سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب

صفحو : 23

 (1) سيد شڪرالله ثاني ۽ سيد عبدالرحمٰن.

اهي ٻئي بزرگ پنهنجي زماني ۾ علوم ظاهري ۽ علوم باطني جي فيض جو خزانو ۽ سرچشمو هئا. سندس باقي اولاد جي خبر نه آهي.

مولانا ضياءُ الدين يوسف

هيءُ مولانا نورالدين عبدالرحمٰن جو يادگار هو. مولانا سعدالدين ڪاشغري جو ڏهٽو هو. سندس ولادت 882هه ۾ ٿي. پنجن سالن جي عمر ۾ خواجه عبيدالله وٽ تربيت لاءِ ويو.

 

مولانا عبدالغفور لاري

سندس لقب رضي الدين هو. سعد بن عباده انصار جي اولاد مان هو. ظاهري علم ۽ باطني فيض مولانا نورالدين عبدالرحمٰن جامي کان حاصل ڪيو هئائين.

 

مخدوم اسماعيل سومرو(1)

هيءُ حضرت اگهم ڪوٽ جو رهندڙ هو. وڏن اولياء ڪرام ۽ اهل الله مان هو. سنڌ جي مشائخ جو پيشوا هو.

روايت آهي ته: ننڍپڻ کان وٺي پوڙهائپ تائين سارو وقت رياضت ۾ گذاريندو هو. صاحب مال ڪثير هو، طالب علمن، غريبن، مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ هر قسم جا کاڌا پيتا تيار ڪري کين کارائيندو هو. پاڻ جَوَن جي رُکي ماني کائيندو هو. سندن مالي امداد به ڪندو هو. سندس وفات سن 998هه ۾ ٿي.

 

شيخ ڀرڪيو چڪه

هيءُ شاهو ڪاتيار جو فرزند هو. مخدوم احمد و محمد پُـٽَ مخدوم اسحاق هالا ڪنڊي جن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي انهن جو همعصر هو.

روايت آهي ته هڪ دفعي سورهن سالن کان پوءِ روزو افطار ڪيو هئائين ۽ هو ساري سياري جي موسم ۾ هڪ چادر کڻي درياء تي ويندو هو. درياء مان غسل ڪري پاڻي ۾ پسايل آلي چادر بدن تي ويڙهي نماز ۾ بيهي رهندو هو. جڏهن هوا ۾ چادر خشڪ ٿي ويندي هئي ته وري ٻيهر غسل ڪري چادر پسائي پنهنجي بدن تي ويڙهي نماز ۾ بيهجي ويندو هو. اهڙي طرح بار بار غسل ۽ نماز پڙهندي ساري رات انهيءَ ئي حالت ۾ گذاريندو هو. وري اونهاري جي گرمين ۾ رڻ پٽ ۾ بغير ڇانوَ ۽ هوا جي اُس ۾ بيهي عبادت ڪندو هو. گرمي سبب سندس جسم جي چمڙي آهستي آهستي اُڊڙي وئي هئي.

گلزار ابرار ۾ لکيل آھي:

   ”سومره سنڌ ۾ ھڪ گروھ جو نالو آھي، پاڻ ھن ملڪ جي نامور شاخ مان آھي، سندس خانقاھ ڇا ھئي ھڪ زاھدستان ھو، ھزارين ڳوڻيون اَن زراعتي ٻج جو ٿيندو ھو. سندس خاص طريقو درويشن جي خدمت گزاري ڪرڻ ھو،   998هه يا 999هه ۾ رحمت حق سان وڃي مليو.“

         ”پنهنجي وقت جو عارف ڪامل ۽ اھل دل هو،سنڌ جي وڏن عارفن ۾ شمار ٿئي ٿو، کائنس ھزارين ماڻھن علوم ظاھري ۽ علوم باطني ۾ فيض حاصل ڪيو. سندس حضور پر نور سيدنا محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلہ وسلم جي روح پاڪ سان خطيرة القدس ۾ ملاقاتون ٿينديون ھيون.پاڻ ھڪ رات جناب رسول اڪرم صلي الله عليه وآلہ وسلم جن کي خواب ۾ ڏٺو ۽ سندن صلي الله عليه وآلہ وسلم جي اشاري سان پنهنجي ننڍي نياڻي جو نڪاح مٽياري جي ھڪ نوجوان سان ڪري ڇڏيو،جنهن جو اولاد اچ تائين مٽيارين ۾ مقيم آھي، سندس ھڪ ٻي نياڻي عارفه ڪامله وليه ۽ معرفت الاھي جي مقامن کان آگاھ سندس کان ئي فيض يافته ۽ سندس ئي خليفه ھئي. ھن خاتون کي به سيدن جي ھڪ نياڻي جو ادب ڪرڻ تي مخدوم صاحب کي حضور اڪرم صلي الله عليه وآلہ وسلم طرفان روحانيت جي بشارت ملي، ان کانپوءِ ئي ھن خاتون کي ھي ڪمالات حاصل ٿيا.“

           سندس تدفين ضلع حيدرآباد جي ھڪ ڳوٺ گلاب لغاري ويجهو اگهم ڪوٽ جي قلعي ۾ ٿي، جتي سندس مزار مشهور آهي، حضرت سيد الاوليا شيخ عيسيٰ جندالله جي ھمشيره حضرت زينب رحمته الله عليها کي خواب ۾ جنهن بزرگ حضرت عيسيٰ جندالله جي ڄمڻ جي بشارت ڏني اھو بزرگ به اسمٰعيل سومرو ھو، ملا اسمٰعيل حضرت شيخ الاوليا  جي پيدائش کان پوءِ واري دور ۾ تعليم القرآن ۽ مدرسه جي حوالي سان سنڌ ۾ وڏي شهرت رکندڙ هو، سندس سير و سياحت جو زمانو ان کان گهڻو اڳ جو آھي، درس قرآن کانسواءِ پاڻ سلسله سھرورديه ۽ قادريه سان به منسلڪ ھو سندس وفات کان پوءِ درسگاھ جو انتظام سندس فرزند حامدلله سنڀاليو.

روايت آهي ته: هڪ شخص ساڻس چلي ۾ گڏ ويٺو، شيخ ڀرڪيه لاءِ اهو روزانو هڪ وڏو مٺو نان گيهه ۾ پڪل کڻي ايندو هو ۽ پاڻ فاقو ڪڍندو هو. ماڻهو انهيءَ ڳالهه کي خراب تصور ڪرڻ لڳا. جڏهن چلو ختم ٿيو ته اهي چاليهه نان جيڪي سندس کائڻ لاءِ موڪليا ويا هئا، صحيح سلامت آڻي ماڻهن جي اڳيان اچي رکيائين ۽ چيائين ته هي اُهي نان آهن جن جي کائڻ لاءِ اوهان چوندا هئا، پوءِ جيڪي به ماڻهو مجلس ۾ موجود هئا انهن سڀني گڏجي نان کاڌا.

ٻي روايت آهي ته هڪڙو شخص شيخ ڀرڪيي وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجي زال گم ٿي وئي آهي، خبر نه آهي ته اُها مري وئي آهي يا ڪنهن غائب ڪئي آهي. ننڍڙا سندس ٻارڙا بيقرار آهن. پوءِ شيخ خادم کي چيو ته هن شخص کي سندس زال آڻي ڏي. هو ٻاهر نڪري اچي بيٺو ۽ پريشان هو ته ڪيڏانهن وڃان. شيخ کيس ڏاڍيان چيو ته اڳتي وڃ. خادم پوءِ هلندو رهيو تانجو مٿس رات پئجي وئي، هلڻ وارو سندس هر قدم جي هيٺان هڪ ڏاڪو چڙهڻ لاءِ ٿي لڳو. هلندي هلندي هڪ ميدان ۾ اچي پهتو. اوچتو سندس نظر آڏو هڪ شاهاڻه دربار لڳل هئي، جتي هر قسم جا تنبو ۽ فرش هئا ۽ هڪ شخص شاهي پوشاڪ پهري دٻدٻي سان ويٺو هو ۽ چند قيدي مرد ۽ عورتون سندس آڏو بيهاريل هئا.

خادم کيس شيخ جو پيغام پهچايو ۽ عورت کي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. مگر هن جواب ڏيندي چيو ته انهيءَ عورت ايذاء رسايو آهي، انهي ڪري کيس آزاد نه ڪبو. خادم موٽي اچي شيخ کي سارو احوال ٻڌايو. پوءِ فوراً انهيءَ عورت جي مڙس کي ساڻ وٺي بذريعه ڪرامت اتي وڃي پهتو ۽ ان کان عورت جي واپسي جي هر ممڪن طلب ڪيائين، مگر هن جواب ڪونه ڏنو. پوءِ شيخ ڀرڪيو عورت جي مڙس کي چيو ته تون پاڻ وڃ ۽ پنهنجي زال کي وٺي اچ، جڏهن هو پنهنجي زال کي وٺڻ لاءِ روانو ٿيو ته ان بزرگ جي مريدن کيس ٻڌايو ته بنا اجازت جي عورت کي وٺيو پيا وڃن. بزرگ چيو ته اهو شخص خدا جو محبوب آهي ۽ الله جي محبت ۾ مست آهي. اگر اهو سڀني کي به وٺي وڃي، تڏهن به آءٌ ڪجهه ڪري نه سگهندس.

