سيد جلال ثاني انجوي
موروثي ولايت سبب پنهنجي وڏن جو قائم مقام ۽ پنهنجي پيءُ مغفور
جو جاءِ نشين ٿي، مريدن جي تربيت ۾ مشغول ٿي ويو.
مرزا صالح ترخان ولد مرزا عيسيٰ ترخان پنهنجي
نياڻي، سيد جلال جي نڪاح ۾ ڏني ۽ پوءِ سيد ان سان
وابسته ٿي ويو. مرزا صالح جي ڀاءُ مرزا باقي
پنهنجي حڪومت جي زماني ۾، اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾
پنهنجي ڀاءُ جي نياڻي کي هڪ ڪنيز سميت سفارش لاءِ
موڪليو.
سيد جلال کي مرزا جي نياڻيءَ مان سيد مير محمد پيدا ٿيو، جنهن
پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيو. پيءُ کان پوءِ
سندس مسند تي ويٺو.
چيو وڃي ٿو ته سيد جلال پنهنجي پٽن جي وچ ۾ لوهي ڪمان کڻي چيو
ته جيڪو پُٽ، انهيءَ ڪمان کي سڌو ڪندو ته اهو
ڪوهستاني مريدن جي جماعت جو ڪفيل ۽ مرشد ٿيندو.
پوءِ سيد فضل الله پنهنجي ڪرامت جي زور تي انهيءَ
ڪمان کي سڌو ڪري ڏيکاريو. پوءِ ڪوهستاني جماعت ۽
ٻيا ان سان ئي وابسته ٿي ويا. سندس فرزند مير علي
اصغر پنهنجي پيءُ جو قائم مقام ٿيو.
ڀرڪيو لنگ
هيءُ صاحب معرفت قلندري مشرب رکندڙ فقير هو. ترخاني دور حڪومت ۾
هن مڪليءَ جي دامن ۾ هڪ وڏو منارو ٺاهيو. سهسي لنگ
جون ماڙيون سمن جي قبرستان جون اڪثر اڏاوتون ڊاهي،
انهن جي پٿرن کي مناري جوڙڻ لاءءِ ڪم آڻڻ لڳو.
جڏهن منارو ڪافي بلند ٿي ويو ته ان جي مٿان رات جو
هڪ وڏو شمعدان ٻاري رکندو هو. ايتري قدر جو ان جي
روشني سمنڊ تائين نظر ايندي هئي. ٻيڙي وارا انهيءَ
روشنيءَ جي نشان تي لنگرانداز ٿيندا هئا. واپاري
ماڻهو سندس خدمت ۾ اچي نذرانا پيش ڪندا هئا. خلق
بي انتها سندس خدمت ۾ ايندي هئي ۽ هو وڏو مالدار
ٿي ويو. پر جيڪو به ننڍو توڙي وڏو وٽس ايندو هو ته
ان کان ضرور خدمت وٺندو هو. ايتري قدر جو کانئن
چوني ۽ مٽيءَ جو به ڪم وٺندو هو.
چون ٿا ته سيد علي انجوي هڪ ڏينهن سندس ملاقات لاءِ ويو ته ان
کان چوني کڻڻ جو ڪم ورتائين. جڏهن مخدوم نوح کي
اها خبر پئي، تڏهن سندس هلاڪت لاءِ بددعا ڏنائين.
پوءِ تمام ٿوري وقت ۾ مرزا باقي خفيه طور کيس قتل
ڪرائي ڇڏيو.
خليفو عبدالوهاب
هيءُ سلسله شيخ بهاؤالدين ملتاني جي سنڌ جي خليفن مان هڪ نامور
خليفو هو. اصل عباسي هو. صاحب ڪرامات هو. ڪيترائي
ماڻهو سندس معتقد ۽ مريد هئا. مرزا باقي بيشمار
ماڻهن کي ناحق قتل ڪندو رهندو هو، کيس خوف ويٺو ته
مبادا ڪنهن حريف جو هيءُ ساٿ نه ڏئي، ڇو ته خلق جا
انبوه وٽس ڏسندو ٿي آيو. مرزا باقيءَ کي هن جي وڏن
۾ عقيدت هوندي به کيس قتل ڪرڻ جو قصد ڪيائين ۽
محمد خليل مُهردار کي چيائين ته عيد جي ڏينهن جڏهن
هو مصلّي تان اٿي گهوڙي تي سوار ٿئي ته ان وقت کيس
قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ خليفي کي منصوبي موجب قتل ڪيو
ويو. خليفي جي پٽ محمد صادق ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي
پيءُ جي قاتل تي ترار جو وار ڪري سندس نڪ وڍي جدا
ڪري ڇڏيو. سندس ٻيو ڀاءُ خوف کان گهوڙي تي چڙهي
وڃي درياء ۾ پيو ۽ غائب ٿي ويو.
مير محمد يوسف مهدوي رضوي
هيءُ سيد جادم عرف سيد جاده فرزند ۽ سيد حسن جو پوٽو هو. سيد
مڪي بکري جي اولاد مان هو. سيد مبارڪ شاهه جو فيض
يافته هو. هو شيخ دانيال جو فيض يافته هو، جو سيد
محمد جونپوري جي مکيه خليفن مان هو. هو سکر ۾
پنهنجي ڀائرن ۽ سوٽن،ساري خاندان کي ڇڏي، برگزيده
مشائخ جي زيارت لاءِ سفر شروع ڪيائين جابلو علائقي
کان ٿيندو وري سمنڊ جو ڪنارو ڏيندو گوشئه نشين سان
وقت گذاريندو، ٺٽي وٽ مڪلي ۾ اچي وارد ٿيو. جتي
سيد ميران اچي منزل انداز ٿيو هو ان جي ڀرسان
عبادت جي جاءِ هئي. ان جو آخر مدفن به اتي ئي ٿيو،
مير محمد يوسف اتي پهچي گوشئه نشين ٿي عبادت ۾
مشغول ٿي ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ عباسي قاضين مان
جيڪي پنهنجي وقت جا معروف هئا. شادي ڪري هميشه
لاءِ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين.
سيد عبدالڪريم شاهه کان روايت آهي ته سيد ابراهيم بخاري نالي هڪ
فقير شخص انهيءَ ڳوٺ ۾ آيو. کيس صاحب ڪرامات ڏسي،
سندس خدمت ڪندو هو. پوءِ هڪ ڏينهن مون کان سنڌ جا
جيڪي به زنده مشائخ هئا، انهن متعلق پڇا ڪيائين.
مان پنهنجي معلومات مطابق هرهڪ جو نالو کڻندو،
سندس صفتون بيان ڪندو ويس. سڀني جو احوال ٻڌي
چيائين ته جن بزرگن جون تو صفتون بيان ڪيون آهن،
انهن ۾ هڪ بزرگ سيد يوسف، عزيز مصر وانگر معرفت جو
بادشاهه ٿو لڳي، ڪجهه عرصي کان پوءِ مسجد مان غائب
ٿي ويو. گهڻو ئي کيس ڳولهيم، پر پتو ڪونه پيو. ياد
آيو ته شايد هيءُ سيد محمد يوسف جي زيارت لاءِ ويو
هجي. يڪدم اوڏانهن روانو ٿيس ۽ جڏهن مڪلي ۾ سيد جي
جڳهه تي پهتس، ڏٺم ته اهو فقير سيد جي خدمت ۾ ادب
سان ويٺو آهي.
جيئن ته ان وقت فقير مٿي ۽ پيرين اگهاڙو ويٺو هو. سفر جا
سانباها ڪري رهيو هو. اهو ڏسي سيد سڳوري پائڻ لاءِ
پنهنجي جُتي لاهي کيس ڏني. فقير مون کي چيو ته هن
جُتي مان منهنجي لاءِ ٽوپي ٺهرائي کڻي اچ، آءٌ
سندس لاءِ ٽوپي ٺهرائي کڻي آيس. فقير ان کي پنهنجي
مٿي ۾ پائي روانو ٿي ويو. آءٌ سندس پٺيان لڳس. آخر
هو انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ وڃي ويٺو، جيڪا بندر کان سمنڊ
جي طرف وڃي رهي هئي. مون کيس پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ
ڪافي منٿون ڪيون، مگر هن قبول نه ڪيون. پوءِ دعا
گهريم، مون کي چيائين ته تمام جلد تنهنجو ڪم سنڌ ۾
وائکو ٿيندو.
بهرحال سيد جون ڪرامتون بي حساب ۽ مقامات بلند آهن. سندس وفات
کان پوءِ صاحب ولايت سندس فرزند سيد ابراهيم
پنهنجي پيءُ جو جانشين ٿيو.
سيد عبدالرزاق
هيءُ سيد محمد يوسف جو ڀاءُ هو. عارفن جي جماعت ۾ داخل هو.
مڪليءَ ۾ مدفون آهي. سندس آمد ۽ ٻيو احوال معلوم
نه ٿي سگهيو آهي.
سيد اسحاق
عرف پير پرديسي. هيءُ مير ڪمال الدين بن مير جادم جو فرزند هو.
پنهنجي وقت جو ڪامل بزرگ هو. سيد محمد يوسف کيس
سکر مان گهرائي پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني.
سندس اولاد يادگار آهي.
سيد جعفر
هيءُ سيد ابراهيم ولد سيد محمد يوسف مهدويءَ جو فرزند هو. جامع
۽ ڪامل صفات سان موصوف پنهنجي وڏن جو جانشين ٿيو.
