سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 8

 

ابوعبدالله ڪرام

هيءُ ابوالحسين باروسيءَ جو همعصر هو. کائنس پڇيو ويو ته منهنجي جماعت جي حق ۾ ڇا راءِ رکين ٿو. چيائين ته سندن باطن جو جيڪو احوال آهي، سو جيڪڏهن ظاهر هجي ها ۽ جيڪو زهد سندن ظاهر تي آهي، سندن باطن ۾ هجي ها، ته اهي حق جا مرد هجن ها. کين گهڻو نماز پڙهندي ڏٺم ۽ روزي ۾ فراواني آهي پر (نور) ايمان ڪا ٻي شيءِ آهي، جيڪو نه آهي. چيائين ته باطن جي اونداهي ظاهر جي اونداهي آهي.

مولف جي وضاحت: اهو ظاهر آهي ته هنن مشائخ جي وفات جو سال بيان نه ڪيوويو آهي، البته سندن همعصرن جي قياس مان ظاهر آهي ته ٿوري گهڻي گهٽ وڌائي جي باوجود اهي هن صديءَ جا بزرگ آهن. وڌ ۾ وڌ سندن وفات جي سالن ۾ ڏهن ويهن سالن جو فرق آهي، تنهن ڪري انهن کي ٽين صدي اندر تحرير ڪرڻ ۾ ڪو مضائقو ڪونه آهي.

 

ابوالعباس بن مسروق

سندس نالو احمد بن محمد بن مسروق، اهل طوس مان هو ۽ بغداد ۾ رهائش اختيار ڪئي هئائين. قطبن مان هو ۽ قطب مدار جو صحبت يافته هو. ابوعلي رودباري جي استادن منجهان هو. حارث محاسبي، سري سقطي محمد بن منصور ۽ محمد بن حسين برجلاني جي شاگرديءَ ۾ رهيو هو ۽ انهن کان ئي صحبت جو شرف حاصل ڪيو هئائين.

قال من ترک التدبير عاش في راحة ترجمو: جنهن تدبير ترڪ ڪئي، اهو راحت ۾ رهيو.

قال: کنت ببصره فرايت صياد اصطاد السمک علٰي بعض السواحل واليٰ جنبہ في دوخلة زدت الصبية السمک الٰي عاد فالتفت الرجل فقال لابنتہ اي شيءِ عملت بالسمکة فقالت يا ابي اليس يروي عن رسول الله عليہ وسلم انہ قال: لا تقطع سمکة في سبکة الا اذا غفلت عن ذکر الله فتبکي الرجل ورمي بالشباک.

ترجمو: چيائين ته مان بصره ۾ هئس، پوءِ هڪ مڇي جي شڪاريءَ کي ڏٺم ته ساحل تي (شڪار) لاءِ ويٺو هو. سندس ڀر ۾ هڪ نينگريءَ مڇي ڦاسائي ٻاهر ڪڍي. پوءِ اهو شخص، نينگريءَ ڏانهن متوجہ ٿي پڇڻ لڳو ته اي ڌيءُ! ڪهڙي طرح تو مڇيءَ کي ڦاسايو؟ پوءِ چيائين: اي ابا! ڇا تو پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم جن جي اها حديث ڪونه ٻڌي آهي ته مڇي تڏهن ڦاسندي آهي جڏهن الله جي ذڪر کان غافل هوندي آهي. پوءِ اهو شخص ڏاڍو رُنو ۽ ڄار کي سٽي ڇڏيائين.

 

ابوعبدالله مغربي

سندس نالو محمد بن اسماعيل هو. ابراهيم خواص ۽ ابراهيم بن شيبان جو استاد (مرشد) هو ۽ ڪرمانشاهي ۽ ابوبڪر بيڪندي جو به استاد هو ۽ ابوعلي الحسين علي (رزين) هروي جو شاگرد (مريد) هو.

مذڪور آهي ته ابو عبدالله جي عمر هڪ سو ٻاويهه سال هئي، عمر سندس استاد هو، ان جو استاد ابوالحسين هو. ابوالحسين عبدالواحد زيد بصري جو شاگرد هو، جيڪو حسن بصري جو شاگرد هو. سندس قبر ابوعبدالله جي ڪوهه طور سينا تي، سندس استاد ابوالحسين رزين جي ڀر ۾ خرنوب جي وڻ هيٺان آهي. سندس وفات جو سال 273هه آهي.

شيخ الاسلام انصاريءَ جو بيان آهي ته هن اونداهي هرگز ڪونه ڏٺي هئي، جنهن وقت خلق کي اونداهي نظر ايندي هئي، هن کي روشني نظر ايندي هئي.

 

ممشاد دينوري

عراق جي بزرگ مشائخ مان هو، يحييٰ جلا جو صحبت يافته هو. جنيد، رويم ۽ نوريءَ جو همعصر هو.

سندس قول آهي ته: الله تعاليٰ عارف کي آئينو ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن پنهنجي فڪر ۽ خيال کي چوڌاري نه ڊوڙائي بلڪ انهيءَ آئيني ۾ الله تعاليٰ کي ڏسندو رهي.

هڪ ڏينهن سندس گهر جي ٻاهران هڪ ڪُتي ڀونڪ ڪئي. ممشاد چيو لا اِلٰہ الا الله پوءِ ڪتو اُتي ئي مري ويو.

ابوعامر نالي هڪ سندس مريد هو. حڪايت ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن ممشاد جي مجلس ۾ ويٺو هئس ته هڪ جوان سندس حجره کان نڪري آيو ۽ ميزباني جي اجازت گهريائين ۽ شيخ کيس اجازت نه ڏني. جڏهن هو ٻاهر ويو هليو ته مريدن چيو ته شيخ ائين هرگز ڪونه ڪندو آهي، ڇا سبب آهي؟ فرمايائين ته: هيءُ انهن ماڻهن مان آهي، جنهن جي هٿ ۾ دنيا ايندي ويندي رهي ٿي. هيءُ چاهي ٿو ته ڪجهه خرچ ڪريان ته جيئن سندس سرمايو وري وري حاصل ڪري سگهان. سندس دل جو مقصد حصول دولت آهي. سندس وفات س هه ........۾ آهي.(1)

سلسله چشتي ان کان ئي ابتدا ڪري ٿو، شيخ ابواسحاق چشتي خليفه پيران چشت جو مرشد هو.

مذڪور آهي ته: شيخ ممشاد سندس نالو پڇيو. فرمايائين ته توهان چشتي خواجه آهيو ۽ سلسله چشت اوهان وٽان شروع آهي. پوءِ کيس چشت جي خرقه خلافت عطا ڪيائين. پنج شخص طريقه چشت جا پکيڙيندڙ آهن:

(1) ابواسحاق چشتي

(2) خواجه احمد چشتي

(3) خواجه محمد چشتي

(4) خواجه ناصرالدين چشتي

(5) خواجه قطب الدين (مودود) چشتي.

انهن مان هرهڪ چشتي سلسله سان پيوسته آهي.

چشت: هرات جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي ان سلسله جو باني ان ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو، انهي ڪري ان سلسله سان نسبت ڪري کين چشتي سڏيو وڃي ٿو.

 

طيفور بايزيد

سندس نالو بايزيد هو ۽ حبيب عجميءَ جو خليفو هو. سندس عمر هڪ سو ٻاونجاهه سال هئي. حسن بصري رحمة اللہ عليہ ۽ امام جعفر صادق عليہ السلام کي ڏٺو هئائين ۽ سندن خدمت به ڪئي هئائين. چار شخص سندس خاص مريد هئا، جيڪي پاڻ کي طيفوريه سڏائيندا هئا جن کي خرقه خلافت بايزيد پاڻ پهرائي هئي.

سلسله طيفوريه هن ريت آهي، هن ۾ ٻه فرقا هئا ۽ آهن: (1) طيفوريه بسطاميہ (2) طيفوريه شطاريه.

طيفوريه بسطاميه: هيءُ طريقه ابي يزيد طيفور بن عيسيٰ بسطامي سان منسوب آهي. هي طريقة التخلق باخلاق الله تعاليٰ والاستغراق في الله تعاليٰ مع التعطش بحيث يقول بلسان خارج هل من مزيد و المجاهدة والقلق والاضطراب والسماع واکثر ذکرهم: انت الاول والآخر والظاهر والباطن وتارة الفوز الباسط الظاهر سماع عند القوم وتارة هو الله، هو الله وتارة الله، الله يکشف الراس والرجل.

