سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :21

 

پنجيڪون:

جيڪڏھن ڪو مرد، عورت يا ٻار، چنڊ واري مھيني جي پھرين کان پنجين ۽ پنجويھين کان ٽيھين تاريخ واري عرصي ۾ فوت ٿئي تھ چوندا ”پنجڪين“ ۾  مئو آھي. اھي نحس تاريخون ڪري ليکين، ڇاڪاڻ تھ عام خيال آھي تھ ”پنجڪين“ ۾ مئل ماڻھو پنھنجن عزيزن کي ڇڪ ڪندو، يعني ٻين جي بي وقت موت جو باعث بنبو، تنھنڪري نحوست ٽارڻ لاءِ فوتي جي قبر جي چوڌاري چار لوھي ڪليون کوڙي ڇڏيندا. تعلقي وارھھ طرف ڪلھوڙن ۾ فوتي جي قبر جي چئني ڪنڊن کان لوھي ڪليون کوڙيندا ۽ فوتيءَ جي اڳٺ يا گوڏ جي ڪني، ڪانڌپي واري باھھ ۾ ساڙين. ضائفائن جي موت تي بھ اھائي رسم ڪن[1].

 

عذرخواھي يا فاتحھ:

لاش دفنائڻ کان پوءِ ڪانڌي جڏھن مقام جي حد کان ٻاھر نڪرندا، تڏھن پھريون ڪم اھو ڪندا، تھ فوتيءَ جي وارث سان عذرخواھي ڪندا ۽ فاتحھ پڙھندا. اھا عذرخواھي مقام جي حد اندر ڪرڻي ناھي؛ تنھنڪري مقام کان ٿورو ئي پرڀرو ھلي، ھڪڙي جاءِ تي ويھي، قل پڙھي فاتحھ ڏيندا ۽ پوءِ فوتيءَ جي وارث کي پرچاڻي ڏيندا. انھيءَ پرچاڻيءَ ۾ امر الاھي جي پچار ٿيندي ۽ خدا جي حڪم آڏو بندي جي بيوسيءَ جو اظھار ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ فوتيءَ جي وارث کي صبر جي تلقين ۽ ھمدرديءَ طور دلاسو دلبري بھ ڪندا. ان وقت پاڻ سان گڏ آندل کجور يا کارڪون ڪانڌين ۾ ورھائيندا. جنھن کي ”سوٿي“ چون. ان بعد ڪانڌين کي اجازت ملندي تھ ڀلي وڃن. انھي اجازت کي ”اِذن عام“ بھ چون. پر ان سان گڏ ڪانڌين کي ”خدا ڪارڻ ھٿ ٻوڙڻ“ يعني ڪانڌپو کائڻ جو بھ چوندا.

فاتحھ جنازي دفنائڻ کان پوءِ ڏبي يا پڙھبي. جيستائين جنازو گھر ۾ رکيو آھي، تيستائين فاتحھ نھ ڏبي.

ھن موقعي تي ريت رسم جي مليل روايت ھيٺ ڏجي ٿي:

مقام کان ٻاھر اچي، چاليھن وکن جي مفاصلي تي ويھي رھندا. ھڪڙو ويجھو مائٽ بُٺيءَ تي قل ويٺو پڙھندو. اھو جڏھن ڏھن پندرھن منٽن کان پوءِ بُٺيءَ تان اٿي ايندو، تڏھن گڏ ٿيل ماڻھو فاتحھ پڙھي، سڀني عزيزن کي عذر خواھي ڪندا. اتي وارثن سان ڪي ماڻھو ڪانڌين ۾ پتاشا، ڪتل، ڇوھارا، ڀڳڙا، نڪل يا ريوڙيون ورھائين، جنھن کي ”سوٿي“ چون. جنھن جي مراد آھي تھ فوتيءَ جا وارث ۽ ڪانڌي، جيڪي بنا کاڌي پيتي جي ھليا آھن، سي ڪجھھ کائي پاڻي ڍڪ پين. پوءِ جنھن ماڻھو ”ڪانڌپو“ ڪيو ھوندو، سو ڪانڌين کي ”خدا ڪارڻ ھلي ھٿ ٻوڙڻ“ لاءِ چوندو[2].

 

ڪانڌپو:

