سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :16

 

موڙ ٻڌڻ:

ڪپڙن پھرڻ ۾ پڳ ٻڌڻ کان پوءِ گھوٽ کي ”موڙ“ يا ”سھرا“ ٻڌائين. زالون، ٿالھيءَ ۾ موڙ کي، ڳائي وڄائي ڇني ۾ کڻي اچن. پوءِ راڄ جو چڱو مڙس راڄ کان موڙ ٻڌڻ جي موڪل گھري، موڙ گلاب ۽ موتئي جي گلن مان ٺاھين. ڪٿي ڪٿي ڪوڏين ۽ موتين جي لڙھين مان بھ ٺاھين. جنھن جي پٽي مقيس، زري ۽ ڀرت وغيره سان سينگارين. شھرن ۾ گلن ۽ روغني پنن مان پڻ موڙ ٺاھين. موڙن يا سھرن ٻڌڻ سان مبارڪن جي ڌم لڳي ويندي. موڙ ٻڌي مٿان ٻِٽ ڍڪائين. ٻِٽ ۾ ھڪ ڀرت ڀريل بوڇڻي ۽ ٻي ھيڊي رنگ جي کھنبي پوتي ٿئي. ڪٿي ڪٿي گھوٽ جي ڪپڙن ڍڪڻ بعد ڳانن ۽ موڙن جي گھور بھ وٺن.

موڙ ٻڌڻ متعلق ڪن ھنڌن تان مختلف روايتون مليون آھن، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:

تعلقي بدين ۾ عام طور زالون ڪنوار کان ڍڪڻي ڀڃائي، پوءِ گھوٽ جي موڙن جو سعيو ڪن. موڙ ڳائي وڄائي کڻي اچن ۽ ان موڙ واري پِڙي ۾ کھنبو، ٻانڌڙي، گندي بھ کڻي اچن ۽ اچي گھوٽ کي ٻڌن. موڙن ٻڌڻ مھل ڳيچ بھ چون[1].

تعلقي ڪنڊياري ۾ عام طور ڪپڙي جي ھڪ پٽي، تقريبا ٻھ انچ ويڪري ۽ ست – اٺ انچ ڊگھي کڻي، ان تي ٽِڪون ھڻن ۽ پٽيءَ ۾ ڳاڙھن، ڦڪن ۽ اڇن مڻين ۽ گلن ڦلن جون ڇاڙھون (لڙھيون) ٻڌي ھيٺ لڙڪائي ڇڏين. رات جو جڏھن سڀ ڄاڃي ڀت کائي واندا ٿين، تڏھن گھوٽ جي طرفان راڄ کي موڙن جو سڏ ٿئي. راڄ جي گڏ ٿيڻ تي ڪنواريتن مان موڙاچن، جيڪو حجم کڻي اچي. گھوٽ جي پٽڪي تي ڪو بوڇڻ ٻڌي، ان جي مٿان موڙ اھڙي طرح ٻڌن جيئن اھا پٽي نراڙ تي بيھي ۽ موتين جون لڙھيون منھن تي بيھن.

موڙ مرشد کان ٻڌائين. موڙ ٻڌجڻ بعد راڄ کان موڙن جي گھور وٺن. ھڪڙي گھور رپيو رپيو جيڪا حجم کڻي ۽ ٻي گھور مرشد جي وٺن، جنھن ۾ چڱا سکيا ماڻھو پنج ڇھھ رپيا ۽ غريب ھڪ – ٻھ رپيو مرشد جي اڳيان رکن.

تعلقي ڪنڊياري طرف چنن، ڪونڌرن، ڀٽين، (ڪن) سيدن، قريشين، ميمڻن، قاضين ۽ (ڪن) سومرن ۾ موڙ ٻڌڻ جو رواج ناھي[2].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ موڙن ۾ لؤنگ، ڦوٽا ۽ پٽ جا گل پوتل ٿين. موڙن ٻڌڻ مھل گھوٽ کي ڇني مان وٺي وڃن. گھوٽ کي موٽ سندس ڀيڻ يا ڪا ٻي عزيزياڻي ٻڌي. موڙن ٻڌڻ مھل کيس ھڪ ڳوٿري بھ ڏين جنھن ۾ لؤنگ، ڦوٽا وغيره سرھاڻ لاءِ پيل ھوندا. موڙن ٻڌڻ کان پوءِ گھوٽ وري اچي ڇني ۾ ويھندو[3].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ گھوٽ کي موڙن ٻڌڻ وقت ڪلھن ۾ ساھرن کان مليل ملير رکي، مٿان چني وجھن. جنھن کي ”لاڏا کھنبي“ چون. اھو چار پنج فوٽ کن ڊگھو ۽ اڌ فوٽ کن ويڪرو ڪپڙو ٿئي. جنھن جي ڇيڙن تي ڄاري، ٽِڪن ۽ ڀرت جو ڪم ٿئي[4].