ترجمو: هن طريقي ۾ الله تعاليٰ جي صفات ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي ذات ۾ مستغرق رهڻ ۽ اهڙي طرح ٿي وڃڻ جهڙي طرح ڪو اُڃايل پاڻي لاءِ پريشان تڙپندو آهي ۽ ظاهري طور زبان سان ٻولڻ ته اڃا به وڌيڪ آهي ۽ مجاهده، تشنگي، اضطراب (مالڪ جي محبت جي لنوَ ۾) ۽ اڪثر سندن ذڪر هوندو آهي تون اول آهين ۽ تون آخر آهين ظاهر آهين باطن آهين ۽ ٻيو دفعه الفوز، الباسط، الظاهر جماعت ۾ ۽ وري هو الله، هو الله ۽ وري الله، الله. مٿي کي گوڏن تي رکي تصور ڪرڻ (مراقبه ڪرڻ).

(2) اما شطاريہ منسوبة الي شيخ عبدالله الشطاري وسمي بہ الآن بلالقيہ النفي والاثبات المعال لہ غير الله موجود حتيٰ فعال انت الشطار ومن سمہ اشتهر اتباعہ بالشطارية فهي طريقة التخلق باخلاق رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم والا شتلہ امة بالشهود والبقاء. بجميعة ليس شمہ فنا وکذا قيل هدايتهم نهاية عنهم و اڪثر ذکرهم جليل و جميل والله حاضري والله ناظري والله شاهدي والله معني واشغالهم وطرقهم مذڪور في جواهر الخمسة.

ترجمو: شطاريه سلسلو، شيخ عبدالله شطاري ڏانهن منسوب آهي ۽ هاڻي کيس الشيخ بلالقيہ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سندن طريقه نفي ۽ اثبات ۽ بلنديءَ سان ذڪر الله کانسواءِ سڀ ڪجهه غير موجود آهي. ايستائين جو تون شطار ٿي وڃين ۽ جنهن به انهي طريقه جو اتباع ڪري نالي کي مشهور ڪيو، اهو شطاريه آهي ۽ هن طريقه ۾ تابعداري باخلاق رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم ۽ اڪثر سندن ذڪر هي آهي، جليل جميل ۽ الله حاضر آهي ۽ الله ناظر آهي، الله شاهد آهي ۽ الله مون سان گڏ آهي ۽ سندن سلسله طريقت ۽ ”اشغال جواهر الخمسہ“ ڪتاب ۾ مذڪور آهي.(1)

الشيخ محمد غوث جي طريقي جا خرقا چئن قسمن جا آهن:

(1) خرقه شڪر پاره مختلف رنگن جا ٽڪرا

(2) خرقه هزار ميخي

(3) خرقه چار گوشي چورس

(4) خرقه زنده پيل پراڻي ڪپڙن جا ٽڪرا سٽ سان سبيل.

انهن چئن خرقن کي جن حضرات اختيار ڪيو انهن جا سلسليوار نالا هي آهن:

1. شيخ مسعود

2. شيخ محمود

3. شيخ ابراهيم

4. شيخ احمد

شيخ مسعود شڪر پاره اختيار ڪيو، شيخ محمود خرقه هزار ميخي قبول ڪيو ۽ شيخ ابراهيم خرقه چورس اختيار ڪيو ۽ شيخ احمد خرقه زنده پاتو.

جيڪو به انهيءَ سلسله ۾ آيو ۽ خلافت حاصل ڪيائين، انهيءَ ان روش کي جاري رکيو. طعام جا ٽي لقما يا ٻه لقما کائيندو هو ۽ سندس نگاه اڪثر فيض رسان هوندي هئي ۽ جنهن جي طرف نظر ڪرم ڪندا هئا ته سندن الله تعاليٰ سان تعلق جوڙي ڇڏيندا هئا.

مذڪور آهي ته شيخ علاء الدين طرطوسي ۽ شيخ نجم الدين ڪبريٰ فردوسيءَ جي وچ ۾ پڻ ڀائيچارو قائم هو. ٻئي ضياء الدين ڪبري وٽ آيا ۽ عرض ڪيائون ته اسان جي عمر آخري درجي تي پهتي آهي. ڳالهه ايتري تائين پهتي آهي ته هاڻي مجاهده سان اسان کي پنهنجو مقصد هٿ نه ٿو اچي. ڪهڙو حيلو ڪرڻ گهرجي؟ شيخ فرمايو ته مان پاڻ به انهيءَ مسئله ۾ مبتلا آهيان. سو ڪنهن جو مريد نٿو ٿي سگهان، جيستائين خود مطلب حاصل نٿو ڪريان، پوءِ ٻنهي بزرگن چيو ته جنهن به جڳهه لاءِ مخدوم فرمائيندو اتي وڃي مريد ٿينداسون. پوءِ ٽئي بزرگ گڏجي شيخ وجيہ الدين ابوحفص بن عمير وٽ ويا ۽ مريد ٿيا، بعد از ارادت شيخ ضياء الدين سهروردي ۽ شيخ علاء الدين طرطوسي کي خلافت ڏنائون ۽ حڪم ڪيائون ته پنهنجي شهر ۾ وڃي الله جي ٻانهن جي رهبري ڪريو.

خانواده طرطوسي: دراصل هن سلسلي جو باني شيخ يوسف ابوالفرح طرطوسي آهي. ظاهري طرح ان جي نسبت شيخ وجيہ الدين ابوحفص ابن عمير سان آهي، يعني سلسله طوسيان هاڻي ان ڏانهن منسوب آهي ۽ مذڪور آهي.

هي طريقة التسليم و التفويض والرضا والقضا والجود بها جاء علي السوية بين المسلم والکافر والفقير والغني والسماع والقيام بالتواجد واڪثر ذکرهم يارب العالمين.

ترجمو: هن طريقي ۾ تسليم سپردگي، رضا، قضا ۽ سخا، مسلم ۽ ڪافر تي فقير ۽ مالدار سڀ تي هڪجهڙائي قائم رکڻ جو سلسلو آهي. سماع، قيام، وجد ان جا جزا آهن ۽ سندن اڪثر ذڪر يارب العالمين هوندو آهي.

خانواده سهروردي: هن سلسله جو بنياد وجهندڙ ٻه بزرگ نالي ضياء الدين ڪبريٰ ۽ شيخ نجم الدين ڪبريٰ آهن. شيخ ضياء الدين ڪبريٰ کيس فرمايو ته تنهنجو نالو تازه ۽ روشن ٿيندو شيخ ضياء الدين، ستن مهينن کان پوءِ، شيخ نجم الدين کي خلافت ڏئي چيائين ته تون فردوسيه جي مشائخ مان هڪ آهين، انهيءَ آڌار تي ان ڏينهن کان وٺي هرهڪ مريد فردوسي سلسلي جو سڏائيندو رهي ٿو ۽ ان ۾ ڪبريٰ فردوسي جو به واڌارو ڪيو وڃي ٿو. ممشاد دينوري به انهن مان آهي. اهڙي طرح جنيد بغدادي جا پوئلڳ فردوسي سلسله سان گڏوگڏ سهروردي طريقه جا سماع ۽ ساز ڪل ٻڌندا رهن ٿا ۽ ذڪر جلي به ڪن ٿا. خير ۽ شر جيڪا به شيءِ کين رسندي هئي ان کي نعمت ڄاڻندا هئا چون چرا ڪونه ڪندا هئا. ماصنع الله فهو خير مومنن ۽ ڪافرن جي سخن کي برابر سمجهندا آهن.

 

شيخ هبيره بصري

هيءُ خواجه حذيفه مرعشيءَ جو مريد هو. انهيءَ خواجه ابراهيم ادهم کان، انهيءَ فضيل عياض کان فيض حاصل ڪيو هو.

سلسله هبيريہ: هي سلسلو سندس نالي سان منسوب آهي. هنن جي روش اها آهي ته هو ڳوٺ يا شهر جي آبادي ۾ ڪونه رهندا آهن ۽ بيابان ۾ اڪيلا رهندا آهن ۽ جهنگ جو ميوو ۽ گاهه کائيندا آهن. رات ۽ ڏينهن وضو سان رهندا آهن. دنيا ۽ دنيادارن ڏانهن توجہ ڪونه ڏيندا آهن ۽ ڪنهن جي به سوکڙي قبول ڪونه ڪندا آهن ۽ ٽئين يا چوٿين ڏينهن جهنگ جي ميوي يا بغير لوڻ جي سبزيءَ سان افطار ڪندا آهن ۽ جيڪو به سندن مريد ٿيندو آهي، کيس اهڙي روش کي اختيار ڪرڻو پوندو آهي. سندن اڪثر ذڪر لاحول ولاقوة اِلا باللهِ العلي العظيم هوندو آهي.