جنھن گھر ۾ قضيو ٿيو ھوندو، تنھن گھر ۾ قضيي جي مھل کان وٺي ڀاتي ڪجھھ بھ نھ کائيندا، ايستائين گھر ۾ رکيل مٽن ۽ دلن جو پاڻي بھ ھاري، ٺلھا ڪري، ڀڃي ڇڏيندا ۽ ڪورا مٽ دلا گھرائيندا. ڪانڌين توڙي عزيزن تي واجب آھي تھ ان گھر جو ٽن ڏينھن تائين داڻو بھ نھ چکين، نڪي پاڻي ڍڪ پين. ۽ جيسين ميت گھر ۾ آھي، تيستائين تھ بنھھ کائڻ پيئڻ بند رھندو. اھڙي حالت ۾ فوتيءَ جو ڪو ويجھو عزيز لاش کڄڻ کان پوءِ ھڪڙي ٻھ ديڳ ڀت جي لاھيندو، جنھن ۾ چڻن جي دال ۽ پٽاٽا وجھندا. اھو ڀت ڪانڌين جي کائڻ، توڙي فوتيءَ جي گھر وارن جي ”فاقي“ ٽورائڻ لاءِ ھوندو. جيسين ڪانڌي،  لاش دفنائي موٽندا، تيسين ڪانڌپو تيار ٿي ويندو. انھي ڀت کائڻ کي چوندا ”ھٿ ٻورڻ“. ڪانڌي مقام تان اچي پٿر تي ويھندا، جتي ھٿ ٻوڙي ھليا ويندا. پوءِ فوتيءَ جا عزيز، ڪانڌپي جو ڀت کڻي فوتيءَ جي گھر ويندا، ۽ انھن کي ڪانڌپو کارائي، انھن جو ”فاقو“ ٽوڙائيندا. انھيءَ سلسلي ۾ ضروري ڳالھھ ھيءَ آھي تھ ڪانڌپو، قضيي واري گھر جو بھ ڀاتي نھ ڪندو، بلڪ ڪو ويجھو عزيز ڪندو. ميرپورخاص طرف ڪانڌپو بنا لوڻ جي رڌيندا آھن.

ڪانڌپي يا فاٰقي ٽوڙائڻ جي سلسلي ۾ وارھھ طرف مختلف قبيلن ۾ جيڪي جدا جدا رسمون ھلندڙ آھن، تن جو تفصيل ھن ريت آھي:

جتوئين ۾ ڪانڌين کي ڪانڌپو کارائيندا، جيڪو ھلندي سارو ڪندا. ٻار جي فوت ٿيڻ تي ڪانڌپي ۾ فقط ڀڳڙا ورھائيندا.

چانڊين ۾ مرد، عورت توڙي ٻار جي مرڻ تي ڪانڌپو ڪندا.

تنين، چنن ۽ ڪلھوڙن ۾ ٽن چئن سالن کان مٿي عمر واري ٻار جي موت تي ڪانڌپي ۾ ڀت ڪن، باقي ننڍي عمر جي ٻار لاءِ ڪانڌپي ۾ ڀڳڙا وغيره ورھائين.

ميربحرن ۾ معصوم ٻار جو ڪانڌپو ڪتل يا ڀڳڙن سان ڪن.

تنين ۽ چنن ۾ فوتي جي وارثن کي پھرئين ڏينھن پاڙي وارا ماني موڪلين، جنھن سان فاقو ٽوڙين.

ڪلھوڙن ۾ قضيي جي ٻئي ڏينھن تي ڳوٺ جون ضائفائون اٽو کڻي اچي فوتي جي وارثن کي ڏين[3].

 

پٿر وجھڻ:

گھر ۾ قضيو ٿيو تھ ماڻھو اچڻ شروع ٿيندا. انھن جي ويھڻ لاءِ گھر کان ٻاھر يا اوطاق وغيره ۾ پٽ تي ڪا نک يا ٽپڙ (گلم وغيره) وڇائيندا، جنھن تي ماڻھو اچي ويھندا. انھيءَ وڇاڻي کي ”پٿر“ چوندا. جنازي کڻڻ کان اڳ پٿر تي ڪانڌي ويھندا ۽ جنازي دفنائڻ کان پوءِ فاتحھ ۽ عذر خواھي وارا ويھندا. پٿر ٽي ڏينھن وڇائبو. ٽن ڏينھن کان پوءِ ٽيجھو ڪري، پٿر کڻندا. گھر کان ٻاھر مردانو پٿر ٿيندو ۽ گھر ۾ اندر زنانو پٿر ٿيندو. گھر جا ڀاتي توڙي عزيز اقارب يا ٻاھران آيل فاتحي ٽي ڏينھن ۽ ٽي راتيون پٿر تي ويھندا ۽ رات جو سمھندا بھ پٿر تي.

پٿر تي آيل فاتحي، پھريائين ٻڪ کڻي ”قل“ پڙھندو، پوءِ زباني طور، فوتيءَ جي وارثن کي چوندو تھ ”خدا بيپرواھھ بادشاھھ آھي، خدا مرحوم کي جنت نصيب ڪندو، وغيره“. اھڙيءَ طرح ٽي ڏينھن عذر خواھي جو سلسلو جاري رھندو.

زالن ۾ وري ”پير ڏيڻ“ چون. پٿر تي سڀ زالون عموما روئنديون آھن. انھيءَ ڪري چوندا آھن تھ ”پٿر پرايو، پر سور سڀڪا پنھنجا روئي“. ھڪ روايت موجب پٿر تي گھڻو روئڻ نڀاڳ آھي. ٻيءَ ھڪ روايت موجب: ٻئي جي قضيي تي گھڻو روئندڙ عورت جو پنھنجو عزيز گذاري ويندو[4].

فوتي جا عزيز بعضي ڪارا ڪپڙا بھ ڪندا ۽ سڀ ھيٺ سمھندا. ڪن ڪن ھنڌن تھ عورتون، مئي پٺيان سندرا ٻڌي روئن شروع ڪنديون ۽ مٽي وسائڻ لڳنديون، ۽ بعضي پِٽي پِٽي پاڻ کي رتوڇاڻ ڪري وجھنديون[5].

