سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :27

 

باب نائون

 

عارضا، بيماريون ۽ علاج

 

عارضا ۽ بيماريون:

جسم جا ڪي نقص عارضي آھن، جي بنا ڪنھن وڏي تڪليف جي ٿوري عرصي ۾ ختم ٿي وڃن ٿا، اھي ڄڻ ننڍڙا عارضا اھن. انھن جي برعڪس ٻيا وڏا عارضا ۽ بيماريون آھن. انھن مان ھر ھڪ لاءِ جتن ۽ حيلا، سوڻ ۽ وسيلا آھن. ھن عنوان ھيٺ پھريائين جسم جي عارضي نقصن يا ننڍن عارضن جو بيان ايندو ۽ ان کان پوءِ وڏن عارضن ۽ بيمارين جو تفصيل ڏنو ويو آھي.

(الف) ننڍڙن ٻارن جون بيماريون ۽ انھن جا سوڻ ۽ علاج:

ٻار جو روڄ راڙو:

1.      ننڍڙي ٻار کي روڄ راڙو ٿئي تھ ستن گھرن مان ڪک ڪڍي ساڙي، انھن جي رک ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي تھ ٻار روئڻ ڇڏي ڏيندو.[1]

2.     ٻار کي روڄ راڙو ٿئي تھ ٻار جا رلڪا چوپائي مال جي گس تي وڇائجن، جيئن مال جي لتڙ ۾ اچن، انھن رلڪن جي استعمال ڪرڻ سان ٻار روئڻ ڇڏي ڏيندو.[2]

مٿيان ڏند اڳ ۾ ڄمڻ:

3.     جنھن ٻار کي مٿيان ڏند اڳ ۾ ڄمن، سو نڀاڳو ليکيندا ۽ ناناڻن لاءِ نقصانڪار سمجھندا.[3]

علاج:

ناناڻا چانديءَ جو ننڍڙي سيڱ ۽ گز ٺھرائي، انھيءَ ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌن تھ نحوست ٽري ويندي.

اکيون اٿڻ:

4.     ننڍڙي ٻار جون اکيون اٿن تھ ان لاءِ ڏس پھريائين ٻار جو پيءُ کان پڇجي، اھو ڏس ٻار کي فائدو پھچائيندو.

5.     ٻار کي صبح ۽ شام ھرمري جو واس ڏجي تھ اکيون ڇٽي وينديون.[4]

6.     ”چوڙ“ رڌي، ڇلي، ڪنجھي جي وٽي ۾ ڪنجھي جي ٿانءُ سان پيھي ڪپڙ ڇاڻ ڪجن. ساڳيءَ طرح مصري کي پيھي ڪپڙڇاڻ ڪجي. پوءِ اٿيل اک ۾ پھرين مصري ٻرڪي، اکيون پوري پٽي، اکين مان پاڻي ڪڍي، اکيون صاف ڪجن، پوءِ چوڙن جي چپٽي اکين ۾ وجھي، ڪاري ڪپڙي جون ٻھ پٽيون پاڻيءَ مان پسائي اکين تي رکي، پٽي ٻڌي، سمھي رھجي. صبح جو ڦٽڪيءَ واري پاڻيءَ سان اکيون ڌوئي صاف ڪجن. ٽن راتين جي علاج سان اکيون صاف ۽ چڱيون ڀليون ٿي پونديون.

پيٽ جو سور:

7.     ٻار کي پيٽ ۾ سور پوي تھ پنجن ماڻھن کان، زبان سان ٻار جو پيٽ چٽائجي تھ سور لھي ويندو.[5]

8.     کٻي ھٿ جون ٻھ آڱريون (چيچ ۽ ڏسڻي) ملائي، ٻار جي پيٽ تي ٽي دفعا گھمائڻ سان سور لھي ويندو.

9.     ٽِھ – واٽي تي تيل رکجي، جڏھن ٻنھي پاسن کان ھڪ ھڪ ماڻھو لنگھي وڃي، تڏھن ان تيل سان پيٽ جي مالش ڪجي تھ سور لھي ويندو.

