سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 13

 

شيخ شرف الدين عيسيٰ

 هيءُ حضرت شيخ محي الدين سيّد عبدالقادر جيلانيءَ جو ٻيو نمبر فرزند هو. علم پنهنجي پيءُ کان حاصل ڪيو هئائين. پنهنجي پيءُ کان پوءِ حديث ۽ فقہ جو درس ڏيندو هو. حضرت غوث ڪتاب فتوح الغيب کي سندن لاءِ تصنيف ڪيو. ۽ ڪتاب جواهر الاسرار سندس ئي تاليف ڪيل آهي ۽ هيءُ سال 573هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس قبر مصر ۾ آهي.

 

خواجه احمد بن مودود بن يوسف چشتي

هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته جناب رسالت مآب ﷺ مون کي فرمائي رهيا آهن ته جيڪڏهن تون اسان جو مشتاق آهين ته اسان به تنهنجا مشتاق آهيون. صبح جو ٽن ساٿين سان گڏجي حجاز ڏانهن روانو ٿيو. حج ڪرڻ کان پوءِ مدينہ طيبہ ۾ پهتو ۽ ڇهه مهينا حرم جي مجاورت ڪيائين. سندس حرم ۾ خدمتگار ٿي رهڻ، اتان جي اڳين خادمن تي ڏاڍو گران گذريو. پوءِ کيس رنجائڻ ۽ ڀڄائڻ جون ترڪيبون سوچي رهيا هئا. پوءِ روضہ مبارڪ مان آواز آيو، جنهن کي سڀني حاضرين ٻُڌو ته هن کي هرگز نه رنجايو وڃي، ڇو ته اهو اسان جي مشتاقن منجهان آهي.

بعد ۾ واپس بغداد پهتو ۽ شيخ شهاب الدين سُهرورديءَ سندس وڏو استقبال ڪيو ۽ وڏي عزت ۽ احترام سان کيس پنهنجي خانقاه تي وٺي آيو، ڇاڪاڻ ته کيس خليفي خواب ۾ ڏٺو هو، تنهنڪري سندس تعظيم ڪيائين ۽ هديه ڏنائينس ۽ ان کان هديه واريون شيون وٺي فقراء ۾ تقسيم ڪري ڇڏيائين.

سندس ولادت 507هه ۾ آهي ۽ سندس وفات 577هه ۾ آهي.

 

حيات بن قيس حراني

هيءُ انهن چئن شخصن منجهان آهي جن لاءِ شيخ ابوالحسن قريشي فرمايو آهي ته مشائخ مان چئن شخصن کي مان ڄاڻان ٿو جيڪي پنهنجن قبرن ۾ تصرف ٿا ڪن:

(1) معروف ڪرخي، (2) شيخ عبدالقادر جيلي، (3) شيخ عقيل مينجي (منبجي) ۽ (4) شيخ حيات حراني.

سندس وفات جو سال 581هه آهي.

 

شهاب الدين مقتول سهروردي

سندس نالو يحييٰ بن حبش هو. مشائيان(1) ۽ اشراقيان(2) جي حڪمت ۾ امتيازي حيثيت جو حامل هو. انهن مان هرهڪ بابت تصنيفات به ڪيون اٿائين.

بعض جو چوڻ آهي ته کيس علم سيميا(3) جي ڄاڻ هئي. چنانچه هڪ دفعي پنهنجي سنگت سان سفر ۾ نڪتو ۽ بيابان ۾ کين بک لڳي ارادوڪيائون ته هڪ ٻڪري خريد ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ ٻڪرار ضد ڪيو. سنگت کي چيائين ته اوهان ٻڪري ڪاهي هلو مان کيس راضي ڪندس پوءِ اُهي جڏهن ٻڪري کي ڪاهي پري هليا ته هن به وڃڻ جو ارادو ڪيو ته ٻڪرار سندس هٿ کي پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته سندس هٿ جدا ٿي، ٻڪرار جي هٿ ۾ هليو آيو ۽ ان مان رت به وهڻ لڳو. هو هٿ کي ڦِٽو ڪري روئڻ لڳو. اهو رومال ڳاڙهو هٿ ۾ هو. پاڻ سنگت وٽ اچي پهتو.

حلب جي علمائن سندس لاءِ قتل جي فتويٰ جاري ڪئي. پوءِ 63 ورهين جي عمر ۾ سال 587هه ۾ قتل ڪيو ويو.

بعض کيس ملحد ۽ زنديق سڏين ٿا ۽ بعض جو چوڻ آهي ته صاحب ڪرامت هو. سندس قتل کان پوءِ هن جي ڪرامات جا ڪافي شواهد ميسر ٿيا.

شيخ شمس الدين تبريزي فرمايو ته خدا جي پناهه! هو ڪافر نه ٿي ويو هجي، جو سندس علم هن جي عقل تي غالب ٿي ويو هو. علم آيو ۽ عقل مغلوب ٿي ويو.

 

افضل الدين حقايقي بديل خاقاني

سندس لقب سلطان الشعراء حسان العجم آهي. فلڪي شاعر جو شاگرد هو. شعر جي ڪري کيس ڪافي شهرت حاصل هئي. هر قصيدو حضرت بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي ان جو صله هڪ هزار دينار مع تشريفات ۽ انعامات حاصل ڪندو هو. ان کان سواءِ هو مبدع سخن هو. سندس ڪلام جي طرز نرالي هئي ۽ حضرت خاقان ڪبير منوچهر سان سندس نسبت قوي هئي ۽ ان جي خواص مان هو. انهيءَ حالت ۾ چند سال گذارڻ بعد کيس اوچتو ذوق فقر پيدا ٿيو. پوءِ شيروان شاهه جي اجازت کان بغير بلقان ڏانهن روانو ٿيو. شاهه جي اهلڪارن کيس رستي ۾ ئي گرفتار ڪري شاهه وٽ پيش ڪيو. شاهه کيس ست مهينا شاهران قيد ۾ بند ڪيو. آخر خاقان ڪبير جي ڪوشش ذريعي آزاد ٿيو. پوءِ مڪہ پاڪ ڏانهن روانو ٿيو.

سفر دوران اسرار ڏٺائين. خضر عليہ السلام سان ملاقات ڪيائين. دين جي ڪيترن ئي مشائخ سان مليو. جن جو تذڪره تحفة العراقين ۾ ڪيو اٿائين. ان بعد تبريز ۾ واپس آيو۽ دنيا کان لاتعلق ٿي آخرت جي ڀلائي لاءِ گوشہ نشيني اختيار ڪيائين. آخر سال 595هه ۾ فوت ٿي ويو. کيس سرخاب ۾ دفن ڪيو ويو.

 

شيخ ابومدين مغربي

سندس نالو شعيب بن حسين ۽ حسن هو. پنهنجي حلقه جي اڪابرين مان هو. وقت جي ڪافي مشائخ جو صحبت يافتہ ۽ تربيت يافتہ هو. شيخ محي الدين عربي به سندس تربيت ڪئي هئي.

امام يافعي ٿو فرمائي ته يمن جي اڪثر شيوخ جي نسبت شيخ عبدالقادر سان آهي. بعض جي نسبت ابومدين سان آهي. يعني انهن ٻنهي مان هڪ شيخ مغرب آهي ته ٻيو شيخ مشرق يعني شيخ عبدالقادر. هيءُ سال 590هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شيخ جايگير قدس سره

هن جي شيخ ابوالوفا ڏاڍي تعريف ڪئي آهي ۽ پنهنجي طاقيه (درويشن جي پائڻ جي هڪ خاص قسم جي ٽوپي) شيخ علي هيئتي جي ذريعي ان ڏانهن موڪلي ڏني هئائين، پر خود حاضريءَ جي زحمت نه ڪيائين. چيائين ته مون حق تعاليٰ کي عرض ڪيو آهي ته جايگير کي منهنجو مريد بڻاءِ پوءِ الله تعاليٰ مون کي اهو عنايت فرمايو آهي.

هيءُ اصل ڪرمان جو باشندو هو. پوءِ عراق جي صحرا ۾ هڪ ڏينهن سامره ۾ ترسيو ۽ ان جاءِ تي ئي هو ته فوت ٿي ويو. سندس وفات جو سال 590هه آهي.

 

شيخ نظامي گنجوي

سندس پيدائش جو هنڌ قُم آهي. هيءُ علوم ظاهر ۽ باطن جي جامع عالم هئڻ سان گڏ سرڪاري ضابطن جو وڏو ڄاڻو هو. پنهنجي ساري زندگي قناعت، تقويٰ ۽ گوشہ نشيني ۾ گذاريائين. اهل دنيا ڏانهن سندس توجه هرگز ڪونه هو.

سندس ڪتاب مثنوي پنجگانه يعني پنج گنج ڪتاب کي ڪافي شهرت حاصل آهي. ان ۾ ظاهري طور تي افسانا ۽ سلاطين کي نصيحتون آهن، پر روحانيت ۽ حقيقت تي ٻڌل آهي. هيءُ سال 594هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

شاه سنجان

سندس نالو رڪن الدين هو. سنجان خواف جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. خواجه مودود جو مريد هو. ڪجهه وقت چشت ۾ امامت ڪيائين ۽ کيس خواجه سنجان سڏيندا هئا.

شاهه جو لقب کيس خواجه مودود عطا ڪيو هو. انهيءَ ڪري کيس شاهه سنجان به سڏيندا هئا. سندس وفات جو سال 597هه آهي.

 

ابومحمد الحسن بن علي بن حمزه بن محمد بن الحسن الحسيني

معروف بابن الاقساسي

سندس ولادت ۽ پرورش ڪوفي ۾ ٿي. بغداد جي خليفي ناصر سادات عالي درجات جي نقابت ان جي ئي سپرد ڪئي. اسي کان وڌيڪ ورهين جي عمر ۾، سال 593هه ۾ گذاري ويو.