 

ابو عبدالله برقي قدس سره

هيءُ شام جي اڪابرين مشائخ مان هو.

شيخ الاسلام انصاري بيان ٿو ڪري ته ابوعلي ڪاتب، ابوعثمان مغربي کي ٻڌايو ته هڪ دفعي ابن البرقي بيمار هو، سندس کاڌي لاءِ حلوه پيش ڪيو ويو. چيائين ته ملڪ ۾ ڪو حادثو ٿيو آهي. تيرهن ڏينهن ڪابه شي ڪونه کاڌائين آخر خبر آئي ته قرامطه حرم شريف تي حملو ڪيو آهي ۽ خلق کي قتل ڪيو اٿائون ۽ حجر اسود کي ٽڪرا ڪري ڇڏيو اٿائون.

ابوعثمان مغربي، ابوعلي ڪاتب کي چيو ته ائين نه آهي، ابوعلي چيو ته اگر ائين نه آهي ته ٻڌاءِ ته مڪہ ۾ ڪهڙو واقعو ٿيو آهي، چيائين ته اڄ مڪہ ۾ ڪاري اوندهه آهي طلحين ۽ بڪرين جي ماڻهن جي وچ ۾ جنگ جاري آهي، طلحين جو اڳواڻ هڪ مرد ڪاري رنگ جي گهوڙي تي سوار ڳاڙهي پڳ سان آهي، آخر ائين ئي معلوم ٿيو. قرامطه وارو واقعو سال 317هه ۾ ٿيو هو.

نڪتو: شريف حمزه عقيلي، بلخ ۾ چيو ته اهو عارف نه آهي، جو ملڪ ۾ ڪا شي جنبش ڪري يا پيدا ٿئي ته ان جي کيس خبر نه پوي.

شيخ الاسلام انصاري چيو ته اهو غلط آهي ۽ اهو ٻانهپ جي شان جي خلاف آهي ته هو ڳجهه کي ظاهر ۽ آشڪار ڪري.

فلايظهر علٰي غيبہ احدا- وما کان الله ليطلعکم علي الغيب.

۽ سڀڪجهه الله تعاليٰ ٿوڄاڻي ۽ بس.

 

ابوالحسن بن هند قريشي

سندس نالو علي بن هند هو. فارس جي خاص مشائخ مان هو. جعفر حداد ۽ ان جهڙن ٻين بزرگن مثلاً عمر بن عثمان، جنيد ۽ انهيءَ ئي طبقي وارن ٻين بزرگن کان فيض حاصل ڪيو هئائين.

سندس قول آهي ته الله تعاليٰ جلشانہ جنهن کي پنهنجي قرب جو درجو عطا ڪندو آهي، ان کي انهيءَ ئي نعمت سان مسرور ۽ راضي رکندو آهي ڇو ته بساط قرب ۾ بي سڪوني ۽ ناخوشيءَ جو عنصر هرگز ڪونه هوندو آهي.

ابوعبدالله خفيف جو بيان آهي ته: شيخ ابوالحسن بن هند پنهنجي ڪثير جماعت سان شيراز ۾ هڪ دعوت ۾ موجود هو ۽ آءٌ سفر ۾ هئس (ان دوران) چيائين ته ابوعبدالله پنهنجو نصيب وڃائي ويٺو. جماعت عذر پيش ڪيو ته هو سفر ۾ آهي. (اتي موجود ڪونه آهي) وري اتي ئي چيائين سندس نصيب شامل آهي ان وچ ۾ مان به اتي پهچي ويس ۽ سلام ڪيم ۽ ابوالحسن اٿي بيٺو ۽ پنهنجي پهراڻ کي ويڙهي ۽ ڪڇ ۾ قابو ڪندي مون ڏانهن ڦري آيو ۽ چيائين ته قلوب المومنين لا يکذب (مومنن جون دليون غلط ڪونه ڳالهائينديون آهن) پوءِ مان کين چيو ته ڪجهه بچائي رکجو مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي. اهڙي طرح جماعت ۾ اچي شامل ٿيس.

 

تُحفة رحمها الله

سري سقطي بيان ٿو ڪري ته: هڪ رات مون کي ننڊ هرگز نه آئي ڏاڍيءَ پريشاني ۽ بي چيني ۾ مبتلا هئس ۽ تهجد کان به محروم ٿي ويس. عجيب حالت هئي، ائين پيو معلوم ٿئي ته شايد دل ٽٽڻ واري آهي. صبح جي نماز کان پوءِ طبيعت ۾ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ۽ بي چيني کي رفع ڪرڻ ۽ علاج لاءِ شفاخاني پهتس ته حڪيم کي احوال ڪري دوا وٺان. اتي پهچڻ شرط دل کي ڪجهه سڪون حاصل ٿيو ۽ اوچتو هڪ ڪنيز تي نظر پئي، جيڪا نهايت خوبصورت پاڪ ۽ صاف پوشاڪ پهريل هئي. مگر سندس هٿ ۽ پير ٻڌل ۽ بند ٿيل هئا ۽ مون کي ڏسي، سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ چند شعر به پڙهيائين.

شفاخاني جي مالڪ کان پڇا ڪيم ته هيءَ ڪير آهي. چيائين ته ٻانهي آهي مگر ديواني آهي، سندس مالڪ هٿ پير ٻڌي (هِت شفاخانه ۾) ڇڏي ويو آهي. اها ڳالهه ٻڌي ڪنيز جو آواز روئڻ وانگر ڀرجي آيو ۽ انهيءَ ئي حالت ۾ چند اشعار پڙهيائين. جن شعرن مون کي روئاري ڇڏيو. مون کي روئندو ڏسي ان ڪنيز چيو ته اي سري! مالڪ جي صفت ٻڌي صرف روئين ٿو. توکي ان وقت بيهوش ٿيڻ کپي ها، پوءِ مان پاڻ اٿي وٽس ويس ۽ کانئس پڇيم ته اي ڪنيز! چيائين لبيک اي سري! چيم: مون کي ڪيئن سڃاڻين ٿي چيائين ته: زماني کان بي خبر ڪونه آهيان جو اوهان کي نه سڃاڻان ۽ وري کيس چيم ته ڪنهن کي دوست ٿي رکين، جنهن جي فراق ۾ ايڏو پريشان آهين؟ چيائين ته ان کي دوست ٿي رکان جنهن مون کي بيحد نعمتن سان نوازيو آهي ۽ پنهنجي ذات کان مون کي واقف ڪيو آهي، پوءِ کانئس پڇيم ته هن جاءِ تي توکي ڇو بند ڪيو ويو آهي. چيائين ته اي سري! حاسدن جي پاڻ ۾ ياري آهي پوءِ يڪدم رڙ ڪري (نعرو هڻي) ڪِري پئي. مون گمان ڪيو ته شايد مري وئي. مگر ٿوري دير کان پوءِ اُٿي وري شعر چوڻ شروع ڪيائين. مون شفاخاني جي مالڪ کي چيو ته هن کي آزاد ڪريو پوءِ هڪدم ٻانهيءَ چيو ته مان ڇو آزاد ٿيان؟ کيس چيم وڃ. جيڏانهن توکي وڻي. چيائين ڪيڏانهن ويندس. مون کي منهنجي حبيب هڪ مالڪ جي مِلڪ بڻايو آهي پوءِ مالڪ جي راضي ٿيڻ تائين صبر ۾ روئنديس. ايتري ۾ سندس مالڪ به شفاخانه ۾ آيو ۽ مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تعظيم سان سلام ڪيائين. مون کيس چيو ته منهنجي تعظيم ڪرڻ کان وڌيڪ ته هن ڪنيز جي تعظيم ڪرڻ بهتر آهي. مگر هن کي تو ڇو بند ڪيو آهي. چيائين ته ديواني آهي نه کائي ٿي ۽ نه پئي ٿي ۽ نه وري ننڊ ئي ڪري ٿي. منهنجي پونجي آهي، مون کيس ويهه هزار درهم ۾ خريد ڪيو آهي ۽ سندس هنر تي ڪاٿو لڳائي ڏٺم ته ويهه هزار رقم نفعي بخش ئي آهي. کانئس پڇا ڪيم ته کيس ڪهڙو هنر هو؟ چيائين ته مطربه (سٺي ڳائڻي) هئي. وري کانئس پڇيم ته گهڻي وقت کان وٺي، اهڙي حال ۾ آهي. چيائين ته هڪ سال کان وٺي ائين آهي. هڪ ڏينهن ڳائيندي ڳائيندي اٿي بيٺي ۽ ڳائڻ واري ساز کي ٽوڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيائين. آهه ۽ زاري ڪرڻ لڳي مون سوچيو ته ڪنهن جي محبت ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. مگر معلوم ٿيو ته ائين نه آهي.