ٻار کي سٽ پوڻ:

10. ٻار اڃا ڪنڌ جھلي نھ سگھيو آھي تھ اھڙي حالت ۾ اوچتي سٽ پئجي ويندي، جنھن ۾ ڪاڪڙو لھي پوندو ۽ ٻار کي دست ٿي پوندا.[6]

علاج: ننڍا ڦوٽا ڪٽي، انھن مان آڱر ڀري، ٻارڙي جو وات کولي، اھا آڱر تارونءَ تي رکي ٿورو زور ڏبو تھ جيئن ڪٽيل ڦوٽا تارونءَ کي لڳي وڃن، پوءِ ٻارڙيءَ جي وات ۾ ڦوڪ ڏجي. اھو ساٺ روزانو ھڪ ڀيرو (صبح جو) ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٽي ڏينھن ھلي، سٽ لھي ويندي.

ڪليون ٿيڻ:

11.  ٻار کي نڙيءَ ۾ ٻنھي پاسن کان ڪليون ڀرجي پونديون آھن. لاڙ ۾ ڪلين کي ’ڪوئليون‘ بھ چوندا آھن. ھن بيماريءَ جو علاج ھيٺين ريت ڪندا آھن:[7]

١.     ڪچيون ڪليون: جيڪڏھن ڪليون ڪچيون ھونديون آھن تھ آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر سان ڪلين جي ڳڙھين کي زور سان مھٽڻ سبب ڪليون لھي وينديون.

٢. جيڪڏھن ڪليون پڪيون ٿي ويون ھونديون تھ پوءِ ڇيڻي جي ڦلھار جي چپٽي ڀري وات ۾ ھٿ وجھي، ٻنھي پاسن جي ڪلين کي زور ڏبو تھ انھن مان رت، گند ۽ پونءِ نڪري ويندا. ان بعد گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ وجھي گرڙيون ڪرائبيون ۽ ڪلين کي ڪوساڻ جي ٽاڪوڙ ڏبي تھ ڪليون ڇڏي وينديون.

کرٽئي جي بيماري:

ٻار کي کرٽيو ٿي پوي تھ ھيٺين ريت علاج ڪجي:

12. ”نينڻ“ وڻ جا ڏينا پٽي، ڌاڳي ۾ پوئي ھار يا ڪنڍلو ٺاھي، ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏجي تھ کرٽيو ڇڏي ويندو.[8]

13. ٽامي جي پئسي کي ٽنگ ڪڍي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏجي تھ کرٽيو ڇڏي ويندو.

14. ڪانگ ڪھي حلال ڪري، بنا لوڻ مرچ جي رڌي ٻار کي کارائجي تھ کرٽيو ڇڏي ويندو.

وڏي کنگھھ جو سوڻ:

15. ٻار کي وڏي کنگھھ ھجي تھ رات جو جنھن وقت گدڙ جي اونائي ٻڌجي، يڪدم چئي تھ ”گدڙ! منھنجي فلاڻي ٻار کي وڏي کنگھھ آھي، ان توکي سلام ڏنا آھن.“ اھو سوڻ ڪرڻ سان کنگھھ ھلڪي ٿي، آھستي آھستي لھي ويندي.[9]

ٻاراڻي جي بيماري:

ٻاراڻي جي بيماريءَ ۾ ٻار جو علاج ھيٺينءَ ريت ڪندا آھن:

16. بيمار ٻار تي ڊيڍ يا چھڙي کان ”ٻاراڻو“ پڙھندا آھن، تھ بيماري ڇڏي ويندي.

17. ٽھ – واٽي تي ويھي بيمار ٻار جي پيٽ تي پادر گھمائڻ سان بيماري لھي ويندي.

18. بيمار ٻار کي اٺ جي ھيٺان ٽپائڻ سان بيماري لھي ويندي.

19. ڍڳي جي ڪن جو رت بيمار ٻار جي پيٽ تي مکڻ سان بيماري لھي ويندي.