 

تيلاڙي جو ساٺ:

تيلاڙي جو ساٺ گھوٽ ۽ ڪنوار ٻنھي کي ڪن، پر گھوٽ کي شاديءَ جي رات کان ھڪ ٻھ راتيون اڳي ٿئي، ۽ ڪنوار کي شاديءَ رات. ھن ساٺ ۾ ڪنوار کي منجيءَ تي ويھاري، سھاڳڻيون زالون ۽ عزيزياڻيون ماکي ۽ سرھي تيل مان آڱريون ٻوڙي سندس مٿي تي مکين ۽ ڪپھھ جي پوڻين مان ٻڙا پٽي سندس مٿي تي اڇلين، جيڪي ڀيڻ چوندي.

گھوٽ کي تيلاڙي جو ساٺ ھن ريت ڪن:

ھر ھڪ سھاڳڻ تيل ۽ گيھھ مان ڏھھ ئي آڱريون ٻوڙي، پھريائين گھوٽ جي ساڄي پير جي پٺيءَ تي رکي ۽ پوءِ ساڄي گوڏي تي، ان بعد ساڄي ڪلھي تي، پوءِ نراڙ تي ۽ پوءِ وري کاٻي ڪلھي تي، ان بعد کاٻي گوڏي تي ۽ آخر ۾ کاٻي پير جي پٺيءَ تي رکي. تيسين ٻيون زالون ھيءَ الفاظ چونديون رھن: ”تيل تيلاٽيئڙو-جئين لاڏا تون“. ھي ساٺ ست سھاڳڻيون ڪن[5].

ٿر جي ھندن ۾ ھن رسم کي ”تيلاھو“ چون، جنھن ۾ سھاڳڻيون گھوٽ کي منجيءَ تي ويھاري تيل جو ساٺ ڪنديون. گھوٽ کي مٿي کان وٺي پيرن تائين تيل لائڻ جو ساٺ ٿيندو. ان بعد گھوٽ سنوارت ٺھرائي تيل ميٽ سان وھنجي، نوان ڪپڙا (ساھو) ڍڪيندو. ان وقت عزيز قريب گھورون گھوريندا، جيڪا حجم ۽ مڱڻھار پاڻ ۾ ورھائي کڻندا. گھور بعد گھوٽ اچي ٻاھر اڱڻ ۾ ھڪ خاص گادي پيل منجيءَ تي ويھندو، جتي نينڊ پوندي.

مينگھواڙن ۾ ڀيلن ۾ بھ ”تيلاھي“ جو ساڳيو رواج آھي. جنوٺڻ ۾ ڀت کارائڻ بعد، گھوٽ ساڳين سوڻن ساٺن سان تيل ميٽ ڪري، سنان بعد نوان ڪپڙا ڪري ڇني ۾ نينڊ وٺڻ لاءِ اچي ويھندو[6].

 

مينڍا کولڻ:

ڪنوار کي وھنجارڻ ۽ شاديءَ جو وڳو ڍڪائڻ کان اڳ ڪنوار جا مينڍا کولڻ جي رسم ادا ڪن؛ جيڪي ڪنوار پڻي جي نشاني سمجھيا وڃن. سينڌ جي شروعات کان وٺي ڪياڙيءَ تائين، ڪنن ۽ نراڙ جي مٿان مينڍن جون ڳتون مڙھيل ٿين. عام طور ڪنوار کي سينگارڻ ۾ بھ گھوٽيتيون گھڻو حصو وٺن. ڪنوار جا مينڍا کولڻ لاءِ گھوٽيتن جون ست سھاڳڻيون اٿن، جيڪي مينڍا بھ کولينديون وينديون ۽ ساڳئي وقت انھيءَ موقعي جا سھرا بھ چونديون رھنديون. ڪوھستان ۾ اِٽين جي ساٺ کان پوءِ زالون مڙي سڙي ڪنوار جا مينڍا کولين.

 

ڪنوار کي وھنجارڻ:

ڪنوار کي وھنجارڻ جي رسم عموما اڌ رات يا ان کان پوءِ ڪن. مينڍيون کولڻ کان پوءِ، ڪنوار کي پاٽ، ڪونڊي يا ٿالھھ ۾ ويھاري، تيل ميٽ مکي وھنجارين. پاڻي موسم سارو ٿڌو يا گرم رکن، جنھن سان ستن کوھن مان ڀريل گھڙيءَ وارو پاڻي ملائين. ڪنوار جي وھنجڻ کان پوءِ اھو پاڻي ڪنواريتيون سانڍي رکي ڇڏين. جڏھن گھوٽ سرگس ڪري اچي ڪنواريتي در تي پھچي، تڏھن اھو پاڻي، سوڻ خاطر، ان جي پيرن ۾ ھاري ڇڏين.

ڪنوار کي وھنجارڻ وقت ٻيا بھ ساٺ سوڻ ڪن، جيڪي ھن ريت آھن:

تعلقي وارھھ ۾ ڪن ھنڌن تي ست ڏاڏي پوٽيون ڪنوار کي پھرين ھڪ کاريءَ جي چوڌاري ست ابتا ڦيرا ۽ ست سبتا ڦيرا ڏيارين، پوءِ ان کاريءَ تي ڪنوار کي ويھاري وھنجارين. ان بعد ڪنوار کي شاديءَ جا ڪپڙا گھوٽيتيون ڍڪائين[7].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ ڪنوار کي وھنجارڻ کان اڳ ڪکن ڪانن مان ننڍو ڪوٺو ٺاھين، ۽ ھڪڙو ھنو آڻي ڪوٺي جي مٿان رکن. پوءِ ڪنوار کي ان ھني تي ويھاري وھنجارين[8].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڪنوار کي سندس سھيليون وھنجارين[9].

