سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :15

 

ڏيج:

پيءُ ۽ ماءُ طرفان ڪنوار کي ڏيج ضرور ملي، ڏيج نھ ڏيڻ جي حالت ۾ مائٽن جي گلا ٿئي. انھيءَ ڪري غريب ماڻھو بھ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ جوڙو نياڻيءَ کي ضرور ڏين.

ڏاج يا ڏيج ۾ عموما ھيٺيون سامان ڏين: ٿالھي ڪٽ جي، وٽو ڪٽ جو، سرميداڻي ۽ سرائي، تڏو، آرسي، ڦڻي، پيتي (جنھن ۾ ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ماپي). ڏاج جا ڪپڙا اڻ سبيل حالت ۾ ڏين. ڪنوار جي ويجھا عزيز توڙي شريڪ بھ ڪنوار کي ڪجھھ نھ ڪجھھ ڏين. ڪي ماڻھو روڪڙا پئسا بھ ڏين تھ ڪي وري چوپايو مال ٻڪري، ڳئون، مينھن وغيره بھ ڏين.

  ھن بعد سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تان ”ڏيج“ بابت مليل روايتون ڏجن ٿيون:

تعلقي وارھھ ۾ ڪن ھنڌن ڏاج ھيٺين ريت ڏين.

 

(الف) ڪنواريتن جي طرفان مليل ڏاج:

ٿانو:

چار چؤنريون چئن پاٽين جون، چار چؤنريون اڍائي پاٽين جون ۽ چار ھڪڙي پاٽي ماپ جون. چار ديڳڙا چئن پاٽين ماپ جا، چار ٽن ٽن پاٽين ماپ جا ۽ چار ھڪ ھڪ پاٽيءَ ماپ جا. ٿالھھ بھ وري ساڳئي طرح چئن، ٽن، ٻن ۽ ھڪ پاٽي ماپ جا. ان کان سواءِ چار قسم چيني جي رڪيبين جا، ڪوپ ۽ ساسرون بھ چئن قسمن جون؛ ان کان علاوه قسم چينيءَ جا پيالا (ننڍا وڏا) ۽ چار ڪڻڇيون.

 

ڪپڙا:

اٺ ريشمي رومال، چار گھوٽ لاءِ ۽ چار ڪنوار لاءِ، چار ٽوال ٻھ گھوٽ لاءِ ۽ ٻھ ڪنوار لاءِ، چار ٽڻيڪون ۽ سينگار جي پيتي. ان کان سواءِ سڳيون چار جوڙا، ريشمي اڳٺ ٻارھن، چوويھھ جوڙا ڪپڙن جا، ٻھ جوڙا الڳ گھوٽ لاءِ، چار ڦڻيون ۽ عطر جون چار شيشيون.

 

زيور:

ڏھھ سونيون منڊيون، سونو ھار، جھومر ۽ ٻيا زيور، جيڪي گھڻو ڪري سڀ سونا ٿين. ان سامان کان علاوه ھنڌ ۽ چار وڃڻا سٺا ٺھيل.

 

(ب) گھوٽيتو ڏيج ڪنوار لاءِ:

نو ريشمي جوڙا (زريءَ جي ڀرت سان)، سينگار جي پيتي، عطر، تيل، دھري، ڪنگڻ، نٿ، چوٽي ڦل، سنڌڦل، سڳيون ۽ اڳٺ، سونو ھار، ڏھھ منڊيون ۽ چانديءَ جون پٽيون[1].

ڪوھستان ۾ سڄي گھر جي سنجٽ جو سامان، ڪنوار جي ماءُ کي تيار ڪرڻو پوي، ڇو تھ ڏيج پوت جو ڏيڻ وٺڻ ھرڪا ڌيءَ- ماءُ ڪري. ھر ڪنھن ڪنوار ماءُ کي خبر آھي تھ نياڻيون آخر وڃي پرايا گھر وسائين؛ تنھنڪري اڃا نينگر ننڍي ھجي تھ ماءُ پڄت سارو ٽيھھ ٽڪريءَ جي ٽڳڻ کي لڳيو وڃي. رات ڏينھن انھيءَ اوني ۾ رھي تھ ڪھڙي ريت پنھنجي لاڏلي کي راڄاڻي ريت موجب لاڏڪوڏ سان، سھسين ڀتين سينگاري، ساھرن سامھين ڪري، جيئن سڀاڻي چار سياليون چٿرون نھ ڪن.

ويسن وڳن کان سواءِ، منجا، گھر ڀيڻي بھ ڪنوار ماءُ تيار ڪرائي. ليڦن، سوڙين خاص ڪري وھاڻن تي وڏو خرچ ڪن. ھوندي تي ھونگار آھي، تنھنڪري پڄنديءَ آھر، ھڪ کان سؤ تائين ڀريل وھاڻا ٺاھين، جن ۾ ڪي ريشمي ۽ ڪي سوٽي ٿين. وھاڻا ٻوھھ جي ٻونگر يا ڪپھھ سان ڀرائين، انھن تي سئيءَ جو ٿيل ڪم ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو. جنھنڪري مٿن گھڻي لاڳت اچيو وڃي[2].

گھوٽ ۽ ڪنوار کي عزيزن قريبن وٽان انھيءَ موقعي تي ڪپڙا، جوڙا، يا روڪ پئسا بھ ملن؛ ان کي ”ڏيپ“ يا ”ٻِجار“ ڪري چون.

ٿر جي قومن ۾ ھونءَ تھ مائٽ، ڏيءَ کي ڪيترو بھ کڻي ڏاج ڏين، پر ھيٺيون سامان ھر مائٽ لاءِ ڌيءَ لازمي ٿئي، جيڪو ڪيئن بھ ڪري ڌيءَ کي ضرور ڏين.

زيور: والا، نسبيون، ڪٺمال يا ھسي.

ٿانو: ٿالھي، وٽو، ديڳڙو، لوٽي، ڍاڪون، بَدنو.