ساروڻي يا ھورو لاھڻ:

20.            جيڪڏھن ڪنھن بھ عزيز تي ننڍڙي ٻار جو قرب ھجي ۽ ان جي غير حاضري ۾ ٻار ان کي تمام گھڻو ياد ڪري ۽ ساروڻي سبب بيمار ٿي پوي تھ ان لاءِ ھيءُ سوڻ ڪندا آھن: جنھن ماڻھوءَ تي ٻار جو قرب ھجي، اھو جڏھن سفر تي ٻاھر وڃي تھ ان وقت ٽامي جو ڪھڙو بھ سڪو ٻار جي ھٿ ۾ ڏيئي ھليو وڃي تھ ٻار کيس ياد نھ ڪندو.[10]

ڪنگھيءَ جي بيماري:

ھن بيماريءَ ۾ ٻار سڪي ھڏا ٿي ويندو آھي ۽ ڪابھ دوا نھ لڳندي اٿس. ھن بيماريءَ ۾ ٻار جو علاج ھن ريت ڪندا آھن:

21. بيمار بار کي، ڳائي اوجھھ ۾ ڪلاڪ کن رکجي، ست ڏينھن لاڳيتو ائين ڪرڻ سان ڪنگھي جي بيماري ڇڏي ويندي.[11]

22.            ننڍڙي قبر کوٽي، ان تي ڏڪ رکي، قبر جو ٿورڙو مھن کليو ڇڏجي، پوءِ بيمار ٻارڙي کي رلڪي سميت قبر ۾ وجھي ست وکون پري وڃي، وري موٽي اچي ٻاھر ڪڍجي، ست دفعا ائين ڪجي تھ ڪنگھيءَ جو مرض ڇڏي ويندو.

نظر لڳڻ يا اک چڙھڻ:

ٻار بيمار گذاريندو، اڀرو ٿي ويندو ۽ کاڌو نھ لڳندس تھ چوندا تھ نظر لڳي اٿس، ڪنھن ناظرو جي اک چڙھي ويو آھي ۽ ھوس ٿي اٿس. اھڙي حالت ۾ ٻار سان ھن ريت ٽوڻا ڦيڻا ڪندا:

23.            ٽھ – واٽي تان مٽي کڻي، ٻار تان گھوري باھھ ۾ اڇلائيندا.[12]

24.            ڳاڙھيون مرچون، ٻار تان گھوري باھھ ۾ اڇليندا.

25.ڦٽڪي کڻي، ٻار تان گھوري باھھ ۾ اڇليندا.

26.            جنھن ماڻھو جي نظر لڳڻ جو شڪ ھوندو، ان ماڻھو جي پير جي ھيٺان مٽي کڻي ٻار تان گھوري باھھ ۾ اڇليندا.

27.            ماھي ڇيڻي مان ماڻھو جو بوتو ٺاھي، صبح جو سج اڀرئي کان اڳ اولھائين ڀت تي ھڻبو، جيئن سج جو تڙڪو اڀرڻ سان ئي ان بوتي تي پوي. بوتو سڪندو ويندو تھ ٻار تندرست ٿيندو ويندو.

سيڻڪين (ڏمند پوڻ) جي بيماري:

28.            جنھن ٻار کي سيڻڪين جي بيماري ٿئي، تنھن ٻار کي کير پيارڻ بند ڪجي تھ بيماري ڇڏي ويندي.[13]

بيماري نھ ڇڏڻ جو علاج:

29.            ٻار کي (ڪابھ) بيماري گھڻو وقت ھلي ۽ نھ ڇڏي تھ ٻار کي مئل ڪتي جي منڍيءَ تي بيھاري، وھنجاريو وڃي تھ بيماري ڇڏي ويندي.

اولڙي جي بيماري:

30.            ننڍڙي ٻار تي پاڻي يا آرسيءَ جو اولڙو پيو تھ ٻار کي دست ٿي پوندا، جنھن کي ”اولڙو“ چون.[14]

(ب) وڏن جون بيماريون ۽ انھن جا ٽوڻا ۽ علاج:

بيماري اچڻ جا اھڃاڻ:

1.      ھيڪلي وڻ ھيٺان نھ لنگھڻ گھرجي، نھ تھ بيماري ٿيندي.[15]

2.     نڪ ۾ کھي ٿئي تھ بيماري ٿيندي، تنھنڪري نڪ جي کھي لاھڻ لاءِ ھي ٽوڻا ڪجن: (١) نڪ کھي، ان ھٿ کي سنگھي ڇڏجي تھ بيماري ڪانھ ايندي. (٢) نڪ کي پاڻيءَ سان ڌوئڻ ڪري بھ خارش ڇڏي ويندي.[16]

3.     ڪلھن جو گوشت ڦرڪي تي گھڻي بيماري ڪاٽڻ جو سوڻ وٺندا.

