سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :23

 

پٽ جي موت تي پار:

1.      متان ٻاھر نڪرين، باز ٿو ڀيرا ڏي.[1]

2.     پٽ نھ مرن ڪن جا، مرن ڏکيون مايڙيون.

3.     راند ڪندي ريل ۾، ڪيئن جھٽايئي پاڻ.

4.     لولي ڏنئي ماءُ، ٻڌي سورن سندرو.

5.     لوليءَ ۾ لولي، ڏني ماءُ مسافر کي.

6.     تو جيڏا ملير ۾، کليو کير پيئن.

7.     ونھايل ويھي، سڌون ڪن سيج جون.

8.     ڪنگوءَ رتئي ڪپڙا، مينديءَ رتئي پير.

9.     پٽن ريءَ مائرون، رويو راڄ پڇن[2].

10. سرائيءَ ۾ سوئڀرو، ٻنگاريءَ ۾ ھار

آءٌ لوڏيئين لال، پينگھھ وٽائي پٽ جي.

11.  چوري چنبن وچ ۾، توکي وڃي سڃڙي لاٿئون.[3]

12. جتي ماءُ نھ ماسي، تون ڪنھن سان ڪندين آر.

13. گھم ناناڻو ڏيھھ، اڄ تون ڳوليون ڪين لڀينم.

14. توکي يار سڏين مينڌرا، ايڏي ننڊ نھ ڌار.

15. ٻاھر ڪر نھ راندڙي، اڄ سڙيو ڏئي سٽون.

16. جيئري ڏيندم، ھٿڙا، مون کي مئي بھ ڪلھو ڏين.

17. تنھنجا بُبن مٿي ھٿڙا، پينگھي پير لڳن.

18. اڄ موڙ تھ ماءُ ھٿ ۾، ميندي لائيندئي ڀيڻ

ساٺ تھ ڪنديئي ساليون لاڳ لنگھا گھر نيئن

19. ڇِن تھ پويئين ڪنڍلو، ڪاري پٽ منجھئون.

پٽ تھ مھانگو ڏيھھ ۾، مون کي ناڻي ڪونھ لڀي.

20.            پٿر پا ھوڙن سان، جيجل ميڙي پاڻ ھليو

نڪا ڇڏيئين ڌيئڙي، نڪو ڇڏيئين پٽ پٺيان.

21. تنھنجي راڻيءَ کٽ وڇائي، کلي چڙھھ اچي کٽ تي.[4]

22.            تون سر گھمين سھڻا، لوڏي لنگيءَ پاند

تنھنجي لنگي پٽ جي، رنگ ڀريئي رومال.

23.            پٽ جو دشالو ٻٽ ڪري، گھمين ويڙھل وچ ۾.

24.            تنھنجون ٻاريون جھنگ رھيون، ماپارن تھ ميون.

25.پيل ٻڌو پينگھو، ٻيون جھولي گھر آيون

جھولڻ ماءُ نھ آئي، تنھن جو لڙھھ پيم ٽٽي.

26.            پٽ نھ مرن ڪنھن دي، مر وڃي ماءُ

الله ڪري مھرباني، ايجھا سودا ڪري چاءُ.[5]

27.            پٽين وتي ماءُ مري،  جنھن دا جيوڻ ھي بيڪار

موت نھ ھووي ڏيھھ تي، رول ڏنس گھر ٻار.

28.            جڏان پٽ ڄايا ھا، در در واڌايان

بندي ديني ڪير مني، الھھ منايان.

29.            ڏاند وھي گھر آيو، پٽ نھ مليو ماءُ

ڀڄي پيئي پاڃاري، سيم ڇڪيندو ڪير.

30.            منھن موچارا سڀڪو، تون پٺي ڏانھن پھلوان

لک اميدان دل وچ، الھھ پڄائي ڪانھ.

31. تڙ وڃايئي پوتڙا، گھر رئايئي ماءُ

قبر انڌاري رات ھي، نھين دنيا دي واءُ.

32.            ڪلر ڪون ڏيوان پارتان، ميڏي سون ڪونھ ھٿ نھ لاءِ

سون ملھھ مھانگا، مين گھنان رتيانتول.

33.            روئڻ واريون، توھين سڀئي روئو ڳچ

لال ميندي لائي، منھنجو بَنرو سيج چڙھيو.