چون ٿا ته هڪ بيواهه پوڙهي عورت پنهنجي ٽن نياڻين جي پرڻائڻ
لاءِ ڏاج جو خرچ نه هئڻ سبب ڏاڍي پريشان هئي. سيد
جي ڪافي مدت کان خدمت ڪندي رهندي هئي، سيد کي مدد
ڪرڻ جي استدعا ڪندي رهي. آخر سيد هڪ ڏينهن مٿس
مهربان ٿي، ڪجهه لکي هٿ ۾ ڏنائينس ۽ چيائينس ته هي
پرچو پاڻ کڻي وڃ ۽ پيردادن جي سامهون هڪ زمين جو
ٽڪرو آهي، اتي وڃي ڏسندينءَ ته هڪ شهر آباد آهي.
ان ۾ هر شيءِ موجود آهي. نياڻين جي شادي لاءِ جيڪا
به شيءِ توکي ضرورت ۾ هجي، اها اتان کڻي وٺ. ليڪن
هڪ ڀيري کڻج، وري اميد نه ڪج. ڏسَ موجب پوڙهي
پنهنجي پُٽَ سميت اتي پهتي. سڀ اتي ڏٺائين. پوءِ
ڪپڙا، زيور، ٿانوَ، خوراڪ ۽ نقد رقم جيڪي به شيءِ
سندس ضرورت ۾ هئي سڀ کنيائين. پوءِ جڏهن ٻيهر لالچ
ڪري وئي ته کيس ڪجهه به نظر ڪونه آيو.
آدم شاهه ڪلهوڙو
ولد کجن بن صاحب بن ميان خان بن ميان طاهر بن ميان راڻو بن ميان
شاهه محمد بن ميان ابراهيم بن ميان محمد بن ميان
ڄام چنو.
هيءُ اصل عباسي هو، شيخ الياس ۽ شيخ ابراهيم جي واسطي سان سيد
ميران محمد مهدي جونپوري سان طريقت جي نسبت
ڳنڍيائين. سخت رياضت ۽ مجاهدا ڪري منزل مقصود
ماڻيائين. آدم شاهه هڪ دفعي چانڊڪا زمين جي هڪ ڳوٺ
۾ موجود هو ته هڪ بيوه ۽ بي سهارا عورت جو پُٽُ
مري ويو. هن عورت پٽڻ شروع ڪيو، ساري رات آلاپا ۽
پار ڪڍندي رهي. اهو روڄ راڙو سندس رهائش جي ڀر ۾
هئڻ ڪري هيءُ ٻڌندو رهيو. کيس احساس ٿيندو رهيو.
صبح جو ان بيوه عورت وٽ سندس دلجوئي ڪرڻ لاءِ ويو.
ڪرامت جي آڌار تي کيس فرمائڻ لڳو ته تنهنجو پُٽ
مري ڪونه ويو آهي، زنده آهي، کيس سڪتو ٿيو آهي.
هاڻي ڏس ته کيس افاقه اچي ويو آهي. هوءَ پنهنجي پٽ
جي ڪفن دفن جي خيال ۾ هئي، هن درويش جي اها ڳالهه
ٻڌي حيراني ۾ پئجي وئي، پنهنجي پٽ جي نبض ڏٺائين
ته اها هلي رهي هئي ۽ آهستي آهستي صحيح ٿي اٿي
ويهي رهيو. جيئن ته هن درويش هميشه پاڻ کي پوشيده
رکيو پر هن ڪرامت کيس ظاهر ڪري سندس بزرگيءَ کي
ساري ملڪ ۾ مشهور ڪري ڇڏيو. هرجاءِ تي ان جو چرچو
ٿيڻ لڳو، اهو ٻڌي کبڙ ابڙو نالي هڪ شخص پنهنجي
سڀني پوئلڳن سميت دٻي ڳوٺ مان لڏي اچي سندس مريدن
جي پڪي جماعت ۾ داخل ٿيو. انهيءَ وقت خانخانان ٺٽي
جي علائقي کي فتح ڪرڻ لاءِ مرزا جاني بيگ سان جنگ
جوٽيو ويٺو هو. مهم ڏاڍي سخت هئي ۽ مقابلو به سخت
هو ان وقت خانخانان هن درويش کان دعا طلب ڪرڻ آيو.
هن درويش دعا گهري. هن ڪاميابي حاصل ڪري موٽڻ وقت
وري خان خانان درويش وٽ آيو ته آدم شاهه کبڙ ابڙي
کي حسب تمنا چانڊڪا زمين جي زمينداري وٺي ڏني ڇو
ته چانڊيه قوم جا ماڻهو اتان لڏي ويا هئا. ان وقت
جو برگزيده شيخ ۽ بزرگ لال حسين، جيڪو شيخ الشيوخ
حضرت بهاؤالدين ملتانيءَ جي اولاد مان هو، تنهن جي
تلهار ۾ محققانه ملاقات ٿي هئي. ڏينهن گذرندا ويا
مريدن جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. تيئن زمين وڌائڻ
جي به ڪوشش ڪندا، زمين وڌائيندا ويا ۽ جاگيردارن
کي اها ڳالهه ڏاڍي ڏکي لڳي. سندس خلاف زميندارن ۽
جاگيردارن گڏجي ملتان جي حاڪم جا ڪن ڀريا. اُن
پهريائين کيس قيد ڪيو. پوءِ کيس شهيد ڪرائي
ڇڏيائين.
سندس وصيت موجب ملتان جي حاڪم جي ڪوٽوال آقا شاهه محمد، جنهن کي
جيل جي وقت ۾ درويش کان ڪافي فيض نصيب ٿيو هو.
سندس نعش کي کڻائي، سکر ۾ آڻي هڪ ٽڪري تي دفن
ڪرايو. اتان ان شهيد جي رهڻ واري ڳوٺ ۾ وڃي سندس
ٻن صغير پٽن ابراهيم ۽ دائود کي ۽ ٻين پوئلڳن کي
جيڪي انهيءَ وچ ۾ منتشر ٿي ويا هئا، گڏ ڪري هڪ هنڌ
انهيءَ جاءِ تي آندو. پاڻ گاديءَ جي سنڀال ڪرڻ
ويٺو. شاهه محمد اصل ڪيهري بلوچ قوم مان هو. چتر
بار سرزمين جو رهندڙ هو، چتربار سيويءَ جي دري تي
آهي.
ان جي وفات کان پوءِ:
ميان الياس
بن دائود ولد آدم شاهه سندس گاديءَ جو وارث ٿيو. پنهنجن مريدن
جي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. پنهنجا ڏينهن گذاري
فوت ٿي ويو، سندس قبر ڳوٺ ڊبري ضلع لاڙڪاڻي ۾ آهي
۽ ان کان پوءِ سندس ڀاءُ نالي:
شاهه علي عرف شاهه محمد
۽ ان کان پوءِ:
نصير محمد
ولد ميان الياس سن 1060هه ۾ پنهنجي اڪابرين جو جانشين ٿيو.
مرشدي ۾ پنهنجي وڏن کان وڌي ويو. خاندان جي ولايت
۽ صاحبي هن تي ختم ٿي وئي. انهيءَ کان پوءِ سندس
اولاد ۾ اقتدار جو دور اچي ويو. آهستي آهستي هنن
سنڌ جي صاحبي ۽ ٺٽي جو اقتدار پنهنجي قبضي ۾ آندو.
درويش احمد رونجهو
هيءُ اپلان ڳوٺ جو رهندڙ هو، سيد عبدالڪريم جو همعصر هو. پنهنجي
وقت جو نامور درويش ٿي گذريو آهي.
قاضي حسن
ڪامل دانشمند هو، صاحب ذوق ۽ حال هو. اهل ڪمال سندس معتقد هوندا
هئا. سيد عبدالڪريم جو همعصر هو. هٽڙي ڳوٺ ۾ رهندو
هو. اتي ئي فوت ٿي ويو.
درويش جوڻه
هيءُ صاحب ڪرامت ۽ صاحب معرفت هو، سيد عبدالڪريم جو همعصر هو.
ڳوٺ دُبي ۽ تعلقي بٺورو ۾ رهندڙ هو.
درويش حسين سهار
هيءُ احرار جي خاص مريدن ۾ داخل هو. سيد عبدالڪريم جو همعصر هو.
سيد بايزيد بخاري
هيءُ بزرگ صاحب عرفان، واصل راهه رحمان هو ساري حياتي عرفان
ارشاد جي تربيت ڏيڻ ۾ گذاريائين، سندس مقبرو پير
آسات وٽ ڏاڪڻ جي پاسي ۾ حق شناسن جي زيارت جو مرڪز
آهي.
سيد محمّد ملوڪ
هيءُ سيد بدرالدين مازندراني جي پوٽن مان آهي، نواب لشڪر خان جي
عهد حڪومت ۾ سن 1017هه ۾ بٺورو علائقي جو کيس حاڪم
مقرر ڪيو ويو هو. هندن سان جهاد ڪندي شهيد ٿيو.
سندس نعش کي مڪلي ۾ دفن ڪرڻ لاءِ کنيائون، پوءِ
جمنا جي سرزمين کان روانا ٿي ٺٽي ڏانهن آيا ٿي ته
رستي ۾ جنازو لاٿائون ته ڏٺائون جنازو موجود نه
آهي. پوءِ سمجهيائون ته شايد اتي ئي سندس خاڪ لکيل
آهي. پوءِ اتي ئي سندس قبر جوڙيائون ۽ ارادتمندن
جي زيارتگاهه آهي.
