سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :30

 

باب يارھون

 

سڀاڳ ۽ نڀاڳ

سڀاڳ:

سڀاڳ جا عمل ۽ اھڃاڻ گھڻنئي آھن، تنھنڪري روزمره جي زندگيءَ ۾ اھڙن عملن ڪرڻ جي ھدايت ٿيندي رھندي آھي، جيڪي سڀاڳا ھجن ۽ انھن جي ابتڙ عمل نڀاڳ ۾ شامل ٿين ٿا. ھتي سڀاڳ جا عمل ۽ نشانيون ڏجن ٿيون:

سڀاڳ جا ڪم:

1.      جيڪو شاگرد قلم سان وڇون ماريندو، سو امتحان ۾ پاس ٿيندو.[1]

2.     کوھھ جي تر ۾ رکڻ واري چڪ مان جيڪو ست ڀيرا لنگھندو، تنھن جون سڀ مرادون پوريون ٿينديون.[2]

سڀاڳ جون نشانيون:

3.     مٿي ۾ ڀؤنري سڀاڳي ٻار جي نشاني آھي.[3]

4.     جنھن ٻار کي مٿي ۾ ”پڳ – ور“ ھوندو، سو سڀاڳو ٿيندو ۽ ڄمڻ کان پوءِ پنھنجي پٺيان ڀاءُ آڻيندو.

5.     مرد کي بدن تي تِر سڀاڳ جي نشاني آھي. جيترا تِر بدن تي ھوندا، اوترا پٽ کيس ڄمندا.

6.     جنھن ماڻھو کي پير ۾ ”پدم“ ھوندو، سو سڀاڳو ٿيندو.

جيتن، جانورن ۽ پکين جا سڀاڳ:

7.     چانھھ پکيءَ جا کنڀ گھر ۾ رکبا تھ لڇمي ماتا گھر ۾ ايندي ۽ اھو گھر سکيو ستابو رھندو.[4]

8.     چانھھ پکي گھر جي مٿان لوندو تھ اھو گھر مايا سان مالا مال ٿي ويندو.[5]

9.     جنھن ھنڌ ڪار ڪڻڇيون ٻولينديون، اتي گھڻي آبادي ٿيندي ۽ فصل ڀلا ٿيندا. [6]

10. مالھاري صبح جو ساڄي پاسي کان لنگھي ۽ شام جو کاٻي پاسي کان لنگھي تھ سڀاڳي.[7]

11.  جيڪڏھن ڪنھن بھ گھر جي لوڙھي يا گھر ۾ بيٺل وڻ تي مالھاري اچي ويٺي ۽ ڪجھھ ٻوليائين تھ اھو گھر نھايت سکيو ۽ ستابو ٿي ويندو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ برک ٿي ويندو.[8]

12. جيڪو ماڻھو ھڪڙو گڏھھ ڌاريندو، سو آسودو ھوندو.

13. گدڙ صبح جو پھرئين پھر کاٻي کان سڄي لنگھي وڃي ۽ شام جو پوئين پھر ساڄي کان کاٻي لنگھي وڃي تھ سڀاڳ ليکبو.[9]

نڀاڳ:

ھن عنوان ھيٺ جي جسماني ۽ عملي اھڃاڻ ڏنا ويا آھن، جيڪي ”نڀاڳ“ سمجھيا وڃن ٿا. روزمره جي زندگيءَ ۾ انھن عملن مان نقصان پھچڻ جو انديشو رھي ٿو، تنھنڪري انھن کان بچڻ ضروري آھي. سنڌ جي جدا جدا حصن مان ”نڀاڳ“ جون نشانيون ۽ اھڃاڻ مليا آھن، جي ھيٺ ڏجن ٿا:

1.      ٻنھي ھٿن جون آڱريون پاڻ ۾ ڦاسائي منڍي ويھڻ نڀاڳ آھي. [10]

2.     کٽ تي ويھي ٽنگون لوڏڻ نڀاڳ آھي.

3.     ٻنھي ھٿن جون آڱريون ھڪٻئي ۾ ڦاسائي منڍي ڪنڌ وٽان ڏيڻ، يعني منڍيون وجھڻ نڀاڳ آھي.