تعلقي وارھھ طرف ڪن قبيلن ۾ پٿر وجھڻ جو عرصو گھٽ وڌ ٿئي، ان جو تفصيل ھن ريت آھي:

جتوئين ۽ تنين ۾ پٿر ٻھ ڏينھن ڪن. چانڊين ۽ چنن ۾ ٽي ڏينھن پٿر وجھن. ڪلھوڙن ۾ ٽي ڏينھن پٿر ڪن، ۽ پِٽڪو خوب ڪن. تنين ۽ چنن ۾ ٻار جي لاءِ پٿر ڪونھ ڪن[6].

 

ويلا يا ڪنيون:

جنھن گھر ۾ قضيو ٿيو ھوندو، تنھن گھر ۾ ٽن ڏينھن تائين رڌي پڪي نھ ٿيندي؛ تنھنڪري فوتيءَ جي گھر جي ڀاتين، توڙي ٻاھران آيل فاتحين لاءِ، جن سان پير پنڌ يا ننگ وڙ ڪيل ھوندو يا فوتيءَ جا ويجھا عزيز ويلا جھليندا. ڪي ھڪڙو ويلو ماني ڪن تھ ڪي ٻھ ويلا (ٻھ – پھرو ۽ رات) ماني ڪن. انھي ماني کي ”ڪني يا ڪڙي ڪني“ چون. ڪڙي ڪني ۾ گھڻو ڪري ”دال ماني“ يا ”دال ڀت“ ڪندا. امير ۽ سرند ماڻھو گوشت ۽ پلاءُ ڪن، ۽ غريب ماڻھو چڻن جي دال چانورن ۾ وجھي ڪني رڌين. اھا ڪني ڏڌ، آچار، ٻوڙ وغيره سان بھ کائين،  مگر کير کنڊ ڪونھ کائين.

اھي ويلا ۽ ڪنيون ٽي ڏينھن، يعني ٽيجھي تائين ھلنديون. شاھوڪار ۽ امير ماڻھو تھ ڪڙي ڪنيءَ يا ويلي ۾ سٺا طعام بھ ڪن.

 

قضيي کان ٽيجھي جون رسمون:

 فوتيءَ جو پھرين ٽن ڏينھن ۾، ھر روز شام جو ڪؤنرو پاڻيءَ جو، ٻريل ڏيو يا فقط تيل ۽ وڃڻيءَ تي ڪڻڪ جي ماني، جنھن جي مٿان ٿورو گيھھ ۽ کنڊ رکيل ھوندي. ڀر واري مسجد ۾ ڏيندا رھندا. ننڍڙي ٻار جي موت تي وري کير ۽ پيھون گڏي ٻارڙن کي کارائين.

انھن ٽن ڏينھن ۾ فوتيءَ جو وارث، روزانو صبح سانجھيءَ مقام تي ويندو ۽ فوتيءَ جي قبر تي فاتحھ پڙھي موٽي ايندو. بعضي شام جو قبر تي ڏيو بھ ٻارين.

تعلقي وارھھ طر ف ڪن قبيلن ۾ مختفل رسمون ڪن، جن جو تفصيل ھن ريت آھي:

جتوئين ۾ پاڙي وارا ۽ مٽ مائٽ قضيي جي پھرئين ڏينھن ماني فوتي جي وارثن کي ڏيندا، ۽ فوتيءَ جا وارث فوتيءَ جي پھرين رات پنج ٽڪڙا پچائي، انھن مان چار گھر جي ٻار چئني ڪنڊن ڏانھن ۽ ھڪڙو ٽڪڙو مٿي اڇلائيندا. انھي ٽڪڙن اڇلائڻ واري رسم کي ”ڌوڙ ڌڪاء“ ڪري چون. ان کان علاوه فوتي کي پھرئين ڏينھن ٽي ويلا سانده بسري يا ڳڙھاڙي سان ختمو ڏيارين.

تنين ۾ ضائفان مري تھ ٽي ويلا بُسري سان ختمو ڏيارين، جنھن کي ”ڌوڙ ڌڪاءَ“ جي ماني چون. ازانسواءِ مرد فوتي کي پھرين ڏينھن سج لٿي ۽ سج اڀرئي مھل بُسري پچائي ٽي ويلا ختمو ڏيارين.

ڪلھوڙن ۾ صبح ۽ سانجھيءَ جو بُسري سان ختمو ڏيارين، ان کي ”ڌوڙ ڌڪاءَ“ جي ماني ڪري چون. ٻار جي موت تي بُسرين جو ختمو ڪونھ ڪن، فقط کير ماني، معصوم ٻار جي نيت ڪري ڏين.

ميربحرن ۾ فوتيءَ کي ٽي ڏينھن ٽي راتيون، صبح ۽ سانجھيءَ جو مکڻ، مٺائي ۽ ماني سان ملان کان ختمو ڏيارين، ان کي ڌوڙ ڌڪاءَ جي ماني چون[7].

