا ڪرم تائين چڱو چوکو کارائين.

عام طرح فوتيءَ جي گھر عزيزن سان ھمدردي ڪرڻ خاطر رات جو ھيٺ پٽ تي سمھن. ائين ڪرڻ کي ”سٿراڙي سمھڻ“ چون. مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ ٽئين ڏينھن تي کارائڻ جو رواج ڪونھي، پر سڀ عزيز قريب ھيٺ پٽ تي سمھن، يعني سٿراڙي سمھن.

 

ڪريا ڪرم:

يارھين يا ٻارھين ڏينھن ، جيڪو برھمڻ ڏينھن مقرر ڪندو، انھيءَ ڏينھن ڪريا ڪرم ڪندا. اڱڻ تي ليپو ڏيئي، ”ھون“ ڪري، ويد منتر پڙھندو. ان وقت برھمڻن وغيره کي فوتيءَ جي نيت دان پڃ ڪندا. انھيءَ کي ”اڱڻ جي ڪريا“ چون. ساڳي وقت کوھھ يا تلاءَ تي ڪريا گر، ڪريا ڪرم ڪندو. ان بعد مارڪي جي صبح جو ويلو کارائڻ شروع ڪندا.

مھيشوري ۽ برھمڻ ذات جا انھي ڪريا ڪرم بعد ڦڙڪيون لاھي پٽڪا ٻڌندا، پوءِ ٻانڀڻ اتي ويٺل ھوندو، جيڪو سڀني کي تلڪ ڏيندو. پوءِ عزيزن قريبن کي سيرو يا ٻيو مٺو طعام کارائيندا. جيڪڏھن فوتي شاھوڪار آھي تھ سندس پويان پنھنجي ناموس يا خيرات لاءِ ٻانڀڻن کي کارائيندا. انھيءَ کاڌي کي ”ماستان“ (ٻانڀڻ جي نيت) چوندا.

 

مارڪو (اوسر):

عام طرح سڀني ھندو ذاتين ۾ رواج آھي تھ وڏي مرڻي جي حالت ۾ پڇاڙيءَ جي ڪريا ڪرم واري ڏينھن مارڪو ڪندا، جنھن ۾ پنھنجي نيات وارن لاءِ خاص طرح ۽ ٻين بھ ماڻھن کي مقرر ٻھ ويلا کارائيندا. ھڪ رات جو ٻيو صبح جو. رات جو مٺائي ٿيندي تھ صبح جو بھ مٺائي. اھڙيءَ طرح نيڪيءَ لاءِ حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪري ماڻھن کي کارائيندا ۽ گھڻو خرچ ڪندا. اھو رواج گھڻو ڪري سڀني ھندو ذاتين ۾ ٿئي.

 

سنکو ڍار:

ڪريا ڪرم بعد ٻئي ٽئي ڏينھن ڪن ذاتين ۾ رواج آھي تھ ٻائو (سامي) جدا جدا ڪريا ڪرم ڪندو، جنھن کي ”سنگوڍار“ چوندا. رات جو ٻائو، پاٽ ٺاھي، ڀرسان ھڪ چيلو ڪري ويھاريندو. گيھھ جو ڏيئو ٻرندو رھندو ۽ اسر جو اھو ڏيئو زمين ۾ کڏ کڻي پوري ڇڏيندا. اھو رواج ٻھراڙيءَ جي ذاتين ۾ آھي، پر مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ ڪونھي.

 

شراڌ:

فوتيءَ کي ھڪ سال گذرڻ پوءِ، بڊي مھيني جي ١٥- تاريخ بعد فوت ٿيڻ واري تِٿ تي مٺائي ڪري ٻانڀڻن ۽ ويجھن عزيزن کي کارائيندا ۽ دان پڃ ڪندا. اھڙي طرح سال بسال ساڳيءَ تِٿ تي ڪندا رھن، انھي رسم کي ”شراڌ“ چون.

اھا رسم سڀني ھندو ذاتين ۾ آھي. مھيشورين ۽ برھمڻن ۾ انھيءَ ڏينھن تي برھمن سڏي ڪريا ڪرم ڪرائيندا ۽ انھن توڙي ٻين مٽن مائٽن کي  بھ کارائيندا ۽ دان پڃ ڪندا.

