سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :12

 

ميندي:

شاديءَ جي رات کان ھڪ رات اڳي، گھوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي لائين. اھا رات بھ گھوٽيتن توڙي ڪنواريتن ۾، شاديءَ جي رات جھڙي ڪري ڀانئين ۽ شاديءَ جي رات جھڙو ڪاڄ ڪن. انھيءَ رسم جي ڪاڄ ۾ اوڙي پاڙي، راڄ ڀاڳ ۽ عزيزن قريبن کي ڪوٺ ڪن. ھيءَ خاص زناني رسم ٿئي، تنھنڪري فقط زالون گڏ ٿين. نياڻيون سياڻيون، سھاڳڻيون توڙي پوڙھيون سڀئي ھن رسم ۾ گڏجي حصو وٺن ۽ ڳائي وڄائي گھوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي ھڻن.

 

مينديءَ جي تياري:

گھڻو ڪري ثابت ميندي وٺي پيھائين، پر اڄڪلھھ پيٺل ميندي بازار مان ملھھ وٺي ڪم آڻين. ميندي ڪنجھي يا ٽامي جي ٿالھھ ۾ پسائي رکن. مينديءَ جي سخت حفاظت ڪن ۽ ڪنھن ويجھي عزيزياڻي کي مينديءَ وٽ ويھارين. انھيءَ لاءِ تھ متان ڪا دشمن عورت مينديءَ ۾ کريب ملائي ڇڏي، جنھن مان گھوٽ ڪنوار کي ڪو نقصان پھچي.

 

ميندي لائڻ:

گھوٽ کي جنھن کٽ تي ويھاري ميندي لائين، اھا اولھھ اوڀر ڪري رکن، کٽ جي پيراندي اوڀر طرف ڪن. کٽ تي ھنڌ وڇائي، گھوٽ کي پيرانديءَ ڏانھن اھڙيءَ طرح ويھارين جيئن سندس منھن اولھھ طرف ٿئي. ميندي لائڻ واري عورت سندس سامھون کٽ جي سيرانديءَ واري پاسي ويھي. ميندي پھريائين گھوٽ جي ساڄي ھٿ کي، پوءِ کاٻي ھٿ کي لائين. اھڙيءَ طرح پھرين ساڄي پير کي پوءِ کاٻي پير تي لائين. گھوٽ جيڪڏھن ڪرڙ وڍ ھجي تھ ان جي ڏاڙھيءَ کي بھ ميندي لائين. گھڻو ڪري گھوٽ جون ڀيڻون ۽ ٻيون سھاڳڻيون گھوٽ کي ميندي لائين. ان وقت ساٺ ڳيا بھ چون.

 

ميندي لاھڻ:

رات جو سومھڻيءَ مھل يا ان کان پوءِ گھوٽ کي ميندي لائين. صبح جو ھٿن پير تان لٿل ميندي، حفاظت سان گڏ ڪري کوھھ ۾ يا وھندڙ پاڻيءَ ۾ اڇلائين.

ڪن ھنڌن تي گھوٽ کي ڳاني ٻڌڻ جي رسم مينديءَ کان اڳ ۾ ادا ڪن؛ نھ تھ عام طرح ڳانو مينديءَ کان پوءِ ٻڌن.

 

ڳجھي ميندي:

ڪن ھنڌن گھوٽ کي ميندي کان اڳ ”ڳجھي ميندي“ لائڻ جي بھ رسم ادا ڪن.

 

ڪنوار کي ميندي لائڻ:

ڪنوار کي ميندي لائڻ وقت بھ ڪنواريتا، اوڙي پاڙي ۽ راڄ ڀاڳ کي سڏ ڏين، پوءِ زالون ڳائي وڄائي ڪنوار کي ميندي ھڻن. پھريائين ست سھاڳڻيون گڏجي ميندي جو ٿورو ٿورو ذرو ڪنوار جي ھٿن تي ھڻن، باقي ڪم ڪنوار جي ڀيڻ يا سندس سھيليون ڪن.

مينديءَ جي رسم بابت مختلف ھنڌن کان مليل احوال ھن بعد شامل ڪجي ٿو.