بيمار ڪرڻ جو سوڻ:

4.     ڳئون جو پيشاب کڻي ڪنھن جي در اڳيان اڇلائجي، جيڪو پھرين ان کي اورانگھيندو، سو بيمار ٿيندو.[17]

بيماريءَ جي حالت ۾ سوڻ:

5.     بيمار کي پڇڻ وقت مٿو اگھاڙو ڪري نھ وڃڻ گھرجي.

6.     بيمار ماڻھو جو نالو مٽائبو تھ آيل آفت ٽري ويندي، ڇاڪاڻ تھ آفت اڳئين نالي تي آيل ھوندي.

7.     بيمار ماڻھو جي گھر جي دروازي تي رلي ٽنگڻ نڀاڳ آھي.

اکين جون بيماريون ۽ علاج:

8.     باھھ تي پير سيڪڻ سان اکيون خراب ٿينديون ۽ نظر گھٽ ٿيندي.[18]

9.     اس ۾ پير اگھاڙا ڪري ھلڻ سان اکيون خراب ٿينديون ۽ نظر گھٽ ٿيندي.

10. ڪرفتي ڏي نھ نھارجي، نھ تھ اک ۾ آنڙي ٿيندي.

11.  ٻئي ماڻھوءَ جون اکيون اٿيل ھجن تھ ان جي اکين ۾ چتائي نھ نھارجي، نھ تھ اکيون اٿي پونديون.

12. اٿيل اکين سان آرسي نھ ڏسجي.[19]

13. اٿيل اکين سان واءُ ۾ نھ ھلجي، نھ تھ اکين ۾ ”وائڙو“ يا ”سرٽ“ پوندو.[20]

14. اکيون اٿن تھ پيرن جي آڱوٺن کي سڳا ٻڌجن تھ اکيون ٺيڪ ٿي وينديون.[21]

15. اکين ۾ سرٽ پوي، يعني اکين مان پاڻي وھي تھ پنڙي (ڳھھ) جو ڳن پاڻيءَ ۾ پسائي اک ۾ گھمائجي تھ بيماري ڇڏي ويندي.

16. اکين ۾ سرٽ پوي تھ ٽھ – واٽي تي ويھي، ٽي آرانبيون ٺاھي، ھڪ ھڪ اک جي مٿان گھمائجي تھ سور لھي ويندو.

17. چانھن پکيءَ جي چھنب ڌوئاري، ان پاڻيءَ سان بيمار اکين جي ڇنڊا ھڻبا تھ اکين جي ھر ڪا بيماري ڇڏي ويندي.[22]

18. اک ۾ گھٻ پوي، يعني اک ۾ ڌڪ لڳي تھ گھٻ پڙھائيندا آھن. اھو ھن طرح: سج لٿي مھل ڊڀن جي سڪل يا آلي نوڙي جو ٻھ فوٽ ٽڪر ۽ پنج تولا مٺو تيل کڻي، ٽھ – واٽي تي ويھي گھٻ پڙھڻ واري کان گھٻ پڙھائبي آھي گھٻ پڙھندڙ ڊڀن جي نوڙيءَ جو ڇلو ٺاھي، ڇلي جو ھڪ پاسو تيل ۾ ٻوڙي، ان کي ٿورو ڇنڊي، گھٻ لڳل اک جي چوڌاري گھمائيندو ۽ جھاڙ ڦيڻو يا ڪو وظيفو وغيره پڙھي، اک تي شوڪاريندو ۽ وري ڇلي کي تيل مان ٻوڙي اک جي چوگرد گھمائيندو. ان ريت ست ڦيڻا رکي، ڪلمو ڀري اٿندو. انھيءَ طرح ٻھ – چار ڏينھن گھٻ ڀڃائبي تھ اک چڱي ڀلي ٿي ويندي.