شيخ ڪالو قريشي
هيءُ شيخ الشيوخ شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو.
ولايت وغيره کيس وڏن کان ورثي ۾ مليل هئي. ٺٽي ۾
آيو، خسرو خان چرڪس ناظم ترخانيه کيس پنهنجو گهر
ڄاٽو بنايو. پنهنجي ساري عمر ظاهري ۽ باطني تعليم
ڏيڻ ۾ گذاريائين.
شيخ سلام الله
سندس سڳو پوٽو هو. سالڪ راه فقر هو. فنا ۽ ولايت ۾ ڪامل هو. سيد
عبدالغني صاحب سجاده سيد عبدالڪريم سان پنهنجي
ارادت جي نسبت ڳنڍيائين ۽ الهڏنه زرگر خليفي سيد
عبدالڪريم جي صحبت ۾ عقيدت طور رهيو. سيد جي
درگاهه ۾ روزاني بتيون ٻارڻ ۽ روشني جي خدمت جو
عهدو سندس حوالي هو. اڄ تائين سندس اولاد انهيءَ
خدمت تي قائم آهي.
قاضي قاضن ٺٽوي
هيءُ قاضي محمد قاسم بکريءَ جو فرزند هو. ظاهري ۽ باطني علمن ۾
اڪمل هو. عارفن ۽ اهل تقويٰ جي زمري ۾ داخل هو.
يارهين صدي هجريءَ ۾ گذاري ويو.
مخدوم فيض الله ٺٽوي
وقت جو استاد، ظاهري ۽ باطني علوم جو عالم، سيد علي ثاني انجوي
سندس شاگرد هو. سندس پٽ سيد جلال به انهيءَ استاد
وٽ پڙهندو هو. سيد علي اصغر جنهن وقت ٺٽي ۾ آيو،
آڪر ڏانهن پنهنجا پير ڊگها نه ڪندو هو، ڇو ته
مخدوم جو گهر آڪر ۾ هو. سيد عليءَ جو اولاد مخدوم
جي اولاد کي ادب ۽ تعظيم خاطر تعليم جون ڦرهيون
اول لکرائيندو هو.
مخدوم حاجي حمزه واعظ ٺٽوي
هيءُ هڪ وڏو دانشمند، ڪامل، عارف ۽ واصل بالله هو. حاجي ملا
حمزه عباسي، جيڪو آخوند محمد باقي جي ڏاڏنگ مان
هو، سو ٻارهن سال حرمين شريفين ۾ رهيو. کيس وطن جي
حب ٺٽي ڏانهن ڇڪي رهي هئي، پر موٽڻ لاءِ کيس موقعو
ميسر نه ٿي ٿيو. انهيءَ تلاش ۾ کيس ڏهه سال گذري
ويا. ڏاڍي فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ هو ته هڪ بزرگ شخص
کيس ٻڌايو ته فلاڻي وقت فلاڻي جاءِ تي هڪ شخص
عبادت لاءِ ايندو آهي، کيس چنبڙي وٺ ته توکي
تنهنجي مقصود جڳهه تي پهچائيندو. ملا حمزه انهيءَ
نشاني تي انهيءَ بزرگ کي وڃي لڌو. کيس التماس
ڪيائين، مگر هن بي خبري ڏيکاري. آخر ڏاڍيون منٿون
ڪرڻ تي چيائينس ته پنهنجا هٿ منهنجي هٿن ۾ ڏئي ۽
پير منهنجي پيرن تي رکي اکيون ٻوٽ. پوءِ انهيءَ ئي
دم ٺٽي جي عيدگاهه ۾ پاڻ کي ڏٺائين. بزرگ کيس چيو
ته هيءُ اٿئي تنهنجو ٺٽو. مگر خبردار! جو ڪنهن سان
ڪا ڳالهه ڪئي اٿئي ورنه تنهنجو ايمان کسجي ويندو.
ملا سندس پيرن تي ڪِري پيو. کيس عرض ڪرڻ لڳو ته:
آءٌ آخر انسان آهيان. جيڪڏهن اوهان جي حياتي مون
کان اڳ پوري ٿي وڃي ته پوءِ مون کي ڳالهه ڪرڻ جي
اجازت ڏيڻ فرمايو. پوءِ انهيءَ شرط تي کيس اجازت
ملي.
چون ٿا ته هڪ شخص صبح سوير جو مڪليءَ جي زيارت ڪرڻ ٿي ويو ته
ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ وتايو مجذوب ٻين مجذوبين کي چئي
رهيو هو ته اڄ مخدوم حمزه فوت ٿي ويو آهي. جناب
رسالت مآب ﷺ جن سندس جنازي تي تشريف فرما ٿي رهيا
آهن. اچو ته پاڻ سڳورن ﷺ جن جي زيارت لاءِ پاڻ به
هلون، اهو ٻڌي هيءُ ويندڙ شخص به سندس پٺيان لڳو
تان جو مخدوم حمزه جي جنازي تي پهتو، صفن سڌي ٿيڻ
وقت، وڏي هجوم جي باوجود هيءُ پهرين صف ۾ امام جي
ڀرسان وڃي بيٺو. امام جي تڪبير چوڻ کان اڳ، کيس
غيب مان تڪبير جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
مخدوم آدم
هيءُ مخدوم اسحاق جو فرزند هو. نسب ۾ صديقي هو. سندس ناناڻ
فاروقي هو. هو وڏو ڪامل ولي الله متقي هو. مخدوم
آدم نقشبنديءَ جو همعصر هو. مڪہ مڪرمہ ۾ هو ته هڪ
ڏينهن مڪي جي حرم شريف ۾ مردن ۽ زالن کي هڪ هنڌ
تان گڏ داخل ٿيندي ڏٺائين. حرم جي مشائخ کي چيائين
ته اها رسم نامناسب ۽ غير شرعي آهي، تنهن ڪري بند
ٿيڻ گهرجي. پر جيئن ته حرم جي مشائخ انهيءَ ڳالهه
ڏانهن ڪوبه توجه نه ڏنو، تڏهن وري کين چيائين ته
نبي عليہ الصلوٰة والسلام جن جي روحانيت پاڪ ڏانهن
متوجه ٿيو ته اوهان کي حقيقت حال جي خبر پوندي.
پوءِ مخدوم جي انهيءَ اشاري سبب پاڻ سڳورن ﷺ جن جي
حضور کان خواب ۾ کين اهو حڪم مليو ته هر صورت ۾
مردن ۽ عورتن جي داخل ٿيڻ جا ڏينهن جدا مقرر ڪيا
وڃن.
چون ٿا ته مخدوم پنهنجي ڪماليت کي مخلوق جي خدمت لاءِ ائين وقف
ڪري ڇڏيو هو، جو جيڪو به سندس دامن کي وٺندو هو،
ان سان گڏجي سفارش واري جاءِ تي وڃي سفارش ڪندو
هو. ان ۾ ڪابه ڪراهت محسوس نه ڪندو هو. حاجتمندن
کي حاڪمن وٽ وٺي وڃي سندن مسائل حل ڪرائيندو هو.
ڪنهن ڪنهن وقت حاڪم به سندس انهيءَ روش ۽ ڪثرت
سفارشن کان تنگ به اچي ويندا هئا. سندس سفارش کي
رد ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ناگواريءَ جو اظهار ڪندا هئا.
تڏهن به هيءُ هرگز دل برداشته نه ٿيندو هو. موٽي
کين گهر وٺي ايندو هو. سندن دلجوئي ڪندو هو، بي
خبري سبب حڪام جيڪڏهن ڪنهن کي به تاوان هيٺ آڻيندا
هئا ته هيءُ انهن کي حاڪمن وٽ وٺي وڃي، کين حقيقت
کان آگاهه ڪندو هو. پوءِ حڪام پشيمان ٿي ان تاوان
کي موقوف ڪري ڇڏيندا هئا. آخر محسوس ڪيائون ته
جنهن پنهنجي زندگيءَ کي الله تعاليٰ جي راهه ۾ فدا
۽ وقف ڪري ڇڏيو آهي، ان کي رد ڪرڻ ناانصافي ۽ حق
کان منهن موڙڻ آهي، تنهن ڪري سندس ڪافي تعظيم ۽
عزت افزائي ڪرڻ لڳا ۽ حڪم جاري ڪري ڇڏيائون ته هن
بزرگ جو هر وقت ۽ هر حال ۾ احترام ڪيو وڃي. حاڪمن
وٽ اچڻ جي کيس ڪابه منع ڪونه آهي. ۽ سندس پٽ ميان
ابوبڪر ٺٽي ۾ سندس مسند تي ويٺو.
هيءَ مخدوم آدم نقشبندي جو هم زمان هو.
ميان آدم متقي
هيءُ صاحب ڪماليت، بزرگ ۽ متقي مشهور هو. مخدوم آدم جو همعصر
هو.
ميان عبدالنبّي خائف
جيئن ته هيءُ رات ڏينهن خوف خدا ۾ روئيندو ۽ زاري ڪندو هو، تنهن
ڪري مٿس اهو لقب ”خائف“ پيو.
