بسم
الله الرحمٰن الرحيم
رب
يسر و تمم بالخير
الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جنهن پنهنجي خاص جماعت کي
هدايت جي پيغام: فَاذۡکُرُوۡنِيۡ اَذۡکُرُکُمۡ سان
پاڻ ڏانهن سڏيو ۽ راهه يقين جي سالڪن جي قافلي کي
وجاهدوا في سبيل الله جي چهبڪ سان طريقت جي ميدان
۾ ڊوڙايو. نبي ڪريم عليہ افضل الصلوٰة و اڪمل
التسليم جن جي پيروي ڪندڙن لاءِ ”اِنۡ کُنۡتُمۡ
تُحِبُّوۡنَ اللهَ فَاتَّبِعۡوۡنِيۡ“ کي سندن
حياتيءَ جو وظيفو بڻايو، ته جيئن راهه شريعت جي
طالبن لاءِ حق جي منزل تي پهچڻ آسان ٿئي. دراصل
اها ئي"حقيقت" جي واٽ آهي. ”وَلَا تَدۡعُ مَعَ
اللهِ اِلــٰـهًا آخَرَ“ جو واجب الفنا حڪم
ڏنائين، يعني پنهنجي وجود جي هستيءَ تان غير الله
جي نيستيءَ جي پردي کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو. اهو
الله، جنهن وَمَا يَنۡطِقُ عَنِ الۡهَوٰي اِنۡ
هُوَ
اِلَّا
وَحۡيُ
يُّوۡحَيٰ
جي
زباني پنهنجي نبي ﷺ جي اولاد کي ڪرامت ۽ شرافت عطا
ڪئي. جنهن نبي سڳوري جو فرمان آهي ته ”اولادي
کسفينة نوح من رکب نجيٰ ومن خلف هلک“ ۽ انهيءَ
فرمان مطابق کين بحر طريقت کي پار ڪرڻ لاءِ واسطو
مقرر فرمايائون. پڻ سندس فرمان آهي ته ”اصحابي
کالنجوم بايهم اقتديتم اهتديتم“ اهڙيءَ طرح انهيءَ
حڪم مطابق اصحابن سڳورن کي رهبري ۽ رهنمائيءَ لاءِ
منتخب فرمايائون. پوءِ جيڪو سندن واٽ جو طالب ٿي
ان تي هلندو، سو هدايت لهندو ۽ انهن کي ئي عارف
مقرر فرمايو ويو آهي.
مظهر ولايت،وارث مماريث امامت و وصايت، خليفه
ظاهري و معنوي، غالب ڪل غالب، علي بن ابي طالب،
نبي ڪريم ﷺ جن جو ڄاٽو ۽ نياڻو آهي، جنهن مان گهڻي
مخلوق خدا کي دين جو نور ۽ روشني نصيب ٿي آهي،
جنهن جي شان ۾ فرمايو ويو آهي ته ’انا مدينة
العلم وعلي بابها ۽ ٻي روايت ۾ آهي ته انا ميزان
الحکمة وعلي لسانها‘. اهڙيءَ طرح کين ولايت جو
دروازو ۽ حڪمت جي زبان عطا ٿي. پوءِ جنهن کي،
جيتري به اها دولت نصيب ٿي آهي، سا سندن ئي فيض جي
دسترخوان تان نصيب ٿي آهي ۽ جنهن، جيتري به نگاه
جي روشني پرائي آهي، تنهن سندن ئي هدايت ۽ انوارن
جي ڏيئي مان اهو نور حاصل ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته سندن
شان ۾ فرمايو ويو آهي ته ’انت مني بمنزلة هارون من
موسيٰ‘ ۽ اها ئي معنيٰ آهي هن حديث شريف جي ته"من
کنت مولا فعلي مولا" (جنهن جو دوست ۽ ولي آءٌ
آهيان، علي به ان جو دوست ۽ ولي آهي.)
مؤلف جو شعر
علي
را جز محمد کــس نـه دريافت
مدينة علم ز آن شہ نيک دريافت
اللهم صل علٰي سيدنا محمد وآلہٖ واصحابہٖ اجمعين.
ترجمو: حضرت محمد ﷺ جن کان سواءِ ڪنهن به علي
سائين رضي الله عنہ جي مقام کي نه لڌو. علم جي شهر
يعني نبي سائينءَ جن ئي انهيءَ نيڪ بادشاهه کي
دريافت ڪيو.
انهيءَ کان پوءِ، فقراء جي ولايت جو ڪاسو کڻندڙ،
سندن گدائي ڪندڙ، ارباب صفا جي فيض جي دسترخوان جي
اوبر کائيندڙ، ڪجهه به نه ڄاڻندڙ ۽ صورت ۽ باطن ۾
ڪا به نسبت نه رکندڙ، علي شير قانع شيرازي حسني،
شڪر اللهي ٺٽوي چوي ٿو، الله تعاليٰ سندن ڪوششن کي
قبول فرمائي ته جڏهن هن بي شعور انسان پنهنجي
سمجهه واري تقريباً اڌ صديءَ جي حياتي حڪمرانن جي
مدح سرائيءَ ۾ شاعري ۽ افسانه نويسي ڪندي گذاري ۽
گهڻا دفتر انهن ڪارگذارين ۾ ڪارا ڪيا ته پوءِ
منهنجي هوش جي اک کلي ۽ مون انهيءَ واٽ تي هلڻ کان
بيزاري ظاهر ڪئي. ان کان پوءِ ڪتاب ”تحفة الڪرام“
ٽن جلدن ۾ لکي پورو ڪيو، جيڪو پيغمبر سڳورن،
بادشاهن، وصين، امامن ۽ خاص ڪري هند ۽ سنڌ جي
بزرگن جي حالات تي مشتمل آهي، جنهن کي دوستن ۽ گهڻ
گهرن گهڻو پسند ڪيو. ان کان پوءِ ٻارهين صديءَ
تائين جيڪي بادشاهه ٿي گذريا آهن، تن جي فضيلتن ۾
ڪجهه منظوم رسالا لکيا ويا. سن 1202هه ۾ منهنجي
حياتي پنهنجي عمر جون 63 بهارون ڏسي چڪي آهي ۽
طبعي بيمارين منهن ڪڍيو آهي. مون سگهه آهر ڪوشش
ڪري پهريائين سنڌ جي اهلِ بيت وغيره جو شجرو لکيو
آهي. ان کان پوءِ طريقت جي بزرگن جي سلاسل جا دفتر
جوڙي جمع ڪيا آهن. پهرئين تاريخ جو نالو آهي:
”شجره اطهر اهلِ بيت“ ۽ ٻي تاريخ جو نالو آهي
”طومار سلاسل گزيده.“ پوءِ دل ۾ خيال آيو ته
موجوده زماني جي مشايخ ۽ انهن جي سلسلن ۾ جيڪي
بزرگ ۽ سندن ساٿي ٿي گذريا آهن، تن جو بيان لکجي.