عارف بالله سيد عبدالڪريم، رساله بيان العارفين ۽ تنبيہ الغافلين ۾ بيان ٿو فرمائي ته اها ڪرامت حضرت پير دستگير جن کان صادر ٿي هئي.

روايت آهي ته پوءِ کيس چيائون ته هر شخص شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي خاندان جو مريد آهي ۽ تون انهن جو مريد نه آهين. ڪهڙو سبب آهي؟ انهيءَ مهل کير جو پيالو .ڀري هٿ ۾ کڻي زمين ۾ ٽُٻي هنيائين ۽ انهيءَ ساعت ۾ ملتان وڃي پهتو. شيخ بهاؤالدين جو سجاده نشين ان وقت پنهنجي گهر واريءَ سان خلوت ۾ ويٺو هو. کير جو پيالو سندس آڏو پيش ڪيائين، هن حيران ٿي کيس چيو ته ادب وارو ٿيءُ! ڪٿي آيو آهين. چيائين ته هر طرف نظر ڦيرايم پوءِ زمين ۾ گهُتَ هنيم ته فوراً اوهان جي هن مجلس ۾ اچي پهتس ۽ مٿو مٿي ڪري، شيخ جو هٿ وٺي، سندس بيعت ڪري ، پوءِ موٽي آيس.

چون ٿا ته هڪ دفعي هن ٻڌايو ته نورالٰهي جي مشاهدي ۾ محو هئس ته آواز آيو ته اي ڀرڪيه! ٻانهو ٿيڻ گهرين ٿو؟ عرض ڪيم ته نه! وري ندا آئي ته ملازم ٿيندين؟ عرض ڪيم ته نه ۽ اهو آواز ٽي دفعا بار بار آيو. ليڪن قبول نه ڪيم ۽ آخر آواز آيو ته ٻانهو ٿيڻ به نٿو گهرين ۽ ملازمت به نٿو ڪرڻ گهرين، آخر پوءِ ڪهڙي شيءِ چاهين ٿو. عرض ڪيم اي خداوندا! آءٌ ڪجهه به نه آهيان ۽ ڪجهه به ٿيڻ نٿو گهران. جڏهن ائين عرض ڪيم تڏهن الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو هٿ منهنجي پُٺيءَ تي رکيو پوءِ معرفت کي قبول ڪيم. سندس وفات جو سال معلوم ڪونه آهي.

حاجي ويسر

هيءُ صاحب ڪمال و حال درويش هو. شيخ ڀرڪيه ڪاتيار جو همعصر هو.

 

شيخ صدرالدين

هيءُ برگزيده عالم، فاضل۽ پيرهيزگار متقي بزرگ هو. ڄام نظام الدين جو همعصر هو. منجهس علمن جي جامعيت ۽ غايت ايتريقدر هئي جو سندس هزارين شاگرد علمي ڪماليت جي رتبي کي وڃي پهتا.

بعد ۾ ميران محمد مهدي جونپوري وٽ ٺٽي ۾ ويو. شروع ۾ ان لاءِ ڪا راءِ يا ارادت سٺي نه رکندو هو، ليڪن زيارت ڪرڻ کان پوءِ سندس مضبوط مريدن ۾ داخل ٿي ويو.

 

شاهه باجن

هيءُ برهانپور جو رهندڙ هو. وقت جو صاحب ڪمال ۽ معروف مشائخ مان هو، سندس مريدن مان شيخ حسام الدين بن عبدالملڪ بن قاضي خان، جيڪو شيخ علي متقي جو والد هو، صاحب معرفت هو.

 

شيخ عبدالحڪيم

هيءُ شاهه باجن جو فرزند هو. صاحب رشد ۽ عرفان هو. يقين ۾ ڪامل هو. شيخ علي متقي، کانئس چشتي طريقي جو فيض حاصل ڪيو.

 

شيخ حسام الدين

هيءُ عبدالملڪ بن قاضي خان جو فرزند هو. پنهنجي وقت جو بزرگ هو. شاهه باجن جو معتقد ۽ فيض يافته هو. سندس وڏا جونپور ۾ گذاري ويا ۽ هيءُ برهانپور ۾ آيو ۽ پنهنجي زندگي طريقت جي حصول لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين.

 

شيخ ولي الله

هيءُ مندو جي اڪابرين ۽ اعيان مان هو. ڪنهن حادثي جي سبب برهانپور کي پنهنجو وطن بڻايائين..

شيخ عبدالوهاب متقي

هيءُ مندو ۾ پيدا ٿيو هو، ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ (شيخ ولي اللہ) گذاري ويو ۽ ٿوري وقت کان پوءِ سندس والده به فوت ٿي وئي. هِن برهانپور کان پوءِ سير و سفر ۽ سياحت اختيار ڪئي. گجرات جا نواحي علائقا دکن، ولايت سيلون ۽ سرانديب خوب گهميائين. هيءُ ضرورت کان سواءِ ڪنهن به جڳهه تي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ هرگز نه ترسندو هو. البته حصول علم يا زيارت مشائخ يا استفاده فيض مشائخ جي ضرورت موجب وڌيڪ قيام به ڪندو هو. ويهن سالن جي عمر ۾ مڪہ شريف ويو. اتي شيخ علي سان ملاقات ڪيائين. شيخ علي جي هن جي والد سان شناسائي هئي، تنهن ڪري ڏانهس ڏاڍو توجه ڏنائين ۽ پنهنجي صحبت ۾ رهائي سندس تربيت ڪيائين ۽ تمام جلد کيس اعليٰ درجي تي پهچايائين. ان کان ئي طريقه قادري شاذلي جي تربيت احسن طريقي سان ورتائين.

پورا ٻارهن سال جيستائين سندس شيخ حيات هو. وٽس گذاريائين. سندس مزار مبارڪ تي رهڻ جو ارادو هو، ليڪن حقوق صله رحمي جي ادائيگي فرض سمجهي گجرات ۾ آيو. ڪافي ڪرامتون ظاهر ڪيائين. هر سال حج تي ويندو رهندو هو. فوت ٿيڻ تائين حج جو ڪو به ناغو نه ڪيو هئائين.

 

پير آسات

هيءُ مخدوم عربي ڌياڻه هالا ڪنڊي جوڀاءُ هو. مجذوب سالڪ ۽ واصل بالله هو. هيءُ سنڌ جي برگزيده مشائخ ۾ داخل هو. جڏهن سيد ميران محمد مهدي جونپوري سنڌ ۾ اچي ٺٽي ۾ قيام ڪيو ته هن جي مٿان پنهنجي شفقت واري نظر وجهي فيضياب ڪري ڪماليت کي رسايائينس. سندس مزار مڪليءَ ۾ مشهور آهي.

 

شيخ جهنڊو پاتڻي

هيءُ درويش ۽ خدا پرست شخص هو. ٻيڙي جي ذريعي درياء پار ٽپائڻ سبب کيس الله تعاليٰ نوازيو ۽ هي سلوڪ ۽ بحر حقيقت کان واقف ٿي، بزرگي جي ڪماليت جي درجي کي پهتو.

مشهور آهي ته سومره قوم جون سَتَ پاڪدامن ۽ معصوم نياڻيون، جيڪي دنيا کي ترڪ ڪري گوشه نشين ٿي، الله تعاليٰ جي ياد ۽ عبادت ۾ مشغول هيون، سي چند بيهوده ۽ لالچي ماڻهن جي ظلم ۽ زيادتي کان بچڻ خاطر، سيد يعقوب مشهدي سان گڏجي ساموئي درياء جي ڪناري تي اچي پهتيون. شيخ جهنڊو انهن کان حقيقت معلوم ڪري، ٻيڙي جي ذريعي کين درياء پار ٽپائي ڇڏيو.

 جڏهن ڄام نظام الدين سمي، سيد ميران محمد مهدي کي هلاڪ ڪرائڻ جي ارادي سان حرڪت ڪئي، ته شيخ جهنڊو پنهنجي ڪوشش سان ان کي هلاڪت کان بچايو پوءِ ان کان فيض حاصل ڪري، حقيقت حاصل ڪيائين. سندس قبر مڪلي ۾ آهي. ڪافي ماڻهو پنهنجي حاجت روائي لاءِ سندس قبر جي زيارت ڪرڻ ايندا آهن. جيڪي به مڪلي ۾ زيارتي ايندا آهن، انهن جي زيارت جي ابتدا به سندس قبر وٽان شروع ٿيندي آهي ۽ پڄاڻي به اتي ٿيندي آهي.