مخدوم آدم نقشبندي
عرف مخدوم آدو، مخدوم آدم صديقي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي،
ان جو همعصر هو. جڏهن آدم صديقي جي ڪافي شهرت ٿي
وئي، تڏهن هن اهو فرمايو ته مون کي ”ادو“ سڏيو
وڃي، ڇو ته هڪ ئي وقت ۽ هڪ ئي شهر ۾ ٻه آدم مناسب
نه آهن. پنهنجي ڪسر نفسيءَ جي ڪري پنهنجو نالو
”آدو“ رکيائين ورنه سندس بزرگي ۾ وڌيڪ هئڻ جا اڪثر
ماڻهو قائل هئا. سلسله نقشبندي ۾ هيءُ نهايت عجيب
صاحب فيض ۽ ڪمال هو.
سرهند ۾ خواجه محمد معصوم جنهن جو لقب حضرت ”ايشان ثاني“ هو، ان
جي خدمت ۾ حاضر ٿي، چند سال سندس صحبت ۾ رهي،
طريقه ذهبيه نقشبنديه حاصل ڪيائين ۽ ان سلسلي کي
پهريائين ٺٽي ۾ ۽ پوءِ ساري ملڪ ۾ جاري ڪري فيض
رسايائين. ۽ سندس فرزند ميان فيض الله، محمد افضل
۽ محمد اشرف هرهڪ پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ طريقت ۾
صاحب ڪمال ۽ ارشاد هو.
ميان محمّد اشرف
ولد مخدوم ”آدو“ هن پنهنجي پيءُ کان فيض حاصل ڪيو۽ ان وري شيخ
سيف الدين کان، جيڪو خواجه محمد معصوم جو جانشين
هو، فيض حاصل ڪيو. هن ڪافي معتقدن ۽ مريدن کي فيض
رسايو هو.
هيءُ مخدوم محمد نقشبندي جو جانشين ٿيو. هو وري ميان شيخ
ابوالقاسم نقشبندي جي خدمت ۾ لائق ۽ فائق ٿيو.
سندس سجع هيءَ آهي: (محمد اشرف اولاد آدم).
مخدوم محمد صادق نقشبندي
هيءُ محمد اشرف مٿي ڄاڻايل جو نياڻو هو. طالب علم ڪامل هو. جناب
سيد عبداللطيف تارڪ جو معتقد هو. سندس پٽ ميان
غلام حسين عرف مخدوم ابوالحسن، حرمين شريفين ڏانهن
زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ ويو. اتي ڪافي علم حاصل
ڪيائين ۽ مخدوم محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ
سندس ئي مدرسي ۾ حديث پڙهائڻ لڳو. سندس دور ۾
ڪيترائي علماء، فضلاء وٽس اچي حديث پڙهڻ لڳا.
مخدوم آدم جي نسبت سان بيشمار ماڻهو منسلڪ آهن، مگر هت چند
مشهور هستين جو ذڪر ڪيو پيو وڃي:
ميان ابوالحسن
سيد فتح محمد
شيخ انس
حافظ عبدالرؤف
شيخ عنايت الله
شيخ عبدالخالق گروري ٺٽوي
خليفو ابوالبرڪات
هيءُ اصل گجرات جو هو. حافظ الله شاهه گجراتي قادري ۽ حسني جو
مريد هو. شاهه حافظ الله کيس ۽ پنهنجي مريد خاص
شيخ يعقوب کي ارشاد فرمايو ته اسان جو سوٽاڻو ڀاءُ
سيد عبدالله ٺٽي ۾ مدفون آهي، سندس مرشد حافظ الله
جڏهن فوت ٿي ويو ته هيءُ ٺٽي ۾ آيو. اتي ئي هميشه
لاءِ رهائش اختيار ڪيائين.
شيخ محمد يعقوب
هيءُ شاهه حافظ الله گجراتيءَ جو مريد هو. هيءُ ۽ خليفه
ابوالبرڪات جڏهن ٺٽي ۾ سيد عبدالله جي قبر جي
نشانن کي ظاهر ڪرڻ آيا هئا ته پاڻ ٺٽي ۾ رهي پيو.
اتي ئي گذاري ويو هو. سندس قبر سيد معروف جي پاسي
۾ آهي.
شيخ عثمان بقاول
هيءُ شيخ محمد يعقوب جي فيض يافتن مان هو. جڏهن هن کي معرفت جي
ٿانوَ مان نصيب ملڻو هو، تڏهن حق جي طلب ۾ نڪتو.
ولايت ۾ ڪمال حاصل ڪري، بقاولي مشائخ جو لقب حاصل
ڪيائين. چون ٿا ته پنهنجي درجي ۽ ڪرامتن کي لڪائڻ
خاطر هن ڪپڙن جي اُڻڻ جو ڪورڪو ڌنڌو شروع ڪيو.
هڪ ڏينهن هڪ مدعي آزمائش خاطر ان کان طلب ڪئي ته غير موسم ۾
تازو پلو آڻي ڏيکار. هيءُ پنهنجي ڪپڙي اُڻڻ واري
آڏاواڻي تي ڪم ڪري رهيو هو. فوراً آڏواڻيءَ جي
کُڏِيءَ ۾ اندر هٿ وجهي تازو پلو ٻاهر ڪڍيائين،
جنهن تي اهو حاسد ڏاڍو لڄي ٿيو. اهڙي طرح هڪ ڏينهن
پنهنجي گهر کان ٻاهر ميدان ۾ ڪپڙو اُڻڻ لاءِ
تنديون سنواري رهيو هو ته هڪ گهوڙيسوار کيس چابڪ
هڻي، چيو ته: اي ڪوري! اُٿُ مون کي رستو ڏيکار.
کيس چابڪ به هڻندو رهيو ۽ ڌمڪيون به ڏيندو رهيو.
شيخ عثمان ڪنڌ مٿي کڻي ڏانهس نهاري، کيس سلوڪ جي
راهه وٺائي. هڪ ئي نگاهه سان هو هڪدم بيخود ٿي،
گهوڙي تان هيٺ ڪِري پيو. هوش ۾ اچي سندس پيرن تي
ڪِري پيو. کانئس معافي وٺي، توبهه ڪيائين ۽ سندس
مريد ٿيو. ماڻهن کيس چيو ته تو ان سان ڪهڙو سلوڪ
ڪيو؟ هو توسان ڪهڙي طرح پيش آيو ۽ تو وري ساڻس ڇا
ڪيو؟ چيائين ته هو مون کان بار بار راهه پڇندو
رهيو. آءٌ جيڪا راهه ڄاڻندو هئس، سا کيس ڏيکاري
ڇڏيم.
ميان ملوڪ شاهه
هيءُ شيخ عثمان بقاول مٿي ڄاڻايل جو فرزند هو. پنهنجي وقت جي
مشائخ ۾ افضل ۽ اقدم هو. مڪليءَ ۾ جلوه گاهه
امامين سندس ئي نور ڪرامت جو نتيجو آهي. گيڙو پوش
۽ قيمتي گهوڙي تي سوار ٿي سير ڪندو هو. گهوڙي کي
ڳانيون ۽ جهُل پهرائيندو هو پر جڏهن به سوار ٿي
نڪرندو هو ته کَڏيءَ جو اُڻيل ڪپڙي جو ٽڪر پنهنجي
دستار هيٺان ڪنن جي مٿان اهڙي طرح لٽڪائي ڇڏيندو
هو ته جيئن کيس ڪوري ئي سمجهيو وڃي.
درس لله
هيءُ خليفو شيخ بايزيد جي اولاد مان ۽ رسول آباد جو رهندڙ هو.
اڪثر ڪوهستاني ماڻهو پشت بپشت بايزيد جا مريد
ٿيندا اچن ٿا ۽ کيس ”خليفه“ لقب ڏيندا آهن.
درس للہ حضرت غوث الثقلين جي اشاري موجب ٺٽي شهر ۾ اچي رهيو.
ڪيترن خوجن کي مسلمان ڪيائين ۽ ڪجهه وقت انهيءَ
قوم جي محلي نالي ”نورسيه“ جي هڪ مسجد ۾ رهيو.
انهيءَ جڳهه جي سامهون هڪ ميدان هو، جنهن ۾ سڀئي
يار گڏجي ڪچهريون ڪندا هئا. انهن يارن ۾ شيخ
يعقوب، شيخ عثمان ۽ درس امين به هوندا هئا. انهي
ڪري انهيءَ جو نالو ”جمله پير ميدان“ مشهور ٿي
ويو. پوءِ اڪثر ارادتمند انهيءَ ميدان جي زيارت
ڪندا رهندا هئا. آخر انهيءَ جڳهه کان منتقل ٿي
مغلواڙي محلي ۾ اچي رهيو. سندس اولاد به اتي ئي
رهي ٿو.
درس امين محمد
هيءُ صاحب ڪمالات ۽ صاحب ڪرامات هو. شيخ يعقوب جو فيض يافته هو.
سندس قبر مڪلي دروازي جي ٻاهر ميدان ۾ واقع آهي.
عيدالاضحيٰ جي ڏينهن کي اهل الله ۽ عام مخلوق اتي
وڃڻ لازمي ڪري ڇڏيو آهي.