تان جو هيءُ مختصر رسالو ”معيارِ سالڪان طريقت“
تيار ٿيو، جنهن ۾ سن 1202هه تائين بزرگن جو احوال
قلمبند ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ اولياء الله ۽ بزرگن
جي جماعت جو پورو پورو احوال ته بيان نه ٿي سگهيو
آهي، پر چيو ويو آهي ته ”من لا يدرک الکل الا بترک
الکل“ يعني: ڪل تائين پهچي نٿو سگهجي، جيستائين ڪل
کي نه ڇڏبو. يعني جنهن جيترو حاصل ڪيو، سو حاصل
ڪيو.
هن
ڪتاب ۾ هڪ مقدمو، خاتمو ۽ يارنهن معيار آهن. آخر ۾
هڪ خاتمو به آهي. جن بزرگن جي وفات جا سال معلوم
نه ٿي سگهيا آهن، انهن جا حالات، سندن همعصر بزرگن
۾ ڏنا ويا آهن. سندن وفات جي تاريخ ۾ ڏهن ويهن
سالن جي گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي. ايتري پڪَ اٿم ته
فلاڻو بزرگ، فلاڻي صديءَ ۾ ٿي گذريو آهي، يا فلاڻي
بزرگ جي فلاڻي بزرگ سان صحبت ٿي چڪي آهي. جن بزرگن
جي باري ۾ اها ڄاڻ به حاصل نه آهي ته ڪهڙي صديءَ ۾
ٿي گذريو آهي، يا ڪهڙي بزرگ جو همعصر هو، تنهن جو
ذڪر خاتمي ۾ ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ڪاوش مان هن مؤلف جو مقصد هيءُ آهي ته
اولياء الله ۽ بزرگانِ دين جا حالات گڏ ڪري ماڻهن
تائين پهچائجن، شايد آءٌ به انهيءَ گروهه سان محبت
ڪندڙ ۾ شامل ٿيان، جو فرمايو ويو آهي ته ”المرءُ
مع من حب ومن احب شيئا اکثر ذکره“ يعني: ’ماڻهو ان
سان هوندو، جنهن سان محبت ڪندو ۽ جيڪو شخص جنهن
سان محبت ڪندو آهي، ان جو اڪثر ذڪر ڪندو رهندو
آهي.‘ پڙهندڙ کي گذارش آهي ته غلطي ۽ ويسر جي
اصلاح ڪن. ان سان گڏوگڏ دعا ۽ فاتحہ جي درخواست به
آهي. وڌيڪ الله ئي ڪافي آهي.
مؤلف جي زباني هن تاليف جي تاريخ:
در
مرزِ دل چو تخم ولا نيک کشتہ شد
خوش
رشتہ ز ريشہ امال رشتہ شد
آن
رشتہ بستہ گل بسر گل ازان نهال
از
دستِ آبيار کرامات کشتہ شد
بوده ولاي اهلِ ولايت مرادِ من
جز
ذکر شان هر آنچہ بلب بود هشتہ شد
بخشد عروج عرش صفا سير اين سواد
زان
ره که ذکر هر ولي اينجا فرشتہ شد
بالفعل آنچہ گشت ز قوت ظهور آن
روزِ ازل بطينت طبعم سرشتہ شد
در
آتش مجاهده جمع اين کتاب
بسيار روزگار روانم برشتہ شد
تاريخ اين رسالہ برائ عيار طبع
”معيار سالکان طريقت“ نوشتہ شد
(1202هه)
ترجمو: جڏهن دل جي سرزمين ۾ نيڪ ماڻهن جي محبت جو
ٻج پوکيو ويو ته ڏاڍي سهڻي وابستگيءَ جي اميد
قائم ٿي آهي. جيڪو شخص گل گلاب جهڙي انهيءَ رشتي
سان وابستہ ٿيو، تنهن جي مٽي به خوشبودار ٿي وئي.
اهڙي پوک کي ڪرامتن وارا هٿ پاڻي ڏيندا آهن،
منهنجي مراد ۽ منهنجو مقصد ولايت وارن جي دوستي ۽
محبت آهي، منهنجي چپن تي سندن ذڪر رڳو انهيءَ مقصد
هيٺ آهي، اهلِ صفا جي انهيءَ جماعت کي الله تعاليٰ
عرش تائين عروج عطا ڪيو آهي، انهيءَ ڪري هن راهه
تي هلندڙ هر ولي هتي فرشتو ٿو لڳي. عملي اعتبار
سان جيڪي ڪجهه وجود ۾ آيو آهي، سو اللہ جي طاقت جو
ظهور آهي. روزِ ازل ۾ منهنجي طبيعت جي مٽيءَ جو
خمير سندن محبت جي پاڻيءَ سان ڳوهيو ويو هو، ڪوشش
ڪري سندن محبت ۽ سوز ساز سان هيءُ ڪتاب جمع ڪري
رهيو آهيان، جنهن کي لکندي ڳچ زمانو گذري چڪو آهي.