ڪوھستان ۾ شاديءَ جي رات اسر ويل سھاڳڻيون ڪنوار کي وھنجارين ۽ وھنجارڻ وقت بھ خاص ڳيچ ڳائين. وھنجارڻ کان پوءِ ڪنوار کي وٺي اچي ڪپڙا ۽ زيور پارائين ۽ ٻيو ھار سينگار پڻ ڪرائين. ڪپڙن ۽ زيورن پارائڻ وقت بھ ڳيچ ڳائينديون رھن. تنھن کان پوءِ سھاڳڻيون ڪنوار کي ”ڇڊائين“. ڇِڊ ڪرڻ ۽ ڪپڙن زيورن پارائڻ جو ڪم ڪنوار ماءُ گھر اڳيان کوڙيل سائي ڏار اڳيان ڪن. ان بعد ڪنوار کي سرھو تيل ھڻن، جنھن کي ”چيڪيھھ“ چون[10].

 

ڪنوار کي ڪپڙا ڍڪائڻ:

وھنجارڻ کان پوءِ، حجامڻ ڪنوار کي ڪپڙا ڍڪائي، ڪن ڪن ھنڌن صبح تائين ڪنوار ھڪڙي ئي ڪپڙي ۾ ويڙھي ويٺي ھوندي ۽ ڪٿي رڳو پڙو پارائي ويھارين. البت لانئن تائين ھلڪڙو ۽ سؤکو وڳو پارائين، جنھن ۾ نھ مونجھھ ٿئي نھ بار. ڪپڙن پارائڻ وقت زالون ڳيچ ڳائينديون رھنديون.

گھوٽ طرفان ڪنوار کي جيڪو شاديءَ جو وڳو ملي، تنھن بابت جدا جدا ھنڌن تي ھيٺينءَ ريت فرق ٿئي:

تعلقي وارھھ طرف ميربحرن ۾ ڪنوار کي عام طور کھنبو ۽ رئو، سٿڻ، لانئن جو پڙو ۽ جتي ڏين.

تنين ۾ سٿڻ ۽ رئو ڳاڙھي رنگ جو، ۽ چولو سائي رنگ جو ڏين.

چانڊين ۾ وري ڪنوار کي سٿڻ ۽ چولو، کھنبو، ۽ محمودي ٻانڌڻو ڏين. پوتيءَ جي پلون ۾ ھڪ ڪنڊ ۾ مساڳ ۽ ٻين ٽن ڪنڊن ۾ مٺاڻ ٻڌن. ڪنوار جو چولو بنا اوٽيءَ جي سبن، جنھن کي ستن ڏينھن بعد ڌوئي پوءِ اوٽي ھڻن. ستن ڏينھن بعد ڳانا وغيره بھ ڇوڙي، وھندڙ پاڻي ۾ اڇلائين يا ڪنھن وڻ ۾ ٻڌي ڇڏين[11].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ ڪنوار کي وھنجارڻ بعد سندس ڪنوارپ وارا ڪپڙا لاھي، کيس مائٽاڻا مليل ڪپڙا گھاگھرو، چني ۽ ڪنجري ڍڪائين[12].

گھوٽ توڙي ڪنوار، شاديءَ وارا ڪپڙا سنڀالي ھنڍائين، مگر آخر جڏھن ڦاٽن تھ انھن جي اڳڙين مان رليون رلڪا ۽ ننڍڙي ٻارڙي لاءِ چولا، تنجڻ وغيره ٺاھين؛ ڇو تھ اھي ڪپڙا سڀاڳا سمجھيا وڃن. جيڪڏھن ڪنھن ويجھي عزيزياڻي کي اولاد نھ بچندو ھجي، تھ ان کي بھ پرڻي واري ڪپڙن مان ٽڪر ڏين، جنھن مان ھوءَ سوڻ خاطر پنھنجي ٻار جو چولو ٺاھي. ويجھي عزيزياڻيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بھ انھن ڪپڙن جي ليڙ بھ ڪونھ ڏين[13].

 

ڪنوار لاءِ ڳھھ:

شادي رات ڪنوار کي جيترو سينگار ڪرائجي اوترو ٿورو. انھيءَ ڪري ھرڪو ماڻھو پنھنجي حيثيت سارو ڪنوار کي سينگارڻ جي ڪوشش ڪندو. سڄي سنڌ جي مسلمانن ۾ رواج آھي تھ ڪنوار جا ڪپڙا ۽ ڳھھ گھوٽيتن طرفان ڪن، ۽ شاديءَ رات بھ کيس اھي ئي ڍڪائين. فقط ٿر جي ھندن ۾ ڪنوار کي مائٽاڻا ڪپڙا ۽ ڳھھ ڍڪائين، باقي گھوٽيتا راڄ اڳيان ڳڻائين.