مخدوم ڪبير محمد نقشبندي
هيءُ خواجه محمد معصوم سرهنديءَ جي مريدن مان هو. ڪرامت ۾ مشهور
۽ بزرگي ۾ نالي وارو ٿي گذريو آهي. سندس فرزند شيخ
محمد زمان کانئس پوءِ سندس جانشين ٿيو. ڪافي جماعت
کي فيض رسايو هئائين ۽ پنهنجي نالي کي يادگار
ڇڏيائين.
ميان فيض الله ولد ميان ابوبڪر ۽ ميان فيض الله جو پٽ ميان
عنايت الله اهي ٻئي شخص مخدوم ڪبير محمد جا مريد
هئا ۽ ميان ابوبڪر ولد فيض الله ترخانيه عهد ۾
معروف هئا.
مخدوم ابراهيم نقشبندي
هيءُ اصل ۾ روهڙي شهر بکر جو رهاڪو هو، صاحب ڪرامت اظهر هو.
پنهنجي وقت ۾ خلق جي رجوع جو سرچشمو هو. کيس ڪافي
مريد هئا ۽ کيس ٻه پٽ نالي ابوبڪر ۽ ميان گل محمد
هئا جن جو ذڪر ايندو.
قاضي مسعود
هيءُ نصرپور جو عثماني قريشي هو، علم ظاهر ۽ باطن وارو بزرگ هو.
پنهنجي وقت جي برگزيده اوليآئن ۾ شامل هو. پاڻ ۽
سندس ڀائيٽو ميان فتاح شاهه هاشم رضوي نصرپوري جا
مريد هئا.
ميان عبدالقدوس نصرپوري
هيءُ پنهنجي وقت جي اڪابر مشائخ مان هو. قاضي مسعود نصرپوري جو
همعصر هو.
سيد عالي
هيءُ قبيله ڪڙيو مان هو. سادات متعلوي جي چئن قبيلن ۾ هيءُ
قبيله بزرگي ۾ اتم هو. سندس پٽ سيد لالڻ، صاحب
ڪمال ٿي گذريو آهي.
ميرڪ محمد حسين
ولد ميرڪ عبدالواسع بن ميرڪ عبدالرحمٰن بن ميرڪ شيخ محمود
سبزواري، هروي عربشاهي. مجذوب جو سالڪ ۽ سالڪ جو
مجذوب هو. ڪشف ۾ وقت جو بي نظير هو. سندس زبان مان
غيب جي خبرن ظاهر ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حرف جاري
ڪونه ٿيندو هو. سوالن جي عرض ڪرڻ کان سواءِ ئي
سندن دلين جي احوال ۽ عرض کان ڪشف جي ذريعي واقف
ٿي سندن مقصد حل ڪري ڇڏيندو هو.
مير محمد تقي
هيءُ سيد ظهيرالدين والاسلام جادم ثاني، پوٽو سيد ظهيرالدين
والاسلام جادم بزرگ ولد قاضي سيد شڪرالله شيرازيءَ
جي اولاد مان هو. ڄائي ڄم کان ئي مجذوب هو. عجيب
حالات جو حامل هو.
ٻالپڻ ۾ وڏين ڀتين تي ٽپو ڏئي چڙهي ويهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ديوار
مٿان ٻارن وانگر سوار ٿي ان کي هلڻ لاءِ ايڙي
هڻندو هو ته اُهي ڀتيون سندس ارادي موجب جنبش ۾
اچي وينديون هيون. جڏهن گهر وارا ڏسندا هئا ته
دانهن ڪري کيس چوندا هئا ته اهو ڇا ٿو ڪرين گهر کي
ڪيريندين ڇا؟ پوءِ کِلي بس ڪندو هو. پاڻيءَ جي
جهاڳ کائي خوش ٿيندو هو. سندس زبان تي اڪثر غيب
جون خبرون جاري هونديون هيون. زماني جي ايندڙ
حادثن جون خبرون ڪڏهن صاف ۽ ڪڏهن اشارن ۾ ٻڌائيندو
هو. سندس زبان ”ز ڙ“ جي مخرج کان آشنا نه هوندي
هئي. انهيءَ ڪري ٻڌندڙ کي ويجهو اچي سندس ڳالهين
کي سمجهڻ لاءِ ڪافي ڌيان ۽ غور ڪرڻو پوندو هو. آخر
۾ ڦوهه جواني ۾ هن فاني ۽ بي بقا دنيا کان موڪلائي
عالمَ بقا ۾ وڃي آرامي ٿيو.
سيد رحمت الله
عرف مٺو پٽ سيد فضل الله بن سيد نظام الدين بن سيد نورمحمد ولد
سيد شڪرالله ثاني. هن روحانيت جو ڪامل فيض پنهنجي
ڏاڏي جي يار سيد ڪمال شيرازي کان پرايو هو. ظاهر ۾
ڪيترن ئي مشائخ سان صحبتون ۽ زيارتيون ڪيائين ۽
وڏن برگزيده اوليآء جي صحبتن ۾ رهي. زيارت به ڪرڻ
ويندو هو. ڪمال موصوف جي ڳوٺ ڏانهن اڃا وڃڻ شروع
ڪندو هو ته رستي ۾ ئي سندس روحانيت جسم جي حالت ۾
اچي ساڻس ملاقات ڪندي هئي، ته جيئن خود اچڻ جي
تڪليف نه ڪري ۽ سندس يار هي هئا: ملا طاهر ٺٽوي
جنهن جو لقب ملا سلامت هو. ٻيو درويش لڌو جنهن جو
ذڪر ايندو.
سندس وفات کان پوءِ سندس مريدن، خادمن جي هڪ وڏي جماعت هر پنجين
مهيني وفات واري ڏينهن سندس قبر تي ختمو ڏياريندي
۽ تبرڪاً طعام تقسيم ڪندي رهندي آهي. پنهنجن
اڪابرين جي ڪامل وصفن جي اظهار کي هرگز پسند نه
ڪندو هو. سندس مقولو هو ته ”کن فِي النّاسِ کاحۡد
مِنَ النّاس“ (ماڻهن ۾ اهڙي طرح رهو ته گويا تون
انهن مان ئي هڪ فرد آهين).
حاجي محمد طاهر
هيءُ سيد رحمت الله موصوف جي يارن مان هڪ هو. پنهنجي وقت جي
مشائخ ۾ مشهور هو. سندس معتقد ماڻهن جي هڪ وڏي
جماعت هئي. صلبي اولاد کيس ڪونه هئي، سندس مريدن
خادمن جي هڪ وڏي جماعت سندس وفات واري ڏينهن هر
سال ان جي قبر تي وڃي ختما ڏيئي طعام تقسيم ڪندي
آهي.
درويش لڌو ڪپهه فروش
هيءُ به سيد رحمت الله موصوف جي يارن مان هو. پنهنجي دڪان تي
ويهي ڪپهه وڪڻندو هو. پنهنجي اڳيان ڀترن جو کوڙو
رکي ڇڏيندو هو. پنهنجي ارادتمندن مان ڪوبه بيمار
وٽس دعا لاءِ ايندو هو ته کيس ڀتر ڀڃي ڏيندو هو.
اهو ٽڪرو بيمار پاڻيءَ ۾ وجهي پيئندو هو ته شفاياب
ٿي ويندو هو. پنهنجي يار سيد رحمت الله جي حياتيءَ
۾ گذاري ويو. سيد رحمت اللہ جيڪو ساڻس قرب جي ڪري،
ان جي دڪان ۾ مدفون آهي، تنهن جي زيارت لاءِ ويندو
هو.
چون ٿا ته جنهن سال هن وفات ڪئي ته کيس انهيءَ ئي دڪان ۾، جيڪو
مڇي مارڪيٽ جي ڀرسان، وچ بازار ۾ آهي، کيس دفن ڪيو
ويو. انهيءَ سال برسات وسڻ بند ٿي وئي، بعض ماڻهو
انهيءَ جي مدفن کي بدفال خيال ڪيو. چيائون ته ٺٽي
۾ مڪليءَ کانسواءِ ڪنهن کي ارادتاً دفن ڪرڻو نه
آهي، سو وقت جي حاڪم کي اها ترغيب ڏئي آماده
ڪيائون ته سندس نعش کي ڪڍي ٻئي هنڌ دفن ڪيو وڃي.
ٻئي ڏينهن صبح جو قبر کي ڊاهڻ ۽ نعش کي ڪڍڻ لاءِ هڪ جٿو مقرر
ڪيو ويو. اتفاق سان انهيءَ ئي رات ايڏي ته بهترين
۽ دلخواهه برسات پئي، جو چند سالن ۾ ڪونه پئي هئي.
پوءِ خلق انهيءَ درويش مرحوم جي عقيدتمند ٿي وئي ۽
قبر ڊاهڻ جي ارادي کان باز اچي ويا.
سيد نور محمد ثاني
هيءُ سيد نورمحمد ولد سيد شڪرالله ثانيءَ جو پوٽو هو. هيءُ
پنهنجي وقت ۾ علم ۽ عرفان جو مظهر ۽ دين ۾ ڪامل
اڪمل هو. سندس طبيعت ۾ جذبو هو، ليڪن پنهنجي علمي
ڪمال ۽ باطني شهود جو هرگز ڏيکاءُ ڪونه ڪندو هو.
پنهنجي وڏن وانگر پوشيده زندگي گذاري ويو.
سيد محمد شفيع
ولد سيد نظام الدين بزرگ بن سيد نور محمد بن سيد شڪرالله ثاني
راه حق جو سالڪ، صاحب ڪمال ۽ عرفان، شهرت کي
ناپسند ڪندڙ هو.