هن رسالي جي لکت جي تاريخ جو عدد ”معيار سالڪان
طريقت“ (1202هه) آهي).
مقدمو
جيئن لکيو ويو آهي ته ولايت جي شروعات دراصل نبوت
جي انتها آهي، تنهن ڪري هن باري ۾ ڪجهه لکجي ٿو.
الله تعاليٰ جي ذات، صفات، نالن ۽ احڪامن جي باري
۾ خبر ڏيڻ کي نبوت چئجي ٿو. جيڪڏهن اها نبوت اسباب
جي تحت هجي ته اها ”نبوت تشريعي“ آهي يعني اهڙو
نبي آهي جنهن کي جدا شريعت حاصل آهي ۽ جيڪڏهن
اسباب جي تحت نه هجي ته اها نبوت تفريقي، يعني
ڪنهن وڏي پيغمبر جي ماتحتي ۾ آهي. نبي اهو شخص
هوندو آهي، جنهن کي اللہ تعاليٰ مخلوق ڏانهن هدايت
لاءِ موڪليندو آهي. انهيءَ نبيءَ کي ڪمال جون
وصفون حاصل هونديون آهن، جنهن ڪري اللہ پاڪ جي حڪم
سان ”اعيان ثابتہ“ ۾ سندس ڪمال جي اها وصف ظاهر
ٿيندي آهي، چاهي اهو ڪمال ايمان جو هجي، يا ايمان
کان سواءِ معجزي جو هجي. عام واقعن جي ابتڙ
جيڪڏهن ڪو ڪمال وارو واقعو نبيءَ کان ظاهر ٿئي ته
ان کي ”معجزو“ چوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن وليءَ ۽
بزرگ کان اهڙو واقعو ظاهر ٿئي ته ان کي ”ڪرامت“
چوندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شخص کان خلاف معمول
واقعو ظاهر ٿئي، جيڪو نه نبي هجي ۽ نه ولي ۽ نه
صالح مؤمن ته پوءِ ڄاڻڻ گهرجي ته اهو جادوءَ، يا
روحانيت، يا ستارن، يا آسماني ۽ زميني طلسمات، يا
طي زمان يا طي مڪان جو اثر آهي، جيڪو فرشتن يا
جنات جي ذريعي ظاهر ٿيندو آهي. جيڪڏهن مردان ڪامل
کان اهڙا واقعا ظاهر ٿين ته سمجهڻ گهرجي ته انهن ۾
جنات ۽ فرشتن جو سهڪار شامل آهي. ايترو فرق ضرور
آهي ته جنات کي انهن شين جي ڄاڻ نه هوندي آهي.
جيڪي قلبن سان واسطو رکنديون آهن. ملڪ ۽ مَلَڪوت ۾
عمل دخل ڪرڻ مثلاً جيارڻ ۽ مارڻ، برزخ ۾ قيد ڪرڻ ۽
ان کان ٻاهر ڪڍڻ، عالم ملڪوت ۾ ڪنهن کي داخل ڪرڻ،
اهي الله تعاليٰ جون خاصيتون آهن. ڪامل نبي ۽ ولي
سڳورا هن دنيا جي ۽ ايندڙ دنيا جي نظام جي باري ۾
ڪلي ڄاڻ رکن ٿا. عالم برزخ ۾ بشري عملَ مختلف
صورتون اختيار ڪندا آهن ته کين ان جو علم حاصل
ٿيندو آهي. ماڻهن کي جيڪي ڳالهيون خواب ۾ معلوم
ٿينديون آهن، انهن اولياء الله کي بيداريءَ جي
حالت ۾ حاصل ٿينديون آهن. پيارا پيغمبر ۽ ولي
سڳورا زمين ۽ آسمان جي شين ۾ عمل دخل ڪندا آهن،
جيئن هيٺين مثالن مان معلوم ٿئي ٿو :
1-
قُلْنَا يَا نَارُکُوۡنِيۡ بَـرْدًا
وَّسَلَامًا عَلٰي اِبْرَاهِيمَ(1)
ترجمو: ’چيوسون ته اي باهه! ابراهيم تي گل گلزار
ٿيءُ.‘
2-
فَاَوْحَيْنَا اِلٰي مُوۡسٰي اَنِ اضْرِبْ
بِعَصَاکَ الۡبَحْرَ فَانۡفَلَقَ
(2)
ترجمو: ’پوءِ اسان موسيٰ ڏانهن وحي ڪئي ته پنهنجي
لٺ سمنڊ تي هڻ ته پاڻي ٻه ٽڪر ٿي ويو.‘
3-
وَاِذِ اسۡتَسۡقَيٰ مُوْسٰي لِقَوْمِہٖ فَقُلۡنَا
اضۡرِبۡ بِعَصَاکَ الۡحَجَـرَط فَانۡفَجَرَتۡ
مِنۡہُ اثنَتَا عَشۡرَةَ عَيۡنًاط
(3)
ترجمو: ’۽ جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻيءَ جي
دعا ڪئي، اسان چيو ته پنهنجي لٺ پٿر تي هڻ، پوءِ
انهيءَ مان ٻارنهن چشما ڦٽي نڪتا.‘
4-
وَلِسُلَيْمَانَ الرِّيۡحَ غُدُوُّهَا شَهْرٌ
وَرَوَاحُهَا شَهْرٌ
(4)
ترجمو: ’۽ اسان سليمان لاءِ هوا کي تابعدار ڪيو،
جيڪا هڪ صبح ۾ مهيني جو سفر طي ڪندي هئي ۽ هڪ شام
۾ مهيني جو سفر طي ڪندي هئي.‘
5-
وَاَلَنَّا لَہٗ الۡحَدِيۡدَ (5)