 

شيخ سيدي احمد بن ابي الحسن رفاعي

هيءُ امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جي اولاد مان هو. سندس خرقہ خلافت پنج واسطن سان شيخ شبلي تائين پهچي ٿو. جهڙوڪ هن جو واسطو شيخ علي سواسطي مغاوي سان ۽ هن جو واسطو شيخ ابي الفضل بن ڪافح سان ۽ هن جو واسطو شيخ علي بن علام سان، هن جو شيخ علي بن بازياري سان، هن جو شيخ مملي العجمي سان ۽ آخري واسطو ابي بڪر شبلي سان. سلسلہ رفاعيہ سندس نالي سان منسوب آهي.

طريقة الزهد والمجاهدة والستر علي عيوب الخلق والشفقة عليهم و ترک العقاب الي الدنيا و دوام اشتغال بالا ذڪار الجليلة و اڪثر ذڪرهم هو الحي القيوم والله لا اِلٰہ اِلاّهو الحي القيوم الفا ليلا و نهارا.

يعني سندن زهد جو طريقو: تقويٰ، نفس جي خلاف مجاهدا ڪرڻ، مخلوق جي عيبن جي پرده پوشي ڪرڻ، خلق جي مٿان شفقت ڪرڻ، دولت ۽ دنيا کان ڪناره ڪشي ڪرڻ، ايذاء تي صبر ڪرڻ ۽ رات ۽ ڏينهن ۾ ذڪر ۾ مشغول رهڻ سندن اڪثر ذڪر رات ڏينهن ۾ هڪ هزار ڀيرا هو الحي القيوم ۽ واللہ لا اِلٰہ اِلاّهو الحي القيوم جو ورد هو.

سندس پويان سيد علي رفاعي سيد عبدالرحيم رفاعي ۽ قطب الاقطاب شاهه مسعود اسفرايني ۽ اُم عبيده ساڪن بطايح هئا،

ابوالحسن علي جو سندس ڀاڻيجو ٿئي. بيان ٿو ڪري ته هڪ ڏينهن هن وٽ خلوت ۾ آءٌ ويٺو هئس . اتي ڪوبه آواز ڪونه ٻڌم ۽ نه وري ڪا شيءِ ڏٺم. البته روشندان مان برق رفتار چمڪندڙ هوا جو گذر ٿيو. مون شيخ کان پڇيو ته اهو ڇا هو؟ چيائين تو ان کي ڏٺو ڇا؟ چيم هائو! چيائين ته هيءُ شخص انهن چئن مان آهي جنهن کي ٽن ڏينهن کان مهجور ڪيو ويو آهي پر کيس خبر ڪونه آهي. عرض ڪيم اي سائين! هن جي مهجور ٿيڻ جو سبب ڪهڙو آهي. فرمايائين ته هو بحر محيط جي هڪ ٻيٽ ۾ مقيم هو. ان جاءِ تي ڇهه ڏينهن رات مسلسل برسات پئي. پوءِ هن پنهنجي خيال خاطر چيو ته جيڪر اها برسات ڪنهن آباديءَ جي مٿان وسڪارو ڪري ها، پر استغفار ته ڪيائين. انهيءَ بي ادبي ۽ اعتراض سبب کيس مهجور ڪيو ويو. پوءِ وري عرض ڪيم اي سائين! سندس مهجور ڪرڻ کي ظاهر ڇو نه ڪيو وڃي. فرمايائين ته نه! مون کي شرم ٿو اچي، چيم جيڪڏهن مون کي فرمايو ته مان ظاهر ڪريان، فرمايائين ته ڇا تون ظاهر ڪندين؟ چيم هائو!

فرمايائين ته پنهنجي ڪنڌ کي گريبان ۾ وجهي مراقبو ڪر. مون ائين ڪيو ته ٿوري دير کان پوءِ منهنجي ڪنن ۾ آواز پيو ته اي علي! پنهنجو ڪنڌ مٿي ڪر، پوءِ ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺم ته مان بحر محيط جي هڪ جزيره ۾ آهيان. اهو ڏسي حيران ٿي ويس. اتان اٿي ٿورو پنڌ ڪيم ۽ اڳتي وڌي ڏٺم ته هڪ شخص موجود آهي. ان کي سلام ڪري کيس اهو سمورو قصو ٻڌايم. مون کان قسم وٺي چيائين ته جو ڪجهه به توکي چوان، اهو توکي ڪرڻو پوندو. چيم هائو ڪندس. چيائين ته هيءَ منهنجي خلعت منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي مون کي زمين تي گهليندو وڃ ۽ اعلان ڪندو وڃ ته هيءَ سزا انهيءَ شخص کي ملي آهي، جنهن شخص الله تعاليٰ جي حڪمت تي اعتراض ڪيو هو. پوءِ وعدي موجب مون ائين ڪيو. پوءِ غيبي آواز آيوته اي علي! هاڻ ان کي ڇڏي ڏي. آسمان جا ملائڪ انهي لاءِ آهه و زاري ڪن ٿا. الله تعاليٰ کانئس راضي ٿي ويو آهي. پوءِ جڏهن اهو آواز ٻڌم ته بيهوش ٿي ويس. جڏهن هوش ۾ آيس ته پاڻ کي پنهنجي پير جي اڳيان موجود ڏٺم.

سيدي احمد جي فوت ٿيڻ جو سال 578هه آهي.

 

شيخ ابوعبدالله محمد بن ابراهيم قريشي هاشمي

هيءُ امام العارفين ۽ دليل السالڪين هو. هيءُ پاڻ ذڪر ٿو ڪري ته آءٌ منيٰ ۾ هئس . تمام سخت اُڃ لڳي پاڻي ڪونه لڌم. آخر گهڻي ڳولها ۽ پريشاني کان بعد پاڻيءَ جو هڪ کوهه ڏٺم، جنهن جي مٿان پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو انبوهه بيٺو هو. انهن مان هڪڙي کي مون چيو ته هن لوٽي ۾ مون کي ٿورو پاڻي ڏي. منهنجي هٿ کان ڇڪ سان لوٽو کسيندي وري واپس ڏنائين. مون سمجهيو ته شايد پاڻي ڏيڻ نه ٿو چاهي، شڪسته دل سان لوٽو ورتم پر ڏٺم ته ان ۾ مٺو پاڻي موجود آهي، اهو پاڻي پيتم وري لوٽي کي پاڻيءَ سان ڀري واپس آيس ۽ سنگتين سان اهو قصو ڪيم. هو ڊوڙندا ويا مگر ان جاءِ تي ڪجهه به ڪونه ڏٺائون.

سندس وفات جو سال 599هه آهي.

 

السيد الاجل الاشرف شرف الدين حسن بن ناصر علوي

دولت شاهه، تذڪرو آندو آهي ته سيد صاحب هڪ مجلس ڪوٺائي، جنهن مجلس ۾ تقريبًا ستر هزار ماڻهو جمع ٿيا. جڏهن بهرام شاهه اها خبر ٻڌي، تڏهن هُن ٻه اگهاڙيون تراريون هڪ مياڻ ۾ وجهي ڏانهس موڪلي ڏنيون. سيد صاحب بهرام شاهه جو غرض سمجهي ويو ۽ فورًا سفر اختيار ڪري مدينہ طيبّہ ۾ حاضر ٿيو ۽ نبي اڪرم ﷺ جن جي روضة المبارڪ تي پهچي التجائي عرضداشت پڙهيائين. حمد الله مستوفي پنهنجي ڪتاب تاريخ گزيده ۾ ذڪر ڪري ٿو ته سيد صاحب روضہ اطهر تي جڏهن هي بيت پڙهيو:

بيت

لاف فرزندي نيارم زد در اين حضرت ولي

مدحتي آوردم اينکه خلعتي بيرون فرست

ترجمو: فضول طلب نه آندي آهي، فرزند هن حضرت وارث وٽ مگر مدح آندي اٿم ته خلعت منهنجي ٻاهر موڪلي وڃي.

پوءِ فورًاخلعت روضہ اطهر کان ٻاهر نڪري آئي، ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته هر طرف کان ڊوڙندي سندس گرد جمع ٿي ويا ۽ اعتقاد ۾ مربوط ٿي ويا. پوءِ جڏهن هي بغداد ۾ آيو ته ان وقت سلطان مسعود بن محمد بن ملڪ شاهه (529هه/ 1134ع) ۾ المسترشد بالله عباسي(1) کي قتل ڪري، بغداد جو مالڪ بڻجي ويٺو ۽ ڏولي سامان ۽ زر جي ڀري کيس نذر ڪيائين ۽ تمام عزت ۽ احترام سان خراسان ڏانهن کيس روانو ڪيائين. جڏهن جوين پهتو ته ڳوٺ ۾ ئي (مال متاع تقسيم ڪري) پاڻ کي آزاد رکيائين. سال 539هه ۾ سندس مرغ روح هن عنصري پنڃري مان پرواز ڪري ويو.

 

جمال الدين محمد بن ناصر علوي

هيءُ سيد حسن جو وڏو ڀاءُ هو. حسن ڪلام ۽ افراد کان بزرگ ترين هو. بهرام شاهه کيس عالي مرتبي تي فائز ڪيو.

 

شيخ ابوطاهر ڪرد

هيءُ حضرت خضر عليہ السلام جي صحبت ۾ رهيو هو. سندس مرشد شيخ احمد جام هو. شيخ احمد جام کي ساڻس ڪافي محبت هئي.