34.            مٺا تنھنجا ماما، جن منتان ڪين لاٿيون

روئندي ڏين ڪلھڙا، ائين الله دي سڀ مڃيائون.

35.لنگي تنھنجي لونگن سان، تون نيليءَ جو ھسوار

مٺي تنھنجي امڙي، ٻيو مٺئي لال ڪنوار.

36.            پرڻي وارا ڪپڙا، تنھنجا دل کي ساڙ ڏين

اھڙو وئين وري نھ آئين، تنھنجا وڳا ياد پون.

37.            ميندي نھ ماڻيئي ٻچڙا، تنھنجي قبر ٻڌائيندم گچ سان

وٿيون نھ وجھين ھا ايڏيون، تنھنجي وڇوڙي ماريو.

38.            اڏيون ھئين منھنجو، ڇپر پئين ڊھي، ھيءَ نھ تنھجي وھي.

39.            کيڏڻ ڳئي ول نھ ولئي، جھلئي ڪيھي جھل

پينگھا ڏکڻ سامھان، جھڙ جھڙ لڳي واءُ.

40.            پٽن واريون سرھيون، منھنجو ڀي الله

الله ڏنا اٿم ڏکڙا، مان تھ جھولي پائي جھليا.

41. ڀڳي آھي پاڃاري، منھنجي جوڙي پيو ٽوڙ

توکي قبر جي لوڙ، او مٺي ماءُ مسايئي.

42.            جنھن دي پٽ نھين آپڻي، انھندا مٽ نھين ڪوئي

پٽئين والئين دي گھر سھڻي، اوٽئين دي گھر انڌارا.

43.            الھھ ايجھي نھ ڪري، اوٽا نھ رکي نانءُ

اوٽي پئي پئي وسرن، ڪير گھني نانءُ.

44.            ميندي رتئي ھٿڙا، تنھنجا ڇلڙا ڪيئن لاھيان

گھوٽ تھ تنھنجي شادي، مان سينگاري منجان.

45.پاڙئون وئين مٺڙا، تنھنجو طوليٰ وڻ نھ رھيو

مٺو ميوو ڪونھ ماڻيئي، تنھنجو ڪلھا دم ويو.

46.            گھم بازارون نڪتا، لڏن لنگيءَ پاند

لال جواني ڪملي، ڪلر ماڻيوئي آن.

47.            رب ڏيکاريون ھيون مرادان، مان ٿي ھيس باغ بھار

ڏيئي ورايئي غريب کؤن، تنھنجي ڏاڍي آ سرڪار.

 

ڀاءُ ۽ پيءُ لاءِ پار:

1.      اباڻن آءُ، جيڪس ويس وسري.[6]

2.     ڀائر نھ ڏجن مڱيا، ڏجن ھاري ڏاند.

3.     مري مٽ ويا، منھنجا اجھي جھڙا سپرين.

4.     لالڻ آءُ لڙي تو گھڻا لايا ڏينھڙا.

5.     مري ڪونھ جواڻ، شل جواڻن جوکو نھ ٿئي.

6.     جني سندو ھئين، سي تھ اچڻ ڏين ھا.

7.     ڀائرن ڀيرو نھ ڪيو، ادن ڪئي اوير.

8.     ڀائر تھ وڏي وٿ ڙي، مر حياتي ھون

جيئري ٻر ٻانھن جو، مئي ڪلھا ڏين.

9.     ادل جي رھاڻ، منھنجو ھنيون سڌ مري

پاڳون سندن دنباريون، ڪونڌر ڪنڌ سندن.

10. ڪڪر ڪري ڇانو، منھنجو ادل پنڌ ۾

ساري ڏيج سلام، ونھين ويڙھيچن کي.

11.  ڪانڌي ھيم ڪنڌار، ڪلھي ڪم آيم ڪين.[7]

12. آڻي ڏيندم، خبرون، اڄ اباڻا آڻي.[8]

13. مس مھانگي ڏيھھ ۾، اڄ ڪاڳر ڪونھ لڌن.

14. ھاري ھر وھي آيا، منھنجي ابي ڪئي اوير.

15. اکيون اتر پار ڏي ويٺي نت نھاريان

اڃا اٿم آسرو، اباڻي ويڙھھ وڃڻ جو.