ميندي لائڻ سنت آھي، تنھنڪري گھوٽ ڪنوار کي ميندي لائن جو سوڻ ضرور ڪن. بعضي دھلاري دھل کي بھ ميندي ھڻن. ڪن ھنڌن تلوارن کي بھ ميندي ھڻن.

بعضي ڀائيچاري ميندي رکن، يعني ميندي پسائي ڪنھن ويجھي عزيز جي گھر رکن. پوءِ زالون ڳائي وڄائي، اتان ميندي کڻي گھوٽ جي گھر اچن. ڪجھھ ميندي گھوٽ جي گھر رکي، باقي مينديءَ جو وٽو ۽ ٻنگاري وري بھ ڳائي وڄائي ڪنوار جي گھر کڻي وڃن ۽ ساڳي طرح ساڳي ترتيب سان ميندي ڪنوار کي ھڻن. جيڪڏھن ڪي عزيزياڻيون پري جون ھجن ۽ مينديءَ ۾ شريڪ نھ ٿي سگھن تھ اھي وري شاديءَ جي رات گھوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي لائڻ جو سوڻ ڪن.

 

سرور جي ميندي:

ڪن ھنڌن سرور جي ميندي بھ باسين، جنھن ۾ ھڪ رات فقط راڄ جون زالون سڏي ميندي ورھائين ۽ گڏ ٿيل زالون ڳيچ يا مولود ڳائي، شغل ڪري پنھنجي پنھنجي گھر روانيون ٿين[1].

اول پيٺل ميندي پسائي، ڪنھن ايماندار ۽ ويجھي مائيٽياڻيءَ وٽ رکن، ڇو تھ اھو وھم ڪن تھ جي مينديءَ جو ذرو بھ ڪنھن کڻي وڃي باھھ ۾ ساڙيو تھ گھوٽ ۽ ڪنوار جون دليون ھميشھ ھڪٻئي ڏانھن پيون جلنديون. انھيءَ ڪري لاٿل ميندي بھ کوھھ ۾ اڇلائي ڇڏين. ڪي ماڻھو ڪنھن عذر ڪري ميندي نھ لائين، ان ھوندي بھ سندن ڪنوارن کي ضرور ميندي لائين، ۽ گھوٽ کي وري سوڻ خاطر سڄي ھٿ جي چيچ مينديءَ ۾ ضرور ٻوڙائين.

ڪنڊياري طرف بلوچ، سيد، ٽالپر، خاصخيلي، رانو، لاکا، گھانگھرا، اڄڻ ۽ سھتا ڄڃ وارن کي ميندي لائڻ لاءِ ڏين. اھڙي خوشيءَ جي موقعي تي ڳاڙھو گلابي رنگ بھ کٽن تي لڳائين[2].

تنين ۾ جنھن ڏينھن ڄڃ رواني ٿيندي، ان ڏينھن گھوٽ جي ڀيڻ کيس ڳانو ٻڌي، ميندي لائيندي؛ جا سڪڻ بعد لاھي حفاظت سان کوھھ ۾ اڇلائين[3].

ڪوھستان ۾ مينديءَ جو ھڪ ڀريل ٿالھھ، ڪنواريتا گھوٽيتن کي موڪليندا، جنھن مان گھوٽ جي ھٿن پيرن تي ميندي لائين. ميندي لائڻ وقت زالون ڳيچ پڻ ڳائين. ٻئي طرف وري گھوٽيتيون ڪنوار لاءِ ميندي کڻي وڃن ۽ ان کي بھ گھوٽ وانگر ڳائي وڄائي، ھٿن پيرن تي لائين[4].

سٺي رنگدار ميندي وٺي، پيھي، ٿڌي پاڻي ۽ ڪڙي تيل سان گڏي، ڪنجھي يا ٽامي جي ٿانو ۾ پسائي رکن. اھو ڪم شاديءَ واري رات کان چار پھر اڳ ڪن. ميندي لائڻ وقت زالون، گھوٽ جي عزيزن ۽ عزيزياڻين سان بھ سوڻ ڪن. کل ڀوڳ ۽ ھڪٻئي کي ميندي ھڻي ڪپڙا، منھن ھٿ، ڏاڙھيون، مٿا سڀ مينديءَ مان ٿِڦين. گھوٽ سان گڏوگڏ اھنير کي بھ ميندي لائي ڀر ۾ ويھارين. سياري جي مند ۾ اھو ”سوڻ“ ڏينھن جو ڪن، ۽ اونھاري ۾ شاديءَ رات ميندي لائين[5].