 

ابي عبدالله احمد نقيب قم بن محمد اعرج

بن احمد بن موسيٰ المرقع بن امام تقي عليہ السلام سندس نسب شريف سادات رضويه مشهد شريف تائين پهچي ٿو. سيد نقيب مير شمس الدين محمد تيرهن واسطن سان اتي ختم ٿو ٿئي.

سلطنت مرزا شاهه رُخ جي زماني ۾ سن 850هه ۾ گذاري ويو. هيءُ قُم شهر کان مشهد آيو. ميرزا ابوطالب سندس اولاد مان مشهور آهي. سندس ڀائر، اولاد ۽ ڀائٽيا ڏاڍي شان، شوڪت ۽ حشمت سان مشهد ۾ رهيا هئا. سندس جماعت جا ڪافي فرد سنڌ ۽ هند ۾ اچي آباد ٿيا.

       

شيخ صدقه بغدادي

هڪ ڏينهن شيخ صدقه وعظ ڪيو ته ظاهري شريعت مطابق سندس مؤاخذو ڪندي. اها ڳالهه خليفي تائين پهچائي وئي. خليفي تعزير لاءِ کيس طلب ڪيو. جڏهن سندس مٿي کي اگهاڙو ڪيو ويو ته خادم آواز بلند ڪيو ته اي شيخ! تڏهن ڌڪ هڻڻ واري جو هٿ شل ٿي ويو ۽ مٿس هيبت طاري ٿي وئي. اهو ڏسي خليفو به ڊڄي ويو ۽ ان تي به هيبت طاري ٿي وئي. حڪم ڪيائين ته هن کي ڇڏي ڏيو. پوءِ شيخ صدقي اتان سڌو رباط ۾ آيو ڏٺائين ته ڪيترائي ماڻهو ۽ مشائخ سندس لاءِ منتظر ويٺا آهن. پوءِ ٻاهر آيو ۽ وعظ شروع ڪيائين. پوءِ مشائخ ۾ اچي ويٺو. جڏهن ٻاهر آيو ته مٿي منبر تي وڃي ويٺو. ان بابت ڪجهه به نه چيو هئائين ۽ قاريءَ کي به نه چيو هئائين ته ڪجهه ڪي آيتون پڙهه. پر ماڻهو تمام وڏي وجد ۾ اچي ويا ۽ حالت قوي ٿي وئي. شيخ صدقه دل ۾ چيو ته نه مان ڪجهه چيو ۽ نه وري قاري ڪجهه پڙهيو، باقي هيءُ وجد ڪهڙي سبب ڪري ٿيو. شيخ عبدالقادر ان ڏانهن منهن ڪري چيو ته ياهٰذا! منهنجو هڪ مريد بيت المقدس کان هت هڪ گام ۾ آيو آهي، جيڪو منهنجي هٿ تي توبہ ڪندو. اڄ حاضرين سندس مهماني ڪئي آهي. ان تي شيخ صدقه چيو ته جيڪو شخص بيت المقدس کان هڪ گام ۾ آيو آهي، ان کي توبہ ڪرڻ ۽ مرشد رکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. شيخ عبدالقادر وري کيس چيو ته ياهذا! هو توبہ ٿو ڪري ته ٻئي دفعي هوا ۾ نه ويندو. منهنجي ضرورت کيس اها آهي ته حق سبحانہ تعاليٰ جي محبت ۽ قرب جي راهه کيس ڏيکاريان.

 

شيخ بقا ابن بطو

سندس بيان آهي ته هڪ ڏينهن شيخ سيد عبدالقادر رحمة الله عليہ جي مجلس ۾ موجود هئس ۽ هو وعظ ڪري رهيو هو. اوچتو خاموش ٿي ويو ۽ منبر تان پاڻ هيٺ لهي زمين تي اچي ويٺو. ٿوري دير کان پوءِ منبر ڏانهن وڃي ٻئي نمبر ڏاڪي تي ويهي رهيو. پوءِ مون ڏٺو ته پهريون ڏاڪو تمام ڪشادو ٿي ويو ۽ جيتري قدر مون ڏٺو ته ريشمي ۽ بهترين سبز رنگ جون قالينون وڇايون ويون. چيو ويو ته رسول الله ﷺ جن پنهنجي اصحاب سميت اچي هت ويهندا ۽ حق سبحانہ وتعاليٰ شيخ عبدالقادر جي دل تي تجلي ڪندو. اهڙي طرح ٿوري دير کان پوءِ هو هڪدم جنبش ڪري تواضع لاءِ اٿيو. رسول الله ﷺ جن کيس ڀاڪر ۾ وٺي مٿس نگاهه ڪئي. ان کان پوءِ هو يڪدم ننڍو ۽ ڏٻرو ٿي ويو، ايتري قدر جو مثل جهرڪي. وري ان کان پوءِ ڊگهو. وڏو ٿي ويو، مگر صورت هيبتناڪ ان کان پوءِ مون کان سڀ ڪجهه پوشيده ٿي ويو. پوءِ حاضرين شيخ بقا کان پاڻ سڳورن ﷺ جن جي ۽ سندن اصحاب سڳورن رضوان اللہ عليهم اجمعين جي ڪيفيت جي معلومات لاءِ پڇا ڪئي. فرمايائين ته الله تبارڪ وتعاليٰ کين اهڙي قوت بخشي آهي، جو هو پنهنجن ارواحن مطهره کي متشڪل ڪري ۽ جسمن ۾ آڻي ۽ صفات سان اعيان ڪري سگهن ٿا ته مخلوق کين ڏسي، اهو يقين ڪري ته اهڙي قوت الله تعاليٰ کين برابر بخشي آهي. بعد ۾ جنبش ڪرڻ، ننڍو ٿي وڃڻ ۽ وڏو ٿي وڃڻ بابت جڏهن شيخ کان پڇيو ويو ته چيائين ته تجلي اول اهڙي صفت اوليٰ جي حامل هئي جو بشر کي ان جي برداشت ڪرڻ جي طاقت ڪونه هئي، مگر نبي ڪريم عليہ الصلوٰة والسلام جن جي تائيد سان اها برداشت ٿي وئي. جيڪڏهن رسول الله ﷺ جن جي تائيد نه هجي ها ته شيخ ختم ٿي وڃي ها. ٻي تجلي بصفت جلال هئي. ان کي به شيخ برداشت ڪري ويو، مگر ننڍڙو ٿي ويو ۽ ٽين تجلي بصفت جمال هئي، جنهن تجلي سان شيخ وڏو ۽ ڊگهو ٿي ويو.

ذٰلِکَ فَضۡلُ اللهِ يُؤتِيۡہِ مَنۡ يَّشَآءُ وَاللهُ ذُوالفَضۡلِ اَلۡعَظِيۡمِ. ترجمو: اِهو الله جو فضل آهي، جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي ڏئي ٿو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.

 

شيخ ابا عثمان صريفيني

هيءُ شيخ عبدالقادر جو مريد هو.

سندس بيان آهي ته هڪ دفعي مان صريفين شهر ۾ سڌوسنئون سمهيو پيو هئس. منهنجو منهن آسمان ڏانهن هو. ڏٺم ته هوا ۾ پنج ڪبوتر اُڏامندا ويا. ان مان هڪ ڪبوتر هيءُ پڙهندو ويو: سُبُحانَ مَن عنده خزائن الارض کل شيء وما ينزلہ اِلا بقدر معلوم. ترجمو: تعريف آهي ان جي جنهن وٽ زمين جي سڀني شين جا خزانا آهن ۽ قدر موجب ان کي لاهيندو آهي. ٻئي ڪبوتر هن ريت پڙهيو: سُبۡحَانَ مَنۡ اَعۡطٰي کُلَّ شَيۡءٍ خَلۡقَہٗ ثُمَّ هَدٰي ترجمو: تعريف آهي ان جي جنهن سڀ شي کي سندس خلقت عطا ڪئي، پوءِ کيس راهه ڏيکاريائين. ۽ ٽئين ڪبوتر هن ريت پڙهيو: مَنۡ بَعَثَ الۡاَنۡبِيَاءَ حُجَّةً عَليٰ خَلۡقِہٖ وَ فَضَّلَ عَلَيۡهِمۡ مُحَمَّدًا. ترجمو: جنهن موڪليو نبين کي حجت طور پنهنجي مخلوق جي مٿان ۽ فضيلت بخشيائين ﷴ کي انهن جي مٿان. ۽ چوٿين ڪبوتر هن ريت پڙهيو: ڪُلُّ مَا فِي الدُّنۡيَا بَاطِلٌ اِلاَّ مَا ڪَانَ لِلهِ وَلِرَسُوۡلِہٖ ترجمو: الله ۽ سندس رسول کان سواءِ جيڪي ڪجهه دنيا ۾ آهي سڀ باطل آهي. آخري ڪبوتر هن ريت پڙهيو: يَا اَهۡلَ الۡغَفۡلَةِ عَنۡ مَوۡلَاکُمۡ قُوۡمُوۡا اِليٰ رَبِّکُمۡ رَبٍّ ڪَرِيۡمٍ يُعۡطِي الۡجَزِيۡلَ وَ يَغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ ترجمو: اي پنهنجي مولا کان غافل بندو! اُٿو ۽ نوڙو پنهنجي ربّ ڏانهن (اهو) ربّ ڪريم آهي، اوهان کي تمام گهڻو عطا ڪندو ۽ اوهان جا گناهه بخشي ڇڏيندو.