16. اکڱيون اتر پار ڏي، پييون نھارين

رت نھ رنو تن اھڙن عجيبن لاءِ.

17. ڀنڀي ڏاڙھي عطر ڀري، تنھنجا شھپر لک لھن

ڀاءُ تھ منھنجا لک جھڙا، تن جا ڪيھا ڳڻ ڳڻيان.[9]

18. ديس مري ھر ڪوئي، پرديس نھ مري ڪو

کٽڙو مليو مانگئون، ست پرائي ساڻ.

19. سدا سور اچن، مان تھ جھولي پائي جھليا

روئان سدا روح ۾، منھنجا پيڪا اٿئي ڏور.

 

ڪنواري (عورت) لاءِ پار:

1.      مارئي نھ ڄائي، تڏھن مارو پيا نھ مامري.[10]

2.     ڪونجن ڪوھھ ٿيو، وطن وري نھ آئيون.

3.     اجھي ڪونجون آئيون، ويٺيون پٽ ڀري

ويٺيون ڪنھن نھ اڏائيون، ويون سانگ ڪري.

4.     توکي ستي ڪنھن جاڳائيم، ڳاڙھيءَ سوڙ منجھان

تنھنجي پٿراڻي جو ھاريو، تنھجا رنا وھاڻا.[11]

5.     سون تھ پاتئي سونھن لاءِ، توکي ڏسڻ آيو لوڪ.[12]

6.     ڪونجڙيون جي آيون، ويٺم پٽ ڀري

ڪيم اڏايو تن کي، پاڻھي ھلڻ واريون.

7.     جان اچان سامھون تھ ويٺي کير ولوڙي

مکڻ ڀريس ھٿري، مون کي کليو کينڪاري.

8.     مائر ڌيئر پاڻ ۾ اڄ ڏيو اورين

ڳجھون تھ ڪيئون ڳالھڙيون، اوري ڪونھ اٿيون.

9.     ھلي قطاري ڪونجڙي، وڇڙي وڳر کان.[13]

10. ڪمر ڍڪي قمري، ھلي ڊيل ھتان.

11.  ڳاڙھا پائي ڪپڙا، تون وڃين لاءِ ڪنوار.[14]

12. ڳاڙھا ڪري ڪپڙا، ستي لال ڪنوار

ھيءَ نھ وھي تنھنجي، پرڏيھھ تي ڀريئي بار.

13. پنجن ڀاون جي ڀيڻ ھئينءَ، تنھنجو جڳ جھان محتاج

وسندا گھر سڃ ڪيئي، اھڙي ھيئي قبر جي اڪير.

14. تنھنجا ڪاڪ تڙ ڌوپن ڪپڙا، لڙ ۾ لڙھن وار

چيھي رتم پيرڙا، مينديءَ رتئي ھٿ.

15. وئين ننڍڙي ڀيڻ، توکي ڏاڍن ڪيو بند

موت نھ تنھنجي مٽ ھو، پر منيسي رب جي رضا.

16. ڀيڻ سوناري تنھنجي سيج ٿي آھي خالي

ائين نھ لائق ھيئي، جيئن وڇوڙا وڌئي مند جا.

 

پرڻيل (عورت) لاءِ پار:

1.      وينڊي واري مارئي، تنھنجي وينڊي ڪوھھ ٿيو

توڪي لاٿو ور تي، ڪي ڇڻي پٽ پيو.[15]

2.     ڪڻڪي ھلي ڪونجڙي، ٻچا روھھ ڇڏي.[16]

3.     ڀڄي ڀنڀوران نڪتي، سسئي ساٿ پٺيان.

4.     چِٽي ٻانھين ٻانھن ۾، بازوبند ساڻ

ليلان چڙھي سيج تي، موت جي لائون سان.

5.     مارئي سڀ ملھائيا، پيڪا ۽ ساھرا

منھن چڙھي مارئي، کھنبو ويس ڪري.

 

عيد جي موقعي تي پار:

1.      چنڊ ڏٺو، عيد ٿي، ھلندي ڪا اباڻن.[17]

2.     اباڻن عيد موڪلي، ڍاڪونءَ ۾ ڍڪي

آئي عيد اباڻي، ڍاڪوءَ ۾ ڍڪجي.