شيخ سري جو چوڻ آهي ته مون تحفہ جي مالڪ کي چيو انهيءَ ٻانهيءَ جي واجب رقم مان ادا ڪندس. ان کان وڌيڪ به توکي نفعو ڏيندس. سندس مالڪ رڙ ڪري مون کي چيو ته اي درويش! تون هن کي ڇا ڪندين! ۽ ايڏي رقم تون ڪٿان ادا ڪندين. کيس چيم ته ان جو تون فڪر نه ڪر. تون پنهنجي جاءِ تي رهه مان هاڻي رقم کڻي تو وٽ حاضر ٿيان ٿو. پوءِ روئندي گهر ڏانهن روانو ٿيس ۽ الله جو قسم ته مون وٽ هڪ دينار به موجود نه هو. ساري رات فڪر ۽ پريشانيءَ ۾رهندي الله تبارڪ و تعاليٰ کي ٻاڏائيندو رهيس ته اي منهنجا پروردگار تنهنجي فضل تي اعتماد ڪندي، هيءُ وعدو ڪيو اٿم. هاڻي مون کي رسوا نه ڪج. صبح جو اوچتو منهنجي در تي احمد بن مثنيٰ آيو ۽ پاڻ سان گڏ پنج سون جون ٿيلهيون به کڻي آيو ۽ چيائين ته هاتفي مون کي حڪم ڪيو ته هي سون اوهان کي پيش ڪريان ته جيئن تحفہ کي خريد ڪيو. پوءِ الله تعاليٰ جي اڳيان سربسجود ٿي، سندس شڪر بجا آندم. پوءِ ان سان گڏجي شفاخاني ڏانهن روانو ٿيس، ڏٺم ته مالڪ شفاخاني ۾ بيتابيءَ جي حالت ۾ ڦري رهيو آهي. مون کي ڏسي خوش ٿيو ۽ مرحبا ڪيائين ۽ چيائين ته بيشڪ تحفي جو الله تعاليٰ وٽ وڏو درجو آهي ۽ کيس ان جو قرب حاصل آهي. ڇو ته مون کي به خواب ۾ اهڙي آگاهي ٿي هئي. پوءِ تحفي اسان کي ڏٺو ۽ اکين ۾ پاڻي آڻي، عاجزي جي ڪيفيت ۾ چيائين ته مون کي مخلوق ۾ مشهور ڪري ڇڏيئي. ايتري ۾ تحفه جو مالڪ به روئندو حاضر ٿيو. کيس چيم ته ڇا جي لاءِ ٿو روئين. تو جيڪا رقم چئي هئي سا آندي اٿم ۽ ان کان وڌيڪ پنج هزار نفعو به آندو اٿم. چيائين ته الله جو قسم هرگز نه! چيم ڀلا جيڪي چوين توکي ڏيان. چيائين ته ساري دنيا جي دولت ڏين ته به هرگز قبول ڪونه ڪندس. هاڻي خالص الله تعاليٰ سبحانہ جي نالي تي تحفي کي آزاد ڪري ڇڏيم. پڇيم ته ڇا ماجرا آهي؟ چيائين ته رات مون تي عتاب نازل ٿيو. هاڻي توکي شاهد ٿو ڪريان ته انهيءَ مال کان بري ۽ بيزار آهيان ۽ مثنيٰ ڏانهن نهاريم ته هو به روئي رهيو هو. کانئس روئڻ جو مقصد پڇيم ته چوڻ لڳو ته الله تعاليٰ جنهن ڪم لاءِ مون کي سڏايو هو ته معلوم ٿو ٿئي ته مون کان ناراض آهي ۽ هاڻي آءٌ توکي شاهد ڪري چوان ٿو ته مون پنهنجو سمورو مال راهه خدا ۾ صدقو ڪري ڇڏيو. مون چيو ته سبحان الله اهو سڀ تحفه جي برڪت جو نتيجو آهي. پوءِ تحفه اٿي ۽ پنهنجي بدن تان ريشمي لباس لاهي ٽاٽ جو لباس پهري ٻاهر روئندي رواني ٿي وئي. ان کانپوءِ اسان به ان جي ڪڍ ٻاهر نڪتاسون ۽ سندس ڪافي ڳولها ڪئي سون، مگر هوءَ اسان کي نظر ڪونه آئي.

ڪجهه وقت کان پوءِ اسان ٽئي ڄڻا، ڪعبة الله جي زيارت ڪرڻ جو قصد ڪري روانا ٿياسون. ابن مثنيٰ ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ۽ باقي تحفه جو مالڪ ۽ آءٌ مڪہ ۾ پهتاسون. ڪعبة الله جي طواف جي دوران مون هڪ درد ڀري آواز سان ڳائڻ ۽ شعر جو آواز ٻڌو. آءٌ طواف بعد انهي درد ڀري آواز جي آڌار تي پهتس. مون کي ڏسي چيائين ته اي سري! چيم لبيک! تون ڪير آهين، الله تعاليٰ توتي رحمت ڪري. چيائين. لا اِلٰہ اِلاّ الله جي سڃاڻ هوندي به مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان اهائي تحفه آهيان. ليڪن تحفه ڏاڍي ڪمزور ٿي وئي هئي. کانئس پڇيم ته تنهائي پسند ڪرڻ کان پوءِ ڪهڙو فائدو حاصل ڪيئي؟ چيائين ته مون کي الله تعاليٰ پنهنجو قرب ۽ انس ۽ محبت عطا فرمائي ۽ غير سان وحشت ۽ نفرت پيدا ڪيائين. کيس ٻڌايم ته احمد مثنيٰ ته فوت ٿي ويو. چيائين ته الله تعاليٰ مٿس رحم فرمائي وڏو بزرگ ۽ ڪافي خوبين جو مالڪ ۽ صاحب ڪرامت هو ۽ هو بهشت ۾ منهنجو پاڙيسري هوندو ۽ وري کيس ٻڌايم ته تنهنجو مالڪ، جنهن توکي آزاد ڪيو هو، سو مون سان گڏ هت آيو آهي. پوءِ انهيءَ جي حق ۾ دعا گهريائين ۽ پوءِ ڪعبة الله جي ديوار وٽ آئي ۽ ڪِري پئي ۽ ساهه نڪري ويس. جڏهن سندس مالڪ آيو ته تحفه کي مرده ڏسي هو به ڪِري پيو. مان کيس اٿارڻ لاءِ پهتس ۽ ڏٺم ته هو فوت ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ ٻنهي کي ڪفن ڏئي سندن جنازه پڙهي کين دفن ڪيو ويو.

 

جاريہ سوداء

ذوالنون بيان ٿو ڪري ته هڪ ڪاري رنگ جي ڪنيز کي ڏٺم (محلي جا) ٻار کيس پٿر چٽي رهيا هئا جو هو چئي رهي هئي ته مان الله کي ڏسان ٿي. آءٌ ٿورو اڳتي وڌيس ته مون کي سڏ ڪيائين، پوءِ کانئس مون پڇيو ته مون کي ڪيئن ٿي سڃاڻين. چيائين ته الله تعاليٰ جي دوستن جو جامو هڪ جهڙو هوندو آهي. پوءِ ان سان سڃاڻيندا آهن. کيس چيم ته ٻارَ ائين ڇو ٿا چون. چيائين ته اهي سچ ٿا چون ڇو ته مون ان کي سڃاتو آهي، صرف پردو رکيل آهي.

 

امراة مجهولة

اهڙي طرح ذوالنون مصري کان ٻي روايت آهي ته طواف ڪري رهيو هئس ته ڏٺم ته آسمان کان هڪ چمڪندڙ نور جي لاٽ وسي رهي آهي. طواف پورو ڪري، ڪعبة الله جي ديوار کي ٽيڪ ڏئي اچرج ۾ پئجي ويهي رهيس. اوچتو هڪ درد ڀريو آواز منهنجي ڪن تي پيو. انهيءَ آڌار تي اوڏانهن ويس ۽ ڏٺم ته هڪ ڪنيز ڪعبة الله جي پردي کي چنبڙيل، سوز ۽ گداز سان مناجات ڪري رهي هئي. مون کيس ڪجهه چيو جواب ۾ چيائين ته مالڪ کي ڇونه اهڙي طرح ٻاڏايان تون پري هليو وڃ.

