سيڪشن؛ تصوف

ڪتاب: معيار سالڪان طريقت

باب:  

صفحو : 17

 

شيخ نجيب الدين متوڪل

هيءُ شيخ فريدالدين شڪرگنج جو ڀاءُ ۽ خليفه مجاز هو. نهايت متوڪل هو. ستر ورهين جي عمر ۾ گذاريائين. جيتوڻيڪ کاڌي پيتي جي ڪا مستقل آمدني ڪونه هئي ۽ کيس گهر ٻار به هئا، مگر ان هوندي به ڏاڍو خوش گذاريندو هو. کيس خبر ئي ڪونه هوندي هئي ته ڏينهن ڪهڙو آهي، مهينو ڪهڙو آهي يا درم ڇا آهي، يا دينار ڇا آهي.

مذڪور آهي ته هڪ دفعي عيد جي ڏينهن سندس گهر ۾ چند درويش اچي جمع ٿيا. وٽس ڪجهه به ڪونه هو، گهر جي ڇت تي وڃي الله تعاليٰ کي ٻاڏايائين. ان مهل ئي هڪ پوڙهو شخص ظاهر ٿيو ۽ هيءُ بيت پڙهي رهيو هو:

بيت

بادل گفتم دلاخضر را بيني

دل گفت اگر مرا نمايد بينم

ترجمو: مون پنهنجي دل کي چيو ته ڇا اوهان خضر عليہ السلام کي ڏسندا آهيو؟ دل مون کي چيو ته جيڪڏهن هو مون کي ڏسڻ ۾ اچي ته ڏسون!

پوءِ انهيءَ پوڙهي طعام جو هڪ وڏو طبق ڀريل شيخ جي اڳيان اچي رکيو ۽ چيائين ته عرش تي ملاء اعليٰ جا ملائڪ تنهنجي توڪل جي تعريف ڪري رهيا هئا. چيائين ته الله شاهد آهي ته اهو مون پنهنجي نفس لاءِ نه ڪيو آهي ۽ طعام آڻڻ وارو خواجه خضر عليہ السلام هو.

شيخ نظام الدين فرمائي ٿو ته شيخ فريدالدين شڪرگنج، کيس ابدالن ۾ شمار ڪندو هو. خواجه قطب الدين جي مزار واري رستي ۾ سلطان محمد عادل جي مشهور عمارت مندل جي سامهون شيخ نجيب الدين متوڪل جي قبر آهي ۽ خواجه نظام الدين اولياء جي جڳهه ۽ شيخ نجيب الدين جي جڳهه به انهيءَ جاءِ تي هئي.

 

قاضي حميدالدين ناگوري

سندس نالو محمد بن عطاء هو. خواجه قطب الدين جي مصاحبن مان هو. سماع ۽ وجد جو ڏاڍو شائق هو. وقت جي علمائن سندس خلاف هڪ دستاويز تيار ڪري بادشاهه وقت کي پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ نظام الدين به سماع جو ڪافي شوق ۽ ذوق جو اظهار ڪيو. سندس تصانيف ڪافي آهن، جن ۾ ”طوالع“ مشهور آهي.

مذڪور آهي ته پاڻ علوم شريعت، طريقت ۾ جامع ۽ مهارت رکندڙ هو، ۽ خوش طبعي به ڪندو هو.

سندس قبر خواجه قطب الدين جي ڀرسان آهي ۽ پاڻ وصيت ڪئي هئائين ته منهنجي قبر جي سطح خواجه جي قبر جي سطح کان هيٺ ڀرو رکجو. ليڪن سندس اولاد ان ڳالهه کي پسند نه ڪيو ۽ خواجه جي قبر کان بلند رکيائون.

 

شيخ جمال الدين خطيب هانسوي

هيءُ شيخ فريدالدين شڪرگنج جو خليفو هو. ٻارهن سال هانسي ۾ ان جي خدمت ۾ گذاريائين. شيخ نظام الدين اولياء فرمائي ٿو ته جڏهن شيخ فريد مون کي خلافت ڏني ته مولانا جمال الدين مون لاءِ نه ترسيو، حالانڪ ان کان اڳ اتي ترسيل هو. اهو مون کي ڏک پهچايو اٿس. حالانڪ اهو سندس شان ۽ مزاج جي موافق نه هو. مولانا جمال الدين کي بذريعه ڪرامت اهو معلوم ٿي ويو. چيائين ته اهڙي ڳالهه هرگز نه آهي، بلڪ تڪلفات کان بچڻ خاطر آءٌ هليو ويس.

 

شيخ برهان الدين

هيءُ شيخ جمال الدين خطيب هانسويءَ جو فرزند هو.

 

شيخ شهاب الدين خطيب هانسوي

شيخ نظام الدين اولياء هن بزرگ بابت فرمائي ٿو ته هو هردلعزيز هو. هميشه رات جو سورة بقره پڙهي سمهندو هو. هڪ رات سورة بقره پڙهي رهيو هو ته گهر جي ڪنڊ مان هڪ آواز آيو.

بيت

داري سرما  وگرنه  دوراز بر ما

ما دوست کشيم تونداري سر ما

ترجمو: تون اسان جي سر حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو آهين ورنه تون اسان کان پري ئي ٿي وڃين. اسان ته توکي دوست سمجهندا آهيون، مگر تون اسان جي سر کان ناواقف آهين.

گهر وارا سڀئي سمهيا پيا هئا. حيران ٿي ويس. وري ٻيهر اهو ئي آواز آيو. پوءِ الله تعاليٰ جي حضور ۾ التجا ڪيم ته اي مالڪ! تنهنجي عهد جي حتي المقدور وفاداري ۽ حڪم جي تعميل ڪئي آهي. تنهنجي رحمت ۾ اميد اٿم ته تون به عهد جي وفا ڪندين. اي مالڪ! جڏهن منهنجي موت جو وقت اچي ته مون وٽ نه عزرائيل اچي ۽ نه ڪو ٻيو ملائڪ فقط آءٌ هجان ۽ تنهنجي ذات هجي. آخر سندس انتقال ائين ئي ٿيو، جيئن سندس خواهش هئي.

 

شيخ قطب الدين هانسوي

هيءُ عالي مقام مشائخ مان هو.

سندس صحبت مان فيضياب ٿيڻ وارا مريد هي آهن:

(1) شيخ نظام الدين هانسوي، (2) شيخ نور دولت مغل ڪش، (3) شيخ علم الدين حاجي ۽ (4) سيد تاج الدين شير سوار مارتازيانه.

 

شيخ صلاح الدين زرڪوب

سندس نالو فريدون قونوي هو. شروعات ۾ هي سيد برهان الدين محقق ترمذي جو مريد هو. هڪ ڏينهن مولانا روم زرڪوبين جي بازار مان لنگهي رهيو هو ته ضرب جو آواز هنيائين ته انهن زرڪوبين تي حال طاري ٿي ويو. اهي سڀ گردش ڪرڻ لڳا.

شيخ صلاح الدين کي به الهام ٿيو ۽ هو پنهنجي دوڪان مان ٽپو ڏئي ٻاهر نڪري آيو ۽ مولانا جي قدمن تي پنهنجو سر رکيائين. مولانا به کيس ڀاڪر پائي پنهنجي شفقت ۽ توجه هيٺ آندو ۽ مٿس ڪافي نوازشون ڪيائين ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي آيو. ظهر جي نماز کان وٺي عصر جي نماز تائين سماع ۾ رهيا ۽ هيءُ بيت مولانا پڙهندو رهيو:

يکي گنجي پديد آمد درين دکان زر کوبي

زهي صورت زهي معنيٰ زهي خوبي زهي خوبي

ترجمو: هن زرڪوبي جي دڪان تي هڪ خزانو ظاهر ٿيو. واهه صورت واه معنيٰ واهه خوبي واهه خوبي.

شيخ صلاح الدين پنهنجي دڪان جو سمورو سامان بيٺي بيٺي خيرات ڪري، مولانا سان گڏ روانو ٿيو ۽ سندس صحبت ۾ رهڻ لڳو. مولانا روم ساڻس اهائي محبت ۽ پيار رکندو هو. جهڙو کيس شيخ شمس الدين تبريز سان پيار هو. ڏهن سالن تائين سندن صحبت ۽ محبت قائم رهي. هڪ ڏينهن مولانا کان اهو سوال پڇيو ويو ته عارف ڇا آهي يا ڪير آهي؟ فرمايائين ته عارف اهو آهي جو تنهنجي دل جي ڳالهه چئي ڏئي ۽ تون خاموش ويٺو رهين ۽ اهڙو مرد صلاح الدين آهي. جڏهن مولانا روم جو فرزند سلطان ولد پنهنجي سن بلوغت کي پهتو ته شيخ صلاح الدين جي نياڻيءَ سان سندس نڪاح ڪرايائين ۽ عارف چلپي انهيءَ ئي جي بطن مان پيدا ٿيو.