 

اوسارا:

اوسارا ٻارن جا ڪين ڪڍن، ھميشھ وڏن جا ڪڍن. اوسارا بيٺي ڪڍن ۽ ٻن کان وڌيڪ عورتون گروھھ جي صورت ۾ گڏجي ڪڍن. ھڪ طرف فوتيءَ جون بلڪل ويجھيون عزيزياڻيون (ماءُ، ڀيڻ، مامي، زال، ڌي، ڀائٽي، ناني، ڏاڏي، پڦي، ماسات، ۽ سؤٽ) يا انھن مان ڪي ٻھ چار ھڪ طرف بيھي اوسارا ڏينديون، انھن کي ڏک واريون، اوساري واريون يا اوساريندڙ چئبو، ۽ ٻيون ڏک شريڪ (پاڙي جون) ٻئي طرف وراڻي ڏينديون. ڏک واريون اوسارينديون يا اوسارو ”کڻنديون“ ۽ ڏک ڀائي ”ڊاھينديون“ يعني (ھيٺئين سر ۾ تڪرار وارا لفظ گڏجي اچارينديون).

اوسارن ۾ ڏک واريون ھڪ طرف بيھنديون، مٿو اگھاڙو ۽ سندرو ٻڌل، اوسارو کڻنديون، ٻئي ھٿ ٻنھي ڳلن تي ھڻي، وري ھيٺ سٿرن تي ھڻنديون. ڏک ڀائي يعني شريڪ پاڙي واريون عورتون، ڏک وارين جي آڏو ٿي بيھنديون. سندرو ٻڌل پر مٿو اگھاڙو نھ ڪنديون ۽ نڪي ھٿ ڳلن يا جوٽن تي ھڻنديون. فقط پاسن کان پيو ھٿ لوڏينديون.

اوسارا مرد ۽ عورت جا جدا جدا ٿين، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:

 

مرد جا اوسارا:

ڏک واريون

 

ڏک ڀائي

(مٿي آواز ۾ کڻڻ)

 

(ھيٺئين آواز ۾ ڊاھڻ)

اھا خان ھزاري
ائي! پٽين ھزاري
ائي! ميرين ھزاري
ائي! پيرين ھزاري
ائي! ڀائرين ھزاري
ائي راڄين ھزاري

 

 

 

 

 

 

 

-

اھا خان ھزاري
اھا خان ھزاري
اھا خان ھزاري
اھا خان ھزاري
اھا خان ھزاري
اھا خان ھزاري- وغيره

 

صوبو سردار ھو
پٽين سردار ھو
ڀائرين سردار ھو
راڄين سردار ھو
ميرين سردار ھو
پِيرين سردار ھو
جنگين سردار ھو

 

 

 

 

 

 

 

 

-

صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو
صوبو سردار ھو وغيره

 

لاکو لکپال ھو
پٽين لکپال ھو
نياڻئين لکپال ھو
ڀائرين لکپال ھو
راڄين لکپال ھو
ميرين لکپال ھو
پِيرين لکپال ھو

 

 

 

 

 

 

 

-

لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو
لاکو لکپال ھو وغيره

اھا سون ڄايا سچ وو
اھا مائت ڄايا سچ وو

 

 

-

اھا سون ڄايا سچ وو
اھا سون ڄايا سچ وو- وغيره

سونو سرپوش ھو
پِيرين سرپوش ھو
ميرين سرپوش ھو
ڀائرين سرپوش ھو
مائٽين سرپوش ھو

 

 

 

 

 

-

سونو سرپوش ھو
سونو سرپوش ھو
سونو سرپوش ھو
سونو سرپوش ھو
سونو سرپوش ھو- وغيره
 

اي خان! ڇوٿو ڇپر وڃين
پنھنجي وني ڇڏيو وڃين
پنھنجا ڀائر ڇڏيو وڃين
پنھنجا مائٽ ڇڏيو وڃين
پنھنجا راڄ ڇڏيو وڃين

 

ڇوٿو ڇپر وڃين
ڇوٿو ڇپر وڃين
ڇوٿو ڇپر وڃين
ڇوٿو ڇپر وڃين
ڇوٿو ڇپر وڃين- وغيره

 

عورت جا اوسارا:

ھلي حور مديني
جنھن جا وارث مديني
جنھن جا ڀائر مديني
جنھن جا مائٽ مديني
جنھن جو مڙس مديني
ھئي ھئي جا مارئي
ڀائرن ھئي مارئي
پٽن ھئي مارئي
وارثن ھئي مارئي
مائٽن ھئي مارئي

 

ھلي حور مديني
ھلي حور مديني
ھلي حور مديني
ھلي حور مديني
ھلي حور مديني- وغيره
ھئي ھئي جا مارئي
ھئي ھئي جا مارئي
ھئي ھئي جا مارئي
ھئي ھئي جا مارئي.
ھئي ھئي جا مارئي

 

آخر ۾

سڀ ملھايئي مارئي

 

ھئي ھئي مارئي.

 

ٿري ھندن ۾ روڄ يا اوسارا[18]

ھي اوسارا ڪنھن پير مرد جي مرڻ تي، اوسر جي رسم تائين روزانو صبح جو زالون بيھي چونديون آھن.

1.      اوھي بوھي ڪوري ڪونڊي جر ڀرجي

[ڪوري ڪونڊي پاڻي سان ڀرجي]

2.     اوھي بوھي ميلھي سمندران ري ڀيٽ

[جا سمنڊ جي ڀيٽ (سمنڊ وٽ) موڪلجي]

3.     اوھي بوھي ائڪي جامي رو ناھڻو

[اتي ان جي سنان ڪرڻ جي جاءِ آھي]

4.     اوھي بوھي ناھيو سوئي سرير

[اتي ھن اشنان ڪيو]

5.     اوھي بوھي اٿي ڌويا جامي اڇا ڪپڙا

[اتي ھن پنھنجا اڇا ڪپڙا ڌوتا]

6.     اوھي بوھي ليو ٻار کوليو گري مالھا

[اتي مالھا ۽ ٻار کو ورتائين ]

7.     اوھي بوھي ليو نارڻ رو نام

[اتي ھن ڌڻي جو نالو ورتو]

8.     اوھي بوھي جِڪان ساڌوڙي گنگا ناھيو

[جن ڀڳتن گنگا ندي ۾ سنان ڪيو]

9.     اوھي بوھي جڪان نان گنگا رو سنان

[جن کي گنگا ندي جو سنان نصيب ٿيو]

10. اوھي بوھي سيني ڀڳوڙي سوگ

[گناتن ۾ موت جي خبر ٻڌڻ سان سوگ ٿي]

11.  اوھي بوھي انگيڻئي رنوڙين بَھوئارين

[اڱڻ تي پٽن جون زالون رنيون]

12. اوھي بوھي سيڻي رنوڙي ڌيوڙين

[گناتن ۾ اھا خبر ٻڌي ڌين رنو]

13. اوھي بوھي ٻار ھان بَھوئاريان رو سسرو

[ٻارھن ننھن جو سھرو ھو]

14. اوھي بوھي  ٻتريسان ڌيوڙيان رو ٻاپ

[ٻٽيھن ڌين جو پيءُ ھو]

15. اوھي بوھي مٿي ڌيوڙيان ڇٽوڙا ڪيس

[ڌين جي مٿي  جا وار ڇٽل آھن، ڇو تھ پيءُ جي مرڻ جو ٻڌي، ڌين مٿي جا وار ڦڻي ڏيئي گتي نھ ٺاھيا آھن]

16. اوھي بوھي بھوئاريان اوڌيوڙا لوگڙا

[ننھن کي ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا پھريل آھن، ڇو تھ سھري جي سوڳ آھي]

17. اوھي بوھي ٻارھان ٿوڻيان رو منڏيھھ اڏيل

[جڏھن جيئرو ھو تڏھن ٻارھن ٿوڻين تي منھن ٺھيل ھو]

18. اوھي بوھي اٿي جامي جي ري رھاڻ

[جن ۾ نوي ڪاٺيون لڳل ھيون]

19. اوھي بوھي اٿي جامي جي ري رھاڻ

[اتي (منھن ۾) سندس رھاڻ لڳل ھوندي ھئي]

20.            اوھي بوھي ڀائري گٺوڙو گوڏيو

[جتي ڀائرن جي گوڏي سان گوڏو لڳل ھو]

21. اوھي بوھي باتڙيان ڳٺوڙي زبان

[زبان سان ڪيئن ڳالھيون ڪندا ھئا، ڄڻ تھ ڳالھائي ڳالھائي زبان گسي وئي ھئي]