 

ٽيجھو يا ختمو:

ٽن ڏينھن کان پوءِ ”ٽيجھو“ ڪندا، جنھن ۾ چڱو چوکو طعام رڌي، فوتيءَ کي ختمو ڏيارين. اھو طعام جملي حاضرين توڙي گھر جي ڀاتين کي کارائين. ان بعد پٿر کڻندا. ٽيجھي ۾ خاص طرح ملان ۽ سيد پير لاءِ ست رڇي تيار ڪرائيندا. ان سان گڏ ميوات، سرھو تيل، ڦوٽا، ٽڪيون، سرمو وغيره پڻ آڻي رکندا، جي سڀئي ختمي تي آيل ماڻھو استعمال ڪندا. ملان کي ميت جي ميٽ وارو وٽو ۽ ھڪ جوڙو خيرات ۾ ڏيندا. امير ماڻھو ٽيجھي تي فوتيءَ جو ھنڌ کٽولو، نوان توڙي پاتل ڪپڙا ۽ ٿانو ٿپا سڀ خيرات ۾ ڏين. اھا رسم عموما سڄي سنڌ ۾ ھلندڙ آھي، پر ڪن ھنڌن مختلف رسمون ادا ڪن. تعلقي وارھھ طرح گھڻو ڪري ٽيجھي جي بدران جمعاڻا ڪن، يعني ھر جمعي رات تي فوتيءَ جي نيت ڪجھھ چڱو چوکو رڌي ختمو ڏيارين. باقي ختمو ڇھن کان ٻارھن مھينن اندر ڪن، جنھن کي ”ماني“ چون. ختمي تي ايترو ڀت ڪن جو راڄ کائين[8].

”جمعاڻن“ توڙي ٻين ”ڏھاڙن“ تي ”مئي جي سنڀال“ بابت تفصيلي احوال ھيٺ ڏجي ٿو:

 

جمعاڻا:

تعلقي وارھھ طرف قضيي واري ڏينھن کان پوءِ جيڪو پھريون جمعو ايندو، ان جمعي جي رات ختمو ڪندا، جنھن کي ”جمعاڻو“ چون. مرد ماڻھو جي فوت ٿيڻ تي اھڙا ست ”جمعاڻا“ ڪن ۽ عورت جي وفات تي پنج جمعاڻا ڪن. ھر ھڪ جمعاڻي تي طعام بھ مختلف رڌين، جيڪو مقرر ٿيل ھوندو. ھيٺ جدا جدا قبيلن ۾ ھلندڙ جمعاڻن جو احوال ڏجي ٿو:

¯                جتوئين ۾ مرد جي پھرين جمعاڻي تي طاھري ڀت ڪن. ٻئي جمعاڻي تي سيرو ۽ ڪڻڪ يا چانورن جي ماني. ٽئين جمعاڻي تي فقط اڇا چانور رڌيندا. چوٿين جمعاڻي تي گوشت جو ٻوڙ ۽ ماني ڪن. پنجين جمعاڻي ۾ ڳڙھاڙيون ڪندا. ڇھين جمعاڻي تي مڇي ماني ڪن ۽ ستين جمعاڻي تي ساڳ ماني ڪري ختمو ڏيارين.

پھرين جمعاڻي تي ملان سان گڏ ختمي ڏيارڻ وقت ست ماڻھو ويھارين، ٻئي جمعاڻي ۾ ڇھھ ماڻھو، ٽئين جمعاڻي ۾ پنج ماڻھو، چوٿين جمعاڻي ۾ چار ماڻھو، پنجين جمعاڻي ۾ ٽي، ڇھين جمعاڻي ۾ ٻھ ماڻھو ۽ ستين جمعاڻي ۾ رڳو ملان کي ويھارين ۽ ان کان ختمو ڏيارين.

جيڪڏھن فوتي ضائفان ھجي تھ پوءِ پھرين جمعاڻي ۾ طاھري ڀت ڪن، جنھن ۾ ختمي ڏيارڻ لاءِ ملان سميت پنج ماڻھو ويھارين. ٻئي جمعاڻي ۾ سيرو ماني ڪن ۽ ان ختمي ۾ چار ماڻھو ويھارين، ٽئي جمعاڻي ۾ اڇا چانور ڪن، جنھن ۾ ختمي لاءِ ٽي ماڻھو ويھارين. چوٿون جمعاڻو بُسرين جو ڪندا، ان ۾ ختمي لاءِ ٻھ ماڻھو ويھارين ۽ پنجين جمعاڻي تي ساڳ ماني ڪن، اھا صرف ھڪ ملان کائي ختمو ڏئي. ساڳ جو مطلب ھوندو آھي تھ ”سائو سڻائو ٿئي.“

¯                چانڊين ۾ ٻار جي مرڻ تي جمعاڻا ڪونھ ڪن. باقي مرد يا ضائفان جي مرڻ تي ھر حالت ۾ ست جمعاڻا ڪن. پھرئين جمعاڻي تي طاھري، ٻئي تي سيرو ماني، ٽئي تي اڇا چانور، چوٿين تي گوشت، پنجين تي مڇي، ڇھين تي ساڳ ۽ ستين تي ھڪ بُسري. مرد توڙي ضائفان جي جمعاڻن تي اھا ساڳيا طعام ڪن. ھر جمعاڻي تي ماڻھو ڳڻي ڪونھ ويھارين، پر جيڪي اچن، سي ويھارين.