شيخ صلاح الدين قونيه ۾ مدفون آهي ۽ مولانا بهاؤالدين سندس پاسي ۾ مدفون آهي.

 

شيخ حسام الدين بن حسن بن محمد بن حسن بن اخي ترڪ

جڏهن شيخ صلاح الدين گذاري ويو ته مولانا سندس پٽ چلپي حسام الدين کي خلافت عنايت ڪئي ۽ ساڳيوئي انس ۽ محبت ان سان رکيائين. مثنوي جي ارڙهن بيتن، يعني مثنوي جي شروع ”بشنو از ني“ کان ”پس سخن کوتاه بايد والسلام“ جي نظم ڪرڻ جو سبب هيءُ بزرگ ئي بڻيو. پوءِ مولانا پنهنجي دستار مان هڪ ڪاغذ ڪڍي حسام الدين کي ڏنو، جنهن ۾ ابتدائي ارڙهن بيت لکيل هئا. پوءِ اڪثر طور رات جي شروع ٿيڻ کان وٺي پرهه ڦُٽي تائين مولانا شعر چوندو ويندو هو. حسام الدين انهن کي لکندو ويندو هو.

هڪ ڏينهن چلپي حسام الدين مولانا سان ڳالهه ڪئي ته جنهن وقت منهنجي مخدوم جا احباب هيءَ مثنوي پڙهندا آهن ۽ حاضرين مجلس ان جي معرفت جي نور ۾ مستغرق ٿي ويندا آهن ته مان ڏسندو آهيان ته هڪ غيبي جماعت هٿن ۾ ترارون جهليو ”پري ٿيو“ جا الفاظ چوندي حاضر ٿيندي آهي ۽ جو شخص ان کي اخلاص سان نه ٻڌندو آهي ته (هيءَ رجال الغيب جي جماعت) ان جي ايمان جون پاڙون ۽ دين جون شاخون ڪاٽي ڇڏيندي آهي ۽ ان کي گهليندي گهليندي جهنم تائين رسائيندي آهي. پوءِ مولانا فرمايو ته ائين ئي آهي. جيئن تو ڏٺو.

مثنوي

دشمن اين حرف اين دم در نظر
شد تمثل سرنگون اندر سقر.
اي حسام الدين توديدي حال او
حق نمودت پاسخ افعال او

ترجمو: دشمن انهيءَ صورت ۽ انهيءَ طريقي تي نظر ايندو آهي، جو سندس صورت هيٺ جهڪيل ۽ اهو پاڻ دوزخ ۾ رهندو آهي. اي حسام الدين تو! جيڪا ماجرا ڏٺي سا سچ آهي. سندس افعال جو اهو ئي بدلو آهي.

 

سيد برهان الدين محقق ترمذي حسني

هيءُ بهاؤالدين ولد جي مريدن مان هو. خراسان ۽ ترمذ ۾ سردارن جو سردار مشهور هو. صلاح الدين زرڪوب سندس مريد هو. مولانا روم جي به ابتدائي تربيت ڪئي هئائين. فرمائيندو هو ته پنهنجو حال صلاح الدين کي بخش ڪيم ۽ قال مولانا کي بخش ڪيم.

مولانا جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. سندس مزار دارالفتح قيصريه ۾ آهي.

مذڪور آهي ته جڏهن شيخ شهاب الدين سُهروردي روم ۾ تشريف فرما ٿيو ته سيد برهان الدين جي زيارت لاءِ وٽس ويو. ڏٺائين ته سيد برهان الدين رَکَ جي ڍير تي ويٺو آهي. کيس ڏسي ٿوري جنبش ڪيائين ۽ بس. شيخ شهاب الدين سُهروردي سندس پري کان ئي تعظيم ڪئي ۽ اتي ئي ويهي رهيو، ليڪن سندن پاڻ ۾ گفتگو نه ٿي. مريدن شيخ کان خاموشيءَ جو سبب دريافت ڪيو ته فرمايائين ته اهل حال، زبانِ حال سان گفتگو ڪندا آهن ۽ زبان قال سان نه ڪندا آهن. ماڻهن (شيخ شهاب الدين) کان دريافت ڪيو ته فرمايائين ته هو درياء معاني آهي جو حقائق ﷴي ﷺ جي موتين سان مؤجزن آهي ۽ نهايت واضح به آهي ۽ نهايت پوشيده به آهي.

 

شيخ صدرالدين محمّد

ولد اسحاق قونوي سندس ڪنيت ابوالمعالي هئي. شيخ مؤيدالدين جندي، مولانا شمس الدين ابڪي، شيخ فخرالدين عراقي، شيخ سعيدالدين فرغاني ۽ شيخ سعدالدين حموي جن جي کيس صحبت حاصل هئي.

 

شيخ علي ڪردي

هيءُ دانائن ۾ ديوانو هو. اهل دمشق جي اڪثريت سندس مريد ۽ معتقد هئي ۽ انهن تي اهڙي طرح حڪم هلائيندو هو، جهڙي طرح مالڪ پنهنجي غلام تي هلائيندو آهي.

شيخ شهاب الدين سُهروردي جڏهن دمشق ۾ آيو ته هن جي زيارت ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. ماڻهن کيس چيو ته هو ته بي نمازي ۽ اگهاڙي جسم رهندو آهي. فرمايائين ته جيئن به آهي آءٌ سندس زيارت ڪندس. مون کي ان جي خدمت ۾ پهچايو. پوءِ ان وٽ ويو، هُن شيخ کي ڏسي پنهنجي اُگهڙ کي ڪجهه ڍڪيو. پوءِ شيخ چيو ته تون ڪهڙي به حالت ۾ هجين، اسان کي واپس ڪونه ڪري سگهندين. اڄ ته اسان تنهنجا مهمان آهيون. پوءِ کيس سلام ڪري سندس ويجهو ويهي رهيو. ان وقت اوچتو ٻه مزدور ظاهر ٿيا، جن کي ڪافي کاڌو ساڻ هو. شيخ علي انهن کي اشارو ڪيو ته اهو طعام اسان جي مهمان آڏو رکو. پوءِ انهن شيخ جي آڏو رکيو. پوءِ شيخ علي کيس چيو ته بسم الله. هيءَ اوهان جي مهماني آهي کائو! پوءِ شيخ اهو طعام کاڌو ۽ سندس بزرگي ۽ نيازمندي جو اعتراف ڪندي موڪلائي واپس هليو ويو.

 

شيخ جمال الدين عين الزمان گيلي

هيءُ شيخ نجم الدين جي خليفن مان هو. زبردست عالم ۽ فاضل هو.

مذڪور آهي ته جڏهن تحصيل سلوڪ لاءِ شيخ نجم الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو ڪيائين ته علمي ڪتابن کان انتخاب ڪري هڪ مجموعو تيار ڪري، پاڻ سان کنيائين ته سفر ۾ وندر رهندي.

جڏهن خوارزم جي ويجهو پهتو ته رات جو خواب ۾ ڏٺائين ته شيخ کيس چئي رهيو آهي ته اي گيليڪ! انهيءَ ڳٺڙي کي اُڇلائي پوءِ اسان ڏانهن اچ! پوءِ جڏهن سجاڳ ٿيو ته سوچڻ لڳو ته ڳٺڙي ڪهڙي آهي. ٻي رات به اهوئي خواب ڏٺائين ۽ آخري رات جي خواب ۾ پڇيائين ته ڪهڙي ڳٺڙي آهي. جواب ۾ کيس ٻڌايو ويو ڪتاب جو مجموعو جيڪو ساڻ کنيو اٿئي. پوءِ جڏهن سجاڳ ٿيو ته ان ڪتابن کي دريا جيحون ۾ اُڇلائي ڇڏيائين. پوءِ جڏهن شيخ وٽ پهتو ته شيخ کيس چيو ته جيڪڏهن انهيءَ مجموعي کي تون درياهه ۾ نه اُڇلائين ها ته توکي ڪوبه فائدو ڪونه رَسي ها، پوءِ شيخ کيس خرقه پهرايو ۽ چاليهه ڏينهن چلي ۾ کيس ويهاريائين. چلو پوري ٿيڻ کان پوءِ کيس ”عين الزمان “ جو لقب ڏئي قزوين روانو ٿيڻ جي رخصت ڏنائين.