22.            اوھي بوھي ٻاپ جي بيٺوڙا گانڌي جي ري ھاٽ

[بابو واڻئي جي ھٽ تي بيٺو آھي]

23.            اوھي بوھي جوئايان ري ملائين پاگھڙين

[ناٺين لاءِ پاڳڙيون خريد ڪري انھن جي قيمت پڇي]

 

زالون ھيٺيان اوسارا ڪنھن بھ مرڻي تي ويھي چون:

1.      اوھي بوھي ڏونگري ماٿي ڏونگري

[جبل تي ننڍڙي ٽڪري آھي]

2.     اوھي بوھي، جيڪي مٿي ڇڙيا چرين روجھھ

[جنھن تي روجھھ بيٺا چرن]

3.     اوھي بوھي وڇڙيا چرين روجھھ

[ڇڙو ڇڙ روجھھ پيا چرن]

4.     اوھي بوھي جڪان نان ڌيئا ٻائي بورائي پڇيو

[جنھن کي ڌيءَ ڌتاري پڇيو]

5.     اوھي بوھي وڇڙيا ڪٿ ملسان

[پاڻ جي وڇڙيا آھيون، سي ڪٿي ملنداسون]

6.     اوھي بوھي نڪي آوان ڌيوڙي پراڻا

[اي ڌيءَ! آءُ وري ڪين ايندس]

7.     اوھي بوھي نڪي جوئي واٽ

[۽ نڪا منھنجي واٽ ڏسج]

8.     اوھي بوھي آسي سراوڻ ڀدرو

[سانوڻ ۽ بدو مھينا ايندا]

9.     اوھي بوھي جويا مينھان ري واٽ

[اوھين مينھن جي اچڻ جي واٽ نھارجو]

10. اوھي بوھي روجھان نان ڌيوڙي بورائي پڇيو

[روجھن کي ڌيءَ ڌتاري پڇيو]

11.  اوھي بوھي ڪڏھن آسي ٻاپ پراڻو

[منھنجو پيءُ ڪڏھن موٽي ايندو]

12. اوھي بوھي ڪڏھن جوئان واٽ

[آءُ ڪڏھن اچڻ جي واٽ نھاريان]

13. اوھي بوھي موريو سوھي وڻ ڏار

[مور پکي سڀني وڻن جي ٽارين تي ويٺا آھن]

14. اوھي بوھي ھيڪ نھ موريو مانکو

[مگر ھڪ انسان نھ آھي]

15. اوھي بوھي پيو مانکي رو ڏڪار

[ھن دنيا ۾ انسان جو ڏڪار پيو آھي]

16. اوھي بوھي لڏي گيا لوھار

[اھي لوھار لڏي ھليا ويا]

17. اوھي بوھي لوھارئي گاڏو ھانڪيو

[لوھارن گاڏو ڪاھيو]

18. اوھي بوھي گاڏو جائي پيو ڏورا

[گاڏو ڪاھي پري نڪري ويا]

19. اوھي بوھي ڏاڏاڻي ري چو وٽي

[وطن جي ريلن ۾ چؤواٽن تي]

20.            اوھي بوھي اگيس ڪير کجورا

[ڪرڙ ۽ کجورن جا وڻ اڀرن ٿا]

21. اوھي بوھي جي چڙھي جامين جويو

[انھن وڻن تي چڙھي بابي مٿي نھاريو]

22.            اوھي بوھي سرگا آوين جامي نان پالڪين

[سرڳ مان بابي لاءِ پالڪيون آيون]

23.            اوھي بوھي پالڪڙين سوئي سوونين

[پالڪيون سڀئي سون جون ٺھيل آھن]

24.            اوھي بوھي پڌرا اڏيا جامي جھونپڙا

[بابي سرڳ ۾ وڃي ميدان نھاري جھونپڙا ٺاھيا]

25.اوھي بوھي جامي ڇڏي گھران ري آس

[بابي گھرن جون آسرو پليو]

 

اوسارا يا پِڙ:

محرم جي ڏھي ۾ زالون مجلس ڪن ۽ ان ۾ امامن سڳورن لاءِ اوسارا ڏين، جن کي ”پِڙ“ بھ چون. اھي اوسارا وٺي چون، ۽ اوسارن چوندي جوٽن تي ھٿ ھڻن. ھڪڙي ڄڻي ”اوسارو “ چوندي، ٻيون ”وراڻي“ ڏينديون. اوسارن ۾ گھڻو ڪري امامن جي مظلوميت جو مضمون ھوندو آھي. سنڌ جي مختلف حصن مان مليل اوسارن جون روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

(١)ھئي اڀريو سج اجل جو آھي.