 

شيخ ابوبڪر

هيءُ مرد مجاهد ۽ صاحب معرفت هو. مڪلي ٽڪريءَ جي هڪ ڪنڊ ۾ الله تعاليٰ جي ياد ۾ مشغول هوندو هو. جڏهن ميران محمد مهدي جونپوري ٺٽي ۾ آيو ته مڪليءَ جي هڪ مشهور جڳهه تي قيام ڪيائين. پوءِ هي پنهنجي خلوت منجهان نڪري سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سيد صاحب کان سلوڪ جا سبق ورتائين. سندس بيعت ڪري مريد ٿيو، سندس رهائش اتي ٽڪري (مڪلي) ۾ هئي ۽ سندس مدفن به اتي ئي آهي ۽ مشهور آهي.

 

شيخ مغل چاچڪ

هيءُ سنڌ جي اڪابر مشائخ مان هو. وقت جي مشهور بزرگن ۽ پرهيزگارن مان هو. طالبان حق کي ارشاد ۽ تلقين ڪندو هو ۽ روحاني فيض رسائيندو هو. مريدن ۾ آخرت جي محبت اجاگر ڪندو هو.

 

شيخ موسيٰ

هيءُ پنهنجي پيءُ (شيخ مغل چاچڪ) جو جانشين ٿيو ۽ هيءُ به پنهنجي وقت جي مشهور بزرگن ۽ پرهيزگارن مان هو. خوش اخلاق ۽ ڏاڍو مهمانواز هوندو هو. مهمانن جي هر طرح خدمت ڪندو هو ۽ حاجتمندن جي حاجت روائي ڪندو هو. سندس قبر ڳوٺ چاچڪ ۾ سڀني جي زيارتگاهه آهي.

 

قاضي شيخ محمد هروي اُچي قريشي

هيءُ حضرت جعفر بن طيار رضي الله عنہ جي اولاد مان هو. علم ۾ اڪمل ۽ فضيلت ۽ بزرگي ۾ اَتم هو. صفويه جي عهد ۾ هرات کان آيو ۽ نوجوان هو. اُچ ۾ اچي پهتو ۽ ڪجهه وقت اتي ترسيو، جتان ملتان ۽ بکر ۾ آيو ۽ بکر کي پنهنجو وطن بڻايائين. ڪثرتِ شهرت جي بنا تي کيس ”اُچي“ سڏيندا هئا. سنڌ جا دانشمند حضرات سندس معتقد ٿي ويا. ڪافي ماڻهن کانئس علم ۽ فيض حاصل ڪيو.

جڏهن سيد ميران محمد مهدي سنڌ ۾ آيو ۽ مهديت جي دعويٰ ڪيائين ۽ چند غير شرعي ڳالهين تي علماء سنڌ باتفاق سندس قتل جي فتويٰ صادر ڪئي، جنهن تي ڪافي علماء جي تصديق هئي، جيڪا هند جي قاضي صاحب جي اڳيان توثيق لاءِ رکيائون. پاڻ طريقت کان آشنا هو، انهيءَ ڪري ان فتويٰ کي باطل قرار ڏئي چيائين ته مجذوب تي امر ۽ نهي لاڳو نه ٿيندو آهي. سيد اهو ٻڌي کيس دعا ڪئي. ان جي دعا سان کيس ڪامل باطني فيض عطا ٿي ويو ۽ ظاهر ۾ کيس اهو فائدو رسيو، جو سمن جي حڪومت هلي وئي ۽ شاهه بيگ ارغون، قاضي شڪرالله جي اشاري سان اڳئين قاضيءَ کان استعفا وٺي هن کي قاضي مقرر ڪيو. يعني ٺٽي جي قضا جو عهدو هن کي ڏنو ۽ اهو منصب جليل هن وقت تائين سندس اولاد ۾ هلندو ٿو اچي.

 

قدوة الاولياء سيد جلال ولد سيد علي انجوي

هيءُ پنهنجي پيءُ کان پوءِ سندس بزرگي ۽ هدايت جي مسند تي ويٺو ۽ صدق و يقين جا دروازا مريدن مٿان کولي ڇڏيائين.

مخدوم نوح هالاڪنڊي کي ساڻس ڏاڍو خلوص ۽ محبت هئي. مخدوم نوح جڏهن به ٺٽي ۾ ايندو هو ته وٽس منزل ڪندو هو. هڪ ٻئي سان محققانه مجلسون ڪندا هئا. ڪوهستاني جماعت اڪثر هن جي مريد هئي.

 

سيد علي ثاني

هيءُ سيد جلال جو فرزند هو. ننڍپڻ ۾ طلب حق لاءِ نڪتو ۽ درويش آچر جي خدمت ڪيائين، ان کان پوءِ حرمين جي زيارت لاءِ ويو ۽ ڪيترن اولياء ڪرام جي صحبت حاصل ڪري کانئن فيضياب ٿيو ۽ آخر ۾ حضرت مخدوم نوح ﷥ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ حضرت نوح ﷥ به سندس والد سڳوري جي اخلاص جي ڪري ان ڏانهن متوجه ٿيو. پاڻ جڏهن به ٺٽي ۾ ايندو هو، ڏانهس فيض جي نظر ڪندو هو. انهيءَ جي فيض سان سلوڪ جون منزلون طي ڪري ڪاميابيءَ جي منزل تي رسيو.

باطني جميعت سان گڏ کيس ظاهري ثروت به حاصل هئي. مڪلي جي مقابر ۾ گنبذ ۽ ٺٽي ۾ جامع مسجد ٺهرايائين. ۽ عرس جي مهيني ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جي عرس مبارڪ جو اهتمام ڪندو هو، جنهن ۾ ٽي چار ڏينهن مجلس سماع ۽ فقراء جو اجتماع ٿيندو هو. ان ۾ ڪڏهن ناغو نه ڪيو ويندو هو. کيس ڪافي مريد، معتقد ۽ دوست هئا ۽ رساله ”آداب المريدين“ سندس لکيل آهي، جيڪو سالڪان طريقت جو دستور العمل ۽ پڻ يادگار آهي.

سندس نيڪ فرزند جلال ثاني سجاده نشين ٿيو.

 

مخدوم جمعه

هيءُ به ڪامل ولي ۽ پرهيزگار هو. سيد علي ثاني انجوي جو همعصر هو. پاڻ ۾ مجلسون ڪندا هئا. هيءُ سنڌ جي ڪنهن قبيلي سان تعلق رکندڙ هو.

 

درويش الهٰ الدين سومرو(1)

هيءُ به سيد علي ثاني جو همعصر هو. سندن وچ ۾ سنڌي بيتن سان مشائخانه ڪلام ۽ محققانه سوال و جواب هلندا رهندا هئا.

 

سيد منصور

هيءُ سيد محمد حسين عرف پير مراد جو فرزند هو. پنهنجي پيءُ سڳوري جو جانشين ٿيو ۽ کيس بزرگيءَ ۾ ڪماليت حاصل هئي. اوصاف ۽ ڪرامات ۾ پنهنجي پيءُ جي مثل هو. پنهنجي زندگيءَ کي پنهنجي مريدن جي ارشاد ۽ تربيت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هئائين. سيد علي جو سندس والد جو وڏو ڀاءُ هو، اهو به پيري، مريدي کي برقرار رکيو پئي آيو ۽ پڻ سيد علي جو اولاد سيد جلال جو خصوصي جانشين ۽ مريدن سان لهه وچڙ رکندڙ هئا. کين سلوڪ جا سبق به سيکاريندا رهندا هئا.

سيد منصور جڏهن وفات ڪري ويو ته سيد احمد سندس جانشين ٿيو، جنهن پنهنجي وڏن جي دستور کي قائم رکندي، مريدن ۽ طالبان حق جي تربيت ڪئي. سلوڪ جا سبق سيکاريندو رهيو، حق ۽ يقين سان اوقات بابرڪات کي سرانجام ڏيندو رهيو.

ان کان پوءِ سيد محمد طاهر ولد سيد احمد سندس جانشين ٿيو، جنهن به پنهنجي وڏن جي دستور ۽ بزرگيءَ کي قائم رکيو.