مذڪور آهي ته قزوين جي سادات منجهان هڪ سيد، شيراز وڃڻ جو ارادو ڪيو. شيخ کي عرض ڪيائين ته شيراز جو بادشاهه اوهان جو ڪافي ارادتمند آهي. ان ڏانهن مون لاءِ سفارش لکي ڏيو. شيخ هڪ ڪاغذ جو ٽڪرو گهرايو ۽ ان تي صرف اهو لکيائين ته ”عسل و رازيانه“ پوءِ پرچه کيس ڏئي ڇڏيائين. جڏهن سيد صاحب شيراز پهتو ۽ بادشاهه جي ملاقات جو ارادو ظاهر ڪيائين ته ماڻهن کيس ٻڌايو ته هو پيٽ جي درد ۾ مبتلا آهي ۽ غسل خاني ۾ آهي. پوءِ هو غسل خاني جي در وٽ پهتو ۽ ڏٺائين ته بادشاهه پيٽ جي تڪليف سبب سخت پريشان آهي. بادشاهه کي سلام ڪيائين ۽ بادشاهه کانئس پڇيو ته ڪٿان آيو آهين، چيائينس ته قزوين مان. کانئس شيخ جو احوال پڇيائين. هن اهو ڪاغذ جو پرچو کيس ڏنو، بادشاهه اهو کولي ڏٺو ته ان ۾ لکيل هو ته ”عسل و رازيانه“ پوءِ چيائين ته شيخ پنهنجي نور فراست سان منهنجو حال معلوم ڪري منهنجو علاج لکيو آهي. پوءِ ان وقت ئي گهرائي استعمال ڪيائين ۽ کيس فوراً فائدو ۽ شفا حاصل ٿي ۽ سيد صاحب جي ڪافي عزت ۽ رعايت ڪيائين.

 

شاهه جميل گرناري

سندس نالو عبدالهادي هو. امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام جن جي اولاد مان هو. بموجب استدعا ۽ اخلاص، سلطان شاهه عالم عرف ”پير پتہ ديولي“ جي ڀرسان هڪ عليحده مقبري خاص ۾ مدفون آهي ۽ سندس چله گاهه ضلع ڪرنال جي سورٺ شهر ۾ آهي، جيڪو مخلوق جو مرجع ۽ خلق جي خاص ۽ عام جي حاجت روائي جو مرڪز آهي. اتي هڪ ٽڪريءَ جي پٺيان هڪ بلند جڳهه تي صاف درٻار آهي. پوءِ جيڪو به شخص انهيءَ جڳهه تي حاجت روائي لاءِ چله ڪڍندو آهي ته اهو مهمان غيب هوندو آهي ۽ سندس حاجت پوري ٿيندي آهي ۽ سندس چار ڪامل خليفا آهن:

(1) شاهه وجيہ الدين

(2) شيخ زڪريا

(3) شيخ ميمون

(4) شيخ ڪريه قتال

شاهه وجيہ الدين

ولد سيد فتح شاهه، امام محمد تقي عليہ السلام جي اولاد مان هو.

سندس مزار شيخ جميل جي درٻار جي پٺين پاسي احاطي جي اندر مشهور آهي.

سندس چار فرزند هئا، جن جا نالا هي آهن:

(1) شاهه حسن: ڀنڀور جبل جي مٿاهين پاسي ۾ آرامي آهي، سندس اولاد باقي آهي.

(2) شاهه ڪهوريه: سندس اولاد جو جهول ۾ هڪ وڏو ڳوٺ آهي.

(3) شاهه آري: سندس مدفن شيخ جميل جي درگاهه جي پُٺ ۾ اتر طرف کان آهي.

مذڪور آهي ته هيءُ پنهنجي ڦڻي ۽ ڏندڻ هميشه ساڻ رکندو هو. پير جي وفات کان پوءِ پاڻ کي زندهه درگور ڪيائين ۽ ان ڏندڻ مان وڻ ٿي ويو، جو اڃا تائين قبر جي مٿي کان بطور يادگار باقي بيٺو آهي.

(4) لال شاهه چتو: ننڍپڻ ۾ پاڻ کي پاڻيءَ ۾ لڪائي ڇڏيو هئائين، سندس مزارون مختلف جاين ۽ علائقن ۾ آهن، پر جتي به کوٽائي ڪندا هئا ته اتي ان جي قبر ٺاهي ڇڏيندا هئا.

شيخ ميمون

هيءُ شيخ جميل گرناريءَ جو مريد ۽ خليفو هو. سندس مدفن ڳوٺ ڍنڍي ۾ مشهور آهي ۽ هڪ عهد هيٺ آيل مجموعه مٿس مقرر آهي.

شيخ پاله لونڪ

شيخ جميل شاهه گرناري پنهنجي وفات وقت اها وصيت ڪئي هئي ته ٻه شخص هڪ ڇهن آنڱرين واري ٻار کي پيش ڪندا، اهوئي منهنجو جانشين آهي ”پاله لونڪ“ مان مراد طفل (ٻار) هو.

سندس مدفن ٺٽي ۾ درياء جي اوڀارين ڪناري تي آهي.

شيخ جميل خود ان کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو ۽ ان وري پنهنجي پٽ کي جانشين بڻايو.

شيخ عمادالدين

اسماعيل ولد شيخ صدرالدين بن شيخ بهاؤالدين ملتاني ڪامل ولي الله ۽ ڪامل متقي هو. ملتان ۾ فوت ٿي ويو.

سيد جلال سرخ بخاري

ولد سيد ابوالمؤيد علي، هيءُ جعفر ثاني بن امام همام علي نقي عليہ السلام جي اولاد مان هو. شيخ بهاؤالدين ملتاني جي مريدن مان هو. کيس ٻه فرمانبردار فرزند هئا: (1) سيد علي، (2) سيد جعفر جيڪو ملتان کان بکر ۾ آيو. جنهن سيد بدرالدين ولد سيد محمد مڪي جي ٻن نياڻين سان هڪ ٻئي جي پٺيان شادي ڪئي (يعني هڪ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٻيءَ سان شادي ڪيائين جن مان ٻه فرزند پيدا ٿيا. (1) سيد محمد غوث، (2) سيد احمد ڪبير.

اهل فساد ۽ گمراهن جي نهايت ڪمال طريقه سان اصلاح ڪيائين ۽ هدايت ۽ ارشاد جو سهڻو مثال پيدا ڪيائين.

اوچ شريف ۾ گذاري ويو ۽ سندس اولاد سنڌ پرڳڻي ۽ گجرات وغيره ۾ ڪافي آهي، جنهن ۾ برگزيده بزرگ اولياء ٿي گذريا آهن:

سلسله عليہ بخاريہ شاهيہ مشهور جيلالي

اعمال هذه الطريقة البخاريہ المنسوبة الي قطب العالم سيد جلال بخاري هي باخلاق الرسول الله صلي الله عليہ وسلم ظاهراً و بہ باطناً و آخرهم ذڪر لا اِلٰہ اِلا الله وايضاً ياحيُّ يا قيَّوم.

ترجمو: هيءَ طريقه سلسله قطب العالم سيد جلال بخاري ڏانهن منسوب آهي ۽ هن جو بنياد پاڻ سڳورن ﷺ جن جي اخلاق ۽ سنت تي ٻڌل آهي. ظاهري ۽ باطني طور سندس ذڪر لا اِلٰہ اِلاَّ الله ۽ ياحيُّ ياقيُّوم آهي.

سندس سلسله جي سند هن ريت آهي: هيءُ پاڻ سيد محمود کان ۽ هو سيد احمد کان، هو سيد عبدالله کان ۽ هو سيد امام علي نقي کان ۽ هو امام سيد جعفر کان ۽ هو امام سيد علي کان ۽ هو امام سيد جواد کان امام جعفر صادق تائين. اهو امام کان حضرت امام شاهه ولايت عليهم السلام تائين.

 

سيد محمد مڪي(1)

هيءُ سلطان العارفين سيد محمد شجاع نقوي جو فرزند هو. ساڪن مشهد رضوي.

سيد محمد شجاع، سفر حجاز ۾، شيخ شهاب الدين سُهروردي جي خدمت ۾ سندس زيارت لاءِ ويو. انهيءَ جو مريد ۽ ناٺي (داماد) بڻيو ۽ ان کان پوءِ سيد مڪي پنهنجي گهر واري سميت مڪي پاڪ ۾ آيو. واپسيءَ وقت مشهد مقدس ۾ بهشت نظير حضرت امام موسيٰ رضا عليہ السلام جي روضي جي زيارت لاءِ آيو.

سيد محمد مڪي پنهنجي رب جي حڪم سان، بکر سنڌ ۾ وارد ٿيو ۽ اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين، ماڻهن کي غفلت، عصيان ۽ بي ديني کان نجات ڏياري راهه مستقيم ڏيکاريائين ۽ بکر ۾ ئي فوت ٿي ويو. کيس قلعه ارڪ ۾ دفن ڪيو ويو.

سادات بکر ۾ اڪثر ان بزرگ جي اولاد آهي. سندس فرزند بدرالدين ۽ فرزند سيد خطيب صدرالدين هرهڪ پنهنجي وقت جو ڪامل ولي الله ۽ برگزيده بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس اولاد ۾ گهڻا ولايت ۽ ڪمال وارا ٿي گذريا آهن.