ڪنوار جي ڪپڙن جو ذڪر ھن کان اڳ ٿي چڪو آھي، تنھنڪري ھتي فقط ڳھن جو تفصيل ڏجي ٿو:

 

وارن جا ڳھھ:

سينڌڦل، چوٽي ڦل.

 

نرڙ جا ڳھھ:

الي، ٽِڪو.

 

ڪنن جا ڳھھ:

واليون، والا، ڪيوٽيون، جھومڪ، دريا ايرينگ، ڦل ۽ نسبيون وغيره.

 

نڪ جا ڳھھ:

نٿ، بولو، بينسر، ڦلي يا ڦلڙي، ڪوڪو،

 

ڳچيءَ جا ڳھھ:

دھري، ھس يا ھسي، ڪٺمال، تعويذ يا تائيٿ، طوق، لونگ، ھار، سوئڙيون (ڪن کوٽڻي ۽ ڏند کوٽڻي).

 

ٻانھن جا ڳھھ:

ٻانھين، پئنچون، ڪنگڻ، ٻانھو ٽيون، ڪنگڻيون يا چوڙيون، بازوبند، منگليون.

 

پيرن جا ڳھھ:

اڻ – وٽ، پير منڊيون، پازيب، ڪڙيون ڇير، ٽوڙھا.

انھن ڳھن مان ھرڪو ماڻھو پنھنجي حيثيت موجب ڪنوار کي ڳھھ پارائي؛ پر ڪي شاھوڪار تھ ڪنوار کي ننھن کان چوٽيءَ تائين ڳھن سان جھنجھي ڇڏين. ننھن کان چوٽيءَ تائين ڳھن جي سڄي مجموعي کي ”ساھھ“ چون. جيڪڏھن ڳھھ چانديءَ جا ھجن تھ ”روپي ساھھ“ چون، پر جي سونا ھجن تھ ”سوني ساھھ“ چون.

ڪن ذاتين ۾ وري ڪي خاص ڳھھ پائين، ۽ ڪن قبيلن ۾ وري ڪن ڳھن پائڻ جي منع آھي، جھڙوڪ: ”نٿ“. ھيٺ ڪن قبيلن ۾ جيڪي ڳھھ پائڻ ۾ اچن، تن جو تفصيل ڏجي ٿو:

تعلقي ڪنڊياري جي بلوچن ۾ ڪنوار کي اول نٿ، پوءِ ڪنن جا ڳھھ، ان بعد ڳچيءَ جا ڳھھ ۽ پوءِ ٻانھن ۽ ھٿن جا، ۽ آخر ۾ پيرن ۾ ڪڙيون پارائين.

سماٽ ذاتين مان جن ۾ نٿ پائڻ جو رواج آھي، اھي اول نٿ پارائين، پر جن ۾ ڦلي، ڪوڪي يا بُولي جو رواج ھوندو تھ اھي پھريائين نڪ جو ڳھھ پارائين. نٿ جي رواج نھ ھجڻ جي حالت ۾ پھريائين ڪنن جا ڳھھ پارائين، ان بعد ٻانھن ۾، تنھن کان پوءِ ھٿن ۾، پوءِ پيرن ۾ پٽيون يا ٽوڙھا پارائين؛ ان بعد ڳچيءَ جا زيور ۽ سڀ کان آخر ۾ نراڙ تي ”جھامر“ پھرائين.

ٻانھن، ھٿن توڙي پيرن ۾ ڳھن پارائڻ وقت اھو بھ خيال رکن تھ زيور اول سڄي ٻانھن يا پير ۾، پوءِ کاٻي ٻانھن يا پير ۾ پارائجي[14].

نڪ جو زيور، پرڻيل عورت لاءِ لازمي سمجھيو وڃي ٿو. پرڻيل زال جو نڪ جيڪڏھن ڪنھن بھ زيور کان خالي ھوندو تھ ان کي ڏک ۽ ڏھاڳ جي نشاني سمجھيو ويندو. دستور مطابق پرڻيل عورت کي نڪ ۾ نٿ، وينڊو، ڦلڙي يا ڪوڪو ضرور پاتل ھجي. ان ڪري شاديءَ جي زيورن ۾ نڪ جي زيور کي اوليت ۽ اھميت ڏين. جيڪڏھن ڪابھ پرڻيل عورت نڪ ۾ ڪوبھ زيور يا ڪاٺي نٿي پائي تھ، ان مان اھو مطلب وٺن تھ شايد عورت پنھنجي مڙس سان ڪاوڙيل آھي، ان ڪري نڪ خالي ڪري، سھاڳ ڦٽو ڪري ڇڏيو اٿس. اھڙي حالت ۾ ڪنوار جا مائٽ يڪدم اچي صلح ڪرائين ۽ خطائون بخشائين[15].

 

نڪاح:

عام طور سڄيءَ سنڌ ۾ وڏي اسر يا فجر مھل نڪاح پڙھيو وڃي. ڪن ھنڌن، خاص ڪري ٿر ۾ فجر بعد نڪاح پڙھن ۽ ٻھراڙين ۾ ڪن ھنڌن صبح جو پھرئين پھر نڪاح پڙھن. ٻھراڙين ۾ نڪاح وقت سڄي ڳوٺ کي ڄاڻ ڪن. گھوٽيتن يا ڪنواريتن طرفان ھڪڙو ماڻھو سڄي ڳوٺ کي نڪاح جي ڪوٺ ڏيئي اچي، جيڪا ضروري سمجھي وڃي.