ترجمو: ’۽ اسان دائود لاءِ لوهه کي نرم ڪري ڇڏيو.‘
6-
وَهُزِّيۡ اِلَيۡکِ بِجِذْعِ النَّخْلَةِ
تُسَاقِطۡ عَلَيۡکِ رُطَبًا جَنِيّــًا
(6)
ترجمو: ’۽ (اي مريم!) کجيءَ جي ٿڙ کي پاڻ ڏانهن
ڇڪي ڌوڻ ته توتي تازيون کارڪون ڇاڻيندي.‘
7-
فَقُلۡنَا لَهُمۡ کُوۡنُوۡا قِرَدَةً
خٰسِئِيۡنَ (7)
ترجمو: ’پوءِ اسان انهن (يهودين) کي چيو ته ذليل
باندر ٿي پئو.‘
8-
اقْتَرَبَتِ السَّاعَةٗ وَانۡشَقَّ الۡقَمَرُ
(8)
’قيامت ويجهي اچي چڪي ۽ (حضرت محمد ﷺ جن جي آڱر جي
اشاري سان) چنڊ ٻه ٽڪر ٿي پيو.‘
انهن آيتن سڳورين مان معلوم ٿيو ته مختلف نبين
سڳورن مختلف شين ۾ پنهنجو عمل دخل ڪيو. صوفي چون
ٿا ته اللہ تعاليٰ جا مختلف نالا هڪ ٻئي جي مقابلي
۾ آهن، انهن مان هر هڪ نالو گهري ٿو ته پاڻ غالب
ٿئي ۽ ان جو مخالف نالو مغلوب ٿئي. انهيءَ ڪري
ڪائنات جي مختلف شين ۾ مختلف خاصيتون ۽ مختلف
اثرات ظاهر ٿيندا رهندا آهن، جيئن اللہ جل جلالہ
جو هر اسم مبارڪ پنهنجي ڪمال کي پهچي ۽ جهان جو
هيءُ نظام منظم ٿيندو رهي. اللہ تعاليٰ فرمائي ٿو
ته : قُلْ يَا اَيُّهَا النَّاسُ قَدْ جَآءَکُمُ
الۡحَقُّ مِنْ رَّبّکُمْ فَمَنِ اهْتَـدٰي
فَاِنَّـمَا يَهْتَـدِيۡ لِنَفْسِہٖ وَمَنْ ضَلَّ
فَاِنَّـمَا يَضِلُّ عَلَيْهَا وَمَآ اَنَا
عَلَيۡکُمْ بِوَکِيۡلٍ(1)
چؤ اي انسانؤ! بيشڪ توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان
حق اچي چڪو، پوءِ جيڪو هدايت جي واٽ وٺي ٿو، اهو
پنهنجي لاءِ هدايت جي واٽ وٺي ٿو ۽ جيڪو گمراهه
ٿئي ٿو، اهو پنهنجي لاءِ گمراهه ٿئي ٿو ۽ آءٌ
توهان تي نگران مقرر نه آهيان. هن آيت ۾ جنهن”حق“
جو بيان آهي، اها ”حقيقت محمدي“ آهي.
پاڻ سڳورا حقيقي نبي ۽ ازل کان قطب الاقطاب آهن.
جيڪي به نبي ظاهر ٿيا آهن، سي انهن”مظاهر“ جي
درميان حق هئا، نڪي اسماءِ مبارڪ جي درميان. حقيقت
جي اعتبار سان اهو ڪامل تصرف ۽ عام انعام آهي.
رهيو بشريت جي اعتبار سان ته، ٻانهو محتاج آهي،
تنهن ڪري حڪم فرمايو ويو ته: قُلْ اِنَّـمَا
اَنَا بَشَرٌ مِثْلُکُمْ يُوۡحَى اِلَيَّ
(2)
چؤ ته آءٌ توهان وانگر بشر آهيان، مون ڏانهن وحي
ڪئي ويندي آهي. اها صورت هر زماني ۾ ماڻهن جي
مناسبت سان ظاهر ٿيندي رهندي آهي. اللہ تعاليٰ
فرمائي ٿو ته وَلِکُلِّ قَـوْمٍ هَادٍ(3)
۽ هر قوم لاءِ هدايت ڪندڙ هوندو آهي. آخر ۾ صورت
ظاهر ٿي ۽ ”تشريعي نبوت“ ختم ٿي وئي.
”ولايت“ جي لفظي معنيٰ ”ويجهڙائي“ حاصل ڪرڻ آهي ۽
عرف عام ۾ ان جي معنيٰ آهي، اهڙي نموني اللہ پاڪ
جا اخلاق اختيار ڪرڻ جو فنا کان بعد بقا ۽ محو کان
بعد صحو يعني سجاڳي حاصل ٿئي. نبوت ظاهري ۽ ولايت
باطني شيءِ آهي. رسول نبي کان اڪمل آهي ۽ نبي ولي
کان اڪمل آهي. مگر رسول اڪمل جي نبوت، ان جي رسالت
کان ۽ نبيءَ جي ولايت، ان جي نبوت کان افضل آهي.
ڇاڪاڻ ته ولايت حقيقت جي جهت آهي ۽ نبوت ملڪيت جي
جهت آهي.
رسالہ ”جهت بشريت“ ۾ شيخ سعد الدين حموي چوي ٿو ته
نبين جي انتها، ولين جي ابتدا آهي. يعني ولايت جي
شروعات. ولي شريعت جو تابع هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته
شريعت ڪار نبوت جي نهايت آهي ۽ نبوت ۽ ولايت ڪسبي
شيءِ نه آهي، بلڪ الله تعاليٰ جي طرفان فيض اقدس
آهي، جيڪو فرشتي جي واسطي سان الهام هوندو آهي.