  

شيخ ڪامل شيخ نوح بکري(1)

هيءُ سنڌ جي برگزيده اولياء ڪرام مان هو. شيخ شهاب الدين سُهروردي جي اڪمل مريدن مان هو. شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني، جڏهن پنهنجي مرشد شيخ شهاب الدين سهروردي کان رخصت وٺي روانو ٿيو، تڏهن کيس مرشد فرمايو ته فرشته بکر ۾ شيخ نوح جي ضرور زيارت ڪج. ليڪن قضاء الهٰي پيش آئي جو شيخ نوح شيخ بهاؤالدين جي بکر ۾ پهچڻ کان اڳ انتقال فرمائي ويو.

حاجي منگهه

هيءُ سنڌ جو برگزيده بزرگ ۽ صاحب ولايت ڪامل ولي الله هو. ڪراچي بندر جي قريب مشهور پهاڙيءَ وٽ مدفون آهي ۽ ساري زندگي اتي ئي گذاريائين.

مخدوم عثمان عرف لعل شهباز ساڻس ملاقات ڪندو هو. سندس ڪرامت سان ڪندري نالي هڪ گرم پاڻيءَ جو چشمو ان وقت کان وٺي جاري آهي ۽ اهو چشمو پهاڙي وٽ سندس قبر جي ڀرسان روان آهي، جو مخدوم حاجي منگهه جي ڪرامت جو يادگار آهي.

انهيءَ چشمي ۾ بيشمار ”واڳون“ بطور مجاور ۽ عجائبات رهندا آهن.

اها نهايت عجيب ڳالهه آهي جو شيخ (منگهه) جي مزار جي قريب گرم پاڻي جي گذرگاهه وٽ هڪ وڏو پٿر جڙيل آهي، جو پل وانگر ڪم ڏئي رهيو آهي. ان جي هيٺان بلڪل متصل پاڻي وهڪرو ڪري رهيو آهي، جو ماڻهو اهو گرم پاڻي حاصل ڪري پوءِ ٿڌو ڪن ٿا ۽ پوءِ اهو وڌيڪ نمڪيات وارو بڻجي وڃي ٿو. زائرين ۽ اهل حاجت درگاهه تي اچي قربانيون ڪن ٿا ۽ ان جو گوشت چشمي ۾ رهندڙ واڳن کي کارائين ٿا. انهن ۾ هڪ وڏي واڳونءَ جو لقب ”بخ“ آهي، جو انهن سڀني واڳن جو وڏيرو آهي. جيڪڏهن واڳن قرباني قبول ڪئي ته اها حاجت پوري ٿيڻ جي بشارت آهي ٻي حالت ۾ ناڪامي.

 

شيخ شرف الدين بوعلي قلندر

هيءُ اصل عراق جو هو. پليو ۽ نپنو پاڻي پَتَ ۾ هو. شمس تبريز ۽ مولانا روم سان ڪافي مجلسون ڪيون هئائين.

سندس ملفوظات ۾ مذڪور آهي ته شروعات ۾ دهلي ۾ علم جي تحصيل ۾ مشغول رهيو ۽ تقريباً ويهه سال رياضت ۾ صرف ڪيائين. پوءِ پنهنجو سمورو توجه طريقت ۽ حقيقت جي حصول ڏانهن مبذول ڪيائين. پوءِ ويهه سال عبادت ۾ بسر ڪيائين. پوءِ جذب الهٰيءَ ۾ مجذوب ٿي ويو ۽ شهر جي بازارين ۾ گهمندو ڦرندو رهندو هو. نه ڪنهن سان ڳالهائيندو هو. نه ڪنهن ڏانهن نهاريندو هو. اتفاقاً جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ تي نظر پئجي ويندي هئس ته اها شيءِ سڙي خاڪ ٿي ويندي هئي.

سندس ملفوظات ۾ اهو به لکيل آهي ته چوندو هو ته حضور اڪرم ﷺ جن مون تي سنت معاف ڪري ڇڏي آهي ۽ آءٌ چاليهه سال پورا بغير سنت جي فرض ادا ڪندو رهيس. پوءِ مون کي حق تبارڪ و تعاليٰ فرمايو ته جيئن ته منهنجي حبيب تنهنجي مٿان سنت معاف ڪئي آهي، پوءِ مون توتان فرض به معاف ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ دفعي سلطان محمد تغلق ڏانهس هيءُ رباعي لکي موڪلي هئي:

رباعي

که راست کند صورت مردي و زني
که بشکند اين ظلم جاني وتني
کس نيست که استاد قضا را پرسد
از بهرچہ سازي و چرامي شکني.

ترجمو: ته جوڙي توصورت مرد ۽ عورت جي، وري ٽوڙيو تو ان جي جان ۽ جسم کي، ڪنهن کي به طاقت نه آهي جو پڇي قضا جي مالڪ کان ته، ڇا لاءِ ٿو تون جوڙين ۽ وري ڇالاءِ ٿو تون ٽوڙين.

ڏانهس لکيائين:

رباعي

شرطست که در امر قضا دم نزني
اين نوع که تو گفتي نه مردي نه زني
گل راچه مجالست که گويد به گلال
از بهرچه سازي و چرا مي شکني

ترجمو: لازم آهي توتي ته قضا جي امر ۾ دم نه هڻ هن قسم جي گفتگو ڪرڻ وارو نه مرد آهي ۽ نه عورت. مٽيءَ کي ڪهڙي مجال آهي جو ڪنڀر (جوڙيندڙ) کان پڇي ته ڇا لاءِ ٿو تون جوڙين ۽ ڇالاءِ ٿو تون ٽوڙين.

هيءُ مڪتوب سلطان علاؤالدين خلجي ڏانهن لکيائين.

علاؤالدين خلجي دهليءَ جي خواجہ کي هيءُ سُڌ ڏئي ٿو ته هڪ خواجه سراءِ الله تعاليٰ جي هڪ فقير کي چماٽ هنئي آهي. سندس انهيءَ حرڪت تي الله تعاليٰ جو عرش جنبش ۾ اچي ويو. پوءِ جيڪڏهن ان کي سزا ڏيو ٿا ته بهتر آهي، ورنه دهلي تي ٻيو بادشاهه اچي حڪومت ڪندو.

 

مبارڪ خان

جواني سندس نالو هو. بوعلي قلندر جو محبوب ۽ مريد هو. سندس قبر به بوعلي قلندر جي ڀرسان آهي.

 

شيخ ريحان جهنگلي

سندس اصل نالو چنيسر هو، شيخ زڪريا ملتانيءَ سان ملڻ ويو ۽ پوءِ انهيءَ جو ئي مريد ٿيو. سندس رهائش رڪن پور ۾ هئي ۽ ساڻس مخدوم لعل شهباز به ملاقات ڪئي هئي.

سندس فرزند هي هئا: شيخ محمد قطب ۽ شيخ دودو شهيد. اهي ٻئي ڀائر سنڌ جا نامور مشائخ ٿي گذريا آهن ۽ لعل شهباز قلندر شيخ دودو جي فاتحه لاءِ ويو هو.

 

شيخ ابوالعباس مرسي

هيءُ شيخ ابوالحسن شازليءَ جو شاگرد هو.

مذڪور آهي ته چيائين ته آءٌ مدينہ منوره جي زيارت ۽ امير حمزه رضي الله جي مزار تي حاضري ڀرڻ جو قصد ڪيو ۽ رستي ۾ مون سان گڏ ٻيو شخص به رفيق ٿيو. پوءِ اميرحمزه رضي الله عنہ جي مزار جي قبي ۾ بيٺا هئاسون ته روحانيت جون برڪتون وسڻ لڳيون. پوءِ ڏٺم ته روضي جي قريب هڪ شخص دعا ۾ مشغول آهي. پنهنجي رفيق کي چيم ته هيءُ شخص ابدال آهي ۽ هاڻي هن ساعت ۾ دعا جو قبول ٿيڻ يقيني آهي. پوءِ رفيق دعا ۾ هڪ دينار طلب ڪيو ۽ مون دين ۽ دنيا جون ڀلايون ۽ دنيا جي مصيبتن ۽ آخرت جي عذاب کان عافيت طلب ڪئي. پوءِ جڏهن مدينہ منوره جي ڀرسان آياسون ته هڪ شخص منهنجي رفيق کي هڪ دينار ڏنو ۽ شيخ ابوالحسن جي نظر اسان تي پئي. منهنجي رفيق کي چيائين ته اي خسيس مرد! ان وقت تون اها همت ڪري جيڪا به دعا گهرين ها. توکي عطا ٿئي ها. ڇو نه تو ابوالعباس وانگر دنيا ۽ آخرت جي عافيت طلب ڪئي، جو کيس ٻئي ڀلايون عطا ٿيون ۽ قطب جي رتبي تي فائز ٿيو.

 

سيد احمد ڪبير

ولد جلال سرخ بخاري والد مخدوم جلال جهانيان، جيڪو سنڌ جي شهر اوچ شريف ۾ مدفون آهي.

هيءُ اصول طريقت لاءِ گهمندي ڦرندي گجرات ۾ به وارد ٿيو. ان کي ئي مسڪن بڻايائين. سندس زندگيءَ ۾ ڪيترائي مشائخ زنده رهيا ۽ فوت ٿي ويا.