¯                تنين ۾ مرد جا ست جمعاڻا ڪن: پھريون جمعاڻو طاھري، ٻيو جمعاڻو چانور، ٽيون جمعاڻو سيرو ماني چوٿون ڪڪڙ يا گوشت، پنجون جمعاڻو بسريون، ڇھون جمعاڻو سيويون (سيون) ۽ ستون جمعاڻو ساڳ رڌين. عورت جا پنج جمعاڻا ڪن، پھريون جمعاڻو طاھري ڀت، ٻئي تي اڇا چانور، ٽئي تي سيرو ماني، چوٿين تي گوشت ۽ پنجين تي ساڳ ڪن.

¯                چنن ۾ جيڪڏھن مرد ھجي تھ ان جا ست جمعاڻا ڪن، ھر ھڪ جمعاڻي تي  جدا جدا طعام ڪن ۽ ضائفان جا پنج جمعاڻا ڪن. گھڻو ڪري پھرئين جمعاڻي تي طاھري ڀت ڪن ۽ پوئين جمعاڻي تي ساڳ ماني ڪن.

¯                ڪلھوڙن ۾ ٻار جا جمعاڻا ڪونھ ڪن، باقي مرد جا ست جمعاڻا ڪن ۽ ضائفان جا پنج. مرد جي ستن جمعاڻن تي ھن طرح طعام ڪن: پھرين تي طاھري، ٻئي تي اڇا چانور، ٽئي تي ڪڪڙ يا گوشت، چوٿين تي بُسريون، پنجين تي سيويون، ڇھين تي مڇي ۽ ستين تي ساڳ ماني. ضائفان جا پنج جمعاڻا: پھرين تي طاھري، ٻئي تي اڇا چانور، ٽئين تي بُسريون، چوٿين تي ڪڪڙ ۽ پنجين تي ساڳ.

¯                ميربحرن ۾ مرد جي موت تي ست جمعاڻا ڪن ۽ عورت جي فوتيءَ تي پنج جمعاڻا ڪن. جمعاڻن تي طعام مختلف ڪن[9].

 

مٿا ڌوئڻ يا مٿي ڌوءَ :

ٽيجھي کان پوءِ مرد توڙي زالون مٿي تي پاڻي وجھن، يعني وھنجن سھنجن. پوءِ مرد وڃي ڪمن ڪارين کي لڳن ۽ زالون بھ پنھنجي گھر وڃن. پٿر کڻڻ ۾ مٿي ڌوئڻ کان پوءِ جيڪڏھن فوتي جا عزيز کٽن تي سمھن تھ ڀلي سمھن.

تعلقي وارھھ طرف ”مٿي ڌوءِ“ جي رسم ھيٺين ريت ادا ڪن:

¯                جتوئين ۽ تنين ۾ موت جي ٻئي ڏينھن ”مٿي ڌوءَ“ ڪن، ان ڏينھن ھڪ ٿالھي چانورن جي اٽي جي. انھيءَ ميربحر کي ڏيندا جنھن غسل جو پاڻي ڀريو ھوندو. مٿي ڌوءَ واري ڏينھن سڄي ڳوٺ جون ضائفائون اٽي جي تسري تسري فوتيءَ جي وارثن کي ڏئي وينديون.

¯                چانڊين ۾ قضيي جي ٽئي ڏينھن مٿي ڌوءَ ڪن. مٿي ڌوئڻ وقت ضائفائون سائي ول آڻي منھن تي اڇلين.

¯                ڪلھوڙن ۾ قضيي جي ٽئين ڏينھن مٿي ڌوءَ ڪن[10].

 

ڪنڊ لھڻ:

قضيي جي ستين ڏينھن زالون ”ڪنڊ لاھينديون“. اھا رسم ھن طرح ٿيندي جو فوتيءَ جون مائٽياڻيون ۽ جن عورتن سان پير پنڌ ھوندو، اھي گڏجي مقام تي وڃن، ۽ قبر تي گھڙي کن ويھي ۽ مئي کي ياد ڪري، افسوس جو اظھار ڪن. پوءِ جيڪي ڪجھھ پاڻ سان آندو ھوندن، سو اتي ئي ورھائي ۽ پوءِ واپس ورن. گھڻو ڪري زالون مڇي ماني پچائي پاڻ سان کڻي وڃن، ۽ اھا اتي ورھائي کائين.

ٻي ھڪ روايت موجب مئي جي ڪنڊ ھن طرح زالون لاھينديون: زالون مقام تي وڃن ۽ ڪجھھ شيون وڃي ورھائين ۽ ست پٿر فوتيءَ جي قبر تي رکي، مٿان پاڻي ڇاٽارين ۽ پوءِ واپس ھليون اچن[11].

 

عدت ۾ ويھڻ:

مرد گذاري ويو تھ ان جي زال چار مھينا ڏھھ ڏينھن ”عدت“ ۾ ويھندي، انھيءَ لاءِ تھ جيڪڏھن اولاد پيٽ ۾ آھي تھ انھيءَ عرصي دوران ظاھر ٿئي. عدت ۾ عورت ڪنھن بھ مرد جي منھن نھ پوندي، سواءِ پٽ ۽ ڀاءُ جي. اڇا ڪپڙا ڍڪيندي. سينڌ سرمو ۽ سينگار نھ ڪندي. گھر کان ٻاھر نھ نڪرندي ۽ پٽ تي سمھندي. عدت جي مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ کيس وھنجاري سھنجاري نوان يا ڌوتل ڪپڙا ڍڪائين، اھا رسم ”سوءَ لھرائڻ“ جي چون.