 

سوٽھڙن جون رسمون:

فوتيءَ جي ٽئي ڏينھن صبح جو نيراني ڪڻڪ جو اٽو، گيھھ، ڏونگھي، کٽمٺا وغيره کڻي، مساڻ تي ويندا، اھي چار ماڻھو جن پھريائين ڪائي کي ڪلھو ڏنو ھوندو، سي ضرور گڏ ھوندا. اتي اٽي کي ڳوھي، ڏيئو ٺاھي، ان ۾ گيھھ ۽ وٽِ وجھي ٻاري رکندا، ۽ ننڍن چمٽن سان انھيءَ رک مان ھڏا چونڊيندا. انھن ھڏن کي ”ھاٺي“ ۽ ”ڦل“ چوندا. پوءِ ڇاري ۽ ھاٺي کڻي ايندا، جيڪا شاھوڪار ماڻھو گنگا يا جمنا ندي ۾ وجھارائين. ٻيا غريب ماڻھو وھندي مڙسان تار پاڻيءَ ۾ وجھندا.

مڙدي جي ھيٺان سنھيون ڪاٺيون، مٿان ٿلھا ڪاٺ رکي، وچ ۾ مڙدي کي رکي، پاسن کان اڀا ڪاٺ ڏيئي، مٿان اڏاوت وانگر ڪاٺ رکي، پوءِ انھيءَ مئل تي گيھھ وجھندا. غريب ماڻھو مٺو تيل ڪم آڻين. گيھھ سان جدا باھھ ٻاري، ڊگھين ڪاٺين ۾ اڳڙيون ويڙھي گيھھ مان پسائي، انھن کي باھھ ڏيئي، انھن لڪڙن سان مڏ کي باھھ ڏيندا. ٽن يا چئن سالن وارن عمر جي ٻارن کي ڪونھ ساڙين.

اٺن سالن تائين عمر واري ٻار جو ختمو نائين ڏينھن ڪن، ان کان وڏي عمر واري جو ختمو ٻارھين ڏينھن ڪن، جنھن کي ”ٻانڀڻ کارائڻ“ چون. يارھين ڏينھن ڪريا ڪرم ڪنھن کوھھ تي ڪرائين.

ڪريا ڪرم کان اڳ، يارھن ڏينھن انھيءَ جڳھھ تي، جتي مڙدو (پِراني) رکيل ھوندو، اتي روزانو شام جو گابي کي ڦيرائيندا تھ جيئن فوتيءَ جي روح کي ثواب ملي ۽ سندس واسو بھ انھيءَ جاءِ تان ختم ٿئي.

 

سنکو ڍار:

گھڻو ڪري ٻارھن ماسا تور واري نٿ سنکو ڍار ڪندا. ان موقعي تي گروءَ کي گھرائين ۽ ٻيا عزيز قريب بھ گھرائين. رات جو ٻائو ”ڀون“ ڪندو. پنجن ڏاڪن واري ھڪ ننڍي ڪاٺڙين جي ڏاڪڻ ٺاھيندو، ٿالھھ ۾ کير ۽ سوناگيڙو وجھي ملائي رکندو، ڪڻڪ جي اٽي جو ماڻھوءَ جو پتلو ٺاھي، انھيءَ کير ۾ رکندو. سڀ عزيز ڪوڏي جھڙو ننڍرو سنک کير مان ڀريندا، پتلي جي مٿان لاھيندا ۽ ٻائو منتر پڙھندو رھندو، جنھن تي ٻائي لاءِ گھور پئي ھلندي. جيترا عزيز گھڻا ۽ شاھوڪار، اوترو ٻائي جو ڍءُ نڪرندو. آخر ۾ ٻائو، پتلو ڏاڪڻ تي چاڙھڻ شروع ڪندو. ھر ھڪ ڏاڪي تي دان پڃ وٺندو رھندو. آخرين ڏاڪي بعد اھو پتلو، ڏاڪڻ، سڄو ٺاٺ کير سميت ٿالھھ ۾ رکي، چئن ماڻھن ھٿان اھو سمورو سامان وھندڙ پاڻيءَ ۾ لوڙھائي ڇڏيندا. پوءِ دروازي تي اچي در کڙڪائيندا ۽ انھن کان اندران ٻائو پڇندو تھ گھڻا ڄڻا ويا ھئا؟ ھو جواب ڏيندا ”پنج“. وري ٻائو سوال ڪندو تھ آيا گھڻا ڄڻا آھيو؟ ھو جواب ڏيندو تھ ”چار“، پنجون ويو سرڳ دئار. ان بعد ”سنکو ڍار“ جي رسم پوري ٿي.