پوءِ جڏهن مون اهو ڏٺو ۽ ٻڌو ته بيهوش ٿي ويس ۽ جڏهن هوش ۾ آيس ته محسوس ڪيم ته دنيا ۽ جو ڪجهه دنيا ۾ آهي، ان کان منهنجي دل بيزار ٿي چڪي آهي. پوءِ دل ۾ نيڪي طرف وڃڻ جو عهد ڪيم ۽ عرض ڪيم ياالله! مون کي سڌي راهه ڏيکارڻ وارو هادي عطا ڪر. پوءِ روانو ٿيس ۽ اها خبر ڪونه هئم ته ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان. اوچتو مون کي هڪ پوڙهو شخص مليو ۽ سلام ڪيائين، منهنجو نالوبه کنيائين. پوءِ مون کيس قسم ڏئي پڇيو ته تون ڪير آهين؟ ۽ منهنجي نالي جي خبر توکي ڪيئن پئي؟ چيائين ته مان خضر عليہ السلام آهيان. شيخ عبدالقادر قدس سره جي مجلس ۾ ويٺو هئس ته مون کي چيائين ته اي ابوالعباس! ڪالهه رات صريفين ۾ هڪ شخص نيڪي جو عهد ڪيو آهي، جيڪو قبول ٿيو آهي ۽ ستين آسمان کان مٿان ندا آئي آهي ته مرحبا! هڪ منهنجي ٻانهي مون سان عهد ڪيو آهي، شيخ جي اطاعت کي تسليم ڪيو آهي. پوءِ تون اوڏانهن وڃ ۽ کيس مون وٽ آڻ! پوءِ چيائين ته يا ابا عثمان! عبدالقادر سيّد العارفين قبلة الواحدين في هٰذا الوقت فعليک بملازمة خدمتہ و تعظيمہ ترجمو: اي عثمان جا پيءُ! عبدالقادر هن وقت عارفين جو سردار ۽ مؤحدين جو قبلو آهي. پوءِ سندس خدمت ۾ رهڻ ۽ عزت و احترام ڪرڻ تنهنجي مٿان لازم ڪيو ويو آهي. پوءِ مان پاڻ ته حاضر نه ٿي سگهيس، مگر ٿوري دير کان پوءِ پاڻ کي بغداد ۾ موجود ڏٺم ۽ خضر عليہ السلام غائب ٿي ويو. پوءِ مان شيخ عبدالقادر جي خدمت ۾ حاضر ٿيس. شيخ چيو مرحبا بمن جذبہ مولاه اليہ بالسنة الطير و جمع لہ کثيرا من الخير. اي ابا عثمان! خوش ٿيءُ جو الله تعاليٰ توکي منهنجي مريدي ۾ ڏنو آهي. سندس اصل نالو عبدالغني بن نقطه هو. ايڏو ته بلند مرتبه وارو ٿي ويو جو اڪثر اولياء الله ڪرام مٿس رشڪ ڪندا هئا. ملائڪ ڪرام فخر ڪندا هئا. ان کان پوءِ پنهنجي مٿي تي طاقيه (درويشي ٽوپي) پهريائين ۽ پوءِ چيائين ته حاصل ڪيم سڀ ڪجهه حاصل ڪيم.

 

محمد الاواني معروف به ابن قايد

هيءُ حضرت شيخ محي الدين سيد عبدالقادر قدس سره جي مريدن مان هو.

ڪتاب فتوحات مڪيه ۾ مذڪور آهي ته شيخ عبدالقادر کيس مفرد الحضرت جي لقب سان سڏيندو هو. فرمائيندو هو ته محمد بن قايد من المفردين.

صاحب فتوحات چوي ٿو ته مفرودن جي جماعت اها آهي، جيڪا قطب جي دائري کان ٻاهر آهي ۽ خضر عليہ السلام انهن مان آهي ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جن جي بعثت کان اڳ آهي.

ابن القايد چوي ٿو ته سڀئي لاڳاپا لاهي، حضرت وٽ اچي حاضر ٿيس، اوچتو پنهنجي اڳيان قدمن جا نشان ڏٺم ته مون کي جوش آيو ۽ چيم ته هيءُ ڪنهن جي قدم جو نشان آهي. جڏهن جو مون کي يقين هو ته مون کان اڳ ڪوبه ڪونه اچي سگهندو. چيائين ته هيءُ نشان قدم تنهنجي نبي ڪريم ﷺ جن جو آهي. پوءِ منهنجي دل کي تسڪين حاصل ٿي.

 

ابوسعود بن شبلي قدس سره

هيءُ به حضرت شيخ محي الدين سيد عبدالقادر جيلاني قدس سره جن جي مريدن مان هو. چوي ٿو ته هڪ دفعي مان درياء دجله جي ڪناري سان وڃي رهيو هئس ته اوچتو مون کي خيال پيو ۽ سوچڻ لڳس ڇا حق تعاليٰ جا اهڙا ٻانها هوندا، جيڪي درياء ۾ سندس بندگي ڪندا هوندا. ان وقت ئي پاڻي پري ٿيو ۽ هڪ شخص ان مان ظاهر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته اي اباسعود! الله تعاليٰ جا اهڙا ٻانها موجود آهن. جيڪي پاڻيءَ ۾ ئي سندس بندگي ڪن ٿا ۽ مان به انهن منجهان آهيان. تڪريت شهر ۾ فلاڻي ڏينهن يعني پندرهن ڏينهن کان پوءِ هن طرح حادثو رونما ٿيندو، پوءِ آخر ائين ئي ٿيو. ڪتاب فصوص ۾ مذڪور آهي ته هڪ دفعي شيخ ابوالسعود پنهنجي مريدن جي مجلس ۾ چيو ته:

پندرهن سال ٿيا آهن ته الله تعاليٰ مون کي مملڪت ۾ تصرف جواختيار ڏئي ڇڏيو آهي، مگر مون تصرف ڪونه ڪيو آهي. ابن قايد، هڪ ڏينهن کانئس پڇيو ڇا لاءِ تون تصرف ڪونه ٿو ڪرين؟ چيائين ته مون پنهنجو تصرف حق تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جهڙي طرح هو چاهي تصرف ڪري.

عجيب طريقي جو مالڪ هو. جيڪو به کانئس ڪو سوال يا طلب ڪندو هو ته ان کي هرگز رد ڪونه ڪندو هو. پاڻ ڪنهن کان به ڪا شيءِ ڪونه گهرندو هو. کائڻ پيئڻ ۽ پوشاڪ پائڻ ۾ تڪلفّ ڪندو هو.

هڪ دفعي هڪ درويش کيس ڏٺو ته سندس پڳ دستار بيش بها رقم يعني ٻه سو دينار جي هئي. خاص طور ان درويش چيو ته ان رقم مان ٻه سو درويشن جا پهراڻ ٺهي سگهن ٿا. هڪ درويش ايڏي قيمتي دستار ڇو پهري آهي. پوءِ جڏهن شيخ کي اها خبر پئي ته چيائين ته پاڻ ڪونه دستار ٻڌي آهي. البته جيڪڏهن تون چاهين ته هيءَ دستار کڻي وڃ ۽ وڪرو ڪري ان رقم مان ڪپڙا ۽ دستار وٺي درويشن کي پهراءِ. هو دستار کڻي ويو ۽ وڪرو ڪري آيو ۽ درويشن لاءِ سڀ ڪجهه وٺي آيو ۽ سندن آڏو اچي رکيائين. مگر نماز ظهر وقت ڏٺائين ته اها ساڳي دستار شيخ جي مٿي سان ٻڌل آهي. ڏاڍي تعجب ۽ حيراني ۾ پئجي ويو ته هي ڇا آهي. کيس ساٿي چيو ته تعجب ڇو ٿو ڪرين، فلاڻي کان پڇ ته هيءَ دستار تو ڪٿان آندي؟ پوءِ جڏهن دستار آڻيندڙ کان پڇيو ويو ته هن چيو ته پر سال ٻيڙيءَ ۾ هئس ته طوفان سبب ٻيڙيءَ جي ٻڏڻ جو خوف ٿيو، پوءِ اهو نذر ڪيم ته جڏهن منهنجي ٻيڙي سلامتيءَ سان منزل تي پهتي ته بهترين دستار شيخ کي هديه طور پيش ڪندس. ڇهن مهينن کان وٺي اهڙو هديو بغداد ۾ ڳولهيندو رهيس. مگر هٿ ڪونه ٿي آيو ۽ شرم کان هيڏانهن نه پئي رهيس. مگر اڄ فلاڻي دڪان تي ڏٺم ۽ پوءِ خريد ڪري شيخ جي خدمت ۾ آڻي پيش ڪيم.

 

ابوربيع ڪفيف ماليقي

هيءُ ابوالعباس عريف جي مريدن مان هو.

هو چوي ٿو ته مون ستر هزار دفعا ڪلمه طيبه جو ورد (لا اِلٰہ اِلا الله) جو پڙهيو ۽ ڪنهن جي به نالي تي بخش ڪونه ڪيو هئم. هڪ ڏينهن سنگت سان گڏ دسترخوان تي کاڌو کائي رهيو هئس ته اسان سان گڏ هڪ نينگر به کائڻ لڳو ۽ ڇوڪرو صاحب ڪشف هو. جنهن وقت انهيءَ نينگر کاڌي لاءِ پنهنجو هٿ طعام ڏانهن وڌايو ته اوچتو دانهن ڪري روئڻ لڳو. کانئس روئڻ جو سبب پڇيو ويو. چيائين ته هن وقت دوزخ جو مشاهدو ڪيم ۽ ڏٺم ته منهنجي ماءُ کي عذاب ٿي رهيو آهي. ابوربيع چوي ٿو ته مون پنهنجي دل ۾ چيو اي رب تعاليٰ تون ڄاڻين ٿو ته مون سترهزار دفعا ڪلمہ لا اِلٰہ اِلا الله پڙهيو آهي. ان کي هن نينگر جي ماءُ جي ڇوٽڪاري لاءِ سندس ماءُ کي بخش ڪيم. جيئن جو اها بخشش جي نيت ڪيم ته ڏٺم ته ڇوڪرو کِلي رهيو آهي. چيائين ته منهنجي ماءُ کي ڇوٽڪارو ملي ويو. پوءِ طعام کائڻ شروع ڪيائين.