گجرات شهر جي ٻاهران سندس روضو شريف آهي، جيڪو مخلوق لاءِ زيارتگاهه آهي.

 

امراة مصريہ

امام يافعي، تاريخ مشائخ ۾ هڪ شيخ جي روايت بيان ٿو ڪري ته مصر جي پسگردائي ۾ هڪ عورت هئي، جيڪا پورا ٽي سال هڪ پير تي بيٺي رهي. سياري توڙي اونهاري ۾ هڪ جاءِ تي بيٺي رهي ۽ انهن ٽنهي سالن ۾ نه ڪجهه کاڌائين ۽ نه وري ڪجهه پيتائين.

 

امراة مصريہ اخريٰ

امام يافعي ڪتاب روض الرياحين ۾ ذڪر ٿو ڪري ته مصر جي نواح ۾ هڪ شخص، هڪ عورت کي ڏٺو جيڪا حيراني واري حالت ۾ هئي. جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته اها عورت ٽيهن سالن کان وٺي ٻن پيرن تي هڪ جاءِ تي بيٺل آهي. نه کيس اُس ٿي اثر ڪري نه برسات ۽ نه سردي ٿي اثرڪري نه گرمي ۽ نانگ بلاؤن سندس چوڌاري ڦرندا رهن ٿا.

 

شاهه گرديز

هيءُ مشهور خاندان سادات گرديز مان هو. گرديز کان ملتان ۾ آيو ۽ وقت جي مشهور ۽ نامور مشائخ مان هو. حضرت بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو همعصر هو. ملتان ۾ فوت ٿي ويو ۽ سندس قبر به ملتان ۾ آهي.

مذڪور آهي ته شاهه گرديز ڪيتري ئي زماني تائين وفات کان پوءِ پنهنجي قبر مان هٿ ٻاهر ڪڍي مريدن جي بيعت ڪندو هو. اڃا تائين اهو سوراخ موجود آهي. جنهن مان پاڻ پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ماڻهن جي بيعت ڪندو هو.

 

شيخ ابي احمد اندلسي

شيخ ابي العباس حرار جو چوڻ آهي ته آءٌ پنهنجي جماعت مريدن جي سان گڏجي سندس زيارت لاءِ ويس. ڏٺم خلق جو عظيم هجوم سندس چوڌاري موجود هو. ان ۾ اندازاً پندرهن سالن جي عمر جا چار سو نوجوان ارباب ڪشف موجود هئا.

 

شيخ ابي العباس حرّار

هيءُ پنهنجي وقت جي نامور مشائخ مان هو. عظيم ڪرامتن وارو رهبر هو.

 

شيخ ابي العباس مريني

هيءُ شيخ ابوالعباس جو هم زمان ۽ سندس صحبتي هو.

 

شيخ صفي الدين ابن منصور

شيخ ابوالحسن حرّار جو شاگرد هو. اصل مَلڪ اشرف جي وزير جو پُٽُ هو. دمشق ۾ شيخ علي ڪردي کي به ڏٺو هئائين. سندس هڪ رسالو هو، جنهن ۾ لکيل هو ته شيخ شهاب الدين سهروردي کي ڏٺو هئائين ۽ شيخ علي ڪردي سان ملاقات ڪئي هئائين ۽ اهو سمورو احوال شيخ علي ڪردي جي بيان ۾ مذڪور آهي.

 

شيخ همن مزين

هيءُ الله تعاليٰ جي بندگي جو جذبو پيدا ڪرڻ ۽ اهل الله ۽ مشائخ کان فيض حاصل ڪرڻ جي ارادي سان شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اهل سلوڪ ۽ صاحب خاندان ڪرامت جي زمره ۾ شامل ٿيو. شيخ نعمت الله سندس فرزند ۽ شيخ جيه سندس پوٽو هو.

 

شيخ جيه

ولد شيخ نعمت الله بن شيخ همن مزين. آخري ايام ۾ شيخ الاسلام بهاؤالدين زڪريا ملتاني سان ٺٽي شهر ۾ آيو. ابن الکہ جي نالي سان سندس هڪ مريدن جي جماعت موجود هئي. انهن سوچيو ته ملتان وڃي مرشد جي زيارت ڪرڻ ۾ ڪافي دشواري پيش اچي ٿي، مزيني سان ملڻ لاءِ سائين زڪريا ملتاني ضرور هتان گذرندو، پوءِ رستي تي ويهي رهڻ گهرجي ۽ زيارت جو اهوئي طريقو آسان آهي. پوءِ انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿي رات مقرر ڪيائون. پوءِ اها خبر شيخ جيه کي به رَسي. پوءِ هو به مرشد جي منزل اقامت جي چوگرد پرواني وانگر ڦِرندو رهيو ۽ جڏهن شيخ کيس ڏٺو ته هندي زبان ۾ کيس فرمايائين ته:

ايه جيا مڪلي ڪون ديا

جيئن ته لفظ ديا (ڏيؤ) هندي ۾ چراغ (ڏيئو) کي چوندا آهن. انهيءَ ڪري سنڌي کيس مڪليءَ جو ڏيئو جي لقب سان سڏيندا آهن. بهرحال شيخ جيه کي بسبب شهادت الله تبارڪ و تعاليٰ جي بارگاهه کان پير دست گاهي ڪلي جو شرف حاصل ٿيو.

شيخ جيه جو والد به سندس شهادت کان پوءِ سُتت گذاري ويو، ۽ احاطه کان ٻاهر اُترين پاسي ۾ مدفون آهي.

 

 

 

 

معيار اٺون

اٺين صدي هجريءَ جو ذڪر

 

 

ابوعبدالله معروف ابن مطرف اندلسي

هيءُ مڪہ مڪرمہ جو مجاور هو.  روزانو بيت الله جا پنجاهه طواف ڪندو هو،  سن 707هه ۾ فوت ٿي ويو.

مڪہ معظمہ جي بادشاهه بسبب انتهائي عقيدت و احترام سندس جنازي کي پاڻ ڪُلهو ڏنو هو.

سندس فوت ٿيڻ واري ڏينهن شيخ نجم الدين اصفهاني فرمايو ته مات الفقرمن الحجاز (اڄ حجاز کان فقر موڪلائي ويو).

مذڪور آهي ته شيخ ابومحمد بڪري مغربي بيان ٿو ڪري ته اسان چئن شخصن، زيارت ۽ حج ڪرڻ جو ارادو ڪيو. موڪلائڻ جي ارادي سان ابن مطرف جي خدمت ۾ وياسون. ابن مطرف چيو ته فلاڻي منزل ۾ پاڻي بلڪل نه آهي. اوهان کي تڪليف ۽ دشواري پيش ايندي. پر پوءِ برسات پوندي ۽ اوهان کي آساني ٿيندي. پوءِ واقعي ائين ٿيو جيئن شيخ اسان کي ٻڌايو. پوءِ اسان برسات جو پاڻي پيتو، وضو ۽ ڪجهه پاڻي ۽ ٻيو پنهنجو سامان کڻي روانا ٿياسون ۽ ٿورو اڳتي هلي ڏٺوسون ته برسات جو ڪوبه نشان نه هو.

 

سلطان ولد بهاؤالدين

ولد مولوي روم، اول سيد برهان الدين محقق کان فيض حاصل ڪيو. بعد ۾ شيخ شمس الدين تبريزي جي خدمت ۾ رهيو. کيس پنهنجي سهري شيخ صلاح الدين سان به ڪافي عقيدت هئي. پورا يارهن سال چلپي. حسام الدين کي پنهنجي پيءُ جو قائم مقام ۽ خليفو بڻائي رکيو. ڪيترائي دفعا مولانا روم کيس خطاب ڪندي فرمايو ته: اَنت اشبہ بي خلقا و خلقاً (تو مون سان خُلق ۽ خَلق ۾ وڌيڪ مشابهت رکندڙ آهين) ۽ مولانا کي ساڻس ڏاڍو پيار ۽ محبت هئي.

مذڪور آهي ته هڪ ڏينهن مولانا ازراه نوازش فرمايو ته بهاؤالدين منهنجو هن دنيا ۾ اچڻ تنهنجي ظهور جو سبب آهي ۽ اهي سڀ ڳالهيون منهنجي اقوال ۾ آهن ۽ تنهنجي افعال ۾.