 

ھندن ۾ ميندي:

ٿر جي مينگھواڙن ۾ اڻوھار ۽ ٻيا سنگتي، گھوٽ کي ھڪ ننڍي منجيءَ تي ويھارين ۽ سندس ڀاڄائي پسيل مينديءَ جو ڪونڊو کڻي اچي گھوٽ جي اڳيان رکي. پوءِ ٽي ڀاڄايون ۽ ٻھ ڪنواريون ڇوڪريون اچن. پھرين ڀاڄائي پنھنجا ٻئي ھٿ ھڪٻئي مٿان رکي ڪئنچيءَ وانگر جھلي، آڱريون مينديءَ مان ٻوڙي، پھريائين ٻنھي ھٿن سان پيرن کي لائيندي، پوءِ گوڏن، ڪلھن ۽ مٿي تي لائيندي. اھڙيءَ طرح پنج دفعا ڪندي. ان بعد ھر ھڪ ڄڻي ائين پنج دفعا ڪندي. تنھن کان پوءِ گھوٽ جي ڀاءُ کي، جي ڀاءُ نھ ھوندو تھ سؤٽ کي سڏ ڪن، جيڪو اچي ساڄي ھٿ جي چيچ مينديءَ جي ڪونڊي ۾ ٻوڙيندو. پوءِ ھڪ ڀاڄائي اچي پھرين گھوٽ جي ھٿن ۽ پيرن کي ميندي لائيندي ۽ پوءِ گھوٽ جي ڀاءُ کي لائيندي. پوءِ وري بچيل ميندي جدا جدا ٿانون ۾ وجھي زالن، مردن ۽ ٻارن کي ڏين، جن کي لائڻي ھجي سي لائين. نياڻا جيڪي آيل ھجن، تن مان جيڪي  جوان ھجن، سي بھ ميندي لائين. گھوٽ جي ماءُ بھ ٻنھي ھٿن تي يا ھڪ ساڄي ھٿ تي ميندي لائي.

مينگھواڙن، ڪولھين ۽ ڀيلن وغيره ۾ ”مھرات“ جو ڪنوار کي ميندي لائين. پھرين ڪنوار جي ڀاڄائي، جا سھاڳڻ ھجي، سا پسيل مينديءَ جو ڪونڊو آڻي ڪنوار جي سامھون رکندي. پوءِ ڪنوار جي ڀاءُ کي وٺي اچن، جي ڪنوار جو سڳو ڀاءُ نھ ھجي تھ پوءِ سؤٽ کي سڏين ۽ ان کان سڄي ھٿ جي چيچ مينديءَ مان ٻوڙائين. ان کان پوءِ وڻاک، جو ڪاٺيءَ جو ٺھيل ٿئي ۽ جنھن کي اڳ ۾ ئي گيڙو يا ڳاڙھو رنگ ڏيئي، ڳاڙھي ڪپڙي جو ٽڪر چولي وانگر ڪنڌ ۾ وجھي ڇڏين، ان تي مينديءَ جو ٽِڪو ھڻن. پھريائين ڀاڄائي ڪنوار جي ھٿن پيرن تي ميندي لائيندي ۽ ان بعد سندس سھيليون پنھنجن ھٿن تي لائين. ان بعد سڄي ڳوٺ جي آيل زالن کي پڻ ميندي لائين. پوڙھيون زالون ميندي ڪونھ لائين، باقي تازيون پرڻيل، ڪنواريون ڇوڪريون، ننڍيون نينگريون ۽ ڇوڪرا ميندي لائين. مرد ماڻھو ڇوڪريءَ جي مھرات جي ميندي ڪونھ لائين؛ باقي نياڻا يعني ڄاٽا، تن مان بھ وڏي عمر وارا نھ، باقي نوجوان ميندي لائين. انھن کي ساليون زور ڪري ميندي لائين. مينديءَ جي رسم پوري ٿيڻ تي ڪنوار جي ماءُ سير ڏيڍ کن مگت ھڪ ٿالھيءَ ۾ وجھي مردن جي رھاڻ ۾ موڪلي، جيڪو اتي ورھائين ۽ باقي ٻيءَ ٿالھي ۾ وجھي گرڙي کي ڏين[6].