روايت آهي ته گادي نشينيءَ کان ڪجهه عرصي بعد هن حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جيئن ته سندس پُٽ سيد عبدالرحمٰن صغير هو، انهيءَ ڪري پنهنجي سُهري مير شمس الدين ولد سيد حسين بن سيد منصور کي پنهنجو نائب خليفو ڪيائين ۽ اهو شرط رکيائين ته جيڪڏهن منهنجي عمر پوري ٿي وڃي ۽ منهنجو پُٽ وڏو ٿئي ته اها مسند منهنجي پٽ کي ڏيندا. قضا سان سيد طاهر اتي گذاري ويو ۽ وري سيد شمس الدين به هتي ان کان اڳ فوت ٿي ويو. سيد طاهر جو فرزند سيد عبدالرحمٰن اڃا بي سمجهه هو، انهيءَ ڪري سيد شمس الدين جي پٽ سيد حسين کي سندس پيءُ جي جڳهه تي ويهاريو ويو. پوءِ سيد عبدالرحمٰن ولد سيد محمد طاهر جڏهن وڏو ۽ سمجهدار ٿيو ۽ پنهنجي پيءُ مرحوم جي امانت جو دعويدار ٿيو ته سادات سڳورن محمد حسين جي بزرگي جي ادب جي لحاظ ۾ سندس محروميءَ جي ڊپ کان ٻه گادي نشين مقرر ڪيا. اول سيد عبدالرحمٰن ولد سيد محمد طاهرکي مقرر ڪيائون. ٻن سجاده نشينن جي مقرريءَ کان پوءِ سيد علي کي کاٻي پاسي ويهاريائون ۽ ٻئي سجاده نشين پنهنجي پنهنجي منصب موجب مريدن کي فيض پهچائيندا رهيا ۽ رشد ۽ هدايت مطابق مصروف زندگي گذاريندا رهيا.

شيخ ابراهيم

هيءُ شيخ ريحان جهنگلي، جنهن جو ذڪر ٿي چڪو آهي، جو پوٽو ۽ پنهنجي وقت جو بزرگ هو.

روايت آهي ته هڪ ڀيري سيد علي انجوي جي زيارت لاءِ وٽس ويو ته سندس هٿ ۾ تسبيح هئي. جڏهن سيد صاحب سان مصافحو ڪيائين ته کيس سيد فرمايو ته اوهين به هٿ ۾ تسبيح پيا رکو، يعني اهو طريقو مشائخ جو نه آهي. چيائين ته ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي کي چابڪ لڳائڻ ضروري آهي. فرمايائين ته مگر نفس جي شهوار کي زيب نه ٿو ڏئي.

 

شيخ ريڪن

سندس اصل نالو ريحان هو. شيخ ريحان جهنگلي جي اولاد مان هو. سنڌ جي نامور مشائخ مان هو. صاحب آيات ۽ صاحب ڪرامات هو. تعلقي چاڪر هالا ۾ مدفون آهي. سندس قبر خلق الله جي زيارتگاهه آهي.

مخدوم يعقوب پليجو

هيءُ پنهنجي وقت جو عارف ۽ ستيار پرڳڻي جي ناري ڳوٺ جو رهندڙ هو. چون ٿا ته ڪنهن سائل اچي کانئس ڪجهه گهريو چيائينس ته جهنگ ۾ وڃ ۽ منهنجي غلام کان هڪ مينهن وٺ. غلام پيغام ٻڌي کيس اهڙي سٺي مينهن ڏني، جيڪا روزانو تمام گهڻو کير ڏيندي هئي. مخدوم اها ڳالهه ٻڌي غلام کي چيو ته جنهن صورت ۾ منهنجي پڇڻ کانسواءِ منهنجي هڪ بهترين مينهن ڏئي ڇڏي آهي، تنهنڪري توکي آزاد ڪيم ۽ جڏهن سندس گهر واري اها ڳالهه ٻڌي ته کيس چيائين ته جڏهن اهڙي هڪ عمل تي تو غلام کي آزاد ڪيو آهي ته تڏهن منهنجا به حقوق جيڪي تنهنجي ذمي آهن، سي مون به توکي بخشي ڇڏيا.

نقل آهي ته هو هڪ ڏينهن پنهنجي هڪ جماعت سان گڏجي منڱن جي پوک ۾ ويو. ڪجهه پچائڻ لاءِ ٺڪر جي ننڍڙي سوراخدار ڪُنيءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه برتن نه هو. هن انهيءَ کي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو. خادمن انهيءَ کي چلهه تي پاسيرو ڪري رکيو ته جيئن انهيءَ جي سوراخ مان پاڻي نه هارجي. فرمايائين ته سڌو ڪري رکو ڇو ته ماڻهو تمام گهڻا آهن. کاڌو تيار ڪرڻو آهي. الله جي قدرت سان انهيءَ ۾ ايترو ته کاڌو پڪو جو ساري جماعت کائي ڍءُ ڪيو. کاڌي کائڻ لاءِ چيائين ته هرهڪ ڪوڏر کڻي، انهيءَ ڪُنيءَ کي هڻي پر ڪُنو ڪنهن کان به نه ڀڳو.

چون ٿا ته هڪ هندوءَ پنهنجي نياڻيءَ جي شادي واسطي پنهنجي مائٽن کان اڌ خرار ساريون وٺي هڪ سوالي ڍڳي تي ڳوٺ ڏانهن کنيو ٿي ويو. اتفاق سان جڏهن درياء تان لنگهي رهيو هو ته ڍڳو بار سميت وڃي پاڻيءَ ۾ ڪِريو ۽ گم ٿي ويو. هيءُ معرفت جي درياءَ جو ٽوٻو (مخدوم) پڻ اچي اتان لنگهيو ۽ هندوءَ کي ڍڳي جي ٻڏڻ جي غم ۾ بيقرار ڏسي، چيائينس ته وڃ فلاڻيءَ جاءِ تي ٽٻي هڻ، اتي توکي هڪ ڪچهري ڏسڻ ۾ ايندي. انهن کي منهنجو پيغام رسائج. پوءِ گم ٿيل شيءِ توکي ملندي. هندو چوڻ موجب ٽٻي هنئي، ڏٺائين ته هڪ وڏي جماعت ويٺي آهي ۽ انهن ۾ هڪ شخص تخت تي ويٺو آهي. مخدوم صاحب جو پيغام ٻڌي، بار سوڌو ڍڳو سندس حوالي ڪري ڇڏيائون. پوءِ هندو جيئن ئي مٿو ٻاهر ڪڍيو ته پاڻ کي ڍڳي ۽ بار سميت خشڪيءَ تي ڏٺائين.

مشهور آهي ته انهيءَ هندوءَ کي وري ڪڏهن به ڪنهن شيءِ جي ضرورت پيش نه آئي ۽ ڪافي مال جمع ڪيائين. مخدوم صاحب شاهه حسين ارغون جو همعصر هو.

 

شيخ حافظ الله گجراتي

هيءُ قادري ۽ حسني هو. حضرت غوث صمدانيءَ جي اولاد مان هو. پنهنجي وقت جو اجل عارف ۽ مشهور مشائخن مان هو. سندس مريدن مان خليفو ابوالبرڪات ۽ شيخ يعقوب ٺٽي ۾ آيا، جن جو ذڪر اچي چڪو آهي.

 

شيخ اسمٰعيل حالي اُچي

هيءُ صاحب ڪمال ۽ صاحب حال هو. شاهه ارغون جو همعصر هو.

 

قاضي ابوالخير ۽ قاضي عبدالرحمٰن اُچي

هيءُ ٻئي بزرگ صاحب عرفان ۽ ڪمال هئا. شيخ اسماعيل جا همعصر هئا.

 

سيد خواجه مسڪين مودودي

هيءُ سيت پور جو رهاڪو هو. پنهنجي وقت جو وڏو بزرگ صاحب ڪرامت ۽ عارف بالله هو. سلطان محمود خان بکر جو همعصر هو.

 

درويش صالح

هيءُ ڪڪراله جو رهندڙ هو. اهل الله ۽ عارفن جي زمري ۾ شامل هو. ڏهين صدي هجريءَ ۾ گذاري ويو.

 

مخدوم صدرالدين راهوتي

هيءُ هالا ڪنڊي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ چائي ۾ رهندڙ هو. هميشه واعظ ۽ نصيحت ۾ گذاريندو هو. سندس وعظ ۾ ڪافي اثر هوندو هو. گودڙي پهريندو هو. وڏو مقام رکندڙ هو، صاحب ڪمال هو. سندس اوصاف من موهيندڙ هئا.

 

مخدوم مراد

هيءُ مخدوم صدرالدين جو فرزند هو. اڪابر علماء ۽ متقين ۾ شمار ٿيندو هو. درويش حسن مقري جو صحبت يافته هو.

قاضي منوّر

هيءُ مخدوم جو فرزند هو. هڪ ڏينهن هي ريشمي لباس پهريو رستو وٺيو ٿي ويو ته رستي ۾ شاهه عبدالڪريم (بلڙي واري) عليہ الرحمة کيس ڏسي چيو ته تنهنجو ڏاڏو ته چتين لڳل ٽوپيءَ کان سواءِ نه پهريندو هو. توکي هيءُ ڪنهن کان ورثي ۾ مليو آهي. ايتري چوڻ تي مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ وڃي سلوڪ وارن ۾ شامل ٿيو.

 

درويش حسن مقري

هيءُ اصل واڍو هو، ليڪن دل جي ڦرهيءَ کي رندو هڻي صاف ۽ لسو ڪري سينگاريو هئائين.