19. اک ۾ آنڙي ٿئي تھ ڪنھن پيٽ واري مائيءَ کي چئجي تھ ”مائي، ھيءَ امانت آئي توکي.“ ائين چئي پوئتي نھ نھارجي، ھليو اچجي. آنڙي ڇڏي وڃي مائي کي لڳندي.

ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ:

20.            ننڊ ۾ ڏند ڪرٽڻ نڀاڳ آھي. ننڊ ۾ ڏند ڪرٽيندڙ ماڻھوءَ کي ڪنھن سڳوري شخص کان ڌاڳو وٽائي، چوريءَ ڳچيءَ ۾ ٻڌبو تھ ڏند ڪرٽڻ ڇڏي ڏيندو.[23]

21. ننڊ ۾ ڌيءَ ڏند ڪرٽي تھ نڀاڳ، پٽ ڪرٽي تھ سڀاڳ آھي.[24]

ننڊ ۾ کونگھرا ھڻڻ:

22.            ننڊ ۾ کونگھرا ھڻڻ چڱو ناھي، تنھنڪري کونگھرا ھڻندڙ ماڻھوءَ جي جتيءَ جو پادر کڻي سندس سيرانديءَ کان وھاڻي ڀرسان رکبو تھ اھو ماڻھو کونگھرا ھڻڻ بند ڪري ڇڏيندو.[25]

23.            ٽِھ – واڻي جي مٽي کڻي کونگھرا ھڻندڙ جي مٿي ۾ وجھبي تھ کونگھرا ھڻندڙ ماڻھو کونگھرا ھڻڻ بند ڪري ڇڏيندو.

ھڏڪوئي يا وڌڻي ٿيڻ:

24.            ماني کائيندي جيڪڏھن ھڏڪوئي ٿئي تھ چوندا تھ ڪنھن دل واري دوست يا ويجھي عزيز کيس ياد ڪيو آھي.[26]

25.ڪنھن بھ وقت ھڏڪوئي ٿئي تھ سمجھڻ گھرجي تھ ڪنھن کيس سنڀاريو آھي. جيڪڏھن ھڏڪوئي لاڳيتي بيھي رھي ۽ نھ ڇڏي تھ اھا بيماري سمجھڻ گھرجي، ھڏڪوئي ۾ بعضي الٽي بھ اچي ويندي آھي، اھڙي حالت ۾ ھيٺيان علاج ڪيا ويندا آھن:

26.            ڊپ ڏيڻ سان ھڏڪوئي لھي ويندي آھي.

27.            پاڻي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ سان ھڏڪوئي ڇڏي ويندي آھي.

28.            چيچ ۾ سڳو ٻڌڻ سان ھڏڪوئي لھي ويندي.[27]

29.            ساھھ منجھائڻ سان ھڏڪوئي لھي ويندي.

30.            پاڻيءَ جا ست ڍڪ ڀرڻ سان ھڏڪوئي لھي ويندي.

گھٻو پوڻ:

ساھھ کڻڻ ۾ تڪليف ٿئي، نڙي ويھي رھي، يا آواز گھگھو ٿي وڃي تھ ان کي ”گھٻو پوڻ“ جي بيماري چوندا، ۽ اھڙي حالت ۾ ھيٺيان علاج ڪندا:

31. گھٻو ڪپائڻ جو ساٺ ڪرائجي. ھن طرح تي سر جا پن ڳچيءَ کي ويڙھي، پوءِ ڏاٽي سان انھن کي ڪپڻ. ڪپڻ وارو چوندو تھ: ”گھٻو ڪپيان“. گھٻي وارو جواب ڏيندو تھ: ”ڪپ“. ان طرح ٽي ڏينھن صبح شام ڪرڻ سان گھٻو ڇڏي ويندو.

32.            ناناڻي گھر جي دانگيءَ جي ڪارنھن لاھي نڙيءَ کي ھڻڻ سان گھٻو لھي ويندو.

33.            ٽھ – واٽي تي مٽيءَ جون ٽي ڍڳڙيون ٺاھي ھليو وڃڻ سان گھٻو لھي ويندو.