ھئي گھوڙو گھوٽ پلاڻيو
ھئي ڪارا ڪنديس ڪپڙا
ھئي ووءِ ووءِ واڪارڻ ۾
ھئي پاني پليتن بنديو

 

اڄ ڪو ڏينھن ازل جو آھي
اڄ ڪو ڏينھن ازل جو آھي اڄ ڪو ڏينھن ازل جو آھي اڄ ڪو ڏينھن ازل جو آھي

 

(٢)    ھئي ڇنڙو موتين ھار، امر الله جي جنگ ماريا.

ھئي اٿ مائي ڪڙيون لاھھ
ھئي اٿ مائي ڪنگڻ لاھھ
ھئي اٿ مائي نٿڙي لاھھ
ھئي اٿ مائي ھس لاھھ
ھئي اٿ مائي دھري لاھھ

 

امر الله جي جنگ ماريا
امر الله جي جنگ ماريا
امر الله جي جنگ ماريا
امر الله جي جنگ ماريا
امر الله جي جنگ ماريا

 

 

(٣)    ھئي لڏيو عليءَ جو لال، خاصو دوست خدا جو.

ڪونھي گھوٽ گھرن ۾
آڻي نيزا کوڙيئون
پاڻي پليتن بند ڪيو
ڪارا ڪنديس ڪپڙا
ووءِ ووءِ واڪارڻ ۾
ھئي ڪربلا جي پڙ ۾

 

لڏيو عليءَ جو لال
لڏيو عليءَ جو لال
لڏيو عليءَ جو لال
لڏيو عليءَ جو لال
لڏيو عليءَ جو لال
لڏيو عليءَ جو لال

 

(٤)    ھئي ٻن پيو موت، گھوريو وڇوڙو.

ھئي ڪارا ڪپڙا ڍڪيم
ھئي ڪونھي واھي رڻ ۾
ھئي سيد سيج نھ ماڻي
ھئي ووءِ ووءِ واڪا ڪنديس

 

 

ٻن پيو موت گھوريو  وڇوڙو
ٻن پيو موت گھوريو
  وڇوڙو
ٻن پيو موت گھوريو
  وڇوڙو
ٻن پيو موت گھوريو
  وڇوڙو

 

(٥)     ھئي مديني جا مور، توکي موت ڪيئن ماريو.

مديني ڏيو ڪين ٻريو
ڪربلا جي پٽ ۾
لائون لھندي رڻ ۾

 

مديني جا مور، توکي موت ڪيئن ماريو
مديني جا مور، توکي موت ڪيئن ماريو
مديني جا مور، توکي موت ڪيئن ماريو

(٦)    ھئي وسندا مينھن ملندا مارو

گھوڙن گھوٽ چڙھيا
آڻي نيزا کوڙيئون
بادل ڀرجي آئيا
ڪربلا جي پڙ ۾
ووءِ ووءِ واڪا ڪريان

 

وسندا مينھن، ملندا مارو
وسندا مينھن، ملندا مارو
وسندا مينھن، ملندا مارو
وسندا مينھن، ملندا مارو
وسندا مينھن، ملندا مارو
 

(٧)    ھئي ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ.

ڪربلا جي رڻ ۾
ڄاڃي ماڃي آئيا
سھرن وارو سيد
ڪارا ڪنديس ڪپڙا
ھئي موڙن وارو ماريو

 

 

ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ
ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ
ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ
ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ
ڪونھي قاسم، سيج سڃي آھھ.

(٨)    ھئي ٽلندو مور، ويندو مديني.