جڏھن راڄ جا سڀ ماڻھو اچي گڏ ٿين، تڏھن ھڪ وڪيل ۽ ٻھ شاھد، جيڪي ڪنوار جا محرم ھجن، ڪنوار جي قبوليت وٺڻ لاءِ وڃن. ڪن قبيلن ۾ اھڙي پڇا لاءِ اندر گھر ۾ ڪونھ وڃن. فقط گھر جي در تي بيھن. ڪنوار جي ماءُ يا ٻيون زالون ھائوڪار جو جواب ڏين، جيڪا قبوليت سمجھي وڃي. پر جيڪي اندر وڃي ڪنوار کان پڇا ڪن، تن کي بھ ھائوڪار جو جواب ڪونھ ملي، پر ڪنوار جي پاران سندس ماءُ يا ڀيڻ ”ھائو“ چوي. ڪن قبيلن ۾ اھو رواج ٿئي تھ جيستائين ڪنوار ”ھائوڪار“ نھ ڪري؛ تيستائين نڪاح ڪونھ پڙھجي. ڪنوار جي قبوليت کان پوءِ وري ڪنوار ۽ گھوٽ جي والدين کان نڪاح پڙھڻ جي اجازت گھري، پوءِ نڪاح پڙھيو وڃي.

نڪاح بعد گھوٽيتن ۽ ڪنواريتن کي مبارڪون ملن. نڪاح خوانيءَ کان پوءِ عام طور گھوٽيتا ويٺلن ۾ کارڪون ورھائين. کارڪن ورھاست ۾ اول ملا کي پنج مٺيون کارڪن يا مٺائيءَ جون ڏين، پوءِ گھوٽ کي وٽ ملي، ان بعد سڄيءَ ڄڃ ۾ ورھاست ٿئي. جيڪڏھن کارڪون بچي پون تھ وري گھرن ۾ موڪلين، جتي اھي زالن ۾ ورھايون وڃن. ڪن ھنڌن پتاشا ۽ مٺائي بھ ورھائين.

نڪاح کان پوءِ گھوٽ کي ڪنوار جي گھر وٺي وڃن، جتي ٻيا سوڻ ساٺ ٿين.

بعضي ڪن حالتن ۾ نڪاح مڱڻي وقت ئي پڙھايو وڃي، تھ پوءِ شاديءَ رات فقط لانئون ڏيارين ۽ شاديءَ جون باقي رسمون پوريون ڪن.

تعلقي ڪنڊياري ۾ نڪاح کان پوءِ حجم وٽي کڻي ڄاڃين کان گھور وٺي، جنھن کي ”وٽيءَ جي گھور“ يعني ”حجم جي گھور“ چون[16].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ نڪاح رات جو وجھن. نڪاح وقت پتاشا يا کارڪون ورھائين. حجم وٽي کڻي گھور وٺي، جنھن ۾ ھرڪو رسم ۽ سرنديءَ آھر گھور ڏئي. نڪاح کان پوءِ ڪنواريتا گھوٽ کي سفيد بوڇڻ ڏين. نڪاح وقت سھرا ۽ مولود ڳائين.

ميربحرن ۾ ڪنواريتا، گھوٽ کي ريٽو ڪلھن تي وجھن. جتوئين ۾ نڪاح ھلندي ڪنوار ھڪ سڳو، ڪنھن بھ رنگ جو کڻي گھوٽ جو نالو وٺندي ۽ چوندي ويندي تھ ”فلاڻي کي ٻڌان ٿي“ ۽ سڳي کي ڳنڍ بھ ڏيندي ويندي[17].

 

بُسريون:

بُسريون ڪنواريتا ڪن ۽ خاص طرح گھوٽ جي کائڻ لاءِ. اھو رواج سڄي سنڌ ۾ آھي. بُسريون عام طرح ٻن موقعن تي ڪن: ھڪڙو انھيءَ مھل جڏھن ڄڃ اچي ڪنواريتي گھر لھي، تڏھن گھوٽ کي مھماني طور بُسريون موڪلين. ٻيو انھيءَ مھل جڏھن نڪاح پڙھجي وڃي، ان وقت گھوٽ کي وات مٺو ڪرائڻ لاءِ ڪنواريتن مان بُسريون اچن. جيتوڻيڪ اھي بُسريون گھوٽ لاءِ ٿين، پر گھوٽ اڪيلو ڪونھ کائي، ساڻس گڏ اھنر ۽ ٻيا گھاٽا سنگتي يا ويجھا عزيز  گڏجي کائين، ۽ پوءِ رواج مطابق بُسرين واري ٿانءَ ۾ ڪجھھ رپيا گھور وجھن، جيڪا ڪنواريتا کڻن. ڪن ھنڌن اھو عام وھم ٿئي تھ بُسرين ۾ ڪنواريتا ضررو ڪو  کريب ڪندا، تنھنڪري ڪونھ کائين. عام وھم آھي تھ بُسرين ۾ ڪئي يا چمڙي جون ڦولھڙيون وجھبيون تھ ڪنواريتن مان ويڪ نھ ڪڍي سگھبي[18].