شيخ فرمائي ٿو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي صحيح حديث آهي ته فرمائين ٿا ته جنهن شخص ستر هزار دفعا ڪلمہ لا اِلٰہ اِلا الله پاڻ لاءِ يا ڪنهن ٻئي لاءِ پڙهيو ته ان کي دوزخ جي باهه کان نجات حاصل ٿي ويندي. اها تصديق انهيءَنينگر جي ڪشف مان حاصل ٿي وئي.

 

سلطان مجدالدين طالبہ

هيءُ اهل عسڪر مان هو. توڪّل ۽ تجديد ۾ بي مثل هو.

هڪ دفعي سخت سيلاب آيو جو هرات شهر کي ٻوڙي پيو، کيس انهيءَ حالت جي خبر ڏنائون. چيائين ته منهنجو هيءُ جُبّو کڻي وڃو ۽ سيلاب جي اڳيان رکو. پوءِ ائين ڪيائون ۽ سيلاب اڳتي وڌڻ کان رُڪجي ويو.

امام فخرالدين رازي به ان جي زماني ۾ هو. سندس صحبت جو قرب ۽ برڪت به حاصل ڪئي هئائين. وفات کان پوءِ کيس فيروزآباد ۾ اندرون درب خشڪ ۾ دفن ڪيو ويو.

 

شيخ محمود اشنوي

رساله ”غاية الامڪان في معرفة الزمان والمکان“ جو مصنف هو. هيءُ مولانا شمس الدين محمد بن عبدالملڪ ديلمي جو شاگرد ۽ اڪابرين مشائخ ۽ محققين مان هو. هن حقيقت زمان تي جيڪا تحقيق ڪئي آهي. سا ڪنهن ٻئي مصنف تمام گهٽ ڪئي آهي. هيءُ سلطان مجدالدين طالبہ جي ڀرسان مدفون آهي.

 

شيخ احمد چشتي

هيءُ ٻيو شيخ احمد چشتي بن مودود آهي، جنهن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو ۽ شيخ نجارکي ڏٺو هئائين.

 

خواجه اسماعيل چشتي

هيءُ شيخ احمد چشتي جو ڀاءُ هو.

شيخ الاسلام انصاريءَ جو بيان آهي ته عقل ۽ فراست ۾ احمد جي ڀاءُ جهڙو مون ڪونه ڏٺو.

 

درويش محمد چرگر

هيءُ ابدالن مان هڪ برگزيده ابدال هو. هرات جي جامع مسجد ۾ زندگي بسر ڪندو هو. هڪ دفعي مسجد ۾ ستو پيو هو ته ڪنئري مان پاڻي هارجي پيو ۽ اُتي آلاڻ ٿي وئي . مسجد جي خادم سمجهيو ته هن مسجد ۾ پيشاب ڪيو آهي. سو هن کي ايتري ته مارڪُٽ ڪيائين جو سندس عضوا ٽٽي پيا. درويش پوءِ آهه ڀريندو روانو ٿي ويو. پوءِ مسجد کي باهه لڳي ۽ مسجد ۾ جيڪو به ڪاٺ هو سڀ سڙي ويو ۽ باهه وڌندي بازار کي لڳي ۽ دڪانن کي به ساڙڻ لڳي. اها خبر سلطان مجدالدين کي ڏنائون. هو جلد اچي پهتو ۽ چيائين ته اي چرگر! مسلمانن جي شهر کي نه ساڙ! پوءِ چرگر پنهنجي اکين جو پاڻي باهه تي اُڇلايو ۽ باهه ختم ٿي وئي. چرگر هيءُ بيت ڳائيندو رهيو.

رباعي

هيءَ باهه اوچتو جو ڀڙڪي، انهيءَ کي سيکت هئي جنهن منهنجي دل کي ساڙيو.

جيڪڏهن منهنجي اکين جو آب مدد نه ڪري ها ته سڀئي دڪاندار سڙي وڃن ها.

 

شيخ عمار ياسر

هيءُ حضرت شيخ نجيب الدين سهروردي جي مريدن مان هو. هيءُ ناقصن جي تڪميل ۽ مريدن جي تربيت ۽ ڪشف ۾ ڪمال رکندڙ هو.

شيخ نجم الدين ڪبريٰ، فواتح الجمال ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جڏهن شيخ عمار جي خدمت ۾ پهتس ۽ انهيءَ جي امر سان خلوت ۾ رهڻ جو قصد ڪيم ۽ خلوت ۾ رهيس، مگر دل نه لڳي. جڏهن اڪتساب علوم ظاهري پورو ڪيم ته هر فتوحات غيبي جيڪا مون حاصل ڪئي هئي پوءِ منبر تي چڙهي طالبان حق تائين پهچايم. جنهن نيت سان خلوت اختيار ڪيم ته اهو مقصد حاصل ڪونه ٿي سگهيو، انهيءَ ڪري اها ڇڏي ٻاهر نڪري آيس. پوءِ شيخ فرمايو ته اول صحيح نيت ڪر ۽ پوءِ خلوت اختيار ڪر. پوءِ تنهنجي باطن ۾ نور پيدا ٿيندو. پوءِ پنهنجي ڪتابن کي وقف ڪري ڇڏيم ۽ سڀ ڪپڙا فقيرن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيم. صرف هڪڙو جُبو رکيم جو پاڻ پاتم ۽ پوءِ چيم ته هيءُ خلوتخانه منهنجي قبر آهي ۽ هيءُ جُبو منهنجو ڪفن آهي ۽ ٻاهر اچڻ لاءِ ٻيو ڪوبه امڪان ڪونه اٿم ۽ اهو عزم ڪري ڇڏيم ته جيڪڏهن ڪنهن سڏيندڙ مون کي ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ته پنهنجي جبّي کي ڦاڙي ذرا ذرا ڪري ڇڏيندس، جيئن اگهاڙي حالت ۾ ٻاهر نڪرڻ کان شرم محسوس ٿئي ۽ ٻاهر نڪرڻ کان رڪجي وڃان. پوءِ شيخ منهنجي مٿان توجهه ڪيو ۽ چيائين ته هاڻي تون نيت درست ڪئي آهي ۽ هاڻي وڃ. پوءِ مون خلوت ۾ اچي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪيو ۽ شيخ جي نظر سان مون لاءِ فتوحات جا دروازا کُلي ويا.

 

شيخ عبدالجميل

هيءُ روم ۾ وقت جو امام و مقتداء هو. کيس حضرت خضر عليہ السلام کان فيض صحبت حاصل ٿيل هو. هن کيس فرزند جي ڄمڻ جي بشارت ڏني هئي ۽ غجدوان شهر ۾ اقامت پذير هو. اتي ئي گذاري ويو.

 

خواجه عبدالخالق غجدواني

هيءُ شيخ عبدالجميل جو فرزند هو. اهو نالو سندس پيءُ حضرت خضر عليہ السلام جي چوڻ سان رکيو هو. جوانيءَ ۾ قلبي ذڪر جو سبق حضرت خضر عليہ السلام کان ورتو هئائين. ان وقت فرمائين ته حوض ۾ وڃي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻ ۽ دل سان لاَ اِلٰہَ اِلاَّ اللهُ ﷴ رَّسُوۡلُ اللهِ صَلَّي اللهُ عَلَيۡہِ وَسَلَّمَ پڙهه. پوءِ ائين ڪيم ۽ جڏهن خواجه يوسف همداني هتي آيو ته سندس صحبت کي پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيم. پوءِ خواجه يوسف جو مان چوٿون خليفو ٿيس ۽ ٽن خليفن جو ذڪر اڳتي بيان ٿيندو.

نقشبندي سلسلو ڏانهس منسوب آهي جيئن ته:

اعمال هذه الطريقة مشهورة و اڪثر ذڪرهم الخفي بالجلالة. ترجمو: هن طريقي جا اصول مشهور آهن ۽ سندن ذڪر اڪثر خفي اللہ جل جلالہ سان هوندو آهي. جڏهن هيءُ گذاري ويو ته سندس خليفا چار رهيا.

(1) خواجه احمد صديق: هيءُ ان کان پوءِ سندس جانشين ٿيو. سندس قبر ڳوٺ فغيان ۾ آهي جو بخارا کان 3 ميل پنڌ تي آهي.

(2) خواجہ اولياءِ ڪلان: کيس ڪبير به سڏيندا هئا. اصل بخارا جو هو. سندس قبر خاڪريز حصار تي برج عيار جي ويجهو واقع آهي. جڏهن سندس وفات جو وقت ويجهو آيو ته چئن شخصن جن جا نالا مذڪور آهن، کيس خلافت ۽ ارشاد جي اجازت ڏئي ڇڏي.

خواجه اولياء ڪبير جا خليفا هي آهن:

(1) خواجه دهقان قلتي: هيءُ اولياء ڪبير جو پهريون خليفو آهي ۽ مرشد جي وفات کان پوءِ سندس مسند ارشاد تي ويٺو ۽ سندس قبر ڳوٺ قلت ۾ آهي، جيڪو ڳوٺ بخارا شهر جي اُتر ۾ ٻن ميلن جي پنڌ تي واقع آهي.

