سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:رسمون رواج ۽ سنوڻ ساٺ

باب: --

صفحو :25

 

باب ستون

روزمره جي زندگي ۽ مشاھدا

 

ڪم ٿيڻ ۽ نھ ٿيڻ جا سوڻ:

روزمره جي زندگيءَ جو وڏو حصو ”ڪمن ڪارين“ سانگي صرف ٿئي ٿو. ڪم جي تڪميل جي مقصد سان پنڌ پئجي، ۽ اھا خواھش فطري آھي تھ اھو ڪم ٿئي. جيڪڏھن ڪم نھ ٿيو يا ان ۾ ڪو کانجاڻو پيو تھ پنڌئي اجايو ويو، اٽلو وقت جو زيان ٿيو ۽ تڪليف ٻئي پاسي ٿي. فقط ڪاميابيءَ سان  موٽڻ لاءِ ضروري آھي تھ ڪي اھڙا اھڃاڻ معلوم ٿين، جن مان اندازو لڳائي سگھجي تھ ڪم ٿيندو يا نھ؟ انھيءَ سلسلي ۾ سڄيءَ سنڌ ۾ ڪي اھڙا اھڃاڻ مقرر ٿيل آھن، جن مان ڪم ٿيڻ يا نھ ٿيڻ جا سوڻ ڳنڍيندا آھن. اھي جملي روايتون ھيٺ ڏجن ٿيون.

 

ڪم ٿيڻ جا سوڻ:

1.      وسريل ڳالھھ ياد اچي وئي تھ اھو ڪم جلد پورو ٿيندو.[1]

ڪم نھ ٿيڻ جا سوڻ:

2.     ڪنھن ڪم لاءِ واٽ ويندي ٿاٻو آيو تھ ڪم نھ ٿيندو.

3.     ڪنھن ڪم لاءِ ويندي پٺيان سڏ ٿيو تھ ڪم نھ ٿيندو.[2]

4.     ڪنھن ڪم لاءِ ويندي گھر جو ڪو ڪم ياد پئجي وڃي تھ واپس ھليو اچجي، ڇو تھ کڙيءَ ڇڪ ٿي، ڪم ڪونھ ٿيندو.

5.     ھلندي ڪپڙو ڪنڊي ۾ ڦاسي پيو تھ ڄڻ جھل ٿي، ڪم ڪونھ ٿيندو، موٽي اچڻ گھرجي.

6.     لکندي مس ھارجي پوي تھ جنھن ڪم جو ارادو آھي، سو نھ ٿيندو.[3]

7.     اڇي ڏاڙھيءَ وارو منھن ۾ گڏيو تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.[4]

8.     ڍيري ڪتيندڙ منھن ۾ گڏيو تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.

9.     نيراني ڪاڻو ماڻھو منھن پيو تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.[5]

10. شيرو ماڻھو جيڪڏھن نيراني منھن پوي تھ ڪم ڪونھ ٿيندو، انھيءَ ڪري پٺڀرو بُجو ڏجيس.

11.  ٺلھو دلو منھن ۾ گڏجي تھ ڪم ڪونھ ٿيندو، تنھنڪري مڙي پاسو ڪجي.[6]

12. ڪنھن ڪم سان ويندي ٻلي رستو ڪپي وجھي تھ ڪم ڪونھ ٿيندو.[7]

ڳالھھ سچي ھجڻ جا سوڻ:

ڪي اھڙا اتفاقي عمل ظھور ۾ اچن، جي ارادتا نھ ٿي سگھن ۽ انھي وقت ڪا ڳالھھ ھلندڙ ھوندي، تھ اھڙن اتفاقي عملن لاءِ چوندا تھ ڳالھھ جي سچي ھجڻ جي شاھدي ملي. ھيٺ اھڙا سوڻ ڏجن ٿا:

1.      ڳالھھ ڪندي ڇِڪ (نڇ) اچي تھ اھا ڳالھھ سچي سمجھي ويندي.[8]

2.     ڳالھھ ھلندي گھوڙي ڦونگارو ھنيو تھ چئبو ڳالھھ برابر سچي آھي.[9]

3.     ڳالھھ ھلندي، مسجد جي ٻانگ آئي تھ ڳالھھ جي سچي ھجڻ جو سوڻ ڳنڍيندا.[10]

ڄمار وڏي ٿيڻ جا سوڻ:

1.      جنھن ماڻھوءَ جي ڳالھھ ھلندڙ ھجي، يا يادگيري ڪجي، اھو ماڻھو اتفاق سان اتي پھچي وڃي تھ چئبو اھڙي ماڻھوءَ جي ڄمار وڏي ٿيندي.