 

جاريہ مجهولة

ذوالنون هيءَ به حڪايت ٿو ڪري ته هڪ نهايت عبادتگذار ٻانهي بابت ٻڌو هئم ته هوءَ هڪ نامناسب محلي ۾ رهي ٿي. پوءِ سندس ديري تي پهتس ۽ ڏٺم ته سندس چهري تي رات جي بيخوابيءَ جا آثار هئا. کيس سلام ڪيم. هن جواب ڏنو. کيس چيم ته اي جاريہ! نصاريٰ جي علائقي ۾ سڪونت اختيار ڪئي اٿئي؟ چيائين ته الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به ڪونه ٿي ڏسي سگهان. کيس چيم ته ڇا تنهائيءَ جي وحشت محسوس ڪونه ٿي ڪرين، چيائين هرگز نه! مالڪ منهنجي دل کي پنهنجي محبت، حڪمت ۽ لطائف سان پُر ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس ديدار جو شوق دل ۾ ڦرندو رهي ٿو. ان جي ياد کانسواءِ دل ۾ ٻيو ڪجهه نه ٿي رکان. کيس چيم ته حڪمت واري نظر ٿي اچين پوءِ مون کي به تنگ راهه مان ڪڍي ٻاهر ڪشادي راهه ۾ آڻ.

چيائين اي جوانمرد! تقويٰ سان پاڻ کي سينگار، زهد ۽ پرهيزگاري جي راهه تي گامزن رهه ۽ الله تعاليٰ کان خوف رکندڙ وارن جو سلوڪ اختيار ڪر ۽ سندس در تي ڪوبه پردو لڳل نه آهي ۽ نه وري ان جي در تي ڪو دربان آهي. پنهنجن خادمن کي فرمائي ٿو ته ڪنهن به ڪم ۾ منهنجي نافرماني نه ڪن.

 

محمد خير

هيءُ مشائخ هو. مذڪور آهي ته هن ۾ جڏهن نيڪيءَ جو خيال پيدا ٿيو ته شبلي وٽ آيو ۽ توبهه ڪيائين ۽ ساڻس بيعت ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريائين ته شبلي محمد خير کي جنيد ڏانهن موڪليو.

ڪشف المحجوب واري لکيو آهي ته جنيد ڏانهن موڪلڻ ڪو عجز سبب ڪونه هو، بلڪ شبلي، جنيد جي عزيزن مان هو.

 

ابوبڪر محمد بن اسماعيل قفال (شاشي)

ڪتاب هفت اقليم ۾ سندس نالو حسين بن علي بن اسماعيل ڄاڻايل آهي. هيءُ فقيہ، محدث، شاعر ۽ وقت جو امام هو. کيس باطني علوم ۾ سند هئي. فقہ ۾ اول هن ئي تصنيف ڪئي هئي ۽ فقہ شافعي کي هن ئي ماوراء النهر ۽ شاش ۾ پکيڙيو.

طبقات فقهاء ۾ شيخ ابواسحاق شيرازيءَ سندس لاءِ تمام گهڻي تعريف ۽ توصيف بيان ڪئي آهي. سندس ولادت سال 291هه ۾ ٿي ۽ انتقال 330هه ۾ ٿيو. هن پنهنجي عمر کي ٽن قسمن يعني ٽن درجن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، پهرين قسم يعني اول سال ۾ حج ڪرڻ، ٻئي سال ۾ جهاد لاءِ روم ڏانهن وڃڻ ۽ ٽئين سال ۾ پنهنجي ولايت جو فيض پهچائڻ.

خواجه محمد نامي

هيءُ خواجه نصيرالدين عبيدالله احرار جي ڏاڏاڻن مان هو. بغداد جو رهندڙ هو ۽ جنهن وقت قفال حج ڪرڻ لاءِ ويندو هو ته خواجه محمد بغداد مان پنهنجي اهل و عيال سميت شاش ۾ اچي رهندو هو ۽ قفال جي نمائندگي ڪندو هو.

 

محمد بن صباح

هيءُ اڪابرين جي زمره ۾ شمار هو ۽ طلحه بن محمد صباح السلمي جو والد بيان ڪيو ٿو وڃي.

 

سعدون مجنون

سالڪ مجذوب محبوب هو. هڪ دفعي محمد بن صباح نيلي، بصره جي بيابان ۾ اُڃ سبب بي حال ٿي ويل هو. اوچتو هي اتي نمودار ٿيو ته هن کان پڇيائون ته توکي ڇا گهرجي. چيائين ته مون کي پاڻيءَ جي ضرورت آهي. چيائين ته آسمان جي سينه مان يا ويران زمين جي سينه مان ٿو گهرين. جواب ۾ چيائين ته آسمان وارو ٿو گهران، پوءِ بس هڪ دفعي آسمان ڏانهن نظر ڪيائين ته ان وقت ئي وڄ ۽ گجگوڙ شروع ٿي ويو ۽ ڪڪر پيدا ٿي وسڻ لڳا.

مالڪ دينار ۽ ذوالنون مصري کيس ڏٺو هو ۽ ڪرامتن جو به مشاهدو ڪيو هئائون. محقق بڪمال ۽ عقل ۾ مجنون الحال هو ۽ پنهنجي بابت چوندو هو ته: انا مجنون الجوارح لست بمجنون القلب يعني: مان ظاهري حالت ۾ مجنون آهيان ۽ قلب ۾ مجنون ڪونه آهيان.

 

ابوعبيد خواص

بشرحافي ذڪر ٿو ڪري ته هن ستر سالن تائين آسمان ڏانهن نه نهاريو. کانئس سبب پڇيو ويو ته چيائين ته حياءُ ٿو ٿئي ته محسن ڏانهن هن بدڪار منهن سان ڪيئن نهاريان.

وا عجباه من مطيع تبدل وتستحي مع احسانہ و من عاص تتذلل لايستحي مع عصياتہ. يعني: هاءِ عجب آهي انهيءَ فرمانبردار شخص تي جيڪو احسان شناس هجڻ جي باوجود اللہ کان حياءُ ٿو ڪري ۽ عجب آهي انهيءَ نافرمان شخص تي جيڪو نافرمانيءَ جي باوجود اللہ کان حياءُ نٿو ڪري.

بلال خواص

سندس چوڻ آهي ته تيه ۾ هڪ عجيب بني اسرائيل شخص کي ڏٺم، الهام سان معلوم ٿيو ته خضر آهي. کانئس پڇيم ته شافعي ڇا هو؟ چيائين ته هو اوتاد هو ۽ احمد حنبل ڇا هو؟ چيائين ته هو مرد صديق هو. چيم ته بشر بن حارث ڪيئن آهي؟ چيائين ته اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. چيم توکان ٻار جي باري ۾ پڇان ٿو. چيائين ته وڃو بهترين نيڪي اها آهي ته ماءُ جي خدمت ڪري.

عبدالله بن صالح

سهل بن عبدالله تستري جو همعصر معلوم ٿو ٿئي. وقت جو معروف صاحب ڪمال هو. ذڪر آهي ته مالڪ بن قاسم الجبلي کي ڏٺو هئائين.

 

مالڪ بن قاسم جبلي

عبدالله بن صالح بيان ٿو ڪري ته هميشه شهر شهر گهمندو ڦرندو، مڪہ پاڪ وڃي پهتس، پوءِ اتي ئي مقيم ٿي ويس ڇو جو اهوئي شهر برڪت وارو آهي ۽ هر جمعه جي رات، دنيا جا ماڻهو حاضر ٿيندا آهن. آخر شيخ کي انهي جاءِ تي لڌم. سندس مڪان سوگز کان پري ڪونه هو.

حماد بن عيسيٰ (جهي ڪوفي) بصري

مذڪور آهي ته هن حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جن جي خدمت ۾ پهچي عرض ڪيو ته حضرت دعا گهرو ته حق تبارڪ و تعاليٰ مون کي گهر، زال، خادم ۽ پٽ عطا ڪري ۽ رزق جي فراواني ڏئي ۽ مون کي توفيق ڏئي ته هر سال حج جي سعادت حاصل ڪريان. حضرت عليہ السلام هٿ کڻي دعا ڪئي ته اللهم صل عليٰ محمد و آل محمد وارزقہ داراً، وزوجة، وخادماً، وولداً و حج خمسين سنة. کيس دعا جي برڪت سان سڀ ڪجهه حاصل ٿيو ۽ پنجاهه حج ڪيائين. هڪ دفعي قفاة واديءَ ۾ احرام جو غسل ڪري رهيو هو ته اوچتو پاڻي جو سيلاب اچي ويو ۽ ان ۾ ٻُڏي فوت ٿي ويو.