ڪپڙا: پنج پڙا يا سٿڻون، ڏھھ ڪنجريون يا ڏھھ چولا، ڏھھ چنيون، ڏھھ پيٽيون (ڪنجرين سان گڏ)، ھڪ سوڙ، ھڪ پٿراڻي، ھڪ وھاڻو، ھڪ فراسي ۽ ھڪ رلي.

ٻيو سامان: ھڪ کٽ، ھڪ سرائي، ھڪ سوئا مينھن يا ڳئون وغيره.

ايڪيھو: ھيٺ ڄاڻايل سامان کي ايڪيھو چون، جيڪو مائٽن طرفان ڌيءَ کي ملندو ايڪيھھ پڙا يا سٿڻون، ٻائيتاليھھ پيٽيون يا ٻائيتاليھھ چولا ۽ ھنڌ.

پڇِي: ڌيءَ کي جيڪي مائٽن مان ملي، انھيءَ کي پڇِي چون. اھو سڀ سامان ھڪ نئين چنيءَ ۾ ٻڌي ڏين.

مذڪوره سامان ۾ ڪٽورو يا وٽو ڪين گڏين. وٽيءَ ۾ ماني مھٽي ڌيءَ کي جدا ھٿ ۾ ڏين، جيڪو ھوءَ مھٽيل ماني سميت ھٿ ۾ کڻي ويندي. پوءِ جڏھن ڌيءَ ساھرن ۾ پھچندي، تڏھن جنھن جي کوڙي پوندي، اھا کوڙات ماءُ اھا مھٽيل ماني ھٿ سان اتي ورھائيندي[3].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڪنوار کي مائٽن کان جيڪو ڏاج ملي، ان ۾ ھيٺيون سامان ٿئي:

چؤنري چڙھڻ وقت ڪي مائٽ چؤنريءَ جي مڏ (گھاگھرو، چني ۽ ڪنجري) ڏين، ڪي جھٻو ۽ ڪڙتي، ڪجري جي عيوض ڏين. گھاگھرو ڇيٽ جو ٿئي، پر ڪي مائٽ کاڌيءَ جي ڪپڙي جو کٽيءَ کان رڱايل ڏين؛ جنھن کي ”گھريچو“ چون. ڪي غريب چؤنريءَ جي مڏ ۾ گھاگھرو ڪونھ ڏين، ان حالت ۾ ڇوڪريءَ کي ڪنھن مرد جي اڇي سٿڻ پارائي، چؤنري چاڙھين ۽ اھا وري چؤنري تان لھڻ وقت واپس ڏين، ۽ چني ۽ ڪنجري ڏين.

جيڪڏھن ناناڻا ”مامھرو“ آڻين، تھ اھو سڄو سامان ڏين، نھ تھ پنھنجي گھران ڏين، جنھن ۾ سوڙ، پٿراڻي جيڪا کٽيءَ جي رڱيل ۽ ڪپھھ پيل ٿئي (اھا ڏينھن جو ڪا مائي ڪپھھ ڀري تيار ڪندي، جنھن جي عيوض کيس رپيو، ناريل ۽ ڪجھھ کارڪون ڏين)؛ يا ڀرت ڀريل ۽ ڪپھھ وجھي تيار ڪيل وھاڻو (سوڙ، پٿراڻي ۽ وھاڻي تي ڇو ڪانھ ٿئي)، ٿالھي، لوٽو ۽ سرميداڻي، ڪي شاھوڪار ھجن تھ گگر، موريو ٽامي يا پتل جو، ٽامي جو ديڳڙو، چروڙو، ڪنجھي جو وٽو، فراسي، ھنڌ جي چادر، گلاس وغيره ڏين.

اھو سڀ سامان ٻاھر اڱڻ ۾ کٽ تي رکن. پوءِ ڏھھ ٻارھن سير مگت تيار ڪري، گگر ڀري، ناريل جو يا کوپرو، جنھن ۾ مگت ۽ رپيو وڌل ٿئي، ۽ جنھن کي کوڙاتن جو ڪويڙلو چون، سو بھ آڻي رکن. ان بعد گرڙو سڄي ڳوٺ ۾ وڃي ڏيج ڏسڻ جي دعوت گھر گھر ڏئي اچي.

ان کان سواءِ مائٽ ھي زيور بھ ڏين: نڪ لاءِ سونو وينڊو يا ان جي عيوض ويھھ ٽيھھ رپيا، شاھوڪار ھجي تھ سؤ- ٻھ سؤ رپيا ڏئي؛ نڪ لاءِ بُولي؛ ڪرڪون يا ان جي عيوض چانديءَ جا جھونٻر، پنڙا چانديءَ جا، ڏاوڻي چانديءَ جي، چندن ھار يا چانديءَ جا تائٿ، ھسي يا طوق، دستيون، بازو بند، ھٿ، سنڪرو، ڪنن جا پوپٽ، پيرن جون پولريون وغيره.

اھو سڀ سامان ھوند تي مدار رکي ٿو. ڪي سڀئي زيور ڏين، تھ ڪي غريب وري مٿين زيورن مان جيترا پڄي سگھن اوترا ڏين. رنگا رنگي ٽڪرن سان تيار ڪيل ھڪ رلي، جنھن کي ”ڪوٺي جي رلي“ چون، ۽ ٻي اوني ڪمرون، ڪي ھڪ ڪمر ۽ ڪي وري ان جي عيوض پئسا ڏين. سس جي لاءِ مڏ ڏين، جنھن ۾ گھاگھرو، چني ۽ ڪنجري ٿئي. اھو سڀ سامان زالون ڏسي بس ڪن تھ پوءِ گڏ ڪري رکن، جو ڄڃ رواني ٿيڻ وقت کيس ڏين[4].