 

پار ۽ اوسارا:

قضيي جي پٿر تي زالون ”پار“ ڪڍي روئن ۽ ”اوسارا“ ڏين. قضيي ٿيڻ جي وقت کان وٺي، جنازي کڄڻ تائين، ڪانڌين جي موٽڻ، عذر خواھي لاءِ ايندڙ عزيزن، ٽيجھي وغيره جي موقعن تي زالون سياڪو ڪن، روڄِ پِـِـٽڪو ڪن، ۽ ان سان گڏ ڪي ڏک وارا ٻول چون، جن کي ”پار“ يا ”اوسارا“ چون. پار ۽ اوسارا، مردن لاءِ جدا ۽ عورتن لاءِ جدا ٿين. وري مختلف عمرين لاءِ بھ پار ۽ اوسارا مخصوص ٿين، يعني ٻار لاءِ جدا تھ وڏي لاءِ جدا، ڇڙي لاءِ جدا تھ پرڻيل لاءِ جدا. ھيٺ سنڌ جي مختلف حصن مان مليل پار ۽ اوسارا ڏجن ٿا.

 

پار:

فوتيءَ جون ويجھيون عزيزياڻيون يا سوءِ واريون، پٿر تي ويھي ۽ منھن تي پوتي وجھي ”پار“ ڪڍنديون. ھيٺ عمر جي لحاظ کان جدا جدا پار ڏجن ٿا:

عام پار (جيڪي ھر ڪنھن قضيي تي چون).

1.      سڱ نھ سڱن جھڙو، مون کي ڇنڻ سور ٿيو[1].

2.     ھوڏانھن وسن مينھڙا، توکي جھڙ ورائي جھليو.

3.     مقام نھ تنھنجو جوڙ، تون سونھين ڀائرن وچ ۾.

4.     لڏي وڃي لڏ، وري آءٌ لڏيان لڏ سان.

5.     ڪوڙيون آجھائون، جيجان جوڳيڙن جون.

6.     ھنيون تھ ھيرڻ پن جان، ڦٽي ٿيو ڦاڪون.

7.     مرن سي طبيب، جن ٻڪي نھ ڪئي ٻاجھھ جي.

8.     مر مران آءٌ، منھنجي ڪيچين کي ڪيم ٿئي.

9.     سور م ڏيو ڌوڻ، آءٌ اڳ ڏکويل آھيان.

10. سورن کي شاباس، جن ننڍي ھوندي نينھن ڪيو.

11.  سور ڏنئي سوکڙيون، ڏک ڏنئي ڏيج.

12. ڀؤنر نھ ڀيرو لاھھ، جيسين واس وڻن ۾.

13. موت ٿو ماري، وجھي وڇوڙو ورھين جو.

14. ڏکي ڏاٽو ھٿ ۾، مٿس بار ڀريون.

15. ڏکي ڏاتار جي، ڪھڙي پت پرندي.

16. ڀتين ڀر ويھي، مون ڏکيا ڏينھن گذاريا.

17. ڳيريون ڳوٺ ڪنڌين ۾ جھرڪيون جھونگارين.

18. ويچاري واري، ٿڌي ڇانو اباڻن جي.

19. ڇپر پئي ڏڪار، منھنجي مين جي موٽ ٿئي.

20.            صفو ڏکڻ سامھون، توکي ٿڌڙو لڳي واءُ.

21. ملير ماڻيائون، امر ساڻ الله جي.[2]

22.            ستن ڪھڙي سار تھ ڪي وٺا مينھن ملير تي.

23.            پھرين ڏنئي ھيج، پوءِ گڏيئي گوندرين.

24.            پاڙي ۾ پاڙو، اڱڻ مڙوئي ھڪڙو.

25.پاڙوسيءَ روئي، چاڪ منھنجا چوريا.

26.            ساريندا سيئي، جني سندو آھين.

27.              اکين ڪين چيو تڏھن رت نھ رنائون،

رت نھ رنائون، تڏھن بيٺي ڏٺائون.

28.              سسئي ٻڌو اکيو، پنھل ٻڌا موڙ

گھڙي منجھھ ڀنڀور، ٻنھي لانئون لڌيون.

29.            ڏور تھ ڏوريون تن کي، پر ڏورڻ کان ئي ڏور ٿيا.

30.            اڄ اباڻن آسري، ڪتيو ڪين ڪيوم.