سندس عمر ستر سالن کان وڌيڪ هئي. فوت ٿيڻ جو سال 209هه آهي.

 

يونس بن يعقوب بن قيس بحلي دهني

هيءُ ٻن حضرتن حضرت امام جعفر صادق ۽ امام موسيٰ عليهما السلام جن جي خاص خادمن مان هو. امام رضا عليہ السلام جن جي ڏينهن ۾ مدينہ ۾ فوت ٿي ويو. امام عليہ السلام جن ولايت ڪري سندس ڪفن دفن ۽ تجهيز جو اهتمام ڪيو ۽ پنهنجي غلام ۽ پنهنجن وڏن جي غلام کي موڪليو ته هو کيس بقيع ۾ دفن ڪري اچن ۽ ڪوفه جي شيعن مان هڪ خاص شيعي کي موڪليو ته هو سندس نماز جنازه پڙهائي. ۽ کيس حڪم فرمايائين ته سندس باري ۾ اللہ جي ٻاجهه جو مشاهدو ڪر جو عراق کان اچي پيغمبر جي پاڙي ۾ پهتو آهي..

 

عبدالرحمٰن بن حجاج بحلي ڪوفي

هيءُ حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جو وڪيل هو. ان کان پوءِ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جن جو خادم رهيو ۽ ان کان پوءِ امام رضا عليہ السلام جن جي خدمت ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ جڏهن مامون، حضرت امام صاحب کي پنهنجو وليعهد بڻايو، هيءُ فوت ٿي ويو. امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام کيس اهل بهشت چيو آهي.

حسن بن علي بن فضال ڪوفي بحلي

حضرت امام موسيٰ عليہ السلام جي خدمت ۾ رهندڙ هو. حضرت امام رضا عليہ السلام جو به خدمتگار هو. وڏي ۾ وڏو عابد هو. علائقي جي صحرا ۾ وڃي سجدي ۾ مشغول ٿي ويندو هو، صحرا جا سمورا پکي سندس چوڌاري جمع ٿي ويندا هئا. اهي به ساڻس زمين تي محو ٿي ويندا هئا. ان وقت ائين معلوم ٿيندو هو ته گويا زمين تي ڪا چادر وڇايل آهي ۽ صحرا جا وحشي جانور به وٽس وٿاڻ ڪندا هئا ۽ هرگز نه ڊڄندا هئا ۽ اهڙي طرح ساڻس هري ويا هئا، گويا انهن ئي منجهان آهي.

عبدالجبار بن مبارڪ نهاوندي

هيءُ هڪ ڏينهن حضرت امام محمد بن علي جواد عليہ السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته اسان جي پيءُ کي اوهان جي بزرگن کان هيءَ روايت پهتي آهي ته: گمراهن سان لڙائي ڪندي هر فتح ۾ جيڪا به شي هٿ اچي اها وقت جي امام جي ملڪ آهي. فرمايائون هائو! پوءِ هن چيو ته گمراهن سان جنگ ڪندي مون کي چند فتوحات ۾ جيڪي ڪجهه هٿ آيو هو، پاڻ کي ان کان پري رکندي، اوهان جي خدمت ۾ کڻي آيو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته اوهان مون کي پنهنجي غلاميءَ ۾ قبول ڪريو. فرمايائون ته قبول ڪيم پر دستور موجب منهنجي مڪان تي حاضري ڀريندو رهج. پوءِ ٻارهن، تيرهن سال سندن جاءِ تي برابر ويندو رهيس ۽ کين پنهنجي غلاميءَ کي ياد ڏياريندو رهيس. آخر ۾ فرمايائون انت حُرّ بوجہ الله (يعني تون الله جي راهه ۾ آزاد آهين) پوءِ پنهنجن هٿن سان آزادي نامه لکي مهر مبارڪ هڻي مون کي عطا ڪيائون.

ابراهيم بن عبده نيشاپوري

هن کي امام حسن عسڪري عليہ السلام هڪ پروانو لکي ڏنو هو. جنهن ۾ لکيل هو ته نيشاپور ۽ ان جي آسپاس وارن شيعن لاءِ امام صاحب جي طرفان کيس وڪيل مقرر ڪيو وڃي ٿو.

عبدالله بن حمدوية بيهقي

کيس امام حسن عسڪري عليہ السلام پروانو لکي روانو ڪيو، جنهن ۾ لکيل هو ته اهل نيشاپور ابراهيم بن عبده جي تابعداري ڪن.

 

اسحاق بن اسماعيل نيشاپوري

کيس امام حسن عسڪري عليہ السلام هڪ پروانو پنهنجي صحيح ۽ خاص مهر هڻي لکي ڏئي، هن کي نيشاپور ڏانهن روانو ڪيو ته نيشاپور ۽ سندس آسپاس وارا شيعا ابراهيم بن عبده جي علي الوڪالت تابعداري ڪن.

عبدالله بن خاقان

هيءُ خالص الاعتقاد مؤمنين مان هو. متوڪل عباسيءَ، مٿس شيعت جي تهمت هڻي، قيد ڪيو هو، ڪافي مدت کان پوءِ جڏهن هو آزاديءَ مان مايوس ٿي ويو ته امام علي نقي عليہ السلام ڏانهن خط لکيائين ته سندس لاءِ الله تعاليٰ کان دعا گهري. حضرت امام عليہ السلام جن دعا گهري انهيءَ ئي رات متوڪل بيمار ۽ بيقرار ٿيو. ايستائين کيس آرام ڪونه آيو. جيستائين هن سڀني قيدين کي آزاد نه ڪيو. عبدالله جي آزاديءَ لاءِ هن خصوصي فرمان جاري ڪيو.

خيران خادم قراطبي

هيءُ ابوالحسن ثالث علي بن محمد بن اصحاب مان هو ۽ ٻئي قول موجب ته سندن وڪيل هو.

يونس بن عبدالرحمٰن يقطيني

هيءُ حضرت امام رضا عليہ السلام جن جو وڪيل هو. امة احمدي جي درميان ان حديث موجب ته علماء اُمتي کانبياء بني اسرائيل هو (يعني منهنجي امت جا علماء بني اسرائيل جي انبياء وانگر آهن) حضرت امام رضا عليہ السلام فرمايو ته ابوحمزه (شمالي) منهنجي زماني ۾ ائين آهي. جهڙي طرح پاڻ سڳورن جي وقت ۾ سلمان رضي الله تعاليٰ هو ۽ يونس به پنهنجي وقت ۾ سلمان رضي الله عنه وانگر هو.

ڪتاب يوم وليلة ۾ امام حسن عسڪري عليہ السلام بابت ذڪر ڪيو آهي ۽ فرمايو ويو آهي ته اعطاء الله بکل حرف نور يوم القيامة. يعني الله تعاليٰ کيس قيامت جي ڏينهن هرهڪ حرف جي بدلي ۾ نور عطا فرمائي.

کيس چاليهه ڀائر هئا. روزانو وٽن سلام ڪرڻ ويندو هو. ويهه سال روزا رکيائين ۽ ويهه سال سوال ڪندڙ کي برابر ڏيندو رهيو. پنجيتاليهه حج ۽ چوونجاهه عمره ڪيا هئائين. سال 220هه ۾ مدينہ ۾ وفات ڪري ويو.