چيو وڃي ٿو ته هو هر رات درياهه تي تهجد جو غسل ڪرڻ لاءِ ويندو
هو. ان هندوي درياء جي ڪناري تي ڊوگرا قوم جا
ماڻهو رهندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن درياهه تي شنان ڪرڻ
ايندا هئا. هڪ رات سيد معمول مطابق غسل ڪري، تهجد
جي نفلي نماز ۾ مشغول ٿي ويو. اتفاق سان هڪ هندو
پنهنجي رقم جي هڪ ٿيلهي جنهن ۾ مبلغ ٽي سو روپيا
پيل هئا. پنهنجي ڀائٽي جي خوف کان جيڪو آواره هو،
ته متان چوري ڪري وڃي، هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو
هو. سندس ڀائيٽو ٿيلهي جي ڪڍ لڳل هوندو هو. جڏهن
رات جو درياهه تي شنان ڪرڻ آيو ته ٿيلهي پاسي ڪري
نه رکيائين پوءِ ڪپڙا لاهي درياهه ۾ ٽٻي هڻي
پنهنجي وردن ۾ مشغول ٿي ويو. سندس ڀائيٽو وجهه وٺي
ٿيلهي چورائي کڻي هليو ويو. هندو جڏهن پاڻي مان
نڪري ٻاهر آيو، ڏٺائين ته ٿيلهي غائب آهي. هندوءَ
سيد کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به نه ڏٺو ته کانئس اڳي
ڪو غسل ڪري نڪري ويو آهي. پڪ ٿيس ته ٿيلهي اهوئي
کڻي ويو آهي. هندو سيد جي گهر کان واقف هو.انهيءَ
ئي مهل سيد جي در تي پهچي ڪڙو کڙڪايائين. سيد حجري
مان نڪري وٽس آيو. سيد کي پنهنجي ماجرا ٻڌايائين.
سيد مشغول هو. هڪ حرف به ساڻس نه ڳالهايائين ۽
اندر ويو. هڪ رومال جي هڙ کڻي آيو، جنهن ۾ ٿيلهي
واري رقم جيتري رقم هئي. اها رقم سندس پٽ جي
شاديءَ جي تقريب ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ ستن مهينن کان
سانڍيل هئي. ٻئي ڏينهن تقريب ۾ اها رقم خرچ ڪرڻي
هئي، سيد اها رقم کڻي ٻاهر آيو. هندوءَ کي ڳڻي
ڏنائين. پوءِ هندو هليو ويو. پڦاٽ زالن مان هڪ چيو
ته مون ننڍپڻ ۾ ٻڌو هو ته سندس ننهن ٿينديس. صبح
جو سوير چند زيور سونا کڻي وڃي گروي رکيائين ۽
انهيءَ جي رقم مان گهربل سامان وٺي آيو، اهي
عورتون چون ٿيون ته اسين حيران هيوسين ته انهيءَ
رقم جو آخر ڇا ٿيو. هيءُ اسين ڇا ٿيون ڏسون. پر
ڪوبه کانئس پڇڻ جي جرئت نه پيو ڪري سگهي ته هيءَ
رقم ماڻهن کان اڌاري وٺي آيو آهي ڇا؟ شادي جي
تقريب حسب منشا پوري ڪيائين. ٽن ڏينهن گذرڻ بعد
اهو هندو روئندو،زاري ڪندو رقم واري ٿيلهي کڻي
آيو. سيد جي آڏو اچي رکيائين ۽ قدم بوسي ڪندي
معافي طلب ڪيائين. چيائين ته حضور! منهنجو گمان
غلط ۽ آءٌ قصوروار آهيان. منهنجو ڀائيٽو اها ٿيلهي
چورائي کڻي ويو هو.اڄ اسان سندس ڪم واري ڳوٿري جي
ٽوپن کي اڊيڙيوسون ته انهيءَ جي اندران چورايل رقم
ملي وئي.
هينئر مون کي اسلام جي تلقين فرمايو آءٌ مسلمان ٿيندس، خدا
اوهان کان راضي آهي. سيد جي هيءَ هڪ ننڍڙي ڪرامت
آهي. ليڪن سندس هٿ ۾ بيشمار ڪرامتون هيون جن جو
ڳاڻاٽونه آهي.
سيد سمهابه
عرف سيد ڪهير ولد سيد يحيٰ لڪعلوي، سيد علي معروف جي اولاد مان
هو. سيد احمد بن علي شير بن ڪمال الدين بن لڌو
لڪعلويءَ جو پوٽو هو.
جهانگير بادشاهه جي اول دور ۾ ڇڪتاڻ سبب لڪي ۾ سندس ڀائرن جي وچ
۾ جنگ واقع ٿي. هيءُ حج جي ارادي سان نڪري ٺٽي ۾
آيو ته مخدوم بايزيد ولد مخدوم يوسف علي جنهن جو
ذڪر ٿي چڪو آهي، پنهنجي نور ڪرامت جي ذريعي کيس
ٺٽي جي فرخ جامع مسجد ۾ هٿ ڪيو. چيائين پاڻ سڳورن
ﷺ جن جي اشاره موجب مامور ٿي آيو آهيان، رات جو
پاڻ سڳورن ﷺ جن مون کي فرمايو ته سيد کي گهر وٺي
اچ ۽ پنهنجي ڀيڻ سندس نڪاح ۾ ڏي، پوءِ هيءَ مهماني
تنهنجي لاءِ مقدم آهي. قسمت جو اتفاق ٿيو جو سيد
حج جو ارادو موقوف ڪري ڇڏيو. پوءِ سن 1022هه ۾
لڪعلوي ويو. پنهنجن وڏن جو ورثو، پنهنجن ڀائرن کي
ڏئي ٺٽي ۾ اچي مستقل مقيم ٿيو.
هيءُ صاحب ڪمال هو، جڏهن فوت ٿي ويو ته سندس اولاد مان سيد
يارمحمد، جيڪو سندس پوٽو هو، پنهنجي وقت جي
برگزيده مشائخ مان هو.
شيخ برخوردار حسني قادري
هيءُ عزت خان نواب جي دور ۾ ”عزت پير“ جي نالي سان مشهور هو. هي
لاهور کان ٺٽي ۾ آيو. اتان حج جي ارادي سان روانو
ٿي بغداد ۾ پهتو موٽي وري ٺٽي ۾ آيو. ٺٽي جي مشائخ
سندن بزرگيءَ ۽ خلافت جو انڪار ڪيو. اها ڳالهه وڃي
نواب رفيق تائين پهتي، آخر سندس صداقت لاءِ امتحان
وٺڻ جي نوبت آئي جو سندس خلافت وارن نشانن کي هڪ
حجري ۾ بند ڪري قفل ڏئي ڇڏيائون. چيائونس ته
جيڪڏهن تون سچو آهين ته انهن نشانن کي سڏ ڪر ته
جيئن هو پاڻ خودبخود اچي هت حاضر ٿين.
وٽس ٻه نشان (جهنڊا) هئا هڪ نشان (جهنڊي) جو نالو حاضري ۽ ٻئي
نشان (جهنڊي) جو نالو حضوري هو. جيڪي بغداد کان
تبرڪ ۾ آندا هئائين. انهن نشانن جا نالا کڻندو ويو
ته اهي خودبخود اچي وٽس حاضر ٿيا.
خليفه قلندر
هيءُ خليفو ٻيو جي نالي سان مشهور هو. وقت جي هڪ شيخ سان کيس
ڏاڍو اُنس هو، بلڪ سندس صحبت ۽ ارادت مان هن گهڻو
ڪجهه حاصل ڪيو هو. الله تعاليٰ جي طلب ۾ پنهنجيون
نعمتون به کيس عطا ڪندو هو. خليفه قلندر جو نشان ۽
لقب به کيس قدرت جي طرفان مليل هو. عرفان ۽ رشد
واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين ۽ ڳوٺ ڪجو ۾
رهندو هو. جيڪو ٺٽي کان چند ميلن جي مفاصلي تي
واقع آهي. اهو خاندان مخدوم جمعه جي خليفن مان
آهي. سندس اولاد به انهيءَ ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي. هڪ
وڏي جماعت سندس معتقد آهي. سيد سمهابو جي اولاد
ڏانهن نسبت رکندڙ هو. هاڻي ٻنهي جي ڏهٽاڻ پاڻ ۾ گڏ
رهي ٿي.
خليفه قلندر قادري
هن جو شمار ٺٽي شهر جي خليفن مان نه هو، ڇو ته سندس ارادت شيخ
برخوردار سان هئي ۽ ان کان ئي فيض حاصل ڪيو
هئائين. ٺٽي جا ٻيا خليفا سادات برخوردار جي بزرگي
۽ سادات هجڻ کان بلڪل انڪاري هئا.
سندس پٽ خليفه ۽ صاحب ڪمال ۽ عرفان ٿي گذريو آهي.
سيد ڪبير بخاري
هيءُ سيد ميران جو ناٺي هو. اهل عرفان ۾ داخل هو. ۽ تعلقي
ڪڪراله جو رهندڙ هو.
سيد ميران بخاري
هيءُ ڪماليت ۽ معرفت جي اُتم درجي کي پهتل هو. شهر کان ٻاهر
پسگردائيءَ جي علائقي ۾ مصروف ياد حق ۾ هوندو هو.
