باب
تيرھون
فالون
ھر انسان اھوئي چاھيندو تھ
جنھن ڪم ۾ ھٿ وجھجي، تنھن ۾
ڪاميابي حاصل ٿئي ۽ ساڳئي وقت
اھو بھ ڄاڻڻ جي خواھش رکندو
تھ ڪنھن طرح سان اھو پڻ معلوم
ٿئي تھ جنھن ڪم ۾ ھٿ وجھندس
سو ٿيندو يا نھ؟ جنھن جو مقصد
فقط اھو آھي تھ جيڪڏھن
ڪاميابي جي پڪ ھجي تھ پوءِ
محنت بھ ڪجي، نھ تھ جاکوڙ
اجائي ٿيندي. انساني سماج ۾
آڳاٽي وقت کان اھو معمول پئي
رھيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾
قدرت جي مشاھدي ۽ ڪن انساني
عملن مان ڪي اھڙا اھڃاڻ تصور
ڪيا ويا، جن جو ظھور ۾ اچڻ
مان اھو اندازو لڳايو ويندو
آھي تھ ”فلاڻو ڪم ٿيندو يا
نھ؟“
ھن کان اڳ مختلف عنوانن ھيٺ
اھڙين اڳڪٿين ۽ سوڻن توڙي
بدسوڻن بابت ڪافي مواد شامل
ڪيو ويو آھي، پر فقط اھي
”اھڃاڻ“ ۽ ”آثار“ شامل ڪيا
ويا آھن، جن کي ”فالون“ چيو
وڃي ٿو. عام طرح سڄي سنڌ ۾
جيڪي فالون مروج آھن، سي ھن
باب ھيٺ شامل ڪيون ويون آھن.
(1)
ڪؤنرو ڦيرائڻ:
چوريءَ وغيره جي حالت ۾ ٻھ
ماڻھو وضو ڪري آمھون سامھون
ويھندا ۽ اشھد آڱر سان پاڻيءَ
سان ڀريل ڪؤنرو جھلي ويھندا.
پوءِ جن ماڻھن ۾ شڪ ھوندو،
انھن جا نالا ھڪ ھڪ ڪري وٺبا.
جنھن نالي تي ڪؤنري ڦرڻ شروع
ڪيو، ان نالي وارو چور ليکبو.
(2)
ان جي فال:
چانورن جي مٺ ڀري ان جو چوٿون
حصو ڪبو. وري انھيءَ چوٿين
حصي ۾ آيل چانورن جا چؤنڪ
ٺاھبا. پڇاڙيءَ ۾ جيڪڏھن اِڪي
بچي تھ ڪم ٿيندو، جي ٻڌي بچي
تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.
(3)
گزڪماڻ جي فال: لٿل ڪماڻ کڻي پھرينءَ سٽ سان جي ڪماڻ چاڙھي ويو تھ ڪم ٿيندو، پر جي ڪماڻ نھ
چڙھي تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.
(4)
نڪ سان فال:
نڪ جي چؤٽي تي آڱر رکي ٻيءَ
چؤٽيءَ مان ساھھ کڻبو. جيڪڏھن
برابر ساھھ ايندو رھيو تھ ڪم
ٿيندو، جي ساھھ برابر نھ آيو
تھ ڪم نھ ٿيندو.
(5)
ڪاٺين جي فال: تيلين جھڙيون ڪاٺيون کڻي، انھن کي ٽڪر ٽڪر ڪري رکندا. پوءِ انھن کي ڳڻندا.
جيڪڏھن اِڪي انگ آيو تھ ڪم
ٿيندو، پر جي ٻڌيءَ جو انگ
آيو تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.
(6)
ڪنڌ جي فال:
ڪنڌ کي يڪدم کاٻي ورائيندا.
جي کاٻي پاسي ورائڻ سان سور
ٿيو تھ ڪم ڪونھ ٿيندو، پر جي
سور نھ ٿيو تھ ڪم ٿيندو.
(7)
ليڪن وارو فال: زمين تي ليڪ فوٽ ڏيڍ ڊگھي ڪڍي، وري ان مان ننڍيون ننڍيون ليڪون ڪڍندا. ڊگھي
ليڪ جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي
تائين ننڍيون ليڪون ڪڍندا.
پوءِ ھڪ ليڪ ڇڏي، ٻيءَ ليڪ تي
ھٿ رکندا ويندا. جيڪڏھن
پڇاڙيءَ جو ھڪ ليڪ بچي پئي تھ
ڪم ٿيندو، جي نھ بچي تھ ڪم
ڪونھ ٿيندو.
(8)
آڱرين سان فال: اکيون پوري، ٻنھي ھٿن جي وچ وارين آڱرين جا مٿا ھڪٻئي سان ملائيندا، جيڪڏھن
مٿا آمھون سامھون ھڪٻئي سان
مليا تھ ڪم ٿيندو، جي نھ مليا
تھ ڪم نھ ٿيندو.
(9)
ديوان حافظ مان فال:
ست قل پڙھي، ديوان حافظ جو ڪتاب کولبو. ساڄي ھٿ واري پني جي ستين سٽ پڙھبي.
ان ۾ جيڪي لکيل ھوندو. ان
موجب ڪم ٿيندو.
(10)
قرآن شريف مان فال:
قرآن شريف کڻي ست قل پڙھي،
قرآن شريف کولبو. ساڄي ھٿ
واري پني جي ستين سٽ پڙھي
ڏسبي. ان ھدايت موجب سوال کي
پرکبو يا سمجھبو.
(11)
تسبيح واري فال:
تسبيح جي ٻانگي مان جھلي،
باقي تسبيح کي ھيٺ لڙڪائبو، ۽
پوءِ تسبيح کي چئبو تھ ”جي
فلاڻو ڪم ٿئي تھ لوڏا کاءُ،
پر جي ڪم نھ ٿئي تھ نھ لڏ“.
پوءِ جيڪڏھن تسبيح لوڏا کاڌا
تھ ڪم ٿيندو، پر جي نھ لڏي تھ
ڪم ڪونھ ٿيندو.
(12)
ڪانءُ جي فال:
گھر ويٺل ڪانءُ کي چئبو تھ ”جي فلاڻو ڪم ٿئي تھ اِتان اڏامي ٻئي ھنڌ ويھھ“
پوءِ جي اتان اڏامي ٻئي ھنڌ
ويٺو تھ ڪم ٿيندو، نھ تھ ڪونھ
ٿيندو.