صفوان بن يحييٰ بجلي ڪوفي

هيءُ امام رضا ۽ امام محمد جواد عليهما السلام جن جو راوي ۽ سندن وڪيل هو. سندس والد، حضرت امام جعفر عليہ السلام جن وٽ وڏو رتبو رکندڙ هو. عبدالله بن جندب ۽ علي بن نعمان جيڪي ٻئي متقي مؤمنين مان هئا، انهن سان شريڪ مال تجارت هو. يعني ساڻن گڏجي واپار ڪندڙ هو. انهن مان هرهڪ بيت اللہ شريف ۾ روزانو ايڪونجاهه رڪعتون نفل نماز پڙهندو هو ۽ پاڻ ۾ اهو عهد ڪيو هئائون ته اسان منجهان هرهڪ تي لازم آهي ته فرض نماز کانسواءِ هو نفل نمازون به پڙهندو رهي ۽ زڪواة ڏئي ۽ روزا به رکي. صفوان به انهن مان هو ۽ هيءُ روزانو هڪ سو ٽيونجاهه رڪعتون نفل نماز پڙهندو هو ۽ هر سال ۾ ٽي مهينا روزا رکندو هو ۽ هر سال ۾ ٽي دفعا پاڻ تي زڪواة ڏيڻ لازم ڪري ڇڏي هئائين ۽ هر خيرات ۽ نيڪي جيڪا پنهنجي لاءِ ڪندو هو ته اهڙي طرح انهن (مرحومن) دوستن لاءِ به ڪندو هو ۽ ان جو ثواب سندن روحن کي بخشيندو هو ۽ تقويٰ جي باري ۾ ايتري قدر پخته هو جو هڪ دفعي سفر ۾ هڪ اُٺ ڀاڙي تي حاصل ڪيائين ۽ ان تي سامان به رکيائين (منزل تي پهچي) هڪ شخص کي ٻه دينار امانت طور ڏنائين ته ڪوفي ۾ ان جي مالڪ کي پهچائي ڇو ته سامان بابت ان کان اجازت ورتل ڪونه هئي ۽ نه وري ڀاڙو ڳالهائڻ وقت سامان ۾ داخل هو.

حسن بن محبوب بجلي ڪوفي (الزراد)

سندس پڙڏاڏي جو نالو وهب هو. هو جرير بن عبدالله بجلي صحابيءَ جو غلام هو. هي زره ٺاهڻ جو ڪاريگر هو (وهب) حضرت امير جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته جرير کان خلاصي ڏياري وڃي ۽ هڪ روايت آهي ته کين آزاد ڪيو ويو هو ته جيئن حضرت امير جي خدمت ۾ رهي.

محمد بن ابي نصر جو بيان آهي ته حضرت امام رضا عليہ السلام جن کي عرض ڪيم ته حسن بن محبوب اوهان کان اسان کي ڪتاب پهچايو هو، چيائين ته ٺيڪ. لا تقل الزراد بل قل السراد ان اللہ تعاليٰ يقول وقدر في السرد. پر کيس زراد نه سڏيو بلڪ کيس سراد سڏيو، ڇو ته الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته وقدر في السرد يعني اندازي سان زره ۾ ڪڙيون ملاءِ زراد ۽ سراد جي معنيٰ هڪ ئي آهي.يعني زرهه ٺاهيندڙ. حسن جي عمر 75 سال هئي. سن 224هه ۾ فوت ٿي ويو.

عبدالله بن جندب بصري

هيءُ حضرت امام موسيٰ ۽ امام رضا عليهما السلام جن جي راوين مان هو. امام عليہ السلام سندس حق ۾ فرمايو آهي ته: ”اِني راض عنک والله و رسولہ صلي الله عليہ وسلم“ (مان توکان راضي آهيان ۽ الله ۽ ان جو رسول صلي الله عليہ وسلم به.)

عبدالله بن مغيره ابومحمد بجلي عقيلي ڪوفي

هيءُ دراصل واقفي مذهب رکندڙ هو. بيان ٿو ڪري ته حج پورو ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ملتزم ڏانهن وڃي اتي الله تعاليٰ کان پنهنجي هدايت لاءِ دعا گهريم ته پوءِ منهنجي دل ۾ اها تمنا پيدا ٿي ته حضرت امام رضا عليہ السلام جن جي خدمت جو شرف حاصل ڪريان ۽ آخر حضرت جن جي خانه مبارڪ جي در تي پهچي بيهي رهيس ته اندران حضرت جن جي ندا ٻڌم فرمايائون ته اي عبدالله بن مغيره! ڪيئن آيو آهين ۽ وري پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ توکي قبول ڪيو آهي ۽ دين جي هدايت جي حصول لاءِ حڪم فرمايو آهي.

زڪريا بن آدم بن عبدالله بن سعد اشعري قمي

هيءُ حضرت امام رضا عليہ السلام جن وٽ ڏاڍو مڪرم هو. هڪ ڏينهن عرض ڪيائين ته ارادو اٿم ته پنهنجي مائٽن کان پاڻ کي پري رکان ڇو ته هو مون سان بدسلوڪي سان هلن ٿا. فرمايائين ته الله تعاليٰ توکي پنهنجن مائٽن جي بدسلوڪي کان بچائي رکندو. اهڙي طرح اهل بغداد هڪ شخص جي ذريعه حضرت امام عليہ السلام کي عرض رکيو ته دين جي مسائل معلوم ڪرڻ لاءِ هر وقت اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ نٿو ٿي سگهي. انهيءَ ڪري ڪو اپاءُ ڪيو وڃي، فرمايائون ته دين ۽ دنيا جي مسائل حل ڪرڻ لاءِ زڪريا بن آدم قمي مقرر آهي (کانئس فائدو حاصل ڪريو). کيس عظيم سعادت هيءَ حاصل آهي ته هڪ سال حضرت امام عليہ السلام سان حج ۾ مدينہ کان مڪہ تائين رفيق رهيو.

 

محمد بن عبدالله بن جعفر بن حسين

بن جامع بن مالڪ حميري قمي.سندس ڪنيت ابوجعفر هئي. صاحب الامر جو ڪاتب هو. حضرت جن کان جيڪي شريعت جا سوال پڇيا ويندا هئا، انهن جا جواب هيءُ لکندو هو ۽ دستخط حضرت جن ڪندا هئا.

کيس ٽي ڀائر هئا، جعفر حسين ۽ احمد بربڪ ۽ اهي سڀئي حضرت امام عليہ السلام جا آزاد ڪيل غلام هئا.

محمد بن احمد بن الجنيد ابوعلي ڪاتب الاسڪافي

شيخ نجاشي چوي ٿو ته مون پنهنجن ڪن بزرگن کان ٻڌو آهي ته کيس وقت جي حاڪم طرفان مال ۽ تلوار ملندو هو، ان ڏس ۾ پنهنجي ٻانهيءَ کي وصيت ڪئي هئائين، آخرڪار اهو مال ۽ اها تلوار ضايع ٿي وئي.

محمد بن احمد بن عبدالله بن قضاعه بن صفوان بن مهران الجمال اسدي

اماميه فرقه جو شيخ هو. موصل جي قاضيءَ سان مناظري سبب، موصل جي واليءَ وٽ جو آل حمدان جي سلاطين مان هو، ڪافي قدر ۽ منزلت حاصل ڪئي هئائين. چيو وڃي ٿو ته محمد بن احمد سندس مباهلو پڙهيو. هن پنهنجي حيثيت ۽ مباهله ۾ فوقيت کي قائم رکڻ لاءِ سخت مناّظرو ڪيو جنهن سبب عناد جي صورت پيدا ٿي پئي. مباهله کان پوءِ چيائين منهنجي هٿ سان محمد بن احمد پنهنجو هٿ ملائي (هٿ ملائڻ بعد) سندس هٿ سُڄي ڪارو ٿي ويو ۽ کيس بخار ٿي پيو ۽ ٻئي ڏينهن انهيءَ ئي حال ۾ ساهه ڏنائين.

عثمان بن سعيد عمري اسدي

هيءُ عمر بن حريث صيرفي ڪوفي جي اولاد مان هو ۽ امام ابي جعفر محمد بن علي هادي عليہ السلام جن جي اصحاب مان هو. يارهن سالن جو هو ته امام صاحب جن جي خدمت ۾ آيو. سندس پرورش به پاڻ ڪيائون. آخر حضرت امام حسن عسڪري جن جي وڪالت جي شرف سان فائز ٿيو. پهريون سفر هو جو حضرت عسڪري جن کيس وڪالت جي سلسلي ۾ صاحب الامر مقرر ٺهرايو. فرمايائون ته صاحب الامر جي وڪالت کان پوءِ پيءُ جي وڪالت سندس پٽ ابوجعفر جي حوالي ڪئي وڃي.

ابوسري منظور بن عمار پوشنجي

گزيده ۾ لکيل آهي ته شروعاتي زماني ۾ هن هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو لڌو ۽ ان کي رکڻ لاءِ کيس ڪا مناسب جڳهه نظر ڪونه آئي ۽ پوءِ انهيءَ ڪاغذ کي ڳهي ڇڏيائين. پوءِ ان جي برڪت سبب مٿس علم جا دروازا کوليا ويا..