وري هڪ ڏينهن کيس چيائين ته دمشق وڃ ۽ پاڻ سان گڏ ڪافي زر ۽ مال کڻي وڃ ۽ اهو سڀڪجهه شمس الدين تبريز جي قدمن ۾ وڃي اُڇلاءِ ۽ سندس جتي مبارڪ جو رُخ روم ڏانهن موڙ، ۽ جڏهن تون دمشق پهچندين ته ان کي صالحيه (سراءِ) ۾ هڪ خوبصورت فرنگي ڇوڪري سان شطرنج راند کيڏيندي ڏسندين. اهڙي طرح جو جيڪڏهن شمس الدين تبريز راند کٽي ويندو ته فرنگي ڇوڪري کي سوڻ وٺندو ۽ جيڪڏهن فرنگي ڇوڪرو راند کٽي ويندو ته شمس الدين جي رخسارن تي ڇوڪرو ٻه چماٽون هڻندو. خبردار! هرگز بدگمان نه ٿج. اهو ڇوڪرو به اهل سلوڪ مان آهي، پر کيس خبر نه آهي ۽ پاڻ کي نه ٿو سڃاڻي. پوءِ جڏهن اتي پهتو ته حڪم جي تعميل ڪندي، سارو مال ۽ زر شمس الدين جي قدمن ۾ اُڇلايائين ۽ ساري جماعت سميت پنهنجو سِرُ به سندس قدمن تي رکيائين. پوءِ جڏهن ان فرنگي ڇوڪري اهو ڏٺو ته بي ادبي سبب ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ معافي گهرندي مٿو اگهاڙو ڪري انڪساريءَ جو اظهار ڪيائين ۽ چيائين ته جو ڪجهه وٽس مال متاع موجود آهي، حاجتمند ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي، مگر مولانا شمس الدين کيس اها اجازت نه ڏني ۽ چيائينس ته تون هاڻي فرنگستان وڃ ۽ اتي وڃي پنهنجي عزيز اقارب کي اسلام جي دولت سان مشرف ڪر ۽ انهيءَ جماعت جو تون قطب بڻجي وڃ.

پوءِ سلطان ولد پنهنجو گهوڙو سواري لاءِ شمس الدين تبريز کي ڏنو ۽ پاڻ گهوڙي جو رڪاب پڪڙيندي پيادل روانو ٿيو ۽ کيس چيائين ته تون به سوار ٿيءُ. عرض ڪيائين ته بادشاهه جي سوار هوندي غلام سوار نٿو ٿي سگهي. سفر ڪندي سلطان ولد پيادل دمشق ۾ شمس الدين تبريز جي خدمت ڪندي پهتو. مولانا شمس الدين انهيءَ گفتگو جو ذڪر ڪيو ته مولانا روم ڏاڍو خوش ٿيو ۽ فرمايائين ته الله تعاليٰ جلشانہ پنهنجي بخشش مان مون کي ٻه شيون عطا ڪيون آهن: (1) سَرُ ۽ سِرُّ. سَرُ مولانا جي اخلاص جي راهه ۾ فدا ڪري ڇڏيم ۽ سِرُّ بهاؤالدين ولد کي بخشيم. اگر کيس عمر نوح (عليہ السلام) عطا ٿئي ها ۽ ان راهه ۾ خرچ ڪري ها ته به کيس اهڙي سعادت نه ملي ها، جيڪا کيس هن سفر ۾ ملي آهي.

مذڪور آهي ته جڏهن مولوي روم گذاري ويو ته ستين ڏينهن کان پوءِ چلپي حسام الدين اٿيو ۽ سڀني مريدن ۽ اصحاب کي گڏ ڪري سلطان ولد جي خدمت ۾ آيو ۽ چيائينس اسان سڀني جي اها خواهش آهي ته اڄ اوهان پنهنجي پيءُ جي مسند تي ويهو.  آءٌ اوهان جي غلاميءَ ۾ هم رڪاب ٿي هلندس ۽ غلاميءَ جو سمورو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻندس. سلطان ولد ڏاڍو رُنو ۽ چيائين: الصوفي اوليٰ بخرقتہ واليتيم اخريٰ بحرقتہ (صوفي پنهنجي خرقي سان وڌيڪ موزون ۽ لائق آهي ۽ يتيم پنهنجي يتيمي جي باهه سان بهتر آهي.)

اي حسام الدين! جهڙي طرح تون منهنجي والد جي زماني ۾ خليفه ۽ بزرگوار هئين، اهڙي طرح اڄ به خليفو ۽ بزرگوار آهين.

چيائين ته منهنجي والد سڳوري هڪ ڏينهن فرمايو ته اي بهاؤالدين! جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته هميشه بهشت ۾ رهين، ته سڀني جو دوست ٿي رهه، ڪنهن لاءِ به دل ۾ ڪينو ۽ بغض هرگز نه رک. پوءِ هي رباعي پڙهيائين:

رباعي

پيشي طلبي ز هيچ کس پيش مباش
چو مرهم وموم باش چون نيش مباش
خواهي که ز هيچ به تو بد نرسد
بدگوئي و بد آموز و بدانديش مباش

 

ترجمو: جيڪڏهن تون ڪاميابي طلب ٿو ڪرين ته ڪنهن جي به اڳيان اٽڪاء نه بڻج، مرهم ۽ موم وانگر ٿي وڃ ۽ ايذاء ڏيندڙ هرگز نه ٿيءُ. جيڪڏهن تون گهرين ٿو ته ڪنهن کان به توکي تڪليف نه رسي ته بدڪلام، بدسلوڪ ۽ بدگمان نه ٿيءُ.

سڀني انبيآء ڪرام جو اهوئي اخلاق هو، انهيءَ ڪري تمام مخلوق سندن فرمانبردار ۽ مطيع ٿي وئي .

مذڪور آهي ته : پنهنجي وفات واري رات هيءُ بيت پڙهيائين:

بيت

امشب آنست که بينم شادي،

دريابم از خدائي خود آزادي

ترجمو: اڄ اها رات آهي جو ڏنم خوشي. وقت اچي ويو آهي هاڻي قيد کان آزادي جو.

سال 712هه ۾ فوت ٿي ويو.

 

چلپي عارف

پٽ سلطان ولد ۽ شيخ صلاح الدين زرڪوب جي نياڻي مان هو.  پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ سندس مسند تي متمڪن ٿيو. طالبان جي اشڪال کي رفع ڪرڻ ۽ عالمن جي تدريس ۾ وقت جو نامور بزرگ هو.

 

شيخ سليمان موله ترڪماني

هيءُ دمشق ۾ رهندو هو.  سندس جسم تي هڪ پراڻي ۽ ميري عبا ڍڪيل هوندي هئي. پنهنجي جڳهه تان گهٽ اُٿندو هو.  گهٽ ڳالهائيندوهو. چند علماء ڪرام پنهنجي جلالت ۽ بزرگي هوندي به ساڻس نيازمنديءَ جو سلوڪ ڪندا هئا. رمضان شريف جي مهيني ۾ ڏينهن جو ڪجهه نه ڪجهه کائيندو رهندو هو.  نماز هرگز نه پڙهندو هو. پر کين غيب جون ڳالهيون معلوم ٿي وينديون هيون ۽ هو اهي خبرون ٻڌائيندو رهندو هو.

امام يافعي فرمائي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته هو پنهنجي حال کي لڪائڻ ۽ مخلوق کي غلط فهميءَ ۾ وجهڻ لاءِ ائين ڪندو هجي ۽ هو اهڙي جڳهه تي نماز پڙهندو هجي، جو کيس ڪوبه ڏسي نه سگهندو هجي ۽ رمضان ۾ جو ڪجهه وات ۾ چٻاڻڻ ۽ وجهڻ جو ڏيکاءُ هجي ۽ نڙيءَ کان هيٺ نه لهندو هجي، ڇو ته اهڙي قسم جون ڳالهيون اڪثر صوفين ۾ ڏٺيون ويون آهن. مثلاً قضيب البان موصلي ۽ شيخ ريحان وغيره.

سندس وفات جو سال 714هه آهي.

 

عبدالله شامي قطب

عمادالدين عبدالرحمٰن بارسيني جي انتقال کان پوءِ قطب جو عهدو حاصل ٿيس ۽ هيءُ نبي اڪرم ﷺ جو اڻويهون قطب شمار ٿيڻ لڳو.

 

 

ظهيرالدين عبدالرحمٰن بن علي بن بزغش

هيءُ پنهنجي پيءُ جو مريد ۽ خليفو هو.  جڏهن پنهنجي والده جي پيٽ ۾ ئي هو ته شيخ شهاب الدين سهروردي پنهنجي خرقه جو هڪ ٽڪرو ان لاءِ موڪلي ڏنو هو.  جڏهن هو ڄائو ته کيس انهيءَ ٽڪري ۾ ويڙهيو ويو.

دنيا ۾ اول خرقه اهوئي کيس پاتو ويو. پوءِ جڏهن وڏو ٿيو ته پنهنجي پيءُ جي خدمت ۾ رهي تربيت حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي حج ڪرڻ ويو. پوءِ  عرفه جي رات خواب ۾ ڏٺائين ته روضہ نبوي ﷺ تي حاضر ٿيو آهيان ۽ سلام پيش ڪيو اٿم ته حجره شريفه کان آواز آيو ته: عليک السلام يا ابا النجاشي پوءِ جڏهن سندس پيءُ کي اها خبر پئي ته سندس والده کي اها خوشخبري ٻڌايائين، جنهن تي سندس والده ڏاڍي خوش ٿي ۽ چيائين ته بيشڪ مراد حاصل ٿي.