سنڌ جي جدا جدا ھنڌن تي بُسرين کارائڻ جي رسم جدا جدا وقتن تي ادا ڪن. تنھنڪري انھن ھنڌن کان مليل روايتون ھن بعد شامل ڪيون ويون آھن:

ٻِٽ ۽ موڙن ٻڌڻ کان پوءِ گھوٽ لاءِ بُسريون کڄي اچن، جيڪي گھوٽ ساڻس گڏ ويٺل عزيز ياڻين ۽ کائڻ بعد رواج مطابق اھي ھڪ- ٻھ رپيا گھور بھ ڏين. اھا گھور ڪنواريتا کڻن. انھيءَ مھل گھڻو ڪري زالون، پيراڻا ڳيچ چون[19].

گھوٽ سرگس چڙھي، تنھن کان اڳ ڪنواريتيون زالون ڳڙ يا کنڊ ۽ گيھھ جون بُسريون پچائي، ھڪ ھڪ يا ٽڪر ٽڪر ڪري گھوٽيتن ۾ ورھائين. ان کان پوءِ گھوٽ سرگس تي روانو ٿئي[20].

تعلقي سنجھوري طرف لغارين ۾ اڳي رواج ھو تھ ڪنواريتا ستن ڄڻن لاءِ ست بُسريون پچائي رسم پوري ڪندا ھئا، پر ھاڻي ڪيترا بھ ماڻھو ڪوٺ تي اچن تھ سڀني کي کارائين، پوءِ اھي ڪيتريون بھ کائين. بُسرين وقت گيھھ ڪيترو بھ گھرجي، پر سڀني کي پيارين ۽ آخر ۾ انھن کان رپيو رپيو گھور وٺن.

بُسرين کائڻ وقت گھوٽ پھريون گراھھ ڪنوار کي کارائي، جنھن جو مطلب ڪڍن تھ ھو پھريائين ننگ جو خيال ڪري پوءِ پاڻ کائي[21].

عام طور شادي ۾ ڪنواريتا ٻن موقعن تي بُسريون ڪن. پھرين شاديءَ واري رات، جنھن ۾ اڍائي بُسريون پچائي، انھن ۾ سوا پاءُ گيھھ وجھن. رات جو گھوٽ جي سالي اھي بسريون گھوٽ وٽ کڻي وڃي، جيڪو ھنر ۽ ٻين ڪن خاص ماڻھن سان گڏجي کائي. بُسرين جو اجورو گھوٽ توڙي ٻيا وسعت آھر ڏين؛ ان کي ”بُسرين جي گھور“ چون، جيڪا ڪنواريتا کڻن.

ٻيو جڏھن گھوٽ لانئون لھي بس ڪري (پوءِ رات ھجي يا ڏينھن)، تڏھن گھوٽ جي سس يا سالي پنج بُسريون پچائي؛ جن مان ھرھڪ ۾ اڌ پاءُ گيھھ وجھي گھوٽ جي آڏو رکن. گھوٽ وري بھ اھنر ۽ ٻين خاص ماڻھن سان گڏ اھي بُسريون کائي. پوءِ ھر ھڪ پنھنجي پڄنديءَ آھر ڪنوار کي موڙو ڏئي، يا جھڙو رستو گھوٽ جو ساڻن اڳ رکيل ھجي، ان موجب موڙو ڏين[22].

تعلقي وارھھ جي تنين ۾ مينديءَ جي ساٺ کان پوءِ گھوٽ جي سالي اڍائي بُسريون کڻي آڻي گھوٽ کي ڏئي. ھوءَ اڃا اھي بُسريون گھوٽ وٽ رکي ئي مس، تھ ٻيا اچي اھي کڻي وڃن. انھن بُسرين جو لاڳ بھ سالي، گھوٽ کان پنج رپيا وٺي[23].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ جڏھن گھوٽ کي ڪنوار جي در تي ويھارين، تڏھن سندس سالي اڍائي بُسريون کڻي اچي سندس اڳيان رکي. گھوٽ ان مان ٽي گرھھ اڃا وات ۾ وجھي تھ سالي بُسريون ڦري وٺيس، پوءِ باقي بُسريون ڄاڃي کڻي کائين. سالي، گھوٽ کان پنج رپيا بُسرين جا، پنج رپيا مينديءَ ۾ چيچ ٻوڙائڻ جا ۽ پنج رپيا ڏانوڻ ڏانئڻ جا وٺي[24].

تعلقي وارھھ جي چانڊين ۾ ڪوٺي اڏڻ وقت ڪنواريتا؛ ٿالھيءَ ۾ بُسري آڻي، ڪوٺي ٺاھڻ واري کي ڏين. اھا بُسري ڪوٺي ٺاھڻ وارن ۾ ورھائي وڃي. آخر ۾ گھوٽ انھيءَ ٿالھيءَ ۾ ڪجھھ پئسا وجھي؛ انھيءَ خيال سان تھ ٿالھي خالي نھ وڃي. لانئن کان اڳ گھوٽ کي ٻاھر ويھارين، اتي بھ کيس بُسري کارائين[25].