ھيٺ انھيءَ رسم متعلق مختلف روايتون ڏجن ٿيون:

عدت ۾ ويٺل عورت بنان بستري ۽ تڏي تي سمھندي. سيرانديءَ کان وھاڻي بجاءِ ڪچي يا پڪي سر رکي سمھندي، کير ۽ کنڊ نھ کائيندي، ڪنھن بھ عزيز اقارب جي منھن نھ لڳندي. فقط پيءُ، ڀاءُ، پٽ، سھرو، ڀائيٽيو يا ڀاڻيجو وٽس اچي وڃي سگھندا. وڏي آواز نھ ڳالھائيندي. لسا ڪپڙا ڍڪيندي[12].

تعلقي وارھھ طرف تنين ۽ ڪلھوڙن ۾ ڪنھن غريب زال جو مڙس مري وڃي تھ اھا اڍائي مھينا عدت ۾ ويھي، پر جي شاھوڪار ھجي تھ ضائفان کي چار مھينا ڏھھ ڏينھن يا پنج مھينا عدت ۾ ويھارين.

چانڊين ۾ جنھن ضائفان جو مڙس مري ويندو آھي، تنھن جا پيڪا پٿر تي ٽي اڇا لٽا کڻي ايندا ۽ اھي سبي رنڙ زال کي پارائي، سندس وار ڇوڙي ڇڏيندا. اھا اڇا لٽا پنجين مھيني لھرائين، جنھن کي ”سوءَ“ چون. سوءِ ۾ اھا ضائفان گھر کان ٻاھر نھ نڪرندي. سوءَ لھرائڻ کان پوءِ ان عورت کي سٿڻ ڪاري ۽ باقي ڪپڙا اڇا اوڍائين.

چنن ۾ قضيي کان پوءِ پھريون ھفتو ڪپڙا ڪونھ ڌوئن[13].

 

عدت مان اٿڻ:

عدت مان اٿڻ سان پھريائين عورت کي مسجد ڏي وٺي وڃي پاڻي پيارين. ڪي تھ بنان پردي مقام تي وڃي لٽيل لوڙھھ تان ٿي اچن. پر سوءَ ۽ سوڳ ٻارھو ئي رکن، جنھن ۾ نھ سرمو پائين، نھ مساڳ ميندي لائين، نڪي ڀرت وارا يا رنگين ۽ ريشمي ڪپڙا پائين. خاص طور عدت واري زال کي انھن شين چوڙڻ جي سخت منع آھي. ڪي غريب عورتون عدت سري نھ سگھنديون تھ ”چاليھي“ اندر حفاظت ۾ ويھن، جنھن کي ”ادب“ چون. عدت مان اٿڻ تي ڀڳڙا ۽ ڪاري ڊاک ورھائين[14].

عدت مان اٿڻ بعد جن بھ ويجھن عزيزن سوءَ ڪئي ھوندي، يا سوءَ سبب ڪارا ڪپڙا يا ڪاري پڳ اوڍي ھوندي، تن کي اڇا ڪپڙا اوڍائي سوءَ لھرائيندا[15].

 

مئي جي سنڀال:

فوتيءَ جي پٺيان سندس پويان، ڏينھن ڏھاڙي تي سندس نالي خدا ڪارڻ خيرات ڪندا رھندا، اھي ڏينھن آھن: جمعو، چاليھو، ٻارھو ۽ عيد براد. ڪي ماڻھو انھن ڏينھن تي چڱو چوکو رڌي ختمو ڏيارين، ڪي فقط معصومن کي کارائين ۽ ڪي وري ڪپڙن جو وڳو بھ خدا ڪارڻ خيرات ڪن. ڪن ھنڌن روزانو رات جو خدا ڪارڻ مسجد ۾ ماني ڏين، ۽ ٻار ھي تائين اھو سلسلو ھلي. ھيٺ انھن ڏھاڙن بابت مليل روايتون ڏجن ٿيون:

فوتيءَ جي پٺيان سندس پويان، سندس نيت جو ”لولو“ ڏيندا، يعني رات ڏينھن سٺي ماني ڪنھن غريب کي سڄي عمر لاءِ ڏيندا رھندا. ٽيجھي کان پوءِ ”جمعاڻو“ ڪيو ويندو، جنھن ۾ جمعي جي رات تي، غريب ماڻھو تھ سيرو ۽ مانيون عزيزن قريبن کي گھر ۾ ورھائي ڏين، پر جي شاھوڪار ھوندا تھ سٺا سٺا طعام تيار ڪندا ۽ عزيزن قريبن کي ورھائي ڏيندا. ستين جمعاڻي کان پوءِ چاليھو ڪندا. ان تي بھ ڪجھھ طعام رڌي کارائيندا. انھيءَ بعد جيڪي شاھوڪار ماڻھو ھوندا، سي مئي جو ”ٻارھو“ ترت ڪري ڇڏيندا ۽ ڏاڍي ڌام ڌوم سان. پر جيڪي غريب ماڻھو ھوندا، سي ٻارھين يا ڏھين مھيني ڪندا، پوءِ جھڙو ٿئي.