سندس وفات جو سال 716هه آهي.

 

فخرالسادات والعارفين اميرحسيني

سندس نالو حسين بن عالم بن الحسين آهي، اصل ڪزيو جو هو. ڪزيو غور علائقي جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. پاڻ ڪتاب ڪنز الرموز جو مصنف آهي ۽ مشهور ائين آهي ته هيءَ بي واسطه شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو مريد هو.  بعض ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هيءُ شيخ رڪن الدين ابوالفتح جو مريد هو.  هو پنهنجي پيءُ صدرالدين جو مريد هو، هو پنهنجي پيءُ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جو مريد هو.

مذڪور آهي ته سندس توبهه ڪرڻ جو سبب هيءُ آهي ته هڪ ڏينهن هو شڪار لاءِ جهنگل ۾ ويو. اتي هڪ هرڻ کي ڏٺائين. ارادو ڪيائين ان تي تير جو وار ڪريان. پوءِ هرڻ ان ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ته اي حسيني! مون کي تير نه هڻ توکي الله تعاليٰ جي بندگي ۽ معرفت لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ نه ڪه هن ڪم لاءِ. ائين چئي هرڻ غائب ٿي ويو. ليڪن ان جي دل ۾ حق جي طلب جي باهه شعله زن ٿي ۽ سموري مال متاع کان دستبردار ٿي، فقراء جي جماعت ۾ شامل ٿي ملتان ۾ اچي رسيو ۽ شيخ رڪن الدين انهيءَ جماعت جي مهماني ڪئي. شيخ رڪن الدين کي رات جو خواب ۾ حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته منهنجي فرزند کي انهيءَ جماعت کان ٻاهر ڪڍي وٺ ۽ کيس ڪم ۾ لڳاءِ. ٻئي ڏينهن ان کي جماعت کان ٻاهر ڪڍي مقصود ڪم ۾ لڳايائين، تانجو هو بلند مقامات تي پهچي ويو. تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس خراسان واپس ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. پوءِ سيد صاحب هرات ۾ اچي مقيم ٿيو. پوءِ اهل هرات جي اڪثريت سندس مريد ۽ معتقد ٿي وئي ۽ اتي ئي پنهنجي زندگي پوري ڪيائين. سن 718هه ۾ فوت ٿي ويو. قبر مصرخ هرات ۾ حضرت عبدالله بن جعفر طيار جي گنبذ کان ٻاهران آهي.

 

شيخ محمود شبستري

هيءُ نامور صوفين مان هو. سندس احوال جو شاهد ڪتاب گلشن راز آهي. اميرحسيني جي منظوم سوالن جا جواب شيخ محمود شبستري ڏنا آهن، جيڪي گلشن راز ۾ موجود آهن. سندس وفات جو سن معلوم نه آهي.


(1) سادات بکر جو مؤسس اعليٰ سيد محمد مڪي ﷥ جي قبر ڪليڪٽري/ڊپٽي ڪمشنر سکر جي بنگلي جي ڏکڻ طرف هڪ وڏي چوديواري اندر آهي. سندس قبر تي ٻارهن دريءَ جي طرز جي تعمير ٿيل آهي. جيڪا پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سکر جي هڪ ميمڻ گرين شاپ جي واپاري سيمينٽ جي ٺهرائي هئي. سندس قبر جي آسپاس ڪيترين ئي قديم قبرن جا آثار ختم ٿي ويا آهن، سواءِ ٻنهي پاسي ٻن ٻن قبرن جي.

پير حسام الدين راشدي مقدمه حديقة الاولياء ۾ قلمي ڪتاب ”شجره سادات“ مؤلف سيد قمبر علي رضوي بکري تاليف 1261هه ۾ سيد محمد مڪي جي مزار ۽ قبرستان متعلق لکي ٿو: ”سيد محمد مڪيءَ جي گهر واري جيڪا شيخ شهاب الدين سهروردي جي نياڻي ٿئي، ان جو نالو بي بي فاطمہ هو، بي بي فاطمہ جو مقبرو مڙس جي مقبري (قبر) جي اولاهين ديوار سان لڳ ٻاهران آهي.“

سيد محمد مڪيءَ جي مزار تي لڳل قديم زماني کان شجره جو ذڪر الوحيد اسپيشل نمبر جون 1936 ۾ ڄاڻايل آهي. ساڳيو حوالو ڏيندي رحيمداد خان مولائي شيدائي ”تاريخ سکر“ ۾ ساڳيو شجره ڏنو آهي. جيڪو پيڙهي به پيڙهي هن طرح آهي:

”تعويذ قبر حضرت قطب الاقطاب سلطان العارفين اميرالمؤمنين سيد محمد مڪي بن سيد شجاع نور الله مفجه بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن امير المؤمنين سيدنا جعفر ثاني بن امام علي تقي بن امام محمد تقي بن امام شان علي بن موسيٰ رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن حضرت اميرالمؤمنين امام المشارق والمغارب اسدالله الغالب علي بن ابي طالب رضي الله عنهم.“

الوحيد اسپيشل سنڌ آزاد نمبر 1925ع ۽ تاريخ سکر مٿيون شجره نسبت ڏيڻ کان پوءِ لکن ٿا ته: ”ان ڪتبي مان ائين به معلوم ٿئي ٿو ته سيد محمد مڪي حضرت سيدنا شيخ الشيوخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڏهٽو هو.“

مٿي ڄاڻايل ٻنهي ڪتابن ۾ اهڙي قسم جي ڪابه عبارت ڏنل نه آهي. البت ڪجهه ٻين حوالن ۾ سيد شجاع کي شيخ الشيوخ جو ناٺي ۽ سيد محمد مڪيءَ کي ڏهٽو ڏيکاريو ويو آهي. ”منبع الانساب“ مؤلف مير معين الحق جهونسوي جيڪو سيد محمد مڪيءَ جي ستين پيڙهي مان هو. پاڻ جهونسوي مان آبائي وطن بکر آيو ۽ خانداني شجره گڏ ڪري اهو ڪتاب تاليف ڪيائين. هن نسخي موجب سيد محمد مڪيءَ کي چار فرزند سيدنا شهاب الدين سهرورديءَ جي نياڻيءَ مان هئا. انهن مان ٻه فرزند سيد صدرالدين ۽ سيد بدرالدين ته ڄاوائي بکر ۾.

سيد بدرالدين سهرو هئو، سيد جلال سرخ بخاري سهروردي جو جنهن مان اُچ جي بخاري سادات جو نسل آهي.

سيد محمد مڪيءَ جي ٻئي فرزند سيد صدرالدين جي پٽ بدرعالم جو فرزند سيد مرتضيٰ جهونسي ۾ وڃي رهيو. منبع الانساب جو لکندڙ انهيءَ بزرگ جي پيڙهي مان آهي. انهيءَ ڪتاب جو هڪ نسخو (OR- 226) برٽش ميوزم ۾ موجود آهي.

”منبع الانساب“ کان سواءِ پير حسام الدين راشدي مقدمه حديقه الاولياء ۾ جنهن ٻئي نسخي جو ذڪر ڪيو آهي. اهو 1261هه ۾ سيد قمبر علي رضوي بکري ”شجره سادات“ جي نالي سان تاليف ڪيو. هيءُ مستند نسخو پڻ سيد محمد مڪي کي شيخ الشيوخ شهاب الدين السهرورديءَ جو ناٺي ڏيکاري ٿو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جي نياڻيءَ جنهن جو نالو بي بي فاطمہ آهي. تنهن جي قبر مڙس جي قبر جي اولاهين ديوار سان لڳ آهي.

پير حسام الدين ”شجره سادات“ کي مستند ڪتاب ڄاڻائيندي لکي ٿو ته 1934ع ڌاري انهيءَ جو هڪ نسخو سيد مير الهورائي شاهه روهڙي واري وٽ هو ۽ هڪ نسخو ٺٽي ۾ آهي. جنهن جي آخر ۾ عبارت آهي: بتاريخ بيستم شوال 1298هه از مير حقير غلام مرتضيٰ مرتضائي.

مٿي ڄاڻايل ٻن قلمي نسخن ”منبع الانساب“ ”شجره سادات“ کي سيد محمد مڪي جي پنهنجي خاندان جي فردن پنهنجون سينه به سينه روايتون شجرا ۽ دستاويز سامهون رکي لکيو. اهوئي سبب آهي جو پير حسام الدين راشدي انهن کي مستند ڄاڻائي ٿو، انهن مان هيٺيون گهربل ڳالهيون ملن ٿيون:

(1) سيد محمد مڪي شيخ الشيوخ سيدنا عمر بن محمد شهاب الدين السهروردي جو ناٺي هو نه ڪي ڏهٽو.