وحي به فرشتي جي واسطي سان هوندي آهي. اهوئي سبب
آهي ته ”احاديث قدسيہ“ جيتوڻيڪ الله جو ڪلام آهن،
پر وحي ۽ قرآن نه آهن. وحي ظاهري ڪشف آهي، جنهن ۾
معنوي ڪشف سمايل هوندو آهي ۽ الهام صرف معنوي ڪشف
آهي، وحي نبيِءَ جي خاصيت آهي ۽ الهام وليءَ جي
خاصيت آهي. وحي تبليغ سان مشروط آهي ۽ الهام لاءِ
تبليغ جو شرط نه آهي.
اولياء اللہ چئن قسمن جا آهن: 1- سالڪ محض 2-مجذوب
محض 3- سالڪ مجذوب، جنهن جو سلوڪ جذبي تي مقدم آهي
4-مجذوب سالڪ، جنهن جو جذبو سلوڪ تي مقدم آهي. چيو
ويو آهي ته جذبة من جذبات الحق توازن عمل الثقلين.
الله تعاليٰ جي جذبات مان هڪ جذبو ثقلين يعني جنن
۽ انسانن جي عمل جي برابر آهي.
جيئن جسم لاءِ غذا ۽ تندرستي ۽ بيماري هوندي آهي،
ساڳيو معاملو روح سان به هوندو آهي. الله تعاليٰ
ارشاد فرمائي ٿو: اِلَّا مَنْ اَتَي اللهَ
بِقَلۡبٍ سَلِيمِ
(1)
ترجمو: سواءِ انهيءَ شخص جي، جيڪو الله وٽ صحيح
سالم دل آڻي. ٻئي هنڌ ارشاد آهي ته: فِيْ
قُلُوْبِهِمۡ مَّـرَضٌ(2)
ترجمو: سندن دلين ۾ بيماري آهي. جيئن جسماني
بيماريءَ جو ڪو نه ڪو نالو ۽ ڪا نه ڪا خاص دوا
هوندي آهي، جنهن کي هوشيار حڪيم کان سواءِ ڪو نٿو
ڄاڻي، تيئن روحاني مريض ۽ هر روحاني بيماري به
هوندي آهي، جنهن جي حقيقت کي نبين ۽ ولين کان
سواءِ ڪو نٿو ڄاڻي، تنهن ڪري ولي واصل ۽ مرشد ڪامل
جي صحبت کان سواءِ ڪا سبيل نه آهي. تنهن ڪري
فرمايو ويو آهي ته: من مات ولم يعرف امام زمانہ
فقد مات ميتة جاهلية. ترجمو: جيڪو هن حالت ۾ مري
ويو جو پنهنجي زماني جي امام کي نه سڃاتائين ته
اهو جاهليت جي موت مئو.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو: يٰاَيُّهَا الَّذِيۡنَ
اٰمَنُوْا اتَّـقُوا اللهَ وَابْتَـغُوْا اِلَيْہِ
الۡوَسِيْلَةَ وَجَاهِدُوْا فِيْ سَبِيْلِہٖ
لَعَلَّکُمْ تُفْلِحُوْنَ(3)
”اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان ڏانهن وسيلي جي
تلاش ڪريو ۽ سندس واٽ ۾ جهاد ڪريو، من توهان
ڪامياب ٿيو.“ جهڙي طرح نبض ۽ طبيعت جسماني احوال
تي دلالت ڪندي آهي، ساڳئيءَ طرح ڪو جسماني واقعو،
نفس جي حالت تي دلالت ڪندو آهي، تنهن ڪري طريقت جا
سالڪ پنهنجا واقعا ۽ حالات، پنهنجي شيخ وٽ عرض
ڪندا آهن، ۽ شيخ سندس نفس جي ترقي يا تنزل کي ان
مان معلوم ڪري وٺندو آهي ۽ انهيءَ مطابق ذڪر جو
تعين ڪندو آهي ۽ ان کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه
ٻڌائيندو آهي.
بخاري ۽ ترمذيءَ ۾ سمره بن جندب رضي الله کان
روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن اڪثر پنهنجن اصحابن
کان پڇندا هئا ته توهان مان ڪنهن خواب ڏٺو هجي ته
بيان ڪري. پوءِ جنهن جي باري ۾ الله گهرندو هو،
اهو (خواب) بيان ڪندو هو. پوءِ پاڻ ان جي تعبير
بيان ڪندا هئا.
اخلاق ۽ تصوف جي ڪتابن جو صرف مطالعو ڪرڻ ڪافي ۽
شافي نه آهي. بيمار شخص هوشيار حڪيم کان سواءِ،
رڳو ابن سينا جي ڪتاب ”قانون“ ۽ ”ڪامل الصناعة“
کي پڙهي پنهنجو علاج نٿو ڪري سگهي.
ولايت چئن قسمن جي آهي: 1-اها ولايت جيڪا نبوت
مطلق جو باطن آهي. ان جو خاتم حضرت علي رضي الله
تعاليٰ عنہ آهي. تنهن ڪري فرمايو اٿن ته جيڪڏهن
چئن آسماني ڪتابن وارا جمع ٿين ته هر هڪ آسماني
ڪتاب جي پوئلڳ لاءِ سندن ڪتاب مطابق فيصلو ڪندو.
2-اها ولايت جيڪا نبوت جي مقيد ۽ پابند هجي 3- اها
ولايت مطلقہ، جيڪا مشڪواتِ محمدي مان نور حاصل ڪري
ٿي ۽ اها نبين سڳورن جي ولايت آهي. ٻئي نمبر تي
اولياء الله جي ولايت آهي 4- چوٿين ولايت مطلقہ
عامہ آهي، جيڪا نبوت سان خاص نه آهي ۽ اهي ٽئي
ولايتون هڪ ٻئي تي ختم آهن.
ولايتِ مطلق محمديہ جو خاتم مهدي رضي الله تعاليٰ
عنہ آهي، جيڪو آخري زماني ۾ نبي ﷺ جن جي نسل مان
پيدا ٿيندو. ولايتِ نبوت مطلقہ به مٿس ختم ٿيندي.