 

ڳجھي ميندي:

خيرپور جي سماٽن ۾ شاديءَ جي مينديءَ جي رسم ادا ڪرڻ کان اڳ گھوٽ جي بنا سھرن ۽ لاڏن ڳائڻ جي ميندي لائين. جنھن کي ”ڳجھي ميندي“ چون. اھا ميندي گھوٽ جي ڀيڻ، ماسي يا پڦي وغيره کڻي وڃي لائي ايندي. اڌ ڪلاڪ کن بعد اھا لاھي، ڪنھن کوھھ يا تلاءَ ۾ اڇلي ڇڏين، انھيءَ لاءِ تھ متان اھا ميندي ڪنواريتن کي ھٿ اچي ۽ ھو ڪا خيانت کريب نھ ڪن[7].

* گھوٽ ۽ ڪنوار کي پيٽ واري زال ميندي ڪانھ لائي- چون تھ: اھڙي عورت ميندي لائيندي تھ سندس پيٽ واري ٻار کي ڪانھ ڪا حرڪت ٿي پوندي.

* جنھن ٻار جي جھنڊ نھ لٿل ھجي، ان جي ماءُ بھ ميندي نھ لڳائيندي- چون تھ: گھوٽ ڪنوار کي ميندي لائيندي تھ سندس ٻار گونگو ٿيندو.

* رنڙ زال بھ گھوٽ کي ميندي ڪانھ لائي، تھ متان گھوٽ بھ رنڙ ٿي پوي[8].

 

ڳانو (مينديءَ جو):

مينديءَ کان پوءِ گھوٽ کي ڳاني ٻڌڻ جي رسم ادا ڪن. سجاتي يا پشم جي ڏوريءَ کي لاک جو ڳاڙھو رنگ ڏيئي. ان ۾ سرھاڻ موڙي ۽ لوھي ڇلڙا سوڻ طور ٻڌي ڳانو ٺاھين. بعضي ڏوري سان گڏ ڳاڙھي سٽ جو ٽؤنر بھ ٻڌن. اھو ڳانو گھوٽ کي ساڄي ٻانھن ۾ ٻڌن.

ڳاني متعلق سنڌ جي مختلف حصن مان روايتون ھتي شامل ڪجن ٿيون:

گلابي لاک جي سڄي ۽ گلابي اڳڙي ٻڌي، ان ۾ ستن اھڙين ڪنوارين ڇوڪرين جي پوتين يا چولن جون تندون وجھن، جيڪي اڃا مڱيون نھ ھجن. انھن سان گڏ ستن گھرن جي جنڊن مان کنيل ان جا ڪڻا ۽ ھڪ چانديءَ جو ڇلو پڻ ٻڌن. اھو ڳانو گھڻو ڪري مرشد جي ھٿان گھوٽ کي ٻڌائين. مرشد جي غير حاضريءَ ۾ اھو ڳانو ڪنھن معزز شخص کان ٻڌائين. ڳانو گھوٽ جي ساڄي ٻانھن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌن. بعضي ڳاني ٻڌڻ وقت موڙ بھ ٻڌن. شاديءَ کان ٽي ڏينھن پوءِ اھو ڳانو ڇوڙين، ان وقت پنجن آنن جي مٺائي ورھائين ۽ ڳانو ڪنھن کوھھ ۾ ڦٽو ڪن، ان لاءِ تھ جيئن ڳانو پيو ٺرندو تيئن گھوٽ ۽ ڪنوار پاڻ ۾ ٺريل (يعني خوش) رھندا[9].