گذشته سان پيوست

(2) شيخ شهاب الدين السهروردي جي نياڻي بي بي فاطمہ سڳوري جيڪا سيد محمد مڪي جي منڪوحه هئي، تنهن جي قبر مڙس جي اولاهين ديوار سان گڏ آهي.

ان جي برعڪس سيد محمد مڪي متعلق مضبوط روايتون پڻ موجود آهن، جن ۾ کيس شيخ الشيوخ شهاب الدين السهرورديءَ جو ڏهٽو ثابت ڪيو ويو آهي، سندس اولاد علم جي زيور سان آراسته رهيو، سيد بدرالدين ﷥ جي اولاد مان ويجهي زماني ۾ سيد علي اڪبر شاهه ۽ سيد علي اصغر شاهه جامعه عربيه حيدرآباد جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو. سيد علي اصغر شاهه جي وڏن مان محمد شاهه جن بکر ڇڏي ميهڙ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. سندس پوين مان سيد محمد شاهه حسيني ﷥ فقه ۾ نالو ڪڍيو. پاڻ فقه حنفي جي بنياد تي ماڻهن کان آيل سوالن جا جواب فتوائن جي صورت ۾ جاري ڪندو هو.

انهن نيڪ سيرت بزرگن جي اولاد مان سيد انور شاهه حيدرآباد ۾ حال حيات آهي، جنهن جي دختر نيڪ اختر سيده فرزانه انور شاهه بحيثيت جج پڻ عام ماڻهو کي انصاف جي فراهمي ۾ چڱو نالو ڪمايو آهي.

(1) لينسڊائون پل جي سکر واري شاخ جي  منهن وٽ ريل جي پٽڙين جي لڳ ننڍڙي گنبذ جي اندر شيخ نوح قدس سره العزيز جي آخري آرامگاهه آهي، اها ايراضي ڪنهن دور ۾ بکر جي قلعي جي هئي. هيءُ بزرگ شيخ الشيوخ سيدنا شهاب الدين البغدادي السهرورديءَ جو وڏو خليفو هو. ڄاتل تاريخ موجب سهروردي بزرگن جي سنڌ ۾ پهرئين خلافت سکر ۾ قائم ٿي. جيڪا شيخ نوح بکريءَ جي هئي. سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ سهروردي خلافتون سيوهڻ ۽ لاڙ ۾ قائم ٿيون. اهو سلسلو گجرات تائين ڦهلجندو نظر اچي ٿو.

تاريخي حوالن ۾ نوح بکري سان گڏ شيخ الشيوخ جو لقب انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪري ٿو ته سندس ڪيترائي خليفا ۽ مريد اهڙا پيدا ٿي چڪا هئا. جيڪي پاڻ پنهنجي حلقن ۾ مرشدن جي حيثيت ۾ هئا ۽ سهرورديه سلسلي جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته حضرت بهاءالدين زڪريا ملتاني سهروردي کان اڳ سنڌ ۾ ان فڪر جي ڦهلاءَ ۾ شيخ نوح ﷥ ۽ سندس پوئلڳن اهم ڪردار ادا ڪري عام ماڻهو جو رجوع پاڻ ڏي ڪري ڇڏيو هو.

شيخ نوح بکري ﷥ متعلق تاريخي ماخذ طور تحفة الڪرام ۽ حديقة الاولياء پيش ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته ڪجهه اڻ ڇپيل قلمي نسخا پن اندازاً ۽ روايتن تي ٻڌل ڳالهيون سامهون آڻن ٿا. سيد عبدالقادر جي تاليف حديقة الاولياء (1016هه نوشتہ شد) مان سندس هيٺيون احوال ملي ٿو:

ترجمو: پاڻ شيخ المشائخ ٿي گذريو آهي. پاڻ وڏو تحقيق جو صاحب شيخ الشيوخ هو. سندس نالو نوح بکري قدس الله سره العزيز آهي. سنڌ جي مشاهير اولياء مان هو ۽ بارگاهه الاهي ۾ به مقبول اولياء الله هو. جنهن کي پنهنجي رب سان خصوصي محبت ۽ انس هو. پاڻ سيدنا  برهان الصدق واليقين شيخ شهاب الدين سهروردي قدس الله سره العزيز جي هٿ تي بيعت ڪئي هئائين ۽ سندس ئي خاص مريد ۽ معتقد هو ”فرشته“ يعني بکر جو رهاڪو هو. تنهائي هجي يا محفل ۽ مجلس هميشه ذڪر ۽ عبادت الاهيءَ ۾ مشغول هوندو هو. سدائين ترڪ دنيا کي ترجيح ڏنائين. نقل آهي ته جنهن وقت غوث العالم شيخ بهاءالدين زڪريا ﷥ ولايت پناهه دستگاهه شيخ شهاب الدين ﷥ جي زيارت کان مشرف ٿيو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪيائين ته وطن واپس ورڻ وقت شيخ کيس فرمايو ته اسان جو هڪ ڀلارو مريد ”فرشته سنڌ“ يعني بکر ۾ آهي ان جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪج ڇاڪاڻ ته انتهائي قابل ۽ هدايت ۽ ارشاد جو صاحب شخص آهي. پنهنجي هدايت جو ڏيئو به ٻاري ٿو ۽ ٻين کي هدايت ڪرڻ به ڄاڻي ٿو. ان کان صرف رهنمائي وٺڻ جي ضرورت آهي. اتي وڃي معرفت جي شمع ٻار ۽ هدايت جي نور سان بشري لاڳاپن جا سڀ ڪک ڪانا ساڙي رک ڪر. جڏهن شيخ بهاءالدين زڪريا مقتداء عالم شيخ شهاب الدين سهروردي ﷥ جا اهي گفتا سندس باري ۾ ٻڌا ته سندس دل ۾ شيخ نوح بکريءَ جي محبت ۽ عشق جي باهه ڀڙڪا کاڌا ۽ جڏهن بکر پهتو ته کيس معلوم ٿيوته شيخ موصوف هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو آهي ۽ جنت الفردوس ۾ پهچي چڪو آهي. جنهن ڪري شيخ بهاءالدين وڏي حسرت سان موٽي ويو. هينئر شيخ نوح بکري قدس الله سره جي مزار قلعه بکر ۾ آهي. الله تعاليٰ ان کي هر طرح جي خوف ۽ خطره کان محفوظ رکي. آمين“

حديقة الاولياء، تاريخ فيروزشاهي تحفة الڪرام ۽ معيار سالڪان طريقت شيخ نوح بکري متعلق ساڳي روايت کي ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان پيش ڪن ٿا. جڏهن ته ”تجليات اسرار معاني“ مصنف ميان ولي محمد سيوستاني (فارسي قلمي 1203هه) ۾ ۽ تذڪره مشاهير سنڌ ان ۾ اهو اضافو ڪن ٿا ته شيخ الشيوخ شهاب الدين السهرودي البغدادي (اول) جو نه رڳو خليفو ۽ مريد هو، بلڪ سندس عزيز به هو. وفائي صاحب تذڪره مشاهير سنڌ جلد 3 ۾ ڄاڻائي ٿو:

”مخدوم نوح (بکري) صديقي نسل جو شيخ شهاب الدين السهرورديءَ جي نسل مان آهي. والله اعلم“

اهڙي طرح ”تجليات اسرار معاني“ ۾ حضرت لعل شهباز جي هڪ ”دمساز رفيق“، ساٿي شيخ نوح صديقي جو ذڪر موجود آهي، تاريخ ۾ انهيءَ حقيقت لاءِ ڪافي مواد موجود آهي. ته شيخ نوح بکري بهاءالدين زڪريا ملتاني ۽ حضرت لعل شهباز جو زمانو ساڳيو آهي. جڏهن بهاءالدين زڪريا ملتاني پنهنجي مرشد جي حڪم موجب بغداد مان فرشته بکر ۽ شيخ نوح سان ملڻ لاءِ پهتو ته هو پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪري چڪو هو. جنهن کان پوءِ هو 1210هه/1228ع ۾ قباچه جي دور ۾ ملتان وريو. ان مان مخدوم نوح بکريءَ جي وفات جي زماني جو اندازو ٿئي ٿو.

شيخ نوح جي اولاد مان سندس هڪ پٽ شيخ مکڻ يا شيخ مڱڻ ”قلندرنامه“ سنڌيءَ مصنف فتح محمد صغير سيوهاڻي ۾ ٻڌايل آهي. سندس مزار قلندر لعل شهباز جي روضي مبارڪ جي اوڀر ڏکڻ تي توشاخاني واري ڪمري ۾ موجود آهي. هي شيخ عثمان مروندي ﷥ سان رفاقت ڪندي سيوهڻ ۾ مقيم رهيو. سندس وفات کان پوءِ سندس مزار جو سنڀاليندڙ رهيو ۽ باقي اهل اولاد بکر ۾ خانقاهه ۽ مدرسي جي اهتمام ۾ مصروف رهيا، (ڊاڪٽر ٽالپر سنڌ جا اسلامي درسگاهه)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

26 27 28

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com