2.     ننڊ ۾ پيل اٺ جي ڳچيءَ ھيٺان جيڪو لنگھندو، تنھن جي ڄمار وڏي ٿيندي.

جيتن، جانورن ۽ پکين جا سوڻ:

ڀؤنر:

1.      ڪارو ڀؤنر گھر ۾ اڏامي اچي تھ ان کي کير جا ڇنڊا ھڻجن، جو انھن ۾ مري ويل عزيزن جا روح ھوندا آھن. ائين نھ ڪبو تھ روح رنج ٿيندو.[11]

ماکيءَ جي مک:

2.     ماکي اڏامندي اچي تھ ان کي ويھارڻ لاءِ جتيءَ جو پادر اونڌو ڪبو تھ ماکي ويھي رھندي.[12]

3.     رات جو چلھھ تي ماکي جو نالو نھ وٺجي، نھ تھ ماکي رس کائي ويندي.[13]

4.     ماکي ڇاڻڻ وقت ”پار پار“ چئجي تھ مکا نھ کائيندا.

ڪڪڙ جا سوڻ:

5.     ڪڪڙ جي آنن جي کوپن جو ھار ٺاھي گھر ۾ رکبو تھ ان گھر ۾ نانگ بلائون نھ اينديون.

ڪبوتر جا سوڻ:

6.     ڪبوتر کي نھ مارجي، ڇو تھ پکين ۾ ”سيد پکي“ آھي.[14]

چٻري جو سوڻ:

7.     رات جو چٻري ٽيڪي تھ ان کي پادر ڏيکارجي، نھ تھ وڏو نقصان پوندو.

ڪونج جو سوڻ:

8.     ڪونج پکي مارڻ ڏوھھ، پر کائڻ ثواب آھي.[15]

مور جو سوڻ:

9.     مور جا کنڀ گھر ۾ رکجن تھ نانگ بلائون گھر مان نڪري وينديون.

باز جو سوڻ:

10. باز جو ڪيل شڪار کائڻ ثواب آھي، پر باز جو شڪار ڪرڻ گناھھ آھي.

ٻليءَ جو سوڻ:

11.  ٻليءَ کي ڌڪ نھ ھڻجي، پاپ پوندو.[16]

12. ٻليءَ کي نھ مارجي، نھ تھ ”ست وري“ پوندي.

13. ٻليءَ کي لوھھ جي شئي نھ الارجي، جي الابي تھ ٻلي بيمار ٿي پوندي ۽ مري ويندي.[17]

علاج: اھڙي حالت ۾ ان بيمار ٻليءَ کي لوھي ٿانءُ ۾ کاڌو ڏنو تھ ٺيڪ ٿي ويندي.

ڪتي جا سوڻ:

14. در اڳيان ڪتو نھ ڌارجي، ڇو تھ ملائڪ گھر ۾ نھ ايندا. [18]

15. لوڪ ستي ڪتو روڙون ڪري تھ ڏڪار پوندو يا ڪو ماڻھو مرندو.[19]

16. رات جو ڪتو اوناڙون ڪري تھ سمجھڻ گھرجي تھ ڪتي بيماريون يا ڪي ٻيون آفتون ڏٺيون آھن، تنھنڪري خيرات ڪرڻ ۽ جانورن کي کارائڻ گھرجي.[20]

17. وينڊي پڇ وارو ڪتو نھ ڌارجي، جو ڀاڙي ٿيندو، جيئن چيو اٿن تھ: ”وينڊو، ڪتو، پٽيارو پٽ، جھڙو منجھيل سٽ.“[21]

گڏھھ جو سوڻ:

18. جيڪو ماڻھو ھڪڙو گڏھھ ڌاريندو، سو آسودو ھوندو.