مانجر علائقي ۾ مدفون ۽ عام و خاص جو زيارتگاهه
آهي.
سيد عنايت الله
هيءُ سيد ڪمال الدين بن مير محمد يوسف رضوي مهدوي جو فرزند هو.
مرد حق ۽ فقر ۽ فنا جي راهه جو سالڪ هو. پنهنجي پٽ
نالي ڪمال الدين کي سيد ميران بخاريءَ جو ناٺي
بڻايائين. دامادي سبب فاضل خان مير منشي عالمگير
جا لقب حاصل ڪيائين.
چيو وڃي ٿو ته پنهنجي پٽ جي ايام دولت ۾ وٽس هرگز نه رهندو هو.
بلڪ پاڻ ٽاٽ جي پوشاڪ پائيندو هو. جَوَنَ جي ماني
کائيندو هو. صبح ۽ شام الله تبارڪ و تعاليٰ جي ياد
۾ رهي پنهنجي زندگي پوري ڪري ويو.
مخدوم طالب الله
هي ڳوٺ ڊائي تعلقي روپا ۽ پَٽ باران جو رهندڙ هو. قوم”لاکو دل“
سان تعلق رکندڙ هو. بزرگي ۽ عرفان ۾ عالي مرتبه
رکندڙ هو.
سندس پٽ مخدوم محمد امين والد مخدوم محمد معين مشهور ۽ معروف
دانشمند هو.
فاضل خان جو اصل نالو ملا عثمان هو. مخدوم طالب الله سان سندس
ارادت سبب انهيءَ جي دعا سان اعليٰ درجي تي وڃي
پهتو. عالمگير بادشاهه جي وقت ۾ مير منشي گيريءَ
جو عهدو حاصل ڪيائين. فاضل خان پنهنجي نياڻي
محترمہ جو سڱ مخدوم محمد امين ولد مخدوم طالب الله
جي نڪاح ۾ ڏنو.
وتايو مجذوب
عجيب سالڪ هو. بي پناهه سندس ڪرامتون هيون. چون ٿا ته جڏهن ملا
محمد جهانگيري تمام تنگي ۽ مفلسيءَ جي ڪري جهانگير
جي درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪيو ته رسم موجب
مڪليءَ جي قبرن کان موڪلائڻ لاءِ اوڏانهن ويو.
موٽڻ وقت ڏٺائين ته وتايو مجذوب هڪ ٻئي مجذوب سان
گڏ مرده جي پيٽ مان ڪيڙا ڪڍي کائڻ ۾ مشغول آهي.
وتايي جڏهن ملا کي ڏٺو ته ڪيڙن جي هڪ مُٺ ڀري ڊوڙي
وڃي ملا جي وات ۾ وڌائين ۽ ملا مجذوبن جو ارادتمند
هو. بنا ڪراهت جي اهي ڪيڙا چٻاڙڻ لڳو. ٻيو مجذوب
اهو حال ڏسي ڊوڙندو آيو. چيائينس ته شايد ملاّ کي
ٻئي جهان ڏيڻ گهرين ٿو، پوءِ ملا جون ڄاڙيون پڪڙي
بچيل ڪيڙا ڪڍي ورتائين ۽ چٻاڙي کائي ويو. مجذوب جي
ايتري بخشش سبب ملا کي جهانگير جي درٻار ۾ ايڏو
رتبو مليو جو هو نورجهان بيگم جو معلم بڻيو.
پير لاکو
هيءُ پنهنجي وقت جي برگزيده بزرگن ۽ مشائخ ۾ داخل هو. اڪثريت
کيس سيد سمجهي ٿي، پر هن پاڻ کي پوشيده رکيو.
انهيءَ ڪري سندس نسبت لاءِ ڪابه ڄاڻ نه آهي. سلوڪ
۽ عرفان بابت سندس بيشمار نصيحتون آهن. سندس مزار
پير شيخ عالي باقي جي درگاهه جي ڀرسان آهي.
پير شيخ عالي
هيءُ هدايت وارو، شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتاني جي پوٽن سڳورن مان
هو. ترخانن جي دؤر حڪومت ۾ فقيرن وانگر اڪيلوئي
اڪيلو سير، سفر ڪندو ٺٽي ۾ انهيءَ جاءِ تي پهتو،
جتي هينئر سندس اولاد رهي پيو. انهيءَ جاءِ تي مير
سيد علي ثاني شيرازي انجوي جو باغ هو، ان ۾ ترسي
پيو. پاڻيءَ جي ائٽ هلڻ جو آواز ٻڌي، رات گذارڻ جي
ارادي سان هڪ وڻ هيٺان ترسي پيو. باغائي شام جي
وقت ائٽ مان ڍڳا ڇوڙي شهر ڏانهن هليو ويو، پر جيئن
ته شيخ جي دل جو تعلق ائٽ جي آواز سان ڳنڍجي ويو
هو. سو قدرت الهٰيءَ سان ائٽ ساري رات ڏاندن کان
سواءِ هلندو رهيو. صبح جو باغائي اچي ڏسي ته ائٽ
ساري رات وهندو رهيو آهي ۽ پاڻي ضرورت کان وڌيڪ
وهي ٻارين مان ٻاهر نڪري، قيمتي وڻن کي نقصان
رسايو آهي. ائٽ وهائڻ جي نسبت فقير مٿان رکي، سيد
عليءَ جي خدمت ۾ دانهن کڻي ويو. پوءِ سيد جا خادم
آيا ۽ فقير کي ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيائون. فقير
سندن سختي ڏسي باغ کان ٻاهر نڪتو ته اهو وڻ جنهن
جي پاڇي هيٺان ويٺو هو. اهو گلن جو ٻارو جنهن جي
ديدار ۾ مشغول هو. اهي بروقت ئي فقير سان گڏ رڙهڻ
لڳا. ماڻهن فقير جو هيءُ تصرف ڏسي، سيد عليءَ کي
اها ڳالهه بيان ڪري ٻڌائي. هو ڊوڙندو فقير جي خدمت
۾ اچي حاضر ٿيو. معافي ورتائينس ۽ کيس زمين ۽ باغ
نذراني طور ڏئي ڇڏيائين. انهيءَ کان پوءِ شيخ جو
غلغلو مچي ويو. مخلوق سندس مريديءَ جي سعادت حاصل
ڪئي. پوءِ هو گهڻو ڪري مڪليءَ ۾ هڪ ئي هنڌ جتي هو
مدفون آهي، گذاريندو هو. گهڻي عرصي کان بعد شادي
ڪيائين. باغ واري زمين کي پنهنجو مسڪن بڻايائين ۽
شاديءَ کان پوءِ کيس چار پٽ پيدا ٿيا:
(1) ابومحمد: هن کان ننڍپڻ ۾ ئي وڏيون ڪرامتون ظاهر ٿيون. چون
ٿا ته هڪ ڏينهن هو بيٺو هو ته سندس ٻئي پنيون گپ ۽
مٽي سان ڀريل هيون. خادمن کانئس پڇا ڪئي ته کيس
چيائين ته فلاڻي خادم جي ٻيڙي گپ ۽ چِڪ ۾ ڦاسي پئي
هئي، پريشان ٿيو هو. هينئر آءٌ انهيءَ ٻيڙيءَ کي
ڪڍيو ٿو اچان. آخر انهيءَ تاريخ وارو خادم آيو،
جنهن ماجرا بيان ڪري چيو ته سچ آهي.
(2) صالح محمد عرف فاضل محمد
(3) ولي محمد: هي ٽئي پٽ پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويا هئا.
(4) شيخ محمد واصل: هيءُ پنهنجي پيءُ جي ڪماليتن سان موصوف،
يادگار پيدا ٿيو. پيءُ جي وفات واري تاريخ تي
اجتماع ڪرائيندو هو، جيڪو ٽي ڏينهن هلندو هو. انهن
ٽن ڏينهن ۾ فقرآءَ سماع جون محفلون مچائيندا هئا.
سيد علي شيرازيءَ جي فرزند، سيد جلال، ساڙ سببان
ميلو بند ڪرائي ڇڏيو، جو انهن جو ميلو، سيد عليءَ
جي ميلي کان اڳ ٿيندو هو. فقير پهريائين هن ميلي
تان ٿي، پوءِ سيدن جي ميلي تي پهچندا هئا. سيد جي
منع ڪرڻ سبب سندن ميلي تي فقير به ڪونه آيا، جيڪي
ٻين ڳوٺن کان اچي ميلي کي مچائيندا ۽ سماع ڪندا
هئا. سيد جلال ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو. مراقبو ڪري
معلوم ڪيائين ته فقيرن جي نه اچڻ جو سبب رڳو پير
شيخ عاليءَ جي ميلي کي روڪڻ ۽ واصل محمد جي رنجش
آهي. پوءِ ان سان صلح ڪيائين ته آخري ڏينهن فقير
ميلي تي اچي پهتا. کانئن دير ڪرڻ جو سبب پڇيو ويو،
تڏهن انهن ٻڌايو ته سارو ڏينهن پنڌ ٿي ڪيوسين ۽
وري رات ڏسون ته ساڳين پيرن تي بيٺا آهيون، مگر اڄ
منزل تي خودبخود پهچي ويا آهيون، سبب اسان کي
معلوم نه آهي. ان کان پوءِ فقرآء هڪ ٻئي جي پٺيان
ٻنهي بزرگن جي ميلن تي حاضر ٿيندا رهيا ۽ اهو مقرر
ڪري ڇڏيائون.