(2) خواجہ زڪي خدآبادي: هيءُ خواجه اولياء جو ٻيو نمبر خليفو هو. خواجه دهقان کان پوءِ ان جي مسند تي ويٺو ۽ باقي خلفاء ۽ جماعت سندس خدمت ۾ رهڻ لڳي. سندس قبر ڳوٺ خدآبادي ۾ موجود آهي، جيڪو بخارا شهر کان پنج ميل پنڌ تي هڪ تمام وڏو ڳوٺ آهي.

(3) خواجه سوڪمان: خواجه اولياء جو هيءُ ٽيون خليفو هو. خواجه زڪي کانپوءِ هيءُ خلق جي اصلاح ۽ دعوت حق ڏيڻ ۾ مشغول ٿي ويو. ساري جماعت سندس ئي تابعداري ڪرڻ لڳي. سندس قبر خواجه اولياء جي ڀرسان آهي.

(4) خواجه غريب: هيءُ خواجه اولياء جو صلبي فرزند هو. پنهنجي پيءُ جو چوٿون نمبر خليفو هو. خواجه سوڪمان کان پوءِ خلق جي هدايت ۽ وارشاد لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي.

شيخ سيف الدين باخرزي، جيڪو شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي احباب جو همعصر هو. فتح آباد بخارا ۾ شيخ سيف الدين جي قبر آهي، تنهن سان ڪافي صحبت ڪئي هئائين. ان وقت ۾ شيخ مجذوب محبوب القلوب شيخ حسن بلغاري جو ارسن ۽ بلغار کان بخارا جي ولايت ۾ آيو ۽ نوي سال جي عمر جو هو، خواجه غريب جي خدمت ۾ آيو، جنهن جو اهو اڻ ڏٺي معتقد ٿيو هو.

خواجه غريب جا خليفا:

(1) خواجه اولياء پارسا: خواجه غريب جي چئن خليفن مان هيءُ پهريون خليفو هو. سندس مسڪن ۽ مدفن ڳوٺ خرمن ۾ آهي. هيءُ ڳوٺ بخارا جي علائقي ۾ آهي، جنهن کي هاڻي مندرس ۽ مطموس جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

(2) خواجه حسن ساوري: خواجه غريب جو ٻيو نمبر خليفو آهي. سندس قبر بخارا علائقي جي ڳوٺ ساور ۾ آهي.

(3) خواجه اوڪتمان: هيءُ خواجه غريب جو ٽيون نمبر خليفو هو. سندس قبر بخارا جي ويجهو حوض مقدم دڙي تي آهي. انهيءَ شهر جو نالو قبلہ خواجه آهي.

(4) خواجه اولياء غريب: خواجه غريب جي خليفن مان هيءُ چوٿون نمبر خليفو آهي.

 

خواجه سليمان ڪرميني

هيءُ خواجه عبدالخالق غجدوانيءَ جو ٽيون نمبر خليفو آهي. بعض کيس خواجه اوليآء جي خليفن ۾ شمار ڪن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته پهريائين خواجه عبدالخالق جي خدمت ۾ رهيو هجي ۽ بعد ۾ سندس امر سان خواجه اولياء جي خدمت ۾ وقت پورو ڪيو هجيس.

کانئس پڇيو ويو ته ”والمخلصون عليٰ خطر عظيم“ جيڪو حديث ۾ آيو آهي، اهو ڪهڙو عظيم خطرو آهي؟ چيائين ته: جيڪڏهن اهو خطرو يا خوف هجي ها ته مصدر جي لفظ سان اچي ها. پر جيئن ته مصدر تي علٰي جو حرف آهي، جنهن ۾ دليل آهي ته ”خطر عظيم“ مان مراد عالي مقام آهي، جيڪو مخلصين کي حاصل ٿيندو. پوءِ انهيءَ مقام تي خوف لازم ٿيندو ۽ مٿن خوف غالب رهندو ۽ اهو مقام نهايت بلندي وارو آهي. مثال ائين آهي ته جهڙي طرح سج کي جيتري قدر ويجهو وڃبو اوترو ان جي گرميءَ جي تاثير وڌيڪ ٿيندي. خواجه سليمان جي قبر، ڪرمينہ ولايت جي هڪ ڳوٺ ۾ آهي. اهو بخارا علائقي جي ڏهن ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.

 

خلفاء خواجہ سليمان ڪرميني

اول: خواجہ محمود شاهه بخاري.

ٻيو: شيخ سعدي غجدواني هرهڪ پنهنجي پنهنجي وقت جو صاحب ارشاد ۽ مريدن جي رهنمائي ڪندڙ رهيو آهي.

شيخ ابوسعيد بخاري: هيءُ خواجه سليمان جي اڪابر احباب مان هو. شيخ محمد بخاريءَ جو پير ۽ مقتدا هو. شيخ محمد بخاري ڪتاب مسلڪ العارفين ۾ لکيو آهي ته خواجه سليمان، شيخ ابوسعيد جي جاءِ تي طالبن جو رهبر ٿيو.

شيخ ابوسعيد کان پڇيو ويو ته خيالات اچن ٿا، پوءِ ٽري وڃن ٿا،جيڪڏهن اسان انهن خيالن کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا ته ٽري وڃن ٿا، پوءِ اسان ڪيئن سمجهون ته اهي خيالات نفساني آهن يا شيطاني؟

فرمايائين ته جيڪڏهن (ٽارڻ کان پوءِ به) ساڳي حالت وري اچي رهي ته سمجهو ته اهو نفساني خطري وانگر آهي ڇو ته تنگ ڪرڻ ۽ اُلجهن ۾ وجهڻ اُن جي صفت آهي. هو هڪ آرزو جي بار بار طلب ڪندو آهي، تانجو سندس مقصد حاصل ٿئي. پر جيڪڏهن ٻي حالت ظاهر ٿئي ته اهو شيطاني خطرو آهي. ڇو ته شيطان جو مقصد گمراهه ۽ غافل ڪرڻ هوندو آهي. هڪ طريقي سان نه، ته ٻئي طريقي سان. سالڪ جي راهه وڃائڻ شيطان جو مقصد آهي.

 

خواجه عارف ريوڪروي

 

هيءُ خواجه عبدالخالق غجدواني جوچوٿون نمبر خليفو هو. ريوڪري هڪ ڳوٺ هو جو بخارا جي علائقي ۾ هو. بخارا شهر کان ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هو. ان جاءِ کان غجدوان هڪ ميل شرعي پنڌ تي واقع آهي. ارادت ۽ طريقت جي سندس نسبت خواجه بهاؤالدين نقشبندي سان هئي، جيڪو خواجه عبدالخالق جي چئن خليفن مان هو.

 

خواجه محمود فغنوي

هيءُ خواجه عارف جي افضل احباب مان هو. سندس ڄمڻ جو هنڌ ڳوٺ انجير فغنوي هو. هيءُ ڳوٺ ولايت بخارا جي مضافات ۾ آهي ۽ سندس رهڻ جو هنڌ وري وابڪني هو. اهو ڳوٺ اتان جي سڀني ڳوٺن ۾ وڏو هو. بخارا شهر کان ٽي ميل پنڌ تي هو. سندس قبر به انهيءَ جڳهه تي آهي. سندس ڌنڌو گلڪاري هوندو هو.

خواجه محمود جي وفات کان پوءِ خواجه عارف وابڪني ڳوٺ ۾ اعلانيه ذڪر ۾ مشغول ٿيو. خواجه حافظ الدين، جيڪو وقت جو وڏو عالم هو. سندس جّد اعليٰ خواجه محمد پارسا استاد شمس الدين حلوائي جي چوڻ سان بخارا شهر ۾ هڪ وڏي علماء جي ميڙ ۾ خواجه عارف کان سوال ڪيو ته اعلانيه ذڪر اوهان ڪهڙي نيت سان ٿا ڪريو؟ جواب ۾ چيائين ته جيئن سُتل جاڳي پوي ۽ غافل هوشيار ٿئي ۽ سڌي واٽ تي اچي.

سائل چيو ته اوهان جي نيت صحيح آهي ۽ اوهان جو اهو شغل جائز آهي. وري خواجه محمود عرض ڪيو ته اعلانيه ذڪر جا ڪي شرط بيان فرمايو. فرمايائين ته شرط هي آهن ته ذڪر ڪندڙ مسلمان هجي، سندس زبان پاڪ هجي، ڪوڙ ۽ گِلا کان پرهيز ڪندڙ هجي، رزق حلال کائي شبهي واري کاڌي کان به پاسو ڪري، سندس دل ريا ۽ ڏيکاء کان پاڪ هجي ڪپڙا ۽ سندس بدن پاڪ هجي. پنهنجي ربّ ۽ مالڪ کان سواءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن ڌيان نه ڏي.

 

امير خرد وابڪنوي

سندس نالو امير حسين هو. خواجه محمود جي خليفن منجهان پهريون خليفو هو. سندس وڏو ڀاءُ امير حسن، مير ڪلان جي لقب سان مشهور هو. خواجه محمود جي مريدن مان هو. پر خلافت امير خرد کي مليل هئي.

امير خرد جي قبر وابڪني شهر ۾ آهي.

 

خواجه علي ارغنداني

هيءُ امير خرد جو خليفو هو. سندس قبر ڳوٺ ارغنه ۾ آهي ۽ هي ڳوٺ بخارا شهر کان پنج ميل پنڌ تي آهي.

 

شيخ بدرالدين ميداني

هيءُ حسن بلغار جي اڪابر احباب مان هو. ان جو ئي صحبت يافته هو. ان کان پڇيو ويو ته قرآن مجيد ۾ ”ذڪراً ڪثيراً“ جو حڪم آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: واذکروا الله ذڪرا کثيرا. (پوءِ ذڪر زبان آهي يا دل؟) فرمايائين ته ابتدائي ذڪر زبان آهي۽ انتهائي ذڪر دل آهي. ابتدائي ذڪر قرب الهٰي پيدا ڪرڻ جي ذريعي آهي. البته انتهائي ذڪر دل کي متاثر ڪري ٿو. دل جي متاثر ٿيڻ ڪري جسم جا سڀئي عضوا ذڪر جي عمل ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. انهيءَ ذڪر ڪثير سبب سالڪ حقيقت کي پهچي وڃي ٿو.