چون ٿا ته کيس هڪ طهارت خانو هوندو هو. جڏهن به ان ۾ وضو ڪرڻ ويندو هو ته بي خود ٿي ويندو هو، هڪ ڏينهن سندس هڪ واڍو مائٽ ان جي ملاقات ڪرڻ لاءِ وٽس ويو. اتفاقاً ان وقت درويش طهارت خاني ۾ ويل هو، هن اندر وڃي ڏٺو ته درويش ٽڪرا ٽڪرا ٿيو پيو هو. هيءُ دهشت کان ٻاهر نڪري آيو.

چون ٿا ته هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت ڪؤنرو هٿ ۾ کڻي وضو ڪرڻ ويٺو ۽ هٿن تي پاڻي هارڻ ٿي گهريائين ته هوڏانهن مؤذن اذان شروع ڪئي ته درويش بيخود ٿي ويو. باقي ڏينهن ۽ رات ۽ ٻئي ڏينهن جي ٻپهري تائين بيهوش پيل هو. ڪنهن کي کيس هوش ۾ آڻڻ جي طاقت نه ٿي. ٻئي ڏينهن جڏهن مؤذن ساڳي وقت اذان ڏيڻ شروع ڪئي تڏهن هوش ۾ اچي پڇيائين ته اڃا مؤذن پنهنجي اذان ختم نه ڪئي آهي.

هڪ ڏينهن مخدوم مراد سندس زيارت لاءِ آيو. پنهنجي سواري وارو ڍڳو، ٻاهر ٻڌي هن جي حاضريءَ ۾ آيو، خادمن کيس ٻڌايو ته هو ستن ڏينهن کان وٺي وضو خاني ۾ ويل آهي، اهو ٻڌي حيران ٿي ويو ۽ ايتري ۾ درويش به ٻاهر نڪري آيو. مخدوم کيس چيو ته ست ڏينهن الله جا فرض وڃايا اٿئي. فرمايائينس ته تون پنهنجي ڍڳي جي وڃي خبر لهه. هن ڳالهه ۾ ڇو پيو آهين؟ اتفاق سان مخدوم جو ڍڳو به غائب ٿي ويو هو. ڏاڍي ڳولها کان پوءِ ڍڳو لهي هليو ويو ۽ وري ڪڏهن به درويش تي اعتراض نه ڪيائين.

 

مخدوم بلال پهتي

هيءُ وڏو عارف ۽ واصل بالله هو. ظاهري علمن ۾ به وڏو شان رکندڙ هو.

چون ٿا ته رات جو هڪ ڪوناريءَ ۾ ويهي ذڪر الٰهي شروع ڪندو هو. جڏهن وجد مٿس غلبو ڪندو هو ته ڪوناري وارو پاڻي گردش ڪندو هو. جڏهن صبح جو هو ٻاهر نڪري ايندو هو ته به پاڻيءَ جوش ۽ گردش ۾ ساڳي طرح هوندو هو، جيستائين درياء ۾ نه ان کي هاريندا هئا، تيستائين بس نه ڪندو هو.

هڪ ڏينهن مخدوم لعل شهباز جي زيارت لاءِ ٻيڙيءَ ۾ روانو ٿيو، هوڏانهن ٻيڙي هلائيندي ميربحر گارگند ۽ بڪواس ۾ مشغول ٿي ويو. مخدوم صاحب ان کان پريشان ٿي بس ڪرائڻ لاءِ پنهنجي مٿي کان ٽوپي لاهي، ان مير بحر جي مٿي تي رکي ته گارين جي جاءِ تي قال الله تعاليٰ ۽ قال الرسول ﷺ ۾ مشغول ٿي ويو. پوءِ لهڻ وقت جڏهن انهيءَ ملاح جي مٿي تان پنهنجي ٽوپي لاٿائين ته وري بڪواس ۾ سندس زبان شروع ٿي وئي .

 

سيد حيدر سنائي

هيءُ سن ڳوٺ جو رهندڙ هو، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر ۽ مخدوم بلال جي خدمت ۾ حاضر ٿي، ڪشف ۽ شهود جو ڄاڻو ٿي ويو. سندس ڪرامتن منجهان هڪ ڪرامت هيءَ آهي ته هڪ ڏينهن ماڻهن جي انبوه ۾ بيٺو هو. سڀني ماڻهن ڏانهن نهاريندي چيائين ته مون کي الله تعاليٰ ڏانهن ماڻهن کي پهچائڻ جا ايترا ته رستا آهن جو هڪ کي ٻئي جي خبر نه رسندي.

 

درويش چرڪس

هيءُ ڏنو سرڪيءَ جو پٽ هو. ونگو جو رهاڪو هو. دين جو شائق ۽ طريقت جي راهه جو سالڪ هو. تحقيق جي ميدان ۾ توفيق جو گهوڙو سڀ کان اڳ ڪڍي ويو هو. اڪثر درويش سندس ئي نظر سان ملاحظ ڪندا هئا. هڪ ڏينهن مخدوم بلال جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس پڇيائين ته فرض جي ادب جو رتبو وڏو آهي يا رعايت؟ مخدوم وراڻيو ته (فرض جي ادب کي ترجيح آهي). ظاهر ۾ هيءُ جواب سندس مرضي مطابق نه هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم جي دل جي ڦرهيءَ تان سندس سڀ علمَ ميسارجي ويا. پوءِ عاجز ۽ پريشان ٿي کانئس معافي ورتائين. پوءِ درويش جي فيض واري نظر سان وري سڀ ڪجهه واپس آيو.

هڪ ڏينهن ڪنهن شخص جي ڳئون گم ٿي وئي. اهو شيخ چرڪس جي خدمت ۾ دعا گهرائڻ لاءِ آيو. (شيخ چرڪس چيو ته) اي خداوندا! جيڪڏهن تنهنجي درگاهه ۾ اها ڳالهه سچي آهي ته جيڪو بي سنّت دعا طلب ڪندو سو مراد تي نه رسندو ته پوءِ ڳئون کي پيدا ڪر. پوءِ هڪدم گم ٿيل ڳئون موٽي آئي.

 

مير سيّد ڪلان

هيءُ ڪربلا معليٰ جي عظيم القدر سادات مان هو. انهيءَ مبارڪ سرزمين کان نڪرڻ بعد پهريائين قنڌار ۾ آيو ۽ سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ آيو. سيوستان (سيوهڻ) جي پسگردائي ۾ اچي رهيو. گهڻو وقت مخدوم لعل شهباز جي مزار پر انوار تي گذاريندو هو. زهد ۽ تقويٰ ۾ بينظير ۽ سلوڪ ۾ وقت جو نامور ۽ ڪامل بزرگ هو.

مير معصوم بکري سندس اولاد مان هو.

 

قاضي عبدالله

هيءُ قاضي ابراهيم درٻيليءَ جو فرزند هو. فضائل سلوڪ جا سبق مخدوم عثمان عبدالعزيز ابهري کان سکيائين، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ ڪامل ۽ اڪمل هو. ڄام نظام الدين جي زماني ۾ رهيو ۽ صاحب باطن به هو. شاهه بيگ جي فتح کان پوءِ درٻيلي کي ڇڏي باغبان ۾ هليو ويو ۽ سن 934هه ۾ گجرات هليو ويو ۽ اتان مدينہ پاڪ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ اتي ئي گذاري ويو.

سندس فرزند شيخ رحمت الله جيڪو ڪماليت جي درجي کي پهتل هو، سو سندس قائم مقام ٿيو.

 

شيخ خضر

هيءُ شيخ موسيٰ جو پوٽو هو، شيخ موسيٰ جو مٿي ذڪر آيل آهي. ڏهين صدي هجري ۾ سير ۽ سفر ڪندو، سنڌ ۾ آيو. اتان ناگور شهر ۾ اچي پهتو ۽ شيخ يحيٰ اُچي جو مريد ٿيو، خلافت مخدوم جهانيان، شيخ عبدالرزاق قادري ۽ شيخ يوسف سنڌي کان ورتائين پوءِ سير ڪندو، وري به سنڌ ۾ اچي رهيو.

سن 911هه ۾ شيخ مبارڪ کانئس وجود ۾ آيو. جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.

 

شيخ زين الدين محمّد دائود

هيءُ ايوب بن دائود، قريشي قادريءَ جو فرزند هو. شيخ اسحاق بن سلطان بهلول قادريءَ جو مريد هو. ڳوٺ اگهم ۾ آسوده حال آهي. حضرت موصوف جي نامور خليفن مان پير فيض بخش صغير ۽ ڪبير به هو. مخدوم نوح ۽ سيد علي شيرازي جو همعصر هو.

 

شاهه ديوانه هالاڪنڊي

هيءُ برگزيده مشائخ مان هو. سندس قبر مخدوم عربيءَ جي قبر جي ڀرسان آهي.