ڪاڪڙو لھڻ:

ٻار يا وڏي جو ڪاڪڙو ڪري پوندو آھي تھ ان جا جدا جدا سوڻ ڪبا آھن، جي ھيٺئين ريت آھن:

34.            ڪاڪڙي جو ھٿ ھڻڻ کان پوءِ پيٺل ڦودني جي چپٽي ڀري، ڪاڪڙي تي رکي، ان کي زور سان ڦوڪ ڏبي تھ ڦودنو وڃي ڪاڪڙي ۽ ڪلين ۾ پوندو. ٽي ڏينھن سوڻ ڪرڻ سان ڪاڪڙو چڙھي ويندو.[28]

35.ڪاڪڙو لھي پوي تھ تارونءَ تي چپڙي رکجي، ڪاڪڙو کڄي ويندو.[29]

36.            ڪاڪڙو ڪري پوي تھ روزانو صبح جو سويل تارونءَ کي نيراني آڱوٺي سان زور ڏيئي ڇڏجي تھ ڪاڪڙو چڙھي ويندو. [30]

37.            ڀنگ جو ٻج ۽ مڙدا سنگ گھوٽي، ڪپڙ ڇاڻ ڪري، ان سان ڪاڪڙو کڻجي تھ چڙھي ويندو.

38.            ٽھ – واٽي تي گرڙيون ڪرڻ يا تيل ھارڻ سان ڪاڪڙو چڙھي ويندو.

39.            مئل نانگ جي مٿان وھنجڻ سان ڪاڪڙو چڙھي ويندو.

کنگھھ جي بيماري:

40.            کنگھھ جي بيمار کي چانڊوڪيءَ ۾ گھر کان ٻاھر گھمڻ ڦرڻ گھرجي تھ کنگھھ ڇڏي ويندي.

ھھو پوڻ:

41. کاٻي يا ساڄي ڪلھي جي ڦر ۾ سخت سور پوڻ سبب چري بھ نھ سگھبو آھي. اھڙي حالت ۾ ھھي جو ساٺ ڪرائبو آھي. ھھي جو ساٺ اھو ماڻھو ڪندو، جنھن کي اذن يا ھدو مليل ھوندو. ھھي جو ساٺ ھن طرح ڪندا آھن: ھھي پيل ماڻھو، ڪڙو تيل کڻي فجر مھل ۽ سانجھيءَ مھل ھدي واري وٽ ويندو. ساٺ ڪندڙ، بيمار جي قميص يا صدري لھرائي، سندس ٻيئي ڪلھا آڍيندو ۽ چوندو ويندو تھ ”ھھو ڀڃان“، سور وارو چوندو ”ڀڃ“. ان ريت ٽي ڏينھن سوڻ ڪرائڻ سان ھھي جو سور ڇڏي ويندو.[31]

ڳر پوڻ:

42.            ڪنڌ جي ڪنھن بھ پاسي جي رڳ ۾ سور پوڻ کي ”ڳر پوڻ“ چئبو آھي. بعضي اھڙو سخت سور پوندو آھي جو ڪنڌ ورائي بھ نھ سگھبو آھي. ڳر ڀڃڻ جو ساٺ ھن طرح ڪندا آھن: ڳر ڀڃڻ وارو ڪڙو تيل يا ترن جو تيل کڻي ڪنڌ جي چوڌاري مالش ڪندو. مالش کان پوءِ ٽي ڀيرا ساڄي ۽ ٽي ڀيرا کاٻي ڪنڌ کي مروٽو ڏيئي چوندو ”ڳر ڀڃان“  تھ سور وارو چوندو ”ڀڃ“. ان ريت مروٽا ڏيئي وري مالش ڪندو. ائين صبح سانجھي ٽي ڀيرا سوڻ ڪرائڻ سان ڳر ڇڏي ويندي. پر اھو ساٺ بھ اِذن واري کان ڪرائبو.

سنڌن جو سور يا وائي سور:

43.            اٺ جي وارن کي رک ۽ تيل ۾ ملائي سنڌن جي سور واري ھنڌ مکجي تھ سنڌن جو سور ڇڏي ويندو.[32]

ڳانڙو پوڻ:

44.            ھٿ جي ڪرائيءَ ۾ سور پوڻ کي ڳانڙو پوڻ چوندا آھن. اڌ ۾ ڇڏيل ڪم کي جيڪو ٻيو ماڻھو پورو ڪندو، تنھن کي ڳانڙو پوندو.