سيد
علي همداني فرمائي ٿو ته ”ولايت مقيده محمديہ“ جو
خاتم ”قلب محمديہ“ جي مرتبي تي پهچي ٿو ۽ ولايت
مطلقہ جو خاتم روح جي مرتبي تي پهچي ٿو، ڪي چون ٿا
ته حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو روح مهديءَ ۾ ظاهر
ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته نزول مسيح جو مطلب ورتو
ويو آهي ظهور مهدي. جيئن فرمايو ويو آهي ته لا
مهدي الا عيسي ابن مريم. يعني: عيسيٰ بن مريم کان
سواءِ ڪو مهدي نه آهي.
فاتحة
الڪتاب
ڪلاه، خرقہ، وارَ ڪترائڻ ۽ وارَ ڪوڙائڻ ۽ بيعت جي
باري ۾ بيان، جيڪي پيري مريديءَ جا 4 رڪن آهن.
ڪتاب بحر الرايق ۾ امام شافعيءَ جو قول نقل آهي ته
جڏهن الله تعاليٰ هيءَ آيت نازل فرمائي:
مُحَلّقِيۡنَ رُءُوْسَکُمْ وَّمُقَصّرِيۡنَ لَا
تَخَافُوْنَ(1)
ترجمو: ”ضرور توهان بيت اللہ ۾ داخل ٿيندؤ پنهنجا
مٿا ڪوڙائي ۽ مٿا ڪترائي، بغير ڪنهن خوف جي.“ ته
رسول الله ﷺ جن پنهنجو مٿو مبارڪ ڪوڙايو. جنيد
بغدادي لکي ٿو ته حضرت جبرئيل امين حق سبحانہ
وتعاليٰ جي حڪم سان چار ٽوپيون آنديون. نبي سائين
جن مٿي مبارڪ جا وارَ مبارڪ ڪوڙايا ته انهيءَ
چارئي ٽوپيون سندن مٿي مبارڪ تي رکيون. پوءِ
پيغمبر پاڪ ﷺ جن پاڪي، سيدنا ابوبڪرصديق رضي الله
جي مٿي تي هلائي ۽ انهن چئن ٽوپين مان هڪ ترڪي
ٽوپي سندس مٿي تي رکي، الله اڪبر چيائون. ساڳيءَ
طرح ٻه ٽوپيون هر هڪ سيدنا عمر ۽ سيدنا عثمان
کي پارايائون ۽ چوٿين ٽوپي امير المؤمنين علي جي
مٿي تي رکيائون. انهن چئن خليفن جي خصوصيت انهيءَ
ڪري آهي، جو ٻين سڀني کي بيعت سان نوازيائون، جيئن
بيعت رضوان جي موقعي تي انهن کان بيعت ورتائون.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو: اِنَّ الَّذِيۡنَ
يُبَايِعُوْنَکَ اِنَّمَا يُبَايِعُوْنَ اللهَ
يَدُ اللهِ فَوْقَ اَيْدِيْهِمْ فَمَنۡ نَکَثَ
فَاِنَّمَا يَنْکُثُ عَلى نَفْسِہٖ(2)
بيشڪ جيڪي توهان سان بيعت ڪن ٿا، اهي الله سان
بيعت ڪن ٿا، الله جو هٿ انهن جي هٿن جي مٿان آهي،
پوءِ جيڪو بيعت ٽوڙيندو ته دراصل اهو پنهنجي نفس
جي خلاف ورزي ڪندو.
چون
ٿا ته هن آيت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ اصحابن سڳورن
ٻيهر بيعت لاءِ درخواست ڪئي، پاڻ سڳورن سندن
درخواست کي قبول ڪندي کين تاڪيد فرمائي ته پوءِ
توهان پنهنجن هيٺين کان بيعت وٺندا. اهڙيءَ طرح
اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو. هن ئي دليل جي
بنياد تي شريعت ۾ هٿ تي هٿ رکي بيعت ڪرڻ سنت آهي ۽
طريقت ۾ ائين ڪرڻ فرض آهي. پوءِ جيڪو شخص ڪنهن پير
جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي بيعت نٿو ڪري ۽ ان کان سواءِ
زندگي گذاري ٿو، اهو بي دين ٿي مرندو آهي. جيئن
”استعداد الآخرة“ نالي ڪتاب ۾ آهي ته من لا شيخ لہ
لا دين لہ ومن لا شيخ لہ فشيخہ الشيطان. يعني:
جنهن جو ڪو شيخ نه آهي، ان جو ڪو دين نه آهي ۽
جنهن جو ڪو شيخ نه آهي ان جو شيخ شيطان آهي.
طريقت جي انوار جا واقف ۽ حقيقتن کي بيان ڪندڙ اهل
الله، الله سندن قبرن کي منور فرمائي. چون ٿا ۽ ان
تي سندن اتفاق آهي ته جڏهن نبي ﷺ جن جي نبوت کي ٻه
زمانا گذري ويا ۽ اصحابن مان شايد ڪو باقي رهيو
هو، ماڻهن تابعي عالمن کان معرفت ۽ يقين جو علم
حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. پوءِ اهي خواجہ حسن بصري رحمة
الله وٽ آيا، جيڪو امير المؤمنين علي کان فيض
حاصل ڪري چڪو هو. اهڙيءَ طرح پيري مريديءَ جي سند
ثابت ٿي.
اوليائن جي مرتبي جا عددَ، يعني اهي اولياء اللہ
جن جي وجود سان دنيا جو هيءُ نظام هلي رهيو آهي،
انهن مان ڪي شيخ محي الدين ابن عربيءَ جي قول
مطابق ”افراد“ آهن. انهن تي قطب تصرف نٿا ڪن ۽
انهن جو تعداد اِڪي آهي.