ٿر جي ھندن ۾ گھوٽيتا، ڪنواري ڀانتي جي ماني کائي رھن تھ، يڪدم پڏلو پھچائڻ جو سعيو ڪن. پڏلي ۾ ڪنوار لاءِ ڪپڙا: ٻھ پڙا، ٻھ ساڙھيون، ٻھ جھٻا، ٻانھين، موڙ، ۽ ان کان سواءِ ڪڻڪ ڏھاڪو سير، ڳڙ پنج سير، کارڪون سير کن، ڏونگھيون اٽڪل چوڏھن، چار پڙيون ٿين. اھو سڀ سامان ھڪ ڪپڙي ۾ ٻڌل ٿئي، جيڪو ٻھ ڄاڃي کڻي ڪنواريتي جي گھر وڃن، موٽ ۾ ڪنواريتا ھر ھڪ کي ٻھ ٻھ رپيا اوڍاڻيءَ جا ۽ ھڪ ھڪ ناريل ڏين. مھيشورين ۾ گھوٽ گھوڙيءَ تي چڙھي، تنھن کان اڳ گھوٽيتا (پڏلو) ڀري خاص ماڻھوءَ ھٿان موڪلين؛ جنھن لاءِ خاص لکيت ٿئي. گھوٽيتا، ڪپڙن ۽ زيورن جي يادداشت لکيت ۾ موڪلين؛ سامان پھچڻ تي ڪنواريتا لکيت ۾ پھچ لکي ڏين[5].

 

گھوٽ کي ميندي لائڻ:

شاديءَ رات ڪنواريتا، ٻين ساٺن سوڻن سان گڏ گھوٽ کي ميندي لائڻ جي رسم بھ ضرور ادا ڪن. زالون ڪنجھي جي ٿالھي ۾ ميندي پسائي، ڳاڙھي ڪپڙي سان ڍڪي، ھڪ کي مٿي تي کڻائين، ۽ پوءِ ڳائينديون وڄائينديون ڇني ۾ اچن. جيئن تھ گھوٽ کي اڳيئي ميندي لڳل ٿئي، تنھنڪري گھوٽ رڳو سوڻ طور ساڄي ھٿ جي چيچ مينديءَ مان ٻوڙيندو. ڪن ھنڌن گھوٽ جي ھٿين پيرن تي وري ميندي لائين، ۽ اھا رسم ست سھاڳڻيون گڏجي پوري ڪن. پوءِ زالون اھا ميندي موٽائي کڻي وڃن.

سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تان انھيءَ رسم بابت مليل روايتون ھتي شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي خيرپور جي سماٽن ”ڳاني ٻڌڻ“ جي رسم کان پوءِ زالون ميندي کڻي، سھرا ڳائي گھوٽ ڏانھن اچن. اڳيان دھلاري، پٺيان پاڻ، اچي گھوٽ وٽ پھچن. انھن مان پنج يا ست ڄڻيون مينديءَ جو سھرو ڳائين تھ ٻيون گھوٽ جي ھٿن پيرن تي ميندي لائڻ شروع ڪن. اھڙي طرح رسم پوري ڪري مارڪي ۾ موٽي اچن[6].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ پِڙي ڏيئي اچڻ کان پوءِ گھوٽ جي سالي ميندي کڻي گھوٽ وٽ اچي، گھوٽ کان ان مينديءَ ۾ چيچ ٻوڙائي. پوءِ چيچ کي لڳل ميندي ڪپڙي سان لاھي ۽ ان جو لاڳ پنج رپيا وٺي وڃي[7].

 

ٿار:

”ٿار“ يعني ”ٿالھھ“. ڪن ھنڌن شاديءَ رات ”ٿار گھمائڻ“ جي رسم ادا ڪن. زالون ٽامي جو ھڪڙو وڏو ٿالھھ کڻي، ان ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا ٺاھي رکي، ڳائي گيھھ سان ٻارين. ان کان سواءِ ٿالھھ ۾ مصري، کارڪون، ماکي، نباتون ۽ ڪي ٻيون شيون وجھي، ڪوٺاري کان کڻائي، ڳوٺ جا پاڙا ۽ گھٽيون گھمائي اچن.

انھيءَ رسم بابت سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھيٺين ريت آھن:

پِڙي ڏيکارڻ ۽ تيلاڙي جي ساٺ کان پوءِ، ڪن ھنڌن ”گھڙي ڀرڻ“ نڪرن تھ ڪن ھنڌن ”ٿار گھمائڻ“ نڪرن. زالون ھڪ ٿالھھ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جا ست ڏيئا، گيھھ سان ٻاري، ڪوٺاريءَ (ڪوٺو کڻي ھلندڙ) جي مٿي تي رکائين. پوءِ اھا ٿالھي گھمائي ڦيرائي گھوٽ وٽ کڻي اچن، ۽ کيس ساٺ ڪن. ان کان پوءِ کارڪن جون مٺيون ڀري، ٿالھيءَ جي خانن ۾ وجھن[8].

تعلقي بدين ۾ ٿار جو ساٺ تڏھن ڪن، جڏھن گھوٽ سرگس گھمي ڪنواريتي در تي اچي. ھڪ ٻنگاريءَ ۾ چؤنري جي شڪل ٺاھي، ان ۾ سڳن سان اٽي جون ڳوڙھيون لٽڪائين (جن تي موتي چون). گھوٽيتيون ٿار  ھڪ ھڪ رپيو وجھن، جيڪي آخر ۾ گھوٽ جي سالي کڻي[9].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ھڪ ٿالھيءَ ۾ اٽي جون چار ڳوڙھيون رکي، ان ۾ کٻڙ يا ڄار جون فوٽ سوا کن چار سنھيون ڪاٺيون کوڙي چؤنري جي شڪل ٺاھين. ان ۾ گيھھ جو ڏيئو ٻارين. ٿالھھ جي ھڪ کڻي ۾ ٻھ کارڪون، ٻئي ۾ سنڌر ۽ ڌؤنرو، ٽئين ۾ سوپاري ۽ چوٿين ۾ مصريءَ جو ننڍو ٽڪر وجھن[10].

 

ٽارو ڪپڻ:

گھوٽ کي ڇني مان وٺي، چار زالون چادر جي چنئي پلاندن کي جھلي، مٿو اڀو ڪري ھلن ۽ گھوٽ ان چادر ھيٺان ھلي. پوءِ ڳوٺ جي ٻاھران ڪنھن ڪنڊيءَ جي وڻ يا ٻئي ڪنھن سائي وڻ جي ٽاري گھوٽ جي ھٿان ڪھاڙي يا ڪاتيءَ سان ھڪڙي ئي ڌڪ سان وڍارائين ۽ موٽي اھا ٽاري اچي ڪنوار جي در اڳيان کوڙائي ڇڏين.