شيخ محمد واصل جي نياڻي شيخ ضياءالدين سان پرڻايائون ۽ شيخ
ضياءالدين، شاهه عبدلله قريشي ملتانيءَ جي اولاد
مان هڪ هو، جنهن مان کيس هڪ پٽ شيخ محمد ملوڪ نالي
پيدا ٿيو، جو ننڍي هوندي ئي گذاري ويو. خود
ضياءالدين هندوستان جو سير ڪرڻ لاءِ هليو ويو، وري
واپس ڪونه آيو. سندس ڀاءُ شيخ محمد رضا اتي هو.
شيخ محمد واصل وفات کان پوءِ سندس اولاد نه هئڻ
سبب هيءُ شيخ عاليءَ جي گاديءَ تي ويٺو. ۽ ڪڪراله
وارا پيرزادا سندن سوٽاڻ آهن.
شيخ ابن شاهه
هيءُ شيخ اسماعيل قريشيءَ جي پوٽن مان آهي. بدين ۾ آرامي آهي ۽
شيخ بهاؤالدين زڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان آهي.
پنهنجي وقت جي نامور مشائخ مان هو.
سندس مدفن ٽڪري ابن شاهه ۾ مشهور آهي. سندس اولاد بهاؤالدين پور
شهر ۾ آهي.
سيد فيروز
هيءُ ممتاز درويش اهل مجاهده ۽ اهل راز هو. عالمگير بادشاهه
اورنگ آباد ۾ کيس خصوصي طور پنهنجي مجلس ۾
گهرائيندو هو. باغ دولت خانه ۾ کيس جاءِ ڏني
هئائين، جمع جي رات جو ساڻس مجلس ڪندو هو.
شيخ فاضل شاهه قريشي صديقي
هيءُ شيخ الشيوخ ملتانيءَ جي اولاد مان هو. پاڻ يارهين صدي
هجريءَ ۾ سنڌ ۾ آيو. ڳوٺ بڪيرا ۾ رهائش اختيار
ڪيائين ۽ پنهنجن اڪابرين جي سلسلي جو فيض مريدن کي
بخشيندو رهيو.
چون ٿا ته انهن ڏينهن ۾ مخدوم نوح جي هالاڪنڊي جي خادمن،
”تمرهندي“ (گدامڙي جي وڻ) جي پويان آمري رکيو ۽
اها الله تعاليٰ جي قدرت سان هڪ متبرڪ جڳهه آهي،
جنهن ۾ دريءَ جيترو هڪ سوراخ ٺهيل آهي. دل ۽ پاڪ
نفس انسان کانسواءِ ٻئي ڪنهن جو به انهيءَ مان
لنگهڻ ممڪن نه آهي. اهو شيخ بهاؤالدين ملتانيءَ جو
يادگار آهي. قديم زماني کان وٺي شيخ الشيوخ ملتاني
جي خليفن ۽ مريدن جو اتي ميلو مجلس ٿيندو هو. ان
تي زبردستي قبضو ڪيو ويو هو. پوءِ شيخ جي مريدن جو
اتي ڪوبه دخل نه رهيو. شيخ الشيوخ جي خاندان جي
مريدن ملتان وڃي روضي تي ان جي قبضي لاءِ التجا
ڪئي. کين امر ٿيو ته عنقريب اسان جي اولاد جو هڪ
بزرگ اتي ايندو. اوهان جي مراد پوري ٿيندي. ان
موجب شيخ شهرالله قريشي جو مخدوم نوح جي فقيرن ۾
کيس ”تهوره“ جو لقب مليل هو، ان جاءِ تي ڪرامت سان
آيو. پنهنجي خاندان جي فقيرن ۽ مريدن سان ملي
دستور عمل جوڙيائون.
ڄاڻڻ گهرجي ته سنڌ ۾ شيخ بهاؤالدين ملتاني جي فقيرن ۽ ان خاندان
سان منسوب مريدن کي اهو لقب ڏيندا آهن. مخدوم نوح
سان منسوب ۽ ان جي سلسله کي به ”تهوره“ نالي سان
سڏين ٿا. اهڙي طرح سيد عبدالڪريم جي فقيرن کي
”موڪهه“ نالي سان سڏين ٿا. آخرڪار شيخ شهرالله،
فاضل شاهه جو نياڻو ٿيو. ڪافي ڪماليت حاصل ڪيائين
۽ سندس اولاد پيري، مريدي شروع ڪئي.
درويش بدين
ولد راهو. هيءُ سنڌ جي ڪامل مشائخ مان هو. گنجي ٽڪر ۾ آرامي
آهي. سندس ڪثير اولاد تونگر رهيو آهي.
مخدوم نورنگ سومرو
هيءُ ڳوٺ ورياهه جو رهندڙ هو. نامور مشائخ مان هو.
مخدوم عبدالحميد
هيءُ به ورياهه ڳوٺ جو رهاڪو هو. پنهنجي وقت جي عارفن، متقين
مکيه عالمن ۽ اوليائن مان هو، فرزندي جي نسبت کيس
مخدوم نورنگ سومري سان هئي. سندس هدايت وارو پٽ
مخدوم اسحاق پنهنجي وقت جي عارفن ۽ علماء ۽ مشهور
متقين مان هو. مخدوم رحمت ثاني ٺٽويءَ جو ڏاڏو هو.
مخدوم الياس
هيءُ شيخ شهاب الدين سُهروردي جي اولاد سڳوري مان هو. سندس خلق
عظيم، بزرگي باڪمال ۽ مشائخ ۾ برگزيده بزرگ ۽
بهترين صفتن سان سينگاريل هو. داڻي پاڻيءَ جي نصيب
سبب سنڌ ۾ آيو. ڳوٺ ورياهه ۾ مقيم ٿيو. اتي ئي
پنهنجي عمر گذاريائين. سندس پٽ نالي مخدوم هارون،
لائق تعريف ۽ صاحب فضيلت هو. ٺٽي شهر ۾ اچي مستقل
قيام ڪيائين.
مخدوم بايزيد
هيءُ مخدوم يوسف علي جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، جو فرزند هو.
پنهنجي وقت جو ڪامل استاد هو. جيئن ته سندس والده
سڳوري صبر ڪندڙ ۽ عبادتگذار عورت هئي ۽ مشهور بزرگ
سيد لاکي جي نياڻي هئي.
مخدوم پاڻ کي علوي خاندان سان منسوب ڪندو هو. ظاهري طور علوين
کي سادات ۾ شامل نه ڪيو ويندو هو. آخر روضہ انور
نبوي عليہ الصلوٰة و السلام مان تسلي ڪيائون اتان
اهو آواز آيو. ”بايزيد ابني“ پوءِ اعتراض ڪرڻ وارن
جو هٿ سندس دامن کان پري ٿي ويو.
سندس پٽ ميان حافظ صاحب سلوڪ هو.
مخدوم رحمت الله ٺٽوي
ولد مخدوم اسحاق بن مخدوم عبدالحميد جنهن جو ذڪر ٿي چڪو آهي.
علوم ظاهري ۽ باطنيءَ جو عالم هو سندس پٽ مخدوم
آدم ولد مخدوم رحمت الله نهايت دانشمند مشهور هو.
شاهه ابوالقاسم
هيءُ خواجه عبدالله انصاري ساڪن هرات جي اولاد مان هو. پوءِ ٺٽي
۾ آيو. معرفت ۽ سلوڪ جو صاحب هو. متقين جي جماعت ۾
داخل ۽ صاحب بصيرت هو. پنهنجي مريدن کي ڪافي فيض
رسايو هئائين. معتقدين جي مشڪلاتن کي دفع ڪرڻ ۾
ڏاڍي دلچسپي رکندڙ هو. پاڻ کان پوءِ پنهنجي پٽ شيخ
محمد يعقوب کي جانشين ڇڏي ويو، جيڪو صدق ۽ يقين جي
جهان کان واقف هو. ان جو وري شاهه نعمت الله قائم
مقام ٿيو. هو ارشاد جي ميدان ۾ ڪامل هو. پاڻ ٻه
عرفان جا گوهر ۽ جوهر به پيدا ڪيائين.
شاهه عزت الله
شاهه اسدالله جنهن جو ذڪر ايندو.
عبدالرحيم ونانڙي ٺٽوي
هيءُ متقي مرد صاحب حال ۽ قال هو. مستجاب الدعوات هو (سندس
دعائون قبول ٿينديون هيون) وقت جي معتقدن جو مرڪز
هو. اصلاح ۽ تقويٰ جو ورثو اولاد ۾ ڇڏي ويو.
مير مرزا جان
خانداني نسبت سان پنهنجي زماني ۾ برگزيده مشائخ مان هو. اهل
الله ڪاملين جماعت جو سرچشمو هو، عامل صاحب سلوڪ ۽
ڪامل ٿي گذريو آهي.
شيخ محمد ماهه جونپوري
هيءُ صوري ۽ معنوي فضائل سان آراسته هو. سندس طريقت ۽ ارادت جو
سلسلو سلطان المشائخ تائين پهچي ٿو.
عالمگير بادشاهه سندس معتقد هو. اخلاص تي مبني سندن وچ ۾ خط و
ڪتاب جاري هوندي هئي. |