”قطب“ جنهن کي غوث چون ٿا، هڪ شخص آهي، جيڪو حق
تعاليٰ تبارڪ جي سامهون هوندو آهي ۽ جنهن کي
”عبدالله“ چوندا آهن. ۽ ان کي ندرت جي ڪري ظاهري
خلافت حاصل آهي ۽ چئن خليفن ۽ امام حسنؓ، معاويہ
بن يزيد، عمروبن عبدالعزيز، متوڪل عباسي قدس الله
اسرارهم جهڙا سندس به خليفا آهن. اهو اسرافيل جي
قلب تي آهي. جڏهن چئبو آهي ته فلاڻو فلاڻي جي قلب
تي يا فلاڻو فلاڻي جي قلب تي آهي ته ان جو مطلب
هيءُ هوندو آهي ته انهن ٻنهي تي الله تعاليٰ جو
فيض هڪجهڙو آهي. قطب جو فيض ٻن طرحن سان هوندو
آهي: 1- قطب ارشاد بر قلب محمد نظير جدي 2- قطب
ابدال نظير سهيل.
”امام“ ٻه آهن. هڪ غوث جي ساڄي پاسي هوندو آهي،
جنهن جي نظر عالم ملڪوت تي آهي، کيس عبدالرب چوندا
آهن ۽ هڪ غوث جي کاٻي پاسي هوندو آهي، جنهن جي نظر
عالم ملڪ تي هوندي آهي ۽ ان کي عبدالملڪ چوندا
آهن، جيڪو عبدالرب کان افضل آهي.
”اوتاد“ چار آهن. جيڪي دنيا جي چئني پاسن ۾ رهن
ٿا، هڪ مشرق ۾ جنهن جو نالو عبدالحق آهي ٻيو مغرب
۾ جنهن جو نالو عبدالعليم آهي، ٽيون اتر ۾ جنهن جو
نالو عبدالمريد آهي، چوٿون ڏکڻ ۾ جنهن جو نالو
عبدالقادر آهي.
”ابدال“ ست آهن. هن ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته اهي
قطب يا امام آهن يا اوتاد.انهن کي ”ابدال“ هن ڪري
چوندا آهن ته جڏهن انهن مان ڪو مري ويندو آهي ته
چاليهن ڄڻن مان هڪ ان جي جاءِ تي ايندو آهي. تمتيم·
ٽي سؤ آهن. جڏهن انهن مان ڪو پنهنجي جاءِ تان ٻئي
هنڌ ويندو آهي ته پنهنجو وجود اتي ڇڏي ويندو آهي.
ابدال لاءِ شرط آهي ته اهي انهيءَ معاملي جا ڄاڻو
هجن. اهي مهيني جي هرهڪ ڏينهن ۾ دنيا جهان جي ڪنهن
نه ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هوندا آهن.
”نجباءَ “ اٺ ڄڻا آهن، جيڪي مخلوق جا بار ۽
ذميواريون کڻڻ ۾ مشغول آهن.
”نقبا“يارنهن آهن. جيڪي اندروني حالات کان واقف
هوندا آهن. ”بدلا“به يارنهن آهن. ڪڏهن چاليهه ڄڻا
به هوندا آهن. انهن کي”بدل“ هن ڪري چوندا آهن ته
جڏهن منجهائن ڪو مرندو آهي ته انهن ماڻهن مان ڪو
ان جو نائب ٿيندو آهي، جيڪي ”ابدال“ ۽ ”نقباء“ نه
هوندا آهن. شيخ ڪمال الدين عبدالرزاق چوي ٿو ته
”نجبا“ چاليهه ۽ ”نقبا“ ٽي سؤ آهن.
”ملامتيہ“ اهي ماڻهو آهن جيڪي پنهنجا حالات ڳجها
رکندا آهن ۽ هن ڳالهه کي پسند نه ڪندا آهن ته کين
بزرگن جي حالت ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي. روض الرياحين ۾
انس بن مالڪ جي روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو
ته منهنجي امت جا ”ابدال“ چاليهه ڄڻا آهن. 22 شام
۾ ۽ 18 عراق ۾ آهن. جڏهن به انهن مان ڪو مرندو آهي
ته انهيءَ جي جاءِ تي اللہ تعاليٰ ٻئي کي آڻيندو
آهي.
عبداللہ بن مسعود کان روايت آهي ته رسول اللہ ﷺ
جن فرمايو ته اللہ تعاليٰ جا ٽي سؤ ٻانها آدم عليہ
السلام جي قلب تي آهن. چاليهه ڄڻا موسيٰ عليہ
السلام جي قلب تي آهن. ست ڄڻا ابراهيم عليہ السلام
جي قلب تي آهن. پنج ڄڻا جبريل عليہ السلام جي قلب
تي آهن. ٽي ڄڻا ميڪائيل عليہ السلام جي قلب تي
آهن. هڪ شخص اسرافيل عليہ السلام جي قلب تي آهي.
جڏهن اهو هڪ شخص مرندو آهي ته اللہ تعاليٰ انهن ٽن
ڄڻن مان ڪنهن کي ان جي جاءِ تي آڻيندو آهي. جڏهن
انهن ٽن مان هڪ مرندو آهي ته اللہ تعاليٰ پنجن مان
هڪ کي ان جي جاءِ تي آڻيندو آهي. جڏهن پنجن مان ڪو
مرندو آهي ته اللہ تعاليٰ انهن ستن مان ڪنهن کي ان
جي جاءِ تي آڻيندو آهي. جڏهن ستن مان ڪو مرندو آهي
ته اللہ تعاليٰ انهن چاليهن مان ڪنهن کي سندس جاءِ
تي آڻيندو آهي. جڏهن چاليهن مان هڪ شخص مرندو آهي
ته اللہ تعاليٰ انهن ٽن سون مان ڪنهن کي ان جي
جاءِ تي آڻيندو آهي. جڏهن انهن ٽن سون مان ڪو
مرندو آهي ته اللہ تعاليٰ عام صالحن مان ڪنهن کي
ان جي جاءِ تي آڻيندو آهي. انهن جي ذريعي اللہ
تعاليٰ هن امت جون مصيبتون ٽاريندو آهي.