گھوڙي جا سوڻ:

19. نئون گھوڙو (خريد ڪري) گھر ۾ آڻجي تھ ان کي سون جو ڇنڊو ھڻجي تھ خوشحالي ٿيندي. سون جو ڇنڊو ھن ريت ھڻندا آھن: گھوڙا پري سوارن جو اصول ھوندو آھي تھ جڏھن بھ سؤدو ڪري نئون گھوڙائون وھٽ ڪاھي گھر ايندا تھ في الحال ان کي گھرجي دروازي کان ٻاھر ڪري ٻڌندا. گھر مان يا پاڙي پتيءَ مان سونو زيور آڻي، ان کي پاڻيءَ جي ڀريل وٽي ۾ ست ٽٻيون ڏياري، پاڻيءَ کي سون ھارو ڪندا. ان بعد سوار، گھوڙي يا گھوڙيءَ کي وٺي گھر ۾ داخل ٿيندو تھ گھر ڌڃاڻي، سون ھاري پاڻيءَ مان لپ ڀري وھٽ جي منھن ۾ ڇٽڪاريندي ۽ ان بعد چئني پيرن ۾ چار لپون پاڻيءَ جون ڀري ھڻندي، انھيءَ نيت سان تھ وھٽ اسان کي سون وارو ڪري ڇڏي.

20.            گھوڙي کي گار ڏيڻ چڱي نھ آھي، ڇو تھ گھوڙو ملائڪ آھي.

21. وڪرو ڪيل گھوڙائين وھٽ جو لغام نھ ڏجي.[22]

22.            گھوڙي تي چڙھڻ مھل چئبو ”سخي دين پناھھ.“[23]

23.            جيڪو ماڻھو گھوڙي ويامندي ڏسندو، سو سڄي ڄمار سکيو سولو گذاريندو. چوندا آھن تھ ان ماڻھوءَ جي دعا ۽ پِٽ نھ ھلندي.[24]

اٺ جو سوڻ:

24.            اٺ تي چڙھڻ مھل چئبو ”اويس اويس.“[25]

مينھن وسڻ يا نھ وسڻ جا اھڃاڻ:

مينھن وسڻ يا نھ وسڻ قدرت جي اختيار آھي، پر عام زندگيءَ ۾ مينھن پوڻ ضروري آھي. جيڪڏھن مينھن نھ وسي، پر جي وسي ۽ تمام گھڻو وسي تھ پوءِ بند ڪيئن ٿئي. مينھن وسندو يا نھ؟ انھن متعلق حيلا وسيلا ۽ اھڃاڻ عام مشھور آھن. سنڌ ۾ جيڪي حيلا ڪيا ويندا آھن، سي ھيٺ ڏجن ٿا:

مينھن آڻڻ لاءِ ٽوڻا:

1.      سائو (ڪچو) ڀڳڙو زمين ۾ پوري ڇڏبو تھ مينھن وسندو.[26]

2.     ٻارڙا گڏجي، پاڻ مان ھڪ ڇوڪري جي منھن تي ڪارا ليڪا ڪڍي، ان کي چوندا ”ڪارڙو ڪنڀارڙو“ پوءِ ٻار جھولي ٺاھي، گھر گھر مان خيرات وٺندا ۽ چوندا ھلندا تھ:

”ڪارڙو ڪنڀارڙو، ان پاڻي ڏيو تھ موليٰ مينھڙو وسائي.“ پوءِ گڏ ٿيل خيرات مان گيھھ، مٺاڻ ۽ چانور وٺي، مٺو ڀت رڌي، مسجد وٽ ويھي کائي، دعا گھرندا تھ مينھن اچي ٺڪاءُ ڪندو.

3.     مينھن نھ وسڻ واري مند ۾ ٻارڙا گڏجي، ھڪ ڇوڪر، جنھن کي ڀيڻ نھ ھوندي، تنھن جي منھن تي دانگي ۽ ڪوئلي سان ڪارا ليڪا ڪڍندا، ان بعد ڳوٺ جا ڇوڪرا گڏجي، ھر ھڪ گھر جي دروازي تي ويندا ۽ چوندا:[27]

”ڪارڙو ڪمارڙو، الله سائين کي پيارڙو،
ان پاڻي ڏيو تھ مينھڙو وسي.“

 

پوءِ سڀني گھرن مان خيرات وٺي، مسجد جي اڳيان ديڳ چاڙھي، مٺو يا خشڪو ڀت رڌي کائيندا. جنھن ڇوڪري جي منھن تي ڪاريون ليڪون نڪتل ھونديون، تنھن کي چوندا تھ مينھن وسي تھ پوءِ منھن ڌوئجان.