انھيءَ رسم بابت سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

ٻين ساٺن بعد ”ٽاري جو ساٺ“ ڪن. گھوٽيتيون زالون، گھوٽ ۽ ڪنوار جا ڀڳل ڍڪڻ، ڪنھن ڪرڙ وغيره جي پاڙ ۾ ڇڏي، ان جون ٽاريون ڀڃي اچن؛ جن مان ھڪ ٽاري گھوٽ جي وھنجڻ واري دلي تي رکن ۽ ٻي ڪنوار واري دلي تي رکن[11].

گھڙي ڀرڻ جي رسم کان پوءِ زالون، گھوٽ کي وٺي سائو ٽارو وڍائڻ وڃن. ان وقت چار ڄڻيون گھوٽ جي مٿان ڪيسريو جھلي ھلن ۽ دھلن سان گڏ ڳيچ بھ ڳائين. پوءِ ڪنھن سائي وڻ يا ٻوٽي وٽ سڀ اچي بيھن؛ جتي گھوٽ ھڪ ئي ڌڪ سان اھو وڻ، ٻوٽو يا ان جو ڪو ڏار وڍي، جو پان سان کڻي، وري بھ ڳائينديون وڄائينديون موٽي اچن. گھوٽ اھا ٽاري ڪنوار جي گھر تي اڇلائي ڇڏيندو[12].

تعلقي ڪنڊياري جي سماٽن ۾ گھڙي ڀري موٽڻ وقت واٽ تان، گھوٽ جي بدران اھنر کي ڪنڊي جي ھڪ ٽاري ڪپڻي پوي. جيڪڏھن ھن ھڪڙي ئي ڌڪ سان ڪنڊي نھ ڪپي تھ سڀئي ماڻھو مٿس چٿرون ڪن. پوءِ اھا ڪنڊي کڻي اچي ڪنوار جي گھر مٿان اڇلين[13].

تعلقي وارھھ جي چنن ۾ سومھڻيءَ کان پوءِ مرد ۽ ضائفائون گھوٽ کي ست پلئھ ڏئي، سھرا ڳائي، دھل وڄائي وڃي ڪنھن ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ بيھن؛ پوءِ ان وڻ کي ست ڦيرا ڏيئي، گھوٽ کان ان مان ٽاري وڍائين. ٽاري وڍائڻ کي ”فتح“ چون[14].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ گھڙي ڀرڻ کان پوءِ ضائفائون گھوٽ کي ست پلؤ ڏيئي، ٽاري وڍڻ لاءِ وٺي وڃن. بعضي انھن سان مرد بھ گڏ ھجن. گھوٽ ھٿ واري ڪاتيءَ سان ڪنڊيءَ جي ڪا ٽاري وڍي[15].

تعلقي وارھھ جي ميربحرن ۾ جڏھن لانئن جو وقت ٿئي، تڏھن اھنر کي ڪنڊي جي ٽاري ڪپڻ لاءِ موڪلين، ضائفائون گھوٽ کي ست پلؤ ڏيئي، دھل ساڻ ڪري، سھرا ڳائي ڪنڊيءَ جي وڻ تي پھچن. جتي اھنر اڳ ئي ٽاري ڪپي ڇڏي. پوءِ اھا ٽاري ھو گھوٽ جي آڏو جھلي ۽ ھو رسمي طرح ان وڍيل ٽاريءَ کي ڌڪ ھڻي تھ ڪپجيو پوي[16].

ٿر جي سماٽ قومن ۾ ڪنھن وڻ جو تازو ۽ سائو ٽارو وڍي، ميندي لائڻ ۽ وھنجارڻ وقت آڻي گھوٽ ۽ ڪنوار جي مٿان جھلين يا کوڙين. بعضي تھ ڪپڙن پارائڻ مھل بھ ٽارو کوڙين. انھيءَ جو مقصد آھي تھ گھوٽ ۽ ڪنوار ٽاري وانگر ساوا ۽ سکيا ھجن[17].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ گھوٽ کي ھڪ ھنڌ ڪپڙو وڇائي ويھارين، ۽ ڪنڊي جي وڻ جي ننڍي ٽاري، پٽي، سندس اڳيان زمين تي ٿورو پاڻي ھاري کوڙين. پوءِ وٽيءَ ۾ ”ڪلر“ وٺي اچن (ٻاجھريءَ جي اٽي ۾ ٿورو گيھھ ۽ کنڊ وجھي گڏين ۽ ان کي ڪلر چون). جيڪي ننڍن ٻارن ۾ ورھائي ڏين. پوءِ گھوٽ، بيٺ مان ڪاتي ڪڍي، ٽاري جو ھڪ ڇيڙو کٻي ھٿ ۾ جھلي، سڄي ھٿ سان وڍي، ۽ ڌڪ ھڻڻ سان يڪدم اٿي کڙو ٿئي. پوءِ زالون بيھي گيت ڳائين[18].

 

گھڙي ڀرڻ:

شاديءَ رات گھوٽ ۽ ڪنوار کي ستن کوھن جي پاڙيءَ سان وھنجارين. جيڪڏھن ڪنھن ھنڌ ھڪڙو کوھھ ھجي، يا کوھھ ناھي تھ پوءِ جيڪو پاڻي ملي، اھو ڪم آڻين؛ پر ڪوشش اھا ڪن تھ پاڻي ستن کوھن، ستن تڙن يا ستن ھنڌن جو ھجي. اھا پاڻي آڻڻ جي رسم ھن طرح ادا ڪن:

اڌ رات جو گھوٽيتيون ۽ ڪنواريتيون زالون (سھاڳڻيون) ڳيچ ڳائيندي گھڙي کڻن. ڪنواريتيون گھوٽ جي وھنجڻ لاءِ گھڙي کڻن ۽ گھوٽيتيون وري ڪنوار جي لاءِ. گھڙين مٿان ڳاڙھي پوتي يا ڳاڙھي ڪپڙي جو ڇٽ ڪن. پوءِ زالون ستن کوھن تي وڃن ۽ ھر ھڪ کوھھ مان ٿورو ٿورو پاڻي گھڙين ۾ ڀرين. جڏھن ستن کوھن جو پاڻي ڀري دنگ ڪن، تڏھن گھڙيون کڻي، ڳيچ ڳائينديون ڪاڄ ۾ اچن. مرداني ڇني ۾ گھوٽ جي وھنجڻ جو پاڻي اڳئي رکيل ٿئي. پوءِ ستن کوھن وارا پاڻي بھ آڻي ان ۾ وجھن؛ جنھن سان پوءِ گھوٽ کي وھنجارين. ساڳي طرح گھوٽيتين زالن جي ڀريل گھڙي وري ڪنوار جي وھنجڻ واري پاڻيءَ ۾ وجھن.