فوت ٿيڻ کان پوءِ کانئس پڇيو ويو ڪهڙي ڳالهه سبب توکي نجات حاصل ٿي ته چيائين ته صلوٰة ۽ حب علي بن ابي طالب عليہ السلام سبب نجات حاصل ٿي. نفحات جي طبقه اوليٰ ۾ کيس اهل مرو ۽ اهل باورد چيو ويو آهي. بعض کيس پوشڪند لکن ٿا ۽ بصره جو هو ۽ حڪماء مشائخ مان هو.


(1) نفحات ۾ سندس وفات جو سال 299هه ڏنل آهي.

(1)جواهر الخمسه“ محمد غوث گوالياري جي تصنيفن ۾ تمام گهڻي شهرت رکندڙ ڪتاب آهي. شطاريه سلسلي جي صوفيا جو ان ڪتاب تي باقاعده عمل رهيو آهي. شاهه محمد غوث جي شيخ طريقت حاجي حميدالدين حصور (930هه/1523ع) پهرين دفعي مطالعه کان پوءِ چئي ڏنو ته:

”هيچ ولي نباشد کہ برين اسرار مطلع فہ گردو“

شاهه وجيہ الدين پنهنجي خليفي سيد صبغة الله ڀڙوچي، جنهن پنهنجي خليفي شيخ احمد شناوي جنهن پنهنجي خليفي شيخ احمد قشاشي کي جواهر الخمسہ جي اجازت ڏني. جنهن شيخ ابراهيم کي جنهن پنهنجي فرزند شيخ ابوطاهر جنهن پنهنجي شاگرد رشيد حضرت شاهه ولي الله کي اجازت ڏني.

شاهه ولي الله پنهنجي ڪتاب ”انتباه في سلاسل اوليا الله“ ۾ حضرت شاهه محمد غوث گوالياري جو ذڪر ڪيو آهي.

جواهر الخمسہ جي ديباچه ۾ مصنف جي تحرير مان، ان تصنيف جو سال 928هه بمطابق 1521ع لڳي ٿو. جڏهن محمد غوث گوالياري گجرات آيو ته اتي 956هه/1549ع ڌاري ان ڪتاب ۾ ترميمون ڪيائين، اهي اضافا ايترا ته هئا جو ڪتاب نئين ۽ بهتر صورت وٺي سامهون آيو.

جواهر الخمسہ اصل فارسي زبان ۾ ئي تحرير ڪيو ويو، پر انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام جي مقاله نگار عبدالمقتدر شيخ محمد غوث گواليار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

”علم تصوف ۾ سندس ڪيتريون ئي تحريرون آهن، جواهر الخمسہ کي تمام گهڻي شهرت حاصل ٿي جيڪو عربيءَ ۾ تحرير ٿيل آهي. 1549ع/956هه ۾ پاڻ ان کي مڪمل ڪيائين جنهن بعد ان ۾ ترميمون ۽ اضافا ڪري ان کي فارسيءَ ۾ منتقل ڪيائين.

انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۾ موجود ”پرشن قلمي نسخا“ جي عنوان تحت ڇپيل پهريون جلد 1903ع ۾ جواهر الخمسہ جي فارسي نسخي 1173هه جو تعارف ڪرائيندي ايٿي رقمطراز آهي ته:

”شيخ محمد غوث عربيءَ ۾ علم تصوف جي متعلق جيڪو ضخيم ڪتاب لکيو آهي هيءُ ان جو فارسي ترجمو آهي.“

شيخ موصوف لاءِ اسٽوري جيڪو ”فارسي ادب“ جلد اول ۽ ثانيءَ جو مصنف آهي لکي ٿو:

“Author of the Arabic Sufi work at Jawahiral Khamsa”

اهي جلد 1953ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيا. اسٽوري پنهنجي تائيد ۾ برو ڪلمن جو حوالو ڏئي ٿو. جنهن پڻ جواهر الخمسہ کي عربي الاصل لکيو آهي، مگر ڪنهن به عربي نسخي نه ملڻ کان علاوه خود جواهر الخمسہ جو مطالعو ان ڪتاب کي فارسي الاصل هجڻ ثابت ڪن ٿا.

محمد غوثي شطاري گلزار ابرار ۾ جواهر الخمسہ مان جيڪي اقتباسات ورتا آهن، سي پڻ ان جي فارسي الاصل هجڻ جو دليل ڏئي رهيا آهن. هن همعصر بزرگ ڪٿي به اهو نه ڄاڻايو آهي ته اهو ڪتاب اصل عربيءَ ۾ تحرير ڪيو ويو هو.

البت ڪتاب ۾ عربي ٻوليءَ ۾ دعائون ۽ لفظن جو استعمال ڪنهن اهڙي ماڻهو لاءِ مغالطي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جنهن کي عربي ۽ فارسي لفظن جي فرق ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هجي.

مٿين حقيقت واضح ٿيڻ کان پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان فارسي ڪتاب جو عربي ترجمو ڪڏهن ۽ ڪنهن ڪيو، جو اها غلط فهمي پيدا ٿي. نواب صديق حسن خان شيخ وجيہ الله الڀڙوچي (1015هه/1606ع) جي شاگرد سيد صبغت الله الڀڙوچي (1015هه/1606ع) جي حالات ۾ لکي ٿو:

”شيخ وجيہ الدين گجراتي کان مختلف علم حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ ڀروچ واپس وريو. 999هه ۾ مالوهه به ويو ۽ بلاد دکن ۾ احمدنگر جي بادشاهه برهان الملڪ وٽ ترسيو. حرمين جو ٻيهر سفر ڪيائين. دوران سفر جڏهن بيجاپور آيوته سلطان ابراهيم سندس وڏي خدمت ڪئي ۽ سفر جو سامان مهيا ڪيو.

پاڻ وري سفر تي روانو ٿيو ۽ بالآخر مدينہ منوره ۾ پهتو، جبل اُحد جي ڀر ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. موصوف جواهر الخمسہ کي فارسيءَ مان عربي ۾ منتقل ڪيو. 1015هه ۾ مدينہ منوره ۾ وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن ڪيو ويو. (نواب صديق حسن خان ابجد العلوم جزثالث رحيق المختوم مطبوعه ڀوپال 1295هه، ص 898)

سبحة المرجان ۾ غلام علي بلگرامي به اهو لکيو آهي ته: سيد صبغة الله (1015هه) جواهر الخمسہ جو معرب آهي. بيان ڪيل حوالن جي پيش نظر اهو چئي ٿو سگهجي ته شيخ محمد غوث گوالياري 928هه/1521ع ۾ جواهر الخمسہ جو معرب آهي.

برلن يونيورسٽي جرمنيءَ ۾ سيد صبغة الله ڀڙوچي جو عربي ترجمو گوالياري 928هه/1521ع ۾ جواهر الخمسہ فارسيءَ ترجمو ڪيو. گجرات اچڻ کان پوءِ ڪجهه دوستن جي چوڻ تي 956هه ۾ ان ۾ اضافو ڪيائين.

جواهر الخمسہ جا قلمي نسخا پاڪ- هند ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. جنهن مان ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو ٿئي ٿو. جيئن:

(1) سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي

(2) نسخه اسلاميه ڪاليج پشاور

(3) اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ بمبئي

(4) دارالمصنفين اعظم ڳڙهه

(5) فورٽ وليم ڪاليج لنڊن

(6) نسخه بيجاپور لنڊن

(7) نسخه خدا بخش لائبريري پٽنه.

ان کان علاوه سنڌ ۾ ڪامل ۽ نامڪمل نسخا ڪيترين ئي خانگي لائبررين ۾ موجود آهن، جن مان ڪجهه جو ذڪر”خزينة المخطوطات“ ۾ ڪيو ويو آهي. مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله سنڌي جيئن ته حضرت غوث محمد گوالياريءَ جي خليفي شيخ لشڪر محمد عارف جو خليفه ارشد هو، ان ڪري يارهين صدي يا ان کان بعد جي ڪجهه قلمي نسخن ۾ مسيح الاوليا جي حوالي سان پڻ ڪجهه وظائف ان ڪتاب ۾ شامل ٿي ويا آهن. جن ۾ لکيل آهي ته هن وظيفي شروع ڪرڻ کان اڳ هيترا نفل پڙهي ان جو ثواب حضرت مسيح الاوليا سنڌي جي روح پرفتوح کي بخشيو وڃي. ان کان پوءِ وظيفو شروع ڪجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com