4.     پکين جي اھل ڪرڻ نڀاڳ آھي. اھل ڪبي تھ اڻھوند ٿيندي.[11]

5.     معذورن جي اھل ڪرڻ نڀاڳ آھي. معذور ڏسي توبھھ ڪجي.[12]

6.     جتيءَ جو پادر اونڌو ٿيڻ نڀاڳ آھي. جنھن ماڻھوءَ جو پادر اونڌو ھوندو، ان کي نقصان پھچندو.[13]

7.     جتي لاھڻ مھل جيڪڏھن جتيءَ جو ھڪڙو پادر اونڌو ٿي پوي تھ اھا نڀاڳ جي نشاني آھي. [14]

8.     جتي لاھڻ مھل جيڪڏھن پادر، پادر تي چڙھي وڃي تھ نڀاڳ آھي. انھيءَ نڀاڳ لاھڻ لاءِ چڙھيل پادر کي ٽي ڀيرا زمين تي ھڻجي تھ نحوست لھي ويندي.

9.     صبح جو سوير مسجد مان نڪرڻ سان اڻھوند ٿيندي.[15]

نڀاڳ جون نشانيون:

10. جنھن عورت جي کاٻي ھٿ جي چيچ ھيٺان ھڪ کان وڌيڪ ليڪا ھجن، ان سان شادي نھ ڪجي.[16]

11.  جنھن عورت يا مرد کي چور ڏند ھوندا، تن جو جوڙو ھميشھ ناخوش گذاريندو ۽ مرد ۽ عورت ھڪٻئي کان بيزار گذاريندا. [17]

12. ڏاڙھيءَ ۾ گھنج گھنج وارو  ماڻھو نقصانڪار ٿئي.[18]

13. ڪوتھھ ڪنڌ انسان ڪوڙو ٿيندو آھي، ان سان ڪوبھ وھنوار نھ رکجي.

14. پِيلين ۽ شيرن ماڻڪين وارو ماڻھو نڀاڳو ۽ بيوفا ٿيندو.[19]

15. جنھن ماڻھوءَ جي بُت تي تِر ججھا ھوندا سو نڀاڳو ھوندو.

16. پير ۾ ڪڪرو نڀاڳ جي نشاني آھي.[20]

17. ماري (پکي ڦاسائيندڙ) کي اولاد ڪونھ بچندو.[21]

18. مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تھ اھا چنڊي چئجي، ان کي ھڪدم ڪھي ڇڏجي.[22]

19. مادي ڪڪڙ ٻانگ ڏئي تن ان کي بروقت حلال ڪري ڇڏجي، ڇو تھ اھا شيطان کي سڏ ٿي ڪري، ۽ ڪونھ ڪو بڇڙائي جو ڪم ان ۾ گھر ٿيندو.[23]

20.            گھر ۾ ٽي مادي ڪڪڙيون نھ ڌارجن، نھ تھ گھر جا ڀاتي نقصان ھيٺ ايندا.

21. جنھن گھر ۾ ٽي ڪڪڙيون ڌاريل ھونديون ان گھر ۾ موت ٿيندو.[24]

22.            ڪڪڙ سھي سنجھي ٻانگ ڏني تھ ڏڪار پوندو.[25]

23.            جيڪڏھن ڪٿي ڪانگن جو ميڙ پٽ تي ويٺل ڏسڻ ۾ اچي تھ ڪو وڏو ماڻھو فوت ٿيندو.

24.            جيڪڏھن رات جو ڪانءُ لنوي تھ يا ڏڪار پوندو يا بادشاھھ کي نقصان پھچندو (يعني بادشاھھ مٽجي). چوندا آھن تھ:

راتيان ٻولي ڪانگڙو، ڏينھان ٻولي سيار
جان مري ڏيھھ ڌڻي، جان پوي ڏڪار.[26]

 

25.جبل جا وڏا ڪارا ڪانو جيڪڏھن سنڌ ۾ اچي لاتيون ڪندا تھ مال ۾ بيماري ۽ ملڪ ۾ ڏڪر پوندو.[27]

26.            تتر صبح جي پھر سائي پاسي ۽ شام جو پھر ڏائي پاسي ٻولي تھ نڀاڳو ليکبو.[28]

27.            جنھن گھر ۾ ڪبوتر ڌاريل ھوندا، تنھن گھر ۾ موت گھڻا ٿيندا.

28.            جنھن ڳوٺ ۾ ٽيٽھاريون گھڻيون ٻولينديون، اھو ڳوٺ جلد ڦٽي ويندو.[29]

29.            جنھن گھر مٿان چٻرو ويھي لنوي، ان گھر ۾ بيماري پوندي يا قضيو ٿيندو.[30]

30.            رات جو چٻرو ساڄي پاسي دانھن ڪري تھ شھر سڃو ٿيندو.[31]

31. وڏي چِٻ يا گھگھھ پکي، گھر تي ويھي ٻوليندو تھ اھو گھر جلدي ڦٽندو يا مٿس ڪا آفت ايندي.[32]

32.            مالھاري آڏو ڦري وئي تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.[33]

33.            مالھاري صبح جو کاٻي پاسي ۽ شام جو ساڄي پاسي کان لنگھي وڃي تھ نڀاڳي ليکبي.