مينھن اچڻ جا اھڃاڻ:

4.     سج کي چوڌاري پِڙ يا واڙو ھوندو تھ مينھن پوندو.[28]

5.     ناڙا گھڻو تنواريندا تھ مينھن وسندو.

6.     آرون گھڻو ٻولينديون تھ برسات پوندي.

7.     ماڪوڙا گھڻا نروار ٿيندا تھ برسات پوندي.

8.     جھرڪيون مٽيءَ ۾ وھنجنديون تھ برسات پوندي.

9.     ٻڪراس کنوڻ تي تھ برسات پوندي.

10. آڙنگ بعد برسات وسڻ جو وڏو امڪان ھوندو آھي.

11.  سانوڻ جي مند ۾ جيڪڏھن ڪانگ، ڏينھن جو پوئين پھر جي اڌ ۾، واپس آھيرن ڏانھن اڏامندي ھڪٻئي پويان نظر اچن تھ سج لٿي مھل يا سومھڻي مھل مينھن وسندو.

12. سانوڻ جي مند ۾ آسمان ۾ تتر کرڙي ٿي تھ گھڻي مينھن پوڻ جو اھڃاڻ آھي.

13. مينھن وسندي پاڻيءَ ۾ ڦوٽا يا بوڙيا ٿيندا تھ مينھن جام پوندو.

گھڻا مينھن وسڻ جون اڳڪٿيون:

14. جنھن سال ڪونجون گھڻيون اچن، ان سال مينھن گھڻا وسندا.

15. جنھن سال مڪڙ گھڻا ايندا، ان سال مينھن گھڻا وسندا.

16. جنھن سال مينھن وساڙا گھڻا ٿين، ان سال برساتون جام پونديون.

17. جنھن سال پيرون جام ٿيندا، تنھن سال برساتون جام پونديون.

18. جنھن سال ڏيڏريون گھڻيون ٿي پونديون، تنھن سال تمام گھڻيون برساتون پونديون ۽ تمام گھڻيون ٻوڏون ٿينديون.

19. جنھن سال لوھار جي کوري جي تري ۾ ڪٽوڙو (ڪٽ) گھڻو ٿيندو، ان سال برساتون جام وسنديون.

20.            جنھن سال ڀنڀوريون گھڻيون ٿينديون، تنھن سال مينھن بھ گھڻا وسندا.

21. جنھن سال کڙ کٻيتا گھڻا نڪرندا، ان سال مينھن بھ گھڻا وسندا.

22.            جنھن موسم ۾ گھڻا چنڊول ٻوليندا تھ برساتون جام پونديون.

23.            جنھن موسم ۾ آرون گھڻو ٻولينديون، ان موسم ۾ مينھن جام وسندا.

24.            سانوڻ جي مند ۾ گدڙ اڀو ٿي ويٺل ڏسجڻ ۾ آيو تھ مينھن جام پوندا.

مينھن وسندي جا احتياط:

25.مينھن وسندي مٿو اگھاڙو نھ ڪجي، ڇو تھ ڪارنھن تي وڄ ڪرندي.

26.            مينھن وسندي گھر کان ٻاھر نڪرجي يا مسافري ڪندو ھجي تھ ھٿ ۾ سائي وڻ جي ٽاري جھلي، ڇٽيءَ وانگر مٿي کان مٿي کنيو ھلجي تھ وڄ ڪانھ ڪرندي.[29]

27.            مينھن وسندي ڪنجھي جو ٿانءُ ٻاھر نھ ڇڏجي.

28.            ڌاتو جي ڪابھ شئي وسندي مينھن ۾ ٻاھر نھ ڇڏجي.

برسات بند ٿيڻ جا ٽوٽا:

29.            برسات وسندي يا بند ٿيڻ بعد جيڪڏھن آسمان ۾ انڊلٺ نڪتي تھ برسات بند ٿي ويندي.

30.            مينھن وسندي گدڙ اونايون تھ مينھن اوڪامي ويندو.