تعلقي وارھھ جي لنڊن ۾ گھوٽ لاءِ ست بُسريون پچائين ۽ گھوٽ سان گڏ گھوٽ جي ڏاڏي پوٽن کي بھ کارائين[26].

ڪوھستان ۾ مانيءَ واري ڏينھن شام جو وچينءَ ڌاري، ڪنواريتن طرفان مينديءَ جي ماني اچي. ست سھاڳڻيون، ست ٿالھيون مينديءَ جون آڻين، جن مان ھر ھڪ ٿالھيءَ ۾ ست ست بُسريون ٿين؛ انھن مانين ۾ گيھھ تمام گھڻو وجھن. ٿالھين ۾ مانين سان گڏ ھڪ ھڪ قسم مٺائيءَ جو بھ ضرور رکن. پوءِ ھڪ ٿالھيءَ تي ست ست ڄڻا ٿي کائڻ ويھن. جيڪڏھن ماڻھو وڌيڪ ٿي پون تھ انھن کي بھ انھن ٿالھين مان جدا ذرو ذرو ڪڍي ڏين[27].

سرگس:

نڪاح کان پوءِ سمورا ڄاڃي گڏجي، دھلن دمامن سان گھوٽ کي ڪنواريتي گھر لانئن لاءِ وٺي وڃن؛ انھيءَ رسم کي ”سرگس“ چون. جن ھنڌن نڪاح ۽ لانئون رات جو ٿين، اتي سرگس بھ رات جو ڪن؛ ۽ جتي نڪاح توڙي لانئون ڏينھن جو ڪن، اتي گھوٽ کي سرگس بھ ڏينھن جو گھمائين. لاڙ ۾ سرگس کي ”ترگس“ بھ چون.

گھوٽ کي گھوڙي تي سرگس ڪرائين. اھو سڄي سنڌ ۾ عام رواج آھيل، پر خاص حالتن ۾ گھوٽ کي پنڌ بھ وٺي وڃن. ٿر ۾ گھوٽ کي اٺ تي چاڙھي سرگس ڪرائين. شھرن ۾ بگيءَ يا موٽر ۾ سرگس ڪرائين. گھوڙي تي گھوٽ کي اڪيلو ويھارين، پر بعضي ساڻس گڏ ”اھنر“ يا ڪو ننڍو ڇوڪرو بھ ويھارين؛ جنھن مان اھو سوڻ ڳنڍين تھ ڌڻي تعاليٰ شل کيس پٽن وارو ڪري. جيڪڏھن اھنر ساڻس گڏ گھوڙي تي ويٺل نھ ھجي تھ پوءِ اھو گھوڙي جون واڳون وٺي ھلي، نھ تھ ڪو عزيز، چاچو يا مامو، گھوڙي جون واڳون جھلي ھلي.

سرگس ۾ ترتيب ھن ريت ٿئي، تھ اڳ ۾ دھلاري، دھل شرنايون وڄائيندا ھلن. ان بعد گھوٽ گھوڙي تي سوار، ۽ سمورا ڄاڃي، سرگس لاءِ وڌ ۾ وڌ سڏ پنڌ جو رٿين. رستو اھڙو وٺندا، جيڪو مسجد وٽان لنگھندو ھجي.

سرگس ۾ گھوٽ جا عزيز، يار دوست، گھوٽ جي مٿان رپيا گھوري، مڱڻھارن ۽ نچڻ وارن کي ڏيندا ھلندا. گھوٽ جو پيءُ، چاچو يا ٻيو ويجھو عزيز گھوٽ جي مٿان پئسا پتاشا يا کارڪون گھوري، ڄاڃين مٿان اڇلائي. ڇوڪر ٻاڪر وري اھي پئسا يا شيون چونڊيندا ھلندا. جڏھن سرگس مسجد جي در تي پھچي، تڏھن گھوٽ کي گھوڙي تان لاھي، مسجد ۾ وٺي وڃن، جتي ھو شڪراني جون ٻھ رڪعتون نفل پڙھي. بعضي گھوٽ کي قرآن شريف مان رڪوع پڙھائين. ان بعد دعا پني وري اچي گھوڙي تي چڙھي. وري بھ ساڳيءَ طرح دھلن دمامن سان سرگس ھلندي اچي ڪنوار جي در تي پھچندي ۽ گھوٽ کي ڪنواريتن ۾ اماڻي، ڄاڃي موٽي اچي ڇني ۾ ويھندا.

سرگس بعد سڄيءَ سنڌ مان مليل خاص روايتون ھن بعد شامل ڪجن ٿيون:

تعلقي حيدرآباد ۾ ڪن ھنڌن گھوٽ ماءُ بھ سرگس سان گڏ ھلي ۽ گھوٽ مٿان چانور، کارڪون، مصري ۽ پتاشا گھوريندي ھلندي. بعضي سرگس ۾ ڳيچ بھ ڳائين، خاص ڪري گھوٽ جي گھوڙي چڙھڻ وقت زالون ڳيچ ڳائين[28].

سرگس، جڏھن سڄي شھر يا ڳوٺ جو چڪر ھڻي موٽي تڏھن گھوٽ کي ڪنوار جي گھر زالن جي حوالي ڪن، در تان گھوٽ کي سندس ماءُ يا ڀيڻ پلئھ ڏيئي اندر وٺي وڃي[29].