 

درويش قاسم

سندس هنر ۽ ڌنڌو ڪپڙو اُڻڻ هو، مگر سندس ذات حقيقت جي تاڃي پيٽي ۽ فنا و بقا کان واقف ٿي ۽ الله تعاليٰ جي ذات ۾ محو ٿي وئي. مخدوم نوح ﷥ جو مريد هو.

 

سقائي چغتائي

هيءُ تارڪ دنيا ۽ مسڪين حال هو. آخري عمر ۾ نامناسب حالات سبب سرانديپ ڏانهن روانو ٿيو ۽ رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو.

سندس سفر جي هڪ ساٿيءَ کان روايت آهي ته سندس وفات کان پوءِ ان جي جنازي تي هڪ شخص اچي حاضر ٿيو ۽ ٻڌائين ته ٽن راتين کان پاڻ سڳورن ﷺ جن خواب ۾ مون کي فرمائين ٿا ته فلاڻي منزل ۾ منهنجو دوست فوت ٿي چڪو آهي. پاڻ وڃي سندس جنازي تي حاضر ٿيءُ. پوءِ هو جنازي نماز پڙهائي غائب ٿي ويو. ترڪي ۽ فارسيءَ زبان ۾ سندس ڪافي شعر آهن.

 

مخدوم نجيم

هيءُ ريل جي علائقي جي بزرگن جو پيشوا هو. خلق جي هڪ وڏي جماعت جو رهنما هو. مخدوم نوح ﷥ جو همعصر هو.

 

درويش قطب

هيءُ عجيب حالات جو صاحب هو. هڪ ڏينهن بوبڪ ۾ ويو. طالب العلم کانئس پڇيو ته ڪنهن جو مريد آهين، چيائين ته خدا جو مريد آهيان. اتي ماڻهن جو هڪ هجوم اچي ڪٺو ٿيو ۽ ارادو ڪيائين ته کيس مخدوم جعفر وٽ وٺي وڃي، تعذير ڏيارجي. وري چيائين ته بلڪ خدا منهنجو مريد آهي، ان تي ته کين وڌيڪ ڪاوڙ لڳي، پوءِ گهلي کيس مخدوم وٽ وٺي آيا. مخدوم کانئس پڇيو ته چيائين هائو! خدا مريد انهيءَ ڪري آهي ته هو اسان جي حق ۾ جيڪو به ارادو فرمائيندو آهي، اهو هر حالت ۾ وجود ۾ ايندو آهي. اول اسان جي پيدا ڪرڻ ۾ ارادو هئس. ان ۾ اسان جي ارادي جي ڪابه قدرت ڪونه هئي ۽ جو ڪجهه ڪري ٿو ته اهوئي ڪري ٿو. ۽ ظاهر ۾ آءٌ مخدوم نوح ﷥ جو مريد آهيان.

هڪ دانشمند شخص کيس چيو ته ڇو انهيءَ جي بجاءِ هيءُ ڇو نٿو چوين ته الله تبارڪ و تعاليٰ اسان جو دوست آهي ۽ خدا عزوجل اسان سان محبت ڪري ٿو.

چيائين ته ڇا تو نه ٻڌو آهي ته هڪ بادشاهه هزارين سهڻين خوبصورت ڪنيزن جو مالڪ هو. ان هوندي به هڪ ڀنگياڻي کي جيڪا گند جي ٽوڪري کڻي پئي آئي، ان کي ڏسي، مٿس فريفته ٿي پيو ان ۾ ڪهڙي خوبي ڏٺي هئائين.

لڌو بهار

هيءُ مخدوم نوح ﷥ جو تربيت يافته ۽ حقيقت جي منزل تي پهچي گذاري ويو.

 

ميان عبدالرشيد بصير

هيءُ به مخدوم نوح ﷥ جو مريد هو. نابين هو. کيس ظاهري اکين جي بينائي ته ڪونه هئي، مگر باطني ۽ سلوڪ جي بصارت سان آراسته هو. فقيري جي راهه ۾ فنا هو.

مخدوم صابو سومرو

هيءُ مخدوم نوح ﷥ جي دوستن مان هو. هٽڙيءَ جو رهندڙ هو. ظاهري ۽ باطني علمن جو عالم هو.

مولانا ضياءالدين

هيءُ مخدوم صدرالدين جو ٻيو نمبر فرزند هو. علمي ۽ باطني فضائل تي حاوي هو.

 

شيخ عبداللطيف

هيءُ برگزيده عالم ۽ ڪامل متقي هو. مولانا مخدوم ضياءالدين جو همعصر ۽ قريبي هو.

 

درويش باده

هيءُ مخدوم نوح ﷥ جو مريد هو. صاحب ڪمال ۽ عرفان هو.

 

سلطان ڪهمر

هيءُ مخدوم نوح ﷥جي مريدن مان هو. فقيريءَ ۽ مالڪ جي رضا تي راضي رهڻ وارو هو. سندس مقبرو ڳوٺ آڪر ۾ مشهور آهي ۽ سندس فقرآء اتي اچي گڏ ٿيندا آهن.

 

مِٺو فقير

هيءُ به مخدوم نوح عليہ الرحمة جي مريدن مان هو. صاحب ڪمال و فقر هو. مخدوم صاحب کان پوءِ جامع فرخ ٺٽي ۾ گهڻو وقت گذاريائين.

سندس چوڻ آهي ته جڏهن منهنجو مٿو بلندي ڏانهن مائل ٿو ٿئي ته تڏهن مُٺو ٿو ٿيان، يعني مصيبت زده ٿو ٿيان ۽ جڏهن خوديءَ جو خيال ڌاري پنهنجو مٿو مٿي ٿو کڻان ته مَٺو يعني کوٽو ٿو ٿيان، پر جيڪڏهن پنهنجي نفس کي ماري جهڪائي، پنهنجو مٿو نياز نوڙت سان هيٺ جهڪايان ٿو ته مون کي مِٺو سڏين ٿا ۽ مِٺو ٿيان ٿو.

سندس مدفن مڪليءَ ۾ مشهور آهي.

 

مخدوم اسحاق

هيءُ گجرات کان اچي ڪوٽ ۾ رهيو. مخدوم اسماعيل جو مريد هو. علم ظاهري ۽ باطني جي ڪماليت کي پهتل هو. علم جي طلب ۾ ئي گذاري ويو. سندس فرزند ميان احمد ڪتابيءَ جو تذڪرو ايندڙ معيار ۾ ايندو.

 

سيّد احمد جعفر

هن کان مراد احمد بن جعفر آهي. ڇو ته جڏهن سيد جعفر گجرات ۾ پنهنجي فرزند احمد کي پنهنجي مريدن واري جماعت ۾ ڇڏي، پاڻ ٺٽي وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ سندس خادمن کي هن جي وڇوڙي جو صدمو رسيو ته کين چيائين ته مون کي اتي رهڻ جو حڪم ٿيو آهي. اوهان وٽ احمد جعفر رهندو جيئن ته ولي جي زبان مان اهو نالو جاري ٿي ويو ان کان پوءِ اهو نالو احمد جعفر گڏجي ويو. اڻ ڄاڻ وري ائين سمجهن ٿا ته اهي ٻه نالا آهن.

هڪ دفعي سيد احمد، جنهن پنهنجي والد سڳوري کان فيض حاصل ڪيو هو. وقت جي مشائخ جون زيارتون ڪيون هيون ۽ علائقي جي معروف اولياء سان ملاقاتون ڪيون هيون. پنهنجي پيءُ کان هڪ واقعو ٻڌائين ته انهيءَ ڏينهن کي مشائخ جي جماعت جي عرس لاءِ مقرر ڪري ڇڏيائين.

چون ٿا ته هڪ ڏينهن سيد احمد جعفر اهو ارادو ڪيو ته اڄ مشائخ جي عرس جي مجلس ڪوٺائي وڃي ۽ ان ۾ بعض موجوده مشائخ کي به مدعو ڪيو وڃي ته جيئن مجلس آراسته ٿئي ۽ مخلوق ۾ مشائخ جي ڄاڻ ۽ قدرداني ٿئي ۽ ڪي ٻيا به مشائخ جا مريد هن نئين سلسلي سان منسلڪ ٿين. پوءِ شهر جي حاڪم هڪ فرمان جاري ڪيو ۽ جنهن ۾ اهو اشارو ڪيائين ته عرس جي مجلس جي روشنائي لاءِ تيل هرگز نه ڏنو وڃي ۽ ڪنهن خادم کي تيل مهيا نه ڪيو وڃي. پوءِ سيد موصوف جا خادم سارو شهر گهمي ڦري آيا، مگر چراغ لاءِ تيل جو هڪ قطرو به کين نه مليو. سيد ٻڌو ته فرمايائين ڏيئن کي پاڻيءَ سان ڀري ٻاريو وڃي. اميد آهي ته سج ۽ چنڊ وانگر ڏيئا به روشني ڪندا. فقرآئن ڏيئن کي پاڻي سان ڀري ٻاريو ته تيل جي خاصيت پاڻيءَ ۾ پيدا ٿي پئي.