آڻي خيما کوڙيئون
جھنڊن وارو شير وو
ڪربلا جي پڙ مان
راھھ خدا ۾ ڏئي سر
گھوڙي گھوٽ چڙھيو
 

 

ٽلندو مور ويندو مديني
ٽلندو مور ويندو مديني
ٽلندو مور ويندو مديني
ٽلندو مور ويندو مديني
ٽلندو مور ويندو مديني
 

(٩)    ھاءِ ھاءِ شاھھ، مديني موٽي آءُ!
جيجل ساريا، لڳئي نھ ڪوسو واءُ
ھاءِ ھاءِ شاھھ، مديني موٽي آءُ!
ھئي ڀائرن، ساريان، لڳئي نھ ڪوسو واءُ
ھاءِ ھاءِ شاھھ، مديني موٽي آءُ!
سڄڻن ساريا، لڳئي نھ ڪوسو واءُ
ھاءِ ھاءِ شاھھ، مديني موٽي آءُ!
دلدل ساريا، لڳئي نھ ڪوسو واءُ
ھاءِ ھاءِ شاھھ، مديني موٽي آءُ!

 

(١٠)   اڀريو جو ڏينھن ازل ٿي آيو

ڪربلا جي پڙ ۾
آڻي نيزو کوڙيو
ھئا شھزادا شر وو

 

 

اڀريو جو ڏينھن ازل ٿي آيو
اڀريو جو ڏينھن ازل ٿي آيو
اڀريو جو ڏينھن ازل ٿي آيو

 

(١١)   رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام.

ھاءِ ناحق ماريا شير ھاءِ-
 

رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام
 

پڙ جا والي شير ھاءِ-
 

رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام
 

ننڍڙا ماريا شير ھاءِ-
 

رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام
 

امر ساريا شير ھاءِ-
 

رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام
 

مظلوم ماريا شير ھاءِ-
 

رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام


 

 

عام مشھور اوسارن جون وراڻيون:

1.      آڻي ٽارو کوڙيئون، اڄ ڪو امامن کي آھي حشر جو ڏينھن.

2.     ھئي آئي وڇوڙي جو ويل، ھاءِ ھاءِ ناحق سيد ماريا.

3.     رئي چڙھي آسمان، ملڪن ڪيو ماتام.

4.     گھوٽ لڏيو گھمسان ٿيو، شاھھ ڪٺو گھمسان ٿيو.

5.     ڳانن ويلي ساريو صبح سردار،

ھاءِ ھاءِ اسان جو جيئي المدار.

6.     وطن ڇڏي وڃي سڃو رڻ وسايئون.

7.     ميندي رتڙو روئي رب کي چوان

جھولي آ خالي، پينگھو آ خالي

ھئي وو الا، لولي مان ڪنھن کي ڏيان.

8.     ھئي وو الا، قاسم ماريو گھوٽ.

9.     سانئڻ سچيءَ کي ڏنئون ڏکن جو ڏاج.

10. ڪربلا جو ڪاغذ لکيئون مديني کان.

11.  لڏيا وڃن ٿا شير شھر مؤن.

12. موڙ ٻڌي سر نيزي چڙھيو، ساٿ لٽائي سيد ھليو.

13. سڪيلڌا سيدا، لوڏي پينگھو لولي ڏيان.


 


[1]   ١.  کان  ١٠.  ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[2]   ٻي روايت: پٽن ري مائرون، ڪوٺي ڪنھن نھ پڇيون.

[3]   ١١.  کان ٢٠.  جمال رند (تعلقو سنجھورو).

[4]   ٢١.  کان  ٢٥.  غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[5]   ٢٦.  کان  ٤٧.  شيخ محمد فاضل (تعلقو ڏھرڪي).

[6]   ١.  کان  ١٠.   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[7]   ١١.  الھھ ڏتو رند (تعلقو شھدادپور).

[8]   ١٢.  کان  ١٦.  جمال رند (تعلقو سنجھورو).

[9]   ١٧.  کان  ١٩.  شيخ محمد فاضل (تعلقو اٻاوڙو).

[10]   ١.  کان  ٣.  ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[11]   ٤.   علي اڪبر (تعلقو سنجھورو).

[12]   ٥.  کان   ٨.  جمال رند (تعلقو سنجھورو).

[13]   ٩.  ۽  ١٠.  معمور يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[14]   ١١.  ۽  ١٢.  شيخ محمد فاضل (تعلقو اٻاوڙو).

[15]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[16]   ٢.  ۽  ٣.  معمور يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[17]   ١.  ۽  ٢.  ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[18]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org