چڪ پوڻ:

45.گھڻو ڪري تڪليف واري ڪم ڪرڻ سبب مثلا: گھڻو بار کڻڻ، واھھ ٽپڻ، وڻ تان ڪرڻ، ڊوڙ پائڻ، ملھھ ۾ ڌڪ کائڻ يا سٽ ڏيئي بار کڻڻ سبب چيلھھ ۾ سٽ پئجي ويندي آھي ۽ ماڻھو کي ھلڻ چلڻ ۾ تڪليف ٿيندي آھي. انھيءَ سور کي ”چڪ پوڻ“ چئبو آھي. چڪ جو ھڪ ٽِڪ علاج آھي ”چڪ ڀڃائڻ“. جنھن ماڻھوءَ کي چڪ جو ھدو (اِذن) مليل ھوندو، تنھن وٽ صبح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۾ شام جو سج لھڻ کان پوءِ وڃبو ۽ سوڻ ڪرائبو تھ ٻن ٽن ڏينھن ۾ سور ڇڏي ويندو. [33]

چڪ ڀڃڻ:

چڪ پيل ماڻھوءَ کي سنئين سڌي زمين تي پڙڇ يا تؤنري وڇائي ان تي اونڌو ڪري سمھاربو. چڪ ڀڃندڙ ساڄي ھٿ ۾ بانس يا ٻي ڪاٺيءَ جي لٺ کڻندو، جنھن جي ٽيڪ تي ٿي بيھندو. ان بعد ساڄي پير جي پٻ ۽ آڱوٺي سان چڪ پيل جي چيلھھ جي پوري وچ تي زور ڏيندو ۽ پوءِ پير سان چيلھھ کي اورتي پرتي ٽي دفعا ڪندو. ان بعد پير سان اونڌي ستل مريض کي جھٽڪو ڏيئي سنئون ڪندو، وري وڃي ٻئي پاسي کان بيھندو ۽ ساڳيءَ طرح جھٽڪو ڏيئي اونڌي کي اٿلائي سنئون ڪندو. ان ريت ٽي دفعا چيلھھ تي زور ڏيئي اٿلائيندو. پڇاڙيءَ ۾ ساڄي پير جي کڙيءَ سان چيلھھ جي چؤنڪ تي زور سان دٻاءُ وجھندو ۽ ان بعد مريض کي چوند تھ اٿي ڪلمو ڀري کڙو ٿيءُ. ٽن سوڻن سان چڪ ڇڏي ويندي.

ڇِڪي پوڻ:

46.            ڇڪيءَ جي مريض کي ڪڙي يا مٺي تيل سان سڄي بُت کي مالش جو ھٿ ھڻندا. ٽن ھٿن کان پوءِ مريض چڱو ڀلو ٿي ويندو.[34]

47.            ڇِڪي پوي تھ پيرن جي آڱوٺن ۾ سڳا ٻڌجن تھ ڇڪي ڇڏي ويندي.[35]

چيلھھ جو سور:

48.            پاون جي ٻوڙ کائڻ سان چيلھھ جو سور ڇڏي ويندو.

ھانءَ (ھيانءَ) جو سور:

49.            جيڪو ماڻھو اٽي ڇاڻڻ جي پروڻ تي ماني رکي کائيندو، تنھن کي ھيانءَ ۾ سور پوندو.

50.ابتي دانگيءَ تي مانين جي دٻڪي رکي، ان مان ماني کائجي تھ ھيانءُ جو سور ڇڏي ويندو.[36]

51. در جي چانئٺ تي ڍڪڻ رکي، ان تي ماني رکي کائجي تھ ھيانءَ جو سور لھي ويندو.

پيٽ جو سور:

52.جنھن کٽولي جي واڻ ۾ ور پيل نھ ھجي، تنھن کٽولي تي پيٽ جي سور وارو سمھندو تھ ان کي پيٽ جو سور ڇڏي ويندو.

بيھوشي جي بيماري:

53.مئل ٻار تان جيڪو بھ ٻار پيدا ٿيندو، تنھن کي بيھوشي جي بيماري ٿيندي.