ڪن
حضرات موسيٰ عليہ السلام جي جاءِ تي عزرائيل عليہ
السلام جو، جبريل عليہ السلام جي جاءِ تي ابراهيم
عليہ السلام جو، ان جي جاءِ تي ميڪائيل عليہ
السلام جو، ميڪائيل عليہ السلام جي جاءِ تي
اسرافيل عليہ السلام جو، اسرافيل عليہ السلام جي
جاءِ تي عزرائيل عليہ السلام جو ذڪر ڪيو آهي. انهن
سڀني تي اللہ پاڪ جون رحمتون هجن. انهن ۾ هڪ شخص
جنهن جو مٿي ذڪر ٿيو، اهو قطب آهي، جنهن کي”غوث“
به چون ٿا. غوث اوليائن ۾ ائين هوندو آهي جيئن
ڪنهن دائري جي وچ ۾ نقطو هوندو آهي. هن جهان جي
صلاح ۽ فلاح جو دارومدار ان تي هوندو آهي.
شيخ
علاؤ الدولہ سمناني ڪتاب”عروه“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته
انهيءَ ”قطب“ کي ”طي ارضي“ جو مقام حاصل آهي، جيڪو
پاڻيءَ تي به هلندو آهي. بيان ڪيل بزرگ ظاهري
ماڻهن جي نگاهن کان ڳجها آهن. هڪ بزرگ چوي ٿو ته
اردن جي رڻ پٽ ۾ منهنجي الياس عليہ السلام پيغمبر
سان ملاقات ٿي. ان کان پڇا ڪيم ته امت محمديہ ﷺ جي
ابدالن جو تعداد ڪيترو آهي. جواب ڏنائين ته مصر
کان فرات درياءَ جي ڪناري تائين56آهن. ان کان
سواءِ 2 مصيصہ ۾، 1 عسقلان ۾ ۽ 7 سموري جهان ۾
آهن.
اڪثر سمجهن ٿا ته علم جو دارومدار ظاهري، رسمي
علمن تي آهي.
کَلَّا اِنَّهُمْ عَنْ رَّبّهِمْ يَوْمَئِذٍ
لَّمَحْجُوبُوْنَ(1)
ترجمو: هرگز نه اهي انهيءَ قيامت جي ڏينهن پنهنجي
رب جي ديدار ۽ ملاقات کان روڪيا ويندا.
ابن
عباس فرمائي ٿو ته هڪ رات آءٌ امير المؤمنين
علي بن ابي طالب جي خدمت ۾ هئس. صبح ٿيڻ تائين
بسم اللہ جي شرح فرمائيندا رهيا. مون پاڻ کي وڏي
سمنڊ جي سامهون هڪ پيالي وانگر محسوس ڪيو.
فرمايائون ته جيڪڏهن هن آيت: الله اَلَّذِيۡ
خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ وَّمِنَ الۡاَرْضِ
مِثْلَهُنَّ يَتَنَزَّلُ الۡاَمْرُ بَيۡنَهُنَّ(2)
”اهو اللہ جنهن ست آسمان خلقيا ۽ انهن جهڙيون
زمينون به آهن، جن ۾ اللہ جو حڪم لهندو رهي ٿو.“
جي تفسير بيان ڪريان ته توهان ماڻهو مون کي پٿر
چٽي ماري ڇڏيندا. منهنجي سيني ۾ جيڪي علم آهن،
جيڪڏهن اهي توهان تي ظاهر ڪريان ته آءٌ پاڻ ائين
ڏڪي ويندس، جيئن ڊگهي رسي کوهه ۾ وڌل ڏول ۾ لڏندي
آهي. پڻ فرمايائون ته جيڪڏهن چاهيان ته سوره فاتحہ
جي تفسير ۾ ايترا ڪتاب لکان جو ستر اُٺ ڀرجي وڃن.
امام غزاليؒ احياءُ العلوم ۾ بعض عارفن جي حوالي
سان ڄاڻائي ٿو ته انهن بيان ڪيل بزرگن جو ماڻهن جي
نگاهن کان ڳجهو رهڻ جو سبب هي آهي ته ظاهري عالم
انهن کي ڏسڻ جي سگهه نٿا رکن، ڇاڪاڻ ته حقيقي
اعتبار سان اهي علماءَ ”جاهل“ آهن. پوءِ توکي
گهرجي ته انهن ”جاهل“ عالمن کان پاڻ کي پري رک،
اهي جيڪي اولياءَ اللہ تي اعتراض ۽ انڪار ڪندا
آهن. بلڪ انهن اوليائن ۾ سهڻو اعتقاد رکي، پنهنجي
دل جي دروازي کي سندن فيض لاءِ کولي ڇڏ.
شيخ
محي الدين پنهنجي ڪتاب ”فتوحات“ جي باب 73 ۾ چوي
ٿو ته شيخ ابويزيد باموسيٰ ديلمي کي چيو ته اي
ابوموسيٰ جڏهن ڪنهن اهڙي شخص کي لهين جيڪو طريقت
وارن جي ايمان جي حق جي باري ۾ ڳالهائيندو هجي ته
ان کان دعا جي درخواست ڪر، بيشڪ ان جي دعا قبول
پوندي آهي.
رباعي
تا
چند طريق جاه وحشمت طلبيم
برخيز کہ مفتاح سعادت طلبيم
تا
باطن باز شود فيض معمور
از
باطن اهل فقر همت طلبيم
ترجمو: اچ ته جاه ۽ حشمت جي رستي جي طلب ڪريون.
اٿ! نيڪ بختيءَ جي چاٻي طلب ڪريون. ته جيئن فيض
سان ڀرڻ لاءِ پنهنجي باطن کي کوليون. باطن وارن،
فقرائن کان همت طلب ڪريون.
|