حقيقت جي حال تي پهچڻ بعد ان جي هڪ ڏينهن جي عبادت جو درجي ٻئي جي سڄي سال جي عبادت جي برابر آهي.

فرمايائين ته آيت توبوا الي الله ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته توبہ ڪرڻ ۾ قبوليت جي بشارت آهي. ڇو ته جيڪڏهن قبوليت نه هجي ته توبہ ڪرڻ جو حڪم نه فرمايو وڃي ها.

 

شيخ ابومحمد عبدالرحمٰن طفسونجي

طفسونج شهر، بغداد جي علائقي ۾ آهي. هڪ دفعي طفسونج ۾ شيخ ابومحمد عبدالرحمٰن منبر تي چڙهي چيو ته انا بين الاولياء کالکرکي بين الطيور اطولهم عنقا يعني آءٌ اولياء ڪرام جي درميان ۾ اهڙي طرح آهيان، جهڙي طرح ڊگهي ڳچي وارو پکي هوندو آهي(1)

شيخ ابوعلي الحسن بن احمد جيڪو شيخ عبدالقادر جي مريدن مان هو. جنت شهر جي پسگردائي ۾ رهندڙ هو. اتي مجلس ۾ موجود هو. اٿيو ۽ هڪ شخص کان فقرائي ٽوپي يا پوشاڪ وٺي پنهنجي مٿي تي رکي شيخ عبدالرحمٰن کي چوڻ لڳو ته تيار ٿيءُ مان توسان ملهه وڙهندس. شيخ عبدالرحمٰن خاموش ٿي ويو. پنهنجي جماعت کي چيائين ته هيءَ ڳالهه مان ڪنهن مصلحت کان خالي نٿو ڏسان. پوءِ شيخ ابوعلي حسن کي چيائين ته دلق (فقرائي ٽوپي يا پوشاڪ) تون پنهنجي پاءِ! شيخ ابوعلي چيو ته مان جتان آيو آهيان، ٻيهر واپس نه ويندس پوءِ پنهنجي ڳوٺ جنت ڏانهن منهن ڪري پنهنجي گهر واريءَ کي سڏ ڪري چيائين ته اي فاطمہ! منهنجو پهراڻ آڻ ته مان پهريان. سندس گهر واريءَ اتي ڳوٺ ۾ آواز ٻُڌو ۽ پهراڻ موڪليائين. کيس راهه ۾ ئي ملي ويو. پوءِ شيخ عبدالرحمٰن کانئس پڇيو ته تنهنجو مرشد ڪير آهي؟ چيائين ته شيخ عبدالقادر. پوءِ شيخ عبدالرحمٰن چيو ته سندس ذڪر ته مان ٻڌو آهي. مگر چاليهن سالن کان وٺي مون کي درڪات تي قدرت حاصل آهي. هرگز کيس اُتي ڪونه ڏٺم ۽ پوءِ پنهنجي مريدن کي چيائين ته بغداد ڏانهن وڃو ۽ شيخ عبدالقادر کي وڃي چئو ته عبدالرحمٰن اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ چوي ٿو ته چاليهن سالن کان وٺي درڪات جي دروازي تي مون کي قدرت حاصل آهي. مگر مون توکي هرگز نه ڏٺو آهي، نه اندر ۽ نه ٻاهر. شيخ عبدالقادر به انهيءَ ئي وقت پنهنجي بعض مريدن کي فرمايو ته طفسونج ڏانهن روانا ٿيو. جو رستي ۾ اوهان کي شيخ عبدالرحمٰن طفسونجي جا مريد ملندا. جيڪي مون ڏانهن پيغام کڻي پيا اچن، سو انهن کي واپس ڪجو ۽ جڏهن عبدالرحمٰن وٽ پهچن، پوءِ کيس هيءُ چوين ته عبدالقادر اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ چوي ٿو ته:

انت في الدرڪات ومن هو في الدرڪات لايري من هو في الحضرات و من هو في الحضرة لايري من هو في المخدع و انا في المخدع ادخل و اخرج من باب السر من حيث لاتراني بامارة ان خرجت لک الخلعة الفلانية في الوقت الفلاني علي يدي خرجت لک وهي خلعة الرضا و بامارة خروج التشريف الفلاني في الليلة الفلانية لک عليٰ يدي. خرجت لک وهو تشريف الفتح وبامارة ان اخلع عليک في الدرڪات بمحضر من اثني عشر الف ولي الله سبحانہ خلعة الولاية وهو فرجية خضراء طرازها سورة اخلاص علي يدي خرجت.

ترجمو: تون به هئين درڪات ۾ ۽ اهو ڪير هو درڪات ۾ جنهن کي نه ڏٺو ويو ۽ ڪير هو حضرات ۾ ۽ اهو ڪير هو اتي موجود جنهن کي نه ڏٺو ويو ۽ ڪير هو اتي پوشيده جڳهه تي ۽ اهو آءٌ هئس پوشيده هنڌ. پوءِ ڳجهي دروازي کان داخل ٿيس پئي ۽ ٻاهر نڪتس پئي، پر مون کي جتي ڪنهن به نه ڏٺو ۽ انهيءَ جي نشاني هيءَ ظاهر ٿي،جو تنهنجي لاءِ خلعت فلاڻي ۽ فلاڻي وقت تي منهنجي هٿان نڪتي تنهنجي لاءِ ۽ اها هئي خلعت رضا ۽ انهيءَ نشاني سان ته فلاڻي تشريف جو خروج ٿيو. فلاڻي رات ۾ تنهنجي لاءِ منهنجي هٿان ۽ نڪتي جيڪا تنهنجي لاءِ اها تشريف فتح هئي. انهيءَ نشاني سان جو مان توکي پوشاڪ پهرائي درڪات ۾ ٻارهن هزارن اولياء الله جي موجودگيءَ ۾. اها خلعت ولايت جي هئي ۽ اها قبا سائي رنگ جي هئي ۽ نمونه ان جو سورة اخلاص جي مانند هو اها به تنهنجي لاءِ منهنجي هٿان نڪتي.

پوءِ واٽ تي شيخ عبدالرحمٰن جا مريد کين مليا، جن کي واپس ڪيائون ۽ شيخ عبدالرحمٰن کي اهو پيغام پهچايائون. پوءِ شيخ عبدالرحمٰن چيو ته صدق الشيخ عبدالقادر هو سلطان الوقت و صاحب التصرف فيہ. يعني: شيخ عبدالقادر سچ فرمايو آهي ۽ هو وقت جو بادشاهه ۽ ان ۾ تصرف جو مالڪ آهي.

 

شيخ اسمٰعيل قصري

هيءُ شيخ ابونجيب سُهروردي جي مريدن مان هو. پر شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي صحبت ۾ رهيو ۽ خرقو انهيءَ جي هٿان حاصل ڪيائين. ان وري خرقه محمد بن مانڪيل جي هٿان حاصل ڪيو، جنهن وري محمد بن دائود کان، جيڪو خادم الفقراء جي نالي سان معروف هو. انهيءَ ابوالعباس ادريس کان، انهيءَ ابوعبدالله بن عثمان کان، ۽ انهيءَ وري ابويعقوب نهرجوري کان، جنهن ابويعقوب سوسي کان، جنهن وري عبدالواحد بن زيد کان ۽ انهيءَ ڪميل بن زياد کان حاصل ڪيو.

 

شيخ روزبهان ڪبير مصري

هيءُ اصل گاذروني هو. پر مصر ۾ مقيم ٿيو ۽ شيخ ابونجيب سهروردي جي مريدن مان هو. اڪثر اوقات استغراق ۾ رهندو هو. شيخ نجم الدين ڪبريٰ جي صحبت ۾، رياضت ۾ مشغول رهندو هو، جتي گوشه نشيني به اختيار ڪئي هئائين. شيخ روزبهان سندس دامادي به قبول ڪئي هئي، جنهن مان کيس ٻه پُٽَ پيدا ٿيا.

في کتاب تحفة البررة سمعت شيخنا ابا الجناب يقول سمعت روزبهان بمصر قيل لي مرارا اترک الصلوٰة فانکَ لايحتاج اليها فقلت يارب اني لا اطيق ذالک کلفني شيئا آخر.

ترجمو:تحفة البررة ڪتاب ۾ آهي ته مون پنهنجي شيخ ابي الجناب کان ٻڌو، جنهن چيو مون مصر ۾ روزبهان کان ٻڌو ته هن مون کي ڪيترائي دفعا چيو ته نماز کي ڇڏي ڏي، ڇو ته توکي انهيءَ جي ضرورت نه آهي. پوءِ مون چيو ته ياربّ! بيشڪ مان ان جي طاقت نٿو رکان، منهنجي ڪفالت ڪنهن ٻئي شيءِ سان ڪر.

 

قضيب البان موصلي

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي.