ڪن ھنڌن وري فقط ڪنوار جي وھنجڻ لاءِ گھڙي ڀرين. سڀئي زالون ڳيچ ڳائينديون ڪنھن کوھھ تي اچن؛ جتي کين مرد ماڻھو گھڙي ڀري ڏئي؛ جيڪا وري ڳيچ ڳائيندي گھر کڻي اچن. پوءِ انھيءَ پاڻيءَ سان ٻيو پاڻي ملائي ڪنوار کي وھنجارين.

انھيءَ رسم بابت سنڌ جي جدا جدا ھنڌن کان مليل روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي حيدرآباد جي سماٽن ۾ ٽاري وڍڻ جي ساٺ کان پوءِ وري گھڙي ڀرڻ جي رسم ادا ڪن. ھن ساٺ ۾ کھنبو کڻي، ان جي اڳئين پاسي واري ھڪ ڪنڊ ۾ ڳنڍ ڏيئي تلوار تي جھلين ۽ باقي ٽن پاسن کي ڪاٺين تي جھلي، ان جي ھيٺ گھوٽ ۽ڪنوار جي طرف جون ٻھ گھڙيون کڻي ھلن. گھوٽ جي گھڙي ڪنواريتن جون زالون، ۽ ڪنوار لاءِ گھڙي گھوٽيتيون زالون کڻن. انھن ۾ چانور، کارڪون وغيره وجھي، انھيءَ کھنبي ھيٺان جھلي، ڪنھن کوھھ تان ڀرڻ وڃن. پوءِ انھن گھڙين ۾ آندل پاڻيءَ سان ڪنوار ۽ گھوٽ کي وھنجارين[19].

تعلقي ٽنڊي الھيار طرف شاديءَ جي رات پِڙي ڏيکارڻ ۽ تيلاڙي جي ساٺ کان پوءِ ھڪڙي دکي يا ننڍي دلي کڻي، اٺ ڏھھ زالون گڏجي دھلن دمامن سان کوھن تان پاڻي ڀرڻ وڃن. ھڪ کان وٺي ستن کوھن جو پاڻي جمع ڪن، جنھن سان پوءِ اچي ڪنوار کي وھنجارين.

”گھڙي ڀرڻ“ لاءِ وڃن ھڪ رستي کان تھ موٽن وري ٻئي رستي کان. ان وقت دھلن ۽ شرنائن سان گڏ، زالون ڳيچ بھ چونديون ھلن. انھيءَ رسم کي ”گھڙي گھمائڻ“ بھ چون[20].

تعلقي ڪنڊياري ۾ عام طرح گھوٽ ۽ ڪنوار کي وھنجارڻ لاءِ ٻھ گھڙا ڀرين، جيڪي اھنر ڀري. ان لاءِ ڪاڄ جون زالون، دھلاري ساڻ ڪري، جيڪو اڳيان دھل وڄائيندو ھلي، ۽ پويان سھرا ڳائينديون کوھھ تي اچي بيھن. بعضي مرد بھ ساڻن گڏ ھجن. کوھھ مان دلا اھنر ڀري، ۽ زالون وري لٿل ميندي ۽ ڍڪڻ جا ٽڪر کوھھ ۾ اڇلائين. ان بعد وري اڳيان دھلاري، پويان مرد، ڳيچ ڳائيندي موٽي اچن[21].

تعلقي خيرپور جي سماٽن ۾ چار عورتون، چار ڊگھا ڪانا کڻي، انھن جي چوٽين ۾ ھڪ چادر جون چارئي ڪنڊون ٻڌي، ڇٽيءَ وانگر ٺاھين. پوءِ چارئي ڪانا جھلي ھلن، ۽ چادر جي ھيٺان گھوٽ ھلي، ان سان گڏ ھڪ عورت مٿي تي ٺڪر جي دلي کڻي ھلي، ان دليءَ جي مٿان ٺڪر جو ٽڀو ۽ مٿان وري ڍڪڻي رکن، پر ٻيئي ٿانو خالي ھوندا. ڳوٺ جي ٻاھران، ٻھ سؤ کن قدمن تي ھڪ شخص وڏو دلو پاڻيءَ جو ڀري اڳيئي رکيو بيٺو ھوندو. پوءِ اھي زالون ڳائيندي وڄائيندي، ان ڀريل گھڙي مان اھا دلي ۽ ٽڀو ڀرين، وري ساڳي زال مٿي تي رکي ۽ سڀئي واپس ورن[22].

پرڻي واري رات، چار ڇوڪريون ھڪ پوتيءَ جي چئن پلاندن کي جھلي ھلن ۽ ان پوتيءَ ھيٺان ھڪ ڪنواري ڇوڪري، مٿي تي ھڪ ننڍي دلي کڻي ھلندي، پوءِ ڪنھن ويجھي مسجد ۾ اچي، اتان اھا دلي پاڻيءَ جي ڀري، وري ان ساڳي پوتيءَ ھيٺان مٿي تي رکي، اچي گھر پھچن. اھو سڄو وقت، دلي کڻي وڃن ۽ ڀري اچڻ جو ڳيچ، موقعي جي مناسبت سان ڳائين. اھا مسجد مان ڀري آندل دلي ڪنھن کٽ يا منجڻ تي اڇت رکن ۽ پوءِ ان ۾ ٻيو  پاڻي ملائي، ڪنوار کي وھنجارين[23].