54.بيھوشيءَ جي مريض تان ڪڙو يا مٺو تيل گھوري، ڪنھن سائي ٻوٽي تي ھاربو تھ بيماري وڃي سائي ٻوٽي کي لڳندي ۽ مريض چڱو ڀلو ٿي پوندو.

55. مريض کان ٽھ – واٽي تي ماني رکائيندا تھ بيماري ماني کائي واٽ وٺي ھليو وڃي.

مٿي جو سور:

56.مٿي ۾ سور پوي تھ اڪ جا پن، باھھ تي سيڪي، پيرن جي ترين تي ٻڌجن تھ ڪلاڪ کن ۾ مٿي جو سور ڇڏي ويندو.

57.ميٽ ۾ بصر ۽ نم جا پن گڏي مٿي جي لوڻ ڪندا آھن تھ مٿي جو سور يا اڌ مٿي جو سور ڇڏيو وڃي.[37]

اڌ مٿي جو سور:

58.مٿي جي کاٻي يا ساڄي پاسي اڌ ۾ سور ٿيندو آھي، جنھن ڪري بعضي ان پاسي جي اک ۾ بھ سور پوندو آھي.[38]

59.پير جي چوڌاري سڳو ويڙھي، ان سان مٿي جي ماپ ڪندا آھن، جي مٿو وڌي ويو تھ اڌ مٿي جو سور يقيني آھي. ھن سور جا علاج ۽ ٽوڻا ڦيڻا ھن ريت ڪندا آھن:

60.            روزانو صبح ۽ شام، ٽھ – واٽي تي ويھڻ سان اڌ مٿي جو سور ڇڏي ويندو.

61. اڌ مٿي جي سور جو ساٺ ڪرائڻ: ساٺ ڪرڻ وارو مٿي ۾ ڪارو رسو ٻڌي چوندو تھ ”اڌ مٿي جو سور ٻڌان“. مريض چوندو ”ٻڌ“. ائين ڪرڻ سان سور ڇڏي ويندو.

62.            ٻئي سان گڏ ماني کائڻ ۽ ان کان اڳ ۾ اٿڻ سان مٿي جو سور لھي ويندو.


 

[1]   محمد طالب لوھار (ٽندو باگو).

[2]   تعلقو حيدرآباد.

[3]   ٣.  ۽  ٤.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[4]   ٥. ۽  ٦.  محمد طالب لوھار.

[5]   ٧.  ۽  ٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[6]   تعلقو حيدرآباد.

[7]   محمد طالب لوھار.

[8]   ١٢.  کان  ١٤.  محمد طالب لوھار.

[9]   ١٥.  کان  ١٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[10]   محمد طالب لوھار.

[11]   ٢١.  ۽  ٢٢.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[12]   ٢٣.  کان ٢٧.  تعلقو حيدرآباد.

[13]   ٢٨.  ۽  ٢٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[14]   تعلقو حيدرآباد.

[15]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[16]   ٢.  ۽  ٣.  محمد طالب لوھار.

[17]   ٤.  کان  ٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[18]   ٨.  کان  ١١.  تعلقو حيدرآباد.

[19]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[20]   تعلقو حيدرآباد.

[21]   ١٤.  کان  ١٦.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[22]   ١٧.  ۽  ١٨.  محمد طالب لوھار.

[23]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[24]   تعلقو حيدرآباد.

[25]   ٢٢.  ۽  ٢٣.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[26]   ٢٤.  کان  ٢٧.  محمد طالب لوھار.

[27]   ٢٨.  کان  ٣٣.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[28]   محمد طالب لوھار.

[29]   تعلقو حيدرآباد.

[30]   ٣٦.  کان  ٤٠. محمد پناھھ ڦرڙو.

[31]   ٤١.  ۽ ٤٢.  محمد طالب لوھار.

[32]   ٤٣.  ۽  ٤٤. محمد پناھھ ڦرڙو.

[33]   محمد طالب لوھار.

[34]   محمد طالب لوھار.

[35]   ٤٧.  کان  ٤٩.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[36]   ٥٠.  کان  ٥٦.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[37]   محمد طالب لوھار.

[38]   ٥٨.  کان  ٦٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org