31. آيس اڳينءَ ھير، اڄ سڪ سلامن نھ لھي.

32.            اڄ لکڻ واري لکيو، ڪونھي مئيءَ جو وس.

33.            اڄ نڪا تڙ تنوار، نڪا ٻڪر ٻيڪ جي

ادي اڄ پھنوار، وئڙم کنوڻ پاس کڄي.

34.            نڪي گجيو، نڪي گڙيو، وسي مينھن ويو

اوچتو آيو، سؤدو صرافن لاءِ.[3]

35.ويري ويٺم واٽ تي، ڀري وھھ وٽيون

اسان پرت وارو پھھ، ڦٽو ڪيو فراق ۾.

36.            ويري ويٺم واٽ تي، ڀري وھھ وٽيون

اسان لاءِ گھٽيون، گھمڻ ڏاڍو ڏک ٿيو.

37.            ويري ويٺم واٽ تي، وٽيون وھھ ڀري

سوئي سڏ ڪري، سڄڻ کي سڪ مان.

38.             ھنيو ھيرڻ پن جان، ٿيو ڦٽي ڦارون

اسان وٽ اڄ ئي، عزرائيل آيو اوچتو.

39.            ھينئون ھيرڻ پن جان، ڦٽي ٿيو ڦارون

اسان وٽ اوڀارون، عزرائيل آيو اوچتو.

40.            ڦڪيءَ فرق نھ ڪيو، مڙيا لک طبيب.[4]

41. اوچتو آيو، تنھنجي ڦاھيءَ اتي پير.

42.            ٿڌو نھ پاڻي، نھ واءُ وڃڻو، اھو امر ٻجھي اتي.

43.            مارو نھ ميرا، نھ مارن ميرا ڪپڙا

اٿن آڌي رات جو، ڏين ڀٽن تي ڀيرا.

44.            مرڻي ھجان تھ مري وڃان، ناھي منھنجو وس.[5]

45.تيڏي قبر ڪون رکان ٻاريان (دريون)، اتي رکان تڪڻ دي جاءِ

46.            لکڻ واري لکيو، مان انگ نھ ميسائيان

رئڻ منھنجي وس ۾، مان روئڻؤن بس نھ ڪيان.

47.            لوڪ لکيڻو پيو وسي، سڀ پرائو لوڪ

لڏڻ وارو لڏيو، لڏي ڇڏيون جھوڪ.

48.            وندر سڀ ووڙيان، وندر ۾ ويھي

موت مسافر سپرين، پيا رات رھي.

49.            موت ماريان نھ مرون، ماريا وڇوڙي

وڇوڙو وڌئي ورھين جو، جيءَ ۾ جوڙي.

50.سڱ ساڳين ھجي، ويڳين ناھي ميار

ساڳيا ھجن سپرين، ٻيو لوڪ ھزار.

51. ڏکن کي ماريان ڏونگريون، ڏک نھ نيڙي آءُ:

وڻ وڻ ٽنگيئي اوجھري، سوريءَ ٽنگيو ساھھ.

52.سان ڪھايم دڳ تي، سونين سڱين نال

موت ڪھاڙا رڪ دا، ڪپيس چنڻ ڪاٺ.

53.ڪلر بُوندان چوڙيان، واليءَ آندا ڊاھھ

قبر ڪنڌي واڻي ھي، نھين آوڻ دي جاءِ.

54.الله دي ڪيتي مني ھم، منيم رب رضا

الله نھ ڪري ايجھي وسدين واقعا پيا.

55. تيڏي ٿوڪ رھج ڳئي، رھيئي رنجيپي نال

ماڻھين مارئي نھ سھان، رب نال مجال!

 

مڙس لاءِ پار:

1.      ڪي ڪيچ ويا. انگھن چاڙھي انگڙا.[6]

2.     لونگيون لاڳ سندن، ملير مٿانئن گھوريان.

3.     لونگيون سندن لاڳ، اڇا اوڍي ھليا.

4.     اڃا پئي جين، سڄڻ ساري نھ مرينءَ.

5.     چنيسر سان چاڳ، ھئا ٻٽي ڏينھڙا.

6.     نانگن سندو نام، لکيو لاھوت ۾.

7.     نانگا ننڊ نھ ڪن، ھئي نانگن من ۾.

8.     جوڳي نھ ڪجن مٽ، جن جو نينھھ پري.