31. ست عورتون، ست ڏويون کڻي ڏوئين سان پاڻي اپائينديون تھ برسات بند ٿي ويندي.

32.            ٽي عورتون، ٽي چوٿايون، پاٽيون يا ٽوياکڻي انھن سان مينھن جو پاڻي ڀرينديون يا مئينديون تھ برسات بند ٿي ويندي.

موسمون ۽ نکٽ:

1.      اونھاري ۾ ڏکڻ جي ھوا لڳي تھ ڏکڻ طرف پير ڪري نھ سمھجي. ڏکڻ ڏانھن پير ڪري سمھڻ سان ھوا بند ٿي ويندي.[30]طوفان اچي تھ پاڻي ۾ لوڻ ڳاري، طوفان طرف پاڻي اڇلائي ”لوڻ پاڻي، لوڻ پاڻي“ چئجي تھ طوفان مڙي پاسو ڪري ويندو.

2.     طوفان اچي تھ پاڻي ۾ لوڻ ڳاري، طوفان طرف پاڻي اڇلائي ”لوڻ پاڻي، لوڻ پاڻي“ چئجي تھ طوفان مڙي پاسو ڪري ويندو.

3.     سياري جي موسم ۾ گدڙ اڀو ٿي ويٺل ڏسڻ ۾ آيو تھ پارو پوندو.

4.     جنھن مند ۾ پتنگ گھڻا ڏسجڻ ۾ ايندا، ان سال شاديون گھڻيون ٿينديون.

5.     جنھن سال واءُ گھڻو لڳندو، ان سان ڏڪار پوندو.[31]

6.     جنھن سال ماڪوڙين جا ننگرا گھڻا ڏسجڻ ۾ اچن، ان سال ڏڪار پوندو.[32]

7.     ماڪوڙيون گھڻيون ٿي پون تھ ڦلھيار جو ٻڪ ڀري مٿن اڇلائجي تھ جلد ئي گم ٿي وينديون.

نکٽ:

8.     چنڊ جي پھرين تاريخ ھوا لڳي تھ سڄو مھينو پئي ھوا لڳندي.

9.     چنڊ کٽي گنديءَ مان ان ڪڍجي، نھ تھ رزق گھٽجي ويندو.[33]

10. چنڊ ۽ وڇون نکٽ پاڻ ۾ ملندا تھ ان رات ھوا نھ لڳندي.

11.  تارو کڙيو تھ چوندا تھ شيطان کي اماڙي لڳي.[34]


 

[1]    ١.  ۽  ٢.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[2]   ٣. کان ٥.  الھڏنو فقير.

[3]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[4]   ٧. ۽ ٨.  الھڏنو فقير.

[5]   ٩.  ۽  ١٠.  محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[6]   الھڏنو فقير.

[7]   تعلقو حيدرآباد.

[8]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[9]   محمد طالب لوھار (ٽنڊوباگو).

[10]   تعلقو حيدرآباد.

[11]   تعلقو حيدرآباد.

[12]   محمد پناھھ ڦرڙو (تعلقو ڪنڊيارو).

[13]   ٣.  کان  ٥.  محمد طالب لوھار.

[14]   محمد پناھھ ڦررو.

[15]   ٨. کان  ١٠.  محمد طالب لوھار.

[16]   ١١. ۽ ١٢.  تعلقو حيدرآباد.

[17]   محمد طالب لوھار.

[18]   تعلقو حيدرآباد.

[19]   الھڏنو فقير.

[20]   ١٦.  کان  ٢٠.  محمد طالب لوھار.

[21]   پٽيارو – سينڌ پٽي ڪندڙ، سينگار ڪندڙ.

[22]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[23]   الھڏنو فقير.

[24]   محمد طالب لوھار.

[25]   الھڏنو فقير.

[26]   ١.  ۽  ٢.  محمد طالب لوھار.

[27]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[28]   ٤.  کان  ٢٥.  محمد طالب لوھار.

[29]   ٢٦. ۽ ٢٧.  تعلقو حيدرآباد.

[30]   محمد پناھھ ڦرڙو.

[31]   محمد طالب لوھار.

[32]   ٥. کان ٧.  محمد طالب لوھار.

[33]   ٨.  کان  ١٠.  محمد پناھھ ڦرڙو.

[34]   تعلقو حيدرآباد.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org