چون ٿا ته سيد جي ڪرامت سبب ائين ٿيو جو پاڻي، تيل کان وڌيڪ روشني ڪرڻ لڳو. جيئن ته خاندان جي چراغ کي وسائڻ گهريائون ٿي پر ڪرامت جي شمع جي روشني سان ان جي ارادتمندي کي زندهه رکيو ويو.

ان وقت کان پوءِ هر سال انهيءَ مجموعي کي سندس اولاد، مشائخ وانگر قائم رکيو پيو اچي.

سيد احمد جعفر جي اولاد انهيءَ هنڌ آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي نامور بزرگ ٿي گذريا آهن.

 

سيد محمّد هاشم رضوي

هيءُ رضوي سادات مان هو. اول ديهه نصرپور ۾ ويٺل هو. انهيءَ جڳهه تي برگزيده مشائخ ۽ ڪامل اوليآء ٿي گذريا آهن ۽ پڪي روايت آهي ته اٽڪل پنجاهه سال اڳ سيلاب اچڻ سبب ان جاءِ کان ٻين سڀني سادات جي نعشن سان گڏ جيڪي اتي مدفون هئا، اتي سندس نعش کي به منتقل ڪيوويو. ماڻهن جي هڪ جماعت ٻڌايو ته 220 سال انهن جي فوت ٿيڻ کي گذري چڪا آهن. پر سندس نعش کي بلڪل صحيح سالم ڪڍيو ويو. ميت جي ڪنهن به عضوي کي ڪوبه نقصان ڪونه رسيو هو. هڪ تازو انگورن جو ڇڳو ۽ ان سان گڏ چند نبات جا داڻا سندس ساڄي پاسي کان رکيل هئا، جن کي مريدن پاڻ ۾ ورهائي کاڌو ۽ انهن انگورن ۽ نباتن ۾ هاڻوڪي انگور ۽ نباتن کان وڌيڪ ميٺاج ۽ لذت هئي.

 

مخدوم شيخ عبدالقادر

سندس لقب عبدالقادر ثاني هو. دارالشڪوه سفينة الاولياء ۾ شيخ عبدالحق دهلوي جي حوالي سان لکيو آهي، ته شيخ موصوف اخبار الاخيار ۾ ڄاڻايو آهي ته شيخ عبدالقادر ثاني، حضرت غوث الثقلين قدس سره جن جي ولايت جو حقيقي وارث آهي. سندس اولاد ۾ ولايت، عزت ۽ شرافت ۽ حسب جو خلف اهوئي آهي. سندس مدفن سندس والد سڳوري جي گنبذ ۾ ئي آهي.

 

سيد محمد حسين قادري

هيءُ حضرت سيد الاولياء غوث الثقلين شيخ سيد عبدالقادر جيلاني جن جي اولاد مان هو.

هي صاحب ڪرامات و آثار مشائخ مان هو. شاهه بيگ سان گڏجي آيو ۽ ٺٽي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. مخلوق جو رجحان ڏانهس ٿيو ۽ هڪ ڪثير جماعت سندس مريدي اختيار ڪئي. ڪيترائي پير، خليفا سندس معتقد ٿيا. سندس نسب مان چند پيڙهيون وجود ۾ آيون، آخر سندس اولاد مان خواجه شهاب الدين کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه رهيو.

 

سيّد عبدالله

هيءُ شاهه حافظ الله گجراتي جي سوٽاڻ مان هو. غوث الثقلين قدس سره جي اولاد مان هو.

سيد شڪرالله شيرازيءَ جي دوستن ۽ رفيقن مان هو. اڪثر وقت مڪليءَ ۾ جتي هينئر مدفون آهي. خلق الله کان پوشيده الله تعاليٰ جي ياد ۾ گذاريندو هو. سندس قبر عدم تعارف سبب اڻ ڄاتل زقوم (ٿوهر) جي ڪن وڻن جي هيٺان ٻڌائي پئي وڃي.

چون ٿا ته: مخدوم نوح جڏهن به ڪنهن سواريءَ تي مڪليءَ جي زيارت لاءِ ايندو هو ته سواريءَ تان لهي مڪليءَ جي زيارت پيادل ڪندو هو. سيد منجهن شاهه جي قبر جي زيارت ڪري وري سيد عبدالله جي زيارت لاءِ اتي ويجهو زقوم جي وڻن ڏانهن منهن ڪري بيهي فاتحه پڙهندو هو.

هڪ ڏينهن مخدوم صاحب سان گڏ زيارت ڪرڻ وقت سيد علي انجوي به هو. مخدوم صاحب انهيءَ جڳهه تي فاتحه پڙهڻ لڳو، جتي قبر ڪونه هئي، چيائينس ته زقوم جي وڻ کان سواءِ ٻيو ته ڪوبه نشان ڪونه آهي. ڪنهن تي فاتحه اوهان پڙهي؟ فرمايائينس ته هن جاءِ تي بزرگ آهي.

شيخ يعقوب ۽ خليفه ابوالبرڪات ٻئي شاهه حافظ الله گجراتي جي طرفان قبر جي ظهور ۽ زيارت لاءِ اچي پهتا. زقوم جي وڻن کي صاف ڪري زمين ڪڍيائون ۽ قبر جا نشان ڏٺائون. سيد علي پٿر ڍوئيندو ٿي آيو ۽ شيخ يعقوب ۽ خليفه ابوالبرڪات قبر ٺاهيندا ٿي ويا. ان کان پوءِ سندس قبر جي زيارت لاءِ ڪيترائي ارادتمند، حصول فيض لاءِ ۽ حاجات برائي مشڪلات آساني دائمي ايندا رهيا ۽ ايندا رهن ٿا.

مڪليءَ ۾ سندس درگاهه مستند آهي، ڇو ته هڪ برگزيده بزرگ کان ٻڌو ويو، اهو فرمائي ٿو ته نبي ڪريم ﷺ جن جي مجلس ۾ کيس سندن ويجهو ڏٺو ويو آهي. التماس ڪرڻ بعد پاڻ فرمايائون ته هيءُ اسان جو اصحابي آهي. انهيءَ ڪري عوام جي زبان تي سيد عبدالله اصحابي نالو جاري ٿي ويو. هن وقت سندس قبر انهيءَ ئي نالي ۽ نشان سان مشهور آهي.

 

سيد ڪمال ۽ سيد جمال حسيني شيرازي

اهي ٻيئي ڀائر جلال ۽ جمال جو مظهر هئا. معالم شهود جا واقف ۽ سرمدي شيرازي هئا. سيد شڪرالله شيرازيءَ جي رفاقت ۾ ٺٽي ۾ آيا.

سيد ڪمال ٺٽي ۾ معرفت ۽ ارشاد جي شمع روشن ڪئي. جڏهن فوت ٿي ويو تڏهن سندس رهڻ واري گهر ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سيد جمال به پنهنجي زندگي خاص عرفان لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هيءُ سيد شڪرالله جي قبر جي اُترين طرف کان ٿوري مفاصلي تي مدفون آهي. سيد محمد يوسف جو ڀاءُ سيد عبدالرزاق به ان جي ڀرسان مدفون آهي.

 

سيد منبه

سيد شڪرالله جي رفيقن مان هيءُ سندس چوٿون رفيق هو. گودڙي پوش فقير هو. حسيني زاده هو. صاحب سلوڪ هو. معالم شهود رباني کان واقف هو. حضرت غوث الثقلين جي اولاد مان هو. سيد قاضي شڪر الله تمام محبت ۽ اخلاص سبب ان جي ئي قريب محلي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ۽ هڪ پوڙهي خادمه جي گهر ۾ ساري عمر گذاريائين ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو. سندس قبر خلق جي زيارت جي جاءِ آهي.

سندس پيرانديءَ ۾ ماءُ ۽ پٽ جون ٻه قبرون آهن. انهن مريدن جون قبرون به اتي آهن جن جي گهر ۾ هي رهندو هو.

درس وريو

ولد لاکو، لاکو ريل جي درويشن ۽ مشائخ مان هو. درس وريو هن طرف آيو. هن ۽ سيد علي جي وچ ۾ مهاڻن جي تلاءَ تي مڇي جي منڍي بابت سوال ۽ جواب هلندو هو. سيد جو اهو چوڻ هوندو هو ته نه کائڻ گهرجي. هي ابتدا ۾ الله جي مخلوق ۾ مشهور ٿيو ۽ سندس بزرگيءَ جي شان جي هاڪ پئجي وئي .

ناله سونه ڳوٺ جي قريب مدفون آهي. سندس متولي ان جي اولاد مان نه، پر هم درسي ۽ فقير آهن. ڪوهستاني ماڻهو سندس ڏاڍا معتقد آهن. هر مهيني ۾ گڏ ٿي حاضري ڀريندا آهن.