9.     جوڳي جڳ گھڻا، پڇا پانھنجا.

10. جوڳياڻيون نھ مرڪن، جن جا جوڳي آيا جوءِ ۾.

11.  ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ، ڪڏھن مڙھھ مقام ۾.

12. پوري در ويا، ڪنڊا ڏيئي ٻاٻرا.

13. ميو نھ مري ھا تھ وڳ ويڳاڻو نھ ٿئي.

14. پٽن ڪين چيئي، تون ڪھڙي ڏمر لڏئين؟

15. مٽي ھن ملوڪ جي، مون کي خاڪ تھ کينڪاري.

16. ڇورا ڇورا م چئو، ڇورا مون مارين

ڇورن سنديون منھيون، ڊھيو ڊھيو پون

ٻاجھھ پوي چاچن مامن، من اڏي اڏي ڏين.

17. رنون ھوند نھ چڱيون، توڙي بادشاھھ ڌيئرون.[7]

18. رنون رنون م چئو، رنون ڪوھھ جيئن.

19. ڏمريو ڏيھھ ڌڻي، جنھن ڇاڄا ڇڏايا[8].

20.            اڱڻ پائي کٽ، ويو ٻاروچو نڪري.

21. اڱڻ اھيئي، پر جت نھ پسان جوءِ ۾.

22.            نڪي پيتم وھھ وٽي، نڪي کاڌ زھر ذرو

اھڙن سڄڻن لاءِ، پيان وھھ وٽي.

23.            ڏونگر جيڏو ڏڍ، ويم ڇپر جيڏي ڇانو

ڏونگر پيم ڊھي، ويم ڇپر جيڏي ڇانو.[9]

24.            اڄ بغل منجھھ بندوق، ماري ئي مرگھھ ڏنئون.

25.مھارون مين جو، وڃي ڇپر ڇڪيائون

26.            لاھيو سھاڳي ويس، اڄ ڏيوس ڏھاڳي ويس.

27.            ڪلھھ ڪالھوڻي ھئي، ٻھھ ٻھھ ٻاروچن جي.

28.            ايندم شھر ڌڻي، آءٌ عيبن کان آجي ٿيان.

29.            جيڪي آڻين سي پارين، اڄ سامون ساڻ نجن.

30.            پاھڻ پير پٿون ڪيا، رائي رت ڪيام.

31. ھيڪو وڻ ڪانھلو توتي ٿڙ باري.

32.            ھلو مون سان ميڙ ٿي، مون کي راڻو ريجھائي ڏيو.

33.            ھلو مون سان ميڙ ٿي، مون کي پنھل پرچائي ڏيو.

34.            وڻ وڻ ٽنگيم اوجھري، منھنجو سيکين پڪو ماھھ.

35.اڄ مندون موٽي آئيون، منھنجا وئڙا ڪين وريا.

36.            ميا نھ مرن ماڳ، جن اھر چِنون ٿي چانڊوڪين ۾.

37.            وندر واٽون ويھھ، اڄ ڪھڙيءَ واٽ اچن.

38.            ايندن پڇان خبرون، ويندن ڏيان سلام

ويئڙا ڪين وريا، منھنجي ڪھڙيءَ جھل جھليا.

39.            آڌيءَ رات لڏيا، ڪڻڪيا ڪين ڪنواٽ

مھارون مين جون، موڙي ڪنھن نھ جھليا.

40.            اوڻي ڪري اٿيا، آءٌ ٿيس سرتين ۾ سڄاڻ

پيئي اٿم ڪاڻ،  منھن مٿي ئي نھ کڻان.

41. لڏي ويم ڇڏي، ڪري ڀاڻ ڀنا

 منھن ماروئڙن جا، اڄ راتو ڏينھن رنا.

42.            ساھھ برابر سپرين، اڄ لوچي ڪين لھن.

اندر آڳ ٻري، منھنجا جيرا جوش جلن.

43.            ساڳين سان سڱ، منھنجو واڳين سان وراڪو

سرتيون سياڪو، ڇنو اڄ ڇپر ۾.[10]

44.            ھنجھن ھلي ھاءِ، سڃو رات سر ڪيو.

45.ڇتيون کڻي ڇڳير، ڪاھي ڪلاچي ھليا.

46.            کٽ م لڳي کيھھ، تنھنجو پلنگ پراڻو نھ ٿئي.

47.            مارو ويو ملير، آءُ سڪان ساڻيھھ ڀڻي.