ٿر جي سماٽن ۾ شاديءَ جي رات کي ”مھرات“ ۽ ”گھڙيءَ جي رات“ ڪري سڏين. ان رات ڪنواريتن طرفان ھڪ ڪورو دلو پاڻيءَ جو ڀري ڪنھن ڪنواري ڇوڪريءَ جي مٿي تي رکي، زالون ڳيچ ڳائينديون، کڻي اچي ڪنھن پاڙي واري جي گھر رکن. ان گھڙيءَ جو منھن ڳاڙھي ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏين. صبح جو جڏھن گھڙي کڻڻ اچن، تھ جن جي گھر گھڙي رکيل ھوندي، سي گھڙيءَ کي ڳاڙھي ڪپڙي جي اوڍاڻي ڪن؛ پوءِ آيل زالون اھا گھڙي کڻي واپس ٿين. موٽڻ وقت بھ اھا گھڙي ھڪ ڪنواري ڇوڪريءَ کي مٿي تي کڻائين. ۽ چار مرد، اھا اوڍايل چني يا ڪپڙو مٿان جھلي ھلن. ان چنيءَ جي ھڪڙي ڪنڊ ۾ ڪاتي، ٻيءَ ۾ جھيرڻو ٻڌن، ۽ باقي ٻن ڪنڊن ۾ خالي ڳنڍيون ڏيئي، اھڙيءَ طرح ڳائيندا وڄائيندا اچي ڪنوار جي گھر پھچن. پوءِ ان پاڻيءَ سان ڪنوار کي وھنجارين[24].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ پرھھ ڦٽيءَ جو ھڪ سھاڳڻ زال، ٺڪر جي ننڍي لوٽي يا گھڙي، کوھھ تان ڀري، چاچي، مامي يا ڀاءُ جي گھر رکي اچي. پوءِ اٺ ڏھھ زالون گڏجي، ھڪ ننڍي ڇوڪريءَ جي مٿي تي رسيءَ جي سينھي رکي، ان تي وٽيءَ ۾ چانور، ڳڙ ۽ وڻاک وجھي رکن، ۽ مٿانس ھڪ ڪپڙو پڙ وانگر جھلين. ان ڪپڙي جو پلاند ڪنوارو ڇوڪرو ۽ ٻيو پلاند ڪا پرڻيل زال جھلي؛ باقي ٻھ پلاند ھيٺ لڙڪيل ٿين. پوءِ زالون دھلن دمامن سان ڳيچ ڳائينديون اڳتي ھلن، ۽ سڀئي اچي تورڻ وٽ بيھن. اتي ھڪ زال، ڇوڪري جي مٿي تان وٽي لاھي، تورڻ جي وچ مان لنگھائي، وري ڇوڪريءَ جي مٿي تي رکن، ۽ پوءِ وري اڳتي ھلن؛ ۽ اچي دلي واري جاءِ تي پھچن.

اتي ھڪ سھاڳڻ، ڇوڪريءَ جي مٿي تان وٽي لاھي، اتي رکيل پاڻيءَ جي ڀريل گھڙي، ڇوڪريءَ جي مٿي تي رکي، ۽ وري گھڙيءَ مٿان اھا وٽي رکي. پوءِ وري ساڳيءَ طرح ڳيچ ڳائينديون واپس موٽن. ان رسم کي ”لوٽي ڀرڻ“ يا ”گھڙي ڀرڻ“ چون. اھي زالون موٽندي بھ تورڻ وٽ اچي بيھن. جتي گرڙو، ڇوڪريءَ جي مٿي تان لوٽي ۽ وٽي لاھي، تورڻ ھيٺان لنگھائي. وري ڇوڪريءَ جي مٿي تي رکي. پوءِ ڪنوار جي گھر اچي، اھا وٽي ۽ لوٽي، زالون کڻي ھڪ جاءِ تي وڃي رکن، جيڪا اڳ ۾ ئي ان جي رکڻ لاءِ مقرر ٿيل ھوندي[25].

 

گھوٽ کي وھنجارڻ:

نڪاح بعد گھوٽ کي وھنجارڻ جو سعيو ڪن. ڪنواريتن مان تيل ميٽ کڄي اچي. گھوٽ کي صندلي يا منجيءَ تي ويھاري وھنجارين. ڪٿي ڪٿي کاري تي ويھاري حجام وھنجاري. وھنجڻ کان پوءِ گھوٽ جا لٿل ڪپڙا حجام کڻي ۽ گھوٽ وري نوان ڪپڙا پائي.

انھيءَ رسم تي سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھن ريت آھن:

تعلقي ڪنڊياري جي ڪن ذاتين ۾ گھوٽ منھھ ۾ اچي تھ سڀئي ماڻھو اٿي سندس آجيان ڪن. پوءِ حجام، اھنر جي ڀري آندل گھڙي جي پاڻيءَ سان گھوٽ کي وھنجاري. بعضي فقط وضو ڪرائين. اونھاري ۾ وھنجڻ ضروري سمجھن، باقي سرديءَ جي موسم ۾ اڪثر وھنجارڻ کان پاسو ڪن؛ ڇو تھ وھم ڪن تھ وھنجڻ جو پاڻي اگر گرم ڪبو تھ گھوٽ ڪنوار پاڻ ۾ ڪونھ ٺھندا.

وھنجڻ وقت ڪي ماڻھو گھوٽ کي صندليءَ تي، تھ کي کٽ تي، تھ ڪي وري کاري تي ويھاري وھنجارين. وھنجڻ وقت زالون سھرا بھ چون. ڪن ھنڌن گھوٽ کي جھمٽيءَ تي ويھارين. جھمٽي کٽ جي نموني ٺھيل ٿئي. جنھن ۾ واڻ بدران تختا لڳل ٿين، پر اھي ڇڊا ڇڊا ٿين. گھوٽ جا لٿل لٽا سواءِ پٽڪي جي حجم کڻي، ۽ پٽڪو مڱڻھار کي ملي[26].

تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ صبح جو سوير راڄ اچي گڏ ٿئي؛ پوءِ گھوٽ کي ھر تي چاڙھي تڙ ڪرائڻ. ھر تي چاڙھڻ جو مطلب ھي ڪڍن تھ سدائين ھر تي قدم ھجيس. تڙ ڪرائن کان اڳ گھوٽ کي مٿي ۾ چنڻ (چندن) وجھن، جنھن کي ”لوئڻ“ چون. ان وقت جي گھور ڄاڃين کان وٺن. تڙ ڪرائي، ڪپڙا پارائي، پوءِ گھوٽ کي دھري ٻڌن. جنھن جو مطلب اھو ڪڍن تھ وٽس سدائين جھجھو سون ھجي. ان بعد کيس اجرڪ پارائي، ان جي مٿان زناني بوڇڻي اوڍائين، جنھن کي ”ٻٽ“ چون، ان جو مطلب اھو ڪڍن تھ جيئن اھي ٻئي ڪپڙا مليل آھن، تيئن گھوٽ – ڪنوار بھ پاڻ ۾ مليل پيا ھجن[27].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ ٽپھريءَ ڌاري گھوٽ کي وھنجاري، ڪپڙا پارائي، ان ڪوٺي جي سامھون آڻي ويھارين، جتي ڪنوار ويٺل ھوندي. اتي گھوٽ جي سالي اچي فقط گھوٽ جي چيچ کي ميندي لائي ۽ ان جي عيوض ڪجھھ لاڳ وٺي. پوءِ گھوٽ وڻيس تھ ڪجھھ دير اتي ويھي، وڻيس تھ ٻاھر ھليو وڃي. وھنجارڻ وقت ڪنوار وارو رئو، گھوٽ جي مٿان ڪاتين ۾ جھلي بيھن. گھوٽ کي ڪپڙا اڪثر سفيد پارائين[28].

ٿر جي سماٽن ۾ گھوٽ کي ڇني ۾ نيڻ کان اڳ حجام يا مڱڻھار گھوٽ کي وھنجاري، ان بعد گھوٽ کي نوان ڪپڙا اوڍائين. گھوٽ جي بدن جا لٿل ڪپڙا ۽ جتي حجام کڻي، جيڪو رواج موجب سندس لاڳ ٿئي. ان بعد گھوٽ کي موڙ ٻڌي ڇني ۾ ويھارين. بعضي گھوٽ کي پراڻن ڪپڙن تي ئي موڙ ٻڌي ڇني ۾ ويھارين[29].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ تيلاڙي کان پوءِ اڻوھار ۽ ٻيا ڇوڪرا، گھوٽ جي مٿي ۾ ميٽ وجھي ڌئارين. گھوٽ ٺڪر جي وڏي ڪونڊي ۾ ويھي سنان ڪندو. ميٽ ڇوڪرا وجھن ۽ ڌوئي ھو پاڻھي. گھوٽ کي سنان لاءِ پاڻي بھ اھي ڇوڪرا ڏين. گھوٽ مٿو ڌوئيندو ۽ وھنجندو رھندو، تيسين سندس ڀائر، ڀينرون، مٽ مائٽ اتي اچي مٿانئس گھورون گھورين ۽ ان ڪونڊي ۾ وجھن، جنھن ۾ گھوٽ ويٺو وھجندو. اھي پئسا اڻوھار ڪونڊي مان ڪڍي پاڻ وٽ رکي ۽ پوءِ سنڀالي گھوٽ کي ڏئي[30].

 

گھوٽ کي ڪپڙا ڍڪائڻ:

گھوٽ جي وھنجي ويھڻ کان پوءِ زالون ڳيچ ڳائينديون، سندس ڪپڙا ڇني ۾ کڻي اچن. وڳي ۾ سٿڻ، قميص يا پھراڻ، پڳ، جتي ۽ رومال ٿئي. اھو وڳو ڪن ھنڌن ڪنواريتا پاڻ ڏين تھ ڪٿي وري گھوٽ پنھنجي مرضي موجب ٺھرائي. وڳي ڍڪائڻ مھل راڄ کان اجازت وٺن. ڪپڙا حجام اوڍائي ۽ گھوٽ جا لٿل ڪپڙا، لاڳ طور پاڻ کڻي. انھيءَ موقعي تي گھوٽيتا گھور وجھن.

گھوٽ جي ڪپڙن ڍڪڻ جي رسم، سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تي ھيٺين ريت ادا ڪئي وڃي ٿي:

تعلقي بدين طرف موڙ ٻڌڻ کان پوءِ گھوٽ کي سندس عزيزياڻيون ڇني ڏانھن وٺي وڃن، جتي راڄ جا ماڻھو ۽ راڄ برادر جو پريو مڙس موجود ھوندو. گھوٽ ڇني ۾ اچي ڪپڙا پائي، جيڪي کيس ڳوٺ جو پريو مڙس پارائي ان مھل جيڪا گھور پوي سا گھوٽ کڻي.

گھوٽ کي پڳ ٻڌائڻ مھل ڀائرن کان موڪل وٺن. پڳ جو پھريون ور مرشد يا راڄ جو چڱو مڙس ڏئي، پوءِ گھوٽ پاڻھي ٻڌي. ان مھل زناني مارڪي ۾ زالون ڳيچ ڳائين[31].

تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ نڪاح کان پوءِ جيسين حجام گھوٽ کي ڇني ۾ وھنجاري، تيسين زالون گھوٽ جا ڪپڙا، ڳائي وڄائي ڇني ۾ کڻي اچن. جيسين گھوٽ پيو وھنجندو، تيسين اھي بھ پيون ڳيچ چونديون. آخر گھوٽ وھنجي اچي ڪپڙا پھري. ان وقت بھ زالون ڳيچ چونديون، پر ھر ڪپڙي (سلوار، قميص، پٽڪي وغيره) لاءِ جدا جدا ڳيچ چون. گھوٽ جي شاديءَ جي وڳي کي ”سروپا“ بھ چون[32].