مئي کي ھر جمعي رات ختمو پيا ڏياريندا، جيستائين چاليھو يا ٻارھو گذري. انھن ڏينھن تي بھ وڳو خيرات ڪن. چاليھي ۽ ٻارھي تي بھ وڏيون مانيون ڪن، جن ۾ راڄ توڙي پري جي قريبن ۽ دوستن کي دعوتون موڪلي گھرائين. وچ ۾ ”عيد“ وار بھ ڪن، يعني ختمو خيرات ڪن ۽ زالون سياڪو ڪن. غريب ڪو ڇڙو ڇانڊ گذاري ويو، جنھن جي مائٽن ڪا آس اميد ڪانھ ڏٺي ھوندي تھ ان جي ٻارھي واري ماني تي ”پھت“ بھ اڳاڙين[16].

تعلقي وارھھ طرف تنين ۽ ڪلھوڙن ۾ ستن جمعن تائين روزانو ٽي وقت مئي جي نيت ماني ڏيندا رھندا، جيڪي سڀني قريبن جي نيت ھوندي، ۽ ان کي ”روح رلائڻ“ واري رسم چون.

جيڪڏھن ڪا عيد ويجھي ھوندي آھي تھ عزيز قريب ۽ پاڙيسري سوءَ سبب عيد ڪين ڪندا. پر جي ٻارھو ٿي چڪو ھوندو تھ پوءِ عيد ڪندا.

ميربحرن ۾ فوتيءَ جي نيت واٽ خدا جي ماني ڏين. جڏھن ڪا عيد آئي تھ سڀني قريبن کي گڏي ختمو ڏيارين، جنھن کي ”روح رلائڻ“ چون. جيڪڏھن ڪنھن جو پٽ ڀاءُ وغيره فوت ٿي ويو تھ پھرين عيد تي پاڙي وارا انھن وٽ اچي چوندا تھ ”گذري سا گذري، توھين عيد ملھايو“[17]

محرم جي مھيني ۾ ٩- تاريخ تي مقام ۾ وڃي. مٽيءَ کي تازو ڪندا ۽ ڪجھھ لؤنگ ۽ ڦوٽا بھ رکندا ۽ فوتيءَ جي ڪا شيءِ يا نون ڪپڙن جو وڳو ڪنھن غريب کي نيت ڪري ڏيندا ۽ ائين ھميشه ڏيندا رھندا[18].

 

ھندن ۾ مرڻي جون رسمون:

گھڻو ڪري ھندن ۾ مرڻي جون رسمون ساڳيون ٿين، ليڪن ڪن اتم ذاتين ۽ گھٽ ذاتين ۾ جدا جدا رسمون بھ ٿين. ھيٺ سنڌ جي مختلف ھنڌن تان مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون.

 

ھندو برھمڻن جون رسمون[19]:

ماڻھو دم ڏنو تھ ان جي لاش کي يڪدم کٽ تان لاھي، ھيٺ پٽ تي رکندا. جڏھن سندس سڀ مٽ مائٽ اچي مڙندا، تڏھن لاش کي سنان ڪرائي ”ڪائيءَ“ تي رکندا ۽ پوءِ مٽ مائٽ ڪائي ڪلھن تي کڻي مساڻ ڏانھن ويندا. ڪائيءَ کي پٽ ۽ ٻيا ويجھا عزيز ڪلھو ڏيندا. جدا جدا ذاتين جي لاءِ وري جدا جدا مساڻ ٺاھين.

 

ساڙڻ:

جيڪڏھن ٦ – ٧ سالن جو ننڍو ٻار ھوندو تھ ان کي ساڙين ڪونھ، بلڪ زمين ۾ پورين. باقي ٻيا لاش ساڙيندا. لاش مساڻن ۾ پھچي، تنھن کان اڳي ڪاٺين ۽ تيل جو بندوبست ڪن. ڪاٺين جو ڍڳ ٺاھي، ان تي لاش رکي باھھ ڏين. شاھوڪار ماڻھو ڏونگھين جي تيل يا گيھھ سان بھ لاش ساڙين. جيستائين لاش سڙي نھ ويندو، تيستائين اھي ماڻھو (يعني ڪانڌي) اتي ويٺا رھندا. لاش سڙي وڃڻ کان پوءِ، ان جي رک ۽ ڪي بچيل ھڏا پاڻ سان کڻي واپس موٽندا. رک ۽ ھڏن کي ”ڦل“ چون، اھي ڪن پوتر جاين تي درياءَ ۾ لوڙھين.

 

سنان:

ڪانڌي جڏھن ڦل کڻي موٽن، تڏھن شھر کان ٻاھر ئي، ڪنھن کوھھ، تلاءُ يا نھر وغيره تي سڀئي ماڻھو سنان ڪن. ان بعد سڀئي گڏجي قضيي واري گھر ۾ اچن، ۽ پنج منٽ کن ويھي، سڀڪو پنھنجي گھر روانو ٿئي. گھر پھچڻ بعد وري بھ سڀني کي ٻيھر سنان (اشنان) ڪرڻو پوي. زالون بھ جيڪي پٿر تي ويون ھونديون، سي بھ اتان موٽڻ بعد سنان ڪن.