48.            جيڏيون ڙي جيڏي، مون سان ھئي ھئي ھاءِ ٿي.

49.            رانجھن ڪاڻ رڙان، رويو رات ڏينھن ڙي!

50.سڄڻ سڱ ڇني، راھي مٿي راھھ ٿيا.

51. وييون سڀ راھون، ور ريءَ ويچاريءَ جون.

52.ڪري ڪاري رات، سوڍو سنڀري ھليو.

53.اڄ ڪڇان ڪنھن ساڻ، راڻو رات رسي ويو.

54.تنھنجي پڳ سيراندي وسري، توکي ڀائن ساري نھ ڏني.[11]

55. تنھجا پڳھھ پراڻي پل جا، سي ڇوھي منجھھ ڇنا.

56.منھنجو پنھل پاڻ نھ وڃڻو، جتن زوريءَ نيو

جن پنھل نيو، آءٌ بھ وؤڙي ٿينديس تن جي.

57.ڪڪا اٺ ڪيچين جا، ڪارا جن ڪپار

موھن مينديءَ ڏار، چرن چندن چوٽيون.

58.موت نغارا وڄندا، ٻڌا جڳ جھان

بَگي سوائني ڪپڙي، ڪيچ وڃڻ دي ڪاڻ.[12]

59.مرڻ وارا مري چڪا، جيئندن جا نت سرو

مران تھ وڃن ڏکڙا، جيئندن جا نت پور.

60.            اديون! قسمت واريون، مون کي قسمت ڏني پٺ

رب آھي ڏاڍو، ڏاڍي رب جي سرڪار.

61. وڃڻ وارا وئين تون، مان وٽ آيا ويڻ

وڃن ھا تنھنجا دشمن، تون ھجين ھا مون وٽ.

62.            پِيو (پيءُ) تھ ھئين وڻجارو، تنھنجو وکر سڀ رليو

ولھو ڪري وئين ننڍڙن کي، تو کي اھڙو سڏ ٿيو.

63.            سک دي ٻيڙي ٽل ڳئي، ڏک دي ڀرئي جھاز

ڀنڀي ڏاڙھي لک لھي، شھپر لھن ھزار.

64.            اک تھ گھاڙو گھڙي ھي، نڪ تکي تلوار

پڳ تھ چٽي کنڀ ھي، تون ويڙھي دا سردار.

65.ھين تھ توڏا ڀِت دا، ڪنھن اوڏين اوساريا

نو سؤ تارا اڀريا، پر چنڊ جيھي نھ رات.

66.            ٻچن مٿان ھٿڙا، مئيءَ لاھي ويا

پوين جي حال جي، لھو سڌ سماءُ.

67.            ھين تھ وڏي ولر وارا، ٽٽ ٿيوين جدا

وڻ وڻ ٽنگي اوجھري، سولي ٽنگيا ساھھ.

68.            اسان ڏارون ڌار نھ ٿيوڻا، ڌڻي ڪيو ڌار

واجھائيندو وئين ولر ڏي، نماڻان نيڻ کڻي.


 

[1]   ١. کان ٢٨ تائين ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[2]   ٢١. کان ٣٣. الھڏنو رند، تعلقو شھدادپور.

[3]   ٣٤. کان ٣٩. علي اڪبر (تعلقو سنجھورو).

[4]   ٤٠. کان ٤٣ غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[5]   ٤٤. کان ٥٥ محمد افضل شيخ (تعلقو ڏھرڪي).

[6]   ١. کان ٢٠. ولي محمد طاھرزادو. (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[7]   جمال رند کان مليل روايت:

رنون ھوند نھ چڱيون، رنون ھوند نھ چڱيون
رنن منھن ميرا، وڙلا وار سندن.
 

[8]   ٻيون روايتون:

١.   ڏمريو ڏيھھ ڌڻي، جنھن اڏيا اڱڻ ڇڏايا
٢. رتا ڪوٽ پٽن تي، عمر اڏايا
         ڏمريو ڏيھھ ڌڻي، تنھن اڏيا ڇڏيا.
 

[9]   ٢٣. کان ٤٢.  جمال رند (تعلقو سنجھورو).

[10]   ٤٣.  کان  ٥٣. محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[11]   ٥٤.  کان  ٥٧.  غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[12]   ٥٨.  کان  ٦٨.  شيخ محمد فاضل (تعلقو ڏھرڪي).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org