 

درويش آچر

اصل ۾ هيءُ ڀوڳڙي هو، پر پاڻ کي ڀڳڙو ڪري ڇڏيو هئائين ۽ فقيريءَ جي دولت جي طلب ۾ ريگستان ۾ پاڻ کي ڀڃي ڇڏيو هئائين.

چون ٿا ته ابتدائي طلب ۾ هڪ ڏينهن پنهنجي دڪان ۾ ستو پيو هو ته سيد علي سندس پيرن کي زور ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويو. سيد حليم انهيءَ رستي تان لنگهيو ۽ ٻنهي کي سڃاڻي چيائين ته هُتي هو نمونو ۽ هِتي هيءُ روش. درويش آچر، پنهنجي مُنهن تان چادر پري ڪري چيو ته اهي گهڻا آهن ۽ هو گهڻن ۾ ٿورا ۽ هي ٿورن ۾ به ٿورا آهن. پوءِ سيد حليم هليو ويو ۽ سيد علي درويش (آچر) کان معنيٰ پڇي ته درويش چيو ته سيد حليم منهنجي خدمت ڪندي توکي ڏٺو ته چيائين ته هتي هن جي ناني جي اولاد ڪيڏو نه نياز ۽ نوڙت ۽ ادب سان آباد آهي. وري تون هِتي سندن اولاد کان پنهنجي خدمت پيو وٺين! مون کيس جواب ۾ چيو ته هڪڙو ٽولو اهڙو آهي جو ٻين کان پنهنجو نفعو گهڻو گهرندو آهي، اهڙا ماڻهو گهڻا آهن ۽ وري هڪڙو ٽولو اهڙو آهي جو ٻين جو فائدو پاڻ کان وڌيڪ چاهيندو آهي. اهڙا ماڻهو گهڻن ۾ ٿورا آهن. پر ڪي ماڻهو اهڙا آهن جو پاڻ کي نقصان به رسائي ٻين کي فائدو پهچائيندا آهن، اهڙا ماڻهو ٿورن ۾ ٿورا آهن.

روايت آهي ته شهر جي سيدن هن درويش کي شهر بدر ڪري ڇڏيو، ڇو ته کين ناگوار لڳو ته بزرگن جي اولاد کي پاڻ ڏانهن رجوع پئي ڪيو ۽ کانئن خدمت پئي ورتائين. چيو وڃي ٿو ته سيد علي کيس ڳولهي لڌو. پوءِ سيد عليءَ کي ساري امانت سپرد ڪري فوت ٿي ويو.

 

درس دائود

هيءُ پنهنجي وقت جو باڪمال بزرگ ۽ صاحب ڪرامت هو. ڪولاب ڍنڍ تي مدفون آهي. انهيءَ وقت جي رسم موجب پاڻيءَ ۾ راند کيڏندي جنهن کي به وٺي سوگهو ڪندا هئا ته راند ۾ ان تي آڳ اچي ويندي هئي. اتفاقاً درويش تي اڳ اچي وئي سڀني درويش جي ڪڍ پيا پوءِ جنهن کي به ورتائين ٿي ان کي پاڻيءَ ۾ غوطه ڏيئي، حقيقت جي بحر کان کيس واقف بڻائي ڇڏي ڏنائين، ۽ اهو واصل بالله ٿي رهيو هو.

 

سيد حليم

هيءُ حسني سادات مان هو. درويش ۽ فقر ۽ فنا جو صاحب هو. خلق جي فيض جو سرچشمو هو.

جڏهن مدفن جي جڳهه جي انتخاب ڪرڻ جو مسئلو آيو ته سندس قبر کي درس دائود جي مدفن جي ڀرسان پسند نه ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ٻنهي درويشن جي ويجهڙائي سبب متولي ٿيڻ تي جهڳڙو پيدا ٿي پوندو. اهو جهڳڙو هميشه رهندو ايندو. سيد چيو ته منهنجي مزار تي متولي ٿيڻ جو جهڳڙو پيدا نه ٿيندو، ڇو ته منهنجي مزار تي جنهن به توليت جي طلب يا دعويٰ ڪئي يا مجاورت ڪئي اهو چريو ٿي ويندو. اهو شعور شايد ڪنهن ٻئي بزرگ جي بزرگيءَ ۾ معلوم نه ٿي سگهيو آهي آخر ٿيو به ائين.

 

علي بن حسين واعظ معروف بالصفيٰ

هيءُ خواجه ناصرالدين احرار سان نسبت رکندڙ ۽ کانئس فيض يافته هو. رشحات ۾، جيڪا سندس تصنيف آهي. چوي ٿو ته منهنجو والد صاحب سبزوار کان خاص علوم جي تحصيل لاءِ نيشاپور آيو ۽ حضرت مير عزيزالدين طاهر جي خدمت ۾ پهچي سندس شاگرديءَ ۾ داخل ٿيو، جيڪو حضرت مير عبدالاول جو ڏاڏو هو. خواجه عبيدالله احرار جي اڪابر مريدن مان هو. جڏهن هيءُ فقير سمرقند ۾ آستان جي چائنٺ چمڻ ويو ۽ حضرت خواجه سان مشرف ٿيو ته مير عبدالاول اڳوڻي ڄاڻ جي آڌار سبب هن فقير تي ڪافي توجه ڏنو. مولوي نورالدين عبدالرحمٰن جامي سان سندس هم زلفي جي نسبت هئي. خواجه ڪلان ولد مولوي سعدالدين ڪاشغري کي ٻه نياڻيون هيون، هڪ مولوي عبدالرحمٰن جامي جي نڪاح ۾ ڏني هئائين ۽ هڪ نياڻي هن کي نڪاح ۾ ڏني هئائين.

سندس وفات جي تاريخ معلوم نه آهي، البته سندس مشهور ڪتاب رشحات 900هجري ۾ شايع ٿيو، انهيءَ جي آڌار تي، سندس همعصرن جي حياتي جي احوال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

 

ميرڪ شيخ محمود

هيءُ ميرڪ ابوسعيد بن امير علي شاهه سبزواري عرب شاهي جو فرزند هو، ابوسعيد، شيخ جلال الدين پورانيءَ جو ڏهٽو هو.

ميرڪ شيخ ابوسعيد کي باطني فيض جو ورثو شيخ جلال الدين پوراني کان مليو ۽ ڪماليت کي پهتو. پاڻ سبزوار کان لڏي اچي قنڌار ۾ ويٺو. سندس فرزند شيخ ميرڪ ۽ شيخ بايزيد، شاهه بيگ ارغون سان قنڌار مان نڪري سنڌ فتح ڪرڻ وقت ساڻس گڏجي سنڌ ۾ آيا. ميرڪ شيخ محمود ٺٽي ۾ ۽ ميرڪ بايزيد بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. ڪيترا سال هڪ وڏي عهدي، يعني شيخ الاسلاميءَ جي منصب تي فائز هوندي به تدريس جو ڪم جاري رکيائين ۽ ڪيترن طالب علمن کي پنهنجو فيض پهچائيندو رهيو.

محرم سن 964هه ۾ گذاري ويو. سندس اولاد پنهنجي وڏن جي بزرگي کي قائم ڪيو ۽ ٺٽي ۾ رهڻ لڳو.

ميرڪ بايزيد

هيءُ ميرڪ ابوسعيد شيخ الاسلام بکر ۽ سکر جو فرزند هو. بکر ۾ ئي مقيم رهيو، سندس اولاد به اتي ئي آهي. هن جي مزار خلق جي زيارت جو مرڪز بڻيل آهي.


(1) گلزار ابرار ۾ غوثي سنڌ جي ڪجھ بزرگن جو ذڪر ڪيو آھي. جن مان اڪثر جو تعلق سڌي يا اڻ سڌي طرح مسيح الاوليا شيخ عيسيٰ سنڌي سان ھو _

جيئن شيخ مبارڪ پاٽائي، مخدوم عباس پاٽائي ثم ھنڱورجائي، مخدوم نوح، شيخ جلال متو، مخدوم جعفر، شيخ طيب تاب ثره، شيخ اسحاق قلندر، شيخ لاڏ جيو سنڌي، تاج العاشقين پور عبدالله سنڌي ۽ اسماعيل سومرو وغيره.

ملا اسماعيل سومرو جو ذڪر گلزار ابرار، تاريخ تحفه الڪرام ۽ تذڪره مشاهير سنڌ ۾ موجود آهي. هي بزرگ ڪيتري عرصي کان سنڌ ۾ مقيم هو، ھتي ئي دين جي خدمت ڪيائين ۽ ھتي ئي وفات ڪيائين.

(1) صحيح نالو علاؤالدين هئڻ گهرجي. الهٰ الدين جي معنيٰ ”دين جو خدا“ آهي سو غلط  آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com