تعلقي سنجھوري جي لغارين ۾ ڳانو ڪنواريتا ٺاھين. جيڪڏھن گھوٽ پري جو آھي تھ پوءِ جڏھن ڄڃ ڪنواريتن ۾ اچي تڏھن سندس سالي اچي کيس ڳانو ٻڌي. ڳانو ان (پشم) جو ٺاھين، جنھن ۾ چانديءَ جو ڇلو پڻ وجھن؛ جنھن جو اھو مطلب ڪڍن تھ شال گھوٽ وٽ چاندي گھڻي ٿئي. ڪي چون تھ ڳانو سينگار آھي ۽ گھوٽ جي سڃاڻپ جو نشان آھي. ساليءَ کان ڳاني ٻڌائن جي رسم ادا ڪن، انھيءَ لاءِ تھ ڪنوار جي آڪھھ سان گھوٽ ٻڌل رھي. اڳ گھوٽ کي ڀيڻ کان ڳانو ٻڌايو ويندو ھو تھ جيئن گھوٽ پنھنجي آڪھھ سان ٻڌل رھي. گھوٽ ڳانو ٻڌائي ٻاھر ايندو تھ راڄ ڳاني جي گھور مڱڻھار کي ڏيندو[10].

سماٽ قبيلن ۾ شاديءَ رات کان اڳئين ڏينھن، منجھند کان پوءِ ڳانو ٻڌڻ جي رسم ادا ڪن. ڳاڙھي سٽ جا پنج- ڇھھ سڳا چؤڻا ڪري، ان ۾ ھڪ ڳنڍڙي ٻڌن، جنھن ۾ ٻھ – ٽي لؤنگ، ننڍا ڦوٽا، جافر، ڪڻڪ ۽ جون جا ٻھ- ٽي ڪڻا، ننڍين ڪنوارين ڇوڪرين جي پوتين جي ڪنڊن جا سڳڙا وجھن، پوءِ ڳاني ۾ چانديءَ جو ڇلو ۽ ويڙھھ ٻڌي، گھوٽ جي سڄي ٻانھن ۾ ٻڌن. ان موقعي تي لنگھا دھل ۽ شرنايون وڄائين ۽ زالون پنج يا ست ڄڻيون سر ملائي مينديءَ جو سھرو چون[11].

ڳاني ۾ ستن جنڊن جو ڳارو، سرنھن جا ڪڻا، جون جا ڪڻا ۽ لوھھ جو ڇلو، لاک ۾ ڳاڙھيءَ اڳڙيءَ سان ٻڌن. ڪل ڇھھ ڳانا ٺاھين. ھڪ جنڊ کي ٻڌن، ٻيو مٺائي واري پاري کي، ٽيون، ان ڇڙڻ واري اکريءَ کي، چوٿون گنديءَ کي، پنجون ڪنوار لاءِ ۽ ڇھون گھوٽ کي ٻڌڻ لاءِ ٺاھين. ڪنوار ۽ گھوٽ واري ڳاني کان سواءِ ٻيا رڳو لاک جا ٺاھين. ڪنوار وارو ڳانو تڏھن ٺاھين جڏھن ڪنوار ويجھي ھجي، پر جي ڪنوار پري ھجي تھ ان لاءِ سندس پيڪا ڳانو ٺاھين. گھوٽ کي راڄ جو چڱو مڙس ڳانو ٻڌي[12].

ٿر جي مينگھواڙن ۾ گھوٽ کي ڪپڙا پارائي، وڇايل رلي تي ويھارين. پوءِ ٻڪريءَ جي ڏاس جو وٽيل ڌاڳو کڻي، ان ۾ اوني لوئيءَ جي ڪپڙي جو ننڍڙو ٽڪر، لوھھ جو ڇلو ۽ ھڪ ڪوڏي ٻڌي، گھوٽ جي ساڄي پير جي مريي ۾ ٻڌن، ان کي ”ڪنڪڻ“ چون. اھڙو ٻيو ڪنڪڻ گھوٽ جي بيٺ واري ڪاتيءَ جي مياڻ ۾ بھ ٻڌن. جڏھن ڄڃ ڪنواريتن ۾ پھچي تڏھن اھو ڪنڪڻ ڪنوار کي بھ ٻڌن[13].

 

اھنر يا اھنير:

اھنير گھڻو ڪري گھوٽ جو سالو ٿئي، يا ونيءَ جو ٻيو ڪو ويجھو عزيز ٿئي. اھو بھ گھوٽ وانگر تيل ڦليل ڪري ۽ نوان ڪپڙا پھري ۽ گھوٽ وانگر ميندي لائي. جي پرڻيل نھ ھجي تھ موڙ بھ ٻڌي. اھنر، گھوٽ جي سار سنڀال ۽ سامان جي نظرداريءَ جو ڪم ڏئي. تنھن کان سواءِ ساڻس گھوٽ جا عزيز دوست بھ مزي خاطر مسخريون چرچا ڪن. اھنر سڄي رات گھوٽ جي حفاظت لاءِ گھوٽ سان گڏ جاڳي.

ھن سلسلي ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون:

گھوٽ کي ميندي لائڻ کان وٺي لانئن جي رسم پوري ٿيڻ تائين اڪيلو ڪونھ ڇڏين، ڇو تھ عام طور اھو وھم ڪن تھ جي گھوٽ اڪيلو ڇڏبو تھ ڪانھ ڪا مصيبت ھن تي پوندي؛ تنھنڪري گھوٽ ھڪ ساٿي ڏين، جنھن کي ”اھنر“ چون. اھنر گھوٽ جو ڀيڻويو ڪن. اھنر کي سڄي رات جاڳي پھرو ڏيڻو پوي. ڄاڃي کيس ھر وقت چرچا گھٻا ڪري چيڙائين ۽ چھنڊڙيون بھ پائين تھ جيئن ھو ھر وقت سجاڳ رھي ۽ ننڊ نھ ڪري. کيس ان وقت ھٿ ۾ ترار يا ڪاتي يا خنجر ڏين. پڇاڙيءَ ۾ کيس اجوري طور ھڪ اجرڪ ملي[14].

ٿرپارڪر جي سماٽ قبيلن ۾ ”اھنر“ کي ”اڻوھر“ يا ”اڻھيار“
چون. اڻوھر کي گھوٽ سان گڏ عزت واريءَ جاءِ تي آڻي ويھارين، پر ان سان چرچو ڀوڳ ضرور ڪن. شادي ۾ جيڪڏھن اڻوھر سان چرچو ڀوڳ نھ ٿيو تھ چوندا ڪجھھ بھ ڪين ٿيو. دوست، يار سڀئي ان وقت اڻوھر سان دل کولي ڀوڳ چرچو ڪن. ڪو سندس جتي کڻي وڃي، يا سندس ڪو ڪپڙو ھيٺان وڇايل ھنڌ سان سبي وڃي، يا ڪو ڪوٽ جي کيسي ۾ ڀِتر وجھي يا ڏيڏر، ڪئا جھلي آڻي کيسي ۾ وجھن ۽ ٻيون بھ انيڪ حرڪتون ساڻس ڪن. ھن سان اھا مسخري ۽ چرچو ڀوڳ گھوٽ جي نڪاح پوڻ تائي ڪن. نڪاح کان پوءِ اڻوھر آجو ٿئي[15].

ٿرپارڪر جي مينگھواڙن ۾ ھڪ يا ٻھ سنگتي گھوٽ جا ”اڻوھار“ ٿي رھن. اڻوھار، سارو وقت گھوٽ سان گڏ رھي، حفاظت ڪري ۽ گھوٽ کي ڏندڻ پاڻي آڻي ڏئي ۽ ٻي ٽھل ٽڪور پڻ ڪري[16].

 

ٽڳڻ:

وھانءَ جي رات کان اڳ، ڏينھن جو راڄ جون چار نياڻيون ۽ زالون ڪنوار کي پيل زيور لھرائين. ان رسم کي ”ٽڳڻ“ چون. اھي زيور پوءِ ڪنھن پيتيءَ ۾ ھٿيڪا ڪري رکن[17].

 

سرور جو سڏ ۽ ميندي:

تعلقي گوني جي لغارين ۾ شاديءَ جي رات عام طور سرور جو باسيل سڏ ڏين. اھا رسم ھن طرح ادا ڪن: شاديءَ جي رات، جنھن کي ”جاڳي“  جي رات بھ چون، زالون پھرين سرور جو سڏ باادب پڙھي پوءِ ميندي ورھائين. ميندي شروع ٿيندي ئي زالن ۾ رؤنشو مچندو. عموما گھوٽ جي مائيٽياڻين کي ڪپڙن خواھھ منھن تي، زوريءَ ۽ چوريءَ ميندي ھڻن ۽ کل ڀوڳ ڪن[18].

تعلقي شھدادپور جي بلوچن ۾ جيڪڏھن سرور جي باس باسيل ھجي تھ پوءِ شاديءَ جي رات، گھوٽ جي ماءُ، سرور جو ڪنو چاڙھي ۽ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيل زالن ۾ ورھائي. اھو ڪنو گھڻو ڪري ٻاجھري جي مٺي ٻاڪڙ جو ٿئي. اھو سوڻ ڪي سنڌي قبيلا بھ ڪن[19].

 

ڪاڄ ۽ ماني:

ونواھھ ٿئي، اکيو ٻڌجي تھ ڀائر وھانءَ جي ڪم ۾ لڳي وڃن. ڪٿان ڪاٺيون اچن تھ ڪٿان چانور، ڪٿان ديڳيون تھ ڪٿان ڦنڊرون. انھيءَ موقعي تي ويجھي عزازت يا پنھنجي ”پيٽ“ جون نياڻيون ضرور گھرائين ۽ شاديءَ تائين پاڻ وٽ ٽڪائين. ڪٿان ڀائر اچن تھ ڪٿان نياڻيون. تان جو مينديءَ واري رسم بھ ٿئي ڄڃ جي ھلڻ جي تياري.

سڀ کان اول راڄ ڀاڳ مان جيڪي ڄاڃي اچي گڏ ٿين، تن کي ماني کارائين. جيڪڏھن ڪنواريتا پري ھجن تھ پوءِ گھوٽيتن جي ڇني ۾ ماني جو بندوبست ڪنواريتن واري ڳوٺ يا شھر ۾ ڪن. اھڙو بندوبست گھوٽيتا ۽ ڪنواريتا ساڳئي ڳوٺ يا شھر، يا اڃا بھ ويجھي پنڌ تي ھجن تھ پوءِ ڇني ۽ ماني جو بندوبست گھوٽيتا پاڻ وٽ ڪن.

 

مانيءَ جي تياري:

ڄاڃين لاءِ مانيءَ جي تياري صبح کان ئي شروع ڪن. ھڪڙا ھمراھھ ڦنڊرون ڪھي گوشت وڍڻ کي لڳي وڃن تھ ٻيا وري دلا کڻي پاڻي ڀرين. ٻھراڙين ۾ گھڻو ڪري پاڻيءَ جي سولائيءَ لاءِ حوض ٺاھين، جيڪو رڌپچاءُ يا پيئڻ جي ڪم اچي. ٽيان ھمراھھ وري بصر وڍڻ ۽ چانورن ٺاھڻ کي لڳي وڃن. انھيءَ وچ ۾ ڪم ھلندي کل چرچو، نقل نصيحتون ۽ ڏور ڳجھارتون بھ پيا ڏيندا. گوشت رڌجي تيار ٿئي تھ کٽولن تي پڙڇ (تڏا) وڇائي انھن تي لاھين ۽ ديڳيون چانورن لاءِ خالي ڪن. سج ڪاپار تان لھي تھ مرد ڇني ۾ اچڻ شروع ٿين، زالون وري پاڙي پاڙي جون ٽوليون ٿي اچن.

ڄڃ رواني ٿيڻ کان اڳ ڄاڃين کي ماني کارائين، اول مردن ۾، پوءِ زالون کي. ان بعد ڄڃ تيار ٿي دھلن دمامن سان ڪنواريتي گھر ڏانھن رواني ٿئي. جيڪڏھن ڄڃ پري جي ھجي تھ پوءِ ڪنواريتن ۾ پھچي پوءِ ماني کارائين.

 

پوئو:

ڄاڃين کي ماني کارائڻ کان پوءِ ڪاڄ وارا ”پوئو“ اڳاڙين. چون تھ: پوئو اڌاري ڀاڄي آھي، تنھنڪري جنھن جي جيتري واٽ ھوندي، اھو اوترو ڏيندو. پوئو گھڻو ڪري ڪنھن نوٽ بڪ يا بَنديءَ تي لکي ڇڏين.

انھيءَ موقعي متعلق سنڌ جي مختلف حصن مان مليل روايتون ھن بعد ڏجن ٿيون:

 

مھمانن جو آڌرڀاءُ:

ٿر جي سماٽن ۾ جيڪڏھن عزيز اقارب ڏور کان شاديءَ واري گھر اچن تھ زالون انھن کي آڏو سندن مرحبا ۾ خاص ڳيچ ڳائين، جنھن کي ”ڏوران“ چون. اھو ڳيچ لازمي طور ھر ڏوران ايندڙ مھمان اڳيان ڳائين؛ نھ ڳائڻ کي بدسوڻي ليکين. شاديءَ واري گھر جون عورتون شاديءَ جا ڏينھن ٻڌجڻ يا اکيو ٻڌجڻ کان پوءِ ھر وقت اون ۾ ھجن، جي ڪو ڏورانھن پنڌ جو عزيز خواھھ لاڳاپيدار اچي تھ زالون يڪدم ڪو ٽپڙ وڇائي، گول ٺاھي بيھي رھن ۽ آيل مھمانن جي اڱڻ تي پير رکڻ سان ”ڏوران“ ڳيچ شروع ڪن. ”ڏوران“ ڳائي پوري ڪرڻ کان اڳي آيل عزيزن کي ھٿ بھ ڪين ڏين، بلڪ ڏوران ڳائي بس ڪري، پوءِ آيلن کي گڏجن. آيل مرد ھجن خواھھ عورتون، رواج سڀني لاءِ ساڳيو ٿئي[20].

شاديءَ جي رات کان وٺي شاديءَ جو ڀت ھلي. ڪي غريب رڳو ڏينھن جو ھڪ ويلو ڪن، پر ڪي شاھوڪار وري ڪيترائي ڏينھن پيا ماني ھلائين. ڀت جون ديڳيون لھي بس ٿين تھ پھرين گھر ۾ موڪليندا تھ جيئن اول زالون ۽ ٻار کائين ۽ پوءِ ٻاھر ڄڃ ۾ شروع ڪن. جڏھن ڄڃ کائي بس ڪري، تڏھن سڀئي ماڻھو اچن پل تي گھر ۽ گھرن جو ڀت وٺن. عموما ٺڪر جون ڦيلھيون ٿين، جي ھر ھڪ دعوتو کي ڀت جون ڀري ڏين. ڪٿي وري پاٽوڙا ڀري ڏين، ڪنھن کي ھڪ، ڪنھن کي ٻھ، تھ ڪنھن کي وري آڪھھ جي نسبت سان وڌيڪ گوشت رڌل پڻ حصي رسي ڪن[21].

تعلقي وارھھ جي ڪلھوڙن ۾ گھوٽ ڪنوار کي وھانءُ وارو ڀت ڪونھ کارائين. بعضي گھوٽيتا ڄاڃين کي ٻھ ويلا کارائين ۽ گھڻو ڪري ھڏو ڀت ڪن[22].

ڪوھستان ۾ دعوتي مرد توڙي زالون، زالون جڏھن ڪاڄ واري گھر وٽ پھچن، تڏھن مرد ڇني ۾ ھليا وڃن ۽ زالون گھوٽيتي گھر ڏانھن اچن. انھن زالن کي وٺڻ لاءِ اڳ ۾ ئي گھوٽيتين جو ميڙ بيٺو ھوندو، جيڪي وڌي اچي انھن جو استقبال ڪن. ان وقت ڳيچ پڻ ڳائين. پوءِ وڏي ھيج مان ھڪٻئي کي ڳري لڳي، ڳراڙا چمي ملن. جڏھن ٻئي ٽولا گھر ڏي اچن تھ بھ ڳيچ ڳائي اچي گھوٽيتي گھر داخل ٿين[23].


 

[1]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[2]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[3]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[4]   محمد عرس سمو، نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

[5]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمر ڪوٽ).

[6]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[7]   رحمت الله ونڊير (تعلقو ڇاڇرو).

[8]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[9]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[10]   علي اڪبر لغاري (تعلقو سنجھورو).

[11]   رحمت الله ونڊير (تعلقو خيرپور).

[12]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[13]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[14]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[15]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[16]   رائچند ھريجن (تعلقو ڇاڇرو).

[17]   محمد سومار شيخ (تعلقو بدين).

[18]   سومر خان لغاري (تعلقو گوني).

[19]   الھڏتو رند (تعلقو شھدادپور).

[20]   محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ).

[21]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[22]   غلام رسول جتوئي (تعلقو وارھھ).

[23]   محمد عرس سمو نئين زندگي، ماھھ آگسٽ ١٩٥٧ع تان ورتل.

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org