تعلقي ڪنڊياري جي سماٽن ۾ گھوٽ وھنجڻ بعد ڪپڙا پھري. اول ڪانچ پائي. ان بعد گنجي، قميص ۽ پٽڪو پاڻ ڪونھ ٻڌي، پر ان جو پھريون ور مرشد يا چڱي مڙس کان ڏيارين؛ پوءِ ھو پاڻ ٻڌي. آخر ۾ جتي پائي لٽن پائڻ وقت زالون سھرا چونديون رھن[33].

تعلقي وارھھ طرف ميربحرن ۽ تنين ۾ گھوٽ جو وڳو ھن طرح ڪن: اڇي چادر جي گوڏ، پٽڪو ڳوٿريءَ سان (ڳوٿري ڀرت ڀريل ۽ ٽڪون لڳل، جنھن ۾ لؤنگ، ڦوٽا، اٺ ڪچور ۽ ڪپ ڪچور خوشبوءِ لاءِ وجھن؛ قميص، ريٽو ۽ رومال. اھنر کي بھ انھيءَ موقعي تي ريٽو ڏين[34].

ٿر جي سماٽن ۾ وھنجڻ بعد گھوٽ کي شاديءَ جا نوان ڪپڙا ڍڪائين، جيڪي گھڻو ڪري ڪنواريتا ڏين. بعضي اھي ڪپڙا گھوٽ جي عزيزن، جھڙوڪ چاچي، مامي يا سؤٽ وغيره طرفان ڏيڻ ۾ اچن، جي نھ، تھ خود گھوٽ جي خرچ تي تيار ٿين. ڪپڙن پھرڻ مھل زالون ڳاھٽ ڪري گھوٽ جي کٽ تي بيھي ڪپڙن جو ڳيچ ڳائين ۽ جيسين گھوٽ ڪپڙا پھري وٺي تيسين ڳائينديون رھن. ڪپڙن پھرڻ کان پوءِ گھوٽ مٿان ”ٻِٽ“ وجھي ان تي موڙ ٻڌن.

ٻِٽ:

ٻھ چنيون، ھڪ ريشمي ھڪ کھنبي ھڪ ٻئي مٿان ملائي رکن، گھوٽ توڙي ڪنوار کي شاديءَ جي وڳي ڍڪڻ کان پوءِ ٻِٽ اوڍائين[35].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ گھوٽ جي وڳي کي ”باگو“ يا ”ساھو“ چون. باگي ۾ اڇو يا ڳاڙھو پٽڪو (جنھن کي ”مورھيو“ يا ”مولھيو“ چون) يا لونگي، انگرکو يا قميص ۽ ڪوٽ، ۽ سلوار ٿئي. چيلھھ تي ڪڙ- ٻنڌڻو ٻڌن (ڪڙ- ٻنڌڻو ڊگھو ڪپڙو ٿئي، جنھن جا ٻئي ڇيڙا ڀرت ڀريل ۽ ٽڪن سان مڙھيل ٿين. اھو ڪپڙو چيلھھ ۾ وراڪو ڏيئي ٻڌن ۽ ڇيڙا ھيٺ گوڏن تائين لٽڪائي ڇڏين). ان موقعي تي ساھرن کان مليل ملير رکي، مٿان چني (جنھن کي لاڏا کھنبي چون) وجھي، مٿان ٻوڪاني وجھن؛ اھي ڪپڙا بھ باگي ۾ شامل ٿين. اھي ڪپڙا گھوٽيتا پاڻ ٺھرائين، پر بعضي گھوٽ جي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو بھ ٺھرائين. مھرات جي صبح جو اھي ڪپڙا، اڱڻ ۾ ھڪ کٽ تي رکي، گرڙي ھٿان سڄي ڳوٺ کي ’ساھو‘ ڏسي وڃڻ لاءِ سڏ ڏين، ان بعد گھوٽ ڪپڙا پائي.

گھوٽ جي ڀيڻ کي ساھي ڪرڻ جي عيوض سوئا ڍڳي يا سون جون ڪڙڪون، مڏ (يعني چني، گھاگھرو ۽ ڪنجري) ڏين[36].

 

گھوٽ جو موڙو:

گھوٽ جو موڙو، ڀرت ڀريل ھڪ ڳوٿريءَ ۾ پيل ٿئي. موڙي ۾ سوپاريون، مصري جون تڙون (ڳڙيون)، لونگ، ڦوٽا، بادامين جا ٻِج، ڪاريون ڊاکون وغيره پيل ٿين. اھا موڙي واري ڳوٿري گھوٽ کي سرگس کان اڳ ۾ ڪپڙن سان گڏ ملي، جيڪا ھو پٽڪي ۾ ٻڌي يا ھٿ ۾ کڻي ۽ لانئن تائين اھا ڳوٿري پاڻ وٽ ئي رکي. لانئن کان پوءِ گھوٽ، اھا ڳوٿري کڻي ڇني ۾ اچي، جتي دوستن ۽ عزيزن کي ان مان موڙو ورھائي ڏئي. دوست احباب وري ان موڙي جي عيوض ھڪ کان ڏھن رپين تائين کيس موڙو ڪري ڏين. باقي بچيل موڙو، ڳوٿريءَ سوڌو گھوٽ آڻي ڪنوار کي ڏئي. ڪنوار بھ اھو پنھنجين سھيلين ۽ عزيزياڻين کي ورھائي ڏئي، جنھن جي عيوض ھرڪا عزيزياڻي يا سھيلي ھڪ کان ڏھن رپين تائين موڙو ڏئي. موڙي واري ڳوٿري بھرحال ڪنھن بھ حالت ۾ خالي ڪونھ ڪن، ڪجھھ نھ ڪجھھ موڙو ان ۾ ضرور بچائين[37].

 


 

[1]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[2]   عبدالعزيز جوکيو، نئين زندگي، اپريل ١٩٥١ع.

[3]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[4]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[5]   ڪيشولال گوڌريا (ٿرپارڪر).

[6]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[9]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[10]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[11]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[12]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[13]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[14]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[15]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[16]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[17]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[18]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[19]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[20]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[21]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[22]   رحمت الله (تعلقو خيرپور).

[23]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[24]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[25]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[26]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[27]   علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھوري).

[28]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[29]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[30]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[31]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[32]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[33]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[34]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[35]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[36]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[37]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org