شيخ محي الدين ابن عربي جي ڪامل مريدن مان هو. موصل جو هڪ فقيہ قاضي ساڻس سخت اختلاف، ڪينو ۽ حسد رکندڙ هو. هڪ ڏينهن موصل جي گهٽين مان لنگهندي. کيس اهو قاضي سامهون اچي ويو. قاضي دل ۾ خيال ڪيو ته اڄ هن کي پڪڙي، حاڪم جي حوالي ڪرڻ گهرجي ته جيئن کيس سخت سزا ڏئي. پوءِ اوچتو ڏٺائين ته پري کان مٽي اُڏامندي پئي اچي ۽ پوءِ جڏهن اها مٽي ويجهو آئي ته ان منجهان هڪ فقيہ جي صورت ۾ انسان ظاهر ٿي بيٺو ۽ قاضي کان پڇڻ لڳو ته ڪهڙي قضيب البان کي حاڪم جي حوالي ڪري کيس سزا ڏيارڻ گهرين ٿو؟ پوءِ قاضي توبہ ڪئي ۽ سندس مريد ٿيو.

بعض ماڻهن شيخ عبدالقادر﷥ کي شڪايت ڪئي ته قضيب البان نماز ڪونه پڙهندو آهي. فرمايائون ته ان جو سِرُ هميشه خانه ڪعبہ ۾ سجدي ۾ پيو هوندو آهي.

 

ابوالحسن علي بن احمد

هيءُ شيخ عبدالقادر جيلاني جي مريدن مان هو. بغداد جي پسگردائيءَ جي ڳوٺ جنت ۾ رهندڙ هو. شيخ عبدالرحمٰن طفسونجي پنهنجي مريدن جي مجلس ۾ سندس شان بيان ڪندي ٻڌايو ته سندس هڪ وار به الله جي عنايت کان خالي نٿو ڏسان.

 

شيخ ابوالحسن بستي

هيءُ جيئن ته خواجه يوسف همداني، شيخ ابوعلي فارمدي جي مريدن مان هو، جنهن جي هيءَ رباعي بمشڪل عين القضاب همدانيءَ جي رسالن مان معلوم ٿي سگهي آهي.

رباعي

ترجمو: ڏٺوسون پوشيده دنيا ۽ اصل ٻنهي جهانن کي ۽ علت ۽ عار کان گذري وياسون آساني سان، انهي نورسيه کان لا جي نقطہ کي برتر ڄاڻ ۽ انهيءَ کان پڻ اهڙيءَ طرح گذري وياسون جو نه هي رهيو ۽ نه هو رهيو.

 

شيخ حسن سڪاڪ سمناني

هيءُ شيخ ابوالحسن بستي جي مريدن مان هو. سمنان ۾ سڪاڪيه جي نالي سان سندس خانقاه هئي. اوائل ۾ اتي شيخ رڪن الدين علاوالدوله مقيم هو. پنهنجي ڪجهه ملڪيت به وقف ڪري ڇڏي هئائين، جيڪا ڏانهس ئي منسوب هئي.

 

محمد بن حمويہ جويني

سندس ڪنيت ابوعبدالله هئي. شيخ ابوالحسن بستي جي مريدن مان هو. علوم ظاهري ۽ علوم باطني سان آراسته هو. ”سلوة الطالبين“ جي نالي سان هڪ تصوف جي باري ۾ ڪتاب لکيو هئائين. جنهن ۾ گهڻن حقائق ۽ دقائق جو تذڪرو درج ڪيو هئائين.

 

شيخ علي هيئتي

هيءُ برگزيده مشائخ مان هو. ڪرامتن ۽ ڪشف ڪاني جو صاحب هو. حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو مريد هو.

مذڪور آهي ته هڪ دفعي شيخ عبدالقادر جيلاني مجلس ۾ وعظ فرمائي رهيو هو، ته شيخ علي هيئتي به سندن ڀرسان ويٺو هو. ان کي ننڊ اچي وئي. شيخ عبدالقادر﷥اهل مجلس کي فرمايو ته خاموش رهو. پوءِ پاڻ منبر تان لهي هيٺ آيو ته شيخ علي هيئتي جي اڳيان سامهون ادب سان بيهي رهيو. پوءِ شيخ علي بيدار ٿيو. ان وقت شيخ عبدالقادر کيس فرمايو ته ڇا تون حضور نبي ڪريم عليہ الصلوٰة والسلام جن جي خواب ۾ زيارت ڪئي. چيائين هائو!

شيخ عبدالقادر﷥فرمايو ته مان سندن لاءِ ئي ادب ۾ بيٺو هئس. وري شيخ علي کان پڇيائون ته ڪهڙي وصيت فرمايائون. چيائين ته اوهان جي خدمت ۾ رهڻ جو حڪم فرمايائون. پوءِ شيخ علي چيو ته مون جيڪي به خواب ۾ ڏٺو سو عبدالقادر﷥ بيداريءَ ۾ ڏٺو.

 

سيد ڪبيرالدين

هي علويه خاندان ۾ برگزيده عالم ۽ افضل ولي الله هو. سندس سلسله طريقت مصطفويه هو. سندس نسبت اسماعيل بن امام ناطق جي واسطي سان حضرت جعفر صادق عليہ السلام تائين پهچي ٿي. صديقيہ طائفہ جو نالو انهيءَ ئي سيد جي تصديق سبب مشهور ٿيو. اهڙيءَ طرح تقيہ به اثني عشري ٽولي جو آهي، پاڻ کي ٻارهن امامن سان منسوب ڪندا آهن. سندن ايمان آهي ته سڀ بار ۽ ذميواري امام صاحب پاڻ پنهنجي سر تي کڻي ويو ۽ اثني عشري کي پاڪ ڪري ويو. هن ٽولي جا هزارين ماڻهو ولايت هند مثلاً ملتان، سنڌ، گجرات ۽ لاهور وغيره ۾ رهندڙ آهن ۽ اهوئي ٽولو آهي، جيڪو پنهنجي مال جو خمس (پنجون حصو) سيد ڪبير جي اولاد کي ڏيندو رهندو آهي.

 

شيخ ابوعبدالله قرباقي

فتوحات ابن عربي ۾ ذڪر آهي ته شيخ ابوالعباس حريري سن ڇهه سو ٽي هجري ۾ مصر ۾ مون کي ڳالهه ٻڌائي ته آءٌ شيخ ابوعبدالله قرباقي سان گڏ بازار ۾ پئي ويس ۽ ان پنهنجي ننڍڙي ٻار لاءِ هڪڙي قصريه خريد ڪئي. قصريه انهيءَ ٿانوَ کي چيو ويندو هو. جنهن ۾ ٻارن کي پيشاب ڪرايو ويندو هو. اهو ٿانوَ شيشي جو هوندو هو. جمامه نالي هڪ صالح مرد به اسان سان گڏ هو. پوءِ هڪ جاءِ تي ويهي ڪجهه شيون کائڻ ويٺاسون. پوءِ خيال آيو ته ڪجهه نان ۽ حلوو کائڻ لاءِ وٺجي، پر حلوي لاءِ ٿانوَ ڪونه هو. پوءِ چيائون ته هيءُ ٿانوَ (قصريه) اڃا تائين پاڪ ۽ صاف آهي. انهيءَ ۾ ئي حلوو وجهي کائجي. پوءِ ان ۾ کاڌوسون. جڏهن سنگت هلي وئي ۽ ابوعبدالله اهو ٿانو قصريه هٿ ۾ کڻي روانو ٿيو ته خدا جو قسم! مون ۽ ابوعبدالله قرباقي ٻنهي ڄڻن قصريه مان آواز ٻڌو ته جنهن شيءِ ۾ الله تعاليٰ جي اولياء ڪرام ڪا شيءِ کاڌي هجي، تنهن کي پيشاب يا ناپاڪ شيءِ لاءِ استعمال هرگز نه ڪرڻ گهرجي. انهيءَ آواز کان پوءِ اهو ٿانوَ سندس هٿ کان زمين تي ڪِري پيو ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. اها عجب حالت منهنجي ذهن ۾ گهمندي رهي. شيخ ابوعبدالله چيو ته مون شيخ ابوالعباس کي اها ڳالهه ٻڌائي. چيائين ته اوهين قصريه جي نصيحت کان غافل ٿيل آهيو. اوهان جو خيال اهو هوندو ته ڪيترائي ٿانو آهن، جن ۾ اوهان کان افضل ۽ بهتر ماڻهو کاڌو کائي چڪا هوندا، اهي ٿانوَ ناپاڪ هنڌن تي پيل آهن، سو اها ڳالهه نه آهي. هن مان اوهان کي تنبيهه ڪرڻ مقصود آهي ته حصول معرفت کان پوءِ الله تعاليٰ کان پنهنجي دلين کي اغيار ڏانهن نه ڦيريو (يعني جنهن ٿانوَ ۾ معرفت الهٰي هجي انهيءَ ٿانوَ ۾ غيرالله جو تصور نه آڻجي.) ۽ ٿانوَ جي ٽٽڻ جو اشارو انهيءَ ڳالهه ڏانهن آهي ته ٿي سگهي ٿو ته حق سبحانہ تعاليٰ جي بارگاهه ۾ اهڙي طرح اوهين به ٽٽي وڃو.


(1) مشائيان: قديم حڪماء جو اهو ٽولو جيڪو پاڻ ۾ هڪ ٻئي وٽ وڃي علمي حقائق ۽ اسرار معلوم ڪندا هئا.

(2) اشراقيان: اهو ٽولو جيڪو ڪثرت رياضت سان، باطن جي صفائي ڪندو هو. هڪ ٻئي وٽ وڃڻ جي ضرورت محسوس ڪونه ڪندا.

(3) سيميا: علم طلسم- علم نظر بندي- علم روح

(1) صحيح لفظ آهي المسترشد آهي ڏسو معجم البلدان ص291 ج1، ڪشف الظنون ص1169 ج2. انهيءَ ڪري متن ۾ لکيل المرشد درست ڪيو ويو آهي.

(1) سنڌيءَ ۾ ان کي ٻڳهه چوندا آهن (فرهنگ جعفري ص187)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com