تعقي ڪنڊياري ۾ سرگس بعد گھوٽ شڪراني جون ٻھ رڪعتون نفل مسجد ۾ پڙھي. ڪي ماڻھو نفل مسجد ۾ پڙھن، تھ ڪي وري ڪنوار جي اڳيان پڙھن. گھوٽ جنھن وقت نماز پڙھي، ان مھل زالون سھرا چونديون رھن[30].

تعلقي خيرپور ۾ ڪن ھنڌن، گھوٽ سرگس لاءِ گھوڙي تي سوار ٿئي تھ گھوڙي جي واڳ اھنر وٺي ھلي. سرگس سان دھل وڄندا ھلن ۽ اڳيان پنج ست ڄڻيون مايون سھرا ڳائينديون، تاڙيون وڄائينديون ۽ نچنديون ھلن. اھڙيءَ طرح ڳوٺ جي چؤڌاري چڪر ڏياري، گھوٽ کي آڻي گھر لاھين[31].

ڪوھستان ۾ نڪاح بعد، گھوٽ کي گھوڙيءَ تي چاڙھي سرگس ڪڍن. گھوڙيءَ کي ساڄي ھٿ وارو گس تان گھمائيندا. مسجد وٽ ايندا، تڏھن گھوٽ مسجد ۾، وڃي ٻھ رڪعتون نفل نماز شڪراني جي ادا ڪندو. سرگس ۾ لنگھي جي ھٿ ۾ ٿالھي ھوندي، جنھن ۾ چانور وجھي ڇڏين؛ پوءِ سڀ ڄاڃي، جيڪي سرگس سان گڏ ھوندا، سي ان ٿالھيءَ ۾ گھور وجھندا ھلندا. سرگس ڪنواريتي گھر وٽ ايندي تھ عورتون وڌي اچي گھر جي در تي گھوٽ جو استقبال ڪنديون ۽ سھرا ڳائيندي گھوٽ کي اندر وٺي وينديون. پوءِ ڄاڃي موٽي اچي ڇني ۾ ويھندا[32].

فجر جو، گھوٽ ڪنواريتي گھر وڃڻ کان اڳ سرگس تي چڙھي. سرگس لاءِ عموما گھوڙو آڻين، جنھن تي گھوٽ کي ويھاري مسجد ڏانھن نين. ٿرپارڪر ۾ بعضي اٺ تي بھ سرگس ڪرائين. سرگس جي اڳيان دھلاري وڄت ڪندا ھلندا. جن ھنڌن دھلن جو رواج ناھي، اتي وري سرگس ۾ مولود پڙھندا، جن جي پويان سڀني ڄاڃين جي وچ ۾ گھوٽ ھوندو، جنھن تان عزيز قريب ۽ دوست روڪڙ پئسا، چانور ۽ کارڪون گھوريندا ھلندا[33].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ بھ گھوٽ کي سرگس ڪرائي پوءِ ڪنواريتن ۾ وٺي وڃن. انھيءَ سرگس کي ”سلامي، زيارت يا درشن“ چون. اھو ھن طرح جو ڄاڃي گھوٽ کي وٺي ھلن، مٿس پاسي کان پڙ جھليل ھوندو، زالون ڳيچ ڳائينديون ھلنديون، جيڪي ٻھ ٽي ٿان ”پِٿوري“، ”پاٻو“ ۽ ”ڪاري“ وغيره جا ھوندا، اتي گھوٽ کي وٺي ويندا، جتي ھو ڪنڌ نمائي آسيس گھرندو[34].

سرگس يا ترگس ۾ گھوٽ گھوڙي تي چڙھي تھ پٺيان اڻھار يا اھنر موڙ ٻڌي گڏ گھوڙي تي ضرور ويھي. چون تھ گھوٽ جي پٺيان گھوڙي تي انھار نھ ويٺو تھ ان بدران شيطان اچي گھوٽ سان سوار ٿيندو، جنھنڪري اھا شادي، خوشيءَ جي بدران نقصانڪار ثابت ٿيندي. پوءِ جڏھن گھوٽ گھوڙي تان لھي؛ ڪنوار جي گھر وڃي، تڏھن اڻھار لھي وري ڇني ۾ اچي ويھي[35].


 

[1]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[2]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[3]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[4]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[5]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[6]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[9]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[10]   محمد عرس سمون، نئين زندگي، آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

[11]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[12]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[13]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[14]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[15]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

[16]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[17]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[18]   محمد پناھھ ڦرڙو  (تعلقو ڪنڊيارو).

[19]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[20]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[21]   اڪبر علي لغاري (تعلقو سنجھورو).

[22]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[23]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[24]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[25]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[26]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[27]   محمد عرس سمون، ”نئين زندگي“ آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

[28]   محمد بچل (تعلقو حيدرآباد).

[29]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[30]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[31]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[32]   عبدالعزيز جوکيو، نئين زندگي، اپريل ١٩٥١ع تان ورتل.

[33]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[34]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[35]   محمد طالب لوھار (تعلقو ٽنڊوباگو).

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org