 

سوتڪ يا سوڳ:

جنھن گھر ۾ قضيو ٿيو ھوندو، نون ڏينھن تائين ان گھر جي ڪابھ شيءِ، ٻيو ڪوبھ ماڻھو ڪونھ واپرائيندو. نون ڏينھن کان پوءِ، فوتيءَ جا ويجھا عزيز گڏ ٿي، کوھھ يا نھر تي وڃن ۽ اتي ھڪ ”ڪرياگر“ کي بھ ڪوٺائين، جيڪو مري ويل ماڻھو جو بُت، ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاھي، ان تي ڊڀ (گاھھ) وجھي، مٿان پاڻيءَ جا ٻڪ وجھي، جيستائين ھڪ سؤ اٺ (١٠٨) ٻڪ پورا ٿين. ان ڪريا ڪرم جي عيوض فوتيءَ جا ڪپڙا ۽ ٻي ڪجھھ خيرات انھيءَ ڪرياگر کي ڏين.

 

اوسر:

مرڻي جي تيرھن ڏينھن بعد فوتيءَ جو ”اوسر“ ڪن، يعني سڀني برادري وارن کي ماني کارائين. انھيءَ موقعي تي گھڻو ڪري اوسي پاسي توڙي ڏورانھين ھنڌ جا سڀئي عزيز اچن. اوسر ھرڪو پنھنجي پڄندي سارو ڪندو، پر ڪرڻو ضرور پوندو.

 

گرڙ پراڻ پڙھائڻ:

”اوسر“ کان پوءِ وري ڪي شاھوڪار ماڻھو ”گرڙ پراڻ“ پڙھائيندا. يعني ھڪ ٻانڀڻ، ”گرڙ پراڻ“ نالي ھڪ ڪتاب روزانو ھڪ ڪلاڪ کن اچي پڙھندو، ۽ سڄي رات ان جي گھر ۾ گيھھ جو ڏيو ٻرندو رھندو. ”پراڻ“ پوري ٿيڻ تي ھن ٻانڀڻ کي ھڪ ڍڳي ۽ ٻيو ڪجھھ خيرات ڏيندا.

 

ٿري ھندن جون رسمون[20]:

سڪرات: بيمار جڏھن سڪرات جي حالت کي پھچندو، تڏھن ويجھا عزيز اچي مڙندا ۽ پنھنجي پھچ سارو دان پڃ چوندا ۽ دم ڏيڻ جي ويجھو ھوندو تھ اوڏي مھل کٽ تان لاھي ھيٺ پٽ تي رکندا.

 

لاش جي تياري ۽ ڪائي تي کڻڻ:

دم نڪرڻ بعد لاش کي ميٽ سان خاص سنان ڪرائيندا. اک ۾ سون جو تھھ ۽ وات ۾ تلسيءَ جو پن ۽ گنگا جل ڏيندا. پوءِ ڪفن ڏيئي ڪائيءَ تي کڻندا. ڪائيءَ تي کڻڻ وقت لاش جي مٿان ٻيو بھ ڪپڙو وجھندا. وڏي ماڻھو جي مرڻي جي حالت ۾ پٺيان مارڪي (اوسر) ڪرڻ جي معلومات لاءِ خاص نموني جو ڪپڙو لاش تي وجھندا، جنھن مان عام ماڻھو سمجھن تھ فوتيءَ جي پٺيان ڪھڙي قسم جو طعام ڪندا.

 

ونئنڪوٽي (وينڪوٽِي):

جڏھن ڪو خاص معزز ۽ مکيھ ماڻھو مرندو، تڏھن سندس مڙدو مساڻن تائين وڏي دٻدٻي ۽ جلوس سان پھچائڻ لاءِ دستور آھي ويئنڪوٽي ڪرڻ، يعني مڙدي کي ويٺل حالت ۾ کڻڻ. اھڙي حالت ۾ ڪاٺ جي ٺھيل ڏولي جي مٿان سھڻا ڪپڙا ۽ ڪاغذن جا گل ھڻي سينگاري، ڏولي خاص طرح سان تيار ڪرائيندا. پوءِ فوتيءَ کي ڏوليءَ ۾ ويھاري، جلوس سان کڻي سڄي شھر مان گھمائيندا، مندرن، ٽڪاڻن ۽ مڙھين مان ٿيندا، مساڻن ۾ پھچن. روڄ راڙي جي عيوض ڀڄن ڳائيندا، گلال اڇلائيندا، گھورون ڪندا ۽ خوشي منائيندا ھلندا. ويئنڪوٽي جي حالت ۾ مارڪي (اوسر) لاءِ مٺائيءَ جا پنج طعام پنھنجي نيات ۽ ٻين خاص ماڻھن کي کارائيندا، جنھن کي ”پنج پڪواني“ چون، انھيءَ رسم تي ڳرو خرچ ٿئي.


 

[1]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[2]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[3]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[4]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[5]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[6]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[7]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[8]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[9]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[10]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[11]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[12]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[13]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[14]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[15]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[16]   ولي محمد طاھرزادو (تعلقو ٽنڊوالھيار).

[17]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[18]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[19]   محمد جمن بلوچ (تعلقو ميرپورخاص).

[20]   شيخ گل محمد (تعلقو ھالا).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org