34.            جيڪو ماڻھو ڪونج کي ماريندو، تنھن جو ڪونھ ڪو عزيز مري ويندو.[34]

35.جنھن گھر ۾ مور ڌاريل ھوندا، ان گھر ۾ قضيو ٿيندو.[35]

36.            جنھن گھر مور ھوندو، اھو گھر ڦٽي پوندو، ڇو تھ مور روئندو آھي.

37.            جنھن جوءَ ۾ مور گھڻا ٿيندا، اتي جلد ويراني اچي ويندي ۽ آبادي گھٽجي ويندي.[36]

38.            جنھن گھر ۾ ڪتو اوناڙون ڪندو، ان گھر ۾ قضيو ٿيندو.[37]

39.            بي مھليون روڙون ڪندڙ ڪتو نڀاڳو آھي، ان کي ڪڍي ڇڏجي.

40.            ڪتو ڇني تي چڙھي روڙ ڪري تھ اھو ڪتو نڀاڳو چئجي.

41. ڪتو گيسي ڏيئي اٿي تھ اھو ڪتو نڀاڳو آھي، تنھن کي مارائڻ گھرجي.[38]

42.            ھلندي ٿاٻو کائيندڙ گھوڙي کي گھگير گھوڙو چوندا ۽ اھو نڀاڳو وھٽ ليکبو.

43.            ھلندي ننڊ ڪندڙ گھوڙو نڀاڳو ليکبو.[39]

44.            نراڙ تي اڇي ٽِڪي واري گھوڙي نڀاڳي ليکبي.

45.گھوڏا کوڙيندڙ گھوڙائون وھٽ نڀاڳو ليکبو.[40]

46.            داڻي گاھھ لاءِ سنب پٽ تي ھڻندڙ گھوڙو پيناڪ چئبو. اھڙي نڀاڳي وھٽ کي ھڪدم وڪڻي ڇڏجي يا سؤدو ڪري مٽي ڇڏجي.[41]

47.            گدڙ صبح جي پھرئين پھر ساڄي کان کاٻي لنگھي يا شام جو کاٻي کان ساڄي لنگھي تھ اھو نڀاڳو ليکبو.[42]

48.            ڏينھن جو گدڙ اوناڙي تھ يا ڏيھھ ڌڻي (بادشاھھ) مرندو يا ملڪ ۾ ڏڪار پوندو.

49.            ڳوٺ ۾ گدڙ اچي نڪتو تھ ڳوٺ ڦٽڻ جو امڪان آھي.

 

 


[1]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[2]   محمد طالب لوھار.

[3]   ٣.  کان  ٦.  تعلقو حيدرآباد.

[4]   محمد طالب لوھار.

[5]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[6]   محمد طالب لوھار.

[7]   الھڏنو فقير.

[8]   ١١.  ۽  ١٢.  محمد طالب لوھار.

[9]   الھڏنو فقير.

 [10]  ١.  کان  ٣.  تعلقو حيدرآباد.

[11]   مصلح المفتاح.

[12]   تعلقو ننگرپارڪر.

[13]   محمد طالب لوھار.

[14]   ٧.  ۽  ٨.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[15]   مصلح المفتاح.

[16]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[17]   محمد طالب لوھار.

[18]   ١٢.  ۽  ١٣.  محمد پناھھ ڦرڙو. 

[19]   ١٤.  ۽  ١٥.  تعلقو حيدرآباد.

[20]   محمد طالب لوھار.

[21]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[22]   محمد طالب لوھار.

[23]   ١٩.  ۽  ٢٠.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[24]   الھڏنو فقير.

[25]   محمد پناھھ ڦرڙو ۽  محمد طالب لوھار.

[26]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[27]   الھڏنو فقير.

[28]   ٢٦.  ۽  ٢٧.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[29]   محمد طالب لوھار.

[30]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[31]   الھڏنو فقير.

[32]   محمد طالب لوھار.

[33]   ٣٢.  ۽  ٣٣.  الھڏنو فقير.

[34]   محمد طالب لوھار.

[35]   ٣٥.  ۽  ٣٦.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[36]   محمد طالب لوھار.

[37]   ٣٨.  کان  ٤٠.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[38]   ٤١.  ۽  ٤٢.  محمد طالب لوھار.

[39]   ٤٣.  ۽  ٤٤.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[40]   محمد طالب لوھار.

[41]   الھڏنو فقير.

[42]   ٤٧.  ۽  ٤٨